عبدالرحمٰن ’عبد‘ خاصخيلي
صوفي فقير
مرحوم گُلو
فقير خاصخيلي
جهوڪ شريف جي سلسلي جو لوڪ
شاعر ۽ راڳي
واديءَ سنڌ جوهي سپوٽ مرحوم ومغفور محترم گل
محمد... عرف ’گلو فقير‘ ولد متل فقير ذات خاصخيلي
ڳوٺ صوفي فقير تعلقي عمرڪوٽ ضلع ٿرپارڪر ۾ سن
1305هه ڌاري ڄائو.
مرحوم گلو فقير
جيئن ته پاڻ تمام غريب ۽ مالوند ماڻهو هئو تنهنڪري
پاڻ پهرين صوفي فقير جي اسڪول ۾ سنڌي پنج درجا ۽
قرآن شريف پڙهڻ بعد مال چارڻ لڳو ڪافي وقت کان
پوءِ وري هاري بيٺو، پر زماني جي لاهين چاڙهين سان
وڙهندي هارپي کي ترڪ ڪري، صوفي حاجي محمد فقير جي
ڀانڊاري جي سنڀال ڪرڻ لڳو، گلي فقير تي ٻن بزرگن
جو اثر هو هڪ صوفي حاجي محمد ۽ ٻيو صوفي قلندربخش
شهيد رح هو. انهي اثر جي ڪري نهايت بيباڪ حق گو
سچار هوندو هو. گلو فقير نهايت اعليٰ دماغ هوندو
هو. کيس ڪيترن ئي شاعرن جو ڪلام ۽ درويشن بابت
ڳالهيون ياد هونديون هيون ۽ سڄو ڏينهن پيو بيت
ڏيندو هو. فقير صاحب هڪ وڏو سگهڙ، داناء، ۽
وينجهار به هو. هر ڪنهن بيت يا ڪافي جي معنيٰ ۽
سمجهاڻي اهڙي ته سهڻي نموني سمجهائيندو هو جو
ٻڌندڙ واهه واهه کان سواءِ رهي نه سگهندا هئا،
فقير صاحب جواني ۾ نڙ تي بيت به ڏيندو هو.
هن سانوڻ فقير سان گڏ ٻين جا بيت به ڏنا ۽ سانوڻ
فقير بابت ڪئين ڳالهيون ٻڌائيندو هو. ۽ صوفياڻو
راڳ به ڪندو هو. فقير صاحب ڪجهه وقت نصيرفقير
جلالاڻي جي درگاهه تي راڳ ڪيو.
فقير صاحب کي راند سان به لئون لڳل هئي. راند ڪندي
لااله اله الله جو ذڪر بلند آواز سان ڪندو هو.
پوءِ چاهي اها مٽڪو هجي يا جهمر يا کڻي ڏانڊيو هجي
راند جو ڏاڍو ڪاريگر هو بعضي ته وجد طاري ٿي ويندو
هوس. کيس اهو شوق آخر عمر تائين رهيو.
فقير صاحب تمام نيڪ ۽ پرهيزگار هوندو هو. پاڻ
سنجهوري مان شادي ڪئي هئائون، کيس ڪو به اولاد
ڪونه ٿيو. پنهنجي ڀائٽي محمد جمن ولد محمد اسحاق
فقير کي ’پٽيلو ڪري رکيو هئائون جيڪو سندس پٽ
وانگيان ٿي رهيو. گلو فقير ’جهوڪ شريف‘ ۽ ’صوفي
صادق فقير‘ ٻنهي درگاهن تي ٿيندڙ صوفيانه راڳ جو
جهيلي هئو. راڳ جي سلسلي ۾ محمد جمن ولد اسحاق
فقير جي به تربيت ڪيائون. محمد جمن عرف جمعون فقير
پڻ ٻنهي درگاهن تي صوفيانه راڳ جو جهيلي هئو. بعد
۾ صوفي صادق فقير جي درگاهه تي ٿيندڙ صوفيانه راڳ
جو اڳواڻ ٿيو. هن راڳ جو ذڪر ۽ ترتيب ڪتاب راڳنامو
۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ڪتاب ’وڙهيا واڳيا
واپريا‘ ۾ راڄ محمد پلي صاحب ڪئي آهي. گلي فقير
پنهنجي ڀائٽي ’جمعي فقير‘ کي
مرحوم جمعون فقير، درگاهه صوفي صادق
تي سماءَ جي موقعي تي |
صوفي صديق صادق جي ڪلام جو هڪ نسخو پڻ تيار ڪرايو
جنهن جي هڪ ڪاپي، جمعي فقير ڊاڪٽر اسد جمال کي
تحفي طور ڏني هئي، جمعون فقير بورچي به هو، ڪاريگر
هو. صوفي صاحب جي درگاهه تي ڀانڊارو رڌيندو هو.
