سيڪشن: رسالا

ڪتاب: 4/ 2020ع

باب:

صفحو:17 

مير سجاد اختر ٽالپر

ٽنڊو جان محمد

 

 

 

پڳمٽ يار

پري ڪٿي ڪنهن ٽريڪٽر ۾ مخدوم طالب المولا جي ڪافي وڏي آواز سان هلي رهي هُئي.....

’لڳايم نينهن جو ناتو، اهو ناتو نڀائينديس....‘

ڪافيءَ جا ٻول هوا جي دوش تي جيئن جيئن پيروءَ جي ڪنن تي ٿي پيا ته پيروءَ جي مَن ۾ آنڌ ماندَ پئي مچائي ڇڏيائون، پيروءَ جو ڪوڏر تي هٿ ڍرو پوندي پئي ويو ۽ نيٺ ٻنيءَ جي اوڀرين ٻَني تي ڊهي پيو، اکين ۾ لُڙڪ لڙي آيس ۽ ڪافيءَ جي ٻولن سان گڏ هُو ماضيءَ جي پاتارن ۾ پهئندو ويو.....

........ ”پيرو او پيرو......!“

پيروءَ جي پڳمٽ يار دوسوءَ، وڏي سڏ پيروءَ کي سڏ ڪيو، پيرو به پنهنجي يار جو سڏ ٻڌو ته سَٽ ڏيئي کٽ تان اُٿيو ۽ سيڪنڊن ۾ ٻاهر نڪتو.

”دوسو، خير ته آهي جو اهڙي ڪُمهلي وقت آيو آهين.......!!“

دوسو، پيروءَ جي ڪُلهي تي هٿ رکندي وڏي رازداريءَ واري انداز ۾ چيو:

”يار سنگت ڏانهن هلڻو آهي....“

پيرو وقت جو اندازو لڳائيندي چيو:

”هن ٽيم (ٽائيم).......!!!“

دوسو بنا ڪنهن هٻڪ جي پيروءَ جي ٻانهن ۾ هٿ وجهندي چيو:

”هائو.....هل پويان ٽيم (ٽائيم) ڪونهي....“

پيرو جنهن کي ساوڪ مُڇ مس آئي هُئي، وٽيل بدن، موڪرو سينو، ڪجليون اکيون جن ۾ ٽور سُرمي جو، قداور مُڙس، چهري تي مرداڻو رعب، هلڪي سنهي ڏاڙهي، تنهن دوسوءَ کان پنهنجي ٻانهن ڇڏائيندي چيو:

”ترس ته ڪُهاڙي کڻي اچان.....“

دوسو ڏاڍو اتاولو هو، تنهن جلديءَ ۾ چيو: ”جهٽ ڪر.... دير نه ڪجان.“

دوسو، پيروءَ کي گهر ۾ گهڙندي وري به جلديءَ جي تاڪيد ڪندي چيو.

پيروءَ به ڪا دير نه ڪئي، ڪُهاڙي ۽ اجرڪ کڻي اک ڇنڀ ۾ وري آيو. پيروءَ جو اچڻ ۽ ٻئي همراه گهپ اوڻٽيهه اونداهي ۾ ڊسڙ گس تي روانا ٿيا اولهندي پاسي واري پُراڻ درياءَ جو ڪپ وٺي، ڀنڀي فقير جي درگاهه وٽان لنگهي اچي، پُراڻ جو اڇو کير جهڙو پوٺو ورتائون.

”پڪ ڏني اَٿائين يا ڌُپَ ۾ ٿو هلين.....؟“

پيروءَ هلندي هلندي پُڇيو.

”يار پڪ وڪ وري ڇا جي.....؟ ..... دل اچي ويئي اٿم.... بس جي وڃي مٿان پياسين ته ملڻ کان مُنهن ڪونه موڙيندي......!“

دوسو پنهنجي نرڙ تي آيل پگهر جا تِرورا اُگهندي وراڻيو

پيرو ٽارچ هڻي دوسوءَ جي منهن ڏانهن نهاريو ته چهري جا تاثر ڏسي سمجهي ويو ته دوسو هن سان ڪوڙ پيو ڪري نه ته هيڙي واهوندي جي ٿڌڙي هِير، جيڪا اکين تي ننڊاکڙي نينهن جا کپ کنيو پئي هلي، تنهن ۾ دوسو ايئن ڪيئن پيو پگهرجي، پيرو هلندي هلندي هڪدم بيهي رهيو، دوسو، پيروءَ کي هيئن اوچتو بيهندي ڏسي وراڻيو: ”ڇا ٿيو......؟“

پيرو ڪڙڪيدار لهجي ۾ چيو:

”پاڻ ڪيڏانهن پيا هلون......!!!؟“

دوسو، پيروءَ جي ڪڙڪيدار آواز مان ئي سمجهي ويو ته پيرو شڪجي پيو آهي سچي ڳالهه ٻُڌائڻ کانسواءِ دوسو وٽ ٻي ڪا واههُ ڪونه هئي تنهنڪري پير پُختا ڪري وراڻيو:

”خانوءَ جي گهر کاٽ هڻڻ......!“

پيرو، خانوءَ جو نالو ٻُڌو ته هڪدم وراڻيو:

”خانوءَ جي گهر....... جنهن جي نينگري جي مٿئين جمعي تي شادي آهي......!؟“

دوسو بي دلي سان وراڻيو:

”هائو....“

پيرو ٻه قدم پوئتي هٽندي وراڻيو:

”نه..... پوءِ آئون ڪونه هلندس.“

دوسو، پيروءَ کي وراڻيو:

”پيرو هنن منهنجي ڀيڻ کي ٺڪرايو آهي ته هيءُ وري پنهنجي نياڻي ڪيئن پرڻائيندا.....؟“

پيرو پوٺي تي ويهندي چيو:

”دوسو، مُڙسن وارو ڪم ڪر، گدڙن جيان پويان وار ڇو ٿو ڪرين..؟“

دوسو، پيروءَ کي اُٿاريندي چيو:

”ائين به ڪبو پيرو....... پهرين سر کڻايون ته سهي.....!“

۽ جملو اڌ ۾ ڇڏي ڏنائين،

پيرو به ڳالهه کي سمجهندي چيو:

”پوءِ مونسان ڪوڙ ڇو ڪيئي....؟“

دوسو ڪهاڙي ڪُلهي تي رکندي وراڻيو:

”اُتي تون نابري ڪرين ها.... انهي ڪري.... هاڻ ڇڏ انهي ڊيگهه کي.... هل ٽيم (ٽائيم) ٿو وڃي“

ٻئي سنگتي وري به واهه مينهن ٿيندا اچي تاجوءَ واري ڳوٺ پُهتا، گهپ انڌارو، هنن جي اچڻ تي ڪُتن جي باهوڙ.... سَٽ ڏيئي ٻئي يار لوڙهو ٽپي، خانوءَ جي گهر جي پوئين ڀت وٽ پُهتا ته دوسو هڪدم ور مان رنبي ڪڍي ۽ شروع ٿي ويو ڀت جا ڇوڏا لاهڻ، پندرنهن ويهن منٽن اندر، ماڻهوءَ لنگهڻ جيترو لونگهو ٺاهي ورتائين، دوسو اندر گهڙي وڃي پيتي جا تالا ٽوڙڻ لڳو ته انهي ٺُڪ ٺُڪ جي آواز تي نوران جاڳي پئي. کٽ تان اُٿندي پنهنجي مُنهن وراڻي:

”امان کي ڏهه ڀيرا چيو اٿم ته اندر کير سانڀي نه رکندي ڪر، پر مجال آهي جو امان مُنهنجي ڪنهن ڳالهه کي ڪن ڏي.“

۽ ٽارچ کڻي، ڪمري جو ڪڙو کولي جيئن اندر گهڙي ته دوسو ڪُهاڙي اُڀي ڪري، مٿس اُلر ڪئي ”متان ڪُڇي آهين، اصل ڪپي ڇڏيندو مانءِ.“

نوران جي واتان ٻڙڪ ته ڪانه نڪتي پر ڊپ وچان هٿ مان ٽارچ ڇڏائجي ويس جنهن جي روشني سندس ئي چهري تي وڃي پئي. پيرو ڀاڳيا جاڳندي ڏٺا ته لونگهي مان اندر گهڙندي ئي وراڻيو:

”متان وڃي، ڳڀا ڪجانس...“

دوسو به يار جي هُشي ٻُڌي، وار ڪرڻ وارو ئي هو، پر پيروءَ جي نظر جڏهن نوران تي پئي ته پنڊ پهڻ ٿي ويو. ڪُهاڙي جيستائين نوران جو ڪم ڪري وجهي، پيروءَ ٻنهي هٿن سان ڪهاڙيءَ کي پنهنجي مٿان جهلي ورتو.

