ڪافي |
|
هِن دُکيل دل درد ونديءَ تي دُونهان
دَم دَم دُکن، |
|
سوزَ ۾ سينو سَڙي ٿو، جوش ۾ جيرا
جَلن. |
|
قُرب مان ڪانگا قريبن، کي وڃي ڪر عرض
هي، |
|
اچ سِگهو ديدار تنهنجي، لَئه اکيون
منهنجُون سِڪن. |
|
وَڻ وطن جا تو سَوا، آهِن اُداسيءَ ۾
عَجيب، |
|
ڇا چَوان توکان سَوا، ويران ٿيو سارو
وَطن. |
|
آهي اُڻ تَڻ روز ”اسلم“، کي رَهي
تنهنجي اُڪير، |
|
تون وري موٽي ملين، هي غم لهي دل تان
وَڃن. |
|
ڪافي |
|
درد دل تي ٿا دُکن، دلبر ڪِٿي ۽ دل
ڪِٿي، |
|
ڌار ٿيس محبوب کان، محبوب ڪِٿ محفل
ڪِٿي. |
|
جنهن چمن ۾ گُل ۽ بُلبُل جون رهاڻيون
ٿي ڏِٺم، |
|
سو چمن برباد ٿيو، اڄ گُل ڪٿي بُلبُل
ڪِٿي. |
|
قافلو اُميد جو، ڀٽڪي ٿو رڻ ۾ دربَدر، |
|
راهه ڪٿ رهبر ڪٿي، مقصد ڪٿي منزل ڪٿي. |
|
عشقَ جن جي مصر جو، نالو ڪيو مشهور
هو، |
|
اڄ اُها ليليٰ ڪٿي، مجنون ڪٿي محمل
ڪٿي. |
|
جنهن زماني ۾ هُئا، رنگين محفل جا
مَزا، |
|
تون ئي چئو ”اسلم“ اُها، محفل رَهي اڄ
ڪلهه ڪٿي. |
|
مسدس |
|
آرزو دل ۾ رَهي ٿي، دوست جي ديدار جي، |
|
مه جِبين محبوب جي، ۽ مهلقا منٺار جي، |
|
ڇا حَقيقت اڄ ٻُڌايان، دل سندي آزار
جي، |
|
ڪجهه تقاضا ڪين آ، انڪار جي اقرار جي، |
|
|
اڄ تميز هي ڪٿي؟ گُلشن ۾ گُل ۽ خار
جي، |
|
قابل آ رحم، حالت، عندليبِ زارَ جي. |
هِن نظامِ دور ۾، سڀ صبر سان سهڻو
پيو، |
|
ڀل لُٽي ڪو دل جي دولت، ماٺ ۾ رهڻو
پيو، |
|
زندگيءَ جي دؤر ۾، بس ڏاند جئين وهڻو
پيو، |
|
درد ۾، تڪليف ۾ مُشڪل اندر ڳهڻو پيو، |
|
|
ڪهڙي حالت اڄ ٻڌايان، هن دلِ مسمار
جي، |
|
|
ڪيئن ڪريان پنهنجي، زبان سان مان
شڪايت يار جي. |
|
مون تي آيا خارزن، دنيا ۾ ڪيئي
اِنقلاب، |
|
دل کي سَريا رنج وغَم، ۽ دردَ دُک ۽
اِضطراب، |
|
ڪنهن جي دل زخمي ڪرڻ، آهي حسينن وٽ
ثواب، |
|
زندگيءَ جي اِمتحان ۾، مان ٿيس
ناڪامياب، |
|
|
پرک اڄ مشڪل سان پوندي، يار ۽ اغيار
جي، |
|
|
چالبازي اڄ هلي ٿي، دوست تنهن دلدار
جي. |
|
يا خُدا دنيا ۾ تُنهنجيءَ، مون سَٺا
سَوَ دردَ غَم، |
|
اضطرابي، انتظاري، بيقراري ۽ اَلم، |
|
هر تقاضا جو ڪري، مون خُون چٽيو آلبم، |
|
آرزو دل ۾ نه باقي، آهي سڀ ڪُجهه ٿيو
خَتم، |
|
جيڪا قدرت آهي سا سڀ، توئي خلقڻهارَ
جي، |
|
”ڪيئن ڪريان آئون شِڪايت، چرخ ڪج
رَفتار جي“ |
|
شاعرِ فطرت جي لَئي، ماحول آ
ناسازگار، |
|
زندگيءَ جي دؤر ۾، ٿيا سڀ مسائل
پيچدار، |
|
هر قدم تي ٺوڪرون، ۽ هر نظر ۾
اِنتظار، |
|
هر گهڙي آهي ڪَشاڪش، هر مراحل خارزار، |
|
|
الغَرض شِڪوه شڪايت، آ سَڄي سنسار جي، |
|
|
هڪڙي لَحظي ۾ ڪمائي، ٿي وڃي صد بار
جي. |
|
ڪين ڪر آه و فَغان، ڪجهه ڀي نه اڄ
”اسلَم“ رهيو، |
|
ڪو سَهارو ڪين آهي، ڪو نڪو همدم
رَهيو، |
|
جي رهيو ڪُجهه تان فقط، دلبر جو دل ۾
غم رَهيو، |
|
زلف هاءِ! دوست ۾، اڄ ڪين پيچ وخم
رَهيو، |
|
|
ڪين ٿي سگهندي ڪَڏهن، تڪميل ڪنهن
درڪار جي، |
|
|
ڪر پُڄاڻي هاڻ اي، شاعر تون هِن
اَشعار جي. |
|