ڊاڪٽر الطاف جوکيو
محرابپور
سنڌي صورتخطيءَ ۾ ننڍين ڏنگين جو استعمال
مسئلي جو تعارف:
بيـ
هڪ جي نشانين جي اوتري ئي اهميت آهي، جيتري
صورتخطيءَ جي! پراڻا استاد صورتخطيءَ سوڌو، بيهڪ
جي نشانين تي تمام گهڻو توجه ڏيندا هئا. ٽريننگ
ڪاليجن ۾ ته تعليم جي مختلف مضمونن هيٺ، استادن جي
باقاعده ۽ باضابطه سکيا ٿيندي هئي. هاڻي ته لطيف
سائينءَ چواڻي ’نه سي وونئڻ وڻن ۾، نه سي
ڪاتياريون واري مصداق، نه اهي استاد رهيا نه وري
اهڙا شاگرد!
ڊسمبر 2015ع دوران گورنمينٽ ايليمينٽري ۽ ٽريننگ
ڪاليج حيدرآباد ۾ نسب ٿيل تاريخي گهنڊ جي ڪتبي کي
ٻارن وانگر پئي پڙهيم:
”هيءَ تاريخي گهنڊ (لنڊن 1862ع) کان ٽيچرس ٽريننگ
ڪاليج حيدرآباد پهتو، جنهن کي موجوده عمارت ۾
لڳايو ويو. هي گهنڊ 1970ع جي ڏهاڪي تائين وڄايو
ويندو هو.“
صورتخطيءَ جي خيال کان اُٿندي ئي ٻه چڪون ڪَرُ کڻي
بيهي رهيون. هڪ: ضمير اشاري جي حوالي سان ۽ ٻي:
ننڍي ڏنگيءَ جي استعمال جي حوالي سان! ننڍي ڏنگيءَ
مان مراد اضافي وضاحت هوندي آهي، ليڪن ان جي
بيهارڻ جي چال، جيڪا اسان استادن کان سکي آهي ته
جملي کي ڏنگيءَ سان پڙهجي يا ڏنگيءَ سواءِ پڙهجي
ان صورت ۾ جملو روان رهي!
ان کان علاوه، ڏنگيءَ جي حوالي سان ٻن لسانيات جي
انعام يافته ماهرن جي ٿيسز جي لکت ڏٺم، هڪ: ’شاهه
عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جي لسانياتي اڀياس‘
جنهن جا به پنهنجا انداز:
”ثقافتي منتقليءَ (ٻوليءَ جو هڪڙو ڪارج) دوران
ٻوليءَ جي استعمال سان انساني ترقيءَ ۾ وڌيڪ
تيزي اچي ٿي. ٻوليءَ ذريعي هڪ ماڻهوءَ جي ڄاڻ ۽
تجربو ٻئي تائين پهچائي سگهجي ٿو، ته جيئن اهو
اتان کان سلسلو ڳنڍي جتي پهريون ڇڏي ٿو. ان سلسلي
۾ ڇپائيءَ جي ايجاد جي اهميت بيان ڪرڻ ۾ ڪوبه
وڌاءُ نه ٿيندو. موجوده وقت ۾ دنيا جي ڪنهن به حصي
۾، ڪنهن ماڻهوءَ جون حاصلات ٻئي تائين پهچائي
سگهجن ٿيون (ترجمي ذريعي، جيڪڏهن ضروري هجي) جيڪو
آهي پڙهي سگهي ۽ انهن کي سمجهڻ جي قابل
هجي.“ (شازيه، 2017: 36)
جملو ڏنگيءَ سان پڙهجي يا ان کان سواءِ پڙهجي ته
جملي جي رواني متاثر ٿئي ٿي.
ٻيو: ويجهر ۾، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران شايع
ٿيل تحقيقي جرنل ’سنڌي ٻولي‘ جلد تيرهين، شماري
پهرئين ۾ ڊاڪٽر آفتاب ابڙي جو ريسرچ پيپر ’جديد
سنڌي گرامر جي ضرورت‘ جي عنوان سان پڙهيم. ظاهر
آهي ته جيڪو لسانيات جي مهارت جي دعويٰ ڪندڙ آهي،
ته ان کي لسانيات جي دائري ۾ ڏسڻ ئي روا رهندو
آهي، هو صاحب گرامر جي ليکڪن ۽ عبدالواحد شيخ جي
’صرف و نحو‘ تي عالماڻا نظر رکندي لکي ٿو:
”اختصار کان ڪم وٺندي، ڪي اهميت جوڳا ٻه چار سوال
پيش ڪجن ٿا، جنهن مان (1950ع)
کان پوءِ
گرامر نويسن جي علمي ڄاڻ، لسانياتي مهارت، لفظن جي
جوڙجڪ، جملن جي بيهڪ
وغيره جو اندازو لڳائڻ آسان ٿيندو! (الف) ”سنڌيءَ
جي 52 حرفن ۾ سورنهن حرف عربي ۽ فارسيءَ جا آهن!“
(ص 1) شيخ صاحب کي
(Orthography)
جي بلڪل
ڄاڻ نه آهي. شيخ صاحب جيڪڏهن سمجهي ٿو ته ا ب ت ج
ک م و ن ي وغيره عربيءَ جا آهن، سنڌيءَ جا نه آهن
ته پوءِ ان تي افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو! (ص 1)
”آفتاب، سنڌي ٻولي“ جرنل، سال 2020ع، ص 23-24)
ڊاڪٽر آفتاب ابڙي پنهنجو انداز ته علمي رکيو آهي،
ليڪن سندس ان بيان ۾ ئي، لسانيات جي حوالي سان
ڪيترائي سوال ڪر کڻي ٿا بيهن، ليڪن اسان جو مرڪزي
سوال صرف ’ننڍي ڏنگي‘ جي درست استعمال بابت آهي.
هن پيپر ۾ هڪ تعليمي اداري ۾ صدين تائين رهندڙ
ڪتبي ۽ لسانيات جي ماهر هجڻ جي دعويٰ ڪندڙن، سنڌي
عالمن جي صورتخطيءَ ۾ ننڍي ڏنگيءَ جي درست استعمال
وارو معاملو سامهون آيو آهي.
ان معاملي کي ڏسڻ بعد هيٺيان سوال اُڀرن ٿا:
مسئلي جا سوال:
?ڇا
صورتخطيءَ
(Orthography)
جي جزن ۾، ننڍي ڏنگيءَ جو درست استعمال، شامل
آهي.“
?ڇا
جملي ۾، ننڍي ڏنگيءَ اندر مواد ڏيڻ مان مراد ڪا
اضافي ڄاڻ ڏيڻ هوندي آهي ۽ اهو جملي جو جز نه
هوندو آهي؟
?ڇا
جملو ننڍي ڏنگيءَ سان روان پڙهجي يا ان کان سواءِ
پڙهجي ته جملي ۾ رنڊڪ روا آهي؟
?ڇا
بيهڪ جي نشانين ۾ ننڍي ڏنگيءَ جا نعم البدل به
آهن؟
مسئلي جي روشنيءَ ۾ اڀياس:
صورتخطي
(Orthography)
به هڪ وسيع موضوع آهي، جنـ
هن جا ڪيئي رخ ٿين ٿا، بيهڪ جي نشانين جو درست
استعمال به صورتخطيءَ جي دائري ۾ اچي ٿو. بيهڪ جي
نشانين جي اهميت، هر پڙهائيندڙ توڻي پڙهندڙ ڄاڻي
ٿو. انهن نشانين ۾ ننڍيون ڏنگيون
(Parentheses)
به آهن، جيڪي اُبت سبت صورت ۾، ڪنهن جملي ۾ اضافي
وضاحت طور ڪم آنديون وينديون آهن، ان سبب انهن کي
وضاحتي ڏنگيون
به چئبو آهي.
ننڍي ڏنگيءَ جو شمار بيهڪ جي ثانوي نشانين ۾ ٿئي
ٿو. بيهڪ جي نشانين (رموز اوقاف) واري درست
استعمال تي ڪافي عالمن/استادن پنهنجا رايا رکيا
آهن، ليڪن پوءِ به ڪن حالتن ۾ هڪ منجهيل سُٽُ
محسوس ٿيندو آهي. حقيقت ۾ هي موضوع ايترو نظر
انداز ڪرڻ جهڙو ڪونهي، جيترو اسان ڪندا آهيون.
جيئن عام طور، ڪن امڪاني حادثن کان بچڻ لاءِ روڊ
رستن تي مسافرن جي رهنمائيءَ لاءِ ڪي نشان ۽
علامتون هونديون آهن، ته ڪٿي آهستي ٿيڻو آهي، ڪٿي
مڙڻو آهي، ڪٿي بيهڻو آهي وغيره، ائين ئي ڪنهن
صورتخطيءَ ۾ ’بيهڪ جي نشانين‘ جي اهميت آهي.
سنڌي صورتخطيءَ ۾ بيـ
هڪ جي نشانين جو استعمال هوبهو انگريزي تان ورتل
آهي. محمد ابراهيم جويو، هڪ انٽرويوءَ ۾ ’بيهڪ جي
نشانين‘ متعلق، ويچار ونڊي ٿو: ”توهان کي عجب
لڳندو ته اِها پنڪچوئيشن
(Punctuation)،
انگريزيءَ ۾ گرامر جي جن اصولن موجب ڪم اچي ٿي،
انهن ساڳين ئي اصولن تي سنڌيءَ ۾ به ڪم اچي ٿي.
سنڌيءَ ۾ ساڳيءَ طرح مرڪب جملا ۽ مرتب جملا به ٿين
ٿا، پنڪچوئيشن جا اهي ئي اصول ۽ قاعدا قانون آڻڻ
ضروري هئا ۽ آندا ويا، جن لاءِ انگريزي لاءِ
انگريزي ٻوليءَ کي ڏسي، اسان کي خيال آيو ته ان جي
پوئواري ڪجي.“ (جويو، 2006ع: 11-19)
Parentheses (always used in pairs) allow a
writer to provide additional information. The
parenthetical material might be a single word, a
fragment, or multiple complete sentences.
Whatever the material inside the parentheses, it
must not be grammatically integral to the
surrounding sentence. If it is, the sentence
must be recast. This is an easy mistake to
avoid. Simply read your sentence without the
parenthetical content. If it remains
grammatically correct, the parentheses are
acceptable; if it doesn't, the punctuation must
be altered. (https://www.thepunctuationguide.com/parentheses.html)
If you remove the information that is inside the
parentheses, the sentence must still make sense.
Examples:
•
Jenny
(the girl that lives in the yellow house)
invited you to her birthday party next week.
Jenny invited you to her birthday party next
week.
•
I am going to the park to play with Richard
(who goes to school with me).
I am going to the park to play with Richard.
مختصر ته سنڌي بيهڪ جون نشانيون به انگريزيءَ تان
ورتل آهن. انگريزيءَ جي ٻن حوالن ۽ ان جي وضاحت
مان اهوئي حاصل رهيو ته:
? |
صورتخطيءَ موجب ڪنهن جملي ۾ ننڍيون
ڏنگيون، جوڙي ڪم ۾ آنديون وينديون
آهن. ان لاءِ جملي ۾ شروع ٿيڻ بعد ختم
ٿيڻ جو اشارو لازمي هجڻ گهرجي. |
? |
هن ذريعي امڪاني مونجهارو محسوس ڪندي،
اضافي معلومات يا وضاحتي لفظ ڏنا
ويندا آهن. |
? |
ڏنگين ۾ ڏنل وضاحت جيئن ته جملي جو جز
نه هوندي آهي، ان لاءِ ڏنگين جو مواد،
جملي جي بيهڪ ۾ غير ضروري سڏي سگهجي
ٿو. |
? |
ڏنگين ۾ ڏنل وضاحت هڪ لفظ، هڪ فقري يا
هڪ جملي تي مبني ٿي سگهي ٿي. |
? |
جيڪڏهن جملي ۾ ڏنگين جو استعمال ڪرڻ
مناسب آهي ته جملي جي بيهڪ کي سنوارڻو
پوندو آهي. |
? |
جملي جي بيهڪ لاءِ اهو جاچيو ويندو
آهي ته ڏنگين وارو مواد، هٽائڻ سان
جملي جي لوازمات واري بيهڪ ۾ فرق نه
اچي ۽ ساڳئي وقت ان جي پڙهڻ سان جملي
جي رواني به متاثر نه ٿئي. |
? |
ننڍين ڏنگين واري مواد کي ٿوري دم ۽
ڳنڍيندڙ ليڪ جي جوڙن
(Pairs)
سان به لکي سگهجي ٿو. |
مٿين نڪتن جو اهم نچوڙ:
جملي کي ڏنگيءَ سوڌو پڙهجي يا ڏنگيءَ سواءِ پڙهجي
ته جملي جي روانيءَ ۾ ڪو فرق نه اچي.
عالمن/ استادن وٽ ننڍي ڏنگيءَ جو استعمال:
ڀيرومل آڏواڻيءَ وٽ ڏنگيءَ جو استعمال:
1.
”ڇوڪرو مس قلم سان گهر ۾ ڪراچيءَ کان ڀاءُ لاءِ
(ڀاءُ کي) خط لکي ٿو. هتي رڳو ’لکڻ‘ لفظ تي ويچار
ڪيوسين ته ڇهن اسمن جدا جدا حالتن ۾ اچي ظاهر ڪيو
ته فعل واري ڪم جي سرانجامي يا پورائي هن طرح ٿي.“
(ڀيرومل، 1985ع: 43)
2.
”آءٌ پاڻ يا خود ايندس. هن جي معنيٰ ته ٻيو ڪونه
ايندو پر آءٌ پاڻ (پنهنجي سِر) ايندس. ائين ڳالهه
کي زور ڀرائبو آهي.“ (ڀيرومل، 1985ع: 66)
3.
ضمير جي جملي ۾ فاعل جي بدران (مفعول ٿي) ڪم اچن
ٿا يا جي ضمير خالص کي زور ڀرائڻ لاءِ ڪم اچن ٿا،
تن کي چئبو آهي ضمير مشترڪ.“ (ڀيرومل، 1985ع: 66)
4.
”هي ڪپڙو چڱيرو آهي، يعني اهڙو چڱو (ٻين چڱن جي
ڀيٽ ۾) ڪونـ
هي، پر تڏهن به ٿورو چڱو آهي.“ (ڀيرومل، 1985ع:
80)
تبصرو:
ڀيرومل آڏواڻيءَ وٽ ڏنگين جي استعمال جي جاچ،
جيئن:
? |
ڏنگين وارو مواد، ٿوري دم سان:
”هي ڪپڙو چڱيرو آهي، يعني اهڙو چڱو،
ٻين چڱن جي ڀيٽ ۾ ڪونـ
هي،
پر تڏهن به ٿورو چڱو آهي.“ |
? |
ڏنگين وارو مواد، ڳنڍيندڙ ليڪ سان:
”هي ڪپڙو چڱيرو آهي، يعني اهڙو چڱو،
ٻين چڱن جي ڀيٽ ۾ ڪونهي،
پر تڏهن به ٿورو چڱو آهي.“ |
? |
ڏنگين واري مواد سواءِ:
”هي ڪپڙو چڱيرو آهي، يعني اهڙو چڱو
ڪونـ
هي، پر تڏهن به ٿورو چڱو آهي.“ |
مرزا قليچ بيگ وٽ ڏنگيءَ جو استعمال:
1.
”نوڪر ڳوٺان (ڳوٺئون) آيو.“ (قليچ، 2015ع: 19)
2.
”اهڙيءَ طرح جيڪي صفاتي اسم (خاص ۽ عام) آهن، تن
سڀني کي جسم آهي، تنهنڪري اهي ظاهري حواسن (ڪن،
هٿ، اک، ڄڀ ۽ نڪ) سان معلوم ٿي سگهن ٿا.“ (قليچ،
2015ع: 23)
3.
”ضمير جواب موصول اهو آهي، جو ضمير موصول جي جواب
۾ (لاڳاپو رکي) ڪم اچي ٿو.“ (قليچ، 2015ع: 28)
4.
”سوار گهوڙو ’مارائي‘ ٿو. هن جي معنيٰ ته سوار
ڪنهن ٻئي کي مارڻ لاءِ چوي ٿو ۽ اهو وري ٻئي ڪنهن
کان گهوڙي کي مارائڻ جو ڪم ڪرائي ٿو. هيءُ ٻٽو
بالواسطه
(Double Causal)
آهي پر اهو به ’فعل متعدي بالواسطه‘ چئبو. (قليچ،
2015ع: 34)
تبصرو:
مرزا قليچ بيگ وٽ ڏنگين جي استعمال جي جاچ، جيئن:
? |
ڏنگين وارو مواد، ٿوري دم سان:
”اهڙيءَ طرح جيڪي صفاتي اسم، خاص ۽
عام آهي، تن سڀني کي جسم آهي، تنهنڪري
اهي ظاهري حواسن، ڪن، هٿ، اک، ڄڀ ۽ نڪ
سان معلوم ٿي سگهن ٿا.“ |
? |
ڏنگين وارو مواد، ڳنڍيندڙ ليڪ سان:
”اهڙيءَ طرح جيڪي صفاتي اسم- خاص ۽
عام- آهن، تن سڀني کي جسم آهي،
تنهنڪري اهي ظاهري حواسن- ڪن، هٿ، اک،
ڄڀ ۽ نڪ سان معلوم ٿي سگهن ٿا.“ |
? |
ڏنگين وارو مواد ’دم‘ سان:
اهڙيءَ طرح جيڪي صفاتي اسم: خاص ۽ عام
آهن، تن سڀني کي جسم آهي، تنهنڪري اهي
ظاهري حواسن: ڪن، هٿ، اک، ڄڀ ۽ نڪ سان
معلوم ٿي سگهن ٿا.“ |
? |
ڏنگين واري مواد سواءِ:
”اهڙيءَ طرح جيڪي صفاتي اسم آهن، تن
سڀني کي جسم آهي، تنهنڪري اهي ظاهري
حواسن سان معلوم ٿي سگهن ٿا.“ |
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ وٽ ننڍي ڏنگيءَ جو
استعمال:
1.
”گهڻن منظومين جي ٻولي آڳاٽي آهي ۽ ممڪن آهي ته
اهي ڏهين صدي هجري (950هجري ڌاري يا اڃا به اڳ) ۾
تصنيف ٿيا هجن.“ (بلوچ، 1999ع: 370)
2.
”شاهه لطف الله قادريءَ جي ’سنڌي رسالي‘ جي مقدمي
۾ (جنهن جا صفحا هيٺ ڏنا ويا آهن) ائين ڄاڻايو ويو
هو ته: ..........................“ (بلوچ، 1999ع:
361)
3.
”عربي تعليم نظام ذريعي سنڌي الف- ب جي حروف صحيح
۾ واڌارو ٿيو، ۽ عربي الف- جا 11- حرف (ث، ح، خ،
ص، ض، ط، ظ، ع، غ، ف، ق) سنڌي الف- بي ۾ داخل
ٿيا.“ (بلوچ، 1999ع: 54)
4.
”آڳاٽي عربي دور ۾ ’سنڌي‘ کي ’هندي‘ به ڪري سڏيندا
هئا، ڇاڪاڻ ته سنڌ ۽ هند ساڳئي ملڪ جا ٻه ڀاڱا
هئا، اهڙا ڪيئي مثال آهن، جن ۾ ڪن مصنفن جڏهن
’هندي‘ لکيو آهي، تڏهن (ٻن دليلن مان) ان جي مراد
’سنڌي‘ ثابت ٿئي ٿي.“ (بلوچ، 1999ع: 70)
تبصرو:
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ وٽ ڏنگين جي استعمال جي
جاچ، جيئن:
? |
ڏنگين وارو مواد، ٿوري دم سان:
”عربي تعليم نظام ذريعي سنڌي الف- بي
جي حروف صحيح واڌارو ٿيو، ۽ عربي الف-
بي جا 11 حرف ث، ح، خ، ص، ض، ط، ظ، ع،
غ، ف، ق سنڌي الف- بي ۾ داخل ٿيا.“ |
? |
ڏنگين وارو مواد، ڳنڍيندڙ ليڪ سان:
”عربي تعليم نظام ذريعي سنڌي الف- بي
جي حروف صحيح ۾ واڌارو ٿيو، ۽ عربي
الف- بي جا 11 حروف- ث، ح، خ، ص، ض،
ط، ظ، ع، غ، ف، ق سنڌي الف- بي ۾ داخل
ٿيا.“ |
? |
ڏنگين وارو مواد، ’دم‘ سان:
”عربي تعليم نظام ذريعي سنڌي الف- بي
جي حروف صحيح ۾ واڌارو ٿيو، ۽ عربي
الف- بي جا 11 حرف: ث، ح، خ، ص، ض، ط،
ظ، ع، غ، ف، ق سنڌي الف- بي ۾ داخل
ٿيا.“ |
? |
ڏنگين واري مواد سواءِ:
”عربي تعليم نظام ذريعي سنڌي الف- بي
جي حروف صحيح ۾ واڌارو ٿيو، ۽ عربي
الف- بي جا 11 حرف سنڌي الف- بي ۾
داخل ٿيا.“ |
پروفيسر علي نواز جتوئيءَ وٽ ننڍي ڏنگيءَ جو
استعمال:
1.
”اهي صرفيا جيڪي آزاد صورت رکن ٿا تن کي الفاظ
(لفظن جو جمع) سڏجي ٿو. اهي لفظ پاڻ ۾ ملي اهڙا
ايڪا ٺاهين ٿا، جي ٻوليءَ ۾ مڪمل هوندا آهن ۽ جن
جي ذريعي لساني سماج جا ماڻـ
هو پاڻ ۾ گفتگو ڪندا آهن.“ (جتوئي، 1996ع: 113)
2.
”هر زبان کي هڪ ملڪ ٿيندو آهي جنهن جي گهٽ يا وڌ
ايراضي ٿيندي آهي. انـ
هيءَ ايراضيءَ اندر هڪ ئي زبان جا مختلف محاورا
جدا جدا ڀاڱن ۾ موجود هوندا آهن، جن مان هرهڪ کي
اتان جي ’مقامي ٻولي‘
(Dialect)
سڏبو آهي. باريڪ بينيءَ سان ڏٺو وڃي ته هر شخص جي
ٻوليءَ جو طريقو بلڪل پنهنجو ۽ نرالو هوندو آهي،
جنـ
هن کي ذاتي زبان
(Idiolect)
چئي سگـ
هجي ٿو.“ (جتوئي، 1996ع: 136)
تبصرو:
علي نواز جتوئيءَ وٽ ڏنگين جي استعمال جي جاچ،
جيئن:
? |
ڏنگين وارو مواد، ٿوري دم سان:
”اهي صرفيا جيڪي آزاد صورت رکن ٿا تن
کي الفاظ لفظن جو جمع، سڏجي ٿو.“ |
? |
ڏنگين وارو مواد، ٿوري دم سان:
”اهي صرفيا جيڪي آزاد صورت رکن ٿا تن
کي الفاظ، يعني لفظن جو جمع، سڏجي
ٿو.“ |
? |
ڏنگين وارو مواد، ڳنڍيندڙ ليڪ سان:
”اهي صرفيا جيڪي آزاد صورت رکن ٿا تن
کي الفاظ- لفظن جو جمع سڏجي ٿو.“ |
? |
ڏنگين واري مواد سواءِ:
”اهي صرفيا جيڪي آزاد صورت رکن ٿا تن
کي الفاظ سڏجي ٿو.“ |
ڊاڪٽر غلام علي الانا وٽ ننڍي ڏنگيءَ جو استعمال:
1.
”ساڳئي وينجن جي ٻِٽي آواز کي تشديد
(germination)
چئبو آهي. اهڙي ٻِٽي آواز مٿان شد جو نشان ( ّ )
ڏنو ويندو آهي.“ (الانا، 1993ع: 114)
2.
”عربي- سنڌي صورتخطيءَ جي مقرر ٿيڻ کان پوءِ اول
اول ته سنڌي لفظن جي هِجي ۽ پَدن
(Syllabication)
تي ڪوبه توجهه نه ڏنو ويندو هو، جنهن جو نتيجو اهو
نڪتو جو ڪيترائي لفظ ڌار ڌار نموني ۾ پيا لکبا
هئا، يعني مختلف ماهر ڪيترائي لفظ ڌار ڌار نمونن ۾
پيا لکندا هئا. انهيءَ اختلاف لاءِ نه فقط عام
ماڻهو جوابدار هئا، پر سرڪاري طور ڇپيل ڪتاب پڻ
(جيڪي انهن عالمن لکيا هئا، جي ان زماني ۾ عربي ۽
فارسيءَ جا ماهر هئا) اهڙن مختلف صورتخطين وارن
لفظن سان ڀريل نظر اچن ٿا.“ (الانا، 1993ع: 129)
3.
”خداوادي (خدا آبادي) خط لاءِ ڪيل سفارش جي مخالفت
۾ برٽن صاحب دليل ڏيندي لکيو آهي ته حالانڪه هيءُ
خط هندن جي بااثر حلقي ۾، يعني واپارين ۾، عام طور
استعمال ٿئي ٿو، پر ان جي موجوده صورت عام فهم نه
آهي.“ (الانا، 1993ع: 98)
4.
”چوٿين صدي هجري (ڏهين صدي عيسوي) جي وچ ڌاري،
يعني ته عربي حڪومت جي قائم ٿيڻ کان ٻن اڍائي سون
سالن واري عرصي ۾، سنڌي ۽ عربي ٻنهي ٻولين کي
اهميت حاصل هئي.“ (الانا، 1993ع: 54)
تبصرو:
ڊاڪٽر غلام علي الانا وٽ ڏنگين جي استعمال جي جاچ،
جيئن:
? |
ڏنگين وارو مواد، ٿوري دم سان:
”انهيءَ اختلاف لاءِ نه فقط عام ماڻهو
جوابدار هئا، پر سرڪاري طور ڇپيل ڪتاب
پڻ، جيڪي انـ
هن عالمن لکيا هئا، جي ان زماني ۾
عربي ۽ فارسيءَ جا ماهر هئا،
اهڙن مختلف صوررتخطين وارن لفظن سان
ڀريل نظر اچن ٿا.“ |
? |
ڏنگين وارو مواد، ڳنڍيندڙ ليڪ سان:
”انهيءَ اختلاف لاءِ نه فقط عام ماڻهو
جوابدار هئا، پر سرڪاري طور ڇپيل ڪتاب
پڻ جيڪي انـ
هن عالمن لکيا هئا، جي ان زماني ۾
عربي ۽ فارسيءَ جا ماهر هئا،
اهڙن مختلف صورتخطين وارن لفظن سان
ڀريل نظر اچن ٿا.“ |
? |
ڏنگين واري مواد سواءِ:
”انهيءَ اختلاف لاءِ نه فقط عام ماڻهو
جوابدار هئا، پر سرڪاري طور ڇپيل ڪتاب
پڻ اهڙن مختلف صورتخطين وارن لفظن سان
ڀريل نظر اچن ٿا.“ |
? |
ڏنگين وارو مواد، ’يعني‘ لفظ سان:
”چوٿين صدي هجري يعني، ڏهين صدي
عيسوي، جي وچ ڌاري، يعني ته عربي
حڪومت جي قائم ٿيڻ کان ٻن اڍائي سون
سالن واري عرصي ۾، سنڌي ۽ عربي ٻنهي
ٻولين کي اهميت حاصل هئي.“ |
عبدالڪريم لغاريءَ وٽ ننڍي ڏنگيءَ جو استعمال:
1.
”بـ
هرحال، مٿئين اصول تحت ’ڊ‘ حرف جي به ٻنهي نمونن
وارن اُچارن لاءِ (’ر‘ ڇڙي ۽ ’ر‘ گڏيل اُچارن
لاءِ) هڪ ئي حرف ’ڊ‘ مقرر ڪيو. هن کان اڳ ’ڊ‘ حرف
ٻن صورتن ’ڊ‘ ۽’ڊر‘ ۾ لکجڻ ۾ پئي آيو.“ (لغاري،
1976ع: 84)
2.
”اسان جي ٻوليءَ ۾ ’ٽر ۽ ڊر‘، ’لهه ۽ ڙهه‘ جا
اُچار برابر موجود آهن ۽ موجوده سنڌي الف- بي ۾
پهرين اُچارن لاءِ هڪ حرف ٽ ۽ ڊ (بغير ’ر‘ ڏيکارڻ
جي) مقرر آهن. ان جو قوي سبب اهو آهي جو لاڙي لهجي
۾ انـ
هن آوازن ۾ ’ر‘ جو مدغم آواز موجود ناهي.“ (لغاري،
1976ع: 98)
تبصرو:
عبدالڪريم لغاريءَ وٽ ڏنگين جي استعمال جي جاچ،
جيئن:
? |
ڏنگين وارو مواد، ٿوري دم سان:
”موجوده سنڌي الف- بي ۾ پهرين اُچارن
لاءِ هڪ حرف ٽ ۽ ڊ، بغير ’ر‘ ڏيکارڻ
جي، مقرر آهن.“ |
? |
ڏنگين وارو مواد، ڳنڍيندڙ ليڪ سان:
”موجوده سنڌي الف- بي ۾ پهرين اُچارن
لاءِ هڪ حرف ٽ ۽ ڊ بغير ’ر‘ ڏيکارڻ
جي، مقرر آهن.“ |
? |
ڏنگين واري مواد سواءِ:
”موجوده سنڌي الف- بي ۾ پهرين اُچارن
لاءِ هڪ حرف ٽ ۽ ڊ مقرر آهن.“ |
? |
ڏنگين وارو مواد، ’يعني‘ لفظ سان:
”موجوده سنڌي الف- بي ۾ پهرين اُچارن
لاءِ هڪ حرف ٽ ۽ ڊ يعني بغير ’ر‘
ڏيکارڻ جي، مقرر آهن.“ |
راقم وٽ ننڍي ڏنگيءَ جو استعمال:
1.
چند پاڪستاني صورتخطين ۾ ’سڪول‘ جو اُچار ۽
صورتخطي مستعمَل آهي. سنڌي صورتخطيءَ ۾ سڪول/
اسڪول مان ’اسڪول‘ کي ترجيح ڏنل آهي. ڌاري ٻوليءَ
جي صورت ۾، اهڙن انگريزي لفظن ۾ شروعاتي ’S‘
جي آواز جو معاملو آڏو ايندو آهي. انگريزيءَ ۾
پٽڙا آواز
(Liquid Sounds: L, M, N)
’ايل، ايم ۽ اين‘ مان ’L‘
ٻئي سُر واري اکر سان ملي هڪ مقرره سُر جوڙيندا
آهن، جيئن:
‘Calm, ball’
‘M’
ساڪن پڻ ٻچپوين آوازن
(B, M and P)
اڳيان گهڻي سُر طور اچي ٿو. (جيئن:
(imbalance, immoral, improper،
جڏهن ته ’N‘
پڻ گـ
هڻي سُر (جيئن:
sink, ring)
طور ۽ صورتخطيءَ جي لحاظ کان (جيئن:
column, autumn)
ڪم آندو ويندو آهي. ان لاءِ ’S‘
جو شروعاتي آواز ’اِس‘ يا ’سِ‘ ڪڍڻ لاءِ هڪ قاعدو
آهي ته جيئن
‘S’
بعد ڪو سُر وارو اکر:
A،
E،
I،
O،
U
۽
Y،
اڌ سُر وارو اکر:
H
۽
W
يا پٽڙن آوازن وارو اکر:
M, L
۽
N
اچي ته ان صورت ۾ ’S‘
جو اُچار ’س‘ سان ڪڍبو؛ جيئن:
Sat, Sell, Silly, Solar, Surname, Symbol, Shirt,
Sweet, Slow, Smart, Snow
ٻي صورت ۾ ’اِس‘ (س اڳيان هلڪي سُر) جو اُچار
ڪڍبو؛ جيئن:
Scale, Sketch, Skin, Spoon, Spring, Staff,
Store, Star etc.
(جوکيو، 2017ع: 361)
تبصرو:
راقم وٽ ڏنگين جي استعمال جي جاچ، جيئن:
? |
ڏنگين وارو مواد، ٿوري دم سان:
”ٻي صورت ۾ ’اِس‘ س اڳيان هلڪي سُر،
جو اُچار ڪڍبو؛ جيئن:
“Scale, Sketch, Skin, Spoon, Spring,
Staff Store, Star etc. |
? |
ڏنگين وارو مواد ’دم‘ سان:
”ٻي صورت ۾ ’اِس‘: س اڳيان هلڪي سُر
جو اُچار ڪڍبو؛ جيئن:
“Scale, Sketch, Skin, Spoon, Spring,
Staff, Store, Star etc. |
? |
ڏنگين وارو مواد، ڳنڍيندڙ ليڪ سان:
”ٻي صورت ۾ ’اِس‘ س اڳيان هلڪي سُر جو
اُچار ڪڍبو؛ جيئن:
“Scale, Sketch, Skin, Spoon, Spring,
Staff, Store, Star etc |
? |
ڏنگين واري مواد سواءِ:
”ٻي صورت ۾ ’اِس‘ جو اُچار ڪڍبو؛
جيئن:
“Scale, Sketch, Skin, Spoon, Spring,
Staff, Store, Star etc |
سنڌي ٻوليءَ جي عالمن پاران ڪم آندل درست ننڍين
ڏنگين جي چال ڏسڻ بعد ڄاڻايل مسئلي جي ٽيڪسٽ کي هن
ريت سڌو ڪري سگهجي
ٿو:
گورنمينٽ ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد:
”هيءَ تاريخي گهنڊ
(لنڊن 1862ع) کان ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد پهتو
جنهن کي موجوده عمارت ۾ لڳايو ويو. هي گهنڊ
1970ع جي ڏهاڪي تائين وڄايو ويندو هو.“
ان تاريخي ڪتبي جو جملو مختلف بيهڪ
جي نشانين سان هن ريت سڌو ٿي سگهي ٿو:
1.
هيءُ تاريخي گهنڊ (1862ع ۾، لنڊن کان) ٽيچرس
ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد پهتو.
2.
هيءُ تاريخي گهنڊ (لنڊن کان، 1862ع ۾) ٽيچرس
ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد پهتو.
3.
هيءُ تاريخي گهنڊ (لنڊن مان 1862ع ۾)، ٽيچرس
ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد پهتو.
4.
هيءُ تاريخي گهنڊ 1862ع ۾، لنڊن کان- ٽيچرس ٽريننگ
ڪاليج حيدرآباد پهتو.
5.
هيءُ تاريخي گهنڊ، 1862ع ۾ لنڊن کان، ٽيچرس ٽريننگ
ڪاليج حيدرآباد پهتو.
6.
هيءُ تاريخي گهنڊ 1862ع ۾ لنڊن کان، ٽيچرس ٽريننگ
ڪاليج حيدرآباد پهتو.
سنڌي ٻولي جرنل ۾ ڊاڪٽر آفتاب ابڙي جو ڏنل مواد:
”اختصار کان ڪم وٺندي، ڪي اهميت جوڳا ٻه چار سوال
پيش ڪجن ٿا، جنهن مان (1950ع) کان پوءِ
گرامر نويسن جي علمي ڄاڻ، لسانياتي مهارت، لفظن جي
جوڙجڪ، جملن جي بيهڪ وغيره جو اندازو لڳائڻ آسان
ٿيندو! (الف) ”سنڌيءَ جي 52 حرفن ۾ سورنهن حرف
عربي ۽ فارسيءَ جا آهن!“ (ص 1) شيخ صاحب کي
(Orthography)
جي بلڪل
ڄاڻ نه آهي. شيخ صاحب جيڪڏهن سمجهي ٿو ته ا- ب- ت-
ج- ک- م- و- ن- ي وغيره عربيءَ جا آهن، سنڌيءَ جا
نه آهن ته پوءِ ان تي افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو! وڌيڪ
لکي ٿو ته: (ب) سنڌي زبان جا پنهنجا اکر ڪل چار
آهن، باقي سنسڪرت جا آهن.“ (ص 1)“ (آفتاب، سنڌي
ٻولي، جنرل، سال 2020ع، ص 23-24) ان نُڪتي تي
ڊاڪٽر آفتاب ابڙو عالماڻي راءِ ڏيندي لکي ٿو ته:
”جنهن عالم جي سوچ اها هجي ته هزارين سالن جي اوسر
۽ دنيا سان ڪاروهنوار رکندڙ سنڌي ٻوليءَ وٽ ڪل چئن
اکرن جي ميراث هئي ته پوءِ ان تي ڪهڙي ميار؟“
ان ٽيڪسٽ جو مواد هن ريت سڌو ٿي سگهي
ٿو:
1.
”اختصار کان ڪم وٺندي، ڪي اهميت جوڳا ٻه چار سوال
پيش ڪجن ٿا، جنهن مان 1950ع کان پوءِ گرامر
نويسن جي علمي ڄاڻ، لسانياتي مهارت، لفظن جي
جوڙجڪ، جملن جي بيهڪ وغيره جو اندازو لڳائڻ آسان
ٿيندو! (الف) ”سنڌيءَ جي 52 حرفن ۾ سورنهن حرف
عربي ۽ فارسيءَ جا آهن!“ (ص 1) شيخ صاحب کي
Orthography
جي بلڪل
ڄاڻ نه آهي. شيخ صاحب جيڪڏهن سمجهي ٿو ته ا- ب- ت-
ج- ک- م- و- ن- ي وغيره عربيءَ جا آهن، سنڌيءَ جا
نه آهن ته پوءِ ان تي افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو!“
2.
”شيخ صاحب کي صورتخطيءَ
(Orghography)
جي بلڪل
ڄاڻ نه آهي. شيخ صاحب جيڪڏهن سمجهي ٿو ته ا- ب- ت-
ج- ک- م- و- ن- ي وغيره عربيءَ جا آهن، سنڌيءَ جا
نه آهن ته پوءِ ان تي افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو!“
دراصل، ڊاڪٽر آفتاب ابڙي جي ننڍين ڏنگين جي
استعمال جو پتو نه ٿو پوي ته هنن اهي ڏنگيون ڪـ
هڙي
مقدس لاءِ ڏنيون آهن؟
·
ڇا صاحب موصوف کان اضافي طور ننڍيون ڏنگيون لڳي
ويون آهن؟ ڇو ته اهي ڪڍڻ سان جملو سڌو ٿي سگـ
هي
ٿو، جيئن: 1950ع کان
·
ڇا صاحب موصوف، ننڍين ڏنگين کان نمايان ڪندڙ
هيڪوٽين نشانين وارو ڪم وٺڻ گهري
ٿو؟ جيئن: ’1950‘ کان......
·
ڇا صاحب موصوف، انگريزي لفظ کي ڏنگين ۾ رکي، ان جو
سنڌي نعم البدل ڏيڻ گهري
پيو؟ جيڪو ڏيڻ وسري ويس. جيئن: ”شيخ صاحب کي
(Othtography)
جي بلڪل ڄاڻ نه آهي.“
·
ڇا صاحب موصوف پاران ڄاڻايل انگريزي لفظ جي مراد،
صورتخطي نه، پر ڪو ٻيو اصطلاح
(term)
آهي؟
منـ
هنجي
خيال ۾ ڊاڪٽر ابڙي کي ’نمايان ڪندڙ‘، هيڪوٽيون
نشانيون استعمال ڪرڻيون هيون پر ڀل ۾ ’ننڍيون
ڏنگيون‘ لڳي ويون هوندس. افسوس تڏهن به ٿئي ٿو جو
ان مضمون جا ٻه نظرثاني ڪندڙ ماهر به ان معاملي تي
نظر ڌري نه سگهيا.
بهرحال، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي انتظاميه کي هٿ
ادب جا ٻڌي گذارش ٿي ڪجي ته اهڙا پيپر مستند ماهرن
ڏانهن نظرثانيءَ لاءِ موڪليا وڃن، ته جيئن مختلف
پاسن کان علمي معيارَ برقرار رهي سگهن.
نتيجو:
? |
صورتخطيءَ ۾ بيهڪ جي نشانين جي وڏي
اهميت رهي آهي. |
? |
ننڍيون ڏنگيون ڪنـ
هن جملي جي وچ يا آخر ۾ هڪ خاص وضاحت
ڏيڻ ڪارڻ ڪم آنديون وينديون آهن. |
? |
ننڍين ڏنگين جو مواد ڪنـ
هن هڪ لفظ- فقري يا جملي تي مبني ٿي
سگهي ٿو. |
? |
ننڍين ڏنگين جو مواد اضافي طور وضاحت
لاءِ هوندو آهي، جنهن کي جملي جو جز
نٿو چئي سگهجي. |
? |
ننڍين ڏنگين جو اضافي مواد اهڙي انداز
سان رکيو ويندو آهي، جو جملي کي ان
سان پڙهجي يا ان کان سواءِ پڙهجي ته
جملي ۾ جهول يا رنڊڪ پيدا نه ٿئي. |
? |
ننڍين ڏنگين جي مواد کي ٻين بيهڪ جي
نشانين (ٿوري دم ۽ ڳنڍيندڙ ليڪن جي
جوڙن ۽ پڻ دم) سان به بيهاري سگـ
هجي ٿو. |
? |
صورتخطي پڙهڻ دوران ڏنگين کي ’يعني‘
يا ’يا‘ سان بدلائي پڻ پڙهيو ويندو
آهي. |
? |
ڊاڪٽر الانا جي ڄاڻايل هڪ ماهراڻي
فقري جو نمونو خيال خاطر رکجي ٿو، جنـ
هن کي، بنا جهول جي، مختلف صورتن سان
لکي ۽ پڙهي سگـ
هجي ٿو: |
ڏنگين وارو مواد، ٿوري دم سان:
انهيءَ اختلاف لاءِ نه فقط عام ماڻهو جوابدار هئا،
پر سرڪاري طور ڇپيل ڪتاب پڻ، (جيڪي انهن عالمن
لکيا هئا، جي ان زماني ۾ عربي ۽ فارسيءَ جا ماهر
هئا) اهڙن مختلف صورتخطين وارن لفظن سان ڀريل
نظر اچن ٿا.
à |
ڏنگين وارو مواد، ٿوري دم سان:
”انهيءَ اختلاف لاءِ نه فقط عام ماڻهو
جوابدار هئا، پر سرڪاري طور ڇپيل ڪتاب
پڻ، جيڪي انهن عالمن لکيا هئا، جي
ان زماني ۾ عربي ۽ فارسيءَ جا ماهر
هئا- اهڙن مختلف صورتخطين وارن
لفظن سان ڀريل نظر اچن ٿا.“ |
à |
ڏنگين وارو مواد، ڳنڍيندڙ ليڪ سان:
”انهيءَ اختلاف لاءِ نه فقط عام ماڻهو
جوابدار هئا، پر سرڪاري طور ڇپيل ڪتاب
پڻ- جيڪي انهن عالمن لکيا هئا، جي
ان زماني ۾ عربي ۽ فارسيءَ جا ماهر
هئا- اهڙن مختلف صورتخطين وارن
لفظن سان ڀريل نظر اچن ٿا.“ |
à |
ڏنگين واري مواد سواءِ:
”انهيءَ اختلاف لاءِ نه فقط عام ماڻهو
جوابدار هئا، پر سرڪاري طور ڇپيل ڪتاب
پڻ اهڙن مختلف صورتخطين وارن لفظن سان
ڀريل نظر اچن ٿا.“ |
à |
ڏنگين وارو مواد، ’يعني‘ لفظ سان:
”انهيءَ اختلاف لاءِ نه فقط عام ماڻهو
جوابدار هئا، پر سرڪاري طور ڇپيل ڪتاب
پڻ، يعني: جيڪي انهن عالمن
لکيا هئا، جي ان زماني ۾ عربي ۽
فارسيءَ جا ماهر هئا، اهڙن مختلف
صورتخطين وارن لفظن سان ڀريل نظر اچن
ٿا. |
حوالا/ذريعا:
1.
آڏواڻي، ڀيرومل مهرچند (1985ع) وڏو سنڌي وياڪرڻ،
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شورو.
2.
ابڙو، آفتاب ڊاڪٽر (2020ع)، جديد سنڌي گرامر جي
ضرورت، ايڊيٽر: شبنم گل، ڇماهي سنڌي ٻولي، تحقيقي
جرنل، جلد 13، شمارو پهريون، ص 9- 30، حيدرآباد:
سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو.
3.
الانا، غلام علي، ڊاڪٽر
]1964ع[
1993ع، سنڌي صورتخطي، حيدرآباد: سنڌي لئنگئيج
اٿارٽي.
4.
بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر
]1962ع[
1999ع، سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ، ڄام شورو:
پاڪستان اسٽڊي سينٽر.
5.
پتافي، شازيه سفير، ڊاڪٽر (2017ع)، شاهه عبداللطيف
ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جو لسانياتي اڀياس، حيدرآباد:
سنڌي لئنگئيج اٿارٽي
6.
جتوئي، علي نواز، پروفيسر
]1968ع[
1996ع، علم
لسان ۽ سنڌي زبان، ڄام
شورو: انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي.
7.
جوکيو، الطاف، ڊاڪٽر (2017ع)، عربي سنڌي صورتخطيءَ
جي ترجيحي صورتن جو اڀياس، حيدرآباد: سنڌي لئنگئيج
اٿارٽي.
8.
جويو، محمد ابراهيم (2006ع)، اڄ وري مهراڻ آيو موج
۾ (سائين محمد ابراهيم جويي جو انٽرويو)، ايڊيٽر:
نفيس احمد شيخ، ٽماهي مهراڻ، گولڊن جوبلي نمبر جلد
56 (2 ۽ 3)، ص 11-19، ڄام شورو: سنڌي ادبي بورڊ.
9.
لغاري، عبدالڪريم، پروفيسر (1976ع) سنڌي الف- بي
جي ارتقا، ڄام شورو: انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي.
10.
مرزا، قليچ بيگ
]1961ع[
2015ع، سنڌي وياڪرڻ (گڏيل ڀاڱا)، ڄام شورو: سنڌي
ادبي بورڊ. |