سيڪشن: رسالا

ڪتاب: 4/ 2020ع

باب:

صفحو:12 

استاد محسن علي شر

 

 

 

حضرت غلام حيدر فقير شر گودڙيه رحه جي عارفاڻي

ڪلام ۾ مرشد سان عقيدت جو اظهار

 

 

شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ ۾ جيئن ئي سچل چيئر جو قيام عمل ۾ آيو تيئن ئي سچل جي پانڌئيڙن ۽ ساڃاهه وندن ۾ سرهائي پيدا ٿي ته هن تصوف متعلق تحقيقي اداري جي قائم ٿيڻ سان منصور ثاني حضرت سچل سرمست رحه جي صوفي ازم واري پروگرام جي تبليخ ۽ ترويج جو عمل شروع ٿيندو ۽ واقعي هي ادارو پنهنجي مقرر ڪيل مقصد ۾ ڪامياب ويو آهي. سنڌ جي ناليواري اسڪالر ۽ اديب ۽ سچل چيئر جي اڳوڻي سرواڻ مرحوم ڊاڪٽر تنوير عباسي صاحب مون کي غلام حيدر گودڙيه سائينءَ جي عارفاڻي ڪلام جي ڪاپي سچل چيئر ۾ ڏيڻ لاءِ چيائون. مان سندن حڪم جي تعميل ڪندي ’ديوان گودڙيه رحه‘ جيڪو 1960ع ۾ درگاهه گودڙيه رحه جي چوٿين نمبر گادي نشين ميان ٻڍل فقير شر شايع ڪرائي منظرِعام تي آندو هو. مذڪوره ديوان کي مرحوم استاد عبدالرحيم (عابد) ترتيب ڏنو هو، اهو نسخو هاڻي ناياب ٿي چڪو آهي، چيئر وٽ جمع ڪرايو.

سچل چيئر طرفان حضرت غلام حيدرفقير گودڙيه رحه جو عارفاڻو ڪلام شايع ڪرائي سنڌي ادب جي تاريخ ۾ هڪ وساريل ورق کي منظرِعام تي آڻي هڪ شاندار ڪارنامو انجام ڏنو آهي.

سونهاري سنڌ ۾ اولياءُ الله جا اوتارا صوفي بزرگن جون بارگاهون درويشن جون درٻارون، سنڌ جي هر ننڍي وڏي ڳوٺ ۽ بستيءَ ۾ اڄ به رشد وهدايت جو روحاني مرڪز بڻيل آهن. اڄ به انهن مردن جي ميخانن تي تزڪيه نفس جي تربيت، تعليم ۽ روحاني رهبري جو ڪم سرانجام ڏنووڃي ٿو.

اهي اوتارا اهڙا مرڪز آهن جتي رهزن ۽ ڀٽڪيل انسان اچي جهڪيا ته اهي پنهنجي عاقبت اجاري ويا. سنڌ سونهاريءَ جي اهڙن اوتارن ۾ هڪ اوتارو اڄ به ضلع خيرپور جي تعلقي ٺري ميرواهه جي تاريخي ڳوٺ مينگهو فقير شر ۾ موجود آهي. جنهن جو باني حضرت فقير غلام حيدر شر گودڙيه رحه جن آهن. پاڻ درازي درٻار جي فيض سان رچي ريٽو ٿيل صوفي رنگ ۾ فيضياب ٿيل حضرت نانڪ يوسف رحه عرف عامه ۾ نانڪ ساءِ جن جا طالب هئا.

تاريخ جي مطالعي مان پروڙ پوي ٿي ته والي رياست خيرپور هزهاءِنس مير سهراب خان ٽالپر راجپوتن جي حملن کي منهن ڏيڻ لاءِ بلوچ قبيلن جا ٽولا گهرائي، انهن کي زمينون ڏئي پنهنجي رياست خيرپور ۾ آباد ڪيو. انهن بلوچ قبيلن ۾ شر قبيلي جي سرواڻ گودڙيه سائين جو والد بزرگوار ميان قائم الدين خان شر پنهنجي چاچي حسن بخش خان ۽ ڀائرن هرهڪ 1. دوست علي 2. دوستڻ 3. واسو 4. صالح 5. سهراب خان سميت اچي رياست خيرپور ۾ آباد ٿيا.

روايت آهي ته گودڙيه سائين جي والد بزرگوار کي نرينه اولاد ڪونه ٿيندو هو، کين هر وقت نرينا اولاد جو فڪر دامنگير رهندو هو، ائين هڪ ڀيري اوچتو هڪ مست سيد بنام حيدر شاهه وٽس اچي مهمان ٿيو، موڪلاڻي وقت سيد بادشاهه ميان قائم الدين خان کان مغمومي ۽ مايوسي جو ڪارڻ پڇيو، مست سيد ڪجهه منٽن جي خاموشي کانپوءِ مستيءَ واري عالم ۾ پنهنجا معصوم هٿ مٿي تي ڪري درگاهه الاهي ۾ ٻاڏايو ۽ کين بشارت ڏيندي فرمايائون ته قائم خان توکي نرينه اولاد ٿيندو. ليڪن ان مان هڪ اسان جي ڀاڱي جو اٿئي. سال کن گذرڻ کانپوءِ ميان قائم الدين کي ان مست سيد جي دعا سان ۽ خدا جي فضل و ڪرم سا فرزند عطا ٿيو ۽ کين مست سيد سان ڪيل وچن ياد آيو تنهنڪري پنهنجي نوزايد فرزند جو نالو به ان سيد جي نالي جي بنسبت سان غلام حيدر رکيو. گودڙيه سائين جي ولادت تاريخ 24 رمضان المبارڪ سن 1215هه ۾ ٿي. سندن پرورش ۽ پالنا نهايت ئي لاڏ ڪوڏ سان ٿي. سندن والد کي والي رياست طرفان مختيارڪاريءَ جو منصب عطا ٿيل هو، ان وقت رياست خيرپور ۾ فارسي سرڪاري زبان هئي، ۽ ان کي تمام گهڻي اهميت حاصل هئي. گودڙيه سائينءَ کي سندن والد فارسي تعليم جي حصول لاءِ هنڱورجا ۾ سيدن جي مدرسي ۾ داخل ڪرايو. مدرسي ۾ ساڻس گڏ سندن هڪ پيارو دوست آخوند عبدالرحمٰن مهيسر ڳوٺ مهيسر وڏا جو پڻ زير تعليم هو. پاڻ گلستان فارسيءَ جي تعليم حاصل ڪيائون. گودڙيه سائين جڏهن جواني ۾ پيرپاتو ته سندن والد بزرگوار هن فاني جهان مان ڪوچ ڪري ويو. پنهنجي والد جي وصال کانپوءِ مدرسي کي خيرباد چئي زمينداري جي ذميواري سنڀالڻ لڳا. والي رياست طرفان کين ساڳيو والد وارو مختيارڪاري وارو منصب عطا ٿيو، انهيءَ دوران پاڻ ڪنهن کي به تڪليف نه رسايائون.

