علامہ اقبالؒ
مشرق ۽ مغرب جي ميلاپ جو نقطو
از:
جناب سيد غوث علي شاهه صاحب
وزيراعلى سنڌ
]سنڌ
جي وڏي وزير، جناب سيد غوث علي شاهه هائيڊ لبرگ
يونيورسٽي (مغربي جرمني) جي ڏکڻ ايشيا انسٽيٽيوٽ
پاران سڏايل ”اقبال يادگار ليڪچر“ جي تقريب ۾ 6
جولاءِ 1987ع تي جيڪو مقالو پيش ڪيو، تنهن جو سنڌي
ترجمو هيٺ ڏجي ٿو، هن تقريب ۾ دنيا جي چونڊ عالمن،
مفڪرن ۽ اديبن علامه اقبال جي حوالي سان تقريرون
ڪيون.[
مهمانان گرامي: خواتين ۽ حضرات، منهنجي لاءِ هيءَ
وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي ته مان اڄ اوهان سان اهڙي
هنڌان مخاطب آهيان، جتان جي ماحول عظيم شاعر ۽
فلسفي علامه اقبال جي خيالن جي اؤسر ۾ نهايت اهم
ڪردار ادا ڪيو آهي.
هائيڊ لبرگ يونيورسٽيءَ کي علمي دنيا ۾ سکيا جي
مرڪز جي حيثيت سان شانائتي حيثيت حاصل آهي ۽ هن
اداري پنهنجي تعليمي عمدگي جي اعلى معيار کي
برقرار رکيو آهي. هيءُ اهو مرڪز به آهي جتي علامه
اقبال خيال اُڀاريندڙ ۽ اتساهه ڏياريندڙ ڪيفيت سان
مغرب جي سماجي، عملي ۽ شاعراڻي روايتن ۽ فڪر سان
لاڳاپي ۾ آيو.
هائيڊ لبرگ ۾ اڄوڪي يادگار تقريب علامه اقبال کي
خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ منعقد ٿي آهي. اقبال،
جنهن جو شمار موجوده صديءَ جي عظيم ادبي ۽
فلسفيانه شخصيتن ۾ ٿئي ٿو، سو انهن مثالي ۽ قداور
شخصيتن جي قطار ۾ بيٺل نظر اچي ٿو، جنهن ۾ رومي،
ثنائي، جامي، اسلامي دنيا جا عظيم شاعر، ۽ ڊانٽي،
ملٽن، گوئٽي، ۽ نٽشي پنهنجي عظيم مغربي روايتن سان
نظر اچن ٿا. هڪ نمايان فرق بهرحال نظر اچي ٿو.
اقبال مشرق توڙي مغرب جي فڪر ۽ فلسفي کان چڱيءَ پر
واقف هو، ڇو ته کيس مغرب جي فڪر ۽ فلسفي کي پڙهڻ ۽
پرجهڻ جو موقعو مليو هو.
هرمن هيس جي لفظن ۾ ”اقبال جو لاڳاپو روح ۽ ذهانت
جي ٽن مرحلن سان آهي. سندس شاندار علمي ڪارنامن جا
سرچشما آهن: ڏکڻ _ ايشيا ۾ اسلام جي عملي دنيا ۽
مغربي فڪر، تيز رفتار لکندڙ ۽ فصيح مقرر جي حيثيت
سان کيس اردو، فارسي، عربي ۽ انگريزيءَ تي وڏي
دسترس حاصل هئي، کيس مشرق ۽ مغرب جي فڪر جي مختلف
پهلوئن جي، پنهنجي لکيتن ۾ ترجماني ڪرڻ جي اهليت
پڻ حاصل هئي.“
پنهنجي تعليمي دور ۾، برطانيه ۽ جرمنيءَ ۾ جيڪي به
اقبال جا لاڳاپا رهيا آهن، تن کي وڏي اهميت حاصل
آهي، انڪري انهن کي ڪنهن به طرح نظر انداز نٿو ڪري
سگهجي، سال 1905 کان 1908 تائين، هن ڪئمبرج ۾
فلسفي جي تعليم ورتي، ميونخ يونيورسٽيءَ کيس ساڳئي
مضمون ۾ پي _ ايڇ _ ڊي جي ڊگري ڏني، لنڪنس _ ان
مان هن بئرسٽريءَ جو امتحان پاس ڪيو. اهي سال،
تربيتي نقطه نگاهه کان اقبال جي سوچ جي سرجڻ ۽ فڪر
جي پختي ٿيڻ جا سال هئا. هن محسوس ڪيو ته سندس هم
وطن، اخلاقي قدرن ۽ روحاني روايتن جي عظيم ورثي جي
باوجود، جذبي کان محروم آهن، اها، منجهن گهٽتائي
کيس نظر آئي، حالانڪ اهي خاصيتون ته پاڻ جديد
تهذيب جي سڃاڻپ ڪرائين ٿيون. اهوئي سبب هو جو
علامه اقبال اسلامي فڪر جي سجاڳي ۽ احياءَ جي
ضرورت کي بنياد طور محسوس ڪيو.
اقبال جرمن فلسفي ۽ ادب سان پنهنجو گهرو لاڳاپو
قائم رکيو. هو نيٽشي جو وڏو مداح هو. هن وٽ جيڪو
”مرد مومن“ جو تصور آهي ۽ سندس پيغام ۾ مستقل
جدوجهد ڪرڻ ۽ اختيار يا طاقت حاصل ڪرڻ بابت جيڪا
نصيحت ملي ٿي، سا فڪري نقطه نگاهه کان نيٽشي جي
تصور جي تقريب آهي، نيٽشي کي ڇاڪاڻ ته مذهب جي ڄاڻ
نه هئي، جنهن جي همه گي اثر سان برائي کي روڪي
سگهجي ٿو، انڪري آخرڪار، سندس ”فوق البشر“ نهايت
سولائيءَ سان تنزل ڏانهن مائل ٿي، هڪ اهڙي راڪاس
جو ظالماڻو رويو ٿي پوي ٿو، جنهن سان هو پاڻ
پنهنجو انت آڻي ٿو. اقبال وٽ ڪامل شخصيت جو تصور
فوق البشر بابت نه پر مرد مومن (سچو مسلمان) سان
لاڳاپو رکي ٿو، جيڪو زمين تي خدا جو خليفو آهي،
جنهن جي وفاداري الله سان آهي، پر جنهن جو روح،
عبادت ۽ تقوى سببان اهڙي درجي کي رسيو آهي، جتي
بظاهر ناممڪن به ممڪن ٿيو پوي.
اقبال جي نظر ۾ مذهب هڪ اهڙي قوت آهي، جيڪا دائم
قائم آهي ۽ سڀ کي پنهنجي دائري ۾ آڻي ٿي. اها
منفرد شخصيت، جنهن جي اقبال حمايت ڪري ٿو ۽ کيس
وڌيڪ طاقتور ۽ موثر بنائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، تنهن جو
ڪارڻ هيءَ آهي ته اقبال ان شخصيت کي اهڙي مقام تي
ڏسڻ گهري ٿو، جتي پهچي هو الله جي ٻانهپ ۽ انسان
جي خدمت ڪري سگهي.
علامه اقبال، پنهنجي سڄي حياتي مشهور جرمن شاعر
گوئٽي جو معتقد رهيو. کيس گوئٽي ۾ ارضي مسرت،
سماوي محبت، يڪسانيت، سادگي، گهرائي، فراخدلي ۽
روايتن کان آزادي جا جذبا نظر آيا، اقبال، گوئٽي
کي هن ريت خراج عقيدت پيش ڪيو آهي؛ ”اسان جو روح،
پنهنجو پاڻ کي سڃاڻڻ لڳي ٿو، جڏهن هن عظيم سچ جي
ويجهو اچجي ٿو، جڏهن مون گوئٽي جي لافاني سوچ کي
محسوس ڪيو، تڏهن ئي مان پنهنجو پاڻ کي سڃاڻڻ لڳس.“
هن پنهنجي ڪلام ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي گوئٽي جو ذڪر
عقيدت ۽ احترام سان ڪيو آهي. اقبال، گوئٽي جي
فائوسٽ جي هن ريت تعريف ڪئي آهي: ”هو هڪ معمولي
حڪايت کي فڪر جي گهرائي ڏيئي انسان جي عظيم ۽ آخري
مقصد ۾ تبديل ڪري ٿو. اهڙو ڪارنامو غير معمولي
تخليق کان گهٽ نه آهي.“
اقبال، گوئٽي جي هن قول کان گهڻو متاثر ٿيو ته اهو
علم، جيڪو عمل کان وانجهيل هجي، سو نه صرف بيڪار
آهي، بلڪ زهريلو آهي، اقبال جو ڪتاب ”پيام مشرق“
گوئٽي جي ڪلام ”مغرب جو مشرقي ديوان“ جي جواب ۾
لکيل آهي. ”ديوان“ حقيقت ۾ نفاست ڀري شاعريءَ جو
مجموعو آهي. هڪ عظيم فنڪار جي خوبصورت تخليق، جنهن
ذريعي هن مشرق ۽ مغرب جي ويڇي دور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي
آهي. ان ۾ چيو ويو آهي ته مغرب کي مشرق جي روحاني
تقويت جي ضرورت آهي. هن ڪتاب جي مطالعي، اقبال ۾
هڪ نئون روح ڦوڪيو ۽ هن پنهنجي ”پيام“ ۾ مغرب
اڳيان نه رڳو اهي شيون پيش ڪيون آهن، جيڪي مشرق جي
ورثي جو حصو آهن، پر ان سان گڏ ڪيترن مغربي مفڪرن
۽ شاعرن جو ذڪر پڻ ڪيو اٿس. هن ڳالهه جو تجزيو پڻ
ڪيو اٿس ته مغرب، مشرق کي ڇا ٿو ڏيئي سگهي. پنهنجي
ڪتاب جي مهاڳ ۾ اقبال لکيو آهي: ”مان ’پيام
مشرق‘بابت مشڪل سان ڪجهه چئي ٿو سگهان، جيڪو گوئٽي
جي ”ديوان“ کان هڪ سئو سال پوءِ لکيو ويو آهي،
پڙهندڙ پاڻ محسوس ڪندا ته ان جو مقصد انهن سماجي،
اخلاقي ۽ مذهبي سچاين کي نمايان ڪرڻ آهي، جن جو
لاڳاپو فردن سان ۽ سماج سان آهي.“ اهڙيءَ طرح اسين
ڏسون ٿا ته اقبال ۽ گوئٽي ٻنهي گڏجي هڪ پل تيار
ڪئي، جنهن کي جيڪر مشرق ۽ مغرب کي ڳنڍڻ لاءِ
”ثقافتي پل“ چئجي ته جڳائي.
خواتين ۽ حضرات! هن گڏجاڻيءَ ۾ يا ائين به چئي
سگهجي ٿو ته دانشورن جي هن عظيم ملڪ ۾ مان علم جي
اعزاز کان سواءِ آيو آهيان، پر مان اوهان جي عظيم
دانشورن ۽ عالمن سان واقفيت ۽ ثقافتي لاڳاپي جي
دعوى ڪيان ٿو، تنهن ڪري اهو مون لاءِ ناممڪن آهي،
ته مان پنهنجي دل ۾ موجود اٿاهه جذبن جو اظهار ڪري
سگهان. منهنجي لاءِ اهو به اوترو ئي مشڪل آهي ته
مان پنهنجي تقرير جي محدود دائري اندر رهي اهو چئي
سگهان، جيڪي چوڻ چاهيان ٿو. هن کي عقيدت جو مقدس
گيت چئجي، جيڪو دل جي گهراين مان اڀري ٿو، ان جو
مقصد اقبال جي ڏاهپ جي ڪٿ ڪرڻ هرگز نه آهي، هو
يقينن درجي بندي کان بالاتر آهي. ڪوبه سندس ڪم کي
محدود ڪري ان مان زوريءَ ڪو فيصلو وٺي نٿو سگهي،
تنهنڪري مان پنهنجي تقرير ۾ پاڻ کي، سندس مختلف
ادبي ڪارنامن جي اڻ کٽ پهلوئن مان ڪن ٿورن تائين
محدود رکندس.
اقبال جن موضوعن تي ڪم ڪيو آهي، تن جي مختصر جائزي
مان معلوم ٿئي ٿو ته هن زندگيءَ جي بيشمار شعبن کي
موضوع بڻايو آهي. انهن مان معلوم ٿئي ٿو ته اقبال
بنهه نون ادبي مسئلن ۽ مونجهارن کي منهن ڏنو آهي.
اقبال پنهنجي شاعريءَ ۾ نه فقط نظم جي نون موضوعن
کي زندگيءَ سان هم آهنگ ڪيو ۽ انهن ۾ وسعت پيدا
ڪئي آهي، پر اقبال جهڙي گهڻ _ پاسائين فنڪار
پنهنجي اظهار کي نوان روپ ڏنا ۽ پنهنجي
قادرالڪلاميءَ جا جوهر ڏيکاريا، اقبال تي ڳالهائڻ،
هڪ فلسفي تي ڳالهائڻ آهي، جيڪو شاعريءَ ۾ اعلى
مقام رکي ٿو ۽ هڪ شاعر جيڪو فلسفي ۾ مٿانهون آهي،
سندس شاعريءَ ۾ جيڪو موسيقيءَ جو احساس سمايل آهي،
سو زندگيءَ جي حقيقت کان پرانهون ناهي، انڪري سندس
شاعري، تصور ۽ تخيل ۾ قيد نه آهي، پر ان ۾ زندگيءَ
جو تحرڪ آهي. اقبال پڻ ٻين شاعرن وانگر، ان احساس
جو شايد وڌيڪ فصاحت سان اظهار ڪيو آهي ته خدا
پنهنجي بندن کي وساري ڇڏيو آهي. سندس ”شڪوه“ ۽
”جواب شڪوه“ نه صرف سندس شاعراڻي عظمت جا مثال
آهن. پر سندس سوچ ۽ ٻوليءَ جي عظمت جا پڻ اعليٰ
اهڃاڻ آهن. گوئٽي ۽ هائني وانگر هن سادي سڌي،
لچڪيدار ۽ چٽي اظهار جو طريقو اختيار ڪيو آهي. هن
پنهنجي دور جي مسلمانن جي خراب حالتن، جيڪي غير
ملڪي تسلط جي ڪري هيون، تن ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ لاءِ
کين اجتماعي سوچ ۽ عمل لاءِ اڀاريو. مڪمل حقيقت تي
ٻڌل نظم آهي. هن هنڌ تي اقبال، شعور جي ٻن ڇيڙن تي
آهي. پهريون ڇيڙو حقيقي انساني صورتحال آهي، ايمان
رکندڙن کي اهو پوري حقيقت پسنديءَ سان ڏسڻ گهرجي ۽
پنهنجو پاڻ کي گمراهيءَ ڏي گهلي سوچ کان انڪار نه
ڪرڻ گهرجي. ٻيو ڇيڙو الهامي حقيقت آهي، انساني
دائري ۽ الهامي دائري کي بلڪل منجهائڻ نه گهرجي.
انساني شڪايت ۽ الهامي جواب، ٻنهي کي موثر ۽
سگهاري انداز ۾ لکڻ جي صلاحيت لاءِ غير معمولي
مذهبي شعور جي گهرج پوي ٿي. ان لاءِ اهڙي ماڻهوءَ
جي ضرورت آهي، جيڪو پنهنجين ڪوڙين اميدن کان پاڻ
کي آجو رکي سگهي ته جيئن هو مسئلن کي حقيقت
پسنديءَ سان ڏسي سگهي. اڃا به هو پنهنجي شعور کي
پنهنجن ذاتي لاڳاپن کان آجو ڪري سگهي ۽ صورتحال کي
سچائيءَ سان ڏسي سگهي. ناممڪن ڳالهه نه آهي ته ڪي
ماڻهو ان لائق هجن جو اهي انهن بلندين تائين رسي
سگهن. تنهنڪري منهنجو دليل اهو آهي ته فيصلي جي
قوت، جيڪا هن عظيم انسان جي مذهبي سوچ جو روپ وٺي
ٿي، سا سندس اظهار جي خوبي سان ڳنڍيل آهي، مان هن
پس منظر ۾، سندس ”شڪوه“ ۽ ”جواب شڪوه“ لکڻ واري
صلاحيت کي پيغمبرانه عقيدت سڏيندس.
يورپ ۾ قيام دوران، اقبال ڪجهه شاندار رومانوي نظم
لکيا، پر هن پنهنجي وطن واپسيءَ کانپوءِ شاعراڻيءَ
زندگي اختيار ڪئي. سندس عبوري دور ختم ٿيو هو، ۽
سندس خيال پختا ٿي ويا هئا ۽ هن زندگيءَ جي اهم
پهلوئن بابت پنهنجو نقطه نظر قائم ڪيو، جيڪو سڄي
حياتي برقرار رهيو. تاريخ ساز، ”شڪوه“ ۽ ”جواب
شڪوه“ سندس يورپ کان واپسيءَ کانپوءِ لکيا ويا.
سال 1915ع ۾ هن پنهنجو ڊگهو فارسي نظم ”اسرار
خودي“ (خوديءَ جا راز) لکيو، جنهن مشرق ۽ مغرب جي
ادبي حلقن کي ڇرڪائي وڌو. هن نظم جو لاڳاپو انهن
بنيادي اصولن سان آهي جن تي عمل ڪرڻ سان انسان جي
شخصيت جي صحتمند اوسر ٿئي ٿي. هيءُ اهو مقام آهي،
جتي اقبال جدوجهد ۾ مصروف نظر اچي ٿو. هڪ باعمل
فلسفيءَ جي فڪر ۾ مکيه اضافو آهي، ”خودي“ جي تصور
جي اوسر، اڳ ”خودي“ فقط فلسفيانه تصور هو، اقبال
ان کي عملي صورت بخشي.
ادبي تنقيد جي اصطلاح ۾ هن نڪتي جو مطلب هيءُ آهي
ته اقبال جي شاعري عمل جوڳي خواهش يا ارادي جي روح
جي نمائندگي ڪري ٿي. ان جو مقصد خوديءَ جي بنياد
تي انسان جي نئين تخليق ڪرڻ آهي، جنهن جي نتيجي ۾
سڀئي رڪاوٽون دور ٿي وڃن ٿيون ۽ آزاديءَ سان اڳڀرو
وک وڌائي سگهجي ٿي.
اقبال سياست ۾ دلسپي وٺي هڪ نئين جذبي کي زندگيءَ
۾ سموئڻ جي ڪوشش ورتي، جنهن بابت بدقسمتيءَ سان،
مغرب وارن کي ڪا گهڻي ڄاڻ نه آهي. مان سمجهان ٿو
ته اقبال جي شاعري جي هن حقيقت ۽ هن پهلوءَ ڏانهن
وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. اقبال، ڪل هند مسلم
ليگ ۾ ان وقت شامل ٿيو، جڏهن هو برطانيه ۾ قانون ۽
فلسفي جي تعليم حاصل ڪري رهيو هو. هن 1931 ۾ ٻي
گول ميز ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي ۽ ڪئمبرج ۾ تقرير ڪندي
هن پنهنجي 1907ع ۾ جوڙيل هڪ نظم جو حوالو ڏيندي
چيو: ڪي سال اڳ، مون مغربي تهذيب جي خامين کي ڳولي
ورتو هو ۽ ان ڪري مون ڪي اڳڪٿيون ڪيون هيون، هيءَ
1907ع جي ڳالهه آهي. ڇهن يا ستن سالن کانپوءِ،
منهنجيون اڳڪٿيون حرف به حرف صحيح ثابت ٿيون.“
روحاني پيغام، جيڪو هن 1907ع ۾ محسوس ڪيو، تنهن جي
ڀليءَ ڄاڻ کيس پوءِ ٿي، هن تجربي کان اتساهه وٺي،
هن مسلمانن جي رهنمائي ڪرڻ جو جرئت ڀريو فيصلو
ڪيو، جيئن کين نئين اميد جي روشن صبح سان همڪنار
ڪري سگهجي ۽ غلاميءَ جي اوندهه مان ٻاهر ڪڍي کين
آزاديءَ واري کليل فضا ۾ آڻجي. هيءَ ڪوشش اقبال جي
نظمن جهڙوڪ: عبدالقادر ڪي نام، شام و سحر، جواب
شڪوه، طلوع اسلام، مان ظاهر آهن. کيس پختو يقين هو
ته مسلمانن ۾ ٻيهر سجاڳي ايندي ۽ ان ڪري سندس
اولين خواهش هئي ته متحده هندستان جي مسلمانن کي
آزادي حاصل ٿئي، جيڪي انگريز جي راڄ ۽ هندو
پرماريت جو شڪار هئا. هن مسلمانن جي سجاڳيءَ کي
اميد جي افق تي اڀرندي ڏسي ورتو هو، کيس يقين ٿي
چڪو هو ته ڏکڻ ايشيا جا مسلمان دنيا ۾ قدرت پاران
سونپيل ڪردار ضرور ادا ڪندا. پنهنجي ڪيترن نظمن ۾
هن يقين ۽ اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. مسلمانن جي
بيداري بابت جيڪو فڪر هن نظم ۾ پيش ڪيو ويو آهي،
سو ڊسمبر 1930ع ۾ ڪل هند مسلم ليگ جي الهه آباد
واري اجلاس ۾ ڏنل خطبي ۾ وڌيڪ چٽائيءَ سان مدلل
انداز ۾ ظاهر ٿيو. هن خطبي ۾ اقبال هندي مسلمانن
لاءِ الڳ آزاد وطن جو تصور پيش ڪيو هو. هن پنهنجي
تقرير ۾ چيو ”مان پنجاب، اتر اولهه سرحدي صوبي،
سنڌ ۽ بلوچستان کي هڪ آزاد رياست جي صورت ۾ ڏسڻ
گهران ٿو.“
اقبال جي ان بابت يقين ڄڻ ته نئون روپ ورتو هو ۽
هن 1937ع ۾ (پنهنجي وفات کان فقط ڏهه مهينا اڳ)
قائداعظم ڏانهن لکيل خط ۾ اهڙو اظهار ڪيو هو.
”مسلمان اڪثريت وارن صوبن ۾ وفاق، هڪ اهڙو رستو
آهي، جنهن سان نهايت پرامن طريقي سان هندستان جي
مسلمانن کي غير مسلم تسلط کان بچائي سگهون ٿا. آخر
ڇو اتر _ اولهه هندستان ۽ بنگال جي مسلمانن کي
پنهنجي آزادانه راءِ جي بنياد تي ”قوم“ نه سمجهيو
وڃي، جيئن هندستان جي اندر ۽ ٻاهر ٻين قومن کي
سمجهيو وڃي ٿو.“
علامه اقبال تي ڪي نڪته چيني ڪندي چون ٿا ته الهه
آباد واي خطبي کانپوءِ، هو مسلم رياست واري نظريه
بابت بي خبر ٿي سمهي پيو هو. هيءَ ڳالهه سچائيءَ
کان بنهه پري آهي، سندس ذهن تي مسلمانن جي آزادي
وطن وارو خيال هميشه ڇانيل رهيو. کيس يقين هو ته
ڏکڻ ايشيا جا مسلمان ضرور پنهنجو الڳ وطن حاصل
ڪندا. 21 مارچ 1933ع تي علامه اقبال لاهور ۾ ڪل
هند مسلم ليگ جي اجلاس ۾ پنهنجو صدارتي خطبو ڏنو.
لاهور واري خطاب ۾ پڻ هن هندستان ۾ قوميت واري
نظريي تي زور ڏنو ۽ ان وقت مسلمانن جي جيڪا رحم
جوڳي حالت هئي، ان تي تبصرو ڪيو. لنڊن ۾ سيپٽمبر
1931ع ۾ گول ميز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته
کيس هندن ۽ سکن جي شديد متعصب روين ۽ سندن اڻ
سهائيندڙ سڀاءُ بابت ڄاڻ آهي، کيس برطانوي سوچ
بابت به مڪمل ڄاڻ هئي. انڪري هن مسلمانن لاءِ
محسوس ڪيل خطرن جو اظهار ڪيو ۽ هندستاني مسلمانن
لاءِ تحفظات جون رٿون پيش ڪيون. هن چيو: ”جيستائين
اسان جي حڪمت عملي جي بنيادي ڳالهين جو تعلق آهي،
مون کي ڪجهه به چوڻو نه آهي. ان بابت مون ڪل هند
مسلم ليگ جي اجلاس ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو
آهي. مان اوهان جي مدد ڪرڻ گهران ٿو. سڀ کان اڳ
اسان کي صحيح صورتحال جو جائزو وٺڻ گهرجي، جا گول
ميز ڪانفرنس جي پڄاڻيءَ تي ميمبرن جي غلط رويه سبب
ظاهر نه ڪئي وئي. مان ڪوشش ڪندس ته پنهنجي فهم آهر
اهو ڏيکاريان ته هينئر نئين سر پاليسي ترتيب ڏيڻ
جي ڪيڏي نه شديد ضرورت آهي، خاص طور جڏهن برطانيه
جي وزيراعظم گذريل لنڊن ڪانفرنس ۾ اعلان ڪيو هو،
ته سڄي صورتحال جو ٻيهر خبرداريءَ سان جائزو وٺڻ
ضروري آهي.“
هيءَ ڳالهه ضرور ذهن ۾ رکڻ گهرجي. جنوري 1931ع ۾
مولانا محمد علي جوهر جي وفات کانپوءِ جيئن ته
محمد علي جناح برطانيه ۾ ئي ترسي پيو، تنهنڪري
هندستاني مسلمانن جي رهنمائي جي ذميواري اڪيلي سر
اقبال جي ڪلهن تي آئي، کيس اها ذميواري هڪ خبردار
محافظ وانگر پنهنجي قوم جي حفاظت لاءِ ادا ڪرڻي
پيئي، جيستائين قائداعظم 1935ع ۾ پنهنجي وطن موٽي
آيو.
مسلم ليگ ۽ مسلم ڪانفرنس ڄامڙن جي هٿن ۾ ڄڻ
رانديڪن وانگر هيون. وڏي ڳالهه هيءَ آهي ته ليڊر
بي اعتماديءَ جي ووٽ کان پوءِ به استعفى ڪونه
ڏيندا هئا. هندستان ۾ ڪابه اهڙي جماعت ڪانه هئي،
جنهن جو مسلمانن تي ڪو اثر هجي. صوبن ۾ ڪنهن به
تنظيم جو ماڻهن تي اثر نه هو. علامه اقبال کان
بهتر قائداعظم کي ڪير ٿي سمجهي سگهيو. لکيل خطن
مان هيءَ ڳالهه بلڪل واضح ٿئي ٿي ته علامه اقبال ۽
قائداعظم هن نڪتي تي متفق هئا ته هندستاني مسلمانن
جي الڳ رياست هئڻ گهرجي.
قائداعظم چيو: ”اقبال جا خيال، بنيادي طرح منهنجي
خيالن سان مطابقت رکندا هئا، ۽ مان اڳتي هلي،
ڳوڙهي جائزي ۽ آئيني مسئلن جي مطالعي کان پوءِ
ساڳين نتيجن تي پهتس، انهن خيالن جو مون وقت به
وقت اظهار پئي ڪيو آهي، جي آخرڪار 23 مارچ 1940ع
تي پاس ڪيل ”پاڪستان ٺهراءَ“ جي صورت ۾ پڌرا ٿيا.“
هن حقيقت جو به حوالو ڏيڻ گهرجي ته اها علامه
اقبال جي شخصيت هئي، جنهن قائداعظم کي مسلمانن جي
رهنمائيءَ لاءِ آماده ڪيو. علامه اقبال چيو: ”مان
ڄاڻان ٿو ته اوهين تمام مصروف آهيو، پر مون کي
اميد آهي ته اوهين منهنجي خط و ڪتابت تي ارها ڪونه
ٿيندؤ، ڇاڪاڻ ته هن مهل اوهان ئي اهڙا رهنما آهيو،
جنهن ڏانهن قوم کي اميد رکي نهارڻ جو حق آهي، خاص
طور اهڙي حالت ۾ جڏهن سڄي هندستان ۾ ڪو طوفان اچڻ
وارو آهي.“
ساڳين جذبن جو هن پنهنجي وفات کان ٽي مهينا اڳ وري
اظهار ڪيو:
”مسلم ليگ جي رهنمائي هيٺ متحده محاذ قائم ڪري
سگهجي ٿو ۽ مسلم ليگ فقط جناح جي رهنمائيءَ ۾ ئي
ڪامياب ٿي سگهي ٿي. هاڻي فقط جناح ئي مسلمانن جي
رهنمائي جو اهل آهي.“
مطلوب الحسين سيد چيو آهي ته 1940ع ۾ پاڪستان
ٺهراءَ پاڪستان ٿيڻ کانپوءِ قائداعظم محمد علي
جناح کيس چيو: ”اقبال اڄ اسان ۾ موجود نه آهي، پر
جيڪڏهن هو زندهه هجي ها ته خوش ٿئي ها ته اسان
بنهه ائين ڪيو آهي، جنهن جي کيس اسان مان اميد
هئي.“
پر ڳالهه هتي ختم نٿي ٿئي، علامه اقبال قائداعظم
ڏانهن 29 مارچ 1937ع تي خط ۾ لکيو: ”جڏهن ته اسين
ملڪ ۾ ٻين ترقي پسند جماعتن سان اتحاد ڪرڻ گهرون
ٿا، تڏهن اسان کي هيءَ حقيقت وسارڻ نه گهرجي ته
سڄي ايشيا ۾ اسلام جو مستقبل، اخلاقي ۽ سياسي قوت
جي لحاظ کان، هندي مسلمانن جي تنظيم تي دارو مدار
رکي ٿو.“
خواتين ۽ حضرات، علامه اقبال ڏکڻ ايشيا جي مسلمانن
جي تقدير ٺاهڻ ۾ جيڪو ڪردار ادا ڪيو، سو ڪنهن کان
به ڳجهو نه آهي، ۽ ان ڪري ان کي ورجائڻ جي ضرورت
نه آهي، اقبال فقط شاعر نه هو ۽ رڳو فلسفي نه هو،
پر هن ۾ اٿاهه جذبو هو، نوان خيال هئا، جن سندس
ڪلام ۽ پيغام ۾ ولولو پدا ڪيو هو، کيس پنهنجي دور
جي ڄاڻ هئي. هو مسلمانن جي شاندار ماضيءَ کان واقف
هو ۽ کيس يقين هو ته مسلمانن جو مستقبل تاريڪ نه
آهي، جنهن ڳالهه جي ضرورت هئي سا هيءَ ته کين وري
متحرڪ ڪجي ۽ انهن ۾ اهو جذبو جاڳائجي جيئن اهي
پنهنجي خود اعتمادي ۽ سڃاڻپ حاصل ڪري سگهن. هن سڄي
قوم ۾ پنهنجي شاعري ۽ حڪمت سان روح ڦوڪيو ۽ ڪل هند
مسلم ليگ سان ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺو.
علامه اقبال جي وفات کي پنجاهه سال گذري ويا آهن،
پر سندس شاعري اڃان به گونجندي رهي ٿي، جيڪو خواب
هن ڏٺو هو ۽ جيڪي اميدون هن سانڍيون هيون، سي
پاڪستان جي صورت ۾ سچ ثابت ٿيون. تاريخ کيس عظيم
شاعر جي حيثيت سان ۽ باعمل انسان جي حيثيت سان ياد
رکندي. هو اهڙو شاعر هو جنهن هڪ ولوله انگيز شاعر
جي جدوجهد جو تذڪرو لکيو ۽ هو هڪ اهڙو مدبر هو
جنهن شاعر جي تخليقي سوچ سان عمل ڪيو.
هي آهي اقبال _ دانشور، مفڪر، فلسفي، شاعر، تعميري
خواب ڏسندڙ ۽ استاد، جنهن جي زندگيءَ هڪ رنگ برنگي
گنبذ وانگر وقت ۽ خلا جي اڇاڻ کي روشنيءَ جي لاٽ
بڻائي اڇلي ٿي.
ختم ڪرڻ کان اڳ، هڪ ڀيرو وري اوهان جا ٿورا مڃان
ٿو، جو اوهان مون کي عالمن جي هن گڏجاڻيءَ کي خطاب
ڪرڻ جو موقعو ڏنو، عزت افزائيءَ لاءِ شڪر گذار
آهيان.
گذارش
(ايڊيٽوريل)
”چيف منسٽرس ويلفيئر فنڊ فار رائيٽرس“
سنڌ جي علم دوست ۽ ادب نواز چيف منسٽر، جناب سيد
غوث علي شاهه صاحب گذريل اپريل ۾، سنڌ جي اديبن جي
ڀلائي ۽ بهبود لاءِ ”چيف منسٽرس ويلفيئر فنڊ فار
رائيٽرس“ قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. ڪراچيءَ ۾، سنڌي
ادبي بورڊ طرفان شايع ڪيل جناب علي احمد بروهي جي
انگريزي ڪتاب ”هسٽري آن ٽومب اسٽونس: سنڌ ائنڊ
بلوچستان“ جي پڌرائي جي موقعي تي سنڌ جي وزيراعلى
صاحب اعلان ڪيو ته ان فنڊ لاءِ ابتدائي طور هڪ لک
رپيا منظور ڪيا وڃن ٿا. هن صاحب سرنديءَ وارن
ماڻهن کي اپيل ڪئي ته هن فنڊ ۾ هٿ ونڊائين.
وزيراعلى صاحب، نئين قائم ڪيل بهبود فنڊ لاءِ هڪ
انتظامي ڪاميٽي جي تشڪيل جو پڻ اعلان ڪيو، جنهن جو
سربراهه سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر هوندو، جڏهن ته
قومي اسيمبليءَ جا ٽي ميمبر، سنڌ اسيمبليءَ جا ٽي
ميمبر، ٽي اديب ۽ سنڌ جو ڊائريڪٽر ڪلچر ان جا
ميمبر هوندا. بعد ۾، 30 اپريل تي، سنڌي ادبي بورڊ
۾ نئين تعمير ٿيل مسجد شريف ۽ جديد آفسيٽ پرنٽنگ
پريس ۽ فوٽو ٽائيپ سيٽنگ سسٽم جي افتتاحي تقريب کي
خطاب ڪندي، سنڌ جي وزيراعلى صاحب، چيف منسٽرس
ويلفيئر فنڊ فار رائيٽرس جو تذڪرو ڪندي، اديبن ۽
شاعرن جي عظمت کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته
انهيءَ قلندر صفت طبقي جي ڀلائي ۽ بهبود لاءِ اهو
فنڊ قائم ڪيو ويو آهي.
جناب سيد غوث علي شاهه صاحب واضح ڪيو ته نئين قائم
ڪيل فنڊ جو اهو هرگز مقصد ڪونه آهي، ته ڪو ان سان
اديبن جا ضمير خريد ڪيا وڃن، بلڪ ان فنڊ جو مقصد
انهن لاءِ علاج معالجه ۽ ٻين سهوليتن جي فراهمي
آهي. هن موقعي تي، هن صاحب اديبن کي مشورو ڏنو ته
هو اسلام جي سربلندي، نظريه پاڪستان ۽ قومي يڪجهتي
جي فروغ ۽ ملڪ جي استحڪام جي لاءِ پنهنجي قلم جي
قوت استعمال ۽ قومي وحدت کي مضبوط بنائڻ لاءِ
پنهنجو ڪردار ادا ڪن.
ادب سان بي حد دلچسپي رکندڙ ۽ سنڌ جي اديبن جي
مسئلن کان باخبر دانشمند وزيراعلى سنڌ، جناب سائين
غوث علي شاهه جي مٿئين اعلان جي آجيان ڪندي، اسان
سندن خدمت ۾ دل و جان سان مبارڪباد پيش ڪريون ٿا،
سنڌ جي انتظامي تاريخ ۾ اهو پهريون موقعو آهي، جو
اديبن ۽ شاعرن جي مسئلن جي اهميت جو برجسته احساس
ڪندي، سندن فلاح ۽ بهبود لاءِ، سرڪاري سطح تي هڪ
ٺوس قدم کنيو ويو آهي، ان لاءِ سائين غوث علي شاهه
صاحب بلاشبه سنڌ جي علمي حلقن ۽ عوام جي تحسين جو
مستحق آهي.
اديبن ۽ شاعرن جي مجموعي ناداري ۽ مفلوڪ الحالي
ڪنهن به تفصيلي تشريح جي محتاج ناهي، معاشري جا هي
نهايت اهم ۽ حساس فرد، جيڪي پنهنجي شعور ۽ ادراڪ
وسيلي سماج کي سدائين مثبت درس ڏيندا رهن ٿا، تن
جي بيشتر تنگدستي هڪ نهايت ڏکوئيندڙ حقيقت آهي،
اهڙيءَ صورت ۾، بيمارين جي حالت ۾ اهي پنهنجو علاج
معالجه ڪرائڻ کان قاصر هوندا آهن ۽ ٻين مشڪلاتن
وقت وٽن ڪو حيلو وسيلو ڪونه هوندو آهي.
نهايت خوشيءَ جي ڳالهه آهي، جو سنڌ جي وزير اعلى،
اديبن جي ناداريءَ جي مسئلي تي ويچار ڪري سندن
بهبود لاءِ هڪ خصوصي فنڊ قائم ڪيو آهي. اسان کي
توقع آهي ته صوبي جي علمي ۽ ادبي حلقن طرفان ان
نيڪ قدم جي آجيان ڪئي ويندي ۽ وزيراعلى جي اپيل جي
موٽ ۾ سرنديءَ وارن طرفان ان فنڊ ۾ خاطر خواه عطيا
ڏنا ويندا.
ساڳئي وقت، سنڌ جي وزيراعلى
جو اهو اظهار، موجوده حڪومت جي وسيع القلبي واري
پاليسيءَ جو عمدو دليل آهي ته انهيءَ فنڊ جو اهو
هرگز مقصد ڪونه آهي، ته ڪو ان سان اديبن جا ضمير
خريد ڪيا ويندا. وزيراعلى سنڌ جي ان قسم جي چٽائي
ان حقيقت جي غمازي ڪري ٿي، ته حڪومت، ادب جي اوسر
متعلق پنهنجي فرضن کان پوري طرح باخبر آهي. حڪومت
کي اهو احساس آهي ته ادب جي ترقيءَ لاءِ اديبن جي
ضمير ۽ فڪر جي آزاديءَ کي وڏي اهميت حاصل آهي. ان
قسم جي حقيقت بيانيءَ کي اسان قدر جي نظر سان ڏسون
ٿا ۽ وزيراعلى جي هن اپيل جي تائيد ڪريون ٿا ته
اسلام جي سربلندي، نظريه پاڪستان ۽ قومي يڪجهتي جي
فروغ ۽ ملڪ جي استحڪام جي لاءِ دانشور ۽ اديب
پنهنجي قلم جي قوت کان اڃا به وڌيڪ ڀرپور ڪم وٺي،
پنهنجا فرائض احسن طريقي سان ادا ڪن.
هن موقعي تي اسان سنڌ جي وزيراعلى جو توجهه هڪ
نهايت اهم نقطي طرفن ڇڪائڻ ٿا چاهيون. سنڌي زبان
جو ممتاز ۽ مڃيل ليکڪ، جناب طارق عالم ابڙو اڄڪلهه
موت ۽ حيات جي ٻه واٽي ي مدد لاءِ واجهائي رهيو
آهي. هو گذريل ڪافي عرصي کان وٺي پنهنجي ٻنهي
گُردن جي ناڪاره ٿي وڃڻ ڪري زندگيءَ جي وڏي ڪشمڪش
۾ مبتلا آهن. سندس مڪمل علاج فقط ڏيساور ۾ ئي ممڪن
آهي. سنڌ جي سمورن علمي ۽ ادبي حلقن، ثقافتي
جماعتن، اديبن ۽ شاعرن، دانشورن، صحافين، شاگردن ۽
عام سنڌي ماڻهن وڏي تعداد ۾ هڪ عرصي کان وٺي مسلسل
پڪار جاري رکي آهي ته جناب طارق عالم ابڙي جي علاج
جو خاطر خواه بندوبست ڪيو وڃي، پر حڪومت طرفان ان
ڏس ۾ اڃا ڪا موزون موٽ ڪانه ملي آهي. اسان سنڌ جي
وزيراعلى جناب سيد غوث علي شاهه صاحب کي خاص طرح
گذارش ڪريون ٿا ته هڪ املهه سنڌي اديب جناب طارق
عالم جي جان بچائڻ لاءِ جوڳا جتن ڪندي کيس ڏيساور
علاج لاءِ اماڻيو وڃي ۽ ان طرح سان ئي صحيح معنى ۾
”چيف منسٽرس ويلفيئر فنڊ فار رائيٽرس جو ڪارج عمل
۾ اچي سگهندو.
- نفيس احمد شيخ |