شاهه مردان شاهه
ڇاڇرو
غزل
پرين پرتل ھجي، دنيا سندي درڪار ڪھڙي آ؟
حڪم ان جو ھلي ھرجاءِ، ٻي سرڪار ڪھڙي آ؟
پرين پيدا ڪيا، سج چنڊ تارا ۽ نکٽ نوري،
مگر نوري نظاري کان، سوا جھلڪار ڪھڙي آ؟
جھان ساري جا جلوا، سڀ انھيءَ جو نور ئي
آھن،
مھابي مير جي ڏس تون، جُڙي جنسار ڪھڙي آ؟
نه
آ تعريف جي طاقت، نه
ساري سگھ سگھان ٿو ڪا،
ملڪ ماڻھو ۽ جن جيڻا، چتن چونگھار ڪھڙي آ؟
لکين محبوب جا ٿورا، مڃي
’مردان‘ مدامي پيو،
ڀلا سردار ڌاران ٻي، ھُتي آڌار ڪھڙي آ؟
غزل
کڻي خط کي خوشي مان، تون ڏجان ڪانگا قريبن کي،
پکي پهچي پئي پيرين، ڏجان نياپو نجيبن کي.
ڪري پرواز تون جڏهن وڃي پنهنجن پيارن وٽ،
ٿجان حاضر ٻڌي هٿڙا، وڃي چئجان وسيلن کي.
نماڻي ڪنڌ اڳيان نرمل، نماڻو ٿي نِمي چئجان،
سڪايل جا سنيها ڏج، سڀئي ساري صبيحن کي.
چوان جيڪي اٿئي چوڻو، وڃي جنهن سندي منهن تي،
هتي جو حال هي سارو ڪجان حاضر حبيبن کي.
ڪِري قدمن قريبن جي، ڪجان ڪانگا وڃي ڪارون،
گهري معافي ’مردان‘ لئه، مڃائج تون مجيبن کي
عاجز ڪريم پوري
دڙو
بيت
وَٺا مينهن مُلڪ تي، ڪري ميگهه ملهار!
وانگي هليا سڀ وَس تي ڪاهي ڌڻ ڌنار،
ڦُٽا گاهه گَسن تي، ٿيا چهچٽا چؤڌار،
سُکيو رکج سنڌ کي تون صاحب ربّ سَتار،
ڏڪار لاهي ڏيهه تان، آڻ ساڻيهه ۾ سُڪار،
سَرها رک سنگهار! تون سائين مُنهنجي سنڌ جا!
آگم اُڀريا اُڀ تي، وَٺا مينهن وڏا!
سائي ٿي اڄ سنڌڙي ! فصل ٿيا ڀَلا،
وانگي هليا وس تي ڪاهي ڍور ڍڳا،
مؤلا! ڪر ڀلا، سدا مُنهنجي سنڌ تي!
سدا مُنهنجي سنڌ تي مولي! مينهن وسائي!
اُتر، لاڙ، ڪاڇو، ٿر، ڀِٽون سڀ ڀِڄائي،
راڱا ڏئي سنڌ کي، پوٺا پٽ پُسائي،
ڏُڪار لاهي ڏيهه تان، تون سُڪار کي ڄمائي،
بي گهر! سڀ سجائي، ڏوٿِي مُنهنجي ڏيهه جا!
وَٺا خوبُ سنڌ تي مانڊاڻ ڪري مينهن!
ٿيا خوش سانگي لَٿا ڏُڪار ڏينهن،
نچن جهومن نينهن، سدا مُنهنجي سنڌ ۾!!
خليل عارف سومرو
جوهي
غزل
مِٽيءَ عاشقيءِ کي ڄڻيو،
مِٽيءَ شاعريءَ کي ڄڻيو.
مِٽيءَ سان ملي جو مِٽي،
مٽيءَ زندگيءَ کي ڄڻيو.
مٽي مان جُڙيو چنڊ هو،
مِٽيءَ پَرٿوي کي ڄَڻيو.
ستارا مِٽيءَ مان ٺهيا،
مِٽيءَ هر نديءَ کي ڄڻيو.
مِٽيءَ موهه ۾ مَنڊ هو،
مِٽيءَ روشنيءَ کي ڄَڻيو.
مٽيءَ مان ڦُٽا سُر سڀئي،
مِٽيءَ راڳڻيءَ کي ڄَڻيو.
مِٽيءَ سُونهن سُرهاڻ ۽،
مِٽيءَ آگهيءَ کي ڄَڻيو.
