سيڪشن: رسالا

ڪتاب: 4/ 2020ع

باب:

صفحو:13 

رسول بخش تميمي

جاتي

 

 

 

ڄام نظام الدين عرف ڄام نندو

”سنڌ سمو،  ڪاڇي  چنو، ڀٽي  جيسلمير،

چوٿون ڀاءُ هو چغدو، جنهنجو اڱڻ مٿي پير.“

 

سنڌ تي راءِ، برهمڻ، عرب ۽ سومرا گهراڻي بعد سما گهراڻي ڪڏهن خودمختيار ته ڪڏهن ماتحت حڪومت ڪئي.

سما قبيلي متعلق مؤرخن، محققن، تاريخ نويسن، دانشورن ۽ لکارين ۾ گهڻو اختلاف رهيو آهي. سنڌ- هند جي ڪجهه مؤرخن انهن کي عربي نسل مڃيو آهي، ۽ کين عمرو جو اولاد سڏيو آهي.(1) مير علي شير قانع کين جمشيد ايرانيءَ جي نسل جو ٿو ڄاڻائي.(2) ڪنهن لکاريءَ کيس سام جو اولاد سڏيو آهي.(3) فارسي مؤرخن، فرشته ۽ ابوالفضل به کين ايراني بادشاهه جمشيد جو اولاد سڏيو آهي.(4) عربن مؤرخن سمن کي سمني لکيو آهي.(5)

هڪڙو رايو اهو پڻ آهي ته راجا ڪرشن جي ستين راڻي ڄاموتي جي بطن مان راجا سامبا پيدا ٿيو، جنهن سنڌ جي شهر  ميناننگر تي سما ننگر نالو رکي ان کي پنهنجو تختگاهه بنايو. اهي سما راجا ڄاموتيءَ جي بطن مان هئا، تنهنڪري سندن لقب ڄام هو.(6)

يورپي مؤرخن ايلئٽ، انسائيڪلوپيڊيا برٿانيڪا ۽ انسائيڪلوپيڊيا آف اسلام جا لکندڙ، سمن کي راجپوت ٿا سڏين.(7)

سيد سليمان ندوي، پنهنجو ذاتي رايو البت هن طرح ڏنو آهي ته تاريخ بلاذري جيڪا سن 297 هجريءَ جي لکيل آهي، ان ۾ مون کي هڪ فقرو مليو آهي جنهن جو ترجمو هن ريت آهي ته:

”پوءِ سنڌ جي والي دائود بن يزيد بن حاتم مقرر ٿيو. انهيءَ سان گڏ صَمه جو والد ويو هو جيڪو اڄڪلهه سنڌ تي قابض آهي، ڇا اِهو سمجهيو وڃي ته سما اُنهيءَ صَمه جو اولاد هئا. جيڪي بعد ۾ سما قبيلي جي نالي سان سڏيا ويا، جيڪي ممڪن آهي ته ڪڇ ۾ وڃي رهيا هجن ۽ پوءِ وري اُتان سن 752هجريءَ ۾ اچي سومرن جا جاءِ نشين بنيا هجن.(8)

دنيا جي تاريخن ۾ صحيفن ۽ آسماني ڪتابن کانسواءِ دنيا ۾ اوائلي مستند ڪتاب ڪي به ڪين آهن، جن ۾ قديم ماضيءَ جي تاريخ ۽ واقعا ٻڌايل هجن. اوائلي ڪتاب ۽ زميني اهڃاڻ ۽ حقيقتون ٻڌائن ٿيون ته انساني نسل وچ عرب کان دنيا جي ڪنڊن ۽ ڇيڙن تائين پهتو آهي. انڪري انساني نسل جا پيرا به اُتان ئي کڻڻ  کپن. ڇاڪاڻ ته اول دنيا ۾ ٻيڙا مشرق وسط جي ماڻهن يعني عربن جوڙيا. پوءِ ماڻهو ڪي بحري ته ڪي اُتر- اولهه خشڪي رستي دنيا ۾ پکڙيا آهن.

سما پڻ انهن ماڻهن جو هند- سنڌ ۾ گڏيل نسل آهي، جيڪو ايراني يا سام قوم جو پک ٿي سگهي ٿو. ويجهي ماضيءَ ۾ سمن جا ٻه قبيلا يا گهراڻا هئا. هڪ سما ٻيا جاڙيجا، جاڙيجا، ڪڇ ملڪ طرف حڪمران رهيا آهن. سما بعد ۾ سنڌ وطن ۽ سومرن حاڪمن جا جاءِ نشين بنيا.