فقيريءَ ۾ پيرپائڻ:

هن متعلق ٻه روايتون آهن هڪ روايت مطابق پنهنجي والد بزرگوار جي وصال کانپوءِ کين ڪنهن ڪامل ولي درويش کان روحاني رهبري ۽ رهنمائي حاصل ڪرڻ جو فڪر دامنگير رهندو هو، ائين هڪ ڀيري سندن پيارو دوست آخوند عبدالرحمٰن مهيسر وٽن اچي مهمان ٿيو، ٻنهي دوستن پاڻ ۾ مشورو ڪيو ته ڪنهن ڪامل درويش کان روحاني رهبريءَ جو درس حاصل ڪجي. ٻنهي اهو طئي ڪيو ته سچل سائين جي طالب ميان محمد يوسف نانڪ فقير وٽ هلجي ۽ ان کان ذڪر فڪر وٺجي. ٻئي دوست حضرت نانڪ يوسف وڃي حاضر ٿيا، پهريائين آخوند صاحب نانڪ سائين کي عرض ڪيو ته سائين دين دنيا جي ڀلائي ٿئي، اهو ٻڌي نانڪ سائين فرمايو ابا ايئن ئي ٿيندو.

گودڙيه سائينءَ جو وارو آيو ته پنهنجي مربي مرشد جي حضور ۾ عرض ڪيائون ته سائين الاهي عشق عطا ٿئي. اهو ٻڌي اچانڪ نانڪ ڀڙڪو کائي کين ڀاڪر پاتو. ۽ فرمايائون غلام حيدر! تنهنجي اڄ سيد الشهدا حضرت امام حسين عليه السلام جي فقرائي دفتر ۾ داخلا ٿي وئي.

ٻئي روايت ۾ آهي ته پاڻ هڪ مجازي محبوب سان اک اٽڪائي ويٺا هئا ڇو ته المجاز قنطره الحقيقت مجازي محبوب جي انتظاري ۾ محبوب جي نظاري لاءِ پيا پنڌ ڪندا هئا. ائين هڪ ڀيري مجازي محبوب جي تمام گهڻي دير کانپوءِ آمد ٿي. پاڻ پنهنجي محبوب سان شڪايت ڪيائون ته تمام گهڻي دير انتظار بعد آمد ٿي آهي. جواب ۾ سندن محبوب وراڻيو ته غلام حيدر وارث به آهن يا ڪو نه؟ ائين کين اندر مان آواز آيو ته تنهنجا به ته وارث آهن، نڌڻڪو ته ڪونه آهين.

بس پوءِ اچي رنگ لڳو مرشد کان سبق وٺي سڌو ڳوٺ آيا هر وقت ۽ همه تن ذڪرالاهي ۾ محو ۽ مستغرق رهڻ لڳا. مرشد جي مليل ذڪر جو مٿن ايتري قدر ته اثر ٿي ويو جو کائن پنهنجو وجود ئي وسري ويو. پاڻ رنگپور عرف اڳڙا شريف مرشد جي حضوراقدس ۾ همه تن هر وقت هڪيا تڪيا حاضر رهندا هئا. مرشد جي ڏنل سبق مطابق قبلي ذڪر ڪمائڻ لڳا. هڪ ڀيري سندن مرشد نانڪ سائين کي 40 عدد ڇونهارا ۽ ڀڳڙا ڏئي کين ارشاد فرمايو ته ڪنهن نامعلوم هنڌ وڃي 40 ڏينهن تاءِ قلبي ذڪر ڪريو. مرشد جي حڪم جي تعميل ۽ تڪميل ڪري 40 ڏينهن بعد مرشد اڳيان ڇونهارا ۽ ڀڳڙا آڻي رکيائون. نانڪ سائين فرمايو غلام حيدر تو نه ڇونهارا واپرايا نه ئي وري ڀڳڙا واپرايا تون وڏي منزل جو مالڪ آهين، بقول ڀٽائي گهوٽ رحه

بک وڌائون بگرين جوڳي ڪندا جڃ،

طلب نه رکن طعام جي اوتيو پئين اڃ.

لاهوتين لطيف چئي من ماري ڪيو مڃ،

سامي جهاڳي سڃ، وڃي ونسئن کي ويجها ٿيا.

سندن هم عنصرن ۾ ڪيترا نالا اچي وڃن ٿا. عثمان فقير سانگي، ڇتو فقير سانگي، بيدل فقير، حمل فقير لغاري، خوش خير محمد فقير هيسباڻي ۽ لونگ فقير ونگ واري سان سندن ڪيتريون ئي ڪچهريون ٿينديون رهنديون هيون. خوش خير محمد فقير ان ڪري گهڻو احترام ڪندو هو جو سندن والد بزرگوار جو نالو به غلام حيدر هو. خوش خير محمد فقير غلام حيدر جي منزل معلوم ڪرڻ لاءِ پنهنجي فقيرن هٿان هڪ ڪلام چوائي موڪليو.

پڃري آدم دي آ ڪيوين ڦاٿين، هئين ته مرغ هوائي دا.

جڏهن فقيرن اهو مٿيون ڪلام چئي بس ڪئي ته گودڙيه رحه سائينءَ تي وجد ۽ جلال واري ڪيفيت طاري ٿي وئي. ۽ موج مستي واري عالم ۾ پنهنجو هيٺيون ڪلام چوڻ لڳا.

ڪلام

پڃري آدم دي آپي آيس ڪيتم سير الاهي دا،

(1)

اصلئون هيڙس لامڪاني، ظاهر ڪيتم آ انساني،

هرجا هوڪا ذات رباني سارا هي سير خدائي دا.

(2)

شوق دي غلبي شور مچايا، ظاهر باطن عرش اڏايا،

هندو مومن جهڳڙا لايا، ڪر ڪي فرق جدائي دا.

(3)

وچ ميدان مولائي آون، پير پڇون تي مول ته پاون،

جهڳ مڳ جهڙ جهڙ جسم جلاون شوق تنهان شمع شاهي دا.

(4)

غلام حيدر هويا هادي مئين نهين هئي شاهه درازي،

نرمل نانڪ فقير فياضي، جنهن ڏتڙا سبق صفائي دا.

جڏهن خوش خير محمد فقير کي اهو جواب موصول ٿيو ته پاڻ پنهنجي فقراءُ کي ساڻ ڪري گودڙيه سائين وٽ آيا. گودڙيه سندن آڌرڀاءُ ڪرڻ لاءِ آيا ته خوش خير محمد فقير فرمايو! غلام حيدر ڇوڙ مئين.

تيڏا طواف ڪران جو تئين تيرهين سن وچ الله اثبات ڪيتا هي.

سندن شاعري جو مطالعو ڪرڻ سان معلوم ٿيندو ته هن پنهنجي شاعري ۾ ڪنهن ڪنهن جاءِ تي پنهنجي مرشد سان والهانه عقيدت ۽ محبت جو اظهار ڪيو آهي. اهڙي طرح گودڙيه سائين پنهنجي عارفاڻي ڪلام ۾ پنهنجي مرشد ۽ سندن مرشد حضرت سچل سرمست سان بي پناهه محبت ۽ عقيدت جو اظهار ڪرڻ کان رهي ڪين سگهيو آهي. هڪ هنڌ فرمائين ٿا.

جهلي جهوليءَ آيو مون کي يوسف ساڻ يقين،

سئو ڀيرا صدقي ٿيان، آءُ چئي آمين.

جنهن جي جوش جاڳايو برهه وڄائي بين،

غلام حيدر گر اچي مون کي توڙئون ڪئي تلقين،

محبت موج سندن سدين، سدا سانوڻ جيان وهي.

گودڙيه سائينءَ جي شاعريءَ تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿيندو ته پاڻ پنهنجي مرشد حضرت نانڪ يوسف سان بي پناهه محبت ۽ عقيدت جو اظهار ڪيو اٿن. ليڪن پنهنجي مرشد حضرت نانڪ سائينءَ جي مرشد حضرت سچل سرمست سان عقيدت جو اظهار هن ريت ڪيو اٿن.