مٽيءَ ماءُ عارف بَڻي،
مِٽيءَ هن ڪويءَ کي ڄَڻيو.
طارق امام جوڻيجو
ڪوٽڙي
غزل
هن جي تخليق ڪا شاعراڻي هئي،
۽ طبيعت بڻي عاشقاڻي هئي.
هانء ۾ هٿ وڌم آه نڪري وئي،
ڳوٺ ۾ خوبرو ڪا سماڻي هئي.
مشڪ هن جو بدن زعفران چپ هئا،
ان جي نالي چٺي مون اماڻي هئي.
سامهون ايندي ئي هن جو جهڪائي نظر،
پيار جي هڪ جهلڪ بس اڏاڻي هئي.
چنڊ چانڊاڻ هئي نور ئي نور هو،
صاف سنڌو جو ڄڻ هوءَ ته پاڻي هئي.
دل جي ڌڙڪڻ سان دل هن جي ڌڙڪي پئي،
ڪينء چوان عشق کان هو اياڻي هئي.
جوڳ ئي جوڳ هو روڳ ئي روڳ هو،
ان جي دنيا لٽي جا نماڻي هئي.
عشق آڙاهه ۾ جان جيرا جليا،
هوش ۾ ڪين انڌي جواڻي هئي.
ورق ماضي سندا واءُ اُٿلائيا،
چوٽ تازي نه ’طارق‘ پراڻي هئي.
قادر بخش مخلص چانڊيو
دڙيلو
غزل
عشق جي پالوٽ سان، ڪا جوت جاڳائي ڇڏيون،
همنشين هِن بزم کي، ڪو رنگ نئون لائي ڇڏيون!
جا ڪري ڪاري ڇڏي، ڪيني قدورت دل سڄي،
سچ جي صيقل هڻي، سا صاف جرڪائي ڇڏيون!
پاڻ مان ڪو غير سان ڇو، غير سان ڇو پاڻ مان،
نئين نسل کي غير کان، دوري ئي وٺرائي ڇڏيون!
نعره تڪبير سان، سڀ شرڪ جا ٻاري اڏا،
هت امن، اخلاق جا، ڪي ڳوٺ ورسائي ڇڏيون!
هن ڪيا ٿورن مٿي ٿورا، نه ٿورا سي چئون،
جي نٿا لاهي سگهون، ته به ڳڻ اُهي ڳائي ڇڏيون!
جو ٿو يارن کي وڇوڙي، ۽ ڪري ’مخلص‘ جدا،
تنهن ڪميني کي ڪکين ۾، ڪان ڪڙڪائي ڇڏيون!
خليل کوسو
ٽنڊوالهيار
مناجات
(ٻاجهه تنهنجي ٿي کپي)
ان کان اڳ جو، روح منهنجو ڪو جهپڻ وارو جهپي،
ان کان اڳ جو، لحد ۾ لاهي ڏيم ڪوڏر لپي،
ان کان اڳ جو، قبر کي ڪانڌي وڃن ٺاهي ٺپي،
ان کان اڳ جو، ڏينهن قيامت قهر جو ڪاڙهو تپي،
ٻاجهه وارا ٻاجهه ڪر، بس، ٻاجهه تنهنجي ٿي کپي.
سر نمايان صبح سانجهي، سُڻ تون سائل جا سوال،
حيثيت ڪا منهنجي ناهي، هي آ هيڻي جو حوال،
زندگي منهنجي زوالي، ذات تنهنجي لازوال،
شل نصيبن ۾ ٿيئي ڪو، ڪفن ساڍا پنج وال،
قبر جو ناهي ڏٺل گس، ٻاجهه تنهنجي ٿي کپي.
تو ڪيا سنسار ۾، جي سُڃا هئا، ساوا سُکيا،
ٿو ڪرين معشوق ڪن کي، دُود ڪِن دل تي دُکيا،
جي ڌڻي محلات جا، سي تو ڪيا بي گهر بُکيا،
ڏات تنهنجي کان سواءِ، ڏينهن ٿيا، منهنجا ڏُکيا،
منجهه انڌاري رين ۾ رس، ٻاجهه تنهنجي ٿي کپي.
جان ۾ ناهي جهلو، ويندس هليو هڪ ڌڪ ۾،
تون هلائين، ٿو هلان، نه ته پيو لُڏان ڪنهن لڪ ۾،
واءُ لڳندي ايئن لڳان، ڄڻ جهوپڙي ڪا جهڪ ۾،
عمر ساري وئي اجائي، بيهودي ۽ بڪ ۾،
گولڙو واري ڪرين گس، ٻاجهه تنهنجي ٿي کپي.