سمن جي حسب نسب ۽ سندن حڪومت جي حدن ۽ ان وقت جي حالتن تي ڊاڪٽر اسد جمال پلي هڪ تحقيقي مقالي ۾ تفصيلي بحث ڪيو آهي. سندس خيال موجب سما ٻڌ ڌرم جا پوئلڳ ۽ سنڌ جو قديم قبيلو آهي.(9)

سمن 1351ع کان 1521ع تائين ڪڏهن ماتحت ته ڪڏهن خودمختيار حڪومت ڪئي. سما قبيلي جي سورنهن حاڪمن حڪمراني ڪئي. ڊاڪٽر غلام محمد لاکو صاحب، انهن حڪمرانن جا سن وار نالا ڄاڻايا آهن.(10)

سمن جي حڪومت جو پايو وجهندڙ فيروزالدين ڄام اُنڙ هو. ڊاڪٽر لاکو، سمن جي ڄامن جا نالا پڻ ڇنڊڇاڻ بعد درست ڪري لکيا آهن. انهن ۾ گهڻا لائق فائق حڪمران ٿي گذريا آهن. ليڪن هِتي مون کي ان ڄام جو ذڪر ڪرڻو آهي، جيڪو تاريخ ساز حڪمران هو، سڀني سمن حاڪمن کي مٿانئس گهور ڪجي ته به گهٽ.

”لاکـــــا لک سُـــــڄــــن، ڦلاڻـــــيءَ ڦيـــــر ٻيو.“

يا

لاکا لک هئا، تون اگهونڻي گهُون،

جي پَري تنهنجي پُون، سي واهڙ ڪنهن نه واريون.(11)

(شاهه، ڪريمي ڇاپو)

ڄام صدرالدين شاهه سنجر عرف راءِ ڏنو، (1454ه- 1461ع) کان پوءِ سنڌ جي گاديءَ تي هڪ اهڙو بختاور بادشاهه ويٺو جنهن سنڌ کي رنڱي ڇڏيو. هر طرح ۽ هر طرف سُک ۽ آرام، علم امن جا جهنڊا جهولڻ لڳا.

جَکرا جُس کَرا، ٻيا مڙيئي مير،

مٽي ان خمير، اصل هُئي ايتري.

ڄام نظام الدين عرف ڄام صدرالدين شاهه سنجر عرف راءِ ڏنو، سن 866هه/1461ع تي سنڌ جو بادشاهه بنيو. هن جي بادشاهه بنجڻ تي سڀ ماڻهو، عالم، صالح، رعيت ۽ سپاهي متفق هئا. هن خودمختيار حاڪم ٿي سربلنديءَ جو جهنڊو بلند ڪيو.(12) ڄام نظام الدين سموري عوام ۾ پيار ۽ پاٻوهه وچان ڄام نندو سڏڻ ۾ آيو.

هيءُ سلڇڻو ۽ سچار شخص اهڙي سَمه بادشاهه بنيو جنهن وقت چئني پاسن ڪڻس جيها لائق فائق، امن پسند، معتبر، من گهريا، مهربان ۽ قدردان حڪمران حڪومتون هلائي رهيا هئا. برصغير جي خطه شايد ڪڏهن ڪو اهڙو امن ۽ سڪون ڀريو وقت ٻيو ڪو ڏٺو هجي. جنهن ۾ هر پاسي خوشحالي، امن، يڪسوئي ۽ آزادي هجي. ملڪ ۾ علم، ادب، برابري ۽ بهتري وارو نظام هجي. هر دل شاد هجي ۽ هر گهر آباد هجي ته وري ذهن ۽ ضمير آزاد هجي.

واهه ڙي نندا، تنهنجو بخت،

راس آيو تو، تڏهن تخت.

ڄام نندي جي وقت ۾ سنڌ جي سڀني پاسن کان به وڏا وِير ۽ اڪابر ۽ امن پسند حاڪم هئا. گجرات تي محمود بيگڙو، ملتان تي حسين لانگاهه، دهليءَ تي بهلول لوڌي، ڪشمير تي سلطان زين العابدين ۽ مارواڙ- جوڌپور تي راجا جوڌا، آزادي، وقار خوداعتمادي ۽ خودمختياريءَ سان حڪومتون ڪري رهيا هئا.