دوسو رڙيو: ”اهو ڇا ٿو ڪرين......!؟“

پيرو دوسوءَ کان ڪُهاڙي ڦُريندي چيو:

”بس سامان کڻ ۽ هل.......“

پيرو سامان جي ڳنڍڙي کڻي نڪري ويو، پويان ڪا رڙ ڪانه ٿي ٻئي ڄڻا سڪون سان سامان لڪائي ڳوٺ پهچي ويا، صبح جو سڄي ڳوٺ ۾ سُرٻاٽ هلڻ لڳا ته رات تاجوءَ جي ڳوٺ ۾ خانوءَ جي گهر ۾ کاٽ لڳو آهي. سندس نياڻيءَ جو سڄو ڏاج کڻي ويا آهن. پوليس جي وٺ پڪڙ شروع ٿي ته دوسوءَ کُڙين تي زور رکيو. پر پيرو وڃي ته ڪيڏانهن وڃي پيري به پير کڻي اچي ڳوٺ پهتا. هڪڙو پير دوسوءَ جي گهر ته ٻيو پير پيروءَ جي گهر، دوسو ته گهر ۾ هو ڪونه، باقي پيروءَ کي کڻي سوگهو ڪيئون ۽ چور جي سڃاڻپ لاءِ نوران کي گهُرايو ويو، نوران پيروءَ جي سامهون بيهي، پيرو جي اکين ۾ نهاريائين. پيرو صفا سُڪ ٿي ويو ڄڻ ڪو نانگ سونگهي ويو هجيس، اکين ۾ اڻ ڄاتو ڀوءُ رقص ڪرڻ لڳس، نرڙ تي هلڪا هلڪا پگهر جا ڦُڙا چمڪڻ لڳا. چپن تي معمولي ڏڪڻي...... اجهو ٿي نوران ’ها‘ ڪري ۽ اجهو ئي پوليس ڪُٽڪا ڪڍي، پر نوران ٿوري دير غور سان ڏسي وراڻي:

”نه...... هي اهو ڪونهي.....“

اهو ٻُڌي پيروءَ جو سٽيل سڄو بدن ڍرو ٿي ويو، مُنهن تي سڪون اچي ويس، نوران جڏهن انڪار ڪيو ته پوليس توڙي پيري پريشان ٿي ويا. پيري ڪڏهن به ڪونه گُٿا هئا، پَر اڄ هنن کي نوران جي ڳالهه تي ويساهه ڪونه پئي آيو، پر نوران جي جواب کي ته اهميت هئي، هوءَ اکين ڏٺي شاهد هُئي، هاڻي ته خانو ۽ خانوءَ جي پُٽ جو دوسوءَ تي شڪ به دم ٽوڙڻ لڳو، ٻه چار ڏينهن هوڙ هلي، پوءِ ڄڻ ڪُتي ڪن وڍيا..

نوران ته هنکي سڃاڻڻ کان انڪار ڪري، ويتر چريو ڪري وڌو هو، پيروءَ جو ته ڄڻ سُک چين ئي ڦٽي ويو هو، هاڻي ته هن جا اوير سوير تاجوءَ جي ڳوٺ جا ڦيرا هئا، چون ڪونه ٿا ته ڳولڻ سان خدا به مليو پوي، هي ته پوءِ به نوران هئي، پيرو ڳوٺان ايندي نوران کي چار ساهيڙين سان گڏ، ياروءَ واري باغ واري پڪي واٽر تي پاڻي ڀريندي ڏسي ورتو پوءِ ته جيئن مڇي پاڻيءَ مان نڪري ڦٿڪي ٿي تيئن ئي پيرو جي دل جو حال هو، هُو انب جي وڻ جي اوٽ ڏيئي، گس جهلي بيهي رهيو، جيئن ئي نوران انب جي وڻ وٽ پهتي ته هي به سٽ ڏيئي نوران جي سامهون اچي ويو.

نوران هنکي ڏسي ناز سان وراڻي:

”سڱ ٽوڙايئي....ڏاج کنئي..... کاٽ هنئي.... اڃان ڪهڙو دشمنو رهيل آهي....“

پيرو به کڙي تڙي وراڻيو:

”پوءِ کڻي ٻڌائين ها، ڇڏائيي ڇو......؟“

نوران نڪ کي موڙو ڏيندي وراڻي:

”جنهن جو جهڙو وڙ........“

پيرو ڦٿڪي وراڻيو:

”مون سان قهر ڪري وئينءَ....... ڇا کپنئي.....؟ هيءَ وٺ ڪُهاڙي ۽ هيءُ سر.......“

نوران ڪُهاڙيءَ کي آڱر سان ڌڪيندي وراڻي:

”پيرو جيڪي نُهن سان ڇڄن، اُن لاءِ ڪٽارو ڪو کڻبو........“

نوران جي انهن لفظن، پيروءَ جي دل تي ڄڻ ٿڌا ڇنڊا هڻي وڌا.

بس پوءِ جمعي چنڊاڻي، هنن جي مُلاقات جو سلسلو هلي نڪتو. دوسو انهي نينهن جي ڄاڻ پوڻ تي ڄڻ سڙي رک ٿي ويو مٿان پيرو ۽ نوران جي مڱڻي ٿيڻ ڄڻ پيٽرول مٿان ماچيس جي تيلي ڪرڻ وارو ڪم ڪري وڌو، دوسو هاڻ سڀ ڪم ڇڏي اچي پيروءَ جي ڪڍ لڳو، اُٿندي ويهندي، کائيندي پيئندي، هُو پيروءَ سان گڏ گڏ هو، دوسو اصل موقعي جي تاڙ ۾ هو هُن ڏٺو ته نينهن صفا تتل اٿس ۽ پيرو منهنجي ڳالهه ڪين ٽاريندو، سو پيروءَ سان هُجت ڪندي چيو:

”پيرو شاباس اٿئي، هيترو وقت مڱڻي ڪئي ٿيو اٿئي، پر ڀاڄائيءَ سان هڪ ڀيرو به نه ملايو اٿئي، انهيءَ جو مطلب تون اسان کي ڌاريو ٿو سمجهين، ائين نه....“

پيرو، دوسوءَ جي ڳالهين ۾ وچڙي ويو هڪدم چيائين:

”نه يار، تون منهنجو جگر آهين، ڀائرن سان ڪهڙا حجاب...... سڀاڻي شام جو ڀاڄائيين سان ملائيندو سائين.“

پيرو ته سُڀاڻي شام جو ملائڻ جو چئي ڇڏيو، پر دوسوءَ لاءِ گهڙي گهڙي قيامت جيان هُئي نيٺ شام به آئي، ٻئي يار وري به تاجوءَ واري ڳوٺ لاءِ نڪتا، ساڳيو رستو، ساڳيو پُراڻ جو اولهندو ڪپ، ساڳئي ڀنڀي فقير جي مزار ۽ وري ساڳيو تاجوءَ وارو ڳوٺ.......

نوران به ملوڪ ٿي باغ ۾ پيروءَ سان ملڻ آئي هئي، جيئن هيءُ باغ ۾ گهڙيا ته نوران سامهون لال کونڀي وڳي ۾ لال ڀنڀوري پئي لڳي، نوران جو دوسو کي ايندو ڏٺو ته سڄي وسامي ويئي جيئن جيئن هُو ويجهو ايندا ويا پئي نوران ڪنهن اڻ ڄاتل خوف ۾ وٺبي پئي ويئي، جيئن ئي هُو نوران جي سامهون پُهتا ته دوسو کنوڻ جي تيزيءَ جيان ڪُهاڙي نوران جي مٿي کان وهائي ته ڪُهاڙي، نوران کي چيريندي، ٻه اڌ ڪري وڌا، پيروءَ جي اڳيان انڌارو ڇائنجي ويو. هُو جيستائين هوش ۾ اچي ئي اچي دوسو ڀڄي نڪتو. نوران جي دانهن تي پاسي ۾ ڪم ڪندڙ هاري پهچي ويا، اچي پيروءَ کي سوگهو ڪيائون صُبح جي اخبارن ۾ وڏي هئنڊگ لڳل هُئي ته نوجوان پنهنجي مڱ کي، ٻئيءَ سان عشق ڪمائيندي ڏسي، غيرت ۾ اچي قتل ڪري ڇڏيو. پيرو پنجويهه سال جيل ڪاٽي وري اچي هارپ ڪئي.

پرڀات جي جهرڪين جي چون چون جي آواز تي پيرو ماضيءَ جي پاتال مان نڪري آيو، رات به پنهنجا پَرَ سموئي چڪي هُئي، پيروءَ جون اکيون ڳوڙها ڳاڙي ڳاڙي خشڪ ٿي چڪيون هيون. هن پنهنجن بي قصور هٿن کي ڏٺو، جيڪي هاڻ پيريءَ جي بيدرديءَ جي ڪري، هڪ جاءِ تي بيهي نه پئي سگهيا.

نور حسين ڪلهوڙو

ڪوٽڙي

 

 

 

 

چنڊ مُرڪڻ لڳو

 

. ڇولين جي اولڙن ۾ تري رهيو هو. سانوڻ جي هوائن کڏ جي پاڻيءَ کي هندورن وانگي ٿي لوڏيو.

هو ٽِڪَ ٻڌي بي ستي ساڻي چنڊ کي ڇولين جي اولڙن ۾ ڏسي رهيو هو. هن جي نگاهه هيٺ هئي. ننڍڙا ڀتر کڻي چنڊ کي پاڻيءَ ۾ چٽي رهيو هو. پاڻيءَ جون ڇَلپون ۽ ڦئنگون بُل ڏئي اُڏامي وري ٿي اچي پاڻيءَ ۾ ڪريون. صرف گول دائرا ٿي ٺهيا. وري چنڊ بي ستو ٿيو لڏي لڙهي رهيو هو.

شرمندگي، ندامت ۽ پريشانيءَ مان هن مٿي نه ٿي ڏٺو. هن کي هرشيءِ پاڻيءَ ۾ ٻُڏندي ۽ ترندي ٿي نظر آئي. ننڍڙا ڀتر اُڇلڻ سان، ڇپڪي تي ڏاڪر مڇي ٽپا ڏئي رهي هُئي.

ڪپ تي ويٺل ڏيڏرن، خوف مان سُڪيءَ تان بُل ڏئي پاڻيءَ ۾ ٿِي چڀڙوڪ ڪيو. ڇوليون کڏ جي سيني سان لڳي واپس ٿي مڙيون. کڏ جي ڪپرن پاڻيءَ کي اڳتي وڃڻ نه ٿي ڏنو. ڇولين ڪنارن کي ڪاوڙ مان ٿڦڪيون ٿي هنيون.

ڌنڌرڪي رات اونداهه جي چادر سڄي ڳوٺ تي وڇائي ڇڏي هئي. ڪنڊين جي سڱرين ۽ ٻٻرن جي سُڪل پلڙن، هوا ۾ لڏي ڇير ٿي وڄائي. وڏي ڏيڏر مٽون ڦوڪي بين ٿي وڄائي. ننڍڙن ڏيڏرن ٽان ٽان ٽڪ ٽڪ ۾ موسيقي ٿي ڇيڙي. سُڪيءَ تي تِڏين هارمونيم جو آواز ٿي ڇڏيو.

کڏ جي ڀر ۾ بيٺل وڻن مان سڱريون، تيز هوا جي لوڏن تي پاڻ نه سنڀالي پنهنجي ويڙهي کان ٽٽندي، ريهون ڪندي کڏ ۾ ٿي ٽُٽيون، ڇولين سڱرين کي ڌڪي ڪپ سان ٿي هنيون. کڏ جا ڪنارا ٽٽل سڱرين سان سٿا پيا هئا. فطرت جا عجيب آواز کڏ ڪناري سرگوشيون ڪري رهيا هئا. ڌنڌرڪي اونداهه.... ڳوٺ جي شڪل ڀوت جهڙي بڻائي ڇڏي هُئي. ڪناري تي بيٺل قدامت وڻن مان اوچتو.... ڪوٽي ۽ اڇن ٻگهن، ڪون ۽ ڪان ڪري ڇرڪ ٿي ڀرايو.

سارو لوڪ ننڊ جي آغوش ۾ هئو، پر هيءَ رات جي اونداهه ۾ ٻڏل چنڊ سان جهيڙي رهيو هو.

پاڙي مان ڪُتن جي باهوڙ ٿي.

هن ڇرڪي تن ڏانهن ڏٺو. شايد هن سمجهيو ته چوراٽڙا کڙهن تي ڦيرا هڻي رهيا آهن.

اوچتو..... هن اڪيلي ماڻهوءَ کي پاڻ ڏانهن ايندي ڏٺو. ويڙهيل چادر ۾ هن کي ائين لڳو، ڄڻ جن ڀوت هن ڏانهن ايندو هُجي.....“

هن ڊوڙي وڏي وڻ جي اوٽ ورتي....!

چادر ۾ ويڙهيل ماڻهو ڦيرو کائي هن ڏانهن وڌڻ لڳو.

هن جو ساهه مُٺ ۾ اچي ويو.......!!!

الائي جي ڪير....!!؟؟ اڃا چند قدم پهچڻ ۾ باقي هئا...

۽ هن ڀڄڻ لاءِ ٿي رٿيو ته.... چُوڙين جو هلڪو آواز ٿيو.

هن کان ڊپ مان لفظ نڪتو.......

شايد ڪا عورت.......!!!

دل ٻڌي بيهي رهيو...!! ڪير آهين....؟؟

ڪنهن کي ٿي ڳولين......!!؟

ننڊ ڦٽائي تلاءَ تي پهتو آهين.

پل پل ويٺو ٿو تڙپائين.

پُڇين ٿو ته مان ڪير آهيان...!!

تنهنجون چاهتون سمهڻ نه ٿيون ڏين.....!!!!

اڙي......رخسانا تون......!!!

تنهنجا ئي ٿي پور پچايم...!؟

جانان.... تو بنا.... هر شيءِ سرد لاش ٿي نظر اچي.....!

پر..... توکي ڪيئن خبر پئي ته آءُ تلاءَ تي آهيان.

تون اڪثر جو ذڪر ڪندو آهين ته..... جڏهن ننڊ ڦٽندي آهي ته..... گهر کان نڪري تلاءَ تي پهچندو آهيان. ۽ چنڊ کي پاڻيءَ ۾ ڳوليندو آهيان.

هاڻ.... ٻڌاءِ پاڻيءَ ۾ چنڊ نظر آيو....!!!؟

ها بلڪل نظر آيو......

پر ساڻو بي سَتو، سرد لاش جيان، ڇولين جي اولڙن ۾ لڙهي رهيو هو.....

پوءِ....... !!!!

مون کيس ننڍڙن ڀترن سان نشانو ٿي بڻايو.

پر ڇو.....!!!!

ان لاءِ ته...... چنڊ پاڻيءَ ۾ ڇو ۽ ڪيئن ٻڏو.... آهي.... زنده هُئڻ ۽ نه هئڻ جي احساس طور کيس نشانو پئي بڻايم ڇا لڳو.....!!؟

چنڊ مئل لڳو.... بي ستو لڳو.... بي فيض ٿي لڳو....!!

رخسانا کان کل نڪري وئي..

ٽهڪن کي دٻائي کيس چوڻ لڳي......

اسلم چنڊ مرندو نه آهي. وقت جي انتظار ۾ هوندو آهي. سج بيوفائي ڪري جڏهن پاڻيءَ ۾ گم ٿي ويندو آهي تڏهن چنڊ آهستي آهستي، هلڪا قدم کڻي، اونداهه کي هٽائيندو آ.

مون سان گڏ مٿي نهار ته چنڊ ڪيڏو روشن آهي.

هوندو......!!؟؟

پر آءُ ڪنڌ کڻڻ جهڙو نه آهيان.

ڇو....!!؟

تنهنجي اقرارن آڏو شرمنده آهيان.

آءُ توکي ماڻي نه ٿو سگهان.

ماڻهو جڏهن مجبور ۽ بي وس ٿيندو آهي.... تڏهن نظرون زمين ۾ کوڙي ڇڏيندو آهي.

چنڊ ستارا روشنيون ڇسا لڳندا آهن.

پر اسلم.... آخر توسان اهڙي ڪهڙي ويڌن ٿي آهي....؟؟

ڀاڄائي.... منهنجي ڀاءُ سان اٽڪي بيٺي آهي.... ته.... ڇوڪرو پراوا ننگ ٿو تڪي.... سندس جلدي شادي ڪراءِ... شايد هن کي اسان جي پيار جي کڙڪ پئجي چُڪي آهي.

ڇا ٿي چوي.... ڪٿان پرڻايوس.....!!!

سندس جڏي ڀاڻج زبيده جنهن کي ننڍپڻ ۾ پوليو اڌورو ڪري ڇڏيو.... آه... سا اگهائڻ ٿي چاهي.

۽ تنهنجو ڀاءُ ڇا ٿو چوي....!!!

ادو ڀاڄائيءَ آڏو مَڄو آهي. زور ٻڌيون بيٺو آهي ته زبيده سان لائون لهه.....

ته پوءِ......!!!

اَبي امان جو سهارو ويو. چيچ وٺي ادي پاليو آهي. جواب ڏيڻ تي به شرمنده آهيان. ۽ اهڙي شادي لاءِ به انڪاري آهيان.

هاڻ ڇا سوچيو اٿئي......!!؟

نڪري وڃان.... ڀڄي وڃان...! يا خودڪشي ڪريان!

اوهه.... نه نه....نه نه....... ائين هرگز.... نه.... ائين نه ڪجانءِ.....؟؟

اڙي جانو... هيڏانهن هيڏانهن ڏس....!!! مون ڏانهن ڏس...!

مون کي ڪنهن جي آسري تي ٿو ڇڏين....!!

تون ويندين.... يا ڪُجهه به ڪيئي ته.... آءُ به خودڪشي ڪري ڇڏيندس.

ته پوءِ.... اهڙي حالت ۾..... مون کي ڇا ڪرڻ گهرجي....!!!

آءُ سخت پريشان آهيان.... مجبور آهيان....

رخسانا.... تون منهنجو نه سوچ...!!

تون پنهنجي لاءِ ڪو سِيهو ڳولي وٺ......

نه تنهنجا مائٽ مڃيندا.... نه منهنجا مائٽ مُڙندا....!!

فيصلا مائٽن جا هلندا.... اسان جو ڪجهه به نه ٻڌندا....

نه نه..... نه.... آءُ ائين هرگز ڪرڻ نه ڏيندس......!؟؟

آءُ ته هليو ويندس....

ته پوءِ تنهنجي ڪرڻ نه ڪرڻ سان ڪهڙو فرق پوندو....!!؟

ائين وري ڪيئن ويندينِ.... آءُ  به توسان گڏ هلنديس....

ڀڄي هلئون.... پوئتي خون خرابا ٿين.... اسان ٻن جي خواهشن تي پوئتي جهُڳا جهُڻ ٿين... ويڙها ويران ٿين...

چري ته نه آهين...!!!!

ها.... مان.... تنهنجي پيار ۾ چري آهيان.

ڀلا ٻڌاءِ ڇا ڪيون....!!!

تون منهنجي ابي امان تائين ڳالهه ته پڄاءِ....

باقي ڪم منهنجو آهي.

تو وارا مائٽ وري به وڏن کي وٺي اچڻ لاءِ چوندا....!!!

ادي کي ڀاڄائي اهڙيون پٽيون پڙهايون آهن،جو مڃيندو ئي ڪونه....!!

پُڦي ساران کي چئه.....

پُڦي ساران کي ڀاڄائيءَ هميشه رت روئاريو آهي.

ادو نه عيد براد ڏئيس. نه ئي ڪا چوٽَ وٺي ڏئيس.

مون کي به پُڦيءَ ڏانهن وڃڻ تي منع ڪندو آهي.

ادو زال جو مريد آهي.. پُڦيءَ کي نه ڀائيندو آ. پُڦي ساران ادي آڏو ڪُڇي نه سگهندي آهي. ڀاڄائيءَ جي چوڻ تي کيس دڙڪا ڏيندو آهي. ۽ هوءَ روئندي پنهنجي گهر رواني ٿيندي آهي.

رخسانا ٻئي هٿ مٿي کي ڏئي روئڻ لڳي..

اسلم کيس پرچائڻ لڳو.

رخسانا... جانان.... بس ڪر.. ماڻهو ٻڌي وٺندا.

نه ته تون پهرين ها ڪر... مون کي نه ڇڏي ويندين....!!

ٺيڪ آ... آءُ ڪيڏانهن به ڪونه ٿو وڃان...!!!

ڪُتن جي باهوڙ تيز ٿي وئي.

پريان ڪنهن جي کنگهڪر جو آواز ٿيو.

رخسانا ڊپ ۾.... اسلم کي چنبڙي پئي.....

خوف ۽ پيار جي عجيب احساس هنن کي هڪ جان ڪري ڇڏيو.

ڪنهن پل لاءِ هُو دنيا کان بي آواز ٿي..... پنهنجي دنيا ۾ مگن ٿي ويا، تلاءَ ۾ ڇولين تيزي آڻي ڇڏي..... وڏي ڏيڏر بين وڄائڻ شروع ڪئي...... ننڍڙن ڏيڏرن، گڏيل آواز ۾ گيت ڳائڻ شروع ڪيا ته اوچتو ڏيڏرن کڙڪي تي پاڻيءَ ۾ ٻيهر چڀڙوڪ ڪيو.

ڪڪڙن رات جي ٻئي پهر جو دس هنيون..

اسلم کي اها خبر نه هُئي ته.. سندس ڀاڄائي هن جي کٽ خالي ڏسي.... مڙس کي اُٿاريو... اسلم جو ڀاءُ ٽپ ڏئي ننڊ مان اُٿيو. ڀاءُ جي جاچ لاءِ ڪهاڙي کڻي ٻاهر نڪتو.

هيڏانهن هوڏانهن کيس ڪجهه نظر نه ٿي آيو. پلال جي لولن جي اوٽ وٺي... پاڙي جي کڙهن ۽ ڀاءُ جي اچڻ لاءِ ڏسندو ۽ تڪيندو رهيو ۽ انتظار ڪندو رهيو.

ٽيهر کنگهڪر ٿيڻ سان.... هي ٻئي.... پيار ۽ اظهار جون تڪڙيون ڳالهيون ڪري هڪٻئي کان جُدا ٿي پنهنجن گهرن ڏانهن تڪڙا روانا ٿيا.

علڻ ڀاءُ کي گهر ايندو ڏسي... تڪڙو اڳتي وڌي رخسانا جو اڳ وٺڻ لڳو.... ۽ کيس جانچڻ لڳو ته ڪير آهي.. ڪهڙي گهر کان نڪتي آهي......!!!!

گهرن جي در اڳيان، گهٽيءَ ۾ پيل ڀاڻ ۽ ڪکن جي اوٽ وٺي لڪي ويٺو.

رخسانا..... جيئن ئي ويجهو ٿي ته.... ٽپ ڏئي سندس ٻانهن ۾ هٿ وڌائين..

ڪير آهين....

رخسانا خوف مان رڙيون ڪرڻ تي هُئي ته...... سندس ٻانهن مان هٿ ڪڍيائين.. ۽ کيس سُڃاڻي ورتائين....!!؟

سندس ڇيهه ڇڄي پيا..... موٽي گهر پهتو....

اسلم رلي ۾ سمهي پيو هو ۽ سندس ڀاءُ اسلم جي رلي لاهي کيس چوڻ لڳو.

اڇا.. ته.... ان حد تي پهتو آهين.. بي شرم،
بي حياءَ، ٻُڏي ڪين ٿي مُئين. تون ته هاڻ اسان سڀني جو سر کڻائيندين.

ڀاڄاهيين صحيح ٿي چيو.. تو ته اسان کي راڄ ڀاڳ جي دشمنيءَ ۾ وجهي ڇڏيو.

خوف ۽ دشمنيءَ جي ڊپ کان.... علڻ کي سڄي رات ننڊ نه آئي. صُبح ٿيڻ تي علڻ زال کي چيو.....!

جيڪي ٿيو خوب ٿيو.... سنڀر ته رخسانا جو رشتو گهرڻ هلئون.

منهنجي ڀاڻج زبيده.....!! جنهن جي رشتي جي مون گُهر به ڪري ڇڏي آهي. سو.....

ڇڏ پنهنجي ڀيڻ کي ڳالهه گهڻي ٿي وئي آهي. هاڻ سڀني جو سِرُ ويندو. يا ڳوٺ مان لڏو کڻڻو پوندو.

جوڻس.. کيس گهڻو ئي چيو، پر علڻ ڏنڊو کڻي زال تي بيهي رهيو.

بي عقل رن، چپ چاپ ٿي هل... نه ته اُڦٽ ماريندوسانءِ ۽ منهنجو ڀاءُ ڪارنهن الزام ۾ مرندو... اسان جو جهُڳو جُهڻ ٿيندو. ابو امان نه جيئرا ٿيندا.... نه ئي مون کي ڀاءُ ڄڻي ڏيندا.....!!!

اُتي ڪا ٽين ٽين ڪئي اٿئي ته جيئرو نه ڇڏيندوسانءِ.. مُنهنجي ڀاءُ کان وڌيڪ تون نه آهين. زالون مڙسن لاءِ کوڙ...!!

طلاق ڏيندوسانءِ ۽ ..... ٻي شادي ڪندوسانءِ ۽.... شرافت سان...... ماٺ ڪري هل....

بس صرف رشتو گهُرڻو آهي.. وڌيڪ ڪابه پٽاڙ، يا ڇيڙڇاڙ ناهي ڪرڻي بس، ڍڪي ڀلي.

علڻ زال سان گڏ، اوڙي پاڙي جا چار چڱا مايون، عزيز مائٽ، پڦي ساران ساڻ ڪري، رخسانا جي ابي امان وٽ پهتو... حال احوال شروع ٿيا.

ننڍو ڀاءُ جوان ٿيو آهي. پڪي ٻير کي هرڪو ڀتر هڻندو آهي. سڄو ويڙهو، مٽ مائٽ، نياڻيون، سياڻيون، هي پٽڪو هي ميڙ. رخسانا جو رشتو منهنجي ننڍي ڀاءُ اسلم لاءِ ڏيو.....!!!!

اسان کي ٻه ٽي ڏينهن سوچڻ لاءِ ڏيو....!!!!؟

نه نه.... هرگز نه..... اسين هتان خالي واپس نه وينداسين.... چئو ته مصاف ڏيون.....

رخسانا جي ابي امان ۽ ڀائرن، صلاح مصلحت ڪري، ٻارهن جريب ٻني.. ۽ ٻه لک ڏاج ڏيوڻ لاءِ چيا.

علڻ.... هڪدم چيو...... قبول اٿم.....

ٻئي ڌريون.... مس وڃي.... اسلم ۽ رخسانا جي رشتي تي راضي ٿيا. مڱڻو، ونواهه، شادي ۽ نيکيٽي ٿي.

علڻ اڳواٽ 12 جريب ٻني ۽ ٻه لک ڏاج ڏيوڻ لاءِ ڏئي ڇڏيا.

رخسانا مڙس کان ساهه صدقو پئي ٿي. اسلم کي پيار پاٻوهه ۽ ڀوڳ ۾ چيائين.....

اسلم جاني......

ٻڏل چنڊ کي تلاءَ ۾ ڪڏهن ڀتر هڻندين......!!!!

اسلم خوشيءَ ۾ ٻلهار ٿيندي کيس وراڻيو....

ها..... جانان....

مس وڃي.... مٿي نهارڻ جهڙو ٿيو آهيان.

ڏسان پيو ته.... چنڊ ڏاڍو خوبصورت آه.

چنڊ زنده آه.... روشن آه...... تارن جي ڪهڪشان ۾ پڌرو آهي....

پر چنڊ ڏاڍو ڏور آهي.

منهنجا ڀتر چنڊ تائين ڪونه پڄي سگهندا.....!!؟؟

چنڊ پنهنجي چانڊوڪي تنهنجي روپ ۾ ڏني آهي.

مينديءَ رتن هٿن سان.. ٽُڪ جي رلين جي سيج تي رات جي ساڳي ٽائيم تي.... چوڙين ۽ سونن ڪنگڻن جي جهنڪار تي......

رخسانا وڏو ٽهڪ ڏئي..... مڙس جي ڀاڪر ۾ سموهجي وئي....!

ڏور آڪاش تي چنڊ هنن ٻنهي کي خوش ڏسندي، مرڪڻ لڳو....

بهادر ٽالپر

بدين

 

 

 

 

آپگهات تان واپسي

 

هُو هڪ سائي- دار وڻ وٽ پهتو ته ڏٺائين وڻ روئي رهيو هو. پريان سج هاڻ ئي پنهنجي رونمائي پئي ڪرائي! هُو وڻ جي اها حالت ڏسي سوچ ۾ پئجي ويو.! تيستائين ڇنل ٽارين جي وچان هن کي هڪ رسو لڙڪندي نظر آيو. هن کي هاڻ وڻ جي روئڻ جو سبب ڪجهه ڪجهه سمجهه ۾ اچي رهيو هو...! هن کي لڳو وڻ جون ڇنل ٽاريون ڄڻ ڪنهن يتيم ٻار جا ٽٽل ۽ ميرا ڪپڙا هجن. هُو پوءِ وڻ سان گڏ روئڻ ۾ ڇٽڪي پيو ۽ لاشعور مان قدم اڳتي کڻڻ لڳو ته اڳيان کيس هڪ ٿنڀو ڪنهن ٺل وانگر ڏسجڻ لڳو، هُو روئندو هاڻ ٿنڀي وٽ پهچي چڪو هو. هُن جون اکيون کيس ٻڌائي رهيون هيون ته: ٿنڀي جي چوٽيءَ تي جيتوڻيڪ روشني آهي، پر اهائي روشني ماڻهوءَ کي ڪاري وادي ۾ ڌڪي ڇڏي ٿي...!!“ هن جا ٿنڀي جي چوٽيءَ تي چڙهندڙ قدم رڪجي ويا...!! سندس دماغ جي ڪنهن ڪنڊ ۾ اتان هتي ڪو نئون دڳ ڳولڻ جو ترورو جاڳيو! هُو سهڪندو سهڪندو زندگيءَ جو بار پنهنجي ڪلهن تان لهڻ جي جستجو ۾ اڳتي ڌوڪيندو ويو ته پريان هڪ جبل ڏٺائين، جيڪو ڄڻ اوچو ڳاٽ ڪري کيس ئي سڏي رهيو هو. هُو هاڻ جبل جي چوٽيءَ تي هو، جتي هڪ انسان جي کوپڙي پيل هئي. هن کي لڳو ته اها سندس ئي کوپڙي آهي. کوپڙيءَ جي ڀر ۾ هڪ ٻوٽي اڀريل هئي. هن ان ٻوٽي کي هٿ لاتو ته کيس حڪمت واري ڪنهن ڪتاب ۾ پڙهيل خاصيت ۽ سڃاڻپ ياد آئي: جنهن موجب ان ٻوٽي جي کائڻ پڄاڻان انسان جو زنده رهڻ محال هو. هن ٻوٽي مان پن پٽي کائڻ شروع ڪيا ته آهستي آهستي سندس بصارت ۾ هڪ حسينا ڏسجڻ لڳي ۽ نيٺ حسينا کيس سڏيو ته هُو خوشي خوشي جبل تان هيٺ لهي اچي ان سان مليو...!! اها حسينا ٻي ڪا به نه پر زندگي هئي....!!!.

جاويد عباسي

 

 

 

 

زندگي ۽ گرهڻ

 

خدا بخش نالو هوس. ڳوٺ جو ڳڀرو ۽ دليرنوجوان هو. ماءُ پيءُ حيات هوس. ٻني ٻاري وارا هئا. مينهون ۽ ٻڪريون پاليون هئائون. مڇي مانيءَ وارو گهر هو. ڳوٺاڻي گهر ۾ اها خوشحالي ڳڻبي آهي. دوست هو، گڏجي گهمندا هئاسون. واندڪائيءَ ۾ ڪچهريون لڳنديون هيون. وقت سٺو ٿي گذريو. ننڍو ڳوٺ هو. پرائمري تائين پڙهي، ڪتاب ڇڏياسين سڄو ڳوٺ پيا رلندا هئاسين. جواني ۾ پيار جي چڻنگ دکي ته همراه هٿن مان ويو. جواني ۽ پيار ڪنهن نه ڏٺو آهي. خدا بخش ڪڏهن سوچيو به نه هو ته راڻي هن جو چاهه بڻجندي. راڻي هن جي سؤٽ هئي ۽ هونئن به سؤٽاڻو پيار ڏکيو هوندو آهي چاچي سان ڪجهه معاملن تي سندس پيءُ اُلجهيل هو، اچڻ وڃڻ بند هو. الائي ڪٿي خدا بخش ۽ راڻي هڪ ٻئي کي ڏسي ورتو ۽ دل تائين رستو جُڙي ويو. خدا بخش گهڻو ئي پيءُ ماءُ کي منٿون ڪيون، پر سندس بابو پِڙُ ڪڍيو بيٺو هو. مڃي ئي نه. اَنا اٺ وانگر اُڀي! اسان وارو يار ڳوٺ ۾ ديوداس بڻيو گهمندو وتي، سگريٽ پيئڻ به شروع ڪيائين. پيار سگريٽ جي دونهين مان ڇَلا ٺهي نه نڪري ته لطف ئي ناهي سگريٽ جو مزو ئي چوٽ کائڻ کان پوءِ آهي.

خدا بخش جي پيءُ جڏهن ڏٺو ته ڇورو هٿن مان ٿو وڃي، نشي پتي تي لٿو آهي، بي حال ٿيو رلندو ٿو وتي تڏهن ڪجهه چڱن جي چوڻ تي حامي ڀريائين ۽ ڀاءُ جو در ورتائين. معاملا ڪي وڏا ته هئا ڪونه، سو ڀاڻس به کڻي ڀاڪر ۾ ورتو ۽ راڻيءَ جو پلئه خدا بخش سان ٻڌجي ويو.

خدا بخش جي شادي ٿي وئي، سال ڏيڍ ۾ هڪ ادڙو به ٿي ويو. سُک هو. وقت اڏامندو رهيو. ساڳيو ساڳيو ڏينهن، زندگي ڄڻ ٻوساٽجڻ لڳي. زندگيءَ ۾ ڪا نواڻ نه رهي. تڏهن خدابخش دوستن سان سگريٽ پيئڻ شروع ڪيا پوءِ چرس ۽ آفيم تي لهي پيو. گهڻو سمجهائڻ جي باوجود نه مڙيو ۽ آخر ۾ ته هيروئن تي لهي پيو. انهن تباهه ڪندڙ شين ۾ هن کي مزو اچڻ لڳو. هن اهو سڀڪجهه نه چاهيو هو، پر نواڻ جي ڳولا ۾ هُو اهڙن هٿن ۾ هليو ويو، جيڪي هن جهڙين ماڻهن جي ڳولا ۾ رهندا آهن. اهو خدا بخش جنهن جي دليري ڳوٺ ۾ مشهور هئي، يار ويس هو، هاڻي خادو هيروئيني بڻجي ويو هو. هاڻي هن جي دوستي پاڻ جهڙن هيروئينن سان هئي، جيڪي رستن جي ٻنهي پاسن کان بي خبر رِلي پائي اُڌ مئا پيا هوندا هئا. ماڻهن ته کين ڏسڻ به ڇڏي ڏنو هو. گند ڪچري جا ڪيڙا بڻجي ويا هئا. پٽ جي اها حالت ڏسي خدا بخش جو پيءُ هانءُ نه جهلي سگهيو ۽ جهان ڇڏي ويو. مال متاع سڄو نشي پتي جي وَر چڙهي ويو. زمين ٽڪرو بي جان ٿي ويو، ڪير هَرُ هلائي؟ خدوءَ ۾ جان نه رهي هئي، هن کي ته بس نشو گهربو هو. سکيو ستابو گهر قبرستان بڻجي ويو. هنن جي حالت ڏسي ڳوٺ وارا ڏک ۾ وٺجي ويندا هئا. ڪونه ڪومڙئي ماني ڳڀو ڏئي ويندو هون، جنهن سان جوڻس، ماءُ ۽ ننڍڙو پٽ پيا پيٽ جي باهه اجهائيندا هئا. بس جيئرا هئا. زندگيءَ جا رنگ ته ڄڻ مٽجي ويا هئا. ڏکن جو نه کٽندڙ سلسلو هو.

اوچتو ڌڙام سان در کليو ۽ خادو ٿڙندو ٿاٻڙندو گهر ۾ داخل ٿيو. ڏاڙهي وڌيل، وارن ۾ مٽي، ڪپڙا ليڙون، پيرن ۾ چپل، به نه، امڙجي نظر پيس ته هانءَ کي جهٻواچي ويس، هن جو ٻچو ڪڏهن اهڙو ته نه هو. هن اکيون مٿي کڻي آسمان ڏانهن ڏٺو، ڄڻ پنهنجو ڏوراپو جهان جي مالڪ کي ڏنائين ۽ وري ڪنڌ هيٺ ڪري ويهي رهي. هڪ جُهور پوڙهي ماءُ ڇا ٿي ڪري سگهي.

”امان..... ڪجهه پئسا“ خادو رڙهندو اچي ماءُ جي پيرن ۾ ويهي رهيو. ماءُ جي اکين مان لڙڪ ٽمي پيا.

”ابا، مان صدقو ٿيائين، مان ڪٿان پئسا آڻيان“ امڙ مٽيءَ سان ڀريل وارن ۾ کيس پاٻوهه مان هٿ ڦيريندي چيو. ماءُ جو پيار ماکيءَ جهڙو مٺو.

”امان، منهنجو جسم سُور مان ٽٽي ٿو، دوا لاءِ پئسا ڏي، ڪنهن کان ڀلا وٺي ڏي.“

”ٻچا مان ڪنهن کان وٺي ڏيانءِ، گهر ۾ رهيو ڇا هي.“ امڙ رَئي جو پلئه جاچڻ لڳي. ڄاڻيندي به ته ڪجهه نه هوندو، پر اولاد جو ڀرم رکڻ لاءِ سوچيائين من ڪجهه ٻڌا هجن، ڪنهن وقت ۾ هوءَ اڪثر پلئه ۾ پئسا ٻڌي رکندي هئي.

”اڳئين ڏيندي هئينءَ هاڻي نه ٿي ڏين. راڻيءَ کان وٺي ڏي ڀلا. خادو دوڏا ڏيکارڻ لڳو ۽ اندر ڪمري ڏانهن ڀڳو. سندس امڙ اتي ئي ويٺي روئندي رهي. پوڙهي ماءُ جي بي وسي ڏسڻ وٽان هئي ”راڻي پئسا ڏي، دوا وٺڻي آ، صفا سِرُ ٿو وڃي خادو ڪمري ۾ داخل ٿيندي ئي، راڻيءَ ڏانهن اُلر ڪئي.

”دوا ڇاجي، چئو نه ته نشو وٺڻو آهي، مان ڪٿان پئسا آڻيان، ڪهڙا ڪمائي ڏنا اٿئي.“ پيار کي گرِهڻ لڳي وئي هئي. راڻيءَ ڀرسان ستل پٽ کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ٺهه پهه، جواب ڏنو.

ڏس، مٿو نه کاءُ، پئسا ڏي“ خادو آپي کان ٻاهر ٿيندو ٿي ويو. نشو نه ملڻ ڪري، کيس جسم ۾ ايذاءُ ٿي محسوس ٿيو. هُو وري الر ڪري راڻيءَ ڏانهن وڌيو.

”مان چوانءِ ٿي پري ٿي، گڦ کنيو ٿي وڃئي“ راڻيءَ جي اهڙن جملن مواليءَ کي وڌيڪ تپائي ڇڏيو. ٻه ٿڦڙون وهائي ڪڍيئينس. هوءَ پرڀرو وڃي کٽ تي ڪِري. خادو مٿان چڙهي ٻئي هٿ ڳچي ۾ وجهي گهٽا ڏيڻ لڳس. وات مان گڦ ٿي وهيس.

”مون مان ڌپ ٿي اچئي.... هان.... ڌپ ٿي اچئي، پئسا نٿي ڏين.“ خادوءَ جي گرفت تيز ٿيندي ٿي وئي. هُو هوش وڃائي چڪو هو، راڻي پاڻيءَ بنا مڇيءَ وانگر تڙپندي تڙپندي ٿڌي سانت ٿي وئي. سندس جسم
بي سُڌو ٿي ويو. ماڻس ڊوڙندي آئي، رڙيون ڪري خادم کي ڌڪو ڏئي، راڻيءَ مان هٿ ڪڍرايائنس، پر دير ٿي وئي هئي.

اڙي مئا، هيروئني زال کي ماري وڌئي، قهاري ظلم ڪري ڇڏيئي ماءُ جنهن چند گهڙيون اڳ پُٽ جي حال تي رحم ٿي کاڌو، سندس لاءِ دل ۾ ممتا جو پيار ڇوليون ٿي هنيون هن وقت ڪروڌ ۽ پٽڪي ۾ لڳي پئي هئي. خادو قاتل هو. ماءُ جي دانهن تي خادوءَ جي دماغ مان ٺڪاءَ نڪري ويا. هو خوف وچان ڏڪڻ لڳو ۽ وٺي ڀڳو. ماڻس جي دانهن ۽ ڪُوڪن تي ويجهو گهرن جا ماڻهون گڏ ٿي ويا. سڀ پريشان ته هيءُ ڇا ٿي ويو.

”يار، اڳئي مسڪين ماڻهو مٿان وري هي واردات، الله رحم ڪري. علي بخش جيڪو ڳوٺ جو وڏڙو هو، افسوس ڪرڻ لڳو. خادم جي ماءُ سڄو احوال ڳوٺ وارن کي ڪري ٻڌايو.

”نشو آهي ئي اهڙي لعنت- انسان کي بيغيرت ڪري ڇڏي ٿو.“ ڳوٺ جي پرائمري اسڪول جي جهوني ماستر امام دين پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

”خادوءَ کي جيل اماڻيو وڃي، ڀل ته خبر پئيس، ڀيڻسان موالي، هيروئني دوڪاندار قمر به غصو ڪيو. هر ڪو پنهنجي پنهنجي حساب سان خادم جي ماءُ سان نُنهن جي مرتئي تي پرسو ڏئي رهيو هو.

”ابا، في الحال، هلو بس گڏجي مرحومه جي ڪفن دفن جو بندوبست ڪريون، هن مائيءَ جو ته حال ناهي امام دين جي صلاح تي سڀني ها ڪئي ۽ هر ڪنهن پنهنجي حيثيت آهر چندو ڏئي ڪفن دفن جو بندوبست ڪيو.

اڄ ٻيو ڏينهن هو، خادوءَ جي امڙ روئي روئي اکيون سڄائي ڇڏيون هيون، ڳوڙها جو بس ئي نه ڪن. اوچتو درکڙڪيو ته خادوءَ جي امڙ جو ڇرڪ نڪري ويو، ڪڇ ۾ ستل، شيرل کي پاسيرو ڪري، وڃي درکوليائين ته ٻاهر پوليس وارو بيٺو هو. ”ابا..... خير ته آهي، هت ڇا بچيو آهي جو آيا آهيو“ ماءُ جي آواز ۾ بي وَسي، جهيڻائپ ۽ اداسي هئي.

”امان، هيءُ خدا بخش جو گهر آهي“ ڪافي عرصي بعد سندس پٽ جو ڪنهن پورو نالو کنيو هو.

”ها ابا، مان خدا بخش جي ماءُ آهيان.“

”امان، خدا بخش ٻه ڏينهن اڳ درياءَ ۾ ڪِري، ٻڏي مئو هو، اڄ سندس لاش ڪپر ڀرسان مليو آهي، ٿاڻي وارن سڃاتو، اسان کڻي آيا آهيون، اسان کي ڏک آهي“ پوليس وارو هڪ رٽو لڳل انداز ۾ بيان ڪري هٽي بيٺو ته پويان ايمبولنس مان خادوءَ جو لاش پئي لاٿائون.

يار محمد چانڊيو

شڪارپور

 

 

 

 

من اندر ماتام

 

جڏهن رتُ پياڪ رشتا، رشتن جي تقدس جا بخيا اُڊيرڻ جي سازشن ۾ ملوث نظر ايندا آهن، تڏهن شعور جي کوٽ سان وڌندڙ المين کي ڏسي پٺتي پيل سنڌ جي فڪر تي سوچي اداس ٿي ويندو آهيان. هر ڏساءُ قبيلائي جهيڙن جي خوني راند سان دلين ۾ نفرت پروان چڙهي ٿي ۽ اکيون بي حسيءَ جي عالم ۾ شناس وڃائين ٿيون.

اهڙي بدبودار سماج جي اثر هيٺ ڪيترن مهينن کان منهنجي نازڪ ڪلهن تي به اثر ڇڏيا آهن ۽ مان ڪٺورتا جي ان جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي پيو آهيان. هڪ طرف ساڃاهه جي روشني آهي. ٻئي طرف جهالت جو انڌيرو، روشني ۽ جهالت جي ان فيصلي ۾ روايتن جي صليب تي هر پل، اپل ٽنگيل رهيو آهيان ۽ خون جي بدلي خون چڪائي مون کي پنهنجي خاندان جي جهڪيل ڳاٽ کي اوچو ۽ سر بلند ڪرڻو آهي، جنهن ۾ هڪ طرف ابي جو هٺ آهي ته ٻئي طرف امان جي اکين ۾ اٽڪيل بي تحاشا ڳوڙهن جو درد!!

”جمعا پنهنجي جوان ڀاءُ جو پلاند نه وسار، زماني جي نظرن ۾ اسان جو ڪنڌ جهڪيل آهي، پنهنجي جهڪيل ڳاٽ کي مٿي ڪر.“

(بابي جا طعنا معمول جو حصو ٿي ويا آهن)

”جمعا! منهنجي مجبور ممتا ڏي ڏسجانءِ، ڀائيٽين پٽُ ڇِنو، تون منهنجو ڀاءُ نه ڪهجانءِ.“

(امان جون اکيون ڳوڙهن ۾ ڳاڙهيون ٿي ڳالهائينديون آهن)

”مان ڇا ڪيان؟ ٻه اکر جهڙا پڙهيس، تهڙا نه، مان جاهل نه باشعور“.

(پر ايترو ضرور آهي، جو پنهنجي هٿن سان ڪنهن جي خون وهائڻ جو سوچي ڏِيلَ ڏڪڻ لڳندا آهن، پتو نه هئو، بزدل هئس يا امن جو خواهان؟!)“

هڪ لڱان.

معاشري جي انهيءَ روش بابي تي گهرا اثر ڇڏيا، چيائين ”بيشرم جمعا، هڪ سال گذري ويو، شهيد ڀاءُ جي پلاند ۾ ايڏي دير!!“

بابي جو پارو چڙهيل هو.

سومهڻي ڌاران بابي هڪ نالي بندوق کڻي، ڪارتوسن جي پٽي کي سيني سان لڳايو. مون غور سان ڏٺو ڪارتوسن جي پٽي کي چيلهه سان ٻڌندي هن جا پوڙها هٿ به ڏڪيا پئي.

”بابا تون جذباتي نه ٿي، مان پاڻ وٺندس پنهنجي موڀي ڀاءُ جي خون جو پلاند!“

”ڪڏهن؟“

”جڏهن وقت اسان جي فائدي ۾ هوندو.“

”ٺيڪ آ، مان اڄ ئي دشمن جو در جهليندس، ههڙي ڀاڙيائپ جي جيئڻ کان مان مئو ڀلو آهيان. سڄو ڏيهه ڀاڙي ۽ دشمن سان نه پڄي سگهڻ جا طعنا ٿو ڏئي.“

”بابا!“ منهنجي آواز ۾ نرمي هئي، ”ڇڏي ڏي هن ڏيهه واسين جي شرپسند ڳالهين کي، هن ڏيهه واسين جي ٽيڪرن اسان کان اسان جو ڀاءُ کسيو، نه ته پاڻي جي واري تان ڳڀرو ڪُسجن ۽ خونريزي ٿئي، اهو مسئلو پاڻ ۾ ويهي ڳالهين ذريعي به حل ٿي پئي سگهيو، اجائي جذبات حياتيون ڳڙڪائي وئي بابا.

”تون ڇا ٿو چوڻ چاهين“ بابي جي آواز ۾ بي انتها ڪاوڙ هئي.

”جذبات ڪنهن به مسئلي جو حل ناهي بابا“.

”پوءِ چوڙيون پائجن!“

”نه بابا“.

”دشمن کي مذاق بخشي ڇڏجي؟“

”بخشي ڪٿي آهي بابا، هنن جا ٽي مڙس جيل حوالي آهن، باقي هنن جو ڪراڙو پيءُ ٻاهر آهي، جيڪو پنهنجي ويڙهي جي عورتن جي سار سنڀال لهي ٿو ۽....“

”واهه! دشمن سان ايتري خيرخواهي!!“

بابو نه مڙيو، هن ڏڪندڙ هٿن سان ڪارتوسن جي پٽي کي چيلهه سان ٻڌي ٻاهر ڊوڙ پاتي...

”بابو ويو، بابو نه مڙندو.“

”ڇڏيو بابي کي، دشمن کي ماري دل جي باهه وسائي، دنيا کي پنهنجي مردانگي جو ڪارنامو ڏيکاري، پوءِ کڻي ڇا به ٿئي؟ مردن بنا خالي گهر ڪانون حوالي، نه سوچ نه سمجهه، هليو آ هي پلاند وٺڻ!!“

امان ڊوڙي آئي، پيرن تي پوتي رکندي چيائين ”ڪراڙي پيءُ کي موٽائي اچ، وڃ جمعا جلدي وڃ، ماءُ جي چوڻ کي پٺي ڏنئي ته ٿڃ نه بخشيندي سانءِ!!“

امان جي التجا تي پيرين اگهاڙي بابي جي پٺيان لڳي پيس. لوڙهي جي ڄاڱري ڪنڊن جيتوڻيڪ پيرن کي شديد گهائي وڌو، پر امڙ جي منٿن جي پورائي ڪرڻ لاءِ مون کي بابا کي واپس موٽائي اچڻو هو.

تيز ڊوڙندي.

رات جي گهري انڌيري ۾ به مون بابي جي ويجهو پهچڻ ۾ ڪو وقت نه ورتو.

(جواني جو پنڌ پوڙهپڻ جي ڊوڙ کي شڪست ڏيندو آهي)

”بابا موٽ پوئتي.“

”نه موٽندس.“

مون ڊوڙندي وڃي بابي جو اڳ جهليو.

”مان وٺندس پنهنجي ڀاءُ جو پلاند، توسان واعدو بابا.“

”مون کي تنهنجي واعدن تي ڪوبه ڀروسو نه آهي!“

”قسم ساک تي بابا!“

بابو ڊوڙندي بيهي رهيو، هن پنهنجي کليل وات مان وڏا وڏا ساهه ٿي کنيا.

”جمعا، هن ڀيري مان توتي ڀروسو ڪيان ٿو. هيءُ ڀيرو تنهنجي ڀروسي جو آخري ڀيرو هوندو، پوءِ تون ڪوڙو، ڪوڙي جو پٽ.“

”ها بابا، مان هاڻي توسان ڪيل واعدو ضرور نڀائيندس.“

”ڪڏهن نڀائيندين؟“

”سڀاڻي ئي!“

”رک هٿ ڏاڙهيءَ تي.“

”ٻئي هٿ ڏاڙهيءَ تي!“

بابو خيرن سان گهر موٽي آيو.

پلاند چڪائڻ جون ذميواريون کڻندي منهنجي ننڊ حرام ٿي وئي.

ٻي رات.

ساڳي بندوق ۽ ساڳيو ڪارتوسن جو ٿيلهو، سنڀالي رات جي انڌيري ۾ دشمن جي ويڙهي ٻاهران اچي بيٺو هوس.

”مان خوني ٿيندس!... منهنجا هٿ به خون ۾ رڱبا!!... ماروٽن منهنجي ڀاءُ کي ماريو ۽ مان مامي کي خود مارڻ لاءِ.... منهنجا هٿ ڪيئن ورندا... پر مون کي ڀاءُ جي قتل کان ته ڪوبه مٿي ناهي... ڀاءُ جي قتل جو پلاند وٺرائي بابو اکين ۾ سرمو ۽ مٿي تي پٽڪو پائي سرخرو ٿيندو!!...“

سوچن ۾ پڄرندو. رات جي خوفناڪ انڌيري کان بي خوف ٿي مان دشمن جو اچي در جهليو هو.

اسان جو دشمن، اسان جو مامو، اسان  جي امڙ جو اڪيلو ڀاءُ. رات جي خاموشيءَ ۾ مان دشمن جي ويڙهي ٻاهران بيهندي سڀ ڪجهه غور سان ٻڌو پئي:

”لعل بخش گهر ۾ اٽو ناهي، ٻار ٻاڪا ڪري سُتا آهن ڪجهه حيلو ڪر!“

”مان ڇا ڪيان، ڪمائڻ جهڙو ته آهيان ڪونه! پُٽ ڪاٺ ۾، ڀيڻ جي لعنتاڻي ۽ ڀاڻيجي جي قتل جي صدمي مون کي جيئري ئي قبر ڀيڙو ڪيو آهي. مان وڃان ته ڪاڏي؟ ڪيان ته ڇا؟! مران ته زندگي جي سورن مان جند ڇٽي.“

منهنجي اکين مان نير وهي پيا.

جنهن مامي، امان کي پرڻائيندي کيس ستن پٽن ٿيڻ جي دعا ڏني هئي، مان تنهن مامي جي قتل لاءِ پهتو آهيان، جنهن مامي منهنجي ڄمڻ جي خوشيءَ ۾ ريوڙيون ورهايون هيون، مان ان مامي جو ڳلو گهُٽيان، نه...نه....نه... مون کان اهو هرگز نه پڄندو!!“

منهنجي اکين مان نير جاري هئا.

ان لمحي بي ساخته مون کان آواز نڪري ويو، چيم ”ماما، او ماما.“

”ڪير آ، ٻاهران آواز ٿو اچي؟“

(سڄي ويڙهي مان زائفاڻا آواز اُڀريا)

”ڪير آن؟“

رات جي سانت ۾ زائفن جو آواز شور مچائي ويو.

”مان آهيان ماما“.

”ڪير مان؟ ڪو نالو ته هوندو؟؟“

”جمعو!“

ويڙهي ۾ هُلُ مچي ويو.

”جمعا مان اچان ٿو ٻچا، پوءِ چاهي تون خيري هجين يا جنگي، مامو ڀاڻيجن تان قربان!“

رات جي خوفناڪ پهر ۾ مامو بي ڌڙڪ ۽ بي خوف سڌو مون طرف هليو آيو. هن کي نه دشمني جو ڪوئي ڊپ هو نه ئي موت جو ڊڄُ.

”جمعا! جي آئين پُٽ.“

مامو منهنجي ڀرسان آيو ته سڏڪن ۾ پئجي ويو.

منهنجي هٿن مان بندوق ڇڏائجي زمين تي ڪري پيئي، سوچيم ”دشمنيون ڪيئن پاڙبيون آهن. بندوقون سنڀالي يا بندوقن کي ڦٽو ڪري!“

منهنجا هٿ مامي تي نه وريا ۽ مان موٽي اچي گهر جو رستو ورتو.

صبح ٿيندي. مان اڃان ننڊ ئي هوس، امان ڌينڌوڙي اٿاريو چيائين. اُٿ قاتل، ٻڌاءِ رات ڪيڏانهن ويو هئين؟“

”نه مُڙين، مامي کي ماري آئين ظالم!“

”نه امان!“

”ڪوڙ نه ڳالهاءِ.“

”ڪنهن چيو؟“

”سڄي ويڙهي وارن توکي ڏٺو آ.“

”مامو مري ويو؟“

”تون ئي قاتل آن منهنجي ڀاءُ جو! ڪڏهن به نه بخشينديس توکي.“

امان سڏڪن ۾ پئجي وئي.

هن جو اندر ٻه اَڌَ هو.

(عورت احساسن جو سمنڊ آهي، ڪي به دشمنيون نه ڄاڻي، هر رشتي جو قتل هن جي من کي نهوڙي ٿو).

امان هيٺ مٽيءَ تي ويهي رهي ۽ هن جي من ۾ ماتام جي ڪيفيت هئي.

سامهون بابو بندوق کي تيل سان صاف ڪري مسڪرائي رهيو هو.

مون کي مامي جو پراسرار قتل سمجهه ۾ نه آيو. ”آخر ڪير آهي اُهو، جنهن رات جي پيٽ ۾ مامي جي حياتيءَ جي گلشن کي موت جي خزان ۾ تبديل ڪيو!“

مون اک ٽيٽ ڪري بابي ڏي ٻيهر نهاريو، هُن جا شهپر تيل سان مکيل چکيل هئا!!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org