آثم ناٿن شاهي
نه ڪو سَڏُّ اڀريو، نه گونجيو پڙاڏو،
رڳو پورُ پولارُ ڏسجي ٿو آڏو.
هٿين خالي، هيکل، جيئن جنگ ۾ مون،
ڏنو آ سدائين مِرُنُ سان مُهاڏو.
جي ڏاڍا ها، تن حق منهنجا ڦَٻايا،
هُئو هونءَ ته سڀني جو هڪڙوئي ڏاڏو.
لڳي ٿي ڪا سازش مونکي هيءُ ڪهاوت،
سڀاڳن جو ٿئي ٿو ڍُڪو پاڏو پاڏو.
هَجي موقعو مرَتئي جي لکڻ جو،
ته ڪيئن ساٿيو! مان لکان ويهي لاڏو؟
ڇَٻَر ريءَ ٻيو گهر ۾ هوندن ڇا، ’آثم!‘
کَٿِي ۽ کُرئٻي جو کنيو جو کُراڏو.
تاج جويو
ڏات ڪويل! ڪُوڪ ڪوڪ،
آءُ ! ڪوتا ڏارَ تي.
اُڀُ آرتو سوچ جو، ڳاءِ! ڌُنَ ملهار تي.
ياد جون ٽليون وڳيون، اڄ پرينءَ جي پارَ تي.
خيال جا پوپٽ اُڏيا، ڇير جي ڇمڪارَ تي،
نيڻ ڪيئن ٻوُٽيان، ڏَسيو! ڀونءِ جي ٻاڪارَ تي،
ڪو ته ڀارِي قرضُ آ، تاج! سرجڻهار تي!
حمد خان آصف مصراڻي
نعت نبي
ڪيڏي نه شرف ۽ شان ڀري ٿي ذات مديني واري جي،
الله به عرشن تي ٿو پڙهي صلوات مديني واري جي.
اسلام مديني واري جو قرآن مديني واري جو،
ڪعبو به مديني واري جو عرفات مديني واري جي.
فارانءَ تان رحمت جا بادل اتر به ويا ڏکڻ به ويا،
مشرق کان وٺي مغرب تي اُٺي برسات مديني واري جي.
اسلام جو بالا بول ٿيو توحيد جو هرجا ٻول ٿيو،
دلين جي گهرن ۾ گهر ٺاهيو هر بات مديني واري جي.
توريت زبور انجيل ويو قرآن ته دائم قائم آه،
سِينَنِ ۾ سمائي سڪ وارن سوغات مديني واري جي.
دشمن کي دعائون مليون ٿي ويرن تي وڏائي وڙَ ٿي
ٿيا،
جن ڪنڊا ٽنبيا تن کي ڏيڻ گل ڏات مديني واري جي.
معراج تي احمد احد هليا پر وقت جي ڪابه خبر نه
رهي،
ٿي پورن ارڙهن سالن جي هڪ رات مديني واري جي.
حسنين ۽ تن جو سٿ سڄو قربان ڪيائين راهه خدا،
ڪربل ۾ ڏسي ها ڪو ته اچي خيرات مديني واري جي.
محشر ٿو ٻجهي پر اي آصف ڊپ ڊاءُ نه ڪر وهلور نه
وڃ،
هڪ هوندو خدا جو فضل و ڪرم
ٻي ذات مديني واري جي.
ميرل فقير جويو
عشق ڪيتا اعلان جڏان، اسان مست مگن مخمور ٿي ڳئي،
ڦٽ ڇُٽي فراق والي، جيڪي آهن صفا ناسور ٿي ڳئي،
دلبر آڪي ديد ملائي، عشق والي آهور ٿي ڳئي،
ڀورل بره دي بيک ڏيتي، بيحد هون ڀرپور ٿي ڳئي،
لا علاج دا علاج ٿيا، درد سڀيئي دور ٿي ڳئي،
’ميرل‘ ساڏي بيت سرائڪي، مُلڪان وچ مشهور ڳئي.
احمد خان ”مدهوش“
غزل
توبهه ڀَڃي وڌم، ته به رحمت خفا نه ٿي،
ايڏي گناهه هوندي، نوازش قضا نه ٿي.
سو ڏينهن ياد ناهه جو مون کان خطا نه ٿي،
پر، هي به ياد ناهه جو توکان عطا نه ٿي.
منهنجا گُنهه شمار ڪرڻ کان وڌي چُڪا،
تنهنجي عنِايتن ۾ ڪمي ڪابه ڪانه ٿي.
توکي ڪريم ڪير سڏيندو جهان ۾،
مقبول تنهنجي در تي آگر التجا نه ٿي.
وهمن ۾ مبتلا ٿي گذاريو سدائين جنهن،
تنهن بدنصيب دل جي ڪٿان ڀي دوا نه ٿي.
سائل جي هڪ سوال ساڻ جهولي ڀري ڇڏيئه!
ڪنهن کان سگهي ڪڏهن به آ ايڏي سخا نه ٿي.
تيرِ نظر سان جُنبشِ آبرو به هئي مگر،
ناحق ڪُٺل جي خون جي ڪنهن کان پڇا نه ٿي.
شيطان برغلايو گهڻوئي مون کي ته ڀي،
”مون کان ڪڏهن به نمازِ محبت قضا نه ٿي.“
”مدهوش“ کان ڪڏهن به نه ٿي ڪا مُنافقي،
ها، ٿي ته نا نه ٿي ۽ جي نا ٿي ته ها نه ٿي.
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
وائي
ايڏي دير نه لاءِ پرين،
ائين نه تون تڙپاءِ پرين،
دل ۾ دردن ديرو لاتو، لالڻ سي ته لڏاءِ پرين،
ائين نه تون تڙپاءِ پرين
هيءَ حياتي ٿوري آهي، ويلو ڪين وڃاءِ پرين،
ائين نه تون تڙپاءِ پرين.
توبن ڪنهن ۾ لڳي نه دلڙي، شوق انهي کان ڇڏاءِ
پرين،
ائين نه تون تڙپاءِ پرين.
ايندين ايندين ڪين ڇڏيندين، جيءُ ۾ تنهنجي جاءِ
پرين،
ائين نه تون تڙپاءِ پرين.
ادل سومرو
گيت
مان ڳائڻ ٿو چاهيان،
ٻڌائڻ ٿو چاهيان،
ته مان تنهنجو آهيان،
ٻئي ڪنهن جو ناهيان.
نڪي شان چاهيان،
نڪي مان چاهيان،
فقط تنهنجو خادم،
سڏائڻ ٿو چاهيان،
مان ڳائڻ ٿو چاهيان.
دنيا کان مٺڙا!
ڊڄان ڪين ٿو مان
نه ئي پيار تنهنجو،
لڪائڻ ٿو چاهيان،
مان ڳائڻ ٿو چاهيان.
ڏکن ۾ سُکن ۾،
مان پنهنجن پکن ۾،
تو سان نينهن پنهنجو،
نڀاهڻ ٿو چاهيان،
مان ڳائڻ ٿو چاهيان.
اياز گل
وائي
عشق اسان جو آرسي،
پٿرَ لوڪُ سڄو.
جڏهن به مان سچ سان
آهي لِڇ ڳنڍي،
پٿرَ لوڪُ سڄو.
جاڳندي جو خوابُ آ،
تُنهنجي مُنهنجي زندگي،
پٿرَ لوڪُ سڄو.
درد پرائيندين پرين!
مو سان واٽ رکي،
پٿرَ لوڪُ سڄو.
ڪيئن لِڪائي سگهبي؟
خوشبوءِ ۽ خوشي،
پٿرَ لوڪُ سڄو.
سوز هالائي
روز جنهن جاءِ تان گذر آهي،
تنهنجو گهر جو اُتاهين در آهي.
تو ڏسي در کي بند ڪري ڇڏيو،
تنهنجي دل آهه يا پٿر آهي.
مان اڪيلو هجوم ماڻهن ۾،
ڪيترو اوپرو شهر آهي.
مان اڃا ڀي گهڻو روئي سگهندس،
منهنجي نيڻن ۾ جام جَرُ آهي.
جنهن ۾ ڪوئي نه آيو کن پل لئه،
من ته ڪو انتظار گهر آهي.
مهر پروين
ڪافي
پياري پرينءَ کي پوڪاريان ڀڻي مان،
سڄڻ يار کي نت نهاريان ڀڻي مان!
جدائيءَ ۾ تنهنجي ڪيئن ڏينهڙا لنگهي ويا،
جدا تنهن کان رهندي، وڇوڙا ونگي ويا،
سدا ساٿ ان جي کي ساريان ڀڻي مان.
سڄڻ يار سنبهي سفر ويا سويلا،
سوا تن جي گهارڻ پيا ڏينهڙا اڪيلا،
هنجهون هجر ۾ روز هاريان ڀڻي مان.
وڇوڙي ۾ گذري ويا ڪيئي ويلا،
ملن محب مشفق ٿين موٽي ميلا،
دلاسن سان دلڙي ڌتاريان ڀڻي مان.
ج. ع منگهاڻي
ديپ ٻاري ساهه جا سڀ سرسلا جاري رکون
ٻاٽ ۾ ڪا واٽ ڳولي ڏيندو ناهي ڪوئي رڻ،
پاڻ پنهنجي سوچ تي ڪو پاڻ ئي چاري رکون،
ديپ ٻاري ساهه جا سڀ سرسلا جاري رکون.
موتئي جي مهڪ جهڙي سونهن سڀ ساري رکون،
مان ڪنهن موقعي تي ميلاپن جو ملي ٽيم ٽڻ،
ديپ ٻاري ساهه جا سڀ سرسلا جاري رکون،
ٻاٽ ۾ ڪا واٽ ڳولي ڏيندو ناهي ڪوئي رڻ.
ذوالفقار سيال
وري ظلم جي انتها ٿي وئي آ،
وري ڪربلا ڪر موڙي اٿي آ.
وري حق چوڻ تي لڳو آهي پهرو،
وري ڪا سسي سچ واري وڍي آ.
وري ڳوٺ جا ڳوٺ ميسارجي ويا،
وري تير نيزي جي بازي لڳي آ.
وري يار معصوم رستن تي رليا،
وري لانڍ لاشن جي ڏاڍي وڏي آ.
وري آئي خوشبو، لهو آهي وکريو،
وري ڪنهن انڌيري جي چادر ڪڍي آ،
وري ونگ وحشي وجهن لوڪ تي ٿا،
وري بيگناهن تي ڪاوڙ متي آ.
اوهان وٽ ڪائي ڇانو هوندي ته هوندي،
اسان وٽ اڃا ذلف هي ڌرتتي آ.
پشپا ولڀ
مان چاهيان ٿي...
منهنجون همدرديون
منهنجون وستيون
منهنجي هڙ ۾ جيڪي خوشيون آهن
دنيا جي اهڙن ماڻهن کي مِلن
جن جڏهن خوشيون پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي
ته اُهي ڪنهن منچلي پوپٽ وانگر
ٻئي ڪنهن سُندر گل تي وڃي ويٺيون
جن هميشه گُلن جا سَپنا ڏٺا
رتورت پنهنجا هٿ ڪيا
جڏهن جڏهن محبت ڪيائون
زخمي پنهنجي دل ڪيائون
منهنجي حصي جون سڀ خوشيون
منهنجي حصي جا سڀ گُل
منهنجي حصي جون سڀ محبتون
شل انهن کي مِلن.
واجد
ٺڳيو ٺڳ وڃن،
وٺيو وڳ وڃن.
ڳهن جي ڳڀرو، کڻيو کڳ وڃن،
اوتيندي، اڳرا، ڀريو مڳ وڃن.
فريبي، ڦوروُ، ساڙيو سڳ وڃن.
پيرن تي پيئي، لاهيو پڳ وڃن
ڳولائو ڳڻ جا، مَٽيو جڳ وڃن.
آءٌ پڻ اوڏانهن، جيڏانهن وڳ وڃن.
الحاج رحيم بخش ”قمر“
آئي رُت بسنت جي، جنت ٿي سڀ جوءِ،
اچي خوب عجيب جي، باغن منجهان بوءِ،
راحت ڏني روح کي، رحيم بخش روءِ،
کڙيا ڪري کوءِ، غُنچا گلستان ۾.
غُنچا گلستان ۾، ٽاريون اڄ ٽهڪن،
ڏاڙهون، انب انگوريا، مکڙيون پڻ مهڪن،
سڄڻ تيئن ساريان گهڻو، چيها جيئن چهڪن،
ٻوٽا سڀ ٻهڪن، آئي رت بسنت جي.
آئي رُت بسنت جي، ساوڪ ڪئي سرهاڻ،
ميلو ٿئي محبوب سين، ههڙيءَ رت ۾ هاڻ،
رحيم بخش رهاڻ، ٿئي ڪاش! قريب سين!
گل ٽڙيا، غنچا ٽڙيا، ٽڙيا ڪنول ڪثير،
سڪا وڻ ساوا ڪيا، قادر رب قدير،
ٿيو ساهه سُڌير، پرين آيو پير ڀري!
گڏجي گلستان ۾، ڪريون روح رهاڻ،
گل، ڦل، غنچا ٽڙيا، ساجن ساوڪ ساڻ،
ساوڪ ۽ سرهاڻ، ”قمر“ ملهايون قرب سين!
ڀلي رُت بسنت جي، ساوڪ جنهن ۾ سونهن،
ڪريون اڄ ”قمر“ چئي، وڻ وڻ هيٺ ورونهن،
دور دلين تان دونهن، وهلو ٿئي وصال سين!
گُل ٽڙيا، غنچا ٽڙيا، چيها چکن چاش،
ميلو ٿئي محبوب سين، ”قمر“ چئي ڪاش،
ههڙي رُت ۾ ڪاش، گڏجي رهون گلستان ۾.
اسحاق ”راهي“
بازار محبت ۾ طلبگار ڏٺاسين،
سورن جا گهڻائي ته خريدار ڏٺاسين.
زلفن جون چڳون لڙڪندي ڄڻ مار ڏٺاسين،
نانگن جي زمين ڄڻ ته هي رخسار ڏٺاسين.
تعريف بجا آهي ڪرڻ زلف سندس جي،
گيسوئي صنم واهه جو خمدار ڏٺاسين.
مخمور سندس بزم ۾ هر رند ڏٺوسين،
مي ناب ڏٺِي سين ۽ ڪي ميخوار ڏٺاسين.
غنچو مان چوان يار جي رُخ کي يا گلستان،
قدرت جا چٽيل رخ تي ڪي جنسار ڏٺاسين،
گل يار جي مکڙي تان فدا ٿيندا ڏٺاسين،
چهري ۾ سمايل ڪيئي گلزار ڏٺاسين.
ميخانو ڪري صدقي ڇڏيان چشم بتان تان،
خمخانه نگاهن ۾ ئي هربار ڏٺاسين.
دريائي محبت ۾ گهڙڻ وارا اي همدم،
سهڻيون ٻه ڏٺيونسين ۽ ڪي ميهار ڏٺاسين.
هر وقت محبت ۾ سهي صدما وڌياسين،
الفت ۾ نوان عشق جا آزار ڏٺاسين.
مسجد ۾ ۽ مندر ۾ ڪليسا ۾، حرم ۾،
تنهنجي ئي ڪرم لاءِ گنهگار ڏٺاسين.
الفت جي شڪنجي ۾ اچڻ وارا يقينآ،
ڪي تخت نشين ۽ ڪي سردار ڏٺاسين.
ٻانهپ ۾ صنم تنهنجي مگر ڇا نه ڏٺاسين،
نادار ڏٺاسين ۽ ڪي زردار ڏٺاسين.
مجنون ۽ فرهاد ۽ ”راهي“ جي نظر سان،
دنيا ۾ عجب عشق جا اسرار ڏٺاسين.
اسد جمال پلي
پنهنجن پورن وارا آهيون،
ڏاڍا کهرا کارا آهيون.
ڪو ته اسان کي پيار ڪري ٿو،
ڪنهن جا جيءُ جيارا آهيون.
جن سان روح رهاڻيون ڪيئي ٿي،
ساڳيائي تو وارا آهيون.
انت اسان جي قرب جو ڪونهي،
سانوڻ جا وسڪارا آهيون.
اک نه ٻڏي ٿي ڪنهن ۾ ليڪن،
تو سامهون ويچارا آهيون.
ڪو ته تڪي ٿو راهه اسان جي،
ڪنهن جا ساهه سهارا آهيون.
جيڪي تنهنجي گهر تي اڀرن،
ٽيڙو، چنڊ، ستارا آهيون.
تنهنجي ڪارڻ آهه حياتي،
تو لئه جيون ڌارا آهيون.
مقصود گل
ڪيڏو سستو سودو مون سان يار ڪري ويو آهي،
پنهنجا درد ڏئي هو مون کان چين کسي ويو آهي.
ڪيڏو ويچارو ٿي جڳ ۾ گهاريندو سو هوندو،
ٻار، جنهين جي ماءُ کي ٻيو ور ڪنوار ڪري ويو آهي.
ٻين جا درد رهائي دل ۾، ڪيئن ٿو ٻهڪي ويٺو،
سچو شاعر پنهنجي دل جا گهاءَ ڀري ويو آهي.
اونداهيءَ جي دل ٿي ڌڙڪي تاري لاٽ ڪئي آ،
ٽانڊاڻي جو ٽمڪو هن جو هانءُ ڦٽي ويو آهي.
آسروند ٿي ويهه نه ڪنهن لئه پير پٿاري ڀورا،
منزل دور اڳيئي ڪافي وقت لنگهي ويو آهي.
هيءَ فضا ۾ اڇا بج ٿا ڇاجي ڪاڻ اڏامن؟
سوچي ڏس تون يار ڪبوتر، باز جهٽي ويو آهي.
ٻين تي ويسا گهاتي جو چئه ڪهڙو ڏوهه ڏيون جو،
پنهنجو هٿ ئي پنهنجي واتان ڄڀ ڪپي ويو آهي.
بي پاڙيءَ ڏس پاڙن واري وڻ جو ساهه سڪايو،
بي بنيادو ڏسجو ڪيڏو ساهه پٽي ويو آهي.
نينگر تيلي ٻاري آهي، بجلي ڪونهي ڪڙڪي!
ڇو اوندهه جا پربت تنهنجو ساهه ڇڏي ويو آهي.
نفرت جا هت ڪنڊا ڪيئي، الفت جا ”گل“ ڪونهن،
ڪانڊيري جو ٻج ڪو گهر گهر منجهه ڇٽي ويو آهي.
مختار گهمرو
ياد ٿي هڪڙي دفعي تو هو چيو،
”ڏس پرين آ پيار تنهنجو ڪيترو.“
مون چيو، ”منهنجا مٺا ڪاٿو نه آ،“
”ڪير ڌرتيءَ جو ڪڇي ايندو ترو.“
”ڇڏ پڪائي؟ ڏس ڏکڻ چؤ هيترو،“
مون چيو، ”هالار آ جيڏو ڳرو“
ڇو ڀلا اڄ فلسفو ڇيڙيو اٿي،
مون چيو، ”آ سمنڊ جيڏو ويڪرو.“
تنگ ٿي پاسي ڪيو منهن تو پرين،
ڄڻ ته ٿي وئين منٽ ۾ تون اوپرو.
روپلي جو چاهه، ڌرتيءَ سان ڀلا، مون چيو،
”مون کي مٺو آن ايترو.“
مرڪ تنهنجا چپ چميا جلدي پرين،
ڄڻ صبح جو ويو پکڙجي سوجهرو.
ڀل ڪنڊا ڪوئي وڇائي راهه ۾،
پيار جو ڇڏڻو نه آهي پيچرو.
ويسلو ٿي ويهڻو ناهي مٺا،
پنڌ آ ”مختار“ ٿورو پرڀرو.
نظام زائر
گل ڇو زخمي زخمي آهن،
هي ڀي شايد پريمي آهن.
ڪنهنجي ڪنهنجي ڳالهه ڪيان مان،
سڀ جا سينا ڇلني آهن.
ڪير مري ٿو ڪنهن جي خاطر،
ڳالهيون سڀ هي رسمي آهن.
شاهه سچل جي شعرن بدران،
گيت اسان وٽ فلمي آهن!
جن کي چاهي هرڪو دل سان،
اهڙا ماڻهو لڪِي آهن.
دل جا صاف ۽ سادا ماڻهو،
دنيا لئي دلچسپي آهن.
”زائر“ تن جو يار نه ڪوئي،
هوندا جيڪي شڪِي آهن.
مخدوم جميل الزمان ”جميل“
غزل
دل مان اچي ٿي بوءِ جلڻ جي وري وري،
آڙاهه ڪو ته آهي اجهاڻو ٻري ٻري.
گل جي عوض ڪنڊن سان ئي جهولي ڀري اٿم،
زندهه رهڻ سکي ويو آهيان مري مري.
هر ڳالهه ڪيسين تائين ڏکوئيندي، دوستو!
آخر ته ختم ٿيندو هي احساس ڪمتري.
جٿ ڪٿ ٻڌون ٿا ظلم و تشدد جا داستان،
هي پنهنجو دؤر آهي ٿيو، دؤر، بربري.
پهرين وفا جي راهه مٿي گامزن ڪري،
پر دل کي عقل و عشق چون ٿا چري چري.
جيڪو قدم کڻان ٿو، سو منزل ڏي ٿو وڃي،
رستن شروع آهه ڪئي منهنجي رهبري.
حيرت زنده رهان ٿو، زماني کان اي ”جميل“،
مون کان سواءِ منهنجي ستمگر جي ڪيئن سري.
”گل“ ٻرڙو
زلف تنهنجو ٿو فضا کي به پريشان ڪري،
چنڊ بيٺو آ ڪڪر ڄڻ ته نگهبان ڪري.
مون ٻڌو آ ته سڄڻ آهه ڪرم تي مائل،
جي ائين آ ته اسان تي به ڪو احسان ڪري.
ڇو سڄي شهر ۾ در ڪوبه ڪونهي ڪو،
ڇو زمانو ٿو ائين شهر هراسان ڪري،
فرض بيٺو آ، محبت جي مقابل ليڪن،
عشق دم دم ٿو محبت کي درخشان ڪري.
ڪو چوي پيو ته محبت ٿي اُجاڙي دنيا،
عشق صحرا ۾ به پيدا ٿو خيابان ڪري.
هوُ ستمگر آ ستم ئي آ سندس شيوو،
ڪوئي آهي جو ستمگر کي پريشان ڪري.
مون کي حيرت آ ڏٺو هن به وڏي مهر سان اڄ،
منهنجو مولا ٿو پٿر دل کي مهربان ڪري.
ڇا ڪندو ”گل“ جي زماني ۾ اڪيلو هوندو،
شال الله سڄي جڳ کي گُلستان ڪري. |