ڄام نظام الدين، دورانديش، پارسا ۽ پارکو سلطان هو. هن پنهنجي حلقي ۾ قابل اعتماد، اعليٰ مدبر، بهادر، دانشمند، عالم ۽ اڪابر ماڻهو گڏ ڪري رکيا هئا. تحفة الڪرام، مقالات الشعراء، حديقة الاولياء، تحفة الطاهرين ۽ ٻين ڪتابن ۽ تذڪرن ۽ تاريخن ۾ اسان کي اڪيچار عالم، بزرگن، مشائخن، محدثن، شاعرن، سالارن جا نالا ملن ٿا. جن علم و ادب، مذهب، حڪومت، معاشري ۽ معاشرت کي گهڻي ۾ گهڻو فروغ ڏنو.

سنڌ جي نيڪنام سلطان جي زماني ۾ بيروني دنيا جي عالمن شاهي سرپرستيءَ هيٺ سنڌ کي علمي فائدو رسايو.(13)

هن خدا رسيده بادشاهه، رڳو مسلم رعايا سان سهڻو سلوڪ نه ڪيو ليڪن سندس درٻار ۾ هندو امير پڻ مان مرتبي موجب اُٿندا ويهندا هئا ۽ حڪومت ۾ نهايت اهم عهدن تي فائز هئا.(14)

هن پنهنجي چوڌاري مجلس خواهه مصلحت، ملڪي ڪاروبار خواهه نظام هلائڻ لاءِ، چيدا چيدا ماڻهو رکيا هئا. هُو وڏو مُردم شناس بادشاهه هو.(15) دريا خان ابتدا ۾ هڪ لاوارث ڇوڪرو هو، بادشاهه منجهس جوهر ڏٺا، سو پاڻ وٽ آڻي پرورش ڪيائينس. معمولي ملازم مان اڳتي وڌائي تربيت ڏيئي نيٺ وزيراعظم جي درجي تي رکيائينس.(16) مبارڪ خان ۽ خان اعظم جا خطاب ڏيئي فوج جو سپهه سالار بنايائينس.(17) دلشاد خان، شجاعت ۽ انسانيت ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو.(18) لڪديز وزير پڻ دانشمند شخص هو. بهترين صلاحڪار هو.

ڄام نندو جي بادشاهيءَ جي زماني ۾ سنت نبويءَ جي پيروي ايتري ته پابنديءَ سان ڪئي ٿي ويئي، جو مسجدن ۾ جماعت سان نماز پڙهڻ جو دستور اهڙو ته رائج ٿي ويو هو، جو ننڍا خواهه وڏا مسجد ۾ اڪيلي نماز پڙهڻ کي پسند نه ڪندا هئا.(19)

هُو امن پسند حاڪم هو، هر هفتي گهوڙن جي طنبيلي ۾ وڃي گهوڙن جي پيشانيءَ تي هٿ ڦيري چوندو هو ته اي بختاورو! جهاد کانسواءِ اوهان تي سواري ڪرڻ نٿو چاهيان.(20) سندس دؤر ۾ اسلام جي اشاعت ۽ نبوي سنت جي تمام گهڻي پيروي ٿي.(21)

ڄام نندو خود ايترو پاڪباز ۽ متقي شخص هو، جو جڏهن قاضي عبدالله جي جنازي پڙهائڻ لاءِ چيو ويو ته نماز اُهو شخص پڙهائي جنهن پنهنجي اوگهڙ نه ڏٺي هجي، شعور جي عمر ۾ اچڻ کان پوءِ بنا وضو آسمان ڏانهن نه نهاريو هجي، اگرچه ان وقت ساموئي- ٺٽي ۾ ڪيترا پير، فقير، صوفي ۽ بزرگ موجود هئا، ليڪن اهي وصفون فقط سنڌ جي سلطان ڄام نظام ۾ موجود هيون.(22) هڪ روايت مطابق پير سيد مراد شيرازيءَ جي جنازي نماز به ڄام نظام ئي پڙهائي.(23)

سندس هيٺينءَ رباعي مان پڻ سندس سيرت ۽ ڪردار تي روشني پئي ٿي:

اي آنک تُرا نظام الدين مي خوانند

تو مفتخري که، مَرا چنين مي خوانند!

گر در رَهِ دين از تو، خطائي رَفته

شک نيست که تُرا کافر لعين مي خوانند(24)

ڏيهي توڙي پرڏيهي محققن ۽ مؤرخن، ڄام نظام الدين جي شخصيت توڙي حڪومتي نظام کي واکاڻيو آهي. جنهن ۾ امن، سڪون، اخلاص و اخلاق، ايمان، اعتقاد، نيڪوڪاري ۽ خير و برڪت جو دور ليکيو ۽ لکيو آهي.