ڪن کي بيماريون بڇين، ڪن کي ڪرين ٿو چاڪ تون،
خان ٿو ڪن کي ڪرين، ڪن کي ڪرين ٿو خاڪ تون،
تون بنائين ٿو چريو، کولين عقل جا طاق تون،
تنهنجي طاقت جي اڳيان، تابان سڀ ٿيون طاقتون،
وس پڄندي آهيان بيوس، ٻاجهه تنهنجي ٿي کپي.
يا خدا آهيان خطائي، ۽ خطائون ٿيون گهڻيون،
پر خطائن کان به وڌ، تنهنجون عطائون ٿيون گهڻيون،
مون خطائون، تو عطائون، ’ڪيا بتائون‘ ٿيون گهڻيون،
برڪتون بي انت ڇا ڇا، مون تي ڇائون ٿيون گهڻيون،
قلب منهنجي تان لهي ڪس، ٻاجهه تنهنجي ٿي کپي.
اُڀ زمينن جي اندر، آگا هلي تنهنجو امر،
منجهه امر هي قطب تارا، ڪهڪشان ۽ سج قمر،
ٻير، ٻٻرُ ۽ ڪنڊا، توڙي هجن ٻيلا تمر،
زلزلا، طوفان، ٻوڏون، ڇا ڏسان ڇانيل ڇمر،
ٻيا نه، لاري تو لڳس، بس ٻاجهه تنهنجي ٿي کپي.
تون ڇپر ۽ ڇانورو، آئون ڇِنو ۽ ڇورڙو،
ڀاڻ تي شل آڻ تون، ڀٽڪيل ڀُليل هي ڀورڙو،
قُرب شل قادر ڪرين، آهيان ڪمينو ڪورڙو،
اُٺ ڪي ناهن عقل جا، پر ٿوهي ۾ ٿورڙو،
ڏيهه ڏاگهي کي چڱو ڏس، ٻاجهه تنهنجي ٿي کپي.
معاف ڪر مُشڪلڪشا، ڪپرن ڪنارن جا ڌڻي،
ڳورڙن ۽ ڀورڙن، اڇڙن ۽ ڪارن جا ڌڻي،
بحر بر ۽ ڀِٽن جا، ڏونگر جي ڏارن جا ڌڻي،
مالٽي، انگور ۽ صوفن، انارن جا ڌڻي،
مينهن کان وڌ ٿو وسين وس، ٻاجهه تنهنجي ٿي کپي.
ڏوهه شل ڏاتار بخشين، ٿو چوي ’کوسو خليل‘،
تون سِڌي رستي هلائين، رحم ڪر ربِ جليل،
تون قبولڻهار قادر، مون ڪمائي ڪئي قليل،
نعمتون تنهنجون نشانبر، ڇا لکان تن جا دليل،
ڇا ڪندا ڪاغذ قلم مس، ٻاجهه تنهنجي ٿي کپي.
نم ناز
ٽنڊو جان محمد
نعت
گُناهن جي ملي معافي، نبي سردار جي صدقي،
قبوليو هي دعا منهنجي، مِٺي منٺار جي صدقي!
نبي جي آ رضا جيڪا، اُها ساڳئي خدا جي آ،
مدينو جلد ڏيکاريو، سخي ڏاتار جي صدقي!
سڳوري جي ڄمڻ سان ئي، جهالت ٿي ختم ساري،
جهان ۾ روشني آئي، سڄڻ سرڪار جي صدقي.
عنايت خاص رب جي ٿي، سڏيو ويو عرش تي آقا،
عطا روزا نمازون ٿيون، سچي سالار جي صدقي!
بشر توڙي ملائڪ ڀي، فدا سرور مٿي سارا،
جهڪائي سر ڇڏيا پنهنجا، فقط ديدار جي صدقي!
نبين ۾ آ اُتم اعليٰ، جهان هِن هُن جو آ مالڪ.
ملي معافي ٿي هر هڪ کي، يتيمن يار جي صدقي!
رکيو مونکي وڃي هُن جي، غلامن جي غلامن ۾،
اِهو حاصل ٿِئي رتبو، پِرين پڳدار جي صدقي!
حقيقت حال منهنجي جي، پرين سڀ پاڻ ڄاڻي ٿو،
تمنا من ٿئي پوري، اُمي انوار جي صدقي!