جمعون فقير 1929هه ۾ ڄائو ۽ سندس وفات 2013-9-11
تي ٿي. سندس چار فرزند عبدالرحمٰن (راقم الحروف)
محمد سومار، گل محمد (گلو فقير) ۽ خميسو حال حيات
خوشحال آباد آهن ۽ ساڳي فقيري مزاج سان
نوازيل آهن. هن وقت درگاهه تي راڳ جو اڳواڻ فقير
محمد الياس ولد حڪيم عبدالحميد ماجد اهروي آهي.
گلي فقير سچ چوڻ جي ڪري ڪيترا ڀيرا ڇڙٻون به
کاڌائين ۽ ميارون به مليون پر فقير پنهنجي ڳالهه
تي قائم رهيو. فقير صاحب هميشه گيڙو رنگ جا ڪپڙا
پائيندو هو هميشه اچي شلوار مٿان گيڙو پهراڻ ۽
پٽڪو ۽ گيڙو چادر ڪلهي تي هوندي هئس لٺ هٿ ۾، قد
جو ڊگهو رنگ جوڳورو باڊي هلڪي سنهي سرو وانگر نڪ
ڊگهو، اکيون وڏيون ڪجليون ۽ گول هئس.
پاڻ گهڻو فاقاڪثي ۾ گذاريندو هو. ۽ تمام سادگي سان
رهندو هو. آخري ڏينهن ۾ فقير صاحب پاڻ به شعر
چوندو هو. صوفي فقير جي علم دوست ۽ شاعر شخصيت
محترم محمد ابراهيم ’پرواز‘ چيو ته پيريءَ واري
وقت ۾ مونکي پنهنجو دوست ڪري رکيو هئائين. هڪ
ڏينهن مون ڏٺو ته فقير صاحب جا پُٺا اگهاڙا هئا،
جنهن تي مون پڇيو ته فقير صاحب قميص ڪونه ٿا
پهريو! جواب ڏنائين ته جڏهن خداپاڪ موڪلي، تڏهن
پهربي، اهو ٻڌي ٻئي ڏينهن آئون قميص لاءِ هرک وٺي
کيس ڏيڻ ويس پر افسوس ته اهو ٻئي ڏينهن سندس ڪفن ۾
ڪتب آيو. هي بزرگ 81 سالن جي عمر ۾ 29 ذوالعقد
1386هه مطابق 11 مارچ 1967ع ۾ هن فاني دنيا مان
هميشه لاءِ هليو ويو. ”انالله واِنا اليہ راجعون“
گلي فقير جي شاعري: مرحوم گلي فقير کي آخري عمر ۾
شعر چوڻ جو اچي شوق جاڳيو ته هن مرد- مانجهي
ڪيترائي بيت، وايون ۽ ڪافيون چيون. جن مان جيڪي
ڪجهه هٿ لڳو تنهن کي هت عرض رکان ٿو. مرحوم گلي
فقير جي شاعريءَ جي شروعات سندس هڪ عزيز شاگرد علي
ڏنو ولد عبدالله کان ٿي جيڪو ٻيڙي خاصخيلي جي ڳوٺ،
تعلقي ساماري جو رهاڪو هو ۽ گلي فقير جي سڳي ڀاءُ
محمد اسحاق فقير جو ڏوهٽو ۽ امام بخش جو ڀاڻيجو
هو. هو صوفي فقير جي اسڪول ۾ پڙهڻ لاءِ ايندو هو،
جتي سندس ناني جو گهر هو جتي کيس روزانو مکڻ ماني
ملندي هئي. سندس اسڪول کان گسائڻ جي حالت کان
متاثر ٿي ساڻس مخاطب ٿيندي گلي فقير رح هيئن ڪلام
چيو ته:
علي ڏنو تون آهين. مکڻ مانيون ٿو کائين.