ماثر رحيميءَ جو مصنف لکي ٿو ته: سنڌ ڇا؟ بلڪه سموري هندستان ۾ جهڙس ديندار، متقي ۽ صاحبِ فضيلت بادشاهه ڪونه ٿيو.(25)

ڄام نظام الدين جي دؤر ۾ سنڌ ۾ هر شعبي ۾ ترقي ٿي، هاري توڙي پورهيت، واپاري توڙي حاڪم ملڪي ترقي جي واڌاري لاءِ ڪوشان هئا. زراعت ۾ بهتري آئي ۽ وڻج واپار ۾ وسعت پيدا ٿي. سنڌ جي واپار بحري بندرن ذريعي پرڏيهه سان هليو ٿي، هن ڄام جي زماني ۾ متعدد واهه به کوٽايا ويا.(26)

ڄام نظام الدين، ننگر ٺٽي کي نئين ترتيب و ترڪيب سان جوڙايو، جيڪو اڳ خسته حال هو، هن بادشاهه جي دور ۾ سنڌ جي تهذيب و تمدن برصغير ۾ مشهوري جا جدا جدا محلا اڏيا ويا، ڄام جي ڪوششن سان ٺٽو، بغداد ۽ دمشق جو مدمقابل بنيو. مڪلي ۽ ساموئي صوفين، سالڪن، درويشن، عالمن، اڪابرن جو ديرو هئا. ٺٽو، ستت ايشيا جو دارالعلوم بنجي ويو.(27)

ڄام نظام الدين، اڌ صدي ايشيا جي گلستان يعني سنڌ تي حڪومت ڪئي ۽ 1508ع بمطابق 914هجريءَ ۾ وفات ڪئي. کانئس پوءِ سندس پٽ ڄام فيروز تخت تي ويٺو، ليڪن ڄام نظام الدين کانپوءِ سمن جي حڪومت جو سج لهي ويو.

ڄام نظام الدين جو مقبرو مڪلي ٽڪريءَ تي واقع آهي، هي مقبرو هندي، گجراتي ۽ سنڌي فنِ تعمير جو نادر نمونو آهي، ۽ سڄي مڪليءَ جو نڪ آهي. سمن سميت، سڄي سنڌ کي ڄام نظام الدين ۽ سندس مقبري تي ناز آهي.

حوالا:

1.         سيد سليمان ندوي، عرب ۽ هند جا لاڳاپا، سنڌي ترجمو: رسول بخش تميمي، ص 204.

2.       مير علي شير قانع ٺٽوي، تحفة الڪرام، سنڌي ڇاپو 1976ع، ص 121.

3.       ايضاً، ص 122.

4.       سيد سليمان ندوي، عرب ۽ هند جا لاڳاپا، ص 204.

5.       مولائي شيدائي، تاريخ تمدن سنڌ، ص 363.

6.       ايضاً، ص 103.

7.       سيد سليمان ندوي، عرب ۽ هند جا لاڳاپا، ص 204.

8.       ايضاً، ص 205.

9.       سمان دور- مرتب: ڊاڪٽر خورشيد عباسي، ڊاڪٽر اسد جمال پلي جو مقالو ”سمان دور جو جائزو“.

10. ڊاڪٽر غلام محمد لاکو، سمن جي سلطنت، ص 13.

11.   معمور يوسفاڻي، ست سورهيه ڏهه ڏاتار، ص 95.

12. مير معصوم بکري، تاريخ معصومي، ص 112.

13. حسام الدين راشدي، مڪلي نامو، ص 95.

14. ايضاً، ص 95-96.

15. ايضاً، ص 96.

16.  ايضاً، ص 96.

17. ايضاً، ص 96.

18. ايضاً، ص 97

19. مير معصوم بکري، تاريخ معصومي، ص 113.

20.                             ايضاً، ص 113.

21. ڊاڪٽر غلام محمد لاکو، سمن جي سلطنت، ص 31.

22.                             حسام الدين راشدي، مڪلي نامو، ص 91.

23.                             ايضاً، ص 91.

24.                             ايضاً، ص 92.

25.                             ايضاً، ص 93.

26.                             ڊاڪٽر غلام محمد لاکو، سمن جي سلطنت، ص 32.

27.             مولائي شيدائي، جنت السنڌ، ص 359.

