ڏاتل خان چنا
ڦلجي وليج
دادو ضلعي جون ڍنڍون
زمين جو اهو حصو جنهن جي چوڌاري سُڪي وِچ ۾ پاڻي
هجي ان کي ڍنڍ چئبو آهي. درياءُ جي اُٿل ۽ برسات
جي پاڻي سبب ڪيتريون ئي ڍنڍون وجود ۾ آيل آهن.
دادو ضلعي ۾ پڻ ڪيتريون ئي ڍنڍون وجود ۾ آيل آهن.
دادو ضلعي ۾ پڻ ڪيتريون ئي ننڍيون، وڏيون ڍنڍون اڄ
تائين قائم ۽ دائم آهن. جيڪي معيشيت ۾ ڀاڱي
ڀائيوار آهن. انهن جو مختصر تفصيل هيٺ ڏجي ٿو.
منڇر ڍنڍ:
ايشيا جي وڏي ۾ وڏي مٺي پاڻي جي ڍنڍ منڇر بوبڪ
ويجهو، جيڪا تعلقه سيوهڻ اڳوڻو ضلع دادو موجوده
ضلع ڄام شورو ۾ واقع آهي. منڇر ڍنڍ جو ڪجهه حصو
تعلقي جوهي ضلع دادو ۾ پڻ واقع آهي، منڇر ڍنڍ ۾
پاڻي برسات جي مند ۾ جبل جو پاڻي نئين گاج کان
ٿيندو منڇر ۾ اچي پوي ٿو. ان کان علاوه هن ڍنڍ کي
(M.N.V)
ايم.اين.وي ڊرين حمل ڍنڍ کان هلي اچي ڀرتي ڪري ٿي.
هن ڍنڍ ۾ مختلف قسمن جون مڇيون دستياب آهن انهن ۾
مُک ڪُرڙو، موراکو، شاڪر، ٿيلهي، ڏاهي، ڄرڪو ۽
ٻيون ڪيترن ئي قسمن جون مڇيون آهن، ان کان علاوه
سياري جي موسم ۾ سائيبيريا مان مختلف قسمن جا پکي
پڻ ڪهي منڇر ۾ ديرو ڄمائيندا آهن. انهن پکين ۾
آڙي، نيرڳي، ڊگوش، ڪانيرو، پيڻ، ٽيٽو ۽ ٻيا سوين
قسمن جا پکي شامل آهن. هن ڍنڍ ۾ مختلف قسم جا گاهه
ٿين ٿا، جيڪي مڇي ۽ پکين جا کاڄ آهن ۽ ان کان
علاوه پن، ڏير، ڪل جام ٿئي ٿي پن مان تڏا، توريون،
مصلا وغيرهه ٺاهيا وڃن ٿا. هيءَ ڍنڍ مڇي ۽ پکين
سان مالا مال هئي مگر هن وقت پاڻي اڻاٺ سبب سڪي
رهي آهي مِٺي پاڻي مان پاڻي کارو ٿي رهيو آهي. هن
وقت هن وڏي اثاثي کي حڪومت کي بچائڻ گهرجي.
امير پير جي ڍنڍ:
هيءَ ڍنڍ ڳوٺ اميناڻي، ديهه اميناڻي تعلقه دادو ۾
مشهور اولياءُ امير پير جي درگاهه جي اوڀر ۾ واقع
آهي. هيءَ ڍنڍ درياءُ جي اولهه ۾ هڪ ڪلوميٽر پنڌ
تي واقع آهي. هن وقت اها ڍنڍ سڪي ويئي آهي، پر
ڪنهن دور ۾ هن ڍنڍ مان مڇي جام ملندي هئي ۽ پن به
ڄام ٿيندي هئي. ان پن مان تڏا، نکون، مصلا تيار
ڪيا ويندا هئا.
هن ڍنڍ کي اميناڻي ڍنڍ به چيو ويندو آهي ڇاڪاڻ جو
هيءَ ڍنڍ اميناڻي ڳوٺ ڀرسان آهي. اميناڻي دريائي
بندر پڻ هئو، جتان ٻيڙين ذريعي واپار هلندو هو.
آرڙجي ڍنڍ:
هيءَ ڍنڍ ديهه ٻَليدائي تعلقه ميهڙ ضلع دادو ۾
واقع آهي. هيءَ ڍنڍ ميهڙ شهر جي اُتر ۾ ڌامراهه
واهه لڳ آهي. هن ڍنڍ ۾ مڇي ۽ پکي جو شڪار جام
ٿيندو آهي. هن ڍنڍ مان مڇي ماري راڌڻ اسٽيشن کان
ريل ذريعي ملڪ جي مختلف شهرن ڏانهن رواني ڪئي وڃي
ٿي. هيءَ ڍنڍ ميهڙ تعلقي جي سڀ کان وڏي ڍنڍ آهي.
آڍاڻي ڍنڍ:
هيءَ ڍنڍ ڳوٺ آڍاڻي تعلقه ميهڙ ۾ واقع آهي. آڍاڻي
ڍنڍ ميهڙ تعلقي جي مشهور ڍنڍن ۾ شمار ٿئي ٿي. هن
ڍنڍ مان مڇي وڏي مقدار ۾ شڪار ڪئي وڃي ٿي. فشريز
کاتي وارا هن ڍنڍ کي نيلام ڪندا آهن. هن ڍنڍ ۾
موراکو، ڪُرڙو، ٿيلهي، ڄرڪو ۽ ٻين قسمن جون مڇيون
شڪار ڪيون وڃن ٿيون. ان کان علاوه پن، ڏير به ڄام
ٿئي ٿي، جنهن مان مختلف ڪم جو شيون ٺهن ٿيون.
ٻورڙي ڍنڍ:
هيءَ ڍنڍ تاريخي ڳوٺ ٻورڙي تعلقه خيرپور ناٿن شاهه
ضلع دادو ۾ واقع آهي. هن ڍنڍ مان مڇي ۽ پکي وڏي
تعداد ۾ شڪار ڪيا وڃن ٿا. هتان جي مڇي سيتاروڊ
اسٽيشن تان ريل رستي ملڪ جي مختلف شهرن ڏانهن
رواني ڪئي وڃي ٿي.
تَلي ڍنڍ:
تلي ڍنڍ يا تَلو ڍنڍ ڳوٺ بهاولپورجي اوڀر ڏکڻ ڪنڊ
تي تعلقه جوهي ضلع دادو ۾ واقع آهي. هن ڍنڍ کي
تَلو ٻُٽڙا يا تَلي ٻُٽڙا به چيو ويندو آهي. هن
ڍنڍ مان وڏي مقدار ۾ مڇيءَ جو شڪار ڪيو ويندو آهي.
مڇيءَ ۾ ڪُرڙو، موراکو، شاڪر، ٿيلهي، ڏاهي،
سينگاري ڄرڪو ۽ ٻيون مڇيون شمار ڪري سگهجن ٿيون.
هن ڍنڍ ۾ پن جام ٿيندي آهي. پن مان، مصلا، تڏا،
تونريون ٺاهيون وڃن ٿيون ۽ پن مان ٻوراني به ٺاهي
وڃي ٿي. ٻوراني ٺاهي وڪرو ڪئي وڃي ٿي. هيءَ ڍنڍ
فشريز کاتي جي قبضي ۾ آهي ۽ فشريز کاتي وارا نيلام
ڪندا آهن.
ٻوڙي ڍنڍ:
هيءَ ڍنڍ ڳوٺ خانپور تعلقه خيرپورناٿن شاهه ضلع
دادو ۾ آهي. هن ڍنڍ ۾ مڇي ۽ پکين جو شڪار جام
ٿيندو آهي. هن ڍنڍ جي مڇي سيتا روڊ اسٽيشن تان ريل
رستي ملڪ جي مختلف شهرن ڏانهن رواني ڪئي ويندي
آهي.
پير گُڻيو ڍنڍ:
هيءَ ڍنڍ ڳوٺ پيرگڻيو، ديهه پيرگڻيو تعلقه دادو
ضلع دادو ۾ آهي، جيڪا دادو شهر جي اُتر اولهه ڪنڊ
تي اٽڪل چار ڪلوميٽر پنڌ تي ٿيندي. خشڪ ساليءَ سبب
30-40 سالن کان سُڪي ٺوٺ ٿي ويئي آهي. ڪنهن دور ۾
هيءَ ڍنڍ پکي ۽ مڇيءَ جي شڪار کان مشهور هئي. اها
ڍنڍ پنهنجي ماضيءَ کي ياد ڪري هنجون هاري رهي آهي.
هن ڍنڍ مان ڪنهن دور ۾ مڇي وڏي تعداد ۾ ماري ويندي
هئي، جنهن ۾ ڪُرڙو، موراکو، ٿيلهي، ڏنڀرو، پوپري،
ڄرڪو، شاڪر، ڏاهي ۽ سينگاري شامل آهي.
پُراڻي ديري واري ڍنڍ:
هيءَ ڍنڍ ڳوٺ پراڻي ديري جي اوڀر ۾ ديهه پراڻو
ديرو تعلقه دادو ۾ آهي. هيءَ ڍنڍ دادو شهر جي اُتر
اوڀر ڪنڊ تي اٽڪل پندرهن ڪلوميٽر پنڌ تي ڪچي ۾
آهي. درياءُ چڙهڻ سبب هيءَ ڍنڍ پاڻيءَ سان ٽمٽار
ٿي ويندي آهي. هن ڍنڍ ۾ اعليٰ قسم جي مڇي حاصل
ٿيندي هئي، جنهن ۾ موراکو، ڪُرڙو، شاڪر، ٿيلهي،
ڄرڪو، سينگاري ۽ ٻين ڪيترن ئي قسمن جون مڇيون شامل
آهن. هن وقت هيءَ ڍنڍ سڪي ٺوٺ ٿي ويئي آهي. هن ڍنڍ
۾ هاڻي آبادگار ڪڻڪ جو فصل پوکي رهيا آهن.
پاٽ ڍنڍ:
پاٽ ڍنڍ جيڪا، دادو شهر جي اتر ۾ اٽڪل 32 ڪلوميٽر
پنڌ تي تاريخي شهر پاٽ، ديهه پاٽ تعلقه دادو ۾
آهي. هن ڍنڍ ۾ اعليٰ قسم جي مڇي ماري ويندي آهي.
جنهن ۾ ڪُرڙو، موراکو، شاڪر، ٿيلهي سينگاري شامل
آهي. هيءَ ڍنڍ فشريز کاتي وارا نيلام ڪندا آهن.
سوڀناري ڍنڍ:
سوڀناري ڍنڍ ڳوٺ بهاولپور تعلقه جوهي ضلع دادو ۾
آهي هن ڍنڍ کي رئيسن واري ڍنڍ به چئبو آهي، هن ڍنڍ
جو شمار جوهي تعلقي جي وڏين ڍنڍن ۾ ٿئي ٿو. هن ڍنڍ
بابت چوڻي آهي ته سوڀناري هڪ هندو عورت هئي، جيڪا
سماج سڌارڪ هئي ۽ ڪا سوڀ کٽي هئائين، انڪري هن ڍنڍ
کي سندس نالي سان منسوب ڪيو ويو. هن ڍنڍ مان مڇي
وڏي مقدار ۾ ماري ويندي هئي، جنهن ۾ ڄرڪو،
سينگاري، موراکو، شاڪر، ڪُرڙو، پوپري، ڏاهي،
پاپليٽ ۽ ٻيون اعليٰ قسم جون مڇيون شامل آهن، هن
ڍنڍ ۾ پکين جو شڪار پڻ ٿيندو آهي. ان کان علاوه هن
ڍنڍ ۾ پن به وڏي تعداد ۾ دستياب ٿي آهي. پن مان
تڏا، تونريون، مصلا تيار ڪيا وڃن ٿا. هن ڍنڍ جو
ڪجهه حصو دادو تعلقي ۾ پڻ اچي ٿو. (هن ڍنڍ مان
راقم جو والد محترم غلام قادر چنا مڇي ماريندو هئو
جنهن ۾ 7 کان 8 ڪلوگرام ڪُرڙو ۽ 12 کان 13 ڪلو
گرام ڄرڪو شامل هوندا هئا.)
سچاري جي ڍنڍ:
هيءَ ڍنڍ ديهه سُچارو تعلقه دادوءَ ۾ دادو شهر جي
اتر ۾ اٽڪل 28 ڪلوميٽر پنڌ تي ٿيندي. هن ڍنڍ ۾
اعليٰ قسم جي مڇي جام ملندي هئي. جنهن ۾ ڪُرڙو،
ڄرڪو، موراکو، ٿيلهي، شاڪر، سينگاري، ڏاهي ۽ ٻين
قسمن جون مڇيون شامل آهن. هن ڍنڍ ۾ پن ۽ ڏير به
ڄام ٿيندو هو. جنهن مان تڏا، تونريون تيار ڪيون
وينديون هيون. هن ڍنڍ ۾ پکين جا ڪيترائي قسم سياري
جي موسم ۾ سائبيريا ۽ ٻين ٿڌن ملڪن ۾ ايندا آهن،
ڪجهه سالن کان هيءَ ڍنڍ خشڪ سالي جو شڪار ٿي ويئي
آهي.
سرجاري ڍنڍ:
هيءَ ڍنڍ يوسي بهاولپور تعلقه جوهي ضلع دادو ۾
آهي. جيڪا دادو شهر کان ٻارنهن ڪلوميٽر اولهه اتر
ڪنڊ تي واقع آهي. هن ڍنڍ کي ڪڪڙ مورو يا ڪڪڙ ڍورو
به سڏيندا آهن. 25- 30 سالن کان هيءَ ڍنڍ سڪل رهي
ٿي. اڳي هيءَ ڍنڍ پاڻيءَ سان ڀريل هوندي هئي. هن
ڍنڍ ۾ اعليٰ قسم جي مڇيءَ جو شڪار ٿيندو هو. جنهن
۾ موراکو، شاڪر، ٿيلهي، گندڻ، سينگاري، ڄرڪو،
پوپري ۽ ٻيون مڇيون شامل آهن.
سنهاري ڍنڍ:
سنهاري ڍنڍ خيرپورناٿن شاهه جي اولهه ۾ گوزو شهر
جي اتر ۾ آهي. هيءَ ڍنڍ خيرپورناٿن شاهه جي اهم ۽
وڏي ڍنڍ آهي. هن ڍنڍ ۾ موراکو، ڪُرڙو، سينگاري،
ڏنڀرو، ٿيلهي، گندڻ، ڄرڪو ۽ ٻيون مڇيون شامل آهن،
جن جو شڪار ڪيو ويندو آهي.
سونا ٻنڊي ڍنڍ:
هيءَ ڍنڍ دادو شهر جي اتر ۾ ويهه ڪلوميٽر پنڌ تي
تعلقي دادو ضلع دادو ۾ آهي، هن ڍنڍ ۾ اعليٰ قسم جي
مڇي مري ٿي. هيءَ ڍنڍ فشريز کاتي جي انتظام هيٺ
آهي. هر سال هيءَ ڍنڍ نيلام ڪئي ويندي آهي.
سوني ڍنڍ:
سوني ڍنڍ تعلقي ميهڙ ضلع دادو ۾ واقع آهي هيءَ ڍنڍ
ڪجهه سالن کان پاڻي نه هئڻ سبب سڪي ويئي آهي. اڳ
هن ڍنڍ ۾ مڇي اعليٰ قسم جي ماري ويندي هئي. ان سان
گڏ بِهه، لوڙهه، کير وليون، پن، ڏير ۽ ٻيو گاهه
ملندو هو، پن مان تڏا، تونريون ٺاهيون وينديون
هيون. هيءَ ڍنڍ فشريز کاتي وارن جي حوالي آهي. هن
ڍنڍ کي سرڪاري طرح نيلام ڪندا آهن.
جاکپاري ڍنڍ:
جاکپاري ڍنڍ ديهه جاکپاري تعلقي دادو ۾ دادو شهر
جي اتر ۾ 27 ڪلوميٽر جي پنڌ تي واقع آهي. هن ڍنڍ ۾
مڇي وڏي تعداد ۾ هوندي آهي ۽ هوندي هئي. جنهن ۾
موراکي، ڪُرڙو، ٿيلهي، ڄرڪو، سينگاري، ڏاهي ۽ ٻين
قسمن جون مڇيون شامل آهن، سياري جي مُند ۾
سائيبيريا ۽ ٻين ٿڌن علائقن مان پکي ڪهي اچي ديرو
ڄمائيندا هئا. ازانسواءِ بِهه، لوڙهه، قُم، ڪوڻيون
وڏي تعداد ۾ دستياب ٿينديون هيون. ان کان علاوه پن
۽ ڏير به هن ڍنڍ ۾ جام ٿيندو هو. جنهن مان تڏا،
تونريون ۽ مصلا وڏي تعداد ۾ ٺهندا هئا. ان کان
علاوه هن ڍنڍ ۾ لاڪُڙِ جام ٿيندي آهي، جنهن مان
کارا ٺاهيا ويندا هئا ۽ لاڪُڙِ مان گهرن جون
ڪنڌيون ٺهنديون هيون. مٺي پاڻيءَ جي هيءَ ڍنڍ
لوڻياٺي ٿي ويئي آهي، انڪري روزانو سوين مڻ لوڻ
ڍنڍ مان ڪڍيو وڃي ٿو. جتان ٽرڪن، ٽريڪٽر ٽرالين،
بيل گاڏين ۽ گڏهه گاڏن ذريعي ٻاهر موڪليو وڃي ٿو،
دادو تعلقي ۾ بلڪ ضلع ۾ گهڻي ۾ گهڻو ۽ سٺي قسم جو
لوڻ هن ڍنڍ مان نڪري ٿو. گورنمنٽ هن ڍنڍ کي نيلام
به ڪندي آهي.
چڪڻ ڍنڍ:
چڪڻ ڍنڍ دادو شهر کان ويهه ڪلوميٽر جي پنڌ تي واقع
آهي. هيءَ ڍنڍ پاڻيءَ سان ڀريل هوندي هئي ته هن
مان مختلف قسم جي مڇين جو شڪار ٿيندو هو، جنهن ۾
شاڪر، موراکو، ڪُرڙو، ٿيلهي، سينگاري، ڏاهي، پوپري
۽ ٻيون مختلف مڇيون شامل آهن. هن ڍنڍ مان پن، ڏير،
ڪل ۽ ٻين قسمن جا گاهه جام ٿيندا هئا. هن وقت هيءَ
ڍنڍ سُڪي ٺوٺ ٿي ويئي آهي.
ڇٽي جي ڍنڍ:
ڇٽي جي ڍنڍ دادو شهر جي اُتر اوڀر ڪنڊ تي سيتا ڳوٺ
جي ڀرسان واقع آهي. هن ڍنڍ ۾ پڻ ڪيترين ئي قسمن
جون مڇيون هونديون آهن. هن وقت هيءَ ڍنڍ سوڪهڙي جو
شڪار آهي.
حاجي اسماعيل پير جي ڍنڍ:
هيءَ ڍنڍ پڻ دادو تعلقي ۾ آهي. هن ڍنڍ مان وڏي
تعداد ۾ مڇي ماري مارڪيٽ تائين پهچائي ويندي آهي.
هيءَ ڍنڍ فشريز کاتي وارا نيلام ڪندا آهن. هن ڍنڍ
تي نالو بزرگ حاجي اسماعيل پير جي نسبت سان پيو
آهي، جيڪو وڏو عالم، بزرگ ۽ صاحب ڪرامت هو. هن
بزرگ جي درگاهه تاريخي ماڳ پاٽ ۾ آهي. پاٽ جو ماڳ
تمام قديم ۽ تاريخي آهي. هندستان جي بادشاهه
همايون هن ماڳ ۾ حميده بانو سان شادي ڪئي هئي ۽
حميده بانو جي بطن مان اڪبر بادشاهه عمرڪوٽ ۾ جنم
ورتو، جيڪو اڳتي هلي سڄي هندستان جو بادشاهه بنيو
۽ اڪبر اعظم سڏيو ويو.
ڊنءُ واري ڍنڍ:
هيءَ ڍنڍ دادو ضلع جي تعلقي خيرپورناٿن شاهه جي
قديم ۽ تاريخي ڳوٺ گوزي جي اوڀر ۾ آهي. هيءَ ڍنڍ
تعلقي خيرپورناٿن شاهه جي وڏين ڍنڍن مان هڪ آهي.
هن ڍنڍ سان ڪيترائي قصا ۽ ڏند ڪٿائون مشهور آهن،
روايت آهي ته هڪ ڳوٺ مهرائي مان ڄڃ ڳوٺ وسائي ۾
پهتي شهر جي چڱي مڙس وسايو لاڙڪ سڄي ڄڃ جي دعوت
ڪئي ۽ ڄڃ کي هڪ ويلو هڪ ڄرڪو رڌي دعوت کارائي ويئي
جيڪو پوري ڄڃ لاءِ ڪافي هئو. ان مان ڊنءُ جي مڇيءَ
جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. هن ڍنڍ مان ڪُرڙو،
موراکو ڄرڪو، شاڪر، ٿيلهي، پوپري ۽ ٻين قسمن جون
مڇيون ماري ٻاهر موڪلي ويندي هئي. هن وقت هيءَ ڍنڍ
سوڪهڙي جو شڪار آهي.
راوت لغاري ڍنڍ:
هيءَ ڍنڍ ڳوٺ راوت خان لغاري تعلقي خيرپورناٿن
شاهه ضلع دادو ۾ آهي. هن ڍنڍ تي نالو ڳوٺ راوت جي
نسبت سان رکيو ويو آهي. هيءَ ڍنڍ پڻ درياءُ جي
ڇڏيل آهي. ڍنڍ مان اعليٰ قسم جي مڇي جو شڪار ٿيندو
آهي. هن ڍنڍ کي پڻ فشريز کاتي وارا نيلام ڪندا
آهن.
ڪنڊي چڱي جي ڍنڍ:
هيءَ ڍنڍ ڳوٺ ڪنڊي چڱي تعلقي خيرپورناٿن شاهه ضلع
دادو ۾ واقع آهي. هيءَ ڍنڍ پڻ دريائي پاڻي مان
سيراب ٿيندي هئي، هن وقت هيءَ ڍنڍ پڻ سوڪهڙي جو
شڪار آهي، پر ڪنهن دور ۾ مڇي ۽ پکي جو شڪار جام
ٿيندو هو.
ان کان علاوه دادو ضلع ۾ هيءُ ڍنڍون آهن، جن جو
تفصيل ۽ نالا هن طرح آهن. الهه اوڀايو ڍنڍ، ستو
واهه ڍنڍ، ڏاوڇ ڍنڍ، کرل ڍنڍ، گچيرو ڍنڍ، راکن جي
ڍنڍ، وندرن واري ڍنڍ، وندير ڍنڍ وغيره. تعلقي
جوهيءَ ۾ هيءُ ڍنڍون آهن ڦلجي وليج ڍنڍ، جتوئي ڍنڍ
وغيره. تعلقي خيرپورناٿن شاهه ۾ هيءُ ڍنڍون آهن.
انيتي ڍنڍ، رحماني ڍنڍ، ڪڪڙ ڍنڍ، ويجي ڍنڍ وغيره.
تعلقي ميهڙ ۾ هيءُ ڍنڍون آهن. ٻيپرا ڍنڍ، گنجا
ٺوڙها ڍنڍ، گهڙو ڍنڍ، گهنهر ڍنڍ، ناٿ ڍنڍ وغيره.
(نوٽ: اڃان ڪافي ڍنڍون هونديون، جيڪي هن مضمون ۾
مون کان رهجي ويون هونديون ان لاءِ معذرت ۽ معافي
جو طلبگار آهيان).
حوالا: ڪتاب:
(1) سنڌ جون ڍنڍون. از: عزيز رانجهاڻي.
(2) سنڌ جي معلومات: از: محمد صالح کهڙو.
(3) دادو ضلع جاگرافي، (4) سماجي اڀياس ۽ جاگرافي،
(الف) تعلقه دادو، (ب) تعلقه جوهي، (ج) تعلقه
ميهڙ، (د) تعلقه خيرپورناٿن شاهه وغيره.
قاضي غلام علي
ٺٽو
پير سائين حُسام الدين ر اشدي
ننگر ٺٽي ۾
سنڌ سونهاريءَ پنهنجي تمدن ۽ تاريخ جي هميشه سينڌ
سنواري آهي ۽ ڪٿي به هن پنهنجي سينڌ ميري ٿيڻ نه
ڏني آهي، سنڌ پنهنجي تمدن و تاريخ ۾ ۽ تهذيب ثقافت
۾ ازل کان پاڻ ڀري رهي آهي، اُترطرف جيڪڏهن موهن
جي دڙي جو تمدن اؤج تي هو ته اهوئي دؤر لاڙ جي
پاسي ڪڪرالي جي قديم رياست ۾ راجائن جون راڄڌانيون
ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون، جنهن لاءِ سنڌ جي تاريخ جا ورق
گواهه آهن، سنڌ ٻنهي سان ڪجهه هن طرح سان باقي رکڻ
جي ڪوشش ڪئي آهي جو هن پنهنجي ڪُک مان انيڪ ليکڪ ۽
تعليمدان محقق ۽ مصنف وقت بوقت پي پيدا ڪيا آهن،
انهن بيشمار محققن ۽ تاريخدانن ۾ مير علي شير قانع
ٺٽي ۾ پيدا ٿيو، اُترطرف وري مخدوم محمد عاقل
(رابع) ٻڌڻ ۾ آيو ته وري هڪ طرف شمس العلماء مرزا
قليچ بيگ جو نالو وچولي ۾ ٻڌوسون ته وري ڪاڇو
ڀيرومل مهرچند آڏواڻي جو نالو به ڪَر کنيو بيٺو
آهي، جتي علامه غلام مصطفيٰ قاسمي جهڙا عالم، اديب
هجن ته اتي وري مولائي شيدائي به نالي وارو ٿي
گذريو، هوڏانهن سڄيءَ سنڌ جو سيلاني مؤرخ ۽ محقق
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ اسان جي ڀلاري ڀونءِ اندر
ڀال ڀلائي ٿو، ان کان سواءِ مخدوم امير احمد
هاشمي، مولانا اعجازالحق قدوسي، پروفيسر محبوب علي
چنا ٿر ۾ تاريخدان محترم سائين معمور يوسفاڻي ۽
ساحلي پٽيءَ ۾ مؤرخ مرحوم سائين سومار شيخ جهڙو
ماڻهو اورچ انسان سائين ڊاڪٽر غلام علي الانا،
مرحوم سائين عزيز جعفراڻي، رسول بخش تميمي، حافظ
حبيب سنڌي کان علاوه ٻيا به ڪيترائي اديب ۽ مؤرخ ۽
محقق ٿي گذريا آهن جن انهيءَ ميدان ۾ پنهنجون
پنهنجون خدمتون پيش ڪيون آهن. انهن سڀني محترم
ڀلوڪڙن انسانن ۾ پيرسائين حسام الدين شاهه راشديءَ
جو احسان هميشه سنڌ ۽ سنڌين لاءِ فخر جو باعث
بڻبو، جنهن گهڻي کان گهڻا فارسي مسودا سنواري
پنهنجو بي لوث علمي پورهيو پيش ڪيو. پير سائين
حسام الدين شاهه راشدي ٺٽي ۽ مڪليءَ تي هڪ جامع
تحقيق ڪئي، سندس علمي ۽ قلمي پورهيو چنڊ جيان چمڪي
رهيو آهي. پاڻ ٺٽي مان ڪافي ناياب فارسي قلمي نسخا
هٿ ڪري وڏي محنت ۽ جفاڪشيءَ سان علمي تحقيق
ڪيائون، الله پاڪ کين مڪليءَ جهڙي عظيم قبرستان ۾
جڳهه ڏياري. منهنجي والد صاحب مرحوم قاضي علي محمد
سان انهن قلمي نسخن سبب ڪافي قرابت پيدا ٿي.
منهنجي والد جي وفات کان پوءِ منهنجي والد جي
همشيره وٽ سندن عامل ڪالوني ڪراچي جي ائڊريس هئي،
جيڪي مون کي ڏنائين. جيئن ته منهنجي والد صاحب جي
وفات وقت منهنجي عمر 9 سال هئي، ڪراچيءَ ۾
ناواقفيت سبب آئون پاڻ هڪ ٻيو ماڻهو گڏ کڻي وٺي
ويس. اهو زمانو 1977ع جو هو. سائين جن جو عامل
ڪالوني کان بيت الحمرا ٽيپو سلطان روڊ طرف بنگلو
هو، اسان ڪافي ڳولا باوجود سائين جي.ايم.سيد جي
حيدر منزل تي پهتاسون، جتان سائين جن هڪ ماڻهو گڏ
ڏنو، جنهن سائين حسام الدين راشدي جي بنگلي تي
اسان کي پهچايو. گهر تي پهچڻ بعد اسان هڪ سلپ نوڪر
کي ڏني، جنهن اها سلپ سائينءَ تائين پهچائي. سلپ
موڪلڻ کان پوءِ سائينءَ چوائي موڪليو ته اوهان
ويهو ۽ ماني کائو. اسان چيو ته سائين اسان اوهان
سان ملڻ لاءِ آيا آهيون، چوائي موڪليائين ته پهرين
طعام پوءِ ڪلام. بهرحال اڌ ڪلاڪ جي وقفي کان پوءِ
سائين جن آيا. ٺٽي بابت ڪافي احوال پڇيائون ۽ هڪ
ڪلاڪ تائين ملاقات ٿي. بعد ۾ موڪلائڻ مهل چيائين
ته بابا جڏهن به ڪراچي اچو ته مون سان ضرور ملندا
وڃو. منهنجي عمر ننڍي هئي ۽ ان ڳالهه جي معلومات
نه هئي. گهڻن سالن بعد اسان جا پراڻا فائيل
اُٿلائيندي هڪ وصيت نامون مليو جيئن ته منهنجو
پيءُ عريضي نويس هو سائين جن جي زندگي ۾ جڏهن حضرت
مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رحمة الله عليہ جي آخري بيبي
آمنت زنده هئي ته هڪ ته پير صاحب جي مدفوني بابت
وصيت نامون لکايو ويو هو، جيڪو 1965ع ڌاري منهنجي
پيءُ کان لکرايو اٿن، جنهن جي فوٽو ڪاپي هن مضمون
۾ شامل ڪئي وڃي ٿي. جيئن ته ٺٽي ۾ قلمي نسخن جي
ڳولا يا تحقيق دوران منهنجي والد مرحوم بابت ڪتاب
’ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون‘ ۾ لکيل آهي ته تحقيق دوران
پهريائين 1962ع تائين مرحوم قاضي علي محمد جن
منهنجي رهنمائي ڪئي. ان بعد ٺٽي جي آخري رضوي
خاندان شاعر فرد ميان گلزار علي شاهه مهدوي مون کي
ٺٽي جي محلي، ذاتين ۽ مسجدن تي معلومات ڏني ۽ ان
کي گڏ کنيائين، پير سائين حسام الدين شاهه راشدي
ٺٽي ۾ اچڻ کان پوءِ جيڪي قلمي نسخا خريد ڪيا، اهي
ٽن خاندانن جي ملڪيت ۾ رهيا آهن:
1.
مير علي شير قانع ولد مير عزت الله شڪرالاهي اولاد
قاضي سيد شڪرالله شيرازي.
2.
قاضي فضل الله آنري سيڪريٽري محمداً ائسوسيئيشن
اولاد حضرت شيخ محمد اُچي جعفري طياري، راقم
الحروف جو خاندان.
3.
سيد غلام مرتضيٰ مرتضائي جنهن جو پوٽو سيد غلام
محمد شاهه رضوي، ڊاڪٽر سيد ديدار حسين شاهه جو
والد مرحوم.
انهن ٽنهي خاندانن جو قديم علمي ۽ قلمي سرمايو اڄ
سنڌي ادبي بورڊ ۾ موجود آهي.
پير صاحب فقط علمي تحقيق ۽ قلمي نسخن سان گڏ ٺٽي
جي اولياء الله جي ميلن جون تاريخون محلا، مسجدون
۽ ٻين قديم آثارن تي تحقيق ڪئي. سندن انهيءَ تحقيق
کي ٺٽي شهر جي آڳاٽي جاگرافيءَ سان منسلڪ ڪيو وڃي
ٿو. تازو سائين ڊاڪٽر غلام محمد لاکو صاحب هڪ ڪتاب
’ڳالهيون منهنجي سنڌ جون‘ ۾ سائين جن جا رهيل
تحقيقي مقالا شايع ڪرايا آهن ۽ چيو اٿس ته پير
صاحب تي رهيل ڪم به مڪمل ڪندس کين الله پاڪ توفيق
عطا فرمائي آمين.
پير سائين حسام الدين شاهه راشديءَ سان مشهور محقق
سائين ڊاڪٽر نواز علي شوق جن جي به گهڻي شناسائي
رهي. سنڌي ادبي بورڊ ۾ رسالي ’مهراڻ‘ جي ايڊيٽر
سائين نفيس احمد شيخ سان به گهڻو ويجها رهيا. بورڊ
جي پراڻن ملازمن ۾ سائين نفيس احمد شيخ جن جي اسان
جي والد صاحب سان بورڊ ۾ ملاقاتون ٿيون.
ٺٽي ۾ تحقيق دوران پاڻ ڪتاب ’ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون‘
۾ هڪ مقالو ’ٺٽو نگر تصنيف ۽ تاليف‘ جي عنوان سان
شايع ڪرايائون، جنهن ۾ پير صاحب جن ارغونن جي دؤر
کان انگريزن جي دؤر جا قلمي نسخا تفصيلي طور ڏنا
اٿن. جنهن ۾ مان ڪجهه ٿورن نسخن جو احوال ڏجي ٿو:
ارغون ۽ ترخان گهراڻو:
1. تذڪرة المراد (قلمي) حاجي محمد حسين صفائي.
هيءُ ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪرايو آهي، ڊاڪٽر
عبدالرسول قادري صاحب ايڊٽ ڪيو آهي ۽ ترجمو ڪيو
آهي.
2. شرح اربعين مخدوم رڪن الدين عرف مخدوم
متو
3. شرح گيلاني ۽ ٻيا رسالا.
4. مثنوي مظهرالآثار: شاهه جهانگير هاشمي وفات
949هه، سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪرايو آهي.
5. تذڪره روضة السلاطين موسع شاهه حسن ارغون
6. ساقي نامه (فارسي قلمي) مُلا عبدالعلي ٺٽوي
(معاصر باقي).
7-
آداب المريدين
954هه، سيد علي شيرازي، خزينة المخطوطات جلد-2 ۾
هن ناياب نسخي جو پتو مرزا آغا بدر دُراني جي
ڪتبخاني ۾ ملي ٿو.
8-
حديقة الاولياء:
سيد عبدالقادر ٺٽوي، هيءُ نسخو سنڌي ادبي بورڊ
شايع ڪرايو، ان جو سنڌي ترجمو ڊاڪٽر عبدالرسول
قادري صاحب ڪيو آهي.
9- مثنوي
چنيسر
نامه:
ادراڪي بيگلر 1010هه فارسي. هيءَ مثنوي راقم
الحروف جي والد صاحب وٽ هئي، جيڪا پير صاحب خريد
ڪري سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ڪرائي. هن جو پير
حسام الدين راشدي صاحب سنڌيءَ ۾ مقدمو لکيو.
10- بيگلارنامه: فارسي
هيءَ مثنوي سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪرائي آهي.
11- نصرت نامه ترخان:
محمد بن بايزيد پوراني ٺٽوي. هن ڪتاب بابت سائين
جن جو چوڻ آهي ته جلد ايڊٽ ڪرائي ۽ ترجمو ڪرائي
ڇپرائيندس، ڇو جو اهو ٺٽي جي تاريخ جو اهم ماخذ
آهي. مگر اهو ڪم مڪمل نه ٿي سگهيو، خبر پئي آهي ته
ڪنهن اديب کي فارسيءَ مان سنڌي ۾ ايڊٽ ڪرڻ لاءِ
اهو ڪتاب ڏنو ويو آهي، خدا پاڪ ان کي صحت ۽ توفيق
ڏي ته جلد اها شيءِ مڪمل ڪري.
مغليه دؤر:
1.
تاريخ الفي: ملا احمد بن قاضي نصرالله ٺٽوي
2.
خلاصة الحيوة (فارسي)
3.
تاريخ طاهري محمد طاهر نسياني ٺٽوي (معاصر جهانگير
و شاهجهان)
هن کي پهريائين سائين حسام الدين راشدي ايڊٽ ڪيو،
بعد ۾ هن جو سنڌي ترجمو سنڌي ادبي بورڊ شايع
ڪرايو.
4- شرح مخزان الاسرار، قاضي ابراهيم ٺٽوي، وفات
1073
يوسف خان واليء تته 1041-1049 نالي معنون ٿيل آهي.
5- ترجمه غية الطالبين موسوم به دولت قادريه، از:
علامه سيد عبدالرشيد ولد عبدالغفور الحسين المدني
تتوي 1949هه
6- فرهنگ رشيدي
1-
6- منتخب اللغات شاهجهاني فارسي
2-
7- رساله در مصربات
8- ديوان عطا: ملا عبدالحڪيم عطا ٺٽوي، وفات
1140هه. هيءُ ديوان سنڌي ادبي بورڊ فارسيءَ ۾ سيد
مطيع الله راشد برهانپوري جي مقدمي سان شايع ڪرايو
آهي.
9- مثنويات هشت بهشت:
هيءَ عطا جي مثنوي سنڌي ترجمي سان پير صاحب ايڊٽ
ڪري سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ڪرائي آهي.
ڪلهوڙا دؤر:
1- معارف الانوار
في بيان فضائل سيد الاابرار قطب المختار تاليف
1140هه
هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو سائين حافظ حبيب سنڌي ڪيو
آهي، سنڌي ادبي بورڊ ۾ به هن جو نسخو شايد ڪونه
هو، ٺٽي جي شيرازي خاندان ذاتي حيثيت ۾ شايع ڪرايو
آهي.
2. ديوان محسن (فارسي):
ديوان محسن،
محسن ٺٽوي جو لکيل هو، جيڪو مير قانع جي دؤر ۾ وڏو
فارسي شاعر هو، هيءُ ديوان فارسيءَ ۾ ايڊٽ ٿيل
سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪرايو آهي.
ٽالپوري دؤر:
1- ديوان عظيم،
هيءُ ڪتاب مير عظيم الدين شاعر ٺٽوي جو هو. پاڻ
مير علي شير قانع ٺٽوي جو ڀائيٽو هو، هيءُ ديوان
فارسيءَ ۾ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪرايو آهي.
2- مثنوي سير دل 1206هه، مير عظيم الدين ٺٽوي
3- مثنوي فتح نامه، مير علي الدين ٺٽوي
4- ديوان ضياء فارسي، مير ضياءالدين ٺٽوي
5- ديوان ضياءِ (اردو) ، مير ضياءالدين ٺٽوي
6- مثنوي هير و رانجها (فارسي) مير ضياءالدين ٺٽوي
مير غلام علي مائل ٺٽوي، مير علي شير قانع جو
فرزند هو، سندس هيٺيان ڪتاب آهن:
1-
ديوانِ مائل (فارسي)
2-
ديوانِ مائل (اردو)
3-
تذڪره مجمع البلغاءِ (فارسي)
انگريزن جو دؤر:
(1) ديوان علي فارسي، بياض دو جلد، غلام علي
سبزپوش ٺٽوي، وفات 1268هه
(2) مثنوي تنبيہ معاهدين فارسي
(3) مثنوي نان و نمڪ فارسي
(4) نوروز نظم فارسي، غلام حسين سبز پوش ٺٽوي
(5) مجموعہ انشا فارسي
مٿيان چار ڪتاب غلام حسين سبزپوش، وفات 1278 هجري
جا آهن.
(6) بياض ديوان صابر (فارسي)، مير صابر علي ٺٽوي،
وفات 1282هه
(7) ديوان فيض: مخدوم فيض احمد، وفات 1292هجري
(8) ديوان جعفري (فارسي)، قاضي غلام علي جعفري،
وفات 1304هجري
(9) ديوانِ جعفري (اردو)
(10) تاريخ هند (سنڌي)
(11) مثنوي يوسف زليخا (سنڌي)، سيد غلام مرتضيٰ
شاهه مرتضائي
(12) مثنوي سڪندرنامه نظامي (سنڌي)، (سنڌي)، سيد
غلام مرتضيٰ شاهه مرتضائي
(13) مخمس ڪريما (سنڌي)، سيد غلام مرتضيٰ شاهه
مرتضائي
(14) ديوانِ مرتضائي (سنڌي)، سيد غلام مرتضيٰ شاهه
مرتضائي
(15) طوطي نامون (سنڌي)
(16) محڪ مرتضائي (هم زمين غزلن جو مجموعو)
سيد غلام مرتضيٰ شاهه مرتضائي جو ديوان سنڌالاجي
شايع ڪرايو آهي.
(17) تڪملہ مقالات الشعراءِ، مخدوم ابراهيم خليل
نقشبندي وفات 1312هجري
(18) تحفة الفقير (فارسي)، مخدوم ابراهيم خليل
(نقشبندي)
(19) ديوانِ مسڪين (فارسي)، مخدوم ابراهيم خليل
(نقشبندي)
(20) ڪشڪول مسڪين (فارسي)، مخدوم ابراهيم خليل
(نقشبندي)
(21) ديوانِ خليل (فارسي)، مخدوم ابراهيم خليل
(نقشبندي)
(22) مائده خليل مڪاتيب (فارسي)، مخدوم ابراهيم
خليل
مذڪوره ڇهه ڪتاب مخدوم ابراهيم خليل
نقشبندي جا آهن.
مددي ڪتاب:
1.
ڪتاب ’ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون‘، حسام الدين راشدي.
2.
’ڳالهيون منهنجي سنڌ جون‘، جلد-2، حسام الدين
راشدي، مرتب: ڊاڪٽر غلام محمد لاکو.
3.
’ڳالهيون منهنجي سنڌ جون‘ جلد-3، حسام الدين
راشدي، مرتب: ڊاڪٽر غلام محمد لاکو تازو ڇپيل.
4.
’مهراڻ‘ حسام الدين راشدي نمبر.
5.
سيد حسام الدين راشدي ’سوانح حيات ۽ علمي مقالا،
ڪارناما‘، سهيڙيندڙ: آزاد قاضي.
بسم الله الرحمٰن الرحيم
آئون مسمات بيبي آمنة بنت مخدوم مولانا محمد هاشم
عليہ رحمة سکنته مخدوم محله ٺٽو بحيثيت جائز وارث
شرعي زبدة العارفين قدوة السالڪين حضرت مولانا
ابوالقاسم صاحب نقشبندي رحمة الله عليہ اجازت
بخوبي ڏيان ٿي ته مخدوم نقشبندي صاحبان جي قبرستان
۾ چوديواري اندر حضرت مخدوم مولانا محمد ابراهيم
صاحب خليل جي مقبري لڳ ٿلهي پٿر واري ڀرسان ڪجهه
زمين تي هڪ مقبره فخرِ سنڌ اديب مولانا پير سيد
حُسان الدين شاهه راشدي کي خاص سندس استعمال لاءِ
بنا قبه اختياري آهي ۽ هو مقبره ٺهرائي سگهي ٿو.
مورخه 10 رمضان المبارڪ 1385هه
مطابق 3 جنوري 1965ع |