(1)
جڏهن وڃين اسڪول ۾ ماستر کي چوين سائين علي ڏنو
تون آهين.
(2)
ڊوڙيو وڃين گهرن جي پويان، لڪيو ليئا پائين....
(3)
جڏهن اچي ٿو ناني وٽ، ڪوڙا ڪوڙ ڳالهائين....
(4)
پيرين پيو امام بخش کي چوين، منهنجو ماما نالو
ڪڍائين،
(5)
عرض گلي جو الله اگهائي، اسڪول سڀ وسائين....
مرحوم گلي فقير رح جي ڪلام ۾ هڪ اهڙو ڪلام پڻ هلي
ٿو جيڪو پنهنجي مرشد صوفي فقير صادق رح جي شان ۾
چيل آهي ۽ ان ۾ مناجات جو رنگ پڻ آهي ڪلام هن طرح
آهي.
وائي
سڻ صادق منهنجو سڏ، مون ويهي پنهنجو وقت وڃايو
(1) لڪ لنگهي پرئين پار تي، طالب ٿيا آهن
گڏ.......
(2) پتنگن وانگر پاڻ جلايو، سوري تي ڪن سڏ.....
(3) روئندي روئندي رات گذاري آهيان ڏوهاري
ڏڏ......
(4) چرکو آهي، چُور ٿيو هيڻان ٿيا آهن هڏ......
(5) عرض ”گلي“ جا الله اگهائي، اَهُريا مديني
گڏ.......
آڪٽومبر 1959ع ۾ جڏهن مڇرن جي تپ، مليريا زور ورتو
ته فقير کي به بخار اچي ويو. پاڻ بخار جي حالت ۾
زماني جي اوڻاين جو فڪر ڪندي پنهنجي مرشد صوفي
فقير صادق رحه جي حضور ۾ پنهنجو فرياد هن طرح ڪيو
اٿن.
صادق شاهه ڪڍ تپ کي تڙي تون، جنهن مونکي
ڇڏيو آهي ماري.
(1) ڏنگ مڇر ٿيا موڪ ملڪ ۾، سيون هيائون چاڙهي،
گوار گدرا خوب کاڌاسون، تنهن تي ٻرو آيو ٻهاري.
(2) ڊاڪٽرن آهي ڍونگ مچايو، پيا آهن لالچ لاري،
لهندي شرط هو ائين چون ٿا، من وجهو ڪو ماري.
(3) سگريٽن آ سينو ساڙيو، گانجي وڌو آهه ڳاري،
پان ۽ ٻيڙيون پن جا مليا، آندو سون امل اڌاري.
(4) حالت ملڪ جي ابتر آهي، ڪو ڪنهن کي ڪين پچاري،
عرض ”گلي“ جو سڻ تون سائين، وڃ هي صوفي شهر سڌاري.
مرحوم گلي فقير رح کي مديني جي ايتري ته حب هوندي
هئي جو سدائين اهڙو ذڪر ڪندو رهندو هو. فقير صاحب
جي مليل ڪلام ۾ تصوف جي تعليمات کانسواءِ واقع
نگاري ۽ روحاني رمزون پڻ ظاهر آهن. عشقِ رسول سندس
ڪلام جو محور آهي. ظاهر خواه روحاني طور سندس ڪلام
جا سڀ اشارا ۽ ڪنايا، مديني جي مير ڏانهن آهن. هڪ
ڪلام ۾ فرمايو اٿن ته:
نيلن جا جهلڪارا، رات ڏٺا مون خواب ۾.
(1)
جتي پانڌي پاڻي پين ٿا، وسن سي اوطارا.
(2)
حج پڙهان عرفات تي پهچي، احمد جي آڌارا.
(3)
ڏسان مڪي جون ماڙيون، ٻيا محل چڱا موچارا.
(4)
مونکي مولا مدينو پسائين، جتي مرسل جا منارا.
(5)
روضو چميان وڃي رسول جو، جنهن جي چائنٺ تي چمڪارا.
(6)
عرض گلي جا سڻ هي سائين، سنڌ تي ٿين وسڪارا.
آخري وقت ۾ کين جهوڪ شريف عرف ميرانپور جي ڏاڍي
تانگهه هوندي هئي جيئن هڪ ڪلام ۾ فرمايو اٿن ته:
وائي
هلو ته ميرانپور هلون، ڇڏيون دنيا جون ٽلون.
(1)
شاهه ميران ڏي پنڌ ڪيو جن، تن تان لهي ويون جهلون
(2)
ميرانپور ۾ ميخوارن کي، ڀرجيو ملن ٿيون ڇلون.
(3)
جيڪي پانڌي جهوڪ ڌڻين جا، معاف انهن تان ڍلون.
(4)
”گلا“ اهي آهن غازي، جيڪي وجهن پاڻ کي پلون.
آخر ۾ سندن صوفيانه شاعري مان ڪجهه ڪلام ڏجن ٿا.
وائي
لنگ ٻڌائون لال، جوڳي هليا هنگلاج ڏي
(1)
سامي ساڌو برن ۾ رهن ٿا. مڙهيون ڇڏيائون مال
(2)
ڪاشي، گنگا، جمنا جي وچ، سنت ڪن ٿا سوال.
(3)
رام ڪرشن، ڪرشن ڪارو، ڪرشن ڪنهيالال
(4)
واٽن ويندي پورب پڇيائون، سي لاهوتي لال.
(5)
عرض ”گلي“ جا سڻ تون سائين، ڪر ڀلارا ڀال.
وائي
سڪندي ٿيا ٿم سال، روئان من راضي ٿئي.
(1)
پکا پکن سامهان، مارو چارن ٿا مال.
(2)
پٽ پٽيهر توکي نيبهه، اسين لويون اوڍيون لال.
(3)
ڪڍ ڪنگالڻ ڪوٽ مان، ڀانيان تنهنجا ڀال.
(4)
ڪر ”گلي“ جون بخش خطائون، سائين سڻي سوال.
ڪافي
کنوڻيون کنون ٿيون، اڄ کاهڙ تي، ڪڪرن جون
ڪارون ملڪ موهر تي.
1. عمر جي اڊي لڏا لاٿائون، سڏ ۽ واڪا پاڻ ۾
ڪيائون،
ويٺا وڃي ڀٽ جي ڀر تي.
2. مارو موهر ڏي ڪري هليا ڪاهون، وڃي ويڙهين ۾
اجها اڏيائون،
لڏا لاٿائون پائر کان پَرَتي.
3. سانگين آهن سانگ رچايا، وانگي منهنجا ويجها
آيا،
ڀيڙا ٿيا ڀائر ٿاريلا ٿر تي.
4. ”گلا“ اباڻا ويٺا آهن گڏجي، ڀٽن جي ڀرتي امن ۾
اڏجي،
ڏسو ڏاڏاڻان، ڏاڪي ڏهر ٿي.
ڪافي
هُت منهنجو ملڪ ملير، ڪيئن ڪٽيان هت قيد ۾.
(1) مينهن وٺا آهن گاهه ڦٽا، مارو وڃن پيا ملڪ
ٽٽا،
آئون منجهه ظلم زنجير.
(2) مکڻيون ۽ ٻيا مرٽ مانڌاڻا، سڀ هنڌ ساوا آهن
ساماڻا،
ڳاڱيون، ڳم، ڳنڍير.
(3) ڪونڀٽ روهيڙا ٻائر ٻيريون، ساري سڀئي ٿيون آهن
ڀٽن تي ڀيڙيون،
آئون هت آهيان اسير.
(4) رويو ڪريان پئي عرض ۽ آهون، ”گلو“ چئي هت درد
مان دانهون،
ثابت رک منهنجو سير.
ڪافي
قلب کي ناهه قرار، مارن لئي دل آهي ماندي
(1)
آهم آس اباڻا ايندا، وٺي نال نماڻي سي نيندا،
سائو آهن سنگهار.
