سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2-  1987ع

مضمون

صفحو :16

هي بهرحال پوري لسٽ نه آهي ۽ شايد سنڌ ۾ سيد محمد پنهنجن مريدن ۽ حامين جو وڏو حلقو پيدا ڪيو ڏسجي ٿو. جيڪڏهن مٿي ذڪر ڪيل بزرگن جي سوانح جو ڳوڙهو اڀياس ڪيو وڃي ته ممڪن آهي ته، ٻين به ڪيترن ئي صوفين ۽ بزرگن جا نالا معلوم ٿي وڃن، جن مهدوي عقيدي کي قبول ڪيو هو يا وري مهدويت سان سندن همدردي هئي.

سنڌ ۾ سيد محمد جي مڃتا ۽ مشهوري جا ٻه مثال ڏجن ٿا، جهن ذريعي هتي سندس ڇڏيل اثر جي گهرائي آڏو اچي ٿي. هڪ مثال ته هي آهي جو سنڌ جا ماڻهو کيس عزت ۽ تڪريم مان ”مير مهدي“ سڏيندا هئا.(17) عام طرح اهڙا لقب انهن لاءِ هوندا آهن، جن کي وڏي مڃتا ملي هجي ٿي. ٻيو مثال سندس نالي پٺيان ٺٽي جي آسپاس ۾ هڪ ننڍڙو ڳوٺ منسوب ڪرڻ جو آهي. ميران مهدي ڪجهه وقت ”جهوڪ ڳوٺ“ ۾ رهيو هو، جنهن کي پوءِ ميران جي نسبت ساڻ ”ميران پور“ نالو ڏنو ويو.(18) خاطري آهي ته هڪ جاءِ، جنهن کي هڪ مذهي طريقي جي باني جي نالي منسوب ڪيو وڃي، اها ڪجهه وقت لاءِ ان فرقي جي تبليغ جو مکيه مرڪز رهي هوندي. ٺيڪ هڪ صدي پوءِ ساڳي جاءِ هڪ ٻئي صوفي شاهه عنايت الله(19) جي سرگرمين جي مرڪز بني. ان وقت تائين شايد مهدي اثرات ختم ٿي چڪا هجن.[1]

سنڌ ۾ رهڻ دوران سيد محمد مڪلي ٽڪريءَ جي جنهن جاءِ تي رهيو، بعد ۾ سندس مريدن ان کي مقدس سمجهي محفوظ ڪيو ۽ سيد محمد يوسف رضوي بکري اتي پنهنجي رهائش اختيار ڪئي.(20). مهدوي فرقو صرف ٺٽي تائين محدود رهيو، باقي سڄي سنڌ ان جي اثر کان گهڻي ڀاڱي محفوظ رهي.

پوئين زماني ۾ ڪلهوڙا حڪمرانن به، سيد ميران محمد سان پنهنجو لاڳاپو ظاهر ڪيو ٿي. ميان نور محمد ڪلهوڙي ”منشور الوصيت“ ۾ هي ماتم ڪيو آهي ته ان قسم جو خانداني رڪارڊ سندس ڪتبخاني ۾ هو، جيڪو نادر شاهه ايراني پاڻ سان کڻي ويو.(21).

مهدويت جا ڪجهه آثار اسان کي اڄ سوڌو سنڌ ۾ ملن ٿا، ڪراچيءَ جي ٻهراڙين ۾ لانڍي وٽ هڪ ننڍڙي بستي ”ذڪري ڳوٺ“ جي نالي سان موجود آهي.(22) ڪراچي جي ”مهدوي ذڪر انجمن“ شايد مهدويت جو سنڌ ۾ آخري نشان آهي.(23)

جن بزرگن سنڌ توڙي هند ۾ هن طريقي جي واڌاري تي نگاهه پئي رکي آهي، انهن ۾ شيخ علي متقي جون ڪوششون نمايان آهن. هو مڪي ۾ رهندو هو ۽ چيو وڃي ٿو ته ابتدا ۾ مهدوي عقيدو قبول ڪيائين، پر بعد ۾ تمام جلد ان کي ڇڏي ڏنائين(24). ان کان پوءِ هن مهدويت خلاف ”البرهان في علامات المهدي“ ۽ ”الهرد المهدية“ جي نالن سان ٻه ڪتاب پڻ لکيا (25). هنن ڪتابن لکڻ وقت هو مڪي ۾ ڪجهه ناليرن سنڌي عالمن: قاضي عبدالله سنڌي (26)، شيخ عبدالل متقي سنڌي بن سعد الله (27)، ۽ شيخ محمد طاهر پاتڻي (29)- جي صحبت ۾ ڏسجي ٿو.

حاشيا ۽ حوالا

(1)  اهو چٽو ڪونهي ته انهن ماڻهن واقعي مهدوي طريقي کي ڇڏي ڏنو يا نه؟ ”انصاف نامه“ ۾ بيان ڪيل آهي ته جڏهن بيبي شڪر خاتون ۽ ٻين ماڻهن جو ميڙ گجرات موٽيو، تڏهن سيد محمد جي معتبر مريدن مان ميان نظام، جيڪو ساڻن گڏ هو، تنهن ٿورو اڳتي هلي انهن ماڻهن جي رقم جيڪا ندي ٽپڻ لاءِ پتڻ واسطي گڏ ڪري کيس ڏني هئائون، سا هو ڦٻائي ويو. جڏهن هن واقعي جي خبر سيد محمد کي پهتي، تڏهن پاڻ سندس تائيد ڪيائين، ڇو ته انهن ماڻهن سندس عقيدو ڇڏيو هو، سي ان وڙ جا لائق هئا (سيد محمد جي نظر ۾) ”انصاف نامه“ بهرحال ڳالهه کي منجهايو آهي، جڏهن هو لکي ٿو ته انهن ماڻهن عقيدو نه ڇڏيو، پر سيد محمد جو ساٿ ڇڏي پنهنجي ڪٽنبن ڏي گجرات وڃڻ چاهيائون ٿي (ڏسو: ”هديه مهديه“، از ابورجا شاهجهانپوري، ص 157، ڪانپور 1867ع).

(2) مير معصوم ”تاريخ سنڌ“ ص 201؛ رحمان علي ”تذڪرة علماءِ هند“ ص 166، لکنو 1894ع: ”نزهته الخواطر“ جلد چوٿون، ص 266؛ ”تحفة الڪرام“ ص 35، 137 ۽ 138؛ ”هاديه مهديه“ ص 28.

(3) ”هدايه مهديه“ ص 28، 131 ۽ 232.،

هي ڪتاب سيد قاسم سن 1016هه ۾ تيار ڪيو، جيڪو سيد محمد جو پڙپوٽو هو.

(4) ”هديه مهديه“ ص 28، 130 ۽ 131؛ ”تحفة الڪرام“ ص 35؛ ”تذڪره علماءِ هند“ ص 205، ”نزهته الخواطر“ جلد چوٿون، ص 323،

(5)  رحمان علي موجب انهن جو ڳاڻيٽو اٺ سئو هو (”تذڪره علماءِ هند“ ص 201)

(6) انهن مان هڪ حاجي محمد فراهي (يا شيخ محمد خراساني) به هو. ان ويهه سال پوءِ مهدوي روايتن موجب خاطري سان ”عيسى“ هجڻ جي بيهودي دعوا ڪئي. ان وقت تائين سنڌ ۾ ارغون راڄ قائم ٿي چڪو هو. هن دعوا کي ڪوبه وزن نه مليو ۽ سنڌ جي حڪمران جي حڪمن تحت کيس قتل ڪيو ويو. سيد محمد کان پوءِ سندس جانشين سندس پٽ سيد محمود بنيو، ان به ماڻهن جو لشڪر موڪليو ته وڃي ان داعي کي قتل ڪيو، پر سندس خاتمي جو ٻڌي اهي واپس موٽي ويا. (”انصاف نامه – پنج فضائل“ سيد ولي بحواله ء ”هدايه مهديه“ ص 160، 121، 232 ۽ 233)

(7) شاهه بيگ خواجه عبيدالله احرار سمرقندي جي پٽ خواجه عبدالله جو پوئلڳ هو. کيس اسلامي تصوف، مذهب ۽ قانون تي سٺي مهارت حاصل هئي. هو عالمن جي صحبت کي پسند ڪندو هو ۽ هفتي ۾ ٻه ڀيرا ساڻن مذاڪرا ڪندو هو (”تاريخ معصومي“ص 6- 127)

(8) ”شواهد الولايت“ بموجب ”هديه مهديه“ ص 138.

هي ڪتاب سيد خوند مير جي پڙپوٽي برهان الدين 1052هه ۾ تيار ڪيو. هڪ ٻئي مهدوي ذرعي ”مالة الولايت“ موجب، بادشاهه خود پوڙهو ٿي چڪو هو، سو ڏهن منزلن بعد وفات ڪري ويو (هدايه مهديه“ ص 138)

(9) هن جو نالو فريد الدين احمد تغنازاني هو. هو دعوا بهرحال وزن جوڳي نه آهي، ڇاڪاڻ ته سندس مذهبي خيالن سبب، آخرڪار هو شاهه اسماعيل صفوي هٿان قتل ٿي ويو هو.

(10)                      ”هدايه مهديه“ ص 94 ۽ 186.

(11)                      ”تحفة الطاهرين“ ص 177 ۽ 178 ۽ حاشيو (مضمون ”طاهر پاتڻي“ از ابو ظفر ندوي)، ”معيار سالڪان طريقت“ (برٽش ميوزم)

(12)                      ”هدايه مهديه“ ص 25؛ ”تذڪره علماءِ هند“ رحمان علي، ص 199.

(13)                      ”تحفة الڪرام“ ، ”تحفة الطاهرين“ ص 177 -179.

(14)                     روايتن موجب هي سيد محمد جو پهريون مخالف هو (”تذڪره علماءِ هند“ تڪمله) ”نزهته الخواطر“ جلد چوٿون، ص 158، حيدرآباد دکن 1947ع؛ مضمون ”تذڪره محمد بن طاهر پاتڻي“ از ابو ظفر ندوي (حوالو: ”تحفة الطاهرين“ حاشيو ص 179)، ”معيار سالڪان طريقت“ (برٽش ميوزم)

(15)                       ”تحفة الڪرام“، ص 172، 203 ۽ 247؛ ”تحفة الطاهرِين“، ص 87؛ ”تذڪره صوفائي سنڌ“ ص 232، از اعجاز الحق قدوسي.

(16)                      ”تحفة الطاهرين“ ص 59 ۽ 60؛ ”تحفة الڪرام“ ص 250؛ ”معيار سالڪان طريقت“ (برٽش ميوزم)

(17)                      ”تاريخ سنڌ“ ص 201؛ ”تحفة الڪرام“، ص 55.

(18)                     هي ننڍڙي بستي بٺوري پرڳڻي ۾ غازياه نهر تي موجود هئي (”مقالات الشعرا“، ص 29؛ ”تذڪره صوفائي سنڌ“ حاشو 2، ص 137).

(19)                      مقالات الشعراء تحت نواب اعظم خان.

(20)                     ”تحفة الطاهرين“، ص 87 ۽ 88؛ ”تذڪره صوفائي سنڌ“، ص 235 ۽ 236..

”منشور الوصيت“ جو قلمي نسخو پير حسام الدين راشدي وٽ آهي (هاڻي ڇپجي چڪو آهي. مترجم)

(21)                      ”تذڪره صوفائي سنڌ“، ص 236 ۽ 237، حاشيو.

(22)                     ”ذڪر“ مهدوي فرقي جو هڪ اهم بنياد آهي (”هدايه مهديه“، ص 4-19، ڊاڪٽر ايس ايم اڪرام ”رود ڪوثر“ ص 22)

(23)                     ”رود ڪوثر“، ص 26.

(24)                    ”زاد المتقين“ از عبدالحق دهلوي (برٽش ميوزم)، ورق 36 الف، ۽ پڻ ڏسو ”نزهة الخواطر“ جلد چوٿون، ص 244.

(25)                     ”زاد المتقين“، ورق 39 الف.

(26)                    ”زاد المتقين“، ورق 126؛ ”نزهة الخواطر“، ص 202، جلد چوٿون؛ ”تذڪره علماءِ هند“ تڪمله.

(27)                     ”زاد المتقين“، ورق 1716؛ ”نزهة الخواطر“، ص 205؛ ”تذڪره علماءِ هند“ تڪمله.

(28)                     ”زاد المتقين“، ورق 1716؛ ”نزهة الخواطر“، ص 112 ۽ 205؛ ”تذڪره علماءِ هند“ تڪمله.

(29)                    ”نزهة الخواطر“، ص 298 – 300.

ڪهاڻيون

 

-- ”او سنڌو! تون ستن سهيلين سان گڏجي وهين ٿي ۽ ساڄي کان ڪَڀا (ڪابل)، گومتي (گومل) ۽ ڪرهو (ڪرم) توسان گڏجي هلن ٿيون!

-- ”او سنڌو! تون شفاف، صاف ۽ چمڪندڙ امرت جهڙو پاڻي کڻي ميدان لتاڙين ٿي. او سنڌو! او مها سيناپتي! تنهنجي تيز رفتار جو منظر پروقار ۽ شاندار گهوڙيءَ وانگر آهي!

-- ”او سنڌو! تون سوڀياوان راڻيءَ وانگر رَٿ تي سوار آهين. ٻيون نديون گهوڙن وانگر تنهنجي رَٿ ڇڪين ٿيون. تنهنجي ڳلي ۾ سونيون ۽ سُندر مالهائون پيل آهن، جي توکي غنيمت جي مال وانگر هٿ لڳيون آهن. تو وٽ سونُ، ڪَپهه، اناج ۽ خوشبودار گل ڦل آهن. تنهنجي ڪَپن تي سُرها گل ۽ اوڀڙ اُڀرن ٿا.

-- ”او سنڌو! اوسوڀياوان! تنهنجي پوشاڪ لال ڪنوار وانگر گلن مان ٺهيل آهي. تنهنجي جواني، ديواني ۽ لافاني آهي.“

- رگ ويد

وڏو ماڻهو

حميد سنڌي

ماضيءَ جي گم ٿيل رستن کي ڳولڻ جي ڪندي هُن کي شام ٿي ويئي. سندس پيءَ گُذرئي ڪي گهڻا ڏينهن ڪونه ٿيا هئا. پهريائين ته سندس گهر ماين جا ميڙ ۽ اوطاق تي ماڻهن جي اچ وڃ هئي. آهستي آهستي هرڪو ٽڙي پکڙي ويو. هُن کي اِئين لڳو، ڄڻ ڪو ميلو هو ۽ هرڪو ويکڻ آيو هو ۽ هاڻ ته ميلي جي موٽ وارا ڏينهن به ماضيءَ جي دز بڻبا پئي ويا. هو نه نوڪري تي وڃي پئي سگهيو، نه وري هن جي دل پي لڳي. هو اُٻاڻڪو اوطاق تي ويٺو هوندو هو. ڪڏهن ڪڏهن اباڻي بني جو ڪو هاري يا پري جا رهيل مِٽ مائٽ، سُڃاڻو يا دوست تعزيت لاءِ گهڙيءَ لاءِ ڦرڪو ڦيرائيندو هئا، نه ته هو واڻ جي وڏي کٽ تي پاسا ورائيندي بيحال ٿيو پيو هوندو هو. سندس ڀرسان پيل ڪتابن ۾ به سندس ۽ دل نه لڳندي هئي. هو هر هر ائين چاهيندو هو ته هو هاڻ هتان هليو وڃي، پر سندس ماءُ عزيزن جو حڪم هيو ته چاليهو ڪري پوءِ يڪو نڪري. هُن وچ ۾ ڪوشش ڪئي ته هو ڪجهه ڏينهن لاءِ شهر وڃي ۽ نوڪريءَ ۽ ٻين گهرجن جي پورائي لاءِ ڪجهه ڪري اچي، پر ڪڏهن جماڻو ته ڪڏهن مائٽن جي اچ وڃ، سندس وڃڻ هٽبو ويو. هاڻ ذري گهٽ اچي مهينو پئي ٿيو.

هو جيتوڻيڪ وساميل پيو هيو، پر هميشه وانگر ڪجهه وقت لاءِ ماضيءَ جي رستن تي ڀٽڪڻ لاءِ نڪري ويو. سندس ذهن اُنهيءَ رستي هليو ويو، جت کيس پيءُ هٿ کان وٺي هلڻ سيکاريو هو. هو پيءُ کي ياد ڪرڻ جي بهاني اُن ڳالهه کي ضرور ياد ڪندو هو ته کيس وڏي ماڻهو ٿيڻ لاءِ محنت ڪرڻ سان گڏ ڪنهن به نموني سان وڏو ماڻهو ٿيڻو آهي. هو پيءُ جي وڏ ماڻهائپ ڏسي سڌون ڪندو هو. پيءُ جي آفيسري جو دور هجي يا سندس رٽائر ٿيڻ کان پوءِ زمينداري جو دور، هو هر دور ۾ جيڪي ڏسندو هو، اُهو کيس ناممڪن لڳندو هو. هو سمجهي نه سگهندو هو ته هو هن گپا گيهه، مقابلي جي دور ۾ بي اي جي ڊگري سان ڇا ڪندو. پڻس جي اثر رسوخ سان ڇڪي تاڻي هاءِ اسڪول جي ماستري جي جيڪا نوڪري کيس ملي هئي؛ اُن جو پگهار ۽ الائونس کڻي جڏهن گهر ويندو هو ته هڪ سٽ سان زال سڀ ڪجهه کڻي ويندي هيس. هو ڪڏهن ٽيوشنون ڪندو هو، ڪڏهن پڻس ڪجهه ڏئي ويندو هوس، مڙئي گذر ٿي ويندو هو، پر هن سُک جو ساهه ڪڏهن به نه کنيو. ايم اي ۽ ايل ايل بي جي امتحانن سان به وچڙندو آيو پئي، پر اڃا ڪاميابيءَ کان پري هو. هو هر ويلي اِها ڳالهه سمجهڻ جي ڪندو هو ته هو ڪُند ذهن آهي يا نصيب جو ماريل، هر ڪوشش موٽ کائي کيس ٻه وکون پوئتي ڪري ڇڏيندي هيس. هاڻ ته ٽي ٻار به هيس، جيڪي سندس ڪلهي اچي لڳا هئا، خاص ڪري وڏو پٽ انور، سندس شهري زندگي سان چاهه هاڻ ڳچيءَ پيو هوس: هو گهر جي ڪري يا ٻار پڙهائي يا پنهنجي بقا جي جُڌ لڙي، پنهنجي پيءُ جي تڏي تي ويهي هُن ڪجه ڏينهن وڏا ٿڌا ساهه کنيا، هر ويلي، چڱو چوکو کائي، ماءُ کي آٿت ڏيندو هو ۽ گهر واري ۽ ٻچن ڏي نهاريندو هو، جن جي منهن تي به رونق آئي پئي، پر ڪجهه ڏينهن کانپوءِ جڏهن کيس خبر پئي ته هاڻ انهيءَ گهر کي به کيس ئي هلائڻو آهي ۽ پڻس بئنڪ ۾ جهڙوڪ ڪجهه به نه، صرف پينشن ۽ ٻنيءَ جو ٽڪر ڇڏي ويو هو، جنهن تي پڻ قرض هو، هو ڪيئن ٺٺ ٺانگر رکيو ويٺو هو، اُن جي کيس سمڪ ڪانه ٿي پئي. هو جيئن جيئن ڏينهن گهاريندو ويو، واڻ واري کٽ سندس اُگهاڙن پٺن تي نشان ڪندي وئي. هو گرمي ۾ پگهر ڳاڙيندي، ڪڏهن وڃڻو هڻي هيانءَ ٺاريندو هو، يا وڃڻي سان پٺي کنهندو هو.

ان ڏينهن هو گهڻو وقت ماضيءَ جي رستي تي ڀٽڪيو، پر کيس ڪي به اهڙا اهڃاڻ نه مليا، جن سان سندس مسئلا حل ٿين. هن مهل تائين ته گهر جو خرچ جيڪي ڪجهه ماءُ وٽ پاڇي هو يا ماڻهن پهت ڪري ڏنو هو، ان مان پئي هليو.مٿان چاليهو هو ۽ ختمي جي مانيءَ جو بندوبست جهڙي تهڙي ڳالهه نه هئي، ماني به ڀري ڪرڻي هئي، ڇو ته پڻس تر جو چڱو مڙس ۽ وڏو ماڻهو هو.

هاڻ هو جڏهن به اڪيلو ٿيندو هو ته اهو سوچيندو هو ته هو ڪيئن وڏو ماڻهو بڻجي، پر پنهنجي پيءُ کان وڏو ماڻهو، جيڪو پئسي ۾ بنهه وڏو نه هو. هو ڪڏهن ناڪاميءَ جي انديشن ۾ ٻڏل، ڪڏهن اُميد جي ڪرڻن سان روشن پَل پيو گهاريندو هو ۽ من ئي من ۾ واريءَ جا گهر ٺاهي، ڊاهيندو هو.

هيءَ شام ته کيس ڏاڍي ڌمڪيل ۽ اجهاميل لڳي. هو جيئن تيئن ڪري اُٿيو. پاڻيءَ لاءِ پيءُ جي جهونڙي نوڪر گلوءَ کي سڏ ڪيائين، پر کيس سڏ نه مليو. هو پاڻ اُٿيو، پاڻي پيتائين، پوءِ سڌو گهر ڏي رخ رکيائين، ماڻس فرش تي ليٽي پئي هئي. سندس زال ۽ ٻه ٻار انهيءَ فرش تي ويٺا هئا، سواءِ سندس وڏي پٽ انور جي.

گهر ۾ ڪوبه مٽ مائٽ نظر نه آيو. هو ماءُ جي پيرن کان ويهي کيس زور ڏيڻ لڳو، هوءُ اُٿي ويٺي.

”اڃا مقام تي نه ويو آهين. ٽپهري به اچي لڙي آهي، شام پئي ٿئي، پنڌ پري آهي، جي وڃڻو اٿئي ته جلد ٿي اچ. منهنجي راڻل کي سلام ڏجانءِ، جيڪو هاڻ مڻين مٽيءَ هيٺ ائين ڇڏي آيا آهيو.“ ماڻس روئي ويٺي.

هو به اداس ٿي ويو، هو اٿيو، زال کي سڏ ڪيائين، ۽ پاسي تي وٺي وڃي چيائينس:

”ڪجهه پئسا اٿئي، سگريٽ به کپي ويا آهن.“

”مون وٽ ته ڪجهه به نه آهي، چئين ته اَمان کان وٺي ڇڏيان.“

”نه نه، ڀلا انور ڪاٿي آهي؟ سونجهڙو آهي،متان ڪجهه پئسا هجن.“

ائين انور سندس وڏو پٽ اندر گهڙيو، مرڪي پيءُ ڏي ڏٺاي، پوءِ کيسي مان سگريٽ ڪڍي کيس ڏنائين.

”مان مامي جي دوڪان تان کنيو آيو هيم. اوطاق تي ويم ته ڪڙو ڏنو پيو هيو. ڀلا مان به هلانوَ مقام تي؟“

”نه بابا، ٿڪجي پوندين، مان بس اچان ٿو.“


[1]  ڪجهه روايتن موجب شاهه عنايت شهيد به مهدوي طريقي سان منسلڪ هو. (مترجم)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com