ڊاڪٽر سعيده شفيق ميمڻ
شاهه جي سُرمارئيءَ ۾ بيان ڪيل ڳُجها راز
سنڌ ڌرتيءَ جي عظيم صوفي شاعر ۽
الله رب العزت جي دوست شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي
زندگيءَ تي نظر وجهون ٿا ته الله پاڪ سان، عشق ۽
محبت جا اڻ ڳڻيا انداز نظر اچن ٿا. پاڻ پنهنجي
حياتيءَ ۾ اڪيچار سفر به ڪيا، جنهن جنهن علائقي ۾
ويا ته اتي جي مشهور داستانن کي پنهنجي شاعريءَ ۾
تمثيلي انداز ۾ بيان ڪيائون.
اها تمام حيران ڪندڙ ڳالهه آهي ته سندن شاعريءَ کي
پڙهندڙن توڙي تحقيق ڪندڙن الڳ الڳ زاويي سان ڏٺو ۽
بيان ڪيو آهي. ڪنهن سندن شاعريءَ جو تجزيو
دانشورانه انداز ۾ ڪيو آهي، ته ڪو ان کي قومي نڪته
نگاه سان ڏسي ٿو، ڪنهن کي سندس شاعريءَ ۾ نصيحتن
جا نُڪتا نظر اچن ٿا، ته ڪو وري انهن کي سماجي ۽
طبقاتي تقسيم کان آجو ڏسي ٿو. مان جڏهن به سندن
بيتن تي غور ڪريان ٿي ته منهنجي ذهن ۾ اها ڳالهه
اچي ٿي ته پاڻ الله پاڪ جي نيڪ بندن مان هڪ هئا ۽
الله تعاليٰ کين نور فراست سان نوازيو هو. پاڻ
انهن اسرارن ۽ رازن کي کولي چڪا هئا، جن کي کولڻ
جي ڪوشش هر بندي کي ڪرڻي آهي.
هن مقالي ۾ شاهه جي رسالي ’سر مارئي‘ ۾ بيان ڪيل
روحاني اسرارن ۽ رمزن تي ڪجهه لکڻ ۽ سمجهڻ جي ڪوشش
ڪئي ويئي آهي.
سُر مارئي ۾ مارئيءَ جو پس منظر سنڌ جي ريگستان ٿر
سان واسطو رکندڙ سهڻي نينگري’مارئيءَ‘
جو پنهنجي ماروئڙن سان عشق ۽ عمر سومري (حاڪم) جي
اول ڪيل ناانصافي ۽ پوءِ ڪيل انصاف جو داستان آهي.
هيءُ داستان سنه 1355ع کان 1390ع جي وچ جو آهي.
ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ جي تحقيق موجب ٿر
جي پالڻي نالي هڪ پنهوار جي گهر سِڪي پِني ڌيءُ
ڄائي هئي، جا ڄاپندي حور جهڙي حسين هئي. اها
سوڀياوان سُندري، جا مارو قوم جو مَرڪ هئي، تنهن
کي سڏيندا ئي ’مارئي‘ هئا.
پکي منجهه پدمڻي، ڏئي وراڪا وِڄُ،
جهڙي صورت سِڄُ، تهڙي مورت مارئي.
ننڍپڻ کان ئي ڦوڳ جو مارئيءَ تي ڏاڍو ارواح هوندو
هو. وڏي ٿيڻ تي هڪ ڏينهن پالڻي کان مارئيءَ جو سَڱ
گهريائين. پالڻي، مارئيءَ جي مائٽي پنهنجي ڀائٽي
کيت سان اڳ ئي ڪري ڇڏي هئي، سو نابري واريائين.
جڏهن ڦوڳ کي ڪجهه وريو سريو ڪين، تڏهن کانئن بدلي
وٺڻ جون سَٽون سٽڻ لڳو. آخر اها رِٿ رٿيائين ته
مارئيءَ کي عمر سومري جي ڪوٽ ۾ اماڻجي. انهيءَ
مراد سان ٿر ڇڏي عمرڪوٽ ڏي پنڌ پيو ۽ سَٽون ڏيئي
ستت ئي اچي منزل تي پهتو. عمر بادشاهه سان ملاقات
تي عرض ڪيائين ته، ”جهان پناه! مارن جي راڄ ۾
مارئي نالي هڪ نينگري آهي، جنهن جي سونهن جي ڇا
ساراهه ٻڌايان، اهڙي من موهڻي مورت شاهي محل ۾ ئي
سونهي.“ اهو حال ٻڌي عمر، مارئيءَ جي اڻ ڏٺل سونهن
تي عاشق ٿي پيو ۽ پڪوپهه ڪيائين ته کيس حيلي بهاني
هٿ ڪري، پنهنجي پَٽَ راڻي بڻائيندس. اهو سوچي ڦوڳ
سان گڏ ملير ڏانهن رُخ ڪيائين. قضا سان مارئي ان
ڏينهن ننڊ مان دير سان اُٿڻ سبب ساهيڙين سان گڏ
وڃي نه سگهي هئي ۽ جڏهن کوهه تي پهتي ته باقي صرف
هڪ ساهيڙي بيٺي هئي. انهيءَ سان حال احوال پئي
ڪيائين ته سندس نظر پريان اُٺ تي ايندڙ مسافر تي
پئي، جيڪي ستت ئي کوهه تي پهتا. ڦوڳ اڳي ئي عمر کي
ٻڌائي ويو. پاڻي پيئڻ جي بهاني مارئيءَ کي چيائين:
”پاڻي ڍڪ پيار.“ ويچاريءَ مسافر سمجهي جيئن پاڻي
آڇيو ته کيس ٻانهن کان جهلي اُٺ تي کڻي عمرڪوٽ ڏي
وريو. عمرڪوٽ اچڻ سان، مارئيءَ کي محلات ۾ قابو
ڪيو ۽ کيس پنهنجي پَٽ راڻي ٿيڻ جي آڇ ڪيائين.
مارئي اهو ٻڌڻ سان ويتر وڌيڪ روئڻ شروع ڪيو ۽ عمر
جون ڏنل سڀ آڇون اهو چئي ٺڪرائي ڇڏيائين ته،
”منهنجون لانئون ازل سان کيت سان لڌل آهن، تنهنڪري
مون کي موڪل ڏي ته مان واپس ملير وڃان.“ عمر نه
مڙيو گهڻا ئي حيلا هلايائين، ٻي طرف مارئي پکن جي
پريت ماڙين سان مٽڻ لاءِ تيار نه هئي.
مارئيءَ جي اهڙي محبت ڏسي عمر کي (آخرڪار) قياس
اچي ويو ۽ سندس مارن ڏانهن نياپو موڪليائين ته،
”اچي پنهنجي امانت وٺي وڃو.“ پر مارن جي نه اچڻ تي
آخرڪار عمر کيس عزت سان گهر پهچايو(1).
مارئيءَ جي هن سڄي قصي کي شاهه سائينءَ تمام
خوبصورتيءَ سان انسان جي اصلي وطن ڏانهن اشارو ڪري
جوڙيو آهي.
شاهه صاحب فرمائي ٿو ته بندي جو اصلي وطن بهشت
برين آهي، جتي هن کي پالڻهار جو ديدار ميسر هو.
بهشت ۾ سواءِ خوشيءَ جي ٻيو ڪجهه نه هو، جڏهن رب
تعاليٰ چاهيو ته پنهنجي ذات ۽ صفات جي لڪيل خزاني
کي ظاهر ڪري، ته انهيءَ لاءِ ضروري هو ته ڪنهن ٻي
هستيءَ جو وجود هجي جو کيس سڃاڻي. الله ’ڪُن‘ سان
پوري ڪائنات کي تخليق فرمايو. انهيءَ حڪم جي بنياد
تي وسيع ۽ عريض، کربين ڪهڪشائي نظام، سيارا ۽
ستارا وجود ۾ اچي ويا. جڏهن اسان لفظ ’ڪُن‘ تي غور
ڪريون ٿا ته هيءَ ڳالهه ذهن ۾ اچي ٿي ته ’ڪُن‘ چوڻ
واري هستيءَ جي ذهن ۾ اهڙو پروگرام آهي، جنهن هيٺ
اها ڪنهن شيءِ کي وجود ۾ آڻڻ سان گڏ، ان کي قائم
رکڻ لاءِ وسيلا به فراهم ڪري ٿي. سُر مارئيءَ جي
پهرئين داستان ۾ ’ڪن فيڪون‘ جو ذڪر چئن بيتن ۾ اچي
ٿو:
نڪا ڪن فيڪون هئي، نڪا مورت ماه،
نڪا سڌ ثواب جي، نڪو غرض گناه،
هيڪائي هيڪ هئي، وحدانيت واه،
لکيائين لطيف چئي، ات ڳجهاندر ڳاه،
اکين ۽ ارواح، سا ئي ساڃاهه سپرين.
(11-1)
قرآن پاڪ جي سورة ”يٰسين“، آيت 82 ۾ الله تعاليٰ
فرمائي ٿو:
ترجمو: (جڏهن هو ڪنهن شيءِ بنائڻ جو ارادو ڪندو
آهي، تڏهن اُن بابت رڳو چوندو آهي ته: ’ٿيءُ‘ (ته
اها) ٿي پوندي آهي(2).
مٿئين بيت ۾ عالم اسباب جي وجود ۾ اچڻ کان
پهريائين جو ذڪر آهي، جڏهن صرف باري تعاليٰ جي ذات
هئي ۽ ٻيو ڪجهه نه هو، صرف وحدانيت ئي وحدانيت
هئي، تڏهن ڳجهاندر ڳاهه انهيءَ بندي لکي، جيڪو رب
تعاليٰ جي ارادي ۾ موجود هو.
قرآن پاڪ جي سوره دهر ۾ الله تعاليٰ ارشاد فرمايو
آهي ته: ”زماني ۾ اهڙو وقت به گذريو آهي، جڏهن
ماڻهو ذڪر جي لائق نه هو.“ (سوره الدهر، آيت 1)
معروف صوفي بزرگ خواجه شمس الدين عظيمي لکي ٿو ته،
”ڪائنات تهه در تهه عالمين تي مشتمل آهي.“
-
انسان جنت ۾ اچڻ کان پهرئين ڪٿي هو، انڪري
سندس اصلي مقام جنت نه بلڪه اهو مقام آهي، جتي
هُو تخليق ٿيڻ کان پهرئين موجود هو ۽ آهي.
-
مخلوق لاءِ ٻيو مقام ڪائنات جي تخليق جو ارادو
آهي.
-
ٽيون مقام اهو حڪم آهي، جنهن سان ڪائنات تخليق
ٿي.
-
ڪن سان فيڪون ٿيڻ چوٿون مقام آهي.
-
آدم سميت مخلوق جو ڪائنات ۾ ظاهر ٿيڻ پنجون
مقام آهي.
-
الست بربڪم ڇهون مقام آهي.
-
الله جي ربوبيت جو اقرار ستون مقام آهي.
-
خالق ڪائنات آدم عليہ السلام کي (علم الاسماء)
ڪائناتي علمن سان نوازيو، اهو اٺون مقام آهي.
-
آدم جي فرشتن ۽ جنات جي سامهون تخليقي علمن جو
مظاهرو نائون مقام آهي.
-
فرشتن آدم عليہ السلام کي سجدو ڪيو ۽ ابليس
سجدي کان انڪار ڪيو، اهو به هڪ مقام آهي،
انهيءَ کان پوءِ آدم، جنت ۾ داخل ٿيو(3).
شاهه سائينءَ پڻ سُر مارئي ۾ انهن سڀني مقامن
ڏانهن تمثيلي انداز ۾ اشارو ڪيو آهي. بيان ڪيل بيت
۾ پهرئين کان پنجين مقام جو بيان آهي. ’ڪُن‘
فرمائڻ سان جڏهن عالم ارواح ۾ ڪائنات جي تخليق ٿي
ته اهي سڀ صفتون موجود ٿي ويون، جن جي بنياد تي
ڪائنات کي تخليق ڪيو ويو. هاڻي پوري ڪائنات ماٺ جي
عالم ۾ هئي. ڪائنات جي حيثيت هڪ گونگي، ٻوڙي شيءِ
وانگيان هئي، جنهن کي پنهنجو ادراڪ ته هو، پر هن
نه ٿي ڄاتو ته مان ڇا آهيان، ڇو آهيان؟ انهيءَ
لاعلميءَ کي علم ۾ بدلائڻ لاءِ رب تعاليٰ پنهنجي
ذات اقدس کي ڪائنات جي سامهون پيش ڪيو ۽ فرمايو،
’الست بربڪم‘. سڄي مخلوق انهيءَ آواز ڏانهن متوجه
ٿي ۽ انهن کي سماعت عطا ٿي. انهن الله جي آواز کي
ٻڌو، ٻي مرحلي ۾ انهن کي صفت بصارت عطا ٿي ۽ انهن
کي ڏٺو، ٽئين مرحلي ۾ انهن الله جي ڪيل سوال تي
سوچيو ۽ کين گويائيءَ جي قوت عطا ٿي، انهن جواب ۾
فرمايو: قالو بليٰ الست بربڪم ڇهون مقام آهي، جتي
ڪل روحن کان عهد ورتو ويو، انهيءَ عهد کي ميثاق به
چوندا آهن، جنهن جو ذڪر سڀني صوفي بزرگن جي
شاعريءَ توڙي فرمودات ۾ موجود آهي. ميثاق جي لغوي
معنيٰ معاهدو آهي. قرآن پاڪ جي سورة اعراف جي آيت:
172 ۾ الله رب العزت فرمائي ٿو:
ترجمو: ”۽ جڏهن ورتو توهان جي پروردگار آدم جي پٽن
کان، انهن جي پٺين مان، انهن جي اولاد کي ۽ اقرار
ڪرايو انهن کان انهن جي جانين تي، ڇا مان نه آهيان
اوهان جو رب، چيائون: ها اسين اقرار ڪريون ٿا متان
چوڻ لڳو قيامت جي ڏينهن ته بيشڪ اسين هئاسين
انهيءَ کان غافل.“
شاهه سائين مارئيءَ جي واتان چورائي ٿو:
الست بربڪم، جڏهن ڪن پيوم،
قالو بليٰ قلب سين، تڏهن تِت چيوم،
تنهن وير ڪيوم، وچن ويڙهيچن سان.
مارئي چئي رهي آهي ته جڏهن عالم ارواح ۾ منهنجي
ڪنن اهو الاهي آواز ٻڌو الست بربڪم ته انهيءَ وقت
مون قلب جي سچائيءَ سان الله جي ربوبيت جو اقرار
ڪرڻ سان گڏ پنهنجن ويڙهيچن سان پڻ عهد ڪيو هو.
عظيمي صاحب لکي ٿو ته: ”عالم ارواح ۾ ڪائنات جي
موجودگي اهڙيءَ طرح آهي، جو اتي احساس جي درجه
بندي نه آهي، اتي موجود ڪائنات جا تمام جزا عالم
تخيل ۾ آهن. الله تعاليٰ ڪائنات جي فردن کي عالم
تحير مان عالم تعارف ۾ داخل ڪرائڻ لاءِ پنهنجي
آواز سان سماعت عطا ڪئي، جيئن ئي سماعت عطا ٿي ته
ابعاد جو پهريون درجو تخليق ٿيو. آواز ڏانهن ذهن
منتقل ٿيڻ سان ٻيو ڊائيمينشن تخليق ٿيو، جيڪو نگاه
جو آهي، ۽ انهيءَ سان گڏ تعارف جي حس تخليق ٿي ۽
قوت گويائي جو مظاهرو ٿيو، جنهن سان گڏ ڪنهن شيءِ
کي قبول ڪرڻ يا رد ڪرڻ جي صلاحيت پيدا ٿي ويئي(4).
درحقيقت، اها خيالي پرواز نه آهي، جڏهن رب تعاليٰ
پنهنجن خاص بندن کي پنهنجو علم ۽ عرفان عطا ڪندو
آهي ته اهي بندا قلب جي اکين سان انهن سڀني مقامن
جو مشاهدو ڪندا آهن. شاهه سائين پڻ الله جو عارف
بندو هو ۽ هن انهن لمحات ازل جو مشاهدو ضرور ڪيو
هو، سو مارئيءَ کي تمثيل طور استعمال ڪندي هن انهن
رازن کي بيان فرمايو آهي. مارئي پنهنجن ماروئڙن
سان گڏ پنهنجي اصلي وطن ۾ خوش هئي، جتي هن جون
سرتيون به هن سان گڏ هيون، ايستائين جو آدم عليہ
السلام کان غلطي سرزد ٿي ۽ اهبطو (38، 2) جو فرمان
نافذ ٿيو ۽ روح جسماني وجود سان عرش تان ڪِري فرش
تي اچي پهتا. تڏهن انهن سان اهڙو حشر ٿيو، جهڙو
مارئيءَ سان عمر ڪوٽ ۾ ٿيو. هاڻي سڀ روح دنيا جي
ڪوٽ ۾ قابو ٿيا ۽ ڪجهه اهڙيءَ طرح مجازي مزن ۾ گم
ٿيا، جو پنهنجو اصلي وطن وساري ويٺا، پر مارئي اهو
سچو ۽ خالص روح آهي، جيڪو دنيا ۾ اچڻ کان پوءِ ان
جي ڦندي ۾ نه ٿو ڦاسي، بلڪه ڏينهن رات انهيءَ
جستجو ۾ مگن رهي ٿو ته ڪهڙيءَ طرح هُو پنهنجي اصلي
مقام ڏانهن واپس وڃي، ۽ ائين ۽ اهڙي حال ۾ جيئن
هن جي لوئي ميري نه ٿئي. قرآن پاڪ جي سوره بقره ۾
الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته:
ترجمو: ”اسان چيو ته لهي وڃو هيٺ سڀيئي، جيستائين
توهان وٽ هدايت پهچي اسان وٽان ۽ پوءِ جيڪو انهيءَ
هدايت تي عمل ڪندو ته انهيءَ کي نه ڪو خوف هوندو ۽
نه ڪو غم.“
هاڻي شاهه سائين جي بيان کي ڏسون ٿا:
قسمت قيد ڪياس، نات ڪير اچي هن ڪوٽ ۾،
و نحن اقرب اليہ من حبل الوريد، وطن آئون ويندياس،
مارن کي ملندياس، ڪوٺيون ڇڏي ڪڏهن.
هيءُ بيت انهيءَ ڳالهه جي ثابتي ڏيئي رهيو آهي ته
شاهه سائينءَ مارئيءَ جو وطن اهو سڏيو آهي، جتي
روح ازل ۾ موجود هئا.
سورة ق، آيت 16 ۾ الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته:
منهنجي خيال مطابق ته شاهه سائين درحقيقت انهيءَ
مقصد ڏانهن مائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته اصلي وطن
ڏانهن وڃڻو آهي ۽ اهو اوس آهي. موت حقيقت ۾ هڪ پل
آهي جيڪو محبوب حقيقيءَ سان ملائي ٿو، جيڪو انسان
اهو مقصد حاصل ڪرڻ جي جُستجو ڪري ٿو، اهو مارئيءَ
وانگر عهد الستي نڀائي ٿو.
هن پوري سُر ۾ شاهه سائينءَ مختلف قرآني آيتن سان
گڏ 34 سورتن جي نالن کي بيتن ۾ استعمال ڪيو آهي.
انهيءَ سان گڏ تصوف جي انتهائي نازڪ نُڪتن کي پڻ
نروار ڪيو آهي. مثال طور، داستان ڏهين جو هيءُ
بيت:
زمر، زخرف سومرا! قل جنين جو قوت،
فاذڪروني اذڪرڪم، ساڻيهه ۾ ثابوت،
جنبي ويا جبروت ۾، ماڻيائون ملڪوت،
لڳا ۾ لاهوت، پکا پنهوارن.
مٿئين بيت ۾ قرآن شريف جي ٽن سورتن جا نالا پهرئين
سٽ ۾ آهن.
زمر معنيٰ گروهه ۽ ترتيب جي لحاظ کان اها 39 نمبر
تي آهي.
زخرف معنيٰ زيور يا سون ۽ ترتيب جي لحاظ کان اها
43 نمبر تي آهي.
قل، سورة اخلاص 112 نمبر تي آهي.
ٻي سٽ ۾ فاذڪروني اذڪرڪم آيت (152: 2) سوره بقره
معنيٰ مون کي ياد ڪريو ته مان اوهان کي ياد ڪريان.
جبروت، ملڪوت ۽ لاهوت تصوف جا انتهائي باريڪ نُڪتا
آهن، جن کي حضرت نصير چراغ دهلويءَ هيئن واضح
فرمايو آهي: ”ڪامل مرشد اهو ڄاڻندو آهي ته مريد کي
سلوڪ جي رستي ۾ چئن مقامن جي واقفيت ضروري آهي:
-
عالم ناسوت
-
عالم ملڪوت
-
عالم جبروت
-
عالم لاهوت
عالم ناسوت، نفس جي دنيا آهي، جنهن ۾ پنجن حواسن
کان افعال سرزد ٿيندا آهن.
سالڪ پنهنجي رياضت ۽ مشاهدي جي ذريعي انهيءَ عالم
مان گذري ٿو. عالم ملڪوت اهو مقام آهي، جتي جا
افعال تسبيح، قيام، رڪوع ۽ سجود تائين محدود هوندا
آهن.
عالم جبروت ۾ ذوق ۽ شوق، محبت، اشتياق، طلب، وجد
کانسواءِ ڪجهه نه آهي. عالم لاهوت، لامڪان ۾ شامل
آهي جتي نه گفتگو آهي نه جستجو. ازل کان اَبد جي
دائري کي حواس ۽ شعور جي حوالي سان چئن طبقن ۾
ورهايو ويو آهي. اهي قدرت جا قانون، جيڪي عالم
ناسوت ۽ عالم ملڪوت ۾ جاري ۽ ساري آهن، انهن
قانونن جو نالو شريعت آهي. عالم ملڪوت ۽ عالم
جبروت جي وچ ۾ جاري قانونن کي طريقت چئبو آهي ۽
عالم جبروت ۽ عالم لاهوت جي وچ ۾ جاري قانونن کي
حقيقت چئجي ٿو.
شريعت، طريقت ۽ حقيقت جا سڀ علم الاهي اسمن جا علم
آهن ۽ اهي انسان جي تفهيم ۽ تعليم جو مڪمل دائرو
آهن. هڪ ماڻهو حقيقي معنيٰ ۾ الله تعاليٰ جي نائب
سڏائڻ جو حقدار تڏهن ئي ٿي سگهي ٿو، جڏهن هُو
شريعت، طريقت ۽ حقيقت جي علمن سان سينگاريل هجي.
اصل ۾ انسان جي علم ڄاڻڻ مان مراد شعور جي اندر
علمن جون روشنيون جذب ڪرڻ آهي. شعور ۾ علم جون
روشنيون جڏهن جذب ٿينديون آهن ته اهي روشنيون
انسان جا شعوري حواس بڻبيون آهن. ذات باري تعاليٰ
حقيقت آهي، جيستائين شريعت ۽ طريقت جي علمن جون
روشنيون انسان جي شعور اندر منتقل نه ٿيون ٿين،
هُو حقيقت جي دائري اندر پهچي نه ٿو سگهي، انسان
هڪ پيالي مثل آهي پيالي ۾ جيڪي ڪجهه ڀريو ويندو
آهي، پيالو انهيءَ جي لذت کان واقف هوندو آهي.
شاهه سائينءَ مٿئين بيت ۾ انهيءَ انسان جي ڳالهه
بيان ڪئي آهي، جيڪو حقيقت آشنا آهي. منڍ ۾ ٽن
سورتن جا حوالا، پوءِ ذڪر جو ذريعو ۽ آخر ۾ لاهوت
لامڪان ۾ پنهوارن جو هجڻ، انهيءَ جي ثابتيءَ لاءِ
ڪافي آهي.
هن تحقيق جو آخري مثال سُر مارئيءَ جو آخري بيت
آهي:
ورئو ورق وصال جو، موڪل جڙي مون،
لحما طريا و تستخر جون حلية تلبسونها، تن ۾ تونهين
تون،
من منجهاران مون، آهي مارو ڄام ملير جو.
جنهن بندي کي الله جو عرفان عطا ٿيو ته هن جيئري
ئي وصال حاصل ڪيو، هاڻي هُو مادي جسم جي لذتن کان
بي نياز ٿي، انهيءَ زندگيءَ جي زون ۾ داخل ٿي ويو،
جيڪا ئي انسان جو اصلي وطن آهي.
حوالا:
1- |
گربخشاڻي ڊاڪٽر، ’شاهه جو رسالو‘،
روشني پبليڪيشن، حيدرآباد، ص 254 |
2- |
ابڙو، علي خان، علامه ’قرآن مجيد
محاوري سان سولو سنڌي ترجمو‘، ڇهون
ڇاپو 2001ع، سنڌي اڪيڊمي ڪراچي، ص 689 |
3- |
عظيمي خواجه شمس الدين، ماهوار ’قلندر
شعور‘، ڪراچي، اپريل 2018ع، ص 13 |
4- |
عظيمي خواجه شمس الدين، ’شرح لوح و
قلم‘، انصاري پبليڪيشن، ڪراچي، ص 135 |
5- |
عظيمي آصف جاويد، ’نور هدايت‘،
(جلد اول) مراقبه هال، اسلام
آباد، ص 223 |
هن تحقيقي مقالي ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ
جا بيت ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي ترتيب ڏنل
رسالي مان کنيا ويا آهن، جڏهن ته آيتن ۽
بيتن جا حوالا مقالي اندر ئي بيان ڪيا ويا
آهن.
|