پاڪستان ٺهيو ته پاڻ وڌيو. چڱن ڀلن پنهنجن ٻارن کي
سنڌي اسڪول ۾ موڪلڻ بدران اردو سيکاري يا انگريزي
پڙهڻ لاءِ ڪانوينٽ اسڪول ۾ ويهاريو، ڄڻ ته شاهه،
سچل، مخدوم معين، مخدوم نوح ۽ لنواريءَ جي لعل
محمد زمان جي ٻولي غير مهذب هئي، پر مولوي صاحب ان
غير سنڌي ڪلچر کان ڪوهين دور رهيو. سڄي ڄمار رهيو
سکر جي وچ ۾، پر پنهنجي ڪنڊ وسايائين، جا خالص
سنڌي ماحول جي ڏَيک ڏيندي هئي. سندس گهر مان جيڪا
ماني پچي ايندي هئي، سا رڳو پنڊين ۾ رکيل ڪانه
هوندي هئي، پر ان ۾ ساءُ ۽ سڳنڌ به خالص سنڌي ٻوڙ
۽ مانيءَ جو هوندو هو. گويا ماڊرن اکر جي هوا ڪڏهن
به مولوي صاحب جي جيئري سندس گهر جي ماحول کي گرد
آلود نه ڪيو.
گهر جي ٻنڀي اڳيان، نڪ سامهون روزگار جو هڪ ذريعو
يعني پريس هنيائين، ته دل جي پاسي يعني کابي طرف
الله جو گهر اڏيائين، يعني جي پير گهر مان نڪري ته
رزق حلال جي ڳولا ۾، يا وري الله جي گهر ڏانهن
کڻي. خبر ناهي ته سونهاري سنڌ اهڙا اصحابي انسان
اڃا ڪيترو زمانو ڏسي سگهندي! رمضان شريف جي مهيني
۾ انهيءَ مسجد ۾ خاص رونق اچي ويندي هئي. بجليءَ
جون سفيد راڊون نوراني سَمو پيدا ڪري ڇڏينديون
هيون، تَرَ جا مولودي اچي گڏ ٿيندا هئا. اهڙيءَ
ريت مولوي صاحب جسماني لذت جي طالبن لاءِ روحاني
غذا جا اسباب به مهيا ڪري ڏيندو هو، پر تڏهن
منهنجي اک پٽيل ڪانه هئي، گهڻو پوءِ جڏهن مون
۾ماڻهپو موٽي آيو ۽ قدرت انهيءَ مسجد شريف ۾ سجدي
ڏيڻ جي سعادت نصيب ڪئي، تڏهن جوڳي جوءِ ڇڏي چڪا
هئا.
مولوي صاحب هڪ سجاڳ ذهن وانگر وقت جي حالتن ۽
سياست ۾ پوري دلچسپي رکندو هو، پر ان ميدان خار
زار ۾ سوچي سمجهي وک کڻڻ جو قائل هو. بنيادي طرح
قوم پرست ۽ محب وطن ماڻهو هو. غالباً جوانيءَ ۾
خلافت تحريڪ سان وابسته رهيو هو، جنهن جا اثرات
سڄي عمر سندس ذهن تي رهيا. هونئن مقامي ليول تي
پيرزادا پارٽيءَ سان دعا سلام رکندو هو.
جڏهن رشيد ڀٽيءَ تي ڪامريڊي سياست جو پاڇو پيو ۽
جيل ياترا نصيب ٿي ته مون مولوي صاحب کي اداس ڏٺو.
منهنجي خيال موجب ان جو سبب اهو ڪونه هو ته سندس
پيٽ ڄائو پٽ جيل ۾ بند هو، پر ان ڪري جو هن کي جن
خيالن جي پرچار جي الزام هيٺ پڪڙيو ويو هو، سي
مولوي کي پسند ڪونه هئا. ان ئي سبب ڪري هو رشيد
ڀٽيءَ جي اڪثر سنگتين کان به شاڪي رهندو هو، جي
کيس مٿي ڦِريل ماڻهو لڳندا هئا. زندگيءَ جي پوين
ڏينهن ۾ پاڻ ان صورتحال سان سمجهوتو ڪري چڪو هو.
