تنوير عباسي
توسان عشق الستي يار،
توسان عشق الستي،
تنهنجي هستي مئه جي مستي، مئه جي آهي مستي يار.
عشق سوا اوچائي ڪانهي، پريت سوا سڀ پستي يار.
سونهن سڃاڻپ تنهنجي آهي، نينهن اسان جي هستي يار.
ڪجهه پل ويهه اسان جي آڏو، ڳالهه ڪيون سربستي يار.
نينهن نگر آ منهنجي بستي، منهنجي سائي بستي يار،
موهه، مهڪ ۽ مئه آ هتڙي، هيءَ تنوير جي وستي يار.
توکي ڏسندي ئي تنوير، سکيو انسان پرستي يار.
امداد حسيني
ڪينجهر
ڪيئن نه هندورو ٿيندي!
ايندي ايندي
سَڏو سڏ سڏيندي ايندي
چؤڏس گل ڇڏيندي ايندي
ڇير پير ۾ ڇرڪائيندي
دروزي کي کڙڪائيندي
ماروئڙن کي مرڪائيندي
ايندي ايندي ايندي ايندي
ٽار ٽار تي ڦُل ٽاڪيندي
ايندي ور کُنجهي واڪيندي
ايندي وڻراهون واسيندي
ايندي ڏيهه مبارڪ ڏيندي
”لاڙ“
”سري“
۽ ”وچ“
کان ٿيندي
نورا پائي نچندي ايندي
ايندي
ايندي
گهُلندي هير اُتر جي ايندي
ٿيندي
ٿيندي
ڪينجهر ڪيئن نه هندورو ٿيندي!
ڪافي
مُند وري،
تون به وري،
آءُ وري
تنهنجي ڏسڻ لاءِ هوو... نيڻ سڪن ٿا
تنهنجي پَسڻ لاءِ هوو... نيڻ سڪن ٿا
جيئن ٿو تاڙو مينهن لاءِ تاڙي
آءُ به تولاءِ ايئن اَلا ڙي
تنهنجي سري،
منهنجي آلا،
ڪانه سري
تنهنجي ڏسڻ لاءِ هوو... نيڻ سڪن ٿا
تو بن سانول ساوڻ ڪهڙو
ساوڪ آهي ڄڻ سوڪهڙو
بوند وٺي،
باهه ٻري،
ڪانه ٺري
تنهنجي ڏسڻ لاءِ هوو... نيڻ سڪن ٿا
ڏينهن ڏنگي ٿو رات رئاڙي
واڳ وري ڪا وار الا ڙي
يا ته وري،
موڪل ڪا،
زهر ذري
توکي ڏسڻ لاءِ هوو... نيڻ سڪن ٿا
توکي پسڻ لاءِ هوو.... نيڻ سڪن ٿا
مند وري،
تون به وري،
آءُ وري!
تاج بلوچ
دل ڏکويل ۽ اشڪبار جا رنگ،
منهنجي بيدرد غمگسار جا رنگ.
هوُ جي مرڪي ته زندگي جاڳي، ننڊ کي ڏي نوان خمار
جا رنگ،
هي بسنتي لباس ڇا پاتو، اک اک ۾ کڙيا بهار جا رنگ،
سانت، چانڊوڪي، هير ۽ خوشبو، هي سمورا ئي منهنجي
يار جا رنگ.
گل هوا جي صليب تي لڙڪي، ڇا ته بخشي ويا قرار جا
رنگ.
تون نه آهين ته منهنجي جان غزل، اوپرا ٿا لڳن بهار
جا رنگ.
درد وارن جا قافلا نڪتا، ڪو ڏسي روءِ شهريار جا
رنگ.
خامشيون، پُر خيال سرگوشيون، هي ڏکوين جي اضطرار
جا رنگ.
تاج، تشنه لب ڇڏيو ماري،
وري نه ڏسجن ها باده خوار جا رنگ.
استاد بخاري
ڊُڪان ٿو هوائن جي هاسي پٺيان،
اڏرندڙ زماني جي پاڇي پٺيان.
افق اوٽ وٽ روز ڳاڙهي شفق،
پتو ناهه ڇا آهي پردي پٺيان،
هُتي بوءِ ٿي روز هُڦجي ڪري،
ڏسو، ڪير ٿو کيس پڪڙي پٺيان!