(2)
ڪوئلون، تاڙا، چتون ۽ چيها، اچيو ڪن ٿا پاڻي تي
پيها،
ٻي طوطن جي آهه تنوار.
(3)
منهنجا مارو سڀئي سياڻا، گڏجيو ٺاهين ڀونگيون
ڀاڻا،
ڌڻ سان سونهن ڌنار.
(4)
عرض ”گلي“ جا الله اگهائي، مارئي مارن سان نيئي
ملائي،
صاحب رب ستار.
ڪافي
ڀانيان آگ انار، کاڄ اسان جو ڪُريون ۽ ڪَچريون
(1)
سادا سودا سانگي سياڻا، رهن ڍنگهر جي ڍار،
ڇوڙي ڇڏيون اٿن ٻڪر ۽ ٻڪريون.
(2)
ڦوڳ ڦلاريا گرڙ ۽ گولون واسي سڀ ولهار،
وسن وڃيو جتي ڪاريون ڪڪريون.
(3)
پسيون ڏونرا پڪا ۽ پيرون، مَڪ چڱي موچار،
چاڙهي چوڙيليون سايون سڱريون.
(4)
”گلا“ گڏجان گاموين سان، پائر پوءِ پچار،
کايان وڃي اتي چٽڻيون چهريون.
ڪافي
عمر ڄام امير- ڪڍ بندياڻي بند مان
(1)
کڻائي کوهه مٿان، آندو هت تقدير.
(2)
پٽ تنهنجي کان وڌ وڻي ٿي، لڱن تي لوئي لير.
(3)
ٿڌڙي ٿڌڙي مهڪ ملير جي، هينئڙي وڻي ٿي هير.
(4)
ٻڌي، ”گلي“ جا عرض ۽ آزيون، زيريون ڀڃ زنجير.
فقير صاحب جي مختصر ڪلام جو مطالعو اها ڳالهه واضح
ٿو ڪري ته سندس ڪلام ۾ وڏي سلاست ۽ رواني آهي،
سندس مشاهدو وسيع آهي ۽ موسيقي جون پابنديون به
ڪلام ۾ جهلڪن ٿيون. افسوس اِهو آهي ته هن بزرگ جو
باقي ڪلام هٿ نه اچي سگهيو آهي نه ته مارئي
وانگيان ٻين لوڪ داستانن جون جهلڪون به پسي سگهون
ها.
هن مقالي جي تياري لاءِ مون معمور يوسفاڻي صاحب جو
هيٺين اڻڇپيل مسودن تان مواد کنيو آهي:
مددي ڪتاب:
(1) تذڪره شعراء عمرڪوٽ ’معمور‘
يوسفاڻي
(2) ٿرپارڪر جي ادبي تاريخ
’معمور‘ يوسفاڻي
(3) ٿرپارڪر جي تاريخ (زيراشاعت)
’معمور‘ يوسفاڻي
(4) تذڪره شعراء صوفي فقير (قلمي) ’معمور‘
يوسفاڻي
راوي:
هن مقالي جي تياري لاءِ مون کي صوفي فقير
جي هيٺين راوين پڻ مواد هٿ ڪرڻ ۾ مدد ڪئي:
(1)
محمد ابراهيم پرواز سروري (اديب ۽ شاعر فقير صاحب
جو صحبتي)
(2) عبدالخالق ”آزاد“ سائيناڻي (اديب ۽ شاعر)
(3) محمد جمن خاصخيلي (سگهڙ ۽ راڳي)
(4) حڪيم عبدالمجيد ماجد اهروي (شاعر ۽ اديب)
(5) محمد لقمان خاصخيلي (سگهڙ ۽ سڄاڻ)
(6)
استاد محمد صالح سائل نهڙي (شاعر)
مددي ڇپيل ڪتاب:
(1)
راڳنامو ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ
(2)وڙهيا واڳيا واپريا مصنف: راڄ محمد
پلي/مرتب: ڊاڪٽر اسد جمال پلي
(3) جيڪي
آهي اڄ ٻارڙا پبليڪيشن عمرڪوٽ،
مرتب: اسد جمال پلي
مهراڻي جا مور معمور يوسفاڻي |