سچل موٽ سڏن تي وٿيون نه وجهجن الا،

(1)

جهڙا تهڙا پنهنجا ڇني نه ڇڏجن الا.

(2)

ٻيڙي چاڙهي سپرين ڇولين نه ڇڏجن الا.

(3)

اوڻا پرڻا پنهنجا پير پڇجن الا،

(4)

پڳهه جي پريت جا ڇڪي توڙ ڪجن الا.

(5)

قبول محمد قرب جا هيڻن هٿ ڪجن الا.

(6)

غلام حيدر غير جا لوڏي لاهه ڪڍجن الا.

اڃا به وڌيڪ جيڪڏهن سندن عارفاڻي ڪلام جو جائزو ورتو وڃي ته سچل سائينءَ ۽ ان جي خاندان سان لاڳاپيل بزرگن سان عقيدت جو اظهار ڪندي فرمائن ٿا نجم الدين تي ننگ ميان آهي مون مسڪين جو

(1)

انت ڪنهين ۾ نه آيو درازي جو دنگ ميان

(2)

نينهن ته نانڪ شاهه جي زونق وڃايو زنگ ميان.

(3)

غوئل جي گفتار جو وحدت وڌو دنگ ميان.

(4)

ساڳي سر سچل جو، رمز بنايو رنگ ميان.

(5)

غلام حيدر گر سان اڳ لکيو هو انگ ميان.

سندن عارفاڻي ڪلام ۾ مرشد سان بي پناهه محبت ۽ عقيدت جو اظهار نمايان نظر ايندو. هڪ هنڌ فرمائين ٿا.

جيڏيون جاڳيو جيءَ ۾ نانڪ نور علي،

پرينءَ قربئون پنهنجي اچي ڪئي سڀ ڀلي.

اڱڻ مون مسڪين جي آيو هوت هلي.

ڪاڪيون آهيان ڪانڪا ويو رڳ رڳ منجهه رلي،

غلام، حيدر غير جي ڪاڏهن ڪانه چلي،

وٺي ڳوٺ ڳلي اچي ويٺم ويجهڙو.

گودڙيه سائين جي عارفاڻي ڪلام جي مطالعي ڪرڻ سان معلوم ٿيندو ته پاڻ ڪلفت ڪيني ٻيائي ۽ غير کي تڙي ڪڍڻ جي اعليٰ اعلان پرچار ڪئي اٿن. سندن عارفاڻي ڪلام ۾ جتي اناالحق جو اعلان ڪندي نظر ايندو اتي عبديت ۽ عنصر کي به فراموش ڪين ڪيو اٿن.

غلام حيدر غير کي لاهوتي لوڙهاءِ پوءِ سامي سيف سندياءِ،

ڪڏهن ڪٽبا ڪين ڪي غلام حيدر غير جي ڪا ڏهن ڪانه چلي،

وٺي ڳوٺ ڳلي اچي ويٺم ويجهڙو،

ڊڄيون ويٺو ڊڄ ڏاڍي جي ڏينهن رات کئون.

هادي شهنشاه گودڙيه رحه سائينءَ جي عارفاڻي ڪلام جي معالعي ڪرڻ سان پتو پوي ٿو ته سندن شاعريءَ تي منصور ثاني حضرت سچل سرمست رحه جي شاعريءَ جو گهرو اثر آهي. سندن شاعري سنڌي، اردو سرائڪي، هندي ۽ فارسي تي مشتمل آهي.

سندن ملفوظات کي درگاهه گودڙيه رحه جي چوٿين نمبر گادي نشين ۽ موجود گادي نشين ميان سڪندر علي فقير شر جن جي والد بزرگوار ميان ٻڍل فقير 1960 ۾ ديوان گودڙيه رحه جي نالي سان شايع ڪرائي منظر عام تي آندو جنهن جي تاليف ۽ تدوين جو ڪم مرحوم استاد عبدالرحيم فقير شر (عابد) سرانجام ڏنو هو.

ديوان گودڙيه ناياب ٿي چڪو هو، جنهن ڪري تازو ئي سچل چيئر شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور طرفان ٻيهر شايع ڪرايو ويو آهي.

هادي شهنشاهه حضرت غلام حيدر گودڙي رحه جن جو روح تاريخ 2 محرم الحرام سن 1294هه ۾ جسد خاڪي مان پرواز ڪري وڃي مالڪ حقيقيءَ سان مليو. سندن وصال کان پوءِ سندن وڏو فرزند ميان مينگهل فقير رحه گادي نشين ٿيو. هن درويش پنهنجي والد بزرگوار جي عرس جو آغاز ربيع الاول جي 11 ۽ 12 کان شروع ڪيو، جيڪو هر سال مقرر تاريخن تي عقيدت ۽ احترام سان هر سال شايان شان ملهايو ويندو آهي.

گودڙي سائين کي ست فرزند هرهڪ (1) ميان مينگهل فقير (2) ميان مراد علي فقير (3) ميان خداداد فقير (4) ميان درمحمد فقير (5) ميان ڳوڌو فقير (6) ميان دين محمد فقير ۽ ميان غلام نبي فقير. سندن ڀائرن جا نالا آهن (1) ميرمحمد فقير (2) لال بخش فقير (3) قمبر علي خان ۽ (4) علي اڪبر فقير هئا. درگاه جو پهريون گادي نشين ميان مينگهل فقير (2) غلام شاهه فقير (3) ميان مراد علي فقير (4) ميان ٻڍل فقير ۽ هن وقت (5) ميان سڪندرعلي فقير شر جن گادي نشين آهن

موجوده گادي نشين ميان سڪندر علي فقير شر جن علم وادب سان شوق جو مظاهرو ڪندي 1982۾ فقير غلام حيدرشر گودڙيه يادگار ڪاميٽي قائم ڪئي آهي. يادگار ڪاميٽيءَ ساڳيئي سال عرس جي موقعي تي چيف آرگنائيزر مرحوم يعقوب علي فقير طرفان هڪ رسالو جنهن جو نالو ’گودڙيه جي گونج آهي‘ شايع ڪري منظرِ عام تي آندو. ان رسالي جي ترتيب ۽ تدوين راقم سرانجام ڏني.

1994 ۾ گودڙيه يادگار ڪاميٽيءَ طرفان گودڙيه خاندان جي قادرالڪلام صوفي شاعر ميان قائم الدين فقير شر جي شاعريءَ تي مشتمل رسالو به پڻ شايع ڪيو ويو، جنهن جي ترتيب ۽ تدوين پڻ بنده سرانجام ڏني.

صبر سڪ وڃائيو، ننڊ ڦٽائي نينهن،

ڏاڍي عشق عليل ڪئي محبت اٺا مينهن،

”غلام حيدر“ گاج ڪئي جيئن ٻيلي اندر شينهن،

رمزان راتيون ڏينهن، مون کي جانب لائي ويو جيء ۾.

تاج جويو

حيدرآباد

 

 

 

 

شاهه لطيف تي حافظ شيرازيءَ جو اثر

      (Influence of Hafiz Shirazi on Shah Latif)

 

ان حقيقت کان ڪُوَرِ چشم ئي انڪار ڪندو ته فارسيءَ جي ڪلاسيڪي شاعريءَ جا عالم انسانيت جي شاعريءَ تي فڪرانگيز اثر پيا آهن. ساڳيءَ ريت فارسي شاعريءَ به دنيا جي ٻي شاعريءَ جا اثر قبول ڪيا آهن، جيڪا هڪ فطري ۽ سڀاويڪ ڳالهه آهي.

اهڙيءَ ريت سنڌ، سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي شاعريءَ، فارسي ٻوليءَ ۽ شاعريءَ جي علمي، ادبي ۽ تهذيبي روايتن جي گُلن مان، مختلف دورن ۾ هُڳاءُ پئي ورتو آهي. فارسي شاعريءَ جي صوفياڻين روايتن ۽ رومانوي رمزن جو سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ تي ته گهرو اثر موجود آهي، پر جديد سنڌي شاعريءَ جا بانيڪار شاعر به اُن اثر کان آجا نظر نه ٿا اچن.

فارسي شاعريءَ جي چئن ڪلاسيڪي دورن ۽ پنجين نئين ڪلاسڪ دورَ (New classics) جي نمائنده شاعرن: (1) رودڪي ۽ فردوسيءَ، (2) مولانا رومي ۽ عُمر خيام، (3) سعدي، حافظ شيرازي ۽ امير خسرو، (4) عُرفي ۽ نظيريءَ، ۽ (5) قرة العين طاهره ۽ فرخ فروغ زاد، سنڌي شاعريءَ تي وڻندڙ اثر ڇڏيا آهن.

سنڌ ۾ فارسي ٻوليءَ جي سياسي، درٻاري، تهذيبي، علمي ۽ ادبي تسلط کي صدين جو پسمنظر آهي، پر اِها به عالم آشڪار ڳالهه آهي ته سنڌي عوام ۽ سندن نمائنده عوامي ڪلاسيڪي شاعرن، فارسيءَ جي ”سرڪاري تسلط ۽ درٻاري دٻدٻي“ کي ڪنهن به صورت ۾ ڪڏهن به قبول نه ڪيو هو. ان درٻاري دٻدٻي ۽ سرڪاري تسلط جو سڀ کان وڏو منحرف ۽ باغي، شاهه لطيف هو، جنهن هيٺينءَ ريت مؤثر انڪار جو اظهار ڪيو هو:

جي تون سِکيو فارسي، گولو توءِ غُلام،

جو ٻڌو ٻن ڳالهئين، سو ڪئن چائي ڄام،

اُڃيو تا آبُ گهري، بُکيو تا طعامُ،

ايءَ عامن سندو عام، خاصن منجهان نه ٿئي!

پر اها حقيقت آهي ته فارسيءَ جي ”تهذيبي، علمي ۽ ادبي تسلط ۽ اثر“ کي اسان جي عالمن ۽ ڪلاسيڪي شاعرن، ’علمي، ادبي ۽ تهذيبي شعور جي سرچشمي‘ طور ضرور قبول ڪيو هو، جيڪا ڳالهه سنڌ جي عظيم ڪلاسيڪي شاعر شاهه لطيف جي شاعريءَ مان به بخوبي چٽي نظر اچي ٿي. مولانا روميءَ جي مثنوي ته شاهه صاحب، سفر ۽ حضر ۾ پاڻ سان گڏ رکندو هو، جنهن جي تصديق شاهه جي سمورن شارحن ۽ جائزي نگارن ڪئي آهي؛ پر شاهه جي ڪلام جو وسيع اڀياس ٻڌائي ٿو ته هن ايران، افغانستان، هند ۽ ڪشمير جي فارسي شاعرن، جهڙوڪ: عطار، سرمد شهيد، سنائي، سعدي، محمود شبستري، مولانا عبدالرحمان جامي، شرف الدين شفائي، محمد طاهر غني ۽ خاص ڪري حافظ شيرازيءَ جو به وسيع مطالعو ڪيو هو.

فارسي ڪلاسيڪي شاعريءَ جي ٻئي دور جي اهم شاعر روميءَ کان پوءِ، ٽئين دور جي اهم شاعر حافظ شيرازيءَ جو شاهه لطيف تي وڏو اثر نظر اچي ٿو، ۽ معلوم ٿئي ٿو ته هن ’ديوان حافظ شيرازيءَ‘ جو نه رڳو وسيع مطالعو ڪيو هو، پر حافظ جي معنوي گهرائيءَ، استعارن ۽ اصطلاحن جي وسعت جو به اثر ورتو هو، ۽ ڪيترا اصطلاح ۽ استعارا هوبهو
’تضمين‘ طور به ڪتب آندا آهن، جهڙوڪ:

گهَٽن ۽ گهُٽڪن، پين وِهَه پياليون،

’برخيز بده ساقي‘، پيارِ کي پِرين،

پِڪين نه پرچن، مَٽَ تَڪيائون منجهيان!

(يمن ڪلياڻ، داستان 4، بيت 9)

شاهه جي اڪثر رسالن ۾، حافظ جي هڪ غزل جا چار مصرع، سُر ڪلياڻ جي داستان ٽئين کان پوءِ ضميمي طور ’وائي‘ عنوان سان ڏنا ويا آهن:

ساقيا! برخيز دُرد و جام را،

خاک برسر ڪُن غمِ ايّام را.

 

باده دُرده چند ازين بادِ غُرور،

خاکِ برسر نفس نافر جام را.

 

گرچه بدنا ميست نزدِ عاقلان،

مانمِي خواهيم ننگ و نام را.

 

ساغِر مئي بر کفم نه تاز سَر،

برکشم اين دَلق ازرق فام را.

ترجمو:

(1)  اي ساقي، اُٿي ۽ مئي جو جام ڏي!

 ڏکن جي ڏينهن جي مٿي ۾ ڌوڙ وِجهه!

(2) شراب ڏي، هيءَ غرور جي هوا ڪيستائين!

بدانجام ۾ ناپاڪ نفس جي مٿي ۾ مِٽي وجهه!

(3) جيتوڻيڪ (شراب پيئڻ) عقلمندن جي نظر ۾ بدنامي آهي، پر اسان ننگ ۽ ناموس جي ڪابه پرواه نه ٿا ڪريون!

(4) مئي جو جامُ منهنجي هٿ تي رکُ ته جيئن آءٌ

سر تان (صوفين جي) نيري گودڙي (دلق) لاهي ڦِٽي ڪريان!

هن غزل جي مطلع جي پهرين سٽ ’ساقيا! برخيز دُرد و جام را‘ کي شاهه لطيف فارسيءَ تي عبور رکڻ سبب، پنهنجي انداز ۾ ساڳيا فارسي اصطلاح ڪم آڻي، ڪيڏي نه قابليت ۽ حُسناڪيءَ سان، ساڳيو خيال، پنهنجي سنڌي بيت ۾ ڪم آندو آهي:

’برخيز بده ساقي‘، پيار کي پرين!

پر پوئين سٽ ۾، شاهه صاحب خيال کي تڪميلي صورت ڏيڻ لاءِ هن ريت اضافو ڪري ٿو:

پِڪين نه پرچن، مَٽَ تڪيائون منجهيان!

يعني ته پياڪ هڪڙي پيالي (پڪن) سان پرچڻ وارا نه آهن، سُرڪ سان سرچڻ وارا نه آهن، پر سندن نظر ۽ تَڪ مٽن تي آهي!

فارسي شاعري، خاص ڪري حافظ شيرازيءَ جي شاعريءَ جا، مئخانو، ساقي، جام، صراحي، صبوحي، شراب، وغيره خاص لفظ، اصطلاح ۽ استعارا آهن. شاهه لطيف به پنهنجي شاعريءَ ۾ ’مئخانو، ساقي، شراب، جام‘، وغيره لفظ ته ڪم آندا آهن، پر اُنهن جا نِج سنڌي سماجي ۽ تهذيبي نعم البدل لفظ ڪم آڻي، اُنهن کي مقامي رنگ ڏنو آهي، جهڙوڪ:

مئخانو: هَٽُ، دُڪان

ساقي: موکي، ڪلال، ڪلاڙُ

شراب: مڌُ، مئي، سَرو، ڪَڙو، ڪَڪوهه، قاتل

صُبوحي: پرهه جا پياڪَ، پياڪَ، متارا

صُراحي: مَٽي، مَٽُ

جام: پيالو، وَٽي

مثال:

وجهج واٽاڙين تي، ’مئخاني‘ جي ماڪَ،

ٿيندي سُڌِ سڀڪهين، هنڌ هنڌ پوندي هاڪَ،

’پرهه جا پياڪَ‘ جُہ سي اڱڻ آئيا!

(يمن ڪلياڻ، 4-11)

ايڪ ’پيالو‘، ٻه ڄڻا، عشق نه ڪري اڌَ،

ايءَ تان سائرَ سڌَ، ڪَيءِ جا قوالَ سين!

(يمن ڪلياڻ، 4-3)

آڻي اُتر واءَ، مُوکيءَ‘ مَٽَ، اُپٽيا،

’متارا‘ تنهن ساءَ، اچن سِرُ سنباهيو.

(يمن ڪلياڻ، 4-10)

’موکيءَ‘ ’مَٽُ‘ اُپٽيا، اڇا اڱڻ ڌارِ،

ايندا تو دُئار، پيئندا ’مَٽَ پياليون.‘

(يمن ڪلياڻ، 4-13)

’موکي‘ چوکي نه ٿئي، اصل اوڇي ذاتِ،

’وَٽيون‘ ڏيئي واتِ، ’متارا‘ تنهن ماريا.

(يمن ڪلياڻ، 4-13)

’موکيءَ‘ مٺو نه گهُريا، وِهَه نه وِهاٽيا،

’سُرڪيءَ‘ ڪاڻ سيد چئي، اُتي ٿي آٽيا.

(يمن ڪلياڻ، 4-18)

هُو جو ويڻُ ’ڪلال‘ جو، پِتي تي پِيون،

’سري‘ ڪين ڪيونِ، ويڻ موکيءَ جي ماريا.

(يمن ڪلياڻ، 4-19)

نه ڪي ’مڌ‘ ’مٽن‘ ۾، نڪو جهُوپي جهانءِ،

’ڪڪوه‘ ڪيہ ان ڪن لاءِ، متارا گهر نانهه.

(يمن ڪلياڻ، 4-26)

جُہ سي اڱڻ آئيا، ’سرو‘ ڪندا سُڃَ،

سائي ٿيندي اُڃ، هُو پيتو، هو آڻ ڪي!

(يمن ڪلياڻ، 4-30)

وَٽَ وٽَ ’وٽيءَ‘ ۾، ’مَٽَ مٽَ‘ ’مڌُ‘ ٻئو،

قدر ڪيف ’ڪلال‘ جو، ’پياڪن‘ پِيئو،

اچن دُرس ’دُڪانَ‘ تي، ڪنڌ قبول ڪِئو،

سَرها سِرَ ڏِئو، چکن ’سُرڪ‘ سيد چئي!

(يمن ڪلياڻ، 4-31)

خواجه شمس الدين المعروف خواجه حافظ شيرازي (جنم 27-726 اٺين صدي مطابق 28-1325 ۽ وفات 791هه مطابق 1389ع) شاهه لطيف کان 400 سال اڳ، شيراز ۾ ڄائو هو ۽ اُن نسبت سان ’شيرازي‘
سڏجي ٿو. ملڪن، شهرن جي نسبت سان مولوي جلال الدين رومي يا مولائي روم، سعدي شيرازي، حافظ شيرازي ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي سڏجن ٿا.

عجيب اتفاق آهي ته حافظ شيرازيءَ کي سنڌ جي علم ۽ عرفان جي ڇِڪ ٿي هئي ۽ هُو آخري عمر ۾ سنڌ ڏانهن سفر تي به اُسهيو هو، پر وطن شيراز جي سڪ ۽ ڇڪ کيس ديس کان دور وڃڻ نه ڏنو. سنڌ جي نامور محقق ۽ تاريخدان، پير حسام الدين راشديءَ، ’مڪلي نامي‘ جي حواشين ۾ اُن جو ذڪر هن ريت ڪيو آهي:

”ٺٽي جي شيرازي ساداتن جا وڏا، سيد محمد ۽ سندس پُٽ احمد شيرازي 786هه ۾ شيراز ڇڏي، قنڌار، سيوهڻ ۽ ساموئيءَ کان ٿيندا، قاضي نعمت الله عباسيءَ سان رشتيداريءَ سبب ٺٽي ۾ قاضين جي محلي ۽ جاين ۾ اچي آباد ٿيا. حافظ شيرازي سيد محمد سان گڏجي، شيراز مان سنڌ اچڻ لاءِ هليو، پر کيس محمد شيرازيءَ، قنڌار مان موٽائي شيراز موڪليو، جتي 791هه مطابق 1388ع ۾ سندس انتقال ٿيو.“

(مڪلي نامو، حواشي: ص 36، ڇاپو ٻيو، سنڌي ادبي بورڊ، 1994ع)

حقيقت ۾ حافظ شيرازيءَ کي وطن شيراز سان شديد محبت هئي، اُنڪري شيراز ڇڏي ڪيڏانهن وڃڻ لاءِ سندس ذهن ۽ دل مانع هئا. تاريخ ۾ اهڙا واقعا درج آهن:

1.             عراق جي حاڪم سلطان احمد جائز، کيس بغداد اچڻ جي دعوت ڏني، پر حافظ شيرازيءَ انڪار ڪيو.

2.           سلطان محمود شاهه بهمني دکنيءَ کيس دکن اچڻ جي دعوت ڏني هئي، هن هندستان اچڻ لاءِ تياري به ڪئي، بندر هُرمزتان بحري جهاز ۾ چڙهيو هو، پر سمنڊ جون لهرون ڏسي واپس وريو.

3.           سيد محمد شيرازيءَ سان سنڌ اچڻ جو ارادو ڪيائين، پر قنڌار مان واپس وري ويو.

حافظ شيرازيءَ کي خاڪِ مصليٰ (جتي دفن آهي) جي بادِ نسيم (صبح جي هيرَ) ۽ رُڪنا باد جي مٺي پاڻيءَ جي چشمي سان ازلي عشق هو، جيڪي کيس سير سفر جي اجازت ڏيڻ کان مانع هئا:

نمي دِهند اجازت مرا به سير و سفر

نسيمِ بادِ مصلحا و آبِ رُکنا باد!

(حوالو: آقائي نفسي؛ ادب نامهء ايران، مرزا مقبول بدخشاني، ص 565)

شيخ اياز، فيبروري 1978ع ۾ پشاور يونيورسٽيءَ ۾، مولانا روميءَ جي ست سؤ ساله ورسيءَ ۾، صدارتي تقرير ڪندي چيو ته:

مولانا روميءَ جو هڪ مصرع آهي:

سندهيان را اصطلاحِ سندهه مدح

(سنڌين کي سنڌي زبان ئي سُونهين!)

اهو مصرعو ڄڻ ته هڪ اهڙي اڳڪٿي آهي ته سنڌ ڌرتيءَ جي مٽيءَ سان هڪ اهڙو ماڻهو پيدا ٿيندو، جيڪو مولانا روميءَ جي فڪر جي روشنيءَ ۾، سنڌ جي عوام کي حق ۽ دين جي رازن کان واقف ڪندو، بقول رومي: ’شاهه بودو شاهه حق آگاهه بود!‘ شاهه لطيف واقعي حق جو ڄاڻو هو، هن ۽ مولانا روم ۾ غيرمعمولي هڪجهڙائي ۽ هم آهنگي ڏٺي وڃي ٿي. ٻئي فراخدل ۽ آزاد خيال آهن ۽ ٻئي ڪنهن به قوم ۽ مذهب جي متڀيد ڌاران، سڀني کي پيارا آهن.“

(خط ۽ انٽرويو ۽ تقريرون، ڀاڱو 1، نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد، 1987ع)

اهڙيءَ ريت حافظ شيرازيءَ کي رُڪناباد ۽ خاڪِ مصليٰ مان سرزمين سنڌ جي ڇِڪ ٿيڻ ۽ شاه لطيف جي شاعريءَ تي حافظ شيرازيءَ جو اثر پڻ، ٻنهي ۾ غيرمعمولي هڪجهڙائي ۽ هم آهنگي ڏيکارين ٿا، ۽ شيخ اياز جا لفظ، حافظ شيرازيءَ ۽ شاهه لطيف لاءِ مستعار وٺي چئي سگهجي ٿو ته ”ٻئي فراخدل ۽ آزاد خيال هئا، ۽ ٻئي ڪنهن به قوم ۽ مذهب جي متڀيد ڌاران، سڀني کي پيارا هئا.“

مون حافظ شيرازيءَ جا رڳو 100 غزل ’ديوانِ حافظ‘ (سنڌيڪار: محمد يعقوب ’نياز‘ ميمڻ، لسان الغيب (اردو شرح ديوان حافظ، مترجم ۽ شارح مير ولي الله اديب الهه آبادي)، ’ديوان حافظ‘ (مترجم مولانا قاضي سجاد حسين)، ’ديوان حافظِ شيراز‘ محمد رحمة الله ’رعد‘) مان پڙهيا آهن، ۽ سڄي ديوان حافظ جو تفصيلي اڀياس نه ڪيو آهي، پر، تڏهن به مون چڱيءَ ريت پروڙي ورتو آهي ته شاهه لطيف نه رڳو ’ديوانِ حافظ شيراز‘ جو وسيع مطالعو ڪيو هو، پر اُن جو مفهوم ۽ ستُ (جوهر) پنهنجي شعور ۽ لاشعور ۾ سمائي، اُن جو عڪس، رنگ ۽ اُن جي اثر پذيري پنهنجي شاعريءَ ۾ بيان ڪئي آهي.

سنڌ ۾ اها ڳالهه عالم آشڪار آهي ته سچل سرمست کي ’منصور ثاني‘ ۽ ’سنڌ جو عطار‘ سڏيو ويندو آهي، جو سندس ڪلام تي حسين بن منصور حلاج ۽ فريدالدين عطار جو گهرو اثر آهي، پر ’سنڌ جو حافظ‘ صرف شاهه لطيف کي چيو ويندو آهي، جنهن بابت ڊاڪٽر فهميده حسين، رچرڊ برٽن ۽ ايڇ.ٽي سورلي جا حوالا ڏئي لکيو آهي ته:

”سنڌ جا ماڻهو، شاهه لطيف کي ’سنڌ جو حافظ‘ سڏين ٿا.‘ (حوالو: ’ديوان حافظ‘، پيش لفظ، ڊ.ف.ح)

حافظ شيرازيءَ جي شاعريءَ جي انگريز مترجم جيٽرو ڊبيل (Getrude Bell)، حافظ بابت لکيو آهي ته:

”هن جي ’اندروني اک‘ کي اهڙي نظر حاصل هئي، جو هُو اهڙن خيالن ۽ تصورن تائين پهتو، جن تائين اسان پوءِ پهتاسون.“

ساڳيءَ ريت آءٌ اِهو چوڻ ۾ حق بجانب آهيان ته حافظ شيرازيءَ جي خيال ۽ تصورن کي جنهن نظر سان 20 ۽ 21 صديءَ جي مغربي ۽ مشرقي نقادن ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، شاهه لطيف جي ’اندروني اک‘، انهن تصورن ۽ خيالن کي اڄ کان 300 سال اڳ ڏٺو هو. اُنڪري، چئي سگهجي ٿو ته جيئن حافظ 14 صديءَ عيسويءَ جو صوفي ۽ رومانوي مفڪر شاعر هو، تيئن شاهه لطيف 18 صديءَ جو صوفي ۽ رومانوي مفڪر شاعر هو.

حافظ شيرازيءَ ۽ شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ ’هڪجهڙائي ۽ هم آهنگيءَ‘ جا ٻيا ته ڪيترائي ڪارڻ ملندا، جن مان هڪ سندن ’فڪري سرچشمن‘
جي ساڳيائي آهي:

(1) حافظ شيرازيءَ پنهنجن غزلن ۾ قرآني آيتون ۽ لفظ ڪثرت سان ڪتب آندا آهن، اُنڪري کيس ”لسان الغيب“ سڏيو وڃي ٿو. ساڳيءَ ريت شاهه لطيف به پنهنجن بيتن ۾ قرآني آيتون ۽ تلميحون ڪم آڻڻ سان گڏ اُنهن جي تضمين به ڪم آندي آهي، تڏهين ته چيو اٿس ته:

جي تو بيت ڀانئيا، سي آيتون آهن،

نيو من لائين، پريان سندي پار ڏي.

(سهڻي: 6-25)

تنهن کان سواءِ سندس ننڍي معاصر شاعر عبدالرحيم گرهوڙيءَ، شاهه جي شاعريءَ لاءِ ڇا خُوب چيو آهي ته:

آهي عبداللطيف تي، رضامندو رحمان،

جوڙي جنهن قرآن، سنڌيءَ ۾ صحيح ڪئو.

(2) حافظ ۽ لطيف سائينءَ جو ٻيو سرچشمو، حضرت علي عليہ السلام جي علمي فضيلت ۽ تعليمات مان فيض حاصل ڪرڻ آهي. ڀٽائيءَ ته اُن جو کلم کلا اظهار هن ريت ڪيو آهي:

نانگا نانيءَ هليا، هنگلاجان هلي،

ديکي تن دوارڪا، مهيسين ملهي،

آڳهه جن علي، آءٌ نه جيئندي اُن ري.

(رامڪلي، 1-32)

(3) حافظ ۽ لطيف جو مکيه سرچشمو ’تصوف‘
آهي، ۽ تصوف جي حوالي سان، مولانا روميءَ جي مثنوي، ٻنهي جي مطالعي جو محور ۽ محرڪ رهي آهي.

حافظ شيرازي، فارسيءَ جو اُهو مقبول شاعر هو، جنهن جي شاعريءَ جا ترجما ۽ شرحون نه رڳو فارسي، پر جرمني، ترڪي، اردو ۽ انگريزي، پنجابي، بنگالي، فرينچ ۽ ٻين ٻولين ۾ موجود آهن. سنڌيءَ ۾ به مرزا قليچ بيگ کان وٺي ڪيترن شاعرن ۽ شارحن، جهڙوڪ: آغا محمد يعقوب، هرومل سدارنگاڻي
’خادم‘، ڊاڪٽر دائودپوٽي ۽ ٻين حافظ جي ڪيترن شعرن جا ترجما، سمجهاڻيون ۽ شرحون ڪيون آهن، پر حافظ جي غزلن جو پهريون مربوط ترجمو، اُستاد محمد يعقوب ’نياز‘ ميمڻ ڪيو آهي.

هتي آءٌ وڌيڪ ڪنهن تفصيل ۽ بحث کان سواءِ، حافظ شيرازي ۽ شاهه لطيف جي شعرن جي مماثلت ۽ شاهه صاحب تي حافظ شيرازيءَ جي اثر جي روشنيءَ ۾ ڪجهه مثال پيش ڪريان ٿو:

حافظ شيرازيءَ جي ديوان جو پهريون شعر آهي:

اِلايا اَيُّها الساقي، ادرڪاساً وناولها،

که عشق آسان نمود اّول ولي اُفتاد مشڪلها!

]سجاڳ ٿي اي ساقي! پيالي کي ڦيراءِ ۽ پيار، ڇو ته عشق پهرين سؤلو ڏسڻ ۾ آيو، پر (پوءِ اُن ۾) سختيون پيش آيون.[

شاهه لطيف به عشق جي سختين ۽ سورن جو ڪجهه هن ريت اظهار ڪيو آهي:

عشق نه آهي راند، جو کيڏنس ڳڀرو،

جيءَ، جسي ۽ جان جي، ڀڃي ٿو هيڪاند.

 

نڪو سنڌو سُور جو، نه ڪو سيڙهو سِڪَ،

عدد ناهه عشقَ، پڄاڻي پاڻ لهي.

حافظ چيو آهي ته ’عشق پهرين سؤلو ۽ آسان نظر آيو، پر پوءِ خبر پئي ته عشق ڏاڍو ڏکيو آهي.‘ اُن لاءِ سور ۽ سختيون سَهڻيون پون ٿيون.‘ لطيفَ، انهيءَ ئي خيال کي پنهنجي تخليقي پيرايي ۾، فڪري اُڏار سان ان ريت پيش ڪري ٿو ته: ’عشق سؤلو نه آهي، جو ڳڀرو راند سمجهي ڪن، عشق جُسي ۽ جان جي هيڪاند ڀڃي ٿو. عشق هڪ پيچيدو عمل آهي، جنهن جي ابتدا ۽ انتها جي خبر ئي نه ٿي پوي.‘

حافظ:

حافظا! مي خور و رندي کن و خوش باش ولي،

دام تزوير مکن چون دگران قرآن را!

]اي حافظ! شراب پيءُ، مستي ڪر ۽ خوش رهه، پر ٻين وانگر قرآن پاڪ کي پنهنجي مقصد لاءِ مڪر جو وسيلو نه بناءِ![

حافظ شيرازي، جتي اشارن ۾ قرآن کي پنهنجي مقصد لاءِ بيان ڪندڙ ۽ ذاتي مفاد لاءِ ڪتب آڻيندڙن جي مڪاريءَ تي طنز ڪري ٿو، اُتي وري شاهه لطيف کولي ٻڌائي ٿو ته اُهي ’مُلاءِ سُوءِ‘ (فسادي ملا) ڪيئن نه دين کي ڪاروبار بنائين ٿا:

ڦِريا پسي ڦيڻ، کرين کيرُ نه چکيو،

دُنيا ڪارڻ دين، وڃائي ولها ٿيا!

 

مُلان مُلان نه چئو، آهيڙي آهين،

مرونءَ سندي ماسَ تي، ٿا ماڻڪ مٽائين.

حافظ:

گرديده و دلم کُنند آهنگ ديگرے

آتش زنم در آن دل و ديده برآرست

]جيڪڏهن منهنجون اکيون ۽ دل ٻيو ڪو ارادو ڪن ته اُن دل ۾ باهه لڳايان ۽ اکيون ڪڍي ڇڏيان![

شاهه لطيف اِن مرڪزي خيال کي پنهنجي ٻوليءَ ۽ پنهنجي تهذيبي استعاري ۾ بلڪل نئين انداز ۾ هن ريت پيش ڪري ٿو:

اکڙيون پرينءَ ري، جي ڪو ٻيو پَسن،

ڪڍي کي ڪانگن، نِوالا نيڻ ڏيان!

حافظ:

مقامِ عيش مُيسر نمي شود به رنج

”بليٰ“ به حکم بلابسته اند ”رُوز الست“

]خوشيءَ جو ماڳ تڪليف بنا نٿو حاصل ٿئي، (اسان جي) ”بليٰ“ (هائو) کي ڪيڏي نه انتظار ۽ تڪليف واري حڪم سان ”الست“ جي ڏينهن سان ٻڌو اٿن![

حافظ جي هن شعر ۾ ”بليٰ“ (هائو) ۽ ”روز الست“ ٻه لفظ وڏي اهميت رکن ٿا، صوفين جي اصطلاح موجب ”بليٰ“ اُهو وعدو آهي، جيڪو جهان جي پيدائش کان اڳ پالڻهار ورتو هو ته ”ڇا، آءٌ توهان جو رب نه آهيان؟“ (الست بربکم؟) روحن جواب ۾
”بليٰ“ (هائو) چيو هو. اسان جو شاهه لطيف، ان حقيقت ڏانهن اشارو ڪندي، سُر مارئيءَ ۾، مارئيءَ جي واتان ڇا ته خوبصورت لفظن ۾ اظهار ڪرايو آهي ته:

”الست بربکم“، جڏهين ڪَنِ پيوم،

”قالو بليٰ“ قلب سين، تڏهين تت چيوم،

تهين وير ڪيوم، وچن ويڙهيچن سين!

حافظ:

بيانِ وصف تو گُفتن نه حدِّ امکان است،

چراکه وصفِ تو بيرون زحدِّ اوصاف است.

شاهه لطيف، اهو ساڳيو خيال، سُر ڪلياڻ جي هن خوبصورت پيرايي واري بيت ۾ بيان ڪيو آهي:

شُڪر گڏياسون سپرين، جيئري جاني يار!

جيءَ سڀڪنهن جيءَ سين، درشن ڌارو ڌار،

پرينم! تنهنجا پارَ، ڪهڙا چئي ڪهڙا چوان!

پوئين هڪ سٽ، حافظ جي سڄي شعر وارو مفهوم، پڌرو ڪري بيٺي آهي:

حافظ:

اگر بلطف بخواني مزيد الطاف است

وگر به قهر برائـﻶ دُرونِ ما صاف است

]جيڪڏهن تون مهرباني ڪري سڏين ٿو ته مون تي تُنهنجو اهو احسان آهي، پوءِ جيڪڏهن ڪاوڙ مان لوڌي ڪڍندين ته به منهنجي دل صاف رهندي![

شاهه لطيف، حافظ شيرازيءَ جي’ضمير متڪلم‘
 (تخاطب) واري صيغي بدران ساڳي ڳالهه، ڪجهه وضاحت سان، ’ضمير غائب‘ جي صيغي ۾ ڪيڏي نه فصاحت، بلاغت ۽ سلاست پيش ڪئي آهي:

ڪڏهن تا ڪيون ڏيننِ، ڪڏهن کُلن در دوست جا،

ڪڏهن اچان، اچڻ نه لهان، ڪڏهن ڪوٺيو نين،

ڪڏهن سڪان سڏ کي، ڪڏهن ڳجهاندر ڳرهين،

اهڙائي آهينِ، صاحب منهنجا سُپرين!

(بروو سنڌي، 1-24)

حافظ:

هرکه خواهد گربيا و هرچه خواهد گو بُرو،

گيرو دار و حاجب و دربان درين درگاهه نيست

]جيڪو اچڻ گهري، تنهن کي چؤ ته اچ، ۽ جيڪو وڃڻ گهري تنهن کي چئه وڃ! ڇاڪاڻ ته هن درگاهه ۾ پهريدار ۽ دربان جي ڇڪتاڻ ناهي.[

حافظ محبوب جي درگاهه لاءِ چوي ٿو ته هن جي در تي ڪابه جهل پل نه آهي، ڪوبه اچي ۽ وڃي سگهي ٿو، ڇو ته هن درگاهه تي ڪوبه دربان ۽ چوڪيدار بيهاريل ئي نه آهي، پر اسان جو شاهه لطيف ان خيال ۽ تصور کي جامعيت ڏئي ٿو ۽ چوي ٿو ته (محبوب جو) اهو اڱڻ آهي، جتي ايندن کي ’آءُ‘ ۽ وندن کي ’ويهه‘ چيو وڃي ٿو.

جي ايندي چونئي آءُ، ويندي چونئي ويهُه،

ڇڏي سارو ڏيهه، اڱڻ اچجي اُن جي!

حافظ:

زلفت هزار دل به يڪٖــي تار مُو به بست

راهِه هزار چاره گر از چار سو به بست

]تنهنجي زلفن هزارين دلين کي هڪڙي وار ۾ ٻڌو آهي، ۽ چئني طرفن کان هزارين طبيبن جو رستو بند ڪيو آهي.[

شاهه لطيف، حافظ جي اِن تصور کي گهرائي ڏئي، ڏيهي نيم تاريخي ۽ رومانوي داستان سسئي پنهونءَ ۾ ڪيڏي نه حسناڪ پيرايي ۾ بيان ڪيو آهي:

دردُ نه لهي دارئين، زلفن زور ڏنوم،

ڪاڪُل ڪالهه ڏٺوم، رُخساريءَ تي روپ سين!

حافظ:

حافظ اندر درد اُومِي سوز و با درمان ساز،

زانکه درميانـٖـي ندارند درد بـٖـي آرم دوست

]حافظ! درد ۽ غم ۾ پيو سڙ ۽ علاج نه ڳول! ڇاڪاڻ ته دوست اهو لاعلاج درد، ڪو علاج نه ٿو رکي![

شاهه لطيف، هڪ سٽ ۾ حافظ جي خيال سان هم آهنگي ۽ هڪجهڙائي ڏيکاري، ڪمال تخليقيت جو اظهار ڪيو آهي:

ويڄَ مَ ٻُڪي ڏي، الا چڱي مَ ٿيان!

حافظ:

گردِهد دستم کشم در ديده همچون توتيا

خاکِ راهِه کان مشّرف گرد از اقدام دوست

]منهنجي هٿ لڳي ته آءٌ سرمي وانگر اکين ۾ وجهان اُها خاڪ، جيڪا دوست جي قدمن سان شرف واري ٿي پئي آهي.[

حافظ جو اِن ئي خيال سان مطابقت رکندڙ هڪ ٻيو شعر آهي:

کجل الجواهري بمن آرائـﻶ نسيمِ صبح

زان خاک نيک بخت که سرِ ره گذارِ دوست

]اي صبح جي هير! مون لاءِ جواهرات جو سُرمو آڻ، پر اُن سڀاڳي مٽيءَ مان، جتي پِرينءَ جو لنگهه آهي![

شاهه لطيف، سُر يمن ڪلياڻ جي خوبصورت وائيءَ ۾ ان تصور ۽ خيال کي هن ريت پيش ڪيو آهي:

جا ٿي ڪاٿي محبوبن جي، آهه حسن جي هاڪَ،

سُرمو سهي ڪر تون اکين جو، خاص پيران جي خاڪ.

(سُر يمن ڪلياڻ، وائي 1)

حافظ:

نظيرِ دوست نه ديدم اگرچه از ماه و مہر

نهادم آئينه با در مقابل رُخ دوست.

]جيتوڻيڪ مون آئيني ۾ دوست جي چهري جي مقابلي ۾ سج ۽ چنڊ رکيا، پر دوست جو مٽ ڪوبه نه ڏٺم![

شاهه لطيف، ان خيال کي ٻن سٽن ۾ ڪهڙو نه خوبصورت چيو آهي ته:

پيشانيءَ ۾ پرينءَ جي، ڀلائيءَ جا ڀير،

قمر پاڙي ڪير، شمس سُپرين سين!

(سر کنڀات، 1-2)

وڌيڪ وضاحت ۽ تخليقي جماليات سان شاهه صاحب ساڳيو خيال هن خوبصورت بيت ۾ پيش ڪيو آهي:

کڻي نيڻ خمار مان، جان ڪيئون ناز نظر،

سورج شاخون جهڪيون، ڪُوماڻو قمر،

تارا، ڪتيون تائب ٿيا، ديکيندي دلبر،

جهڪو ٿيو جوهر، جانب جي جمال سين!

(سُر کنڀات، 1-21)

ائين رومي هجي، حافظ هجي يا شاهه لطيف، وٽن خيال جي هڪجهڙائي ملي ٿي، جا عالمي صوفي تحريڪ ۽ لاڙن جو لاڳاپو ظاهر ڪري ٿي ۽ ٻڌائي ٿي ته هي صوفي شاعرَ، خانقاهي ۽ تارڪ الدنيا صوفي نه هئا، پر هي باعمل، سماج، ڪائنات ۽ انسانذات سان واسطيدار ۽ لاڳاپي وارا صوفي هئا. هي ايسٽبلشمينٽ (Establishment) ۽ Statusquo جا مخالف صوفي شاعر هئا. اڄوڪي عالمي ۽ مذهب جي نالي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي ۽ انتهاپسنديءَ جو مقابلو هنن باعمل صوفين جي فڪر وسيلي ڪري سگهجي ٿو، پر اڄڪلهه سرڪاري، درٻاري ۽ درگاهي سجادگيءَ جي حوالي سان صوفي ميلن جي جيڪا لهر شروع ٿي آهي، جتي بي مقصد مدهوشي ۽ رقص جو پرچار ڪري، عوام کي فرار ۽ قرار جي کڏ ۾ ڌڪي، کين وطن ۽ سماج سان جُڙڻ کان روڪيو وڃي ٿو. اُن کان بچي، اسان کي عطار، رومي، حافظ شيرازي، شاهه لطيف ۽ سچل سرمست واري تصوف کي جديد انداز ۽ تشريح سان موٽائڻو پوندو.

مادرِ پياله عکسِ رُخ يار ديده ايم

اي بي خبر زلذّتِ شرابِ دوامِ ما.

(حافظ)

]اسان محبوب جي منهن جو عڪس پيالي (شراب) ۾ ڏٺو، اسان جي دائمي شراب پيئڻ جي لذت کان اي اڻواقف! اسان کي بڇڙو نه چئه![

شاهه لطيف ته هن وائيءَ جي ٿلهه ۾ ڪمال ڪري ڇڏيو آهي:

مَڌُ پيئندي مُون، ساجن سهِي سُڃاتو!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org