ٿڌي مينهن جي بوند، بنياد ٻاڦ،
ته ڇا، ناهي ڪا آڳ ڳوڙهي پٺيان؟
اڳيان ڪو هلي، ماڳ ماڻي، مڃون،
هلي ويندو انڌو به ٻئي جي پٺيان.
ملن مَڻ بخاري نه ٿيان مطمئن،
مُني عمر گذري آ، ماسي پٺيان.
سليم ڳاڙهوي
مان به هن ئي ته ديس جو آهيان
اڄ ڏُکن ۾ ڏُکي رهيو آهيان،
دُود بڻجي، دُکي رهيو آهيان،
هر گهڙيءَ ۾ ڪُسي رهيو آهيان،
حيفُ، حيرانَ ٿي رهيو آهيان،
مان به هن ئي ته ديس جو آهيان.
منهنجي دل جي به آرزو آهي،
مون کي عزت جي جستجو آهي،
مان ڀي منهنجي گفتگو آهي،
سوچجو، سچ چئي رهيو آهيان،
مان به هن ئي ته ديس جو آهيان.
مون نه ڪِينو ڪڏهن ڪمايو آ،
مون نه اخلاص کي لڄايو آ،
مون نه ٻهروُپ ڪو بنايو آ،
پوءِ به صدما پَسي رهيو آهيان،
مان به هن ئي ته ديس جو آهيان.
ڪين ڪنهن سان به دشمني منهنجي،
ديس وارن سان دوستي منهنجي،
امن، اخلاص ۽ خوشي منهنجي،
حق ۽ سچ تي هلي رهيو آهيان،
مان به هن ئي ته ديس جو آهيان.
ديس جي سڪ رکيون اچان ٿو مان،
ديس سان دل ٻکيون اچان ٿو مان،
درس حق جا سکيون اچان ٿو مان،
پنڌ سچ جا پُڇي رهيو آهيان،
مان به هن ئي ته ديس جو آهيان.
مان ته سچ جي طرف سڏيو سڀ کي،
مان ته سڪ سان سڏ گڏيو سڀ کي،
حق جو پيغام ڏئي ڇڏيو سڀ کي،
اڄ ڇو وسريل پکي رهيو آهيان؟
مان به هن ئي ته ديس جو آهيان.
مان به حق جي طلب ڪئي هوندي،
دل دکايل دکي رني هوندي،
ماجرا سا صفا سچي هوندي،
پَر عطا کي سِڪي رهيو آهيان،
مان به هن ئي ته ديس جو آهيان.
بي نيازي روا نه رک مون سان،
سرد مهري روانه رک مون سان،
دلخراشي روا نه رک مون سان،
بي سبب ڇو دکي رهيو آهيان؟
مان به هن ئي ته ديس جو آهيان.
گيت ملت جا مون گهڻا ڳايا،
گيت عظمت جا مون گهڻا ڳايا،
گيت الفت جا مون گهڻا ڳايا،
پوءِ به محروم ٿي رهيو آهيان،
مان به هن ئي ته ديس جو آهيان.
پنهنجي ٻوليءَ کي مان سنواريان ٿو،
باغ بهتر ڀلو اجاريان ٿو،
خون دل جو پيو پياريان ٿو،
جهول ڦاٽل سبي رهيو آهيان،
مان به هن ئي ته ديس جو آهيان.
هن وطن جي ڪري رهيس خدمت،
هن چمن جي ڪري رهيس خدمت،
۽ سُخن جي ڪري رهيس خدمت،
موٽ ۾ ڇا وٺي رهيو آهيان؟
مان به هن ئي ته ديس جو آهيان.
ديس پنهنجو نشان جنت جو،
ديس پنهنجو امين دولت جو،
ديس پنهنجو مشير برڪت جو،
ديس کان ڪجهه گهري رهيو آهيان،
مان به هن ئي ته ديس جو آهيان.
مخدوم محمد امين ”فهيم“
نه بخشيو نيٺ دنيا جي رواجن،
وڃون پيا غرق ٿيو رسمِ جهان ۾.
اسان جي پيار جي اڄ رسمِ قل آه،
ڪيون ٿم بجليون گڏ آشيان ۾،
هٿن سان قرب جي ڪتيءَ کي ٻوڙيم،
پوڻ چاهين نٿي ڪنهن امتحان ۾
طريقو آهي ٿيندو پنهنجو پنهنجو،
سو فرق ايندو نظر هر مهربان ۾،
رکو گلشن جي هرڪا شيءِ سنڀالي،
اسان جو ڇا، اوهان جي گلستان ۾،
محبت کي ڇڏيوسون فرق خاطر،
اهوئي عيب ظاهر ٿيو اسان ۾،
ڇٽيوَ جهڙا سڄڻ تهڙائي آهيون،
ڪو فرق آيو نه ڪو ايندو اسان ۾،
اسان جي پيار جون ڳالهيون ڪندو جڳ،
اسان جو تذڪرو ڪون و مڪان ۾،
فهيم آهي تعجب هن جو مون کي،
اُهو ٿي ويو نه هو جيڪي گمان ۾.
نواز علي شوق
نه ڪو همدرد ۽ همدم، نه ڪوئي رازدان پنهنجو!
ٻڌايان مان ته اڄ ڪنهن کي ٻڌايان داستان پنهنجو!
کلي ٿي خلق جي روئي ڪيون ٿا غم بيان پنهنجو،
انهيءَ حالت ۾ بهتر آ، رهي غم پاڻ سان پنهنجو!
گهڻا مٺڙا تلي جا هار ’همدم‘ مار ٿا بڻجن،
اهي سڀ اجنبي آهن، تون سمجهين ڪو متان، پنهنجو!
مرڻ ويلي اهائي آرزو اي شوق اکڙين ڪئي،
پڇاڙيءَ ۾ ڏسون هڪوار جيڪر جان جان پنهنجو!
مظفر حسين جوش
مهراڻ
وسرن نه ٿا دلين تان مهراڻ جا نظارا،
جي جيءَ جا جياپا، جي ساهه جا سهارا.
اڀري ٿو روز سج ڀي تنهنجي ڀري سلامي،
توسان ٿا چنڊ تارا ٿين رات جو ڪلامي.
سچ چئو اچين ڪٿان ٿو آهين ڪٿي جو راهي،
اي دور جا مسافر، کڻ تو ڪٿي ته ساهي.
مهراڻ! تنهنجي دم سان ٿي زندگي وطن ۾،
تنهنجو ئي پاڻي ڊوڙي ٿو خون ٿي بدن ۾.
کيڏن ٿيون لڪ لڪوٽي مهراڻ تنهنجون ڇوليون،
ڊوڙن ٿيون هڪ ٻئي پٺيان جيئن نينگرين جون ٽوليون.
دل کي سدا وڻن ٿيون مانجهين سنديون تنوارون،
سيني تي تنهنجي سوُنهن ٻيڙين سنديون قطارون.
چمڪن ٿا ڪهڪشان جيان هردم سندءِ ڪنارا،
دامن تي تنهنجي جهرمر لائين ٿا ستارا.
مهراڻ شال تنهنجي قائم رهي رواني،
سنڌ جي آهه تنهنجي دم سان ئي حسن ۽ جواني.
عبدالقيوم صائب
سونهن جا دريا وهن ۽ پيار جون ٻيڙيون ترن،
رات چانڊوڪي هجي ۽ روح رچنديون يار ڪن.
نقش تارن جا نظر پاڻيءَ مٿان جيئن ڪي اچن،
تيئن ڪنول ڪي لاڏ مان، تن کي چمي جهومي اٿن.
ماڪ ڀي وسندي رهي، گل ڀي کڙن، وڻ ڀي ٽڙن.
زندگيءَ جي تازگي محسوس ٿئي، اندر چمن.
گلبدن آپي کان ٻاهر ائين وڃن نڪري ڪ ڄڻ،
مشڪ جي هٻڪار تي بدمست آهوئي ختن.
سر خوشيءَ مان رقص ۾ رهندي اچي خود ڪائنات،
چنڊ اُڀ ۾، گل چمن ۾، مور نت بَر ۾ نچن.
موملون ۽ سوملون سڀ حسن و حرفت جون نقيب،
راڄ راڻا حسن و حرفت تي سدا غالب پون.
ڪنهن جي ڪنهن جي نرڙ تي چمڪن ٿا سجدن جا نشان،
نقشِ پاتي ڪيئن نه جهڪندي انجمن جي انجمن.
حور جنت جي هجي يا قاف جي ٻهڳڻ پري،
محب جي سامهون اهي پاڻي ڀري ڪيئن ٿيون سگهن.
مئي پرستن کي ڏين اهل خرد ڇا جي ميار،
ڀروسو پير مغان تي مَهل سارو ڪن نه ڪن.
ناهه مقتل جي ضرورت، ڏس ته صائب ٿئي ٿو ڇا،
شهر وارا پاڻ ڄاڻي، واٽ ويندي پيا ڪُسن.
شبير هاتف
قطعات
آئون ساڳيو گدائي بوسه لب،
منهنجون آهن گذارشون ساڳيون،
تون به ساڳيو سخاوتن جو بحر،
تنهنجون گهرجن نوازشون ساڳيون.
مون ڏٺا آهن جهان ۾ حسن وارا بيشمار،
ڪن تان چانڊوڪيون فدا ڪن تان فدا رنگِ بهار،
ڪن ۾ پَرين جا مهانڊا، ڪن ۾ حورن جا نشان،
پر مٺي محبوب جي هڪڙيءَ ادا تان سڀ نثار.
ڪانگن جي ڪانءُ ڪانءُ ۾ ڪوئل نه ڪوڪندي،
چٻرا هجن ته باغ ۾ چيها نه چهڪندا.
آداب گلستان ۾ هي ترميم ڪئي اٿئون،
بلبل نه ٿيندي نغمه سرا، گل نه مرڪندا.
محسن ڪڪڙائي
ڪنهن جي سنگت ساءُ ڏنو هو،
آٿت، آدرڀاءُ ڏنو هو.
مون ته ڳُڻن جي ڳالهه ڪئي پئي،
ڳوٺاڻن ڳالهاءُ ڏنو هو.
ڪنهن جي گهايل گهور مون کي،
ڪيڏو گهرو گهاءُ ڏنو هو.
نفرت ٻارڻ ٻاريا ها،
پريت وڏو پڇتاءُ ڏنو هو.
سَچ جي ڳولا، سوُنهن جي ساڃهه،
سنَڌ سنَڌ کي سوداءُ ڏنو هو.
سَچ ڪٿي هو، ”بيٺو نَچُ“،
سَچ ته دُک، ڏولاءُ ڏنو هو.
ياد نه آهه ته ”محسن“ ڪنهن کي،
ڪڏهن به ڪو ايذاءُ ڏنو هو.
انور هالائي
ڪافر ادا جو ڪئن نه پرستار ٿي ويس،
زلفن جي پيچ و خم ۾ گرفتار ٿي ويس.
چانڊاڻ جي تلاش ۾ ٿڪجي ٽٽي ڪري،
انجام ڪار سوءِ شبِ تار ٿي ويس.
پڃرو ڀڳو هزار مبارڪ هي زندگي،
آزادگي ۾ ڄڻ گل و گلزار ٿي ويس.
پيتم مگر کُلي ۽ سر عام مست ٿي،
مخمور چشم ساڻ مان هوشيار ٿي ويس.
جانان وفا وفا ۾ ٿو ڪيڏي دغا ڪري،
ليڪن وفا ۾ آءٌ سزاوار ٿي ويس.
سمجهايو دوستن پر آيو نه هوش ڪو،
نادان بنجي هن جو طرفدار ٿي ويس.
دلبر جي رخ تان زلفِ پريشان هٽائي اڄ،
ولله بي گناهه گنهگار ٿي ويس.
هن دوستيءَ ۾ روپ ڏٺم دشمني سندو،
ايفائي عهد هوندي خطا وار ٿي ويس.
تنهنجو ئي ذڪر ڄاتو سدا مون عبادتون،
اهڙي طرح لوڪ ۾ نروار ٿي ويس.
هن جي دغا فريب کليا نيٺ ڪنهن طرح،
ڏاڍو چڱو ٿيو جو خبردار ٿي ويس.
ڄاڻي واڻي لٽائي ڇڏيم پنهنجو پاڻ کي،
عشقِ بتان ۾ دوستو ڄڻ ٻار ٿي ويس.
اهڙو به فيض ڪنهن کي ٿو مشڪل ملي،
سگهي، ”انور“ نگاهه نور سان انوار ٿي ويس.
ولي محمد وفا
زير سايهء بهار سمهنداسين،
ٿيو جي حاصل قرار سمهنداسين.
سوزشِ دل به دوستو گهٽجي،
گهٽجي غم جو غبار سمهنداسين.
[
ڪيسين جاڳائيندين غمِ هجران،
هڪ ڏينهن زيرِ مزار سمهنداسين.
تنهنجي يادن کان ڇوٽڪارو نه آهه،
خاڪ سک سان اي يار سمهنداسين.
نيٺ اي دل گذرندي شام جو غم،
نيٺ ورندي بهار سمهنداسين. |