نوازش سرس ڪر مون تي، منهنجو هر ڪم ٿِئي آسان،
صدائون سُڻ سندم سائين، سندي دلدار جي صدقي!
پڙهي قرآن مولا جو، ڪري وٺ قلب کي روشن،
مليو اِنسان کي تحفو، سچي آڌار جي صدقي.
پڙهي صلوات جو هُن تي اُنهي کي غم نه ويجهو آ،
گذاري ’ناز‘خوش ٿو سو، سُهڻي مختيار جي صدقي!
غزل
اڄ حسن سان اک ملائي ٿو ڏسان،
ڀاڳ پنهنجو آزمائي ٿو ڏسان.
درد کي بس ٿورڙو پاسي رکي،
ڪجهه گهڙي لئي مُسڪرائي ٿو ڏسان.
دلربا جي شاهي محفل ۾ وڃي،
ڳالهه دل جي هڪ ٻُڌائي ٿو ڏسان.
اڄ اکين جي ميڪدي مان جام پِي،
هوش پنهنجا سڀ وڃائي ٿو ڏسان.
عشق ۾ اڄ پير ٽانڊن تي رکي،
خود کي آوي ۾ پچائي ٿو ڏسان.
پيار جي خيرات مَنَ ڏيئي ڇڏي،
پيار لئي دامن وِڇائي ٿو ڏسان.
سونهن هُن جي تي لکي سُهڻو غزل،
مرتبو هُن جو وڌائي ٿو ڏسان.
تيل ڏيئي جو کٽو، ناهي فڪر،
لڙڪ پنهنجا سڀ جلائي ٿو ڏسان.
’ناز‘ کي سڀ پيا چون ڀل بت پرست،
سونهن آڏو سر جهڪائي ٿو ڏسان.
غزل
اڄ يار جي ساراهه ۾ تحرير لکان ٿو،
هڪ نازنين جي ناز جي تفسير لکان ٿو.
گُلڙن کان وٺان سونهن، وٺان چنڊ جي چانڊوڪي،
انمول مِٺي مُحب جي تصوير لکان ٿو.
زلفن جي سڄڻ ڇانوَ ۾ شل قيد هجان مان،
هُٻڪار گهٽائن جي ٿڌي هير لکان ٿو.
نيڻن جا هڻي تير، عشاقن کي ڦٽي ٿو،
سي قرب جا سڀ دام ۽ زنجير لکان ٿو.
ديوانو ٿي مان هُن جي مُحبت ۾ ڦِران ٿو،
هڪ رات ملاقات جي تاثير لکان ٿو.
گستاخي ٿي هڪ ڀيرو سندي لال لبن سان،
ميوات مِٺي چاهه جي انجير لکان ٿو.
جوڀن به جڏهن مست، ٿيو ڇلڪي پوي ٿو،
سيني ۾ آروپار لڳي تير لکان ٿو.
هڪ خواب ۾ محبوب جهجهو پيار ڏنو هو،
’نم ناز‘ انهي خواب جي تعبير لکان ٿو.
روبينه ابڙو
لاڙڪاڻو
غزل
طوفان ۾ پکيءَ جيئن سَٽجي اچي پڳو هو،
مشڪل گهڙيءَ جيان هو ڪَٽجي اچي پڳو هو.
بادل جيان هميشه هلندو رهيو مٿان کان،
۽ واٽ تي گُلن جيئن ڇَٽجي اچي پڳو هو.
درزيءَ سِبيو اُنهيءَ کي، ڌوٻيءَ کان گُم ٿي ويو،
ڪپڙن جي هُو وڳي جيئن مَٽجي اچي پڳو هو.
پنهنجي هٿن سان پهريان هُن پاڻ کي هو پوکيو،
۽ پوءِ پاڻ مان ئي پَٽجي اچي پڳو هو.
ميري لباس اندران هُو پاڻ کي ڇنڊيندو،
محبوب جي مِٽيءَ مان لَٽجي اچي پڳو هو.
پهريان ته وڌندو وڌندو وڌندو پي آيو مون ڏانهن،
پوءِ نيٺ گهٽجي گهٽجي گهٽجي اچي پڳو هو.
سرفراز راڄڙ
کپرو
غزل
پُراڻي زماني جون ڳالهيون نه ڇِيڙ،
ڇُٽل ڦٽ جون سهڻا نه ڪڙيون اُکيڙ.
سڏيو بزم ۾ جي اسان کي اٿئي،
ته ڪر مