سيڪشن: رسالا

ڪتاب: 4/ 2020ع

باب:

صفحو:20 

نصير مرزا

حيدرآباد

 

 

 

 

بيدرد جي اقرار ۾.... هرگز نه سچائي

شخصيت ۽ شاعري

 

        ]گراما فون رڪارڊن جو يگانو شاعر غلام حسين فنائي، هڪ نظر ۾[

 

نالو:    غلام حسين ]پيءُ کي اڪيلو پُٽ ۽ اول آخر شاعر[

تخلص:        فنائي

والد صاحب جو نالو: الهه بخش کَرهَير ]پوليس ۾ هيڊ ڪانسٽيبل هو[

ذات:   کرهير

پيدائش:       1901ع

والده جو نالو: حليمه بيگم

هنڌ پيدائش: الهه بخش جو کوهه محلو، ڀرسان سيدن جو پاڙو ڪنڊيارو شهر، تڏهن ضلعو نواب شاهه

گهر واريون: ٽي ]هڪ مان اولاد ٿيو، ٻن مان نه[

پهرئين گهر واري: صاحب زادي پيرزاده

ان منجهان اولاد: هڪ پٽ، نجم الدين.... جنهن پاڻ کي کرهير نه، پر ماءُ جي ذات پويان پيرزادو سڏرايو هُو ايڪسائيز انسپيڪٽر ٿيو، سندس شاديءَ ۾ مولي ٻائيءَ ڳايو، نجم الدين، حياتيءَ جو ڳچ وقت حيدرآباد جي ”ٻٻرن واري پِڙ“ ۾ اچي رهيو.

فنائي صاحب جون نياڻيون: غلام فاطمه حيدرآباد م هيڊمسٽريس هئي.

                        شاهه خاتون: اها به تعليم يافته خاتون

                        غلام سڪينه: حال حيات ۽ آمريڪا، پٽ سان گڏ رهي ٿي.

                        زبيده خاتون: حال حيات، گهريلو خاتون

                        غلام زهره: تعليم يافته گهريلو خاتون

فنائي صاحب جو سڪيلڌو پوٽو: ڊاڪٽر ]حڪيم[ غلام رسول کرهير

                        حال ساڪن: ڳوٺ دين محمد لڳ ڀريا شهر

حيدرآباد ۾ هن خاندان:       العباد اسٽيٽ ايجنسي، جنهن جا مالڪ عابد حسين کرهير ]پيرزادو[ ۽ ساجد

جو ڏس پتو            حسين پيرزادو، ابن ڊاڪٽر غلام رسول فرزند نجم الدين ولد غلام حسين فنائي

رابطي لاءِ ڊاڪٽر غلام رسول جا نمبر: 0335-3765058, 0306-3426205

حيدرآباد ۾ فنائي صاحب جي: گهر نمبر2403-A/115، سامهون گل خان

رهائشگاهه:            پيٽرول پمپ، هيرآباد، حيدرآباد، سنڌ. فنائي صاحب ان ئي گهر ۾ وفات ڪئي. هي گهر هاڻي پونئرن وڪڻي ڇڏيو آهي.

تاريخ وفات فنائي صاحب:    سال 1970

تدفين جو هنڌ:            ٽنڊي يوسف حيدرآباد واري قبرستان ۾ جتي محمد صالح نقشبندي جي مزار فرحت آثار آهي، ان جي ڏکڻ ۾ فنائي صاحب جي تربت اڄ به صحيح سلامت صورتحال ۾ موجود آهي، سندن زوجه اول جي تربت به سندن ئي ڀرسان آهي.

فلمي شوق:            غلام حسين فنائيءَ 1940ع ڌاري رئيس ڪريم بخش خان نظاماڻي واري پهرئين سنڌي فلم ”ايڪتا“ ۾ مختصر ڪردار به ادا ڪيو هو،

کيس ويجهو دوست:  فنائي صاحب، آغا عبدالنبي عليگ جي فرزند آغا نورنبي جي پُٽن وانگر پرورش

يا روحاني فرزند        ڪئي، جيڪو هيرآباد ۾ فنائي صاحب جي ٻارن سان گڏ رهندو هو،

ذريعه معاش:          غلام حسين فنائي صاحب اول آخر ڪمرشل گيت نگار ۽ غزل ڪافيءَ جا شاعر هئا، نهايت ذهين ۽ زود گو هئا، في البديهه لکڻ جي وٽن قدرتي صلاحيت هئي، گرامافون ڪمپنيون کين بوڪ ڪنديون هيون ۽ پاڻ موسيقارن کي اک ڇنڀ ۾ ڪلام لکي ڏيندا هئا، خاص ڪري فراقيه گيت لکڻ تي کين ملڪو حاصل هو، مطلب ته گيت نگاري ئي سڄي زندگي سندن ذريعه معاش رهي.

جن هاڪارن راڳين سندن      جيوڻي ٻائي، مولي ٻائي، خانصاحب الهه ڏنو نوناري، خانصاحب خيرمحمد خان،

ڪلام ڳايا ۽ مشهور ٿيا:     ماسٽر چندر، سونا خان بلوچ، غلام حسين ڪهيري، مهتاب جان، امير جان، موٽڻ ڀڳت، ساوتري گدواڻي.

راڳي ۽ سندن ڪن مشهور    جيوڻي ٻائي

ڪلامن جا مکڙا:      - بي درد جي اقرار ۾ هرگز نه سچائي آ

-         ڪهڙو حال ڪريان

-         روئي ٿي سڪينه حسنيڻ جي ڄائي

-         منهنجا ڪربل ويا

-         ڇڏي دل جا حال سارا

-         وطن تي وڻجارا

-         رانجهن رهَه تون اچي

-         ڏينهن ٿيا توکي ڏٺي

-         دل تئون ڀلائي وئين

-         تنهنجي درد ڪئي دل چُور

-         ميار مون کي لڳي وئي

-         نماڻن ناز وارن وٽ

-         سامهون اچي ٿو

-         خدا نصيب ڪري

-         اوچتي اڄ يار سان

-         اي دلربا دلدار توکي

-         مون ڏٺي تصوير تنهنجي

-         سوڍل يار سياڻان

-         ڇڏي حال سارا، ويا وطن تي وڻجارا

-         سانگ ڇڏي سانگين، پرديس ڪئي تياري

]نوٽ: هي ٻيئي پويون ڪافيون غلام حسين فنائي صاحب پنهنجي والد صاحب الهه بخش کرهير جي وصال تي في البديهه چيون هيون[

خانصاحب خيرمحمد خان جون  دلبرا لاتو توسان نينهن

         ڳايل مشهور ڪافيون: - منهنجي توسان دل اڙي

                        - حامي حشريه

                        - نه مار تير پيارا

مولي ٻائي:            - منهنجي دل جي دنيا برباد ڪرڻ وارا

                        - ڪنديون عيد اکيون

                        - ڇا پڇون ٿا

ڀڳت موٽڻ:           ’يار ياراڻي توکي‘. فقير دين: ’اچي ٿو اچي ٿو‘.

خورشيد بانو:          ’من جا محرم يار دل آ توسان‘، امير جان. ’ڏينهن ٿيا ڏٺي‘، ماسٽر چندر: ’اڄ ڪربلا ۾ دوستو‘. مهتاب جان: ’منهنجي دل يار توسان‘، بيگم جان: ’مولائين جو مولا علي تون‘، ’ٻول ٻڌا هم ورَ سان‘ ماسٽر منائل: ’بَني قاسم سيج نه ماڻي‘، ساوتري گدواڻي: آهي ملڻ جي سڪ سهڻا‘

فنائي صاحب جو ڪلام:      ڊاڪٽر غلام رسول کرهير (پوٽي) جي چوڻ مطابق، ايڊيٽر نئين زندگي شمشيرالحيدريءَ کي هيرآباد گهر آمد تي فنائي صاحب ڳچ جيترو ڪلام رسالي ۾ اشاعت لاءِ ڏنو، جيڪو ڪجهه شايع ٿيو ۽ باقي اداري جي فائلن مان گُم ٿي ويا، گهر ۾ پاڻ پنهنجو ڪلام هڪ بريف ڪيس ۾ (جيڪو بليو ڪلر جو هو) ان ۾ سانڍي رکيو هئائين، وفات بعد اهو بريف ڪيس، سندن نياڻي سڪينه صاحبه جي حصي ۾ سنڀالڻ لاءِ ڏنو ويو، جيڪا هاڻي آمريڪا ۾ رهي ٿي، ڪمزور حافظي ۽ بزرگي سبب، فاطمه صاحبه، بليو بريف ڪيس، جنهن جاءِ تي رکيو هو، اهو هنڌ کيس وسري ويو آهي، ائين غلام حسين فنائي صاحب جي باقيات جو في الحال ڪوبه ڏس پتو نٿو ملي.

خاص ڳالهه:           غلام حسين فنائي صاحب کي نجم الدين نالي جيڪو اڪيلو فرزند هو، ان کي وري ٻه پٽڙا ٿيا.

                        - ڊاڪٽر غلام رسول کرهير ۽ ٻيو الهه بخش عرف انور حسين کرهَير. انور حسين 1990ع وارن لساني فسادن دؤران بدين بس اسٽاپ وٽ، فورسيٽر ۾ بم بلاسٽ ٿي وڃڻ سبب ٿڏي تي شهيد ٿي ويو، بم بلاسٽ جو وقت هو منجهند جو 1:03 (هڪ لڳي ٽي منٽ) هي واقعو حالي روڊ ٿاڻي جي حد ۾ ٿيو هو، ان ڏينهن مارڪيٽ بس اسٽينڊ ۽ ريلوي اسٽيشن تي به بم ڦاٽا هئا.

ايڪتا فلم لاءِ ’فنائي‘       :        - ڪيئي ڪتاب آٿم ڪٿا (صفحه 162) فلم ايڪتا جو هيرو رئيس ڪريم بخش

        صاحب جون خدمتون نظاماڻي لکي ٿو: ’فنائي هن وقت بمبئي آيل آهي، سندس شاعريءَ ۾ ڪلام، غزل ۽ ڪافيون ”ٽوئن گريمو فون ڪمپنيءَ ۾ ڳارائي، رڪارڊ ڪرائي کيس چڱو معاوضو وٺرائي ڏنو اٿم، تنهن فلم (ايڪتا) لاءِ گانا لکي ڏيڻ جو واعدو ڪيو آهي، ڏک سک ۾ به هر طرح جو سهڪار ڪرڻ جو واعدو ۽ يقين ڏياريو آهي.

فنائي صاحب جا سفر: ڪلامن جي رڪارڊنگ لاءِ پاڻ ڪئي ڀيرا بمبئي جو سفر ڪيو، جتي هزماسٽرس وائس ڪمپنيءَ ۾ سندن ڪلام رڪارڊ ٿيندا هئا، فنائي صاحب جا ڪيترا ئي ڪلام ڪولمبيا گراما فون ڪمپنيءَ به رڪارڊ ڪيا، اهڙن ڪلامن جو وڏو ذخيرو انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جي سائونڊ آرڪائيوز ۾ محفوظ الائي غير محفوظ پيو آهي، ڪاش سنڌالاجي کي ڪڏهن ڪو موسيقي شناس ڊائريڪٽر نصيب ٿئي، جيڪو انهن سڀني گراما فون رڪارڊن کي ڊجيٽلائيز ڪرائي.

خاندان فنائيءَ جو موجود       عابد حسين، ساجد حسين کرهير ]پيرزاده[ مالڪ العباد اسٽيٽ ايجنسي نزد

ڏس پتو:               علمدار چوڪ، سٽيزن سوسائٽي، حيدرآباد

***

چون ٿا ذهن هُن جو ڄڻ طلسمي صندوق هو، هٿ وجهندو هو ۽ اتان ڪنهن ڪلام جو ڪبوتر ڪڍي ريشمي آواز واري ڪنهن گائڪ يا گائڪا کي ڏيندو هو ته سندس اهو ڪلام پَر ڪري آسمانن تي اڏامڻ لڳندو هو. ”بي درد جي اقرار ۾ هرگز نه سچائي آ“ ”دلبرا لاتو توسان نيهن، خوشي ڏيندي ته خوش رهبو جي غم ڏيندين ته پيو سهبو“ ۽ ان وقت جنهن جنهن به گهر ۾، گراما فون مشين موجود يا جن جن کيرَ پتي چانهين جي هوٽلن ۾ رڪارڊ وڄائڻ جي رسم، پنهنجي دور جي جادوگر ۽ اطلسي آوازن ۾، اهي ڪلام هرهنڌان پيا ٻُڌبا هئا. پنهنجي دور جي ٽاڪ آف دي ٽائون انهن ڪلامن جو شاعر ڪير!؟ غلام حُسين فنائي! 1940ع کان پوءِ ستر جي ڏهاڪي تائين وڏڙا ٻڌائيندا هئا ته ڇا سنڌي فلمن جو هي عظيم گيتڪار شاعر رشيد احمد لاشاري يا ڪولمبيا رڪاڊنگ ڪمپني ۽ هز ماسٽرس ڪُتي ڇاپ ڪمپنين لاءِ ڪلام لکندڙ هي اسان جو ٻيو شاعر فنائي اڇن وارن سان ٽنڊي ولي محمد ٻٻرن ۽ واڍن واري پڙ حيدرآباد ۾ اڪثر هلندو ڦرندو نظر ايندو هو ۽ جتان جتان به لنگهندو هو ماڻهو حيرت مان هن کي ڏسندا ۽ چپن ۾ چوندا هئا ”ڏسو ڏسو سائين غلام حسين فنائي پيو وڃي“ هاڻي ڇا عرض ڪريان سڄي سنڌ جا سنڌي موسيقي شائق ئي نه، رستا، گهٽيون ۽ پاڙا به فخر پيا ڪندا هئا ته فنائي صاحب اسان جي وچ مان لنگهي پيو.

پر هي فنائي صاحب الائي ڪهڙي ڳوٺ شهر جي مٽي هو ۽ الائي ڇا سندس ذات پات ۽ جي سگهرو؟ ته هاڻي سندس پونئر الائي ڪٿي پيا رهن وسن، تڏهن سڀ کان اول، ته مون سنڌي ادب، ميڊيا ۽ فلم تاريخ جي ورقن ۾ ڦڙڦوٽ وڌي، پر مجال آهي جو مٿس ڪو هڪڙو اکر به ڪٿي لکيل هجي! پهرئين سنڌي قلم ’ايڪتا‘ جي هيرو رئيس ڪريم بخش نظاماڻيءَ جيڪا ”ڪيئي ڪتاب“ جي نالي سان پنهنجي آتم ڪٿا لکي آهي ان اڌ مڻ جيتري ڪتاب ۾ صرف ڇٽانگ جيتري هيءَ سٽ درج آهي ته ’فنائي جيڪو هن وقت بمبئي ۾ آيل آهي سندس شاعري غزل ۽ ڪافيون ٽوئن گرامون فون‘ ڪمپنيءَ ۾، ڳارائي رڪارڊ ڪرائي کيس چڱو معاوضو وٺرائي ڏنو اٿم‘ پر هي ويٺي ويٺي ۽ اوچتو ئي اوچتو ڇو تلاش ٿي مون کي فنائي صاحب جي! ته عرض ڪريان، ٿورا ورهيه ٿيا بلبل مهراڻ ادي روبينه مون تي ڪم رکيو ته، پنجاهه جي ڏهاڪي ۾ ”ميران هاءِ اسڪول“ ۾ پڙهندي هئس ته فنائي صاحب  جي هڪ نياڻي مون سان گڏ پڙهندي هئي، ڪڏهن ڪڏهن الائي ڇو اها اوچتو مون کي باد اچڻ لڳي آهي. ٿورو پتو ته لهي ڏيو نصير، ته اهو خاندان اڄڪلهه ڪٿي آباد آهي؟ تڏهن مون يڪدم بزرگ شاعر پرواني ڀٽي صاحب جي ياد- محل جا دروازا کُڙڪايا. چيائين، فنائي حيدر چوڪ تي مون ڏٺو هو، ٽبيل ڪُرسي ڪنڊ ۾ رکيو ويٺو هوندو هو، شايد اسٽامپ وينڊر هو. پوءِ ڪيڏانهن هليو ويو، ڪو پتو ناهي، شايد الهداد چنڊ ڳوٺ جو ويٺل هو. هاڻي سارو الهداد چنڊ جو ڳوٺ ته مون جهڙي شهر جي کوجيءَ جي پيرن هيٺان هو، خبر پئي هتي فنائي صاحب ڪڏهن به اچي آباد نه ٿيو هو. هاڻي مون نامياري نيوز ڪاسٽر ڪامران ڀٽي صاحب جي ساروڻين جا دروازا کُڙڪايا ۽ هي جيئن نه بجليءَ جي لوڊشيڊنگ ۾ لائٽ ايندي ۽ ويندي آهي، ڪامران صاحب ساهيون کڻي کڻي خلائن ۾ گهُوري گهوري اطلاع ڏنو. فنائي صاحب بيشڪ مون ڏٺو. وضعدار ۽ شانائتو بزرگ هو، سٺ واري ڏهاڪي دوران اسان جي رهائشي علائقي ”ٻٻرن واري پڙ“ ۾ مون ايندي ويندي اڪثر ڏٺو، قد مناسب، نڪ نقشي ۾ قبول صورت. وار سڀ اڇا، چُست ڦڙت ۽ ڏسڻ ۾ هڪ سوُيٽ انسان. ستر واري ڏهاڪي ۾ ڪولميبيا ڪمپني ۽ هنر ماسٽرز وائيس ڪمپنين جي شهرت جو سج ڇاڪاڻ ته لهي چڪو هو، ان ڪري بيروزگاريءَ سبب اڪيلو اڪيلو ۽ ويگاڻو ويڳاڻو پيو نظر ايندو هو ۽ پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي گوشئه گمنامي ۾ هليو ويو.

هاڻي هن شاعر بي مثل غلام حسين فنائيءَ کي ڪٿي ۽ ڪيئن ڳوليان!؟ تڏهن ريڊيو حيدرآباد تي هي جيڪو فرمائشي پروگرامن ۾ پراڻا پراڻا گراما فون رڪارڊ وڄائڻ جو شائق انائونسر ثناءُ الله وسطڙو، ان کي آواز ڏنم. برادر! فنائي صاحب بابت ڪا ٻُڌ سُڌ؟ ٻڌائڻ لڳو، آئون ته ان بابت لاعلم، البته مچرُ شهر اندر فنائي صاحب جو همعصر ”ڪمپني شاعر“ مشڪور غلام قيوم وسطڙو بي شڪ ته حال حيات آهي. هي اجهو وٺو ان جي نوجوان راڳي فرزند رضا وسطڙي جو نمبر ۽ رابطو ڪريو. فون ڪيم ته رضا ٻڌايو، بابا مشڪور وسطڙو، هن وقت سئو جي لڳ ڀڳ آهي  ڪنن کان به ويهي ويو آهي، حواس وڃايل اٿس ۽ حافظو به گم. ها! ايتري ضرور خبر وٺو ته فنائي صاحب ڀريا شهر جي مٽي هئا، جيڪي پوءِ حيدرآباد شهر ۾ وڃي رهيا، پر ڪٿي!؟ اهو سندن حال حيات پوٽي ڊاڪٽر غلام رسول کان پاڻ ئي پڇي وٺو! هي آهي سندن موبائيل جو نمبر! هاڻي فون تي جو هن کي پنهنجو نالو ٻڌايم، ته هتان آواز آيو، اسان کي به توهان سان ڳالهائڻ جي بي حد سڪ هئي، تڏهن هيڏانهن منهنجو خيال ته جلد از جلد فنائي صاحب بابت معلومات وٺان ۽ هوڏانهن بزرگ ڊاڪٽر صاحب جي مون ناچيز سان چاهت ايتري جو هر جملي بعد چوندا رهيا، صدقي صدقي توهان تان. هاڻي ڇا ٻڌايان، پرئين پار کان ڳالهائيندڙ فنائي صاحب جي پوٽي ڊاڪٽر غلام رسول جي ساهتي لهجي ۾ ايڏي ته پنهنجائپ، ميٺاج، جو آئون ته بابا، سندن سحر ۾ جڪڙيو پئي ويس! کين مون فنائي صاحب جي موضوع ڏانهن موڙيو، ٻڌائڻ لڳا، بابا وڏي غلام حسين فنائي جو 1900ع ڌاري ڪنڊياري ويجهو علائقي الهه بخش واري کوهه ڳوٺ ۾ جنم ٿيو، هيءُ ڳوٺ بابا وڏي فنائيءَ جي والد الهه بخش جي نالي سان اڏيل هو، پاڻ پيءُ کي اڪيلو پُٽ هو، پاڻ عاشق مزاج هو. ذات جو کرهر هو، پهرئين شادي ڏاڏي صاحب زادي پيرزاديءَ سان ڪيائين، ولر اولاد ٿيس، هڪ پُٽ نجم الدين، ايڪسائيز انسپيڪٽر ٿيو. پنج اسان جون پڦيون. غلام فاطمه شاهه خاتون غلام سڪينه، غلام زهره ۽ زبيده خاتون سڀ اعليٰ تعليم يافته. ڪا هيڊمسٽريس ٿي، ته ڪا ليڪچرار. پڦي زبيده حيدرآباد ۾ رهي ٿي ۽ پُڦي غلام سڪينه اولاد سان آمريڪا. فنائي صاحب جي ڪلام واري بليو بئگ ان وٽ ئي هئي. هيءُ سارو پريوار، ٻالڪپڻ ۾ هيرآباد ۾، ميرچنداڻي لين واري ماڙيءَ ۾ ئي ڄائو ۽ نپنو هو. پُڦي غلام فاطمه بلبل مهراڻ روبينه صاحبه جي ساهيڙي ۽ هم ڪلاسي هئي. هن وقت حيات ناهي. بابا نجم الدين جي شادي ٿي ته حيدرآباد جي مشهور گائڪا ’مولي ٻائي‘ اُن ۾ ڳايو هو. بابا نجم الدين، ٻٻرن جي پڙ ۾ گهر وٺي رهڻ لڳو، 1950ع تي منهنجي ولادت ٿي. آئون ڏاڏا سائين غلام حسين فنائيءَ جو لاڏلو ۽ سڪيلڌو پوٽو هئس. ڊاڪٽر غلام رسول لڙڪن ڀنل ۽ جُهڙ جهڙالي آواز ۾ ٻڌائيندو رهيو. جوان پئي ٿئس ته بابا فنائي سان ڇوٽڪي گهٽيءَ ۾ مسلم گرامافون ڪمپنيءَ تي ويندو هوس. ان کان اڳ پاڻ رڪارڊنگ ڪمپنين جي دعوت تي ڪلام ڏيڻ لاءِ بمبئي به ويندا هئا ۽ اُتان پوءِ موٽندا هئا ته گلاب جا گل ٿي موٽندا هئا. اسين ان وقت پئسي پنجڙ جي معاملي ۾ هر فڪر کان آجا هوندا هئاسين. وطن جي ورهاڱي بعد به، فنائي صاحب هندستان ويندا رهندا هئا. پرسرام ضياءَ، ماسٽر چندر، نورل ڦلپوٽو ۽ مشڪور غلام قيوم وسطڙو وغيره سڀ، بابا جا پڳ مٽ يار هوندا هئا. خانصاحب خير محمد خان، جيوڻي ٻائي، مولي ٻائي، مهتاب جان، ڀڳت موٽڻ، ساوتري گندواڻي ۽ هي سڀ راڳي، فنائي صاحب جي چؤطرف پروانن جيان پيا ڦرندا هئا. اجهو ان ڳالهه تي فنائي صاحب جي ڪلام جي هيءَ سٽ مون کي ياد پئي ”پرواني مثل شونق ۾، مون جان جلائي آ، بي درد جي اقرار ۾، هرگز نه سچائي آ“

ڊاڪٽر غلام رسول صاحب ٻڌائڻ لڳو ”بابا فنائي“ ستر ورهين جي لڳ ڀڳ پهتو ته مير چنداڻي لين واري ماڙي ۾ گهڻو ناچاڪ رهڻ لڳو هو. اهڙي اطلاع ڏيڻ وقت ڊاڪٽر غلام رسول جو آواز ٻيهر روئڻهارڪو ٿي ويو هو، تڏهن ڊڄي ڊڄي پڇيو هئم ”سندن تدفين ڀلا ڪٿي ٿي؟ ٻڌايائين ٽنڊي يوسف واري قبرستان ۾. هاڻي هيءُ آئون جنهن جا حيدرآباد جا سڀ قبرستان ڏٺل ۽ ڀيٽيل، پڇيم، ٽنڊي يوسف وارو قبرستان ته بي ڪنار آهي ۽ حيدرآباد جي قديم آباديءَ جو پراڻي ۾ پراڻو ۽ وڏو قبرستان جنهن ۾ هزارين نه، پر لکين قبرون آهن. فاني صاحب جي تربت بابت ڪا نشاني ڏيو ته سڀاڻي اتان ٿي اچان. پوءِ سيل فون تي ڏس پتو ڏيندي ٻڌائڻ لڳا. مقام اندر هيءَ جيڪو صالح شاهه نقشبندي جيلانيءَ وارو مشهور مقبرو آهي، اُن جي ڏکڻ ۾، جتي جيوڻي ٻائي ۽ ميراثي موسيقارن جون قبرون آهن. فنائي صاحب انهن جي ئي پيرانديءَ واري پاسي کان آرامي آهن، ته بس، هڪ شام سنڌي ادبي بورڊ واري مسجد جو پيش امام مولوي ۽ اد  دوست حافظ احمد دين انڍڙ مون سان  ساڻ هو ۽ ٽنڊي يوسف جي بي ڪنار قبرستان اندر، قطار در قطار، فنائي صاحب جي پريوار جون ڪيئي قبرون وڃي ڏٺم، جن منجهان هڪ تربت ۾ پاڻ به سُپرد خاڪ. لهندڙ سج جي روشنيءَ ۾ کرهر خاندان جي ڪيترن ئي فردن جي قبرن وچ ۾ ڀٽڪندي فنائي صاحب جي هن مشهور ڪالم جا ٻول، الائي ڇو هر هنڌ منهنجي چپن تي ايندا رهيا.

تُنهنجي ئي لُطف تي جڳ ۾، ’فنائي‘ پيو تڳي مالڪ، جياريندين ته پيو جيئبو، جي ماريندين مري وڃبو.

 

ڪافيون

 

سيڄ ڳَڻائي سُڃ ۾، مون کي ماروئڙن،

عمرَ ميان، آءٌ ڪيئن پَٽ پايان!

ٿي سانگياڻي، ٿيان ڪيئن راڻي، ويهي منجهه محلن: عمر ميان…

پائن پَٽ ڀل تنهنجون راڻيون، آهن مَرڪ هي جن: عمر ميان…

ڪيئن قبوليان هي لال هِندورا، پير ڌري پلنگن: عمر ميان…

ريءَ کٿيءَ ٻيو اوڇڻ انگ تي، ڪين پنوهاريون ڪن: عمر ميان…

سي سڏبيون ڪين سومرا سَتيون، جي ڀُلي حق ڀڃن: عمر ميان…

روئي رت هي هاڻ ’فنائي‘، ٿي پري کان پنهنجن: عمر ميان…

*

خوشي ڏيندين ته خوش رهبو، جي غم ڏيندين ته غم سهبو،

هلائيندين مون کي جئن تون، تنهنجي مرضيءَ تي تئن هلبو.

تون آهين شاهه بيپرواهه، آءٌ تنهنجي گدا در جو،

جو ڏيندين تون پيو وٺبو، نه ڏيندين ماٺ ۾ رهبو.

ڀلا ڪمزور جو ڇا زور تنهنجي زور تي هلندو،

تنهنجي طاقت اڳيان جهڪبو، نڪي ڪُڇبو نڪي پڇبو.

تون ڏاتر ڏيهه ساري جو، سخاوت جو سخي صاحب،

تنهنجي خيرات تي جڳ هي، پيو پلجي، پيو پلبو.

آءٌ تنهنجو تون آهين منهنجو، دُکي ٿيندس، گِلا ٿيندي،

پيو جڳ توکي ئي چوندو، نه ڪنهن جي وات کي جهلبو.

خوشي ٿوري، گهڻو دک دل، ڪيو مون کي عنايت تو،

ڪبي اُف ڪا به جي اِن ۾، نڪي وٽبو نڪي وٺبو.

وصف لاصفت هيءَ تنهنجي، آهي معلوم ٿي مون کي،

سوا ڏک جي نه سک ڏسبو، سوا سک جي نه ڏک ڏسبو.

تنهنجي ئي لطف تي جڳ ۾، ’فنائي‘ پيو تڳي، مالڪَ،

جياريندين ته پيو جيئبو، جي ماريندين، مري وڃبو.

]نئين زندگي- نومبر، 1970ع[

*

تنهنجي دام زلف، وجهي دام مون کي،

ڏنو ڪونه چُرڻ، اڳتي ڪو قدم.

تنهنجي ناز نظر نيشان ڪري،

نيو مون مان نهوڙي شان شرم.

هي نظام ڏسي تنهنجي نيڻن جو،

اُٿيو آهي اندر ۾ درد اَلم.

ابرو سيف سنگينون ثابت ٻئي،

سٽيون سيني مٿان جي تو آهن صنم.

ڇڏيو گهاون تن جي جيءُ گُهٽي،

پُڄي ٿو نه مون کان ٻيو ڪار ۽ ڪم.

جيڪي هوم هٿن ۾، ڏيئي مون،

وتي توکان تنهنجي آهي ’تون ئي تون‘،

تنهنجي حُسن ڀُلائي ٻي سڀ اُونَ چون.

شروع رات ڏينهان ڪيو نيڻن نم.

تنهنجي عشق جي ڪهڙي ڳالهه ڪريان،

جَهڙو آهي اچي ويو جيءَ کي جم،

موهي دل منهنجي مشتاق ڪري،

پُڇيو ڪين وري تو خدا جو قسم.

ڏاڍي ذات زوراور زاري ڏسي،

ٿو وڃي نه منهنجي دل مان هي وهم،

منهنجي جاءِ نه توسان، خدا سمجهي،

رکان دعويدار جو ڪهڙو دَم.

تنهنجي ڪاڻ ’فنائي‘ فقير ٿي هيئن،

پيو ڪاٽي حياتيءَ جا هي ڏينهن،

جيئن توکي وڻي ڪر ڀُل تون تيئن،

من ڪا مهر پَوئي، ڪرين تون مون تي ڪرم.

 

نياز مسرور بدوي

شڪارپور

 

 

 

 

ڪتاب: هميشه ڪونه هونداسين: تراب علي تراب

 

تراب عليتراب جي شاعريءَ جا ٻه مجموعا شايع ٿي چڪا آهن. هن سخي شاعر جو حق موجود فائونڊيشن پاران گلدستا‘، ’نعت‘هديه ’حمد‘
۽ ’
جيڪي منجھه تراب جي نالي سان ڇپيل آهن، هن وقت جيڪو مجموعو منهنجي مطالعي هيٺ آهي اُهو آهي هميشه ڪونه هونداسين.‘ اهو هڪ اهڙو ڪڙو سچ آهي، جنهن کان ڪو به ذي شعور انسان منڪر ٿي نه ٿو سگھي، پر اها به حقيقت آهي ته انسان پنهنجي سڀاءَ، پنهنجي علم ۽ افڪار سان هزارين سال زندهه رهندا آهن، صوفي اصطلاح موجب اهي مرڻ کان اڳي مري، موت کي شڪست ڏيئي سدا جي لاءِ، سدا حيات ٿي ويندا آهن.

تراب عليتراب جي هن مجموعي هميشه نه هونداسين ۾ حمد، نعت، قصيدا، سلام، منقبت، ڀيٽائون، لطيفيات، غزل، نظم، وايون، ڪافيون، گيت،  چؤسٽا، پنج سٽا، ڇهه سٽا، قطعا، رباعي، بيت، ڏوهيڙا ۽ فرد شامل آهن، جيڪي عروض جي سانچي ۾ پلٽيل آهن، جن جي جيتري قدر به ساراهه ڪجي سا ٿوري آهي.

شاعري، ائين ڪا هوا ۾ جنم نه وٺندي آهي ۽ نه وري ڪسب ڪمائڻ سان پلئه پوندي آهي ۽ نه وري لَئي مان لٺ ڀڃي شاعر ٿي سگھبو آهي. شاعري اها آتش آهي، جيڪا ققنس جيان عاشق کي ساڙي خاڪ ڪري ڇڏيندي آهي. جڏهن عشق جو پرتو ۽ حسن جو جلوو ان خاڪ ٿي ويل تي پوندو آهي ته عاشق صادق وري سندس سونهن جي ساراهه جا جام پي مستان ٿي ويندو آهي ۽ رَکَ ٿي ويل جسم مان ٻيهر جنم وٺندو آهي، نرواڻ ورتل جُوڻِ جي جھونگار ئي نرالي ۽ سوز واري هوندي آهي، انهيءَ سوز واري ساز تي سوين مفتون ٿي ڪسجڻ لاءِ تيار ٿي ويندا آهن. عشق آتش آهي، عشق نانگ آهي، عشق جو ڪيف قراري آهي. عشق جوڌن کي کڻي پٽ تي هڻندو آهي. تراب عليتراب به اهڙيون ٻوليون ٻوليون آهن، جن جو ميٺاج موهي وجھي ٿو.

 

تراب عليتراب جي شاعري ۾ صوفي خيالن ۽ وحدت الوجود جون هلڪيون هلڪيون سرگوشيون به ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون. وحدت ۽ ڪثرت جي پيرائي جي اپٽار به ملي ٿي. هڪڙي حمد ۾ ڄڻ ته سوره اخلاص جو تت پيش ڪيو اٿائين ۽ قرآني آيتن کي سَنَدَ طور پيش پڻ ڪيو آهي. رب سائين ساهه جي رڳ کان ويجھو آهي، اکين وارا ئي ان مام واري رمز کي سمجھي سگھندا آهن. اها به حقيقت آهي ته وجود ان جي راهه ۾ وڃائجي ٿو، تڏهن اها رمز سمجھه ۾ ايندي، اهي اولڙا سندس شاعري ۾ جابجا ملن ٿا. جھڙوڪ :

تون هين تون جي تنوار،

پڙهه لا الله الا الله.

ونحن اقرب ويجھو آهين،

صاحب رب ستار،

پڙهه لا الله الا الله.

لم يلد و يو لد،

پاڻ ئي پالڻ هار

پڙهه لا الله الا الله.

ان کان علاوه وحده لا شريڪ لہ، فذڪروني اذڪرڪم، الست بربڪم، قالو بلى، ڪل نفس ذائقة الموت، جھڙيون قرآني حروف کي نهايت برجستائيءَ ۽ موقعي مهل جي اعتبار سان مضمون ۾ نهايت سهڻي انداز ۾ نڀايو آهي.

تراب علي تراب جون لکيل نعتون به حب محمدي صه سان معمور آهن ۽ انهيءَ حب جي ڪهڙي نه سهڻي نموني سان تشريح ڪئي آهي.

رب ڪيو ڪلمي سان گڏ آ نالو تنهنجو پاڻ سان،

رب خلقيو آ بشر کي اي مٺا تنهنجي ڪري

هر مسلمان جو اهو ايمان آهي ته حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي صدقي هي دنيا وجود ۾ آئي آهي. حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن ئي هن دنيا جو ڪارڻي آهي. جيڪڏهن اها پاڪ ذات جو وجود مقصود نه هجي ها ته هيءَ دنيا ئي تخليق نه ٿئي ها. انهيءَ مراد کي تراب عليتراب هيئن پيش ڪري ٿو :

هي جھان سارو بنيو آ مصطفى تنهنجي ڪري،

عرش و زمين، آب و هوا سڀ دلربا تنهنجي ڪري.

حضرت علي ڪرم الله وجهہ  جو مقام صوفياء ڪرام جي نظر ۾ تمام بلند آهي ۽ حيدر ڪرار جي ولايت جي سرچشمي مان تمام گھڻا صوفياء ڪرام فيض ياب ٿيا آهن، سندس شان اعلى اتم آهي، حضرت علي رضه جي علم، حلم شجاعت، سخاوت، انصاف، سچائيءَ، سادگيءَ کي لفظن جي پيمانن ۾ بيان ئي نه ٿو ڪري سگھجي. سندس علم ۽ انصاف جا دشمن به گواهه آهن. انهن جي حضور ۾ تراب ڏاڍا سهڻا قصيدا لکيا آهن، پر سندن انهن قصيدن ۾ ورجاءُ آهي جھڙوڪ :

مٺو منهنجو مرشد مولى علي. (ص  48)

ٻي هنڌ هيئن چوي ٿو:

مرشد منهنجو مولى علي آ (ص 49)

ٻيو خيال پڙهو :

جنهن دلدل تي آ سواري ڪئي،

تنهن خيبر ترت تياري ڪئي.

ڪعبي ۾ ولادت جنهن جي ڏسو،

مسجد ۾ شهادت تنهن جي ڏس.

 (ص 48)

ساڳيو خيال ٻئي قصيدي ۾ هن ريت اظهاري ٿو :

دلدل تي جنهن ڪئي آ سواري،

خيبر ڏي ٿي ترت تياري

ڪعبي ۾ ٿي جنهن جي ولادت،

مسجد ۾ آ تنهن جي شهادت

(ص 49)

ساڳيو خيال :

اهو فيصلو اٽل ٿي ويو آ (ص 76)

اسان جو تون اسين تنهنجا اٽل هي فيصلو آهي

(ص 77)

سرجڻهار جي اها ڪوشش هجڻ گھرجي ته ڪنهن به ساڳئي واقعي کي نئين پيرائي، نئين انداز ۽ نئين احساس ۽ نون لفظن جي جدت سان پيش ڪري. ڇو ته تاريخي حقيقتون سڀني لاءِ هڪ جھڙيون هونديون آهن، پر ان کي پيش ڪرڻ جو انداز ئي وڌيڪ منفرد بڻائيندو آهي.

تراب علي تراب جون لکيل منقبتون به لاجواب آهن ته ڀيٽائون به دل جي خلوص سان لکيل آهن. پنهنجي ادبي استاد محمد هاشم لاکو سائل
سروري جي ساراهه ڪندي، پنهنجي عقيدت جو اظهار ڪندي لکيو اٿائين :

پرين پيارو ماڻهو سائل سروري هو،

سڄڻ سو سهارو سائل سروري هو.

تراب آهي طالب ۽ طالب ٿي رهندو،

جانب جيءَ جيارو سائل سروري هو.

عشق، شاعر جو امام آهي ۽ انهيءَ جي چيچ وٺي شاعر، شاعري جي راهه تي سفر ڪندو آهي، انهيءَ سفر بابت شيخ ايازصاحب چوي ٿو ’عشق اسان وٽ آيو آرائين جيان آ جھول ڀري‘ اهو آرائين هر ڪنهن جي قسمت ۾ لکيل هوندو آهي. تراب علي تراب به وٽ مهمان ٿيو آهي، تڏهن ته چوي ٿو :

اچي  عشق  پڙ ۾ رکيو   پير  آ مون،

پتنگ ٿي شمع تي پچڻ ڏي اسان کي.

اهو پچي ئي جو معراج آهي ۽ انهيءَ پچڻ بابت ڀٽائي صاحب فرمايو آهي تهپچڻ گھڻا پچائيا، تون پچڻ کي پچاءِ

تراب عليتراب به پچي امرتا جي سفر جو راهي بڻجي ويو آهي ۽ منزل ڏانهن تڪڙيون وکون کڻي رهيو آهي.

ٻئي هنڌ عشق جي اصليت بيان ڪندي چوي ٿو :

عشق اجل اڳرو، چريا اٿئي چتاءُ،

آهي ازلئون عشق جو ڀيڻ نڪو ڀاءُ،

سوري چاڙهي سڄڻين  ڪري ڪو نه سهاءُ،

تراب تکو تاءُ اصلئون آهي عشق.

ان سوري چاڙهي سڄڻين جي جملي ۾ صدين جي تاريخ لڪل آهي، جنهن جي وضاحت سوين جملن جي محتاج آهي، انهيءَ ڏس ۾ ڀٽائي صاحب فرمائي ٿو ته :

دوست ڪهائي دادلا، محب مارائي،

خاصن خليلن کي ٿو، سختيون سهائي

 الله صمد بي نياز سا ڪري جا چاهي،

انهي منجھه آهي، ڪا اونهي ڳالهه اسرار جي.

انهن بيتن ۾ سموري تاريخ سمايل آهي، جنهن جي ابتدا حضرت آدم عليہ السلام کان ٿي آهي ۽ ان جي انتها حضرت امام حسين عليہ السلام تي ٿي آهي انهيءَ کان پوءِ عشق جي سرزمين ڪڏهن منصور سان، ته وري ڪڏهن سرمد سان، ته وري ڪڏهن شاهه عنايت جھوڪ واري سان، ڪڏهن مخدوم بلاول رح جي رت سان سيراب ٿيندي رهي آهي ۽ اها عشق جي ازلي کيڏاڙ آهي جنهن کي تراب عليتراب‘، ”سوري چاڙهي سڄڻين جي ٽن لفظن ۾ سمايو آهي.

تراب علي تراب جو غزل تمام ميٺاج وارو ۽ سريلو آهي. مٿس جي ڪڙيون مٺيون گھڙيون گذريون آهن ۽ جيئن حسن کي پرکيو ۽ پروڙيو آهي، تنهن جو واضح نموني اظهار ڪيو آهي، چوي ٿو :

ڪرايو دلبر درشن اٿم دل کي قرار آيو،

وري هاڻي نئين سر ڄڻ خزان ۾ بهار آيو.

ڪيڏي نه سهڻي ۽ جاندار تشبيهه آهي. محبوب جي اچڻ سان خزان به بهار ٿي ويندي آهي. اهائي هڪ سچي شاعر جي نشاني آهي ته هُو پنهنجي محسوسات کي صحيح معنى ۾ ادا ڪرڻ جو هنر ڄاڻي. اهو هنرتراب فقير بلڪل ڄاڻي ٿو. هيءُ خيال ڏسو ڪيڏو نه خوبصورت ۽ دل لڀائيندڙ آهي جو چور، چوري به ڪري ٿو ۽ وري پويان پنهنجو ڪو نشان به نه ٿو ڇڏي.

کسي دلڙي وئين چوري، رهيو نشان ڪونهي ڪو.

محبوب جي ديدار جي مشتاقن، ڪانگ کي پنهنجي شاعريءَ ۾ قاصد طور تمام گھڻو ياد ڪيو آهي ۽ سڪ جا سنيها پهچائڻ جو واحد ذريعو بڻايو آهي. اها قديمي روايت اسان کي فقير تراب به وٽ ملي ٿي.

وڃ اُڏامي ڪانگ قاصد، لهه اڱڻ تي يار جي.

محبوب جي ناز جو شان ڪيڏو دلبريءَ سان پيش ڪيو آهي، جنهن مان سندس عشق جو درد واضح طور تي نظر ٿو اچي ۽ محبوب جي شقاوت ڪيڏي جدت ۽ شدت واري آهي.

ڏوران هڻي ٿو ڏنگڙا عاشق عليل کي تون،

ان لاءِ نانگ جهڙو سنگ چور ٿي وڃي ٿو.

ڏسو نه ڪيڏو ڪمال جو بيان آهي. سنگ چور نانگ جو هڪ اهڙو قسم آهي جيڪو ايڏو ته زهريلو ٿيندو آهي، جو هو جڏهن پٿر کي ڏنگ هڻندو آهي ته اهو مٽي ٿي ويندو آهي، ٻئي طرف تراب فقير اهڙي ڏنگ هڻندڙ زهريلي محبوب جي ڏنگ کي ڏنگڙا چئي ان جي زهريلي شدت کي ڪيئن نه جَھڪو آهي.

تراب فقير جي شاعريءَ ۾ ڪافي اصطلاح به ملن ٿا جھڙوڪ: اربع خطا، ننهن سان ڇڄي، انڌير نگري، چرٻٽ راجا، ڪوسو واءُ، وات رت سان ڀريل وغيره سان سندس شاعريءَ جو سٽون سينگاريل آهن.

تراب علي تراب جي شاعريءَ ۾ اسان کي اهي به اولڙا ملن ٿا ته هُو پنهجي پيش روئن جي خيالن کان گھڻو متاثر ٿيو آهي ۽ انهن جي خيالن جي تاڃي پيٽي کي پڻ ڪتب آندو آهي. اهو فطري عمل آهي جنهن کان دنيا جا وڏا وڏا شاعر به بچي نه سگھيا آهن. تراب عليتراب شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست، ابراهيم منشي، استاد بخاري ۽ ٻين شاعرن کان پڻ متاثر ٿيو آهي.

تراب علي ’تراب‘ جو استاد محمد هاشم لاکو ’سائل‘ سروري به ڪامل شاعر هو ۽ استاد جو استاد به ڪامليت وارو شاعر هو، جن جا شاعريءَ جا گل اڃا به خوشبوءِ پکيڙي پنهنجي هجڻ جو احساس ڏياري رهيا آهن.

 

پروفيسر سيد اعجاز علي شاهه رضوي

حيدرآباد

چنڊ چڙهيو ماتمَ جو

 

سنڌ جي عزاداريءَ جي تاريخ انتهائي قديم آهي، مطالعو ٻڌائي ٿو ته سنڌ ۾ هن وقت جيڪا عزاداري رائج آهي ان کي سنڌ جي ٽالپر حڪمرانن فروغ ڏئي منظم ڪيو ۽ ان عزاداري جي قيام توڙي فروغ ۾ سيد ثابت علي شاهه ڪربلائي انتهائي سگهارو ڪردار ادا ڪيو. هونئن ته سنڌي مرثيي جو باني شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه آهي جنهن پنهنجي رسالي سُر ڪيڏارو لکي سنڌ واسين کي جهرجهنگ ’ياحُسين‘ جي وائي ورائڻ تي آماده ڪيو، پر باقاعده جديد سنڌي مرثيي جي بانيءَ جو اعزاز وري به سيد ثابت علي شاهه ڪربلائي کي ئي حاصل ٿيو، جنهن ڪربلا ڪارزار جي سموري ۽ پيرائتي روئيداد کي جديد سنڌي مرثيي ۾ لکي اها مڃتا ماڻي جو اڄ تائين سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ برپا ٿيندڙ هر ان عزاداريءَ کي اڻپورو تصور ڪيو وڃي ٿو، جنهن ۾ سيد ثابت علي شاهه ڪربلائيءَ جو لکيل مرثيو نٿو پڙهيو وڃي.

سيد ثابت علي شاهه ڪربلائيءَ کان پوءِ سنڌ جي سوين شاعرن شاعريءَ جي ان صنف تي ڀرپور طبع آزمائي ڪئي آهي، پر ڪوبه شاعر مرثيي نگاريءَ ۾ اهو مقام ناهي ماڻي سگهيو، جنهن مقام تي سيد ثابت علي شاهه ڪربلائي فائز ٿيو، اهوئي سبب آهي جو سنڌي مرثيي جو تذڪرو ٻُڌڻ شرط ذهن تي سيد ثابت علي شاهه ڪربلائيءَ جو نالو تري ايندو آهي ۽ اهوئي اهو شرفِ قبوليت آهي، جيڪو کيس بارگاهِ معصومين ۾ عطا ٿيو.

سيد ثابت علي شاهه ڪربلائي جي تصنيفات ۾ ’ڪُليات سيد ثابت علي شاهه‘، ’زيارت نامون‘، ’رد الخوارج‘ ۽ ٻيون تصنيفات شامل آهن، جن مان سندن شاعريءَ جي ’ڪُليات سيد ثابت علي شاهه‘، ’رڻ گجيو راڙو ٿيو‘ ۽ ٻين نالن سان بار بار شايع ٿيندي رهي آهي، تازو ساڳي ڪُليات ’چنڊ چڙهيو ماتم جو‘ جي نالي سان ڇپرائي شايع ڪئي آهي جنهن جا مرتب ڪندڙ حاجي زوار سيد توفيق حسين شاهه نقوي، عبداللطيف ڪرٽيو ۽ طارق عزيز شيخ آهن، جن هيءُ ڪتاب مرحوم سعيد عبدالله هارون ۽ ان جي گهر واري مرحومه پروين سعيد عبدالله هارون جي ارواحن کي ايصال ثواب پهچائڻ لاءِ عاشقانِ اهل بيتؑ پبلشرس دونهون ابراهيم شاهه خيرپورميرس پاران ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. 1816 صفحن تي مشتمل پڪي جلد سان هن ڪتاب ۾ سيد ثابت علي شاهه ڪربلائيءَ جي ڪُليات واري سموري شاعريءَ کي سهيڙيو ويو آهي.

ڊگهي عرصي کان مذهبي ۽ ادبي حلقن ۾ سيد ثابت علي شاهه ڪربلائيءَ جي هن ڪُليات جي کوٽ کي شدت سان محسوس ڪيو پئي ويو ۽ هن ڪتاب جي اشاعت سان اميد ته اها کوٽ ڪنهن حد تائين پوري ٿي سگهندي، الله تعاليٰ بحقِ آئمه معصومينؑ جي هن ڪليات کي شايع ڪرائيندڙن کي ان عملِ خير جي جزاءِ خير عطا فرمائي.

ظفر علي خاصخيلي

ٽنڊو جان محمد

ناول: لال لهوءَ جي سرگم تي

 

پراڻي ٿرپارڪر ضلعي ۾ ناول نگاري جو صحيح معنيٰ ۾ باني محمد عثمان ڏيپلائي هئو. جنهن جو نالو ناول نگاريءَ ۾ سڄي سنڌي ادب ۾ کيس ممتاز حيثيت ڏياري ٿو. ان بعد به ڪجهه هڪ- ٻن ناولن وارا ليکڪ آهن ۽ وري عبدالقادر جوڻيجو صاحب جو نالو اڳتي هلي سنڌي ناول نگاري ۾ اهم حيثيت وارو آهي، عبدالقادر جوڻيجو کان پوءِ وري هن بيٺل پاڻيءَ ۾ پٿر اسان جي نوجوان ڪهاڻيڪار محترم مير سجاد اختر ٽالپر صاحب هنيو آهي.

سنڌي ادب ۾ ڪهاڻيڪار جي حيثيت سان مڃتا ماڻڻ بعد هو ناول نگاري ۾ به سرخرو ٿيو آهي. هُن کي ناول لکڻ جو خيال انهيءَ ڪري به آيو ته جيڪي ڳالهيون ۽ موضوع ڪهاڻيءَ کان وڏو پلاٽ رکن ٿيون ۽ انهن جي اظهار لاءِ وڌيڪ صفحا گهرجن ته هُن ناول جي صنف کي منتخب ڪيو آهي. هُو پنهنجي پاران ۾ لکي ٿو ته:

”جڏهن اسين سڀ (اڪثريت) پيڙائن ۽ دردن ۾ گهاريندا هجون، جڏهن اعليٰ ۽ ارفع نظريا يرغمال بنجي چُڪا هجن، جتي قانون اميرن جي ٻانهي بنيو بيٺو هجي ته اُتي پوءِ پڙهيل لکيل هوندي به منهن تي ٻوٿاڙا ٻڌيو، تماشائي بڻيو ويٺا هجون ته پوءِ اسين پاڻ سڀ کان وڏا ڏوهاري آهيون، هن سماج جا، هن سماج جي ماڻهن جا ۽ انهن ماڻهن جا به جن دنيا ۾ امن ۽ انصاف لاءِ لکين درد سٺا، تڪليفن مان گذريا ۽ سماج اندر صحتمند رَويا پيدا ڪيا.،

هِن تمهيد بعد مير صاحب پُراُميد آهي ته ’ڪو وقت اهڙو ايندو جو هِن ڪائنات ۾ امن، سڪون، محبت ۽ سچائي، جو بول بالا هوندو.‘

محترم زاهد راڄپر ڪيڏو سٺو لکيو آهي ته، ”هڪ دفعو ناول هٿ ۾ کڻڻ بعد پڙهي پورو ڪرڻ کانسواءِ هٿ نه ڪڍڻ تي دل چوي ٿي.“ اڳتي لکي ٿو، ”سنڌي لکڻين ۾ اڪثريت روئڻ پِٽڻ، رومانس ۽ مايوسي ملندي آهي، پر مير سجاد اختر جي ناول جي ڪنهن به سِٽ ۾ توهان کي مايوسي ۽ روئڻ پِٽڻ نه ملندو.“

مير سجاد اختر جي محنت کي محترم عبدالقادر رانٽو صاحب هيئن ساراهيو آهي ته، ”مير سجاد ٽالپر تمام وڏي محنت ڪئي آهي، جيڪا هر ماڻهوءَ جي وس جي ڳالهه نه آهي، کيس جَس به ڏيندس ۽ مبارڪباد به ڏيندس.“

ڪتاب جو پلاٽ خواهه ٻولي ٿر جي ڏکڻ اوڀر ڪنڊ جا آهن، ڪردار به هِتان جا آهن ۽ ليکڪ به هِتي جو آهي. هنن ڳالهين جي امتزاج ناول ۾ وڏي سونهن پيدا ڪئي آهي، شاعري ۾ ساراهيل ۽ ساراهبو ويندڙ هن سونهن جي اظهار سان مير صاحب خوب نباهيو آهي.

ناول ’لال لهوءَ جي سرگم تي‘ ۾ اهي سڀ خوبيون تقريباً موجود آهن، جيڪي هڪ سٺي ناول ۾ هئڻ گهرجن، هن جا مُک ڪردار هيمنت، سانول، راڌا، موهن پنهنجي پنهنجي جڳهه تي بهترين گفتگو ڪن ٿا ۽ انهن جو هڪٻئي سان تعلق سماجي طرح سان مضبوط ڏيکاريل آهي، پڙهندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ هن ناول مان ڪجهه چونڊ ٽڪرا هِتي ڏيون ٿا:

راڌا پڇيو: ”سانول پوءِ انسان پنهنجي من جي ڀاوَنائن (خواهشن) جو غلام ڇو آهي؟“

سانول وراڻيو: ”راڌا، جيئن انسان حادثن کان اڻواقف هوندو آهي تيئن هُو پنهنجي ڀاونائن (خواهشن) کان به اڻواقف هوندو آهي ۽ انهن ڀاوَنائن (خواهشن) جي موهه جي ڪري، هميشه بي سڪونو رهي ٿو، هر نئين ڀاوَنا (خواهش) هر نئين اُتساهه کي جنم ڏي ٿي ۽ هر نئون اُتساهه، هر اڳرو ڪم ڪرائڻ تي مجبور ڪندو آهي ۽ پوءِ هر نئين ڀاوَنا (خواهش) انسان جي اصل کي ماري، پنهنجو غلام بڻائي ڇڏيندي آهي ۽ انسان ويچارو پنهنجي هٿ وس نه رهندو آهي.“ ص 92.

موتي حيرت وچان چيو: ”اڇا، ادي ته پوءِ هي دُنيا نسوري نرڳ (دوزخ) آهي.“

راڌا وراڻي: ”نِرڳ ۽ سَرڳ انسان پنهنجو پاڻ ٺاهيندو آهي، جيڪي انسان پنهنجي آسپاس ڪُل جيوَ سان پيار ۽ برابري جو ناتو رکندو آهي ته اهو پنهنجي هن دُنيا ۾ ئي سرڳ ٺاهي وٺندو آهي، ۽ جيڪي اسان پنهنجي چوگرد رهندڙ ڪُل جيوَ تي پنهنجي حاڪميت، ڏاڍ ۽ جبر سان قائم رکڻ جي ڪوشش ڪندو ته اهي سڄي ڄمار اشانت ۽ خوفزده رهندو آهي، اهڙي طرح موتي هو پنهنجي لاءِ هن ئي دُنيا ۾ نرڳ جوڙي وٺندو آهي.“ ص 160.

”موهن، زينت کي پنهنجي ڌيءُ ڪري پاليو هو، موهن کي ته ڪوبه اولاد ڪونه هو، تنهنڪري پاڙي ۾ رهندڙ احمد جي نينگري زينب، ٻنهي گهرن جي اکين جو تارو هئي.“ ص 56.

”زينب جڏهن پنج درجا پاس ڪيا ۽ گڏوگڏ قرآن مجيد به پڙهي پورو ڪيو هئائين ته موهن ۽ هيما خوشي ۾ پئي نه ماپيا، پاڙو ته ڇُٽو، پر سڄي برهمڻ آباد ۾ مٺائي ورهائي هئن.“ ص 57.

علي نواز پلي

حيدرآباد

بزمِ روح رهاڻ طرفان محترم عبدالحميد سنڌي جي

81هين سالگره ۽ ٻن ڪتابن جي رونمائي تقريب

سنڌ جي هاڪاري، تعليمدان، ڪهاڻيڪار اديب عالم جاکوڙي ڪردار محترم عبدالحميد سنڌي صاحب (مرحوم) جي 81هين سالگره سندس ئي رهائشگاهه تي ملهائي ويئي. هن رهائشگاهه تي حميد سنڌي ويهه ايڪيهه سال مسلسل بزمِ روح رهاڻ جون رهاڻيون رچائي انهن عالمن، شاعرن، ڪهاڻيڪارن، صداڪارن، اداڪارن ۽ صوفياءِ ڪرام کي ياد ڪري انهن جي علمي پورهئي جو قدر ڪري وقت بوقت، حياتن ۽ مرحياتن جي خدمتن کي ساراهي ادب جي قدردان جو ثبوت ڏنو ۽ پاڻ ملهائيو هئو.

عبدالحميد صاحب جي هن 81هين سالگرهه تقريب جا خاص مهمان سنڌ جو ناميارو شاعر امداد حسيني ۽ جناب سينئر صحافي نياز پنهور هئا. ان موقعي تي امداد حسيني صاحب چيو ته ون يونٽ جي زماني ۾ حميد سنڌي صاحب روح رهاڻ رسالي ذريعي قومي جاڳرتا پيدا ڪري آواز اُٿاريو، جڏهن ته ان زماني ۾ ’سنڌ‘ چوڻ به ڏوهه هو، تڏهن حميد سنڌي قلم جو جهنڊو هٿ ۾ کنيو ۽ هُو هميشه قائم رهندو. اهڙن خيالن جو اظهار ڪندي امداد حسينيءَ جو گلو روئڻهارڪو ٿي پيو ۽ ماٺ ۽ چپ ڪري اکين مان نير وهائي مائڪ اڳتي وڌايو.

ان بعد سينئر صحافي نياز پنهور پنهنجن خيالن جو اظهار هن ريت ڪيو ته بزمِ روح رهاڻ جي ادبي، فڪري ويهڪن ۾ هزارن جي تعداد ۾ ڪيسٽون رڪارڊ ٿيل آهن. انهن کي ڊيجيٽيلائيزڊ ڪري ترتيبوار ’يوٽيوب‘ تي شيئر ڪري سگهجي ٿو. سائين حميد سنڌي ادب جو انمول ڪردار هو. هن جو ڪيل پورهيو ئي کيس زندهه رکندو. هُو ڪڏهن به ورڻو ناهي.

نامياري شاعر ادل سومري چيو ته حميد صاحب جڏهن لطيف يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسيلر هو ته سڀني سان مانائتي انداز ۾ ملندو هو، هن جي مزاج ۾ ڪا تبديلي نه آئي، هُو سنڌي ادب ۾ نرالو ڪردار رهيو.

اڳوڻي اسٽيشن ڊائريڪٽر ريڊيو پاڪستان حيدرآباد، شاعر، اديب جناب نصير مرزا صاحب پنهنجي خيالن جي اظهار ۾ چيو ته مون کي اهو وڏو اعزاز آهي ته حميد صاحب مون کي پنهنجو ادبي وارث ڪري ويو. مون هن جا ڪتاب ترتيب ڏنا آهن. جنهن مان هڪ ڪتاب ’وري نه ايندو هي وڻجارو‘ جي رونمائي اڄ ڪئي ويندي.

ان موقعي تي جناب سائين قاضي خادم صاحب پنهنجي خطاب ۾ چيو ته حميد سنڌي جون يادگيريون اسان جو وڏو اثاثو آهن، جن کي پيا سنڀاليندا رهنداسين. هُو عظيم انسان هو.

ان بعد حميد سنڌي صاحب جي ڀاءُ شمس الحق ميمڻ چيو ته حميد جون ڪهاڻيون سماج مان ورتل آهن. انهيءَ ڪري ئي مقبول  ٿيون. ادا سائين منهنجو ڀاءُ هو، گهر الڳ هئا، پر دليون گڏ هيون.

محترم استاد ادريس جتوئي صاحب چيو ته حميد سنڌي هڪ تخليقڪار هو. هن ڪهاڻين ذريعي سچا پچا ڪردار نروار ڪيا.

ڀلوڙ ڪهاڻيڪار سليم چنا چيو ته حميد سنڌي روح رهاڻ، جشن روح رهاڻ ۽ بزمِ روح رهاڻ ذريعي ادب جي بيمثال خدمت ڪئي ۽ هميشه زندهه رهندو.

ان سالگرهه گڏجاڻي ۾ علي نواز پليءَ چيو ته سائين حميد سنڌي جي ادب سان محبت هئي. هُو نئين نسل ۽ سينئر ليکڪن جي وچ ۾ ’پُل‘ هو ۽ اهو ڪم هٿ ۾ کنيائين، جيڪو سلسلو ساهه جي آخري هڏڪي تائين جاري رهيو. سائين حميد سنڌيءَ کي سنڌ ۽ سنڌ جي تهذيب جو درد رهيو. پاڻ کاهوڙڪي صفتن جو مالڪ هو.

بزمِ روح رهاڻ جي سيڪريٽري جرنل واحد ڪانڌڙو سالياني رپورٽ پڙهي، جنهن ۾ هن ٻڌايو ته بزم سال ۾ 25 پروگرام ڪرايا، سنڌي ادبي بورڊ، ثقافت کاتي، سنڌالاجي، ڪراچي يونيورسٽيءَ جي شاهه لطيف چيئر سميت مختلف ادارن پاران سائين حميد سنڌيءَ جي ياد ۾ يارنهن تعزيتي ميڙاڪا ڪيا ويا، جن ۾ هزارين ماڻهن جي شرڪت رهي.

آجياڻي جي خطاب ۾ سندس فرزند ارشد حميد سڀني آيل مهمانن جا ٿورا مڃيا.

گڏجاڻيءَ جي ان موقعي تي اديب عالم نفيس احمد ناشاد چيو ته حميد صاحب اسان ۾ اڄ به موجود آهي، اهي انسان مرڻا ناهن، هو فقط جسماني طور ڌار ٿيو آهي.

انهيءَ کان علاوه جن اديبن شرڪت ڪئي تن مان محترمه نذير ناز، محبوب ڀٽي، محسن جويو، روشن سندر چانڊيو، نظير ملڪاڻي، طالب ڀنڀرو ۽ ٻين خطاب پڻ ڪيو.

تقريب ۾ ممتاز بخاري، مهتاب محبوب جي نياڻي زمر محبوب، ع.ق شيخ جي نياڻي نجمه شيخ، سائين حميد سنڌيءَ جي گهر واري جي ڀيڻ شبنم شهلا، يوسف جويو، فهيم نوناري، چيتن مينگهواڙ، مولا بخش محبتي، نياز مسرور بدوي، عظمت الله ڪنڀر، حميد سنڌيءَ جي پوٽي محمد سلمان سميت اديبن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جڏهن ته تقريب جي ڪاروائي بزمِ روح جي سيڪريٽري جنرل واحد ڪانڌڙو هلائي. آخر ۾ سمورن اديبن، شاعرن حميد سنڌي صاحب جي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو. بزمِ روح رهاڻ جي باني صدر حميد سنڌيءَ جي 81هين سالگرهه جي موقعي تي ٻن ڪتابن جي رونمائي پڻ ڪئي وئي. (1) نامياري صحافي ۽ اديب محترم نياز پنهور پاران حميد سنڌي جي ڪالمن تي مشتمل ڪتاب ’داستان حيات- قصئه مختصر‘ ۽ (2) تاج جويي ۽ نصير مرزا پاران حميد سنڌي تي لکيل مضمون ۽ تاثراتن تي ترتيب ڏنل ڪتاب ’ايندو نه وري هي وڻجارو‘.

 

جلال ڪوري

عمرڪوٽ

 

سنڌي زبان جي تمام اهم صوفي شاعر ’صوفي صديق محمد ’صادق‘ سومرو، جي درگاهه جي آڳنڌ ۾ هيءَ ٽين ’صوفي صادق شاهه‘ ادبي ڪانفرنس 2020-11-16 تي ٿي. هيءُ ڪانفرنس سول سوسائٽي سپورٽ پروگرام (CSSP) ۽ صوفي صادق شاهه تحقيقي بورڊ طرفان منعقد ٿي، هن ڪانفرنس جو روح روان نوجوان اديب ۽ شاعر صوفي اورنگ ’زيب صوفي‘ صاحب هئو. جڏهن ته مير حسن آريسر صاحب (CSSP) طرفان نمائندگي ڪئي، محترم زيب صوفي صاحب 1996 ۽ 1997 ۾ ٻه سال لاڳيتو ٻه ڪانفرنسون اڳ ۾ به ڪرائي چڪو آهي. 1996ع ۾ پاڻ ’صوفي صادق ايوارڊ‘ صوفي صاحب تي ابتدائي دور ۾ تحقيق ڪندڙ محترم راڄ محمد ’جمال‘  پلي صاحب جي نالي ڪيو. هن ڪانفرنس ۾ سنڌ جي تمام محققن کي مدعو ڪيو ويو ۽ کين صوفي صاحب تي تحقيق لاءِ دعوت ڏني وئي. محترم زيب صوفي صاحب وري 1997ع ۾ ٻي عاليشان انٽرنيشنل ڪانفرنس سڏائي. هنن ڪانفرنسن ۾ مختلف نشستن ۾ عاليشان مقالا ۽ مشاعرا ٿيا، راڳ جون محفلون به ٿيون، ’زيب صوفي‘ صاحب ’صوفي فقير‘ جي پراڻي شاعرانه ۽ ادبي ماحول کي ٻيهر متحرڪ ڪري ڇڏيو.

ڪجهه ڏينهن ماٺار بعد وري 2020-11-16 تي بروز سومر هيءُ ڪانفرنس منعقد ٿي، جنهن جو عنوان هئو ’صوفي صديق فقير صادق جي ڪلام ۾ انسانيت جو پيغام‘. هن ڪانفرنس ۾ وحدت الوجود، وحدة الشهود ۽ انسانيت جي بحثن سان گڏ ذات حقيقي جون صفاتي تجليون، جلوا، جولان ۽ فقير جون سرمستيون حجتون ۽ پنڌ به نظر آيا، تصوف جي جهان جي اونهن، پنڌن، پيچرن ۽ سفر مسافرين ۾ صوفي صاحب نوان نوان تجربا ۽ خيال جيڪي تصوف جي سموري تاريخ ۽ سنڌي شاعريءَ ۾ نڪور، انوکا ۽ اڻڇهيل آهن، انهن جا راز کولڻ ته ڪنهن جي وس ۾ ڪونه هئا، پر ڳالهين مان ڳالهيون هلندي محفل تي تصوف جا خمار چڙهندا رهيا.

صوفي صادق فقير صاحب جي حياتيءَ جا احوال، سندن مجاهدن ۽ مراقبن جون حقيقتون، سندن ڪلام ۽ ڪتاب ’دردنامي‘ جا ذڪر اذڪار ٿيا. صوفي صاحب جي راڳنامي ۽ سندس رسالي توڙي ڪلام تي ٿيل ڪم جي ڄاڻ محفل کي ڏني وئي. صوفي صاحب جي راڳ ۽ شاستريه راڳ ۾ فرق ڪري سمجهايو ويو ۽ صوفي صاحب جي سنگيت تي تحقيق جي ضرورت ۽ اهميت تي ڳالهيون ٿيون.

هن محفل جي شروعات صوفي صاحب جي سماع جي راڳين الياس فقير ۽ صوفي علي رضا، صوفي صاحب جي بيتن ۽ صدا سان ڪئي.

هن ڪانفرنس جي صدارت سنڌي ٻولي جي اداري جي چيئرمين محمد علي مانجهي صاحب ڪئي جڏهن ته مهمان خاص سنڌ يونيورسٽيءَ جو استاد پروفيسر محمد انس راڄپر هئو. جن ٻين صاحبن هن ڪانفرنس ۾ ڳالهائيو انهن ۾ ڊاڪٽر اڪبر علي چانڊيو، سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ جو استاد پروفيسر عبدالستار سهتو، مير حسن آريسر، صوفي عقيل ۽ جلال ڪوري شامل آهن. آيل مهمانن جي ڀليڪار ۽ افتتاحي تقرير محترم زيب صوفي ڪئي ۽ CSSP طرفان ووٽ آف ٿئنڪس محترم عبدالواحد سنگراسي پيش ڪيو. محفل موسيقيءَ ۾ استاد شفيع فقير ۽ شيرو فقير صوفي صادق فقير جي صدائن سان محفل کي چشم آلود ماحول ۾ آڻي ڇڏيو، معززين ۾ عبدالرؤف سومرو، ڊاڪٽر سالڪ سومرو، سردار ڀيو ۽ عبدالقادر جمالي موجود هئا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org