سيڪشن: رسالا

ڪتاب: 4/ 2020ع

باب:

صفحو:18 

عبدالرزاق ڪلهوڙو

قنبر

 

 

 

غـــفـــلـــت

نوان ڪپڙا ۽ سفيد رنگ جو چيڪٽ ڪندڙ بوٽ پائي يارل خان ساجهر سويل خدن خان وٽ سندس ڳوٺ پهتو.

هن جو خدن خان سان دوستي ۽ ڀائپي برادريءَ وارو پراڻو رستو وڏن کان وٺي رهيو آهي. هڪ ٻئي سان اٿي ويٺي وارو اهو رستو خوب نڀائيندا رهيا آهن.

ان ڏينهن يارل خان، صفا خان صاحب بڻيو، وڏي ٺاٺ باٺ سان خدن خان جي ڳوٺ پهتو هو. خدن خان وارن وري محبت ۽ چاهه سان سندس آجيان ڪئي هئي.

سڄو ڏينهن ويندي رات تائين وقفي وقفي سان ڪن سالن جون سڪ ڀريون خبرون، نوان پراڻا احوال، ڊاڙون ڊشون ڪچهريون ۽ کل ڀوڳ ڪندا رهيا هئا.

هونءَ به هن جي طبيعت ڀوڳ تماشي واري ننڍپڻ کان وٺي رهي آهي. هر ماڻهوءَ سان خوش طبع رويو رکڻ ۽ خوش وخرم رهڻ سندس من پسند مشغلو رهيو آهي.

دوست هجنس يا مائٽ وفاداري ۽ ناماچاريءَ جهڙو جنون سدائين سندس مٿي ۾ رهيو آهي. مهمان نوازيءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي، جنهن ڏينهن وٽس مهمان نه هوندا ته ان ڏينهن هو پاڻ ڪنهن نه ڪنهن جو مهمان هوندو. غريب توڙي امير سان مهمان نوازيءَ وارو رستو هوندو اٿس.

پر هن يارل خان ۾ هڪڙي خامي ضرور رهي آهي ته هُو طبيعت ۾ وڏو خارباز ۽ چيڙاڪ آهي. ڪڏهن ڪڏهن غلطيءَ تي پشيماني به ٿيندي اٿس.

ان ڏينهن اُتي رات جو کٽ تي سُتو پيو هو، ته اوچتو کٽ جي ٻانهين کان لڙڪيل سندس هٿ تي هڪ رولو ڪاري رنگ جي ڪتي لانگ ورائي پيشاب ڪرڻ شروع ڪيو. جيئن ئي پيشاب جا قطرا هَٿَ تي پيس ته ڇرڪ ڀري جاڳي پيو هو ۽ ڪتي کي هٿ تي پيشاب ڪندي ڏسي ورتائين. ڪاوڙ ته گهڻي چڙهيس، پر ڪتو هن کان ڀڄي ويو......

ڪتي کي سيکت ڏيڻ لاءِ يارل خان ٻيو ڏينهن به اُتي رهي پيو هو. ڏينهن جو خدن خان کي چيائين: مون کي رات جو هڪ ٿلهي لٺ کپي....“

”خير ته آهي! ڪنهن جي ڀاڱا ڀيل ڪندين......!؟“
خدن کانئس رازدانه انداز مان پڇيو.

”مون کي سيرانديءَ کان لٺ رکڻ جي عادت پيل آهي. پنهنجي گهر ۾ به سدائين ڀرسان هڪ ٿلهو ڏنڊو رکندو آهيان.“

خدن سوچيو شايد رات جو ڊڄندو هوندو، تنهنڪري ٺاهوڪي لٺ جو بندوبست ڪري ڇڏيائين.

راتوڪي دونس واري حالت هن همراهه جو کل مک چهرو مُرجهائي ڇڏيو هو. رڳي ڦِڪي مِٺي لِل مچ پئي ڪيائين. هن کي اهوئي انتظار هو ته ڪُتي کان بدلو وٺان.

ذليل ۽ ڪني رات منهنجو هٿ پليت ڪري ڇڏيو. انتقامي ڪاروائي ڪرڻ جا خيال هروقت جاڳندا رهيا هئس ۽ ڪُتي تي دل ۾ ڪاوڙ جا انبار پئي ڪيرايائين.

حوالن دوران خدن پڇيس: ”ڪرموءَ جي خبر چار ڏي، ڪهڙن حالن ۾ آهي، ٻڌو هئم ته مغز خشڪ ٿي ويو اٿس. رکي رکي هوائي خبرون ڪندو آهي. مغز اڃا ٺڪاڻي ناهيس ٿيو ڇا......!!

يارل خان ڀڻڪندي ورندي ڏيندي چيائين:

”ڇوري جا ٻئي جهان نڪري ويا آهن، سڄو ڏينهن ڇڳل کٽ تي سُتو پيو آهي. بک ۾ پاهه هوندي به کائڻ لاءِ ڪجهه ناهي گهرندو، پر پوءِ به ماءُ جا آنڊا....... هڪ سِڪيلڌو پٽ سوبه سُڌريو ڪونه سڄو ڏينهن هيرونين وانگر حال هيڻا ڪري ڇڏيا اٿائين.

چوي وٺندس ته اها...... نه ته گهوري جان جتن تان. هڪڙي ڏينهن ڪاوڙ ۾ مون به گهٽ نه ڪئي، اچي لٺين سان ورتومانس. وچ ۾ ماڻهس اچي وئي هڪڙو ڏنڊو ان کي به لڳي ويو هو.“

ڪچهريءَ ۾ ٽهڪڙو مچي ويو.......

خدن هڪل ڪندي چيو: ”ڇوڪرا کلو ٿا....!“

سڀ جو سڀ چُپ ٿي ويا. ڪنهن به ٻڙڪ نه ٻولي. ڪجهه گهڙيون گذرڻ کان پوءِ خدن به ٽهڪ مٿان ٽهڪ پئي ڏنا ۽ چيائين: ”مون کان به هڪڙي ڏينهن گهر واريءَ کي ڪنهن ڳالهه تان لٺين جو ٺاهوڪو ڪُٽڪو اچي ويو هو سو اڄ تائين ڏاڍو پڇتائيندو آهيان.

غلطيون اسان مردن جون هونديون آهن ۽ ڪاوڙ وري عورتن مان ڪڍندا آهيون. حقيقت ۾ اسان وڏا قهاري ۽ ظالم آهيون. عورتن ويچارين جو گهڻو ڪري قصور ناهي هوندو، اهي رڳي مظلومن وانگر ڪُٽبيون آهن، جيڪا سراسر ناانصافي آهي.
”اها واقعي به بي انصافي آهي.“ قادن وچ ۾ ڇڻڀ ڏيندي کيس چيو. ماڻهوءَ جي جڏهن سٺ سالن کان عمر وڌي ويندي آهي، تڏهن کان سندس مٿي مان عقل ڪم ڪرڻ ڇڏي ويندو آهي. چوندا ناهن ته اسي مت کسي.... خدن ڪڇي ڀت ڪڇي.

”ڇڏيو هاڻي گهڻي بحث ڪرڻ کي. يارل خان اوٻاسي ڏيندي چيو؛ ڪچهري ڪندي تمام گهڻي دير ٿي چڪي آهي. توهان به وڃي آرام ڪريو، مون کي به ننڊ اچي رهي آهي. وري سڀاڻي جيڪي جيئرا.....“

ڪُتي کان بدلي وٺڻ لاءِ هن جي دل ۾ هورا کوري زور وٺندي پئي وئي.

يارل خان اڌ رات تائين جاڳندو رهيو پر، ڪجهه وقت آخر هن کي زوريءَ نيستي هڻي وئي.

ڳپل ٽائيم کان پوءِ هُو اوچتو جاڳيو، اونداهيءَ ۾ کٽ جي پيرانديءَ کان هيٺ ڏٺائين ته ڪا ڪاري شيءِ سُتي پئي آهي. هن آهستگيءَ سان پنهنجي ڀرسان پيل لٺ کڻي ورتي ۽ ٻه هٿياڙي ڪري زوم سان ان سُتل ڪاري شيءِ کي وهائي ڪڍي. هن پڪ سمجهي هئي ته اهو ڪتو آهي. جيئن ئي زومائتي لٺ ان کي مٿي ۾ لڳي ته يارل خانه دهلجي ويو، ڇو جو هن ڪُتي جي بجاءِ ٻڪريءَ کي ڌڪ هڻي ڪڍيو هو ۽ ٻڪري وڏي آواز ۾ ٻي......ٻي...... ڪري ڦٿڪڻ لڳي هئي. زومائتي لٺ لڳڻ ڪري ٻڪريءَ جو سنڱ به پاڙ کان ڀڄي پيو هو ۽ رت تيزيءَ سان وهڻ لڳو هو. ٻڪريءَ جا مالڪ ٻڪريءَ جي وڏي واڪ ٻيڪٽ ڪرڻ تي هڪدم جاڳي پيا هئا ۽ ٻڪريءَ کي ڦٿڪندي ڏسي وائڙا ٿي ويا هئا.....

يارل خان جو مُنهن ڪومايل ۽ لٿل هو. هڪڙي همراهه رڙڪندي چيو: ٻڪريءَ کي ذبح ڪري حلال ته ڪيوس. جلديءَ ۾ ڇُري آڻيندي ٻڪريءَ کي سِير ڏني وئي، پر سڀئي عجب ۾ هئا ته ٻڪريءَ کي ٿيو ڇا....!

يارل خان هيسيل آواز سان غفلت ۾ آيل پنهنجي غلطيءَ جو اعتراف ڪيو ۽ سڀني جي آڏو ڪتي واري ماجرا بيان ڪندي گهر ڌڻين کان معافي گهُري.

قادن چيو: ”توهان معافيءَ جي لائق هرگز ناهيو. هڪڙي ڪتي جي عيوض اسان جي بَري ٻڪريءَ کي ماريو آهي، تنهنڪري توکي ٻن ٻڪرين جيترو عيوض ڏيڻو پوندو......“

يارل خان پنهنجي غلطيءَ کي غلطان محسوس پئي ڪيو هو. ۽ ٻيڻو عيوض ڀرڻ لاءِ آماده ٿيو، پر پوءِ به سندس منهن مان پڇتاءُ ۽ ندامت جون ريکائون نه لٿيون هيون ۽ سڀني جي آڏو تمام گهڻو ششدر ٿيندو رهيو.

خدن خان پنهنجي پراڻي دوستيءَ جي رشتي کي برقرار رکڻ لاءِ کيس آٿت ڏيندي چيو! ”يارل خان سان ڪهڙا ليکا، هن ڄاڻي واڻي ته غلطي نه ڪئي آهي، هن کان غفلت ۾ اِها ڀُل ٿي وئي آهي، تنهنڪري هن کان ڪو به عيوض وٺڻو ناهي.“ يارل خان پنهنجي اندر ۾ انتهائي وڏو شرمسار ٿيو. ۽ ڳوٺ وڃڻ لاءِ موڪلاڻي ڪئي، پر خدن کيس ترسائيندي ٻڪريءَ جي هڪ ران سندس حوالي ڪئي جيڪا هُو ڪلهي تي کڻي اچي پنهنجي ڳوٺ نڪتو. گهر وارن حوال پڇيس، پر هن وٽ بيان ڪرڻ جا ڪي به لفظ نه هئا. ۽ هُو گهر وارن جي آڏو خاموش بُت بڻجي ويو.

اويس ڀٽو

 

 

 

 

 

دادِلي

 

صبح جو سج اُڀري ڪافي مٿي اچي چڪو هو. هرڪو چانهن ماني کائي پنهنجي پنهنجي ڪمن طرف وڃي چڪو هو. حاجن هنڌ مان اٿي، منهن کي ٻه چار پاڻيءَ جا ڇنڊا هڻي هر روز وانگيان حليم جي هوٽل تي هليو آيو. معمول موجب اڄ به امڙ کيس چيس ”پٽ حاجن ويهه، تولئه چانهه تيار ڪئي اٿم، تون ويهه ته آئون اجهو پئي آڻيان.“ حاجن هَر دفعي وانگيان هاڻي به ڪني ڪاوڙ جا مُنهن تي گُهنج، ساڄي هٿ سان کاٻي ڪلهي تي پيل ٽوال کي لاهي ڇنڊڪو ڏئي ساڳي جاءِ تي رکي، ڀڳل دروازي جو تيزيءَ سان تاڪ کولي گهر مان نڪري ويو. سندس امڙ، جا کيس ويهڻ لاءِ چئي چانهه جو گرم پيالو آندو، سندس ماءُ ڏٺو ته حاجن هليو ويو، هُن چانهن جو اهو گرم پيالو اچي باهه تي رکيل ديڳڙيءَ منجهه اونڌو ڪيو ۽ خالي پيالو پاڻيءَ مان ڌوئي ٿانون واري کاريءَ ۾ رکي ڇڏيو. سندس ويجهو ويٺل ڌيءَ دادليءَ کانئس پڇيو ته ”امان! ادا حاجن اڄ به هليو ويو ڇا.....؟ ۽ چانهه به ڪونه پيتائين.“ ”ها دادلي حاجن ايئن ڪيو، نه کٽي نه ڪمائي، رڳو اسان تي ڪاوڙ... ڀلا هجيس بار ته خبر به پويس ته گهڻين ويهين سو آهي.... ان حليم جي ڪا پاڙ پٽي، جو هُو هوٽل ته هلائي پيو، پر الائي ڪهڙا ڪهڙا ماڻهو ويهاري، حاجن کي به خراب ڪيو اٿس. پڻس ويچارو ڪيترو صابرين ۽ سٺو ماڻهو هوندو هو، مار پئيس هيءُ الائي ڪنهن تي ويو.“ ماءُ کانئس بيزاريءَ مان چيو.

”پر امان! حاجن آخر ايئن ڇو ٿي ويو آهي.“ دادليءَ ماءُ کان پڇيو. ”اڄوڪي اولاد کان منهنجي توبهه.....!! اولاد ته سُکن لاءِ هوندو آهي، اولاد ته پيءُ ماءُ کي خوشيون ڏيندو آهي، پر هيءُ حاجن خبر ناهي ڇو اهڙو ٿي ويو آهي. کيس خبر نه ٿي پوي ته هُو ڇا ڪري پيو ۽ ڪنهن سان ائين ڪري پيو.“ سندس ماءُ جي اکين مان ڳوڙها سندس چهري تان رستا ٺاهيندا، ان وشال جهوليءَ ۾ جذب ٿيڻ لڳا، جنهن جهوليءَ ۾ مٺڙي ٻولي ۽ لولي هوندي آهي، جنهن جهوليءَ ۾ دنيا جون هڙئي مسرتون، خوشيون ۽ شادمانيون رقص ڪنديون آهن، جتي شفقت، تربيت ۽ محبت بي بها ۽ بي انت ملندي آهي، جنهن جهوليءَ ۾ دنيا جي تسڪين، لطف ۽ آرام هوندو آهي.

”حليم! چانهه ڪا اهڙي پيار، جو اصل مٿي جو سُور جهڪو ٿي وڃي......“ حاجن حليم کي بئنچ تي ويهندي چيو. ”اڙي حاجن ڀلا، اسان واري چانهه مان توکي ڪڏهن ڪا شڪايت ملي آهي بابلا! چانهه منهنجي جيڪو پهريون چڪر پيئي، پوءِ هُو ان جو مشتاق ۽ متوالو ٿي وڃي ٿو.“ حليم باهه تي پيل چانهه کي گهمائيندي چيو. ايتري ۾ نظير به اچي ويو. نظير جيڪو پنهنجو پوري ڳوٺ ۾ اوباش طور سڃاتو وڃي ٿو. هن هوٽل تي ويهي سندس بيحد بيهودگي ۽ بداخلاقي کان علاوه جت ڪٿ هِن جي بدمعاشي ۽ بي حيائيءَ جي ڳالهين کي ٻڌي هرڪو کيس گندو ۽ خراب ماڻهو سمجهندو آهي. هيءُ به حاجن وانگر حليم جي هوٽل تي اڌ چانهه تي سڄو ڏينهن گذاريندو آهي ۽ هوٽل ۾ ويهي فرمائشي فلمون هلائي گندي گفتار ڪندو آهي، کيس اهو به خيال ڪونه رهندو آهي ته جڏهن هوٽل ڀرسان ٻارن (عورتن) جو گذر ٿئي ٿو ته انهيءَ مهل وات کي لغام ڏجي. اوچتو ڪنهن جي ٻارن جو اتان گذر ٿيو ته سندس وات مان گِگَ پئي ڳڙندي آهي. سندس بدمعاشي جي ڪري ڪوئي به  پنهنجي واتان ٻڙڪا ٻاهر نه ڪڍندو آهي، ان ڀئو ۽ خوف کان ته ڪٿي هُو سندن ننگ جي ناموس کي نابود نه ڪري.....! ڪٿي هي رهزن کين رهڙي نه ڇڏي. گهڻا ته کانئس کسڪي وَٽِ پيا وٺندا آهن. ”اڙي حليمڙ (حليم) ڇا پيو ڪرين.... چانهه کڻي اچ، اچ پر جلدي....“ نظير حليم کي حڪم ڪندي چيو ۽ اچي حاجن سان ويٺو.

”حاجن جاني! ڏي خبر ڇا ٿيو تنهنجي عشق جو.....؟“ نظير نرڙ تان ٽوپيءَ کي پوئتي سوري مُڇن کي مروڙو ڏيندي چيو. ”يار نظير! چوان ٿو ته ان مکڻ کي موت جي منهن ڪريان. نامراد کي ويهه چڪر چيو آهي ته اها پنهنجي ڌيءَ شهربانو جي ٻانهن مون کي ڏي، پر هو ”نه“ جو ٺُپ جواب ڏئي بيٺو آهي.“

”ها يار نظير هن حاجن جو شهربانو کان سواءِ ساهه نڪري پيو. وڏا قرب ڪري هن مولائيءَ کي مکڻ کان، يار اها ٻانهن ڇڏائي ڏئينس!“ حليم چانهه جي چينڪ سان ٻه ڪوپ سندن وچ ۾ پيل ٽيبل تي پاڻيءَ جي جڳ ۽ گلاس سان گڏ رکندي چيو. ”حُڪم آ تنهنجو حاجن! تون گهٻراءِ نه! مکڻ جو پيءُ به توکي شهربانو ڏيندو،  پر ٿورو ترس!“ نظير چانهه جو هڪ وڏو ڍُڪ ڀري حاجن کي حوصلو ڏيندي چيو.

ٻئي ڏينهن حاجن جي پهچڻ کان اڳ نظير هوٽل تي سلامي ڀري نظير حليم کي پاڻ ڏانهن سڏ ڪري کيس ڀر ۾ ويهاريو ۽ چيائين ”حليم تو جو ڪالهه چيو هو ته حاجن مولائي جو ڪم ڪر. يار مان ته حاجن جو ڪم ڪرائڻ لاءِ تيار آهيان، پر حاجن کي هڪڙي منهنجي ڳالهه به مڃڻي پوندي“

”اها ڪهڙي وڏا.....“ حليم کانئس پڇيو. ”اها ڳالهه هيءَ آهي ته حاجن جي ڀيڻ جيڪا دادلي آهي، ٻيلي اها ڇوڪري ڏاڍي قهر جي آهي. اُن ڏينهن ماڻس سان هتان لنگهندي ڏٺو هوم. ڄڻ حُور پري آهي، منهنجي دل کي ته دادليءَ صفا گهايل ڪري ڇڏيو آهي. مان حاجن کي مکڻ کان شهربانو ڪهڙي به ريت ڇڏائي ڏيندس! پر ان شرط تي هُو پهريان پنهنجي ڀيڻ دادلي مون کي ڏئي.“

”ڀلي وڏا ڀلي....! توهان به ته حاجن جو ڪم ڪندو نه، لازمي حاجن کي به اها قرباني ڏيڻي پوندي.“ حليم سندس چاپلوسي ڪندي چيو. اهي ٻئي پاڻ ۾ ڳالهائي ئي رهيا هئا، جو حاجن به کين سلام ڪيو. سلام جو جواب ورائي نظير کيس ويهڻ لاءِ چيو. حاجن اچي ويٺو ته حليم اٿيو. سندن چانهه ٺاهڻ لاءِ“.... نظير حاجن کي چيو ته حاجن خان ٻڌ! ”تنهنجو ڪم اصل بلڪل اوڪي ٿي ويو آهي. هاڻي تون ڪنهن به قسم جو فڪر نه ڪر. مان مکڻ کي تنهنجي شهر بانو نالي اصل سوگهو ڪيو آهي. هنن هڪ ٻه ڏينهن سوچڻ لاءِ چيو آهي.“

”واقعي يار نظير! پوءِ اصل ٺٺ ٿي ويندا. مان مري ويندس نظير دادا شهربانو کانسواءِ.... اصل مري....“ حاجن ٽيبل تي پيل گلاس کي مٿي کڻي ٽيبل تي زور سان هڻندي چيو. ”تون ڪو وهم ئي نه ڪر بابلا..... مان جڏهن چوان ٿو نه....! پر حاجن هڪڙي ڳالهه ٻڌ! مان توکي شهربانو حاصل ڪرائي ڏيندس، پر توکي به ڪجهه ڪرڻو پوندو....“  ”وڏا جيڪو حڪم ڪر.... چوين ته پهاڙ پرزا ڪري اچان....“ حاجن ڄڻ ته هر قرباني ڏيڻ لاءِ حاضر ٿيندي چيو. ”نه نه پهاڙن کي هَڻُ کڏ ۾..... پر تون هڪڙو ڪم ڪر....“ ”اهو ڪهڙو.....؟؟؟“

”يار، تو واري ڀيڻ دادلي آهي نه، انهيءَ جو رشتو مون کي کپي...“ حاجن اهو ٻڌي کيس چيو ته اهو وري ڪيئن...؟“! ”اهو ائين ٿيندو نه.... جيئن ٻڌايو مانءِ.“

”حاجن گهڻو ئي نٽايس، پر نظير پنهنجي ڌنڌي ۾ مهارت رکندي کيس مڃرائي پنهنجي ڪِرت ۾ ڪامياب ويو. حاجن رات جو جيئن ئي گهر آيو ته هن پنهنجي ماءُ سان اها ڳالهه ڪئي. سندس ماءُ اهو ٻڌي ڏڪي وئي ۽ کيس چيائين ته، ”حاجن تون هي ڳالهائين ڇا پيو. نادان ته نه آهين، توکي خبر نه آهي ته نظير افعالن جو ڪيترو بڇڙو آهي. پورو ڳوٺ سندس بدمعاشي کان واقف آهي. اهو رهزن آهي. ان جو ڪم ۽ ڌنڌو ئي اهو آهي...! توکي خبر ناهي ته اڍائي مهينا اڳ ڪاڪي سراج جي ڌيءَ سوناريءَ کي هيءُ ڪيئن سندن گهر ۾ گهِڙي، سندس پيءُ ماءُ کي بندوق ڏيکاري، کنڀي ويو هو. ان کان اڳ پاڙي واري نجمه جي نُنهن نوشابه کي به هن کڻايو هو، هاڻي وري هي درندو منهنجي ڌيءَ دادليءَ لاءِ سنڀريو آهي. مان ڇوڏيانس. پنهنجي دادلِي....، مان تارا ڪڍانس، پر ڪڏهن به ائين نه ڪيان.“

حاجن گرجندي چيو: 

”امان تون ڳالهيون کڻي ڪهڙيون به ڪرين، پر مان دادلي، نظير جي حوالي ڪري ڇڏيندس! امان! مان ڪجهه وقت اڳ جڏهن توکي شهربانوءَ جي لاءِ چيو هو ته جيڪڏهن شهربانو جا پيءُ ماءُ انڪار ڪن ته مان توکي دادلي عيوض ۾ پرڻائيندس. ”پر ابا مان نظير لاءِ ته نه چيو هو نه.... خدا خدا ڪر پُٽ، ڇو ٿو پنهنجي ڀيڻ کي جيئري جهنم ۾ اُڇلائين.“ سندس ماءُ چيو.

”منهنجو ڇا وڃي ته هوءَ جهنم ۾ وڃي يا جنت ۾ هجي منهنجو انهن ڳالهين سان ڪوبه واسطو ڪونهي. جي عزت سان منهنجي ڳالهه کي نه مڃيندو ته مان سندس نظير سان زوريءَ نڪاح ڪرائيندس! ائين چئي حاجن پنهنجي کٽ تي وڇايل هنڌ تي وڃي سمهي پيو. صبح ٿيو ته حاجن پنهنجي روز جي ڪِرت مطابق هوٽل تي اچي ويٺو، اڄ پڻ کيس نظير پاڻ کان اڳ ويٺل نظر آيو. هُو نظير سان مليو. خوش خيريت کانپوءِ کانئس پڇيو ته ”ڇا ٿيو ان ڳالهه جو...“ حاجن کيس ٻڌايو ته تون دلجاءِ ڪر. رات مون گهر به چئي ڇڏيو آهي. نظير جي دل ۾ خوشين جا دُهل وڄڻ لڳا، هُو خوابن ۽ خيالن ۾ دادليءَ کي ڄڻ ماڻي چڪو هو، ڇو ته حاجن کيس خاطري ڏني هئي.

اڄ حاجن جيئن ئي گهر آيو ته سندس تارن ۾ تاءُ هو. هن ڏٺو ته دادلي ۽ سندس ماءُ کٽ تي ويٺيون هيون. سندس ماءُ جي هٿ ۾ تسبيح هئي، جا پڙهي رهي هئي. هن گوڙ واري انداز ۾ ماءُ کان پڇيو ته ”ڇا توهان راضي ٿي ويو....“ تنهن تي سندس ماءُ کيس چيو ته ”پُٽ حاجن! تون ڀيڻ جو ڀاءُ آهين يا دشمن.... ڇو تون اچي ڪڍ پيو آهين نماڻي دادليءَ جي..... کيس ظالم جي ور چاڙهڻ لاءِ....“ ”توهان ڀل راضي نه ٿيو، پر سڀاڻ مان نظير جو نڪاح دادليءَ سان ڪرائي ڇڏيندس“!

حاجن جو اهو ٻڌي سندس ڀيڻ دادليءَ پنهنجي پوتي لاهي سندس پيرن تي رکي ۽ هٿ جوڙي کيس چوڻ لڳي:

”ادا حاجن، الله جي واسطي! تون ڇا لئه مون سان ائين ڪرين پيو، مون تنهنجو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي. ڪهڙي منهنجي غلطي آهي....،“ دادليءَ جي اکين ۾ آيل لُڙڪن سندس ماءُ جي لُڙڪن کي به ڪونه روڪڻ ڏنو. ٻئي پل سندس ماءُ به هٿ جوڙي ڇڏيا ۽ چيائينس ”ابا هن منهنجي هٿن ڏي ڏس. ٻيلي! ائين نه ڪر پُٽ حاجن! رب جي واسطي لهي وڃ ان ڳالهه تان. حاجن دادليءَ جي هٿن سان مضبوط ٿيل پنهنجي پيرن کي ڇڏائي پري ٿي بيٺو ۽ چيائين ته سڀاڻي دادليءَ جو نڪاح آهي.

دادلي ۽ سندس ماءُ سندس بي رحميءَ تي روئڻ لڳيون ۽ سندس ظلم تي زارو قطار دانهون ڪرڻ لڳيون. دادلي سڄي رات اکيون آسمان ۾ اٽڪائي، ساري رات سورن ۾ گذاري. صبح ٿيڻ سان دادلي سوچيو ته اڄ کيس اوڙاهه ۾ اُڇلايو ويندو. ان اوڙاهه ۾ اُڇلائڻ وارو ڪو ٻيو نه پر سندس ڀاءُ آهي. بهرحال نظير جو دادليءَ سان حاجن نڪاح پڙهايو ۽ دادلي کي نظير جي هٿ ۾ ڏنو. سندس ماءُ مٿان آتش فشان ٽُٽي پيو. هوءَ بيهوش ٿي ڪِري پئي. دادلي سندس ماءُ مٿان ڪِري پئي ”امان توکي ڇا ٿي ويو، آئِي توکي ڇا ٿي ويو. حاجن سندس ٻانهن کان سٽ ڏئي کيس ماءُ کان پري ڪري نظير جي حوالي ڪري ڇڏيو. ٻن ڏينهن کان پوءِ هن نظير کي شهربانوءَ جي لاءِ چيو، پر نظير کيس چيو ته ”ڀائو، مکڻ مون کان چڙهيل آهي. ها هنن پنهنجي ڌيءَ جي باري ۾ اهو ٻڌايو آهي ته سندس ڌيءُ ڀاڻيجي کي ڏنل آهي سو مان هاڻي ڇا ٿو ڪري سگهان.“ حاجن تپي باهه ٿي ويو کيس چيائين ته  ”تو جو واعدو ڪيو هو ته شهربانو کي وٺي ڏيڻ منهنجو ڪم آهي.... پر....“

”ها پر مان هاڻي ڇا ٿو ڪري سگهان....“ حاجن سندس اُبتيون ڳالهيون ٻڌي، کيس ختم ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو. پر هُو کيس ڪري به ڇا ٿي سگهيو.

حاجن ڪاوڙ ۾ گهر آيو. ڏٺائين ته سندس ماءُ ڀت جي ڀرسان پيل کٽ تي ڪنهن تڪليف ٿيڻ ڪري پاسا ورائي رهي هئي. حاجن اڱڻ تي پيل ڇڳل کٽ تي سڀ ڪجهه وڃائي ويهي رهيو ۽ ورانڊي ۾ رکيل پاڻي جي دلي جي ڀرسان واري جاءِ تي نظر پيس، جتي دادلي پيرن تي ڪِري کيس چيو هو ته ”ادا حاجن، الله جي واسطي، تون ڇا لئه مون سان ائين پيو ڪرين. مون تنهنجو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي؟ ڪهڙي منهنجي غلطي آهي....“

محمد قاسم ڪلوئي

ٽنڊو جان محمد

 

 

 

 

ٻه ڪهاڻيون

(1) آخري حسرت

سڄي زندگي، ناڪامين ۾ گذري ويئي ڪڏهن به ڪو ڪاميابين جو سج هن جي اڱڻ تي نه اُڀريو، چهري تان رونقون ختم ٿي چڪيون هئس. وارن ۾ چاندي جهڙي سُفيدي به اچي چُڪي هُئس، خيالي پُلاءُ پچائيندي پچائيندي زندگي بي آب سُڪل وڻ وانگر ٿيندي پئي ويئي. دماغ پريشانين جا بار کڻي کڻي، کوکلو ٿي چُڪو هو، عقل، ڏاهپ، هوشياريون سڀ جون سڀ ويون خاڪ ٿي. هاڻي ته هن کي، ائين محسوس ٿيندو هو ته هرڪو، هن کي نفرت جي نگاهه سان ڏسي ٿو، اهڙيون اونڌيون سوچون ڪندي، هن کي بُکئي پيٽ، الائي ڪهڙي مهل ننڊ وٺي ويئي. تان جو صبح جو، اوچتو گرم پاڻي وانگر، ٽهڪندڙ آواز ڪنن تي پيس.

”ڏس مُئا! سجُ ڪٿي چڙهي آيو آهي، وڃ! وڃي، ڪٿي ڪم ڪار جي ڳولا ڪر، ڪو هٿ پير هڻ، من ڪٿي ڪا مزدوري ملي پوي، ننڍڙا ٻچا راتوڪا بُکيا ويٺا آهن.“

ڇنل کٽ تي پُراڻي رِلي کي، منهن تان هٽائيندي، اُٿي ويٺو ۽ زال کي بيوسيءَ سان ڏسندي، هٻڪي هٻڪي وراڻيو.

”ڪيڏانهن وڃان......؟ مونکي ته ڪٿي ڪو ڪم به نٿو ملي.“

”مڙئي ڪيو بهانا پيو آهين نه ته تون ڪو لُولو آهين يا لنگڙو آهين ڪو ڪم نٿو مليئي؟“

هُو ڪنڌ هيٺ ڪيو زال جا طعنا ۽ مهڻا ٻڌندو رهيو، جيسين زالهنس، ڪُرڪندي، ويئي ٻارن کي پرچائڻ.....

ڪنهن بيمار وانگر اٿي، منهن تي ٻه ڇنڊا نه هڻڻ جهڙا هڻي، مزدوريءَ لاءِ شهر ڏانهن نڪري ويو، هُو شهر جون گهٽيون لتاڙيندو ۽ مزدوريءَ لاءِ واجهائيندو هلندو رهيو، هُن وٽ ايتري جُرنت ئي نه هئي جو هُو ڪنهن کي مزدوريءَ لاءِ چوي، سڄي دُنيا کي کلائي خوش ڪندڙ......، اڄ اٿاههُ پريشانين ۾ ائين ويڳاڻو ٿيو پئي هليو، ڄڻ ڪير به هن کي سُڃاڻندو نه هُجي. نيٺ سڄي زندگيءَ جي همت گڏ ڪري مزدورن جي هڪ ٽولِي ڏانهن وڌيو، جيڪي ڪنهن سيٺ جي جاءِ ٺاهي رهيا هئا.

همت ڪري مستريءَ کي چيائين: ”اُستاد، مونکي به مزدوريءَ تي لڳايو.....“

مستريءَ هن کي هيٺيان کان وٺي مٿي تائين ڏٺو ۽ چيائين.

هيءَ مزدورن جي ڪم ڪرڻ جي جڳهه آهي... تو جهڙن اداڪارن ۽ مسخرن کان هيءُ ڪم زور آهي تون وڃي ڪنهن ٿيئٽر وغيره ۾ ڪم ڪر، ميان هتي تُنهنجو ڇا وڃي.“

”استاد، ٻار، ٽن ڏينهن کان لنگهڻ ويٺا آهن، کڻي ٿوري ئي مزدوري ڏجو، پر ائين رُکو ته جواب نه ڏيو......“

”واهه واهه، واقعي ڀلوڙ اداڪار آهين...... ڪهڙي نه ڀلوڙ اداڪاري پيو ڪرين!“ مستريءَ ٽهڪ ڏيندي چيو.

سڀئي مزدور به ساڻس کلڻ لڳا اُنهن مزدورن مان هڪ مزدور وراڻيو، ”استاد، هن هڪڙي ڊرامي ۾ اهڙي ته مزاحيه اداڪاري ڪئي، جو اسين ڏسڻ وارا ته کِلي کِلي کيرا ٿي پيا هُئاسين.“

”پر يار هاڻ، اهو وقت ناهي رهيو، هاڻ ته آئون پاڻ دُنيا جي اسٽيج جو هڪ لاچار ڪردار ٿي ويو آهيان!“ هن نماڻائيءَ سان چيو.

”هل هل ابا، اسان کي کوٽي نه ڪر، وڃي ڪو ٻيو در ڳول..... هل رجو، جلدي مصالحي جي تغاري کڻي ڏي...“

هُو ڪيتري دير حسرت سان انهن ڪم ڪندڙ مزدورن کي ڏسندو رهيو، جيڪي هن کي نظر انداز ڪيو، پيٽ جي باهه اجهائڻ لاءِ ڪم ۾ رُڌل هُئا. هُو سڄو ڏينهن رُلندو رهيو پيٽ بُکئي ڌڪا کائيندو رهيو، پر ڪٿي به مزدوري ڪانه مليس ۽ گهر ويندي به خوف پئي کاڌائين، آخر وڃي ته ڪيڏانهن وڃي، ڊڄي ڊڄي رات جو گهر آيو، سندس زال اڳيئي ڏمريو ويٺي هئس. تنهن وراڻيو.

”ڪانه مليئي نه مزدوري؟“

هُن جو ڪنڌ هيٺ.

”هيڏي وڏي شهر ۾ توکي ڪٿي به ڪم ڪونه مليو، چار واندا ملي ويا هوندا، بس ڇٽو سڀ ڪم ڌنڌو......“

هُو وري به ماٺ ۾ رهيو.

”جئيرو آهين يا وئين مري! هان، ڳالهائين ڇو نٿو؟ وات ۾ مُڱ پيل اٿئي ڇا؟“

هُن بيوسيءَ مان پهرين ٻارن کي ۽ پوءِ پنهنجي زال کي ڏٺو، هُن سوچيو ته زال هن کان جيڪي سوال پُڇي ٻئي تن جو جواب، هن کي اڌ زندگي گذرڻ کانپوءِ به خود هن کي ناهن مليا ته گهر واريءَ کي ڪهڙو جواب ڏي.

زال هن کي ماٺُ ۾ ڏسي، ويتر ڪاوڙ مان وراڻيو.

”ڌوڙ پائي وڃي....! سڄي زندگي ڊرامن ۾ گذاري ڇڏيئي، باقي مونکي عذاب ٿيڻ لاءِ هتي وٺي آئين..... اي الله! انهي مُڙس کان ته موت ڀلو هُئو.... الائي ڪهڙا گناهه ڪيا هُئم، سي پئي ڀوڳيان....، مُنهنجا مائٽ به ڪي انڌا هُئا جو نه ڏٺائون.......“

زال ته الائي ڇا ڇا چوندي رهي، هيءُ پوئين پيرين گهر مان نڪري ويو ۽ سڄي رات رُلندو رهيو. صُبح جو ٿاڻي تي ڏاڍي رش هُئي، شهر جي، هڪ سوشل ورڪر ۽ اداڪار، جو لاش پيل هو.

”چئه چئه چئه چئه......! يار ٻين کي کلائي کيرو ڪندڙ پاڻ خودڪشي ڪري مري ويو.....“

”زنده دل ماڻهو، ڪيڏي نه بيدرديءَ سان مُئو آهي.“

”اهڙن جي ته حالت ئي اهڙي هُئڻ گهرجي، توبه، نه دُنيا جا رهيا ۽ نه ئي وري دين جا...“ اهي تبصرا، هن جي لاش کي ڏسي هُئا، هُن جي چهري تي حق حلال جو ڌنڌو ڪري، ڪمائي کائڻ جي حسرت واضح ڏسڻ ۾ پئي آئي.

هاڻ، هُن کي ماڻهن جي راين، تبصرن، تنقيدن، طنزن ۽ مهڻن جي ڪابه پرواهه ڪانه هئي.

(2) ماني!

”امان........ امان بُک لڳي آهي...... ماني ڏي نه..!“

ننڍڙو جمال سُڏڪندي، پنهنجي ڏاڏيءَ کي چيو.

پوڙهيءَ، ننڍڙي جمال جي مٿي تي هٿ ڦيريندي چيو.

”صدقي وڃئين، مُنهنجا ٻچڙا، اِجهو ٿي ماني آڻيان.“

پوڙهيءَ روئڻهارڪي ٿي چُڪي هُئي.

”امان... او امان ڏاڏي.... بُک جي ڪري پيٽ ۾ وَٽ پيا پَون.“

ننڍڙو جمال پَٽ تي وٽجي سٽجي پئجي رهيو.

پوڙهي لٺ کڻي، مانيءَ جي ڳولا لاءِ ٻاهر نڪري ويئي. پوڙهيءَ جي ڪکائين جهوپڙيءَ جي سامهون، اميرن جا وڏا ۽ خوبصورت بنگلا هُئا. هوءَ لٺ ٽيڪيندي ٽيڪيندي، اُنهن بنگلن وٽ پُهتي، ڪي بنگلا بند هُئا ته ڪن تي چوڪيدار ويٺل هُئا. پوڙهي واجهائڻ لڳي ته مانيءَ لاءِ ڪيڏانهن وڃي. ڪنهن کي چوي؟ وقت به گهڻو ٿيندو ويو پئي، پوڙهيءَ کي رکي رکي، پنهنجي ننڍڙي پوٽي جو فڪر پئي ٿيو. پوڙهيءَ کي سمجهه ۾ نه اچي ته هوءَ ڪري به ته ڇا ڪري؟

پوڙهي وائڙن جيان، هيڏانهن هوڏانهن تڪڻ لڳي، اوچتو گند جي ڍير تي نظر پيس، مُنهن تي مُرڪ اچي ويس، ڄڻ پوڙهيءَ جو مسئلو حل ٿي ويو هُجي.

پوڙهي، رڙهندي رڙهندي، ڍير وٽ پُهتي ۽ ڍير ۾ بند ٿيل شاپنگ بيگ کولڻ لڳي، من ڪنهن ۾ ماني ٽڪر هجي. پوڙهيءَ جي محنت نيٺ رنگ لاتو، هُن کي هڪڙي ٿيلهي ۾، بچيل ۽ پاروٿو کاڌو هٿ اچي ويو. جلدي جلدي پوڙهيءَ ان کي قابو ڪيو ۽ واپس جهوپڙيءَ ڏانهن تڪڙو تڪڙو هلڻ لڳي ۽ جيئن ئي جهوپڙيءَ جي ڀر وٽ پهتي ته ڪنهن ڪُتي جهپٽ ڏيئي، پوڙهيءَ کان ٿيلي ڦري ورتي ۽ کڻي ويو.

پوڙهي لٺ کڻي، ڪُتي پويان ڊوڙي، پر ڪُتو تيزي سان، سامهون ٺهيل سنگ مرمر جي بنگلي، اندر هليو ويو. پوڙهي سهڪندي سهڪندي، اُن بنگلي وٽ پهتي ۽ اتي ويٺل وڏين مُڇن واري چوڪيدار کي چيائين.

”ابا، منهنجي ٻچڙي جي ماني، اوهان جو ڪُتو کڻي آيو آهي....“

چوڪيدار اکيون ڦوٽاريندي وراڻيو.

”ڪُتو....! مائي، دماغ ته خراب ڪونه ٿيو اٿئي، اسان وٽ ڪو ڪُتو وُتو ڪونهي......“

”ابل، الله شل حياتي ڏيئي، آئون عرض کڻي آئي آهيان... اڇو ڪُتو آهي ابل......“

”مائي..... مائي، واتُ سنڀال......، اسان جي موتيءَ کي ڪُتو ٿي چئين! هل هِتان، هڻئين نه بانٺا.“ پوڙهيءَ، گهڻي ئي منٿون، ايلازيون ڪيون، پر چوڪيدار، پوڙهيءَ کي ڌڪا ڏيئي ڪڍي ڇڏيو. پوڙهي، رئي سان ڳوڙها اگهندي، جهوپڙي ۾ پُهتي ته ننڍڙو جمال سُمهي پيو هو، پوڙهيءَ اطمينان جو ساههُ کنيو ۽ آهستي وڃي جمال جي، ڀر ۾ ويٺي ته شڪ جاڳيس ته جمال ساهه نه پيو کڻي، هُن هڪدم، جمال جي نبض ڏٺي، پر جمال حقيقي ڌڻيءَ سان ملي چُڪو هو. پوڙهي ڄڻ سڪتي ۾ هلي ويئي.

پريت گهُمرو

قنبر

 

 

 

 

 

وڏي حويلي

 

سڄي رات لائيٽ گُم مٿان گرميءَ جي موسم، شهناز سڄي رات ويهي گذاري. صبح جو هلڪي ٿڌ پئي ته شهناز ٻارن جي مٿان آلو رئو ڪري وڌو ۽ پاڻ به ٻارن جي ڀَر ۾ سمهي رهي. شهناز کي پيڪن ۾ آئي ٽي ڏينهن گذريا هئا.

”ائي امان شهناز اڃا سُتي پئي آهين، ڏينهن اچي چڙهيو آهي، شهناز کي ماءُ ڇِت تي سُتل ڏسندي چيو، شهناز ماءُ جي آواز تي جاڳي پئي. ۽ چوڻ لڳي امان رات ڪيڏي گرمي هئي، مٿان وري مڇرن جو آزار ۽ سڄي رات لائيٽ نه هئڻ ڪري ويهي گذاري اٿم. هاڻي ئي ننڊ جو جُهٽڪو اچي ويو هو.

ها امان هن مُند ۾ کجين جي پچڻ وقت گرمي جام ٿيندي آ، ۽ وري اوسي پاسي ٻنيون ٻارا آهن ته مڇر ته ٿيندا نه، ۽ ٻيو ته گندي سم جي نالي به اگهاڙي آهي شهناز جي ماءُ ورندي ڏيندي چيو.

”ها امان ائين ته آهي.“

چڱو ڌيءَ تون لهي اچ ته نيرن اچي ڪر.

”ها امان ٻار سُتا پيا آهن، جاڳن ته لهي ٿي اچان.“

”امان اڄ ادا کي چئو ته مون کي کاري تي وٺي هلي“ وري الائي ڪڏهن اچڻ ٿئي. توکي ته خبر آهي منهنجا ساهرا ڪيترا ڏنگا آهن، سال ۾ هڪ ڀيروئي موڪل وٺي ايندي آهيان.

”ها ڌيءَ مان چونديسانس، پر توکي ته خبر آهي ته پڻهين ۽ ڀاڻهين ڪونه مڃيندو. انهيءَ جي پيرن ۽ وڏيرن سان پويئي ڪونه، انهيءَ ڪري ڳوٺ راڄ ڀاڳ ڇڏي شهر وڃي وسايوسين. پر وڏيرن اڳيان ڪونه جهڪيا، سو ڪٿي ٿا ٻُڌن.

”امڙ تون چئي ته ڏسينس، شهناز ماءُ کي ايلاز ڪندي چيو.“

ها ڌيءَ مان وري به اڄ چوانس ٿي، هينئر ته تنهنجو ڀاءُ ڪارخاني تي نڪري ويو آهي، تنهنجي پڇا به ڪيائين، پر تون مٿي ڇِت تي سُتي هئينءَ.

”ها امان منهنجي طبيعت ٺيڪ نه ٿي رهي انهيءَ لاءِ چوان ٿي ته ڪو تعويذ ڦيڻو ڪريان ته من طبيعت مان مونجهارو ختم ٿئي. مون کي ته لڳي ٿو مون تي ڪنهن تعويذ ڪيا آهن.“ شهناز پريشانيءَ وچان چيو.

”ڌيءَ تون ته صفائي چري آهين، الله ۽ ان جي رسول ۽ قرآن کان وڌيڪ ڪا ٻي طاقت هن جهان ۾ ڪانهي.“ ها امان تون چئين ته صحيح ٿي پر هي پير ولي به هڪ حيلو وسيلو آهن، انسانن جي لاءِ. من رب مولا ان جي واسطي ٺيڪ ڪري.

ها ڌيءَ چوين ته صحيح ٿي، پر توکي به خبر آ ته مون کي به تنهنجي پيءَ ۽ ڀاءُ وانگر هنن پيرن فقيرن تي اعتبار هاڻي گهٽ آهي، شهناز جي ماءُ هُن کي ننڍپڻ جي ڳالهه ٻڌائڻ لڳي ته امان شهناز تون جڏهن ننڍڙي هئينءَ مان به تنهنجي پيءَ سان گڏ کاري تي وئي هئس امڙ ڇا ڏسان ته، جيڪي ماڻهو گاڏين مان لهن پيا انهن کي اُٿي ٻاهر ملن پيا، ۽ اندر وري بيبيون به انهن ماين سان اُٿي ملن پيون ۽ انهن کي وڏي عزت ملي، ٻانهيون جلدي جلدي انهن اڳيان طعام اچي پيون رکن ۽ تنهنجي پيءُ ٻاهر فقير وانگر لنگر ورتو، ۽ آئون اندر جتي ويٺي هئس سُڪي ويس، ڪنهن نه ٿي ڏٺو، پوءِ مان پاڻ وڃي، اُٿي بيبين سان مليس ۽ ڄاڻ سڃاڻ ڪرايم، ۽ توکي ڦيڻو  ڇنڊو رکرايو، ۽ ٻه سؤ ڏن ڏئي گهر موٽي آياسين. بس اهو حال ڏسي اهو ڏينهن اڄوڪو ڏينهن وري مان ۽ تنهنجو پيءُ هنن جي در تي نه وياسين.

شهناز ايتري دير کان ماءُ کي ويٺي غور سان ٻڌو.

”اڙي امڙ شهناز مون کي به تو وٽ آئي چڱي دير ٿي ويئي، هيٺ وڃان، تنهنجي ڀاڄائي به اڪيلي آهي وڃي هٿ ونڊايانس.“ اهو چئي هن جي ماءُ هيٺ لهي وئي.

جيئن رات پنهنجا پاڇا زمين تي لاٿا سڀ گهر جا ڀاتي اڱڻ ۾ کٽن تي ويٺا هئا ته شهناز ماءُ کي اشارو ڪندي، ڀاءُ کي کاري تي هلڻ لاءِ چيو.

”ابا وريل اڄ هڪ ڳالهه ڪيانءِ پٽ مڃيندين.“

”ها امان حڪم ڪر مون ڪڏهن توکي جواب ڏنو آهي.“ وريل ماءُ کي چيو.

ابا ڳالهه ئي اهڙي آهي.

”نه نه امان تون چئه ته سهي.“ وريل چيو.

”ابا، تنهنجي ڀيڻ کي آئي ٻه ٽي ڏينهن گذري ويا آهن، هڪ ٻن ڏينهن ۾ سندس مڙس به وٺڻ لاءِ ايندس، سڀاڻي جيڪرَ شهناز کي کاري تي وٺي وڃين، چوي ٿي ٺيڪ نه ٿي رهان سڀاڻي تون کڻي ڪارخاني تي نه وڃ.“

”امان ڪارخاني تان اڌ ڏينهن جي موڪل به ڪري سگهان ٿو، پر توکي ته خبر آهي ته مون کي پيرن فقيرن سان ڪانه پوندي آهي، هونئن به پيرن ۾ اها پيري رهي ڪٿي آ. هرڪو پنهنجي روزي ٿو ڪري، جيڪو خرچ وڌيڪ ڪندو انهيءَ جا ٻيڙا پار ۽ انيءَ کي دعا به جلدي ملندي.“

”ابا ائين نه چئو. هو جيڪو ڪن ٿا اُها انهن جي نيت.“

”ٺيڪ آهي امان تون چوين ٿي ته مان اديءَ کي صبح جو وٺي ٿو وڃان، ۽ هينئر ئي گاڏيءَ واري سان هلڻ لاءِ ڳالهائي ٿو ڇڏيان.“

شهناز اهو ٻڌي دل ۾ خوش ٿي وئي.

صبح جو سويل شهناز، وريل ۽ سندس ٻار حويليءَ لاءِ نڪتا، حويليءَ ۾ پهچندي اندر داخل ٿيندي ئي ڇا ڏسي ته پراڻن سالن جي ٺهيل حويلي کنڊرنما بڻجي وئي هئي. ڀتين تي ڏار پيل هئا، ۽ اڱڻ ۾ بيٺل نِم جيڪو ڪافي پراڻن سالن جو هو، ان هيٺان ڪافي تعداد ۾ مايون ويٺيون هيون، شهناز به اتي ماين سان ويهي رهي، گهڻي دير کان پوءِ هڪ پوڙهي عورت آئي ۽ چوڻ لڳي: ”تو لنگر ڪيو آهي.“

”نه ماسي مون لنگر ڪونه ڪيو آ، سائنڻ جن ڪٿي آهن شهناز پڇڻ لڳي.“

امڙ لاڙڪاڻي کان سائين جن وٽ مهمان آيل آهن، انهن سان اندر ويٺل آهن.

شهناز کي ماءُ جي چيل ڳالهه دل سان ڄڻ لڳي.

امڙ ٻيون مايون به تو جيان ويٺيون آهن، ٿوري دير ۾ سائين وڏي جي ننڍي ڌيءَ جيڪا ستي ويٺل آهي، اها اچي ويندي تون جيستائين لنگر ڪري وٺ، الائي ڪٿان کان آئي آهين، پوڙهيءَ عورت چيو.

”ماسي باقي اهي ٻئي نينگر ڪير هيون، جيڪي اندر ويون.“ شهناز اوچتو سوال ڪيس.

”امڙ اهي سائين وڏي جي پٽ جو ننهر آهن، جن جي تازو شادي ڪرائي اٿن، اهو چوندي پوڙهي عورت اندر وئي ۽ شهناز لاءِ ماني کڻي آئي ۽ چوڻ لڳي ته تون ماني کاءُ تيستائين سائنڻ به اچي ويندي.

شهناز ٻارن سميت لنگر ڪرڻ ويٺي.

انهيءَ ئي وقت اُهي ٻئي سائينءَ جون نُنُهرون اڳيان گذريون ته شهناز حيرت وچان ڏسڻ لڳي، ٻنهي کي ننڍا چولا، چوڙيدار پاجاما، وڏيون ڳچيون ۽ پٺيان به ڳچيون الاهي وڏيون هئن ۽ مٿو به اگهاڙو ۽ ناز مان ٽِلنديون هنن جي اڳيان لنگهي ويون.

”امڙ اچو سڀ اڳيان اچو، امڙ سائنڻ اچي وئي آهي.“ هوءَ به عورتن جي هجوم ۾ اڳيان وڌي ۽ هر مائي پنهنجو داستان ٻڌائي رهي هئي ۽ تعويذ وٺندي پئي وئي، ۽ اُهي تعويذ دٻي ۾ پيل هئا، جن جي مٿان قرآن پاڪ جون آيتون تحرير ٿيل هيون، گهڻيون عورتون وظيفو به پڇي رهيون هيون، ۽ سانئڻ انهن کي پڙهڻ لاءِ الحمد شريف، ٽي قل ۽ پهريون ڪلمو ٻڌائي رهي هئي.

جڏهن شهناز جو وارو آيو ته هوءَ به سانئڻ کي ٻڌائڻ لڳي ته بيمار ٿي رهان ڪو تعويذ ڦيڻو ٻڌايو، انهيءَ مهل شهناز جي نظر سَتيءَ جي ڳچيءَ تي پئي، جيڪا اڌ اگهاڙي هئي.

ادي توهان ياسين شريف ٽي ڏينهن پڙهي رات جو پاڻ تي ۽ ٻارن تي دم ڪيو، هيءُ وٺ تعويذ پاڻ به پيءُ ۽ ٻارن کي به پيار، الله ڀلي ڪندو. سانئڻ اهو چئي پئسا رکڻ لاءِ چيو. شهناز تعويذ وٺندي سؤ رپيا ڪڍي رکيا.

سانئڻ سؤ رپيا ڏسي شهناز کي ناراضگيءَ مان ڏسڻ لڳي ۽ پويان ڀر ۾ ويٺل پنهنجي ڪم واريءَ مائيءَ کي چوڻ لڳي ته ”ڏسين ٿي ماين جا ڪم ايڏي وڏي ڪم جا سؤ ٿيون ڏين ۽ احوال وري سالن جا ٿيون ڪن. جيئن شهناز ٻڌو، ته ٻارن کي وٺي ٻاهر نڪري آئي ۽ اچي گاڏيءَ ۾ ويٺي، ۽ ٿوري دير ۾ اچي گهر نڪتي ۽ اچي چادر لاٿائين.

”امڙ شهناز اچي وئينءَ.“

”ها. امان ٿي آيس.“

”امان مون کي ماني ڏي، مون کي ڪارخاني تي وڃڻو آهي، مزدور انتظار ڪندا هوندا.“ وريل هٿ ڌوئي اچي کٽ تي ويٺو.

وريل ماني کائي روانو ٿيو، ڪارخاني ڏانهن. اِنهيءَ مهل شهناز جي ماءُ سندس ڌيءَ کان حويليءَ جو احوال پڇڻ لڳي. اڙي امان ڇا ٻڌايان اُتان جو حال، تو ته صحيح پئي چيو ته لنگر ته واهه جو هئو، باقي جاتي ڪاٿي منافقي وڌي وئي آهي، پئسو ئي هرهنڌ هر ڪنهن لاءِ دين ايمان بڻجي ويو آهي، مايون آسوديون هُيون ڳهه ڳٺا پاتل هئن، تن جي ته خاطر تواضع چڱي پِئي ٿِي. دعا سڳو به انهن کي جهٽ پئي مليو، دل سان پئِي سانئڻ ڏئين، نه ته اسان جهڙن لاءِ ڄڻ ميار پئي لٿي.

اسان سڀ سڄو ڏينهن انتظار ڪري ڪري ٿڪجي پيونسين مس وڃي سانئڻ اسان کي سڏايو، ۽ جيڪي تعويذ پئي ڏنائون اُهي فوٽو ڪاپي ٿيل هئا ۽ هڪ ئي دٻي ۾ ڀريل هئا اُتان پئي سڀني کي ڏنن.

شهناز سڄي ماءُ کي روئداد ٻڌائڻ کان پوءِ چوڻ لڳي، امان تو ته سچ پئي چيو، جيڪو قرآن پاڪ اسان جي گهر ۾ آهي اسان ان کي وساري وتون ٿا پيرن فقيرن جي پويان ڊُڪندا، ان کان بهتر ناهي ته اسان پنهنجي قرآن پاڪ تي يقين پختو ڪري زندگيءَ کي ٺاهيون، هر دوا هر علاج قرآن مان ته ملي ٿو.

امان هونئن به اڄ الائي ڇو بيبين جو رويو ۽ حالت ڏسي روح لُڇي پيو، هنن لاءِ ته سڀ انسان برابر هجن، پر هت ته اونچ نيچ آهي، برابري ته ڪٿي به نظر نه ٿي آئي، امان هاڻي مان ڪڏهن به نه ويندس، منهنجي به دل ڀڄي پئي آهي.“

”ها امان چوين ته سچ ٿي.“

شهناز کي ڄڻ مڻن جو بار مٿي تي هئو، جيڪو هاڻ هلڪو هلڪو محسوس ٿيڻ لڳس. ائين لڳس ڄڻ هوءَ اڄ سٺي ننڊ ڪري سگهندي.

ڪيٽين جي ڪوٽ جا آثار:

ڪيٽين وارو ڪوٽ مير ٺاري خان تعمير ڪرايو هو، جيڪو ماڻڪاڻي ميرن جو اوائلي تختگاهه سڏبو آهي، هي ڪوٽ هڪ بلاڪ جي ايراضي ۾ جوڙايل آهي.

ڪيٽين جي ڪوٽ جي ڊيگهه تقريباً چار ايڪڙ آهي، ان جي چئني ڪنڊن تي مورچا ٺهيل هئا ۽ ان ڪوٽ جي اندر هرهڪ ماڻڪاڻي سردار جو محل تعمير ٿيل هو، قلعي جي ڏکڻ واري ڪنڊ تي هڪ وڏو گيٽ ڏنل هو، ان سان گڏ فوجي باريڪون به ٺهيل هيون، ان ڪوٽ جي ٻاهر هڪ مسجد ۽ هڪ کوهه هو، جنهن جا آثار اڄ به موجود آهن.

مير ٺارو خان جيستائين ڪيٽين واري ڪوٽ ۾ رهائش پذير هئا ان وقت سندس جيڪي باڊي گارڊ هئا انهن جا نالا هي آهن: پيروز خان لنڊ، شير علي خان لنڊ ۽ فقير محمد جيڪي ٽالپرن وٽ وڏا شريف ۽ معتبر ماڻهو سمجهيا ويندا هئا!! ان وقت هڪ ’مهاڻي مائي سُرهي‘ ٽالپرن وٽ وائيپو ڪم ڪندي هئي. جنهن کي ميرن ڪجهه زمين جو ٽڪرو به ڏنو هو.

ڪيٽين واري ڪوٽ کان اوڀر طرف پُراڻ ڪنڌي تي مير ٺاري خان جا قٻا اڄ به زبون حال ۾ موجود آهن. اهي قبا هڪ شاهڪار فنِ تعمير جو نظارو آهن. انهن ۾ هڪ قبي کي چؤطرف ٻارنهن دريون ڏنل آهن ۽ ٻه گيٽ آهن. هڪ اوڀر طرف ۽ ٻيو ڏکڻ طرف آهي ۽ ان قبي جي ڀر ۾ هڪ ننڍڙي مسجد به تعمير ٿيل آهي ۽ ٽيون قبو بلڪل زبون ٿي چڪو آهي. انهن قبن جي اوچائي ويهه فٽ کن ٿيندي، سورنهن باءِ ارڙهن فوٽ سندس ويڪر آهي ۽ انهن قبن تي چٽسالي جو به ڪم ٿيل هو.

مير ٺاري خان جي انهن قبن کان اوڀر ۽ ڏکڻ جي ڪنڊ تي مير حاجي الهداد ٽالپر جي پياري فرزند امام بخش ٽالپر جي نالي تي جوڙايل امام ڪوٽ جا آثار پڻ موجود آهن. جتي مير حاجي الهداد ٽالپر راڄڙ سومي جي ڳوٺ ۾ 1936ع ۾ مسجد تعمير ڪرائي هئي جيڪا هن وقت به موجود آهي.

محمد حسن ’زاهد ڪنڀار‘

ڪتاب: ’پُراڻ درياءَ جي مشاهداتي تاريخ‘

ص 123-124 تان ورتل

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org