”غزل“ اصل ۾ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنى ”تغزل“ يعني ”محبت جو بيان“ يا ان مان مراد جنس لطيف جو ذڪر آهي. ليڪن ان سان ذري گهٽ هم آواز هڪ ٻيو لفظ ”غزله“ پڻ آهي، جنهن جي معنى وري ”ڪتڻ“ يا ”وٽڻ“ آهي. بهرحال منهنجي ذهن ۾ ان بابت ڪو شڪ شبهو ڪونهي ته اهو لفظ ”تغزل“ انهيءَ ”غزله“ مان نڪتو آهي (سٽ ڪتڻ يا نوڙي وٽڻ) منجهان ئي لفظ جي انهيءَ پوئين استعمال طرف ڌيان وڃي ٿو. اهڙيءَ طرح هڪ ٽيون لفظ ”غِزل“ پڻ آهي، جنهن کي يورپ وارا ”غيزل“ (Geselle) ڪوٺين ٿا، ڪي وري انهيءَ مان لفظ ”غزل“ کي نڪتل سمجهن ٿا، پر جيڪڏهن اهو لفظ ان مان نڪتل ناهي (۽ جئن گهڻو ڪري ناهي) ته به ”غزل“ يعني هرڻ جي ڇال هڻڻ سان غزل جي ليکڪ جي شعري اڏام جي گهڻي مناسبت آهي.

غزل مترنم شاعريءَ جي هڪ صنف آهي، جيڪا اسلام جي آمد کان پوءِ فارسي ادب ۾ گهڻي مروج ٿي ۽ تنهن کان پوءِ وري هندستان جي ادبي زبان اردوءَ ۾ آئي، غزل ۾ گهٽ ۾ گهٽ پنج بيت يا وڌ ۾ وڌ ويهه يا ڪڏهن ان کان به وڌيڪ ٿي سگهن ٿا. مثلاً: فارسيءَ جي مشهور غزل گو شاعر حافظ (1) جي غزلن ۾ پنجن کان سترنهن بيت آهن. غزل سڀني بحرن ۽ وزنن ۾ لکيو وڃي ٿو. البت اهو ضروري آهي ته ”غزل“ جون پهريون ٻه مصراعون هم قافيه هجڻ کپن ۽ ان کان پوءِ هر بيت جي آخري سٽ شروع واري بيت (مطلع) سان هم قافيه ٿيڻ کپي. اهڙيءَ طرح سڄي غزل جو هم قافيه هجڻ ضروري آهي. ڪن غزلن ۾ وري قافيه کان پوءِ هميشه هڪ ٻيو لفظ بار بار ايندو آهي. اهو سڄي غزل ۾ قافيه کان پوءِ ساڳيو ئي لفظ هوندو آهي جيڪو ورجائبو آهي، ان کي ”رديف“ ڪوٺجي ٿو. (هتي علامه صاحب انگريزيءَ ۾ قافيه ۽ رديف ٺاهي ڏيکاريا آهن.)

علامه آءِ.آءِ قاضي

ڪتاب ’صوفي لاڪوفي‘ مرتب: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو

ڀاڱو پهريون، ص 99-100 تان کنيل

 

 

جمال مراد گبول

ميرپور- ساڪرو

 

 

 

غزل

 

اُٿ اُٿي بيدار ٿي تون، ڇڏ صبح ۽ شامَ کي،

خواب غفلت کي ڇڏي ڏي، ڪر ڦِٽو تون جامَ کي.

 

ننڊ نيڻن مان ڪڍي تون، ڪيفَ جي عادت وِسار،

تو ته جهوليءَ پائي جهليو، عيش ۽ آرامَ کي.

 

زِلزلو!! وجهه تون ڪو اهڙو، ڏي دُنيا تُنهنجا مِثال،

غير آ غمگين ٿيو، پهچي چڪو انجامَ کي.

 

کَڻ ڪُهاڙي پاڻ سان، ۽ تيز تَر تلوار تون،

مار! خنجر ساڻ، يا گولي هڻي گُمنامَ کي.

 

باهه جو شعلو تون بنجي، جهور جابَر جو جَبر،

وار ويريءَ تي ڪري، برباد ڪر بدنامَ کي.

 

ماري ڇڏ مَروان موذي، پاڙ ڇڏ تِنهنجي پَٽي،

جنهن وِڌو خطري ۾ آهي، پنهنجي اَڄ اسلامَ کي.

 

ننگ، حَيا ناموسَ وڪڻي، ٿي نه ڌارين جو غُلام،

تو لڄايو آهي پنهنجي، ديس جي ڇو نامَ کي.

 

ڪر قَلم جي جنگ جاري، جوش ۽ جولانَ سان،

تنهنجي جذبي جوش جي اڄ، ڀَل خبر پئي عامَ کي.

 

تُنهنجي حالت تي آ پاتو، عرش اڄ ڪارو لباس!!!

رَنج رسيو آ حال هِن تي، چَرخ نيلي فامَ کي.

 

ڪالهه جي تُنهنجا نه ٿيا، تون آسرو تن جو نه ڪَر،

دردِ غم! جن مان ٿيو حاصل، غرق ڪر اُن گامَ کي.

 

شالَ روشن ٿئي نُمايان، جابجا تُنهنجو ’جمال‘،

عرش تي پَرور پُڄائي، تُنهنجي هِن پيغامَ کي.

 

ناز لطيفي

 ڀٽ شاهه

 

غزل

 

صاحب طرح: مخدوم زاده جميل الزمان

ڪتابن جا ميلا لڳائي ڇڏياسين،

محبت جا ميلا مچائي ڇڏياسين.

 

اسان کي محبت ۾ سڌڙيا نه پهتا،

ڪَئين ڪُوهَ پوئتي ٿَڪائي ڇڏياسين.

 

جڏهن ها ڪئي هن اسان وٽ اچڻ جي،

پڙها پوءِ پرين جا گهُمائي ڇڏياسين.

 

محبت لا دنيا سڪي پئي مگر هت،

”محبت جا ميلا لڳائي ڇڏياسين.“

 

توسان ويهي ڪهڙا نبيرا ڪيان مان،

سڀئي جهيڙا جهڳڙا تو آئي ڇڏياسين.

 

اچانڪ پرين سان بنان شرط پرچي،

دنيا وارا حيران بنائي ڇڏياسين.

 

نير عشق جا پائي نيهن کي اُجاري،

اڳيان پويان عاشق ملهائي ڇڏياسين.

 

جواني ۾ جذباتي قدمن کڻڻ سان،

پرايا ۽ پنهنجا رنجائي ڇڏياسين.

 

ڏسڻ ۾ برابر هي ڏٻرا آهن پر،

هماليه مثل ڀي هِلائي ڇڏياسين.

 

نه ٺهنو هيو هو ٺهي پوءِ ڀلا ڪئن،

هليا جيڪي حيلا هلائي ڇڏياسين.

 

جي راهِه صنم تي عدوءَ هوا وڇايا،

سي خارِ مُغيلان هٽائي ڇڏياسين.

 

ساقي هٿان جام پيئندي بزم ۾،

عدو جا ته ڇڪا ڇڏائي ڇڏياسين.

 

قحط العشاقي ۾ منصور جو سُنهن،

اسان دار اڄ ڀي سجائي ڇڏياسين.

 

سَڃا جئن ئي سڄڻن ها ناوڪ نظر جا،

جگر دل نشان لاءِ اُڏائي ڇڏياسين.

 

عمر ڀر جي فائدن ۽ ترقيءَ جا موقع،

سڀئي دل لِڳي ۾ وڃائي ڇڏياسين.

 

رشڪِ غزالان کي ساقي بنائي،

شرف مئڪده جا وڌائي ڇڏياسين.

 

مسيحائي وٽ آ دوا جان بلب جي،

سڀئي نسخا ٻيا آزمائي ڇڏياسين.

 

علي ئي ڪندو ’ناز‘ مشڪل ڪُشائي،

جَنبَ جهن جي در تي ڪمائي ڇڏياسين.

 

الله بچايو مشتاق آريسر

 ميرپورخاص

 

 

 

 

 

نظم

ڌڻيءَ در التجا

وري شل واءُ اهڙوڪو، وري جو دل ٺري منهنجي،

مديني پاڪ ڏي مالڪ، وري قسمت ڪري منهنجي.

 

نبي صه جي در تي حاضر ٿي، ڌڻي جي در تي ٻاڏائي،

دعائون خيرو برڪت جون، گهُرڻ ٿي دل گهُري منهنجي.

 

طلب منهنجي کي مالڪ تون، اگهائي توڙ تي پُهچاءِ

رهي ٿي روز و شب تنهنجي، حياتي آسري منهنجي.

 

گُناهن جي مداين جي، ملي معافي، خطائن جي،

مدد تنهنجي سان مالڪ شل، سدا ٻيڙي تري منهنجي.

 

بُراين، شِرڪ، بدعت کان، بچائي مونکي موليٰ شَل،

ڌڻيءَ جي ذِڪر ۽ اذڪار ڏي پئي دل ڦِري منهنجي.

 

چڱائي جا، ۽ نيڪي جا، عمل شب روز پيو ڪريان،

خدا شل روز شب جهولي، ڀلاين سان ڀري منهنجي.

 

وڃائي واٽ جي ويٺا، اُهي رڻ ۾ رُلي ويڙا،

سڌي رستي ڏي سالم واڳ، هرپل پئي وري منهنجي.

 

گهران ’مشتاق‘ ٿو معافي، مدايون ميٽ تون منهنجون،

مدد تنهنجي سوا هڪڙي، نٿي ساعٽ سري منهنجي،

 

حمد باري تعاليٰ ۾

ڪرم تنهنجي سوا ٻيو ڪو، سهارو  ڪونه ڪو آهي،

جهان ساري جو مالڪ تون، نه توکان ڪو وڏو آهي.

 

سڄي مخلوق کي خلقي ۽ پالين ٿو، جيارين ٿو،

سڀن کي تنهنجو هر پل آسرو آهي، اجهو آهي.

 

تون جنهن کي چاهين عزت ڏين، تون جنهن کي چاهين طاقت ڏين،

سٻاجها تنهنجي رحمت جو، سڀن کي ڀروسو آهي.

 

سچو تنهنجو ڪلام آهي، سچو هر واعدو تنهنجو،

خدايا تنهنجي قدرت جو، نه پانڌ ۽ ڪو پَرو آهي.

 

ڪروڙين ڪائناتون ٻيون، ڪرم پنهنجي سان پالين پيو،

نه ڪنهن کي تنهنجي قدرت جو، نه ڏس ڪو ۽ پَتو آهي.

 

تون هر ڪنهن جان جي اندر، صفا تون ساهه کان ويجهو،

مدد هر دم رسڻ جو آسرو، بالڪل پڪو آهي.

 

سچو تون ئي سڄڻ آهين، سچو محبوب صه تنهنجو پڻ،

ڪلام پاڪ جو هر حرف، پُختو ۽ سچو آهي.

 

سڏي محبوب صه پنهنجي سان، سليا تو راز ۽ رمزون،

خدايا ڪارخانو تنهنجي قدرت جو ڳُجهو آهي.

 

سڏايان تنهنجو ۽ محبوب صه تنهنجي جو پيو ’مشتاق‘،

يقين آهي مون رستو چونڊيو، سڀ کان ڀلو آهي.

 

ادل سومرو

سکر

 

 

 

 

 

 

بيت

 

اهڙو جوڙ جهان، جتي نه هجن نفرتون،

ياد ڪندي تون ٿر جو، مسڪين جهان خان،

بڻجي وڃ درمان، انسانيت جي گهاوَ جو!

----

زندگي جا سلسلا، رڪجي سگهندا ڪينڪي،

اڳتي وڌندا ٿا رهن، عاشقن جا قافلا،

هارجن نه حوصلا، مرحلا ويندا هي گذري!

----

لکي نعرا ڀت تي، سوچي ٿو ورڪر،

اڃان تائين ڇو جهريل، آهي منهنجو گهر،

خوشحاليءَ جو در، ڪڏهن کُلندو مونتي!

----

هڪ پاسي درياهه، ٻئي پاسي هي رُڃ آ،

استحصالي دؤر ۾، ويڳاڻو ويساهه،

سرمائيداري ساهُه، کڻڻ نه ڏيندي سک سان!

----

ڀرجهلو ٿيندا، پنهنجي دلبر ديس جا،

جڏهن به ڏکيا ڏينهڙا ڌرتي ڏنگيندا،

رستن تي ايندا، ڏاها پنهنجي دؤر جا!

----

ڳولي ٿو انسان، آشتيءَ ۽ امن کي،

کيس ڪري بيچين ٿو، اندر جو حيوان،

سندس ئي وجدان، موٽائي ٿو ماڻهپو!

 

سمنڊ کي سوداءُ، آهي پنهنجي عمر جو،

جبل جهونا ٿي ويا، هيڻو جهيڻو واءُ،

مٺڙي منهنجي ماءُ پوڙهي ٿيندي ڪينڪي!

----

راڳي شهنشاهه، فقيراڻي رنگ ۾،

ڪامل هئو جنهن کي، ڪلام ۾ ويساهُه،

اڀاريو اُتساهه، جنهن نئين فنڪار ۾.

(استاد منظور علي خان)

----

سسئي ناهي زندگي، موت نه آهي هوت،

ٿيندا ناهن فوت، جيڪي جيئندا مانَ سين!

----

ٻڏي ويئيون جهوپڙيون، درد ٻڏا پر ڪين،

بي گهر ڪي مسڪين، ٻڏا انهيءَ سوچ ۾!

----

تنهنجي ڪرسيءَ هيٺيان، آهي اونهي کڏ،

جتان ڪيئي سڏ، توکي ڪوئي ٿو ڪري!

----

ڌرتيءَ سان عشق جي، گذري هڪ صدي،

شعور جي ندي، اڃان آبياري ٿي ڪري!

 

شبنم گُل

حيدرآباد

 

 

 

 

 

 

دروازي تي رھجي ويل ھٿن جو ڇھاءُ

ھڪ ڳوٺ ھو منھنجو

اھو ڳوٺ اڄ به آھي

پر ماڻھو ساڳيا ناھن رھيا

ڳوٺ خوبصورت لڳندو آھي

 ڳوٺ واسين  جي  من جي

 سونھن جي ڪري

اھي ماڻھو ھليا وڃن ته ڳوٺ

ٿي پوندا آھن اوپرا ۽ ويڳاڻا

ڳوٺ جا سمورا منظر

ساڳيا نه رھيا آھن

جيڪي ڪڏھن اڳوڻن

رھندڙن جي دل جي روشنيءَ

۾  جرڪندا ھئا ڪرڻن وانڱر

ڪنول جا گل گلابي سمورا

ڳوٺ جي تلاءَ ۾ جھومندا ھيا

جن تي ڦيريون پائيندڙ ڀنورا

۽ پوپٽ  پرن جي رنگن سميت

ذھن ۾ نظم جو خيال بڻجي

احساس ۾ مھڪندا رھيا سدائين

سياري جون تيز ٿڌيون راتيون

نم جي پنن مان ليئا پائيندڙ

چنڊ جي روشنيءَ ۾ ماضيءَ

۾ گم ٿيل روحن جا پاڇولا

۽ اڱڻ ۾ ٻرندڙ باھ جي منظر جي

چوڌاري ويٺل ڀاتين جا ٽھڪ

ڳوٺ جي مخصوص خوشبوءَ ۾

جذب  ٿي يادن جي صورت

ذھن ۾ محفوظ ٿي ويندا ھيا

ڳوٺ جو اھو گھر جنھن ۾

بابا ، چاچا ، ڏاڏي،  پُڦيون ۽

ٻيا ڪيترا ساھ گھوريندڙ

پيارا رشتا ھيا رھندا  ۔۔۔۔۔

سڀ ھڪ ھڪ ڪري ويندا رھيا

اڻڄاڻ ديس ڏانھن جتان

ڪير ناھي وريو اڄ تائين

پر مون کي ياد آھي ڳوٺ جو

 اھو وڏو ڪاٺ وارو در

جنھن کي بابا باربار ڇھيو ھوندو

ان در تي بابا جي ھٿ جو

ڇھاءُ اڄ به موجود  ھوندو

اڄ ڳوٺ ۾ منظرن سان گڏ

لڳي ٿو ڄڻ ته احساس جي ڇڪ به

وڃائجي وئي آھي دور ڪٿي

پر اڄ به در مان آٿت جو ھڪ

پنھنجائپ ڀريو پل

سڏيندو رھي ٿو!

*

پُراڻي رِلي

پراڻي رليءَ ياد ڏياري ڇڏيا

ڳوٺ منھنجي جا انيڪ منظر

رليءَ جي ھر ٽڪنڊي ۾ ھئا

ياد جي پيچرن جا وڃايل پيرا

امڙ جي چولي ۾

احساس جي ڇانو

ھڪ ٽڪنڊي ۾ بابا جي قميص

جا اداس ھئا ويل وقت جا رنگ

ننڍپڻ جا اھي ڏينھن

پراڻن ڪپڙن ۾ لڪل ياد جا

ڪيترا  مھينا ڪيترائي سال

رليءَ جي رنگين خانن ۾

محفوظ آھن ۔۔۔۔

اڄ به رليءَ جي ٽڪنڊن ۾

اچي  پئي امان جي ھٿن جي خوشبو!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org