هوڏانهن رشيد ڀٽي به زماني جا ڏنگ سهي، پڪو پختو
ٿي چڪو هو. منجهس به ڪي قدر مرحوم مولوي صاحب
واريون خصلتون ظاهر ٿيڻ لڳيون هيون. وڏڙن جي تعظيم
۽ تڪريم ڪرڻ، ڪفايت ۽ قناعت ڪرڻ، وک سوچي سمجهي
کڻڻ، سنڌ سان محبت ڪرڻ پر گاسليٽي ڪامريڊن کان پاڻ
بچائڻ، کري کوٽي کي سڃاڻڻ، پراڻا لاڳاپا نڀائڻ،
گهر جي وڏي جي حيثيت ۾ زماني جا فرض ادا ڪرڻ وغيره
وغيره. پوءِ، پيءُ ۽ پٽ هڪ ٻئي جو ادب ڪندا هئا.
هاڻي رشيد ڀٽي مولوي صاحب جو پڳدار پٽ هو ۽ مولوي
صاحب کي مٿس ناز هو.
ڀٽائي صاحب رحمت الله عليہ لاءِ روايت آهي ته جڏهن
سندس والد بزرگوار شاهه حبيب جي وفات جو وقت ڀرجي
آيو، تڏهن پيءُ کان پرڀرو هو. چنانچه شاهه حبيب
کيس سڪ سان ساري هڪ بيت چوائي موڪليو:
”جيڪي مَئي ڪنداءُ، سو جانب ڪريو جيئري.“
ڀٽائي صاحب بيت ٻڌي جواب موڪليو:
”متان ٿئين ملور، حد ٻنهي جي هيڪڙي.“
مولوي صاحب هي جهان دل جي عارضي سببان ڇڏيو. هو
علاج لاءِ ڪجهه ڏينهن واسطي اسپتال ۾ داخل ٿيو.
اهو سمورو وقت سندس پڳدار پٽ رشيد ڀٽي ۽ ٻيا هردم
سندس حضور ۾ حاضر هوندا هئا. ”اسان ويٺا ڳوڙها
ڳاڙيندا هئاسين، پر پاڻ مرڪي اسان کي رنن وانگر
رئڻ جا طعنا ڏيندو هو.“ رشيد ڀٽي مولوي صاحب جي
وفات تي سندس ياد ۾ سڪ سان هڪ مضمون ۾ لکيو آهي.
اهي ڳوڙها رشيد ڀٽيءَ طرفان پنهنجي پياري پيءُ جي
حضور ۾ ادب، سڪ ۽ پيار جو نذرانو هئا. هي اهو
ساڳيوئي ڪامريڊ رشيد ڀٽي هو، جنهن کي مرحوم مولوي
صاحب چوائي موڪليو هو: ”پنهنجي وڪالت جي آفيس جي
ٻاهران نالي جي تختيءَ تي تو پنهنجو نالو رشيد ڀٽي
لکيو آهي. رشيد الله جي صفت آهي، عبدالرشيد لک.“
انهيءَ تي، رشيد ڀٽيءَ مذاق ۾ جواب ڏنو هو، ”بابا،
الله ڀٽي ٿوروئي آهي.“ پر اهو رشيد ڀٽي ٻيو هو.
تڏهن ”آتش جوان تها“ وارو معاملو هو ۽ هاڻي
“Steel was tempered”
ان ڳالهه جو ثبوت اهو مضمون آهي، جو رشيد ڀٽي
پنهنجي پياري پيءُ جي سڪ ۾ لکيو آهي. مضمون جي
شروعات هنن لفظن سان ٿئي ٿي ته ”گلاب، گينڊي ۽
نرگس جي گلن سان ڍڪيل، جواهر لعل جو جنازو، هڪ
مٿانهين هنڌ تي عام ماڻهن جي آخري ديدار لاءِ رکيو
هو. ماڻهن جي هڪ ڊگهي قطار ڪمري جي هڪ دروازي کان
داخل ٿي، پنهنجي محبوب ليڊر کي هٿ ٻڌي آخري سلام
ڪري ٻئي دروازي مان ٻاهر نڪري رهي هئي. جنازي جي
ڀرسان هڪ انسان ويٺو هو. جواهر لعل جي ڌيءَ اندرا
گانڌي، جڏهن گلاب جي ڪا پنکڙي هيٺ ڪري ٿي پيئي، ته
اندرا اها پنکڙي کڻي، ادب سان، پنهنجي پياري پيءُ
جي منهن جي ڀرسان ٿي رکي.“
رشيد ڀٽي، پنهنجي مضمون ۾ سمورو وقت، لفظن جي
گلابن جون پنکڙيون ادب سان کڻي، مرحوم مولوي صاحب
جي قدمن ۾ رکندو رهيو آهي. مضمون پڙهڻ وٽان آهي،
ان ۾ رشيد ڀٽي پنهنجن وڏن بزرگن جو ذڪر ڪيو آهي،
جي قديم سنڌ جي تاريخي شهر اُچ شريف مان لڏي، ٻئي
تاريخي شهر اروڙ ۾ اچي ويٺا هئا. هو دين جا مبلغ
هئا، غريبن جا همدرد هئا، نيڪ انسان هئا. مرحوم
مولوي حافظ عبدالحميد ڀٽيءَ انهن وڏڙن جي ئي پَرِ
ورتي ۽ پاڻ کي انهن جو لائق جاءِ نشين ثابت ڪيو.
هو زندگيءَ جي آخرين لمحي تائين هڪ بهادر انسان
وانگر پنهنجن اصولن تي قائم رهيو.
رشيد ڀٽيءَ هيڪر مون کي ٻڌايو هو: ”بابي موڪلائڻ
مهل اسان کي هڪ ئي وصيت ڪئي هئي: ”مڙس ٿي رهجو،
پنهنجي ڳالهه مچائجو.“
غالباً سنڌ جي بي رحم معاشري ۾ عزت ۽ آبروءَ سان
زندگي گذارڻ جو اهوئي سونهري اصول آهي، جو مرحوم
مولوي صاحب پنهنجي اولاد کي قول ۽ فعل سان سيکاري
ويو.
ڊاڪٽر ايم – ايم ايڇ- صديقي
مترجم: غلام محمد لاکو
(نوٽ: هي مضمون پنجاب يونيورسٽيءَ لاهور جي اداري
”پاڪستان ريسرچ سوسائٽي“ جي جرنل اپريل 1965ع تان
کنيل آهي. جيتوڻيڪ مهدي جونپوري سنڌ ۾ ٿورو عرصو
رهيو، تاهم سندس تحريڪ هتان جي ڪلچرل ساهت ۾ وڏي
اهميت رکي ٿي. سنڌ ۾ هن فڪر جو وڏو پوئلڳ قاضي
قادن چيو وڃي ٿو، جنهن کي هن لاڳاپي سبب تمام گهڻو
بحث هيٺ آندو ويو آهي. هيري ٺڪر طرفان قاضي قادن
جو وڌيڪ ڪلام شايع ڪرڻ بعد، اهو ضروري آهي ته سنڌ
۾ مهدويت جي تعلق تي وڌ ۾ وڌ تحقيق ڪئي وڃي. فاضل
مضمون نگار هن مضمون جي تياري لاءِ، ڪجهه اهڙن
ماخذن کان به مدد ورتي آهي، جيڪي اڄ تائين حوالي
طور ڪتب نه آندا ويا آهن، انڪري صديقي صاحب جي هن
اڀياس ذريعي، ڪجهه اهم حقيقتن جي نشاندهي ٿئي ٿي.)
هندستان ۾ مهدوي فرقي جو باني سيد محمد جونپوري
گونا گون مزاج جو مالڪ هو ۽ پنهنجي عقيدي جي
واڌاري لاءِ مناسب سر زمين يا وري جتي هو مخالفن
کان سلامت رهي سگهي، جي تلاش ۾ رلندي آخرڪار گجرات
کان اچي سنڌ پهتو، جتي سال کان وڌيڪ عرصو رهي وڃي
هرات جي بادشاهيءَ ۾ داخل ٿيو.
هيءُ مضمون سيد محمد جونپوري جي حياتي ۽ سرگرمين
جي عام مطالعي بابت نه آهي، مقصد اهي ته هت سندس
سنڌ واري عمل جي گهٽ ڄاتل پهلوئن کي چٽو ڪيو وڃي ۽
سندس سنڌ ۾ موجودگي جو هتي جي مذهبي ماحول تي پيل
اثر جو تجزيو ڪيو وڃي. مهدويت بابت مواد گهٽ به
آهي ۽ ڇڙو ڇڙ به، ۽ خاص ڪري سندس سنڌ ۾ سرگرمين
بابت، ڇاڪاڻ ته هن علائقي ۾ سندس سفر مختصر ۽
واقعاتي هو، سو سنڌ متعلق حوالا يا ته سندس سوانح
نگارن يا وري عام تاريخ ي ڪتابن ۾ ملن ٿا. انڪري
هن ميدان ۾ ڏند ڪٿائن مان نڪري، هڪ مضبوط خاڪو
ٺاهڻ ۾ ڏکيائي ٿئي ٿي.
مهدويت متعلق ڄاڻ جا ذريعا ٻن قسمن جا آهن: سيد
محمد جي مريدن جون اهي لکيتون، جيڪي سندس خيالن ۽
پيغام جي پرچار لاءِ لکيل آهن يا وري سندس مخالفن
جا اختلافي نظريا يا دعوائون پهريون ذريعو آهن ۽
ٻيو بهترين ذريعو عام يا رياستي تاريخن توڙي
صوفين ۽ درويشن جي سوانح جا تذڪرا آهن. معلومات جو
پهريون ذريعو بنيادي طرح مهديءَ جي نظرياتي زندگي
۽ سرگرمين سان لاڳاپيل آهي، ۽ ٻئي قسم جي ذريعن جو
واسطو سندس سفري ڪيفيت سان آهي، جنهن ۾ تفصيل سان
ان جو گجرات طرف اچڻ۽ پوءِ زندگيءَ جي آخري حصي ڏي
وٺڻ سان آهي، جنهن ۾ سندس سنڌ جي رهائش جو مختصر
ذڪر ملي ٿو. بهرحال سيد محمد جي سنڌ ۾ مختصر
رهائش، تذڪره نويسن ۽ عام يا مقامي تاريخ نويسن
لاءِ ڪنهن خاص ڪشش جو باعث نه بڻجي سگهي.
سيد محمد جو سنڌ ۾ اچڻ ڪنهن اثر کان خالي نه هو ۽
ان بهرحال سنڌ جي خاموش ۽ بيٺل مذهبي ۽ سياسي
پناهگيرن لاءِ، سنڌ هڪ مرڪز ٿي پئي هئي جنهن سبب
سندس عزت ڪئي ٿي وئي. ان قسم جي انسانن کي قبول به
ڪيو ٿي ويو ۽ هت هڪدم پناهه به اچي ٿي وئي.
هندستان جي جدا جدا علائقن کان سواءِ عربيه، ايران
۽ عراق مان صوفين ۽ عالمن جو اچڻ سنڌ ۾ ئي ٿيندو
هو. جدا جدا فرقن، عقيدن ۽ طريقن جي ميلاپ، ماڻهن
جي مذهبي دلچسپي وڌائي ڇڏي هئي.
سيد محمد جي سنڌ ۾ اچڻ جي اثر جو تجزيو ڪرڻ کان اڳ
بهتر ٿيندو ته انهن حالتن جو جائزو وٺجي، جن ۾ سيد
صاحب ٺٽي پهتو. سيد محمد گجرات مان آخري ڀيرو تڙجڻ
بعد، پنهنجي ٽي سئو پوئلڳن سان، سنڌ ۾ اوڀر- ڏکڻ
کان سن 8/907هه ڌاري نصرپور پهتو. هن اڳ ۾ ئي ٽي
ڀيرا مهدي هجڻ جي دعوا ڪئي هئي. سندس عقيدن جو
پرچار به ڪيو ويو هو ۽ ڪجهه حمايت به حاصل ڪئي وئي
هئي، پر مضبوط ۽ بيٺل مذهبي عقيدن آڏو سندس عقيدي
جو ڦهلاءُ ڏاڍو ڏکيو هو ۽ عقيدي جي مضبوط تنظيم
توڙي مستقل رولاڪن سبب، سندس مريد هڪ سخت آزمائش ۾
مبتلا ٿي ويا. نااميدي ۽ بي اطميناني آخرڪار
نراسائي پيدا ڪئي ۽ سندس ٻن نائبن ميان نعمت توڙي
ميان خوند مير (سندس نياڻو) پنهنجن گهرن طرف موٽڻ
جو فيصلو ڪيو. مريدن جو هڪ ٻيو ٽولو به مايوس ٿي
گجرات موٽي ويو.(1)
ان بعد سيد محمد سُٺي ماحول جي اميد ۾ سنڌ جي گادي
ٺٽي ڏانهن وڌيو. هي اتي ارڙهن مهينا رهيو ۽ ڏسجي
ٿو ته ابتدا ۾ کيس ڪجهه ڪاميابي حاصل ٿي ۽ ٺٽي جي
ڪجهه رهاڪن کيس مهدي تسليم ڪيو. شايد ان زماني ۾
ئي سنڌ جي ٻن اهم انسانن – دريا خان نالي هڪ وزير
۽ سنڌ جي چيف جسٽس قاضي قاضن به، سيد محمد جو
عقيدو قبول ڪيو.(2).
شايد هن عقيدي جي مقبوليت خطري جهڙي صورتحال پيدا
ڪئي، ان سبب عالم ۽ ٻيا طبقا مهدويت جي وڌندڙ لهر
خلاف مجبور ٿي اڳتي آيا. البت اهو نه ٻڌايو ويو
آهي ته، سيد محمد ۽ سندس مريدن خلاف ڪهڙي طرح
اپاءُ ورتا ويا، پر ”مالة الولاية“ ۾ ذڪر آهي ته
انهن مان اسي ڄڻا بک وگهي مري ويا. (3) سيد صاحب
انهن کي پيغمبرن جي رتبي ۾ شامل ڪيو ته جيئن باقي
بچي ويلن جو ايمان مضبوط رهي.
سنڌ جو حاڪم، ڄام نظام الدين سمو، جيڪو رواداري ۽
سهپ توڙي عالمن ۽ زاهدن جي خدمت سبب مشهور هو، ان
هن ٻاهران آيل عقيدي ۾ ڪابه دلچسپي ۽ همدردي نه
ڏيکاري، البته ابتدا ۾ پاڻ سيد محمد جي مشغولين
سان خاطرداري به ڏيکاري هئائين. صورتحال ڪيئن به
هجي، پر جيڪڏهن ڄام جو پنهنجي سر هن شخصيت ڏي
عقيدت يا لاڙو نه به هجي، پوءِ به هي سندس مخالف
يا دشمن بهرحال نه هو. شايد انڪري ئي سندس ٻه
ذميوار ملازم، وزير ۽ چيف جج، سندس رنج ۽ غصي کي
برداشت ڪرڻ کان سواءِ ئي، ان عقيدي سان شامل رهيا
۽ پنهنجن عهدن تي به برقرار رهيا، پر عوامي مطالبي
۽ بادشاهت ۾ وڏي پيماني جي خطري، آخرڪار ڄام کي
مجبور ڪيو ته هن ڦوٽ خلاف زوردار قدم، کڻي. ڄام
آخرڪار سيد محمد ۽ سندس مريدن جي مڪمل پائماليءَ
جو حڪم ڏنو، ليڪن وزير دريا خان جي دخل اندازي
سبب، سندس حڪم ۾ ڦير ڦار ٿي ۽ هنن بدعتين کي ڪڍيو
ويو.(4)
هت مهديءَ جي ناڪام مهم جو هڪ وڌيڪ باب ختم ٿيو،
البته اهو ڪنهن سوڀ کان خالي نه هو. ڇڙوڇڙ مواد
ذريعي، جيڪو اسان تائين پهتو آهي، ظاهر ٿئي ٿو ته
سيد محمد جي سنڌ ۾ ارڙهن مهينن جي مختصر عرصي واري
رهائش دوران، ٻين علائقن ۾ ڊگهي رهڻ جي ڀيٽ ۾ کيس
هتي وڏي ڪاميابي حاصل ٿي. هي حقيقت ان مان ظاهر
ٿئي ٿي ته جڏهن پاڻ گجرات کان ٽي سئو سٺ مريدن سان
سنڌ پهتو، تڏهن انهن مان ڪيترائي کيس ڇڏي ويا
چوراسي ڄڻا بک وگهي پاهه ٿي ويا ۽ باقي گجرات کان
آيلن جو تعداد وڃي ڏيڍ سئو بچيو هو، هو جڏهن سنڌ
کان قنڌار طرف روانو ٿيو، تڏهن ساڻس نَوَ سئو
مريدن جو قافلو ساڻ هو.(5)، جن مان ٽي سئو سٺ وري
به سندس ڪٽر معتقد چيا وڃن ٿا. سن 910هه/1504ع ۾
سندس موت بعد انهن مان گهڻا ته فراه مان ضرور سنڌ
واپس ٿيا هوندا (6)، ۽ انهن سميت، جن ساڻس قنڌار
طرف سنگت نه ڪئي، سنڌ ۾ سيد محمد جي عقيدتمندن جو
ڳاڻيٽو ضرور گهٽ نه هجڻ گهرجي.
خراسان ۾ سيد محمد جي سوانح جو آخري دور به سنڌ جي
حوالي سان ڪو گهٽ اهم ڪونهي، ڇاڪاڻ ته هي اتي امير
ذولانون ارغون ۽ سندس پٽ شاهه بيگ ارغون سان
ڳانڍاپي ۾ آيو، جيڪي هرات جي حاڪم سلطان حسين مرزا
پاران فراه، غور ۽ قنڌار جا علائقا سنڀاليندا هئا.
ٿوري عرصي کان پوءِ هي ارغون امير سنڌ جا حڪمران
بنجي ويا ۽ مهدويت ڏانهن سندن لاڙو ايندڙ صدين
دوران سنڌ ۾ هن عقيدي جي تبليغ لاءِ جوابدار ڏسجي
ٿو.
اهڙيءَ طرح قنڌار ۾ به سيد محمد ابتدائي ڪاميابي ۽
پاڻ طرف ماڻهن جي ميڙن جي ڪشش پيدا ڪرڻ ۾ سوڀارو
ڏسجي ٿو. نامور عالمن سندس وڌندڙ اثر سبب شاهه بيگ
ارغون سان شڪايت ڪئي ۽ هن هندي سيد جي فروعي عقيدي
خلاف آواز اٿاريو. شاهه بيگ حڪم ڏنو ته کيس مرڪزي
مسجد ۾ عالمن سان مباحثي لاءِ آندو وڃي. (7) بحث
مان نتيجي جي گهٽ اميد هئي، پر قرآن پاڪ جي تشريح
ذريعي هن شاهه بيگ تي پنهنجي زبردست ڌاڪ ڄمائي ۽
ان بعد کيس آزاد ڇڏيو ويو. بعد ۾ هو فراه روانو
ٿيو، جتي به ساڳي صورتحال سان منهن ڏنائين. گورنر
امير ذوالنون کانئس ايترو ته متاثر ٿيو، جو چيو
وڃي ٿو ته ان سندس عقيدو قبول ڪيو. هن صورتحال جي
خبر جڏهن خراسان جي حاڪم سلطان حسين مرزا کي پهتي،
تڏهن هن هرات جي چئن عالمن جو وفد سيد محمد جي
دعوائن کي للڪارڻ لاءِ موڪليو. انهن مان هڪڙي
مهدوي عقيدو قبول ڪيو، باقي ٽي ڄڻا ڊگهي ۽ لاحاصل
مقصد بغير هرات موٽي ويا. چيو وڃي ٿو ته سلطان
حسين مرزا به سيد محمد جي تعليم ۽ تبليغ ۾ گهري
دلچسپي ڏيکاري ۽ ساڻس ملاقات جي ارادي سان روانو
ٿيو، پر سيد جي موت جو ٻڌي واپس موٽيو.(8). مهدوي
ذريعن موجب سلطان حسين مرزا توڙي فراه ۽ هرات جي
عالمن ۽ شيخ الاسلام به، سيد محمد جي عقيدي ۽
پيغام تي ايمان اندو هو. ان جو مطلب ته امير
ذوالنون ۽ سندس پٽ شاهه بيگ يا ته مهدويت قبول ڪئي
هئي يا وري کين هن عقيدي سان همدردي هئي. شايد
اهوئي سبب هجي جو جڏهن شاهه بيگ پاڻ کي سنڌ جو
حاڪم بنايو، تڏهن باوجود ان جي ته پنهنجن خيالن
سبب قاضي قاضن اڪثر ماڻهن جي نظر ۾ ڪريل هو، کيس
سنڌ جي چيف جسٽس جي اعلى عهدي تي برقرار رکيائين.
ٺٽي ۾ ترسڻ دوران سيد محمد کي وڌ ۾ وڌ مڃتا ملي.
مختلف ذريعن مان مليل ڇڙو ڇڙ حوالا ٻڌائين ٿا ته
سيد محمد ڪڏهن ڪڏهن عالمن ۽ ٻين سان مباحثا ۽
مذاڪرا ڪندو هو ۽ ان سان گڏ ٺٽي ۽ ان جي آسپاس به
”دعوى“ جي تبليغ لاءِ ويندو هو.”انصاف نامه“ سيد
جي هڪ خطبي جو ذڪر ڪيو آهي. ان موجب هڪ ملان
پنهنجي پٽ جي آشيرواد لاءِ وٽس آيو، پر کيس موٽ
پراميد نه ملي، ڇو ته هو ان وقت سندس تبليغ ۽
عقيدي جي خلاف سنڌ جي ماڻهن جي رد عمل تي سخت
گفتگو جو اظهار ڪري رهيو هو، جنهن موجب هتان جا
ماڻهو خارجي هئا ۽ مٿن جزيه لاڳو ٿي ٿيو.(10)
چيو وڃي ٿو ته قاضي قاضن کان سواءِ، شيخ جهنڊي
پاتڻي، شيخ صدر الدين مفتي ٺٽوي، سيد مبارڪ شاهه،
پير آسات ۽ محمد يوسف رضوي مهدوي بکري – يا ته
ساڻس همدردي ظاهر ڪئي هئي يا وري هو سندس پوئلڳ
بنجي چڪا هئا.
جڏهن سيد محمد سن 901هه ۾ مڪي ويو، تڏهن شيخ جهنڊي
پاتڻي سندس عقيدو قبول ڪيو هو. (12) بعد ۾ شيخ ٺٽي
اچي رهيو، پر ڄام نظام الدين سنڌ جي عالمن جي چرچ
تي، سندس لائق عزت نه ڪئي، ڇو ته سندس ڪجهه تحريرن
کي شڪي سمجهيو ٿي ويو؛ ڪجهه وقت بعد جڏهن شيخ هڪ
ڀيرو وري مڪي وڃڻ جو فيصلو ڪيو، تڏهن ڄام ٻيڙي
واري کيس رستي ۾ ٻوڙڻ جو حڪم ڏنو، پر شيخ روحاني
رازن ذريعي ٻيڙي کي تاري پنهنجو پاڻ کي بچايو،
سندس مقبرو ساموئي تي آهي.(13)
شيخ صدر الدين مفتي به هڪ مذاڪري بعد مهدوي عقيدو
قبول ڪيو.(14) هو ڄام نظام الدين جو همعصر هو.
شيخ مبارڪ ٺٽوي هڪ وڌيڪ مک فقير هو، جنهن سيد محمد
جي هٿ تي مهدوي طريقي جو ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سرگرم
ڪارڪن هو ۽ چيو وڃي ٿو ته هن پنهنجا پوئلڳ پيدا
ڪيا، جن مان سيد محمد يوسف رضوي بکري به هڪ هو،
جنهن وري پوئلڳن ۽ مريدن جو وڏو حلقو پيدا ڪيو، جن
مهدوي فرقي کي زنده رکيو(15)
هڪ وڌيڪ مشهور صوفي جيڪو سيد محمد جو مريد بنيو،
سو پير آسات هو(16)، جيڪو هالاڪنڊي جي مخدوم
عربيءَ ڌياڻي جو ڀاءُ هو، بهرحال پنهنجي ڀاءُ جي
عقيدي سان مخدوم عربيءَ جو ڪوبه واسطو نه هو.
پويون (آسات) ٺٽي هليو ويو، جتي وفات ڪيائين ۽ دفن
به مڪلي ٽڪريءَ تي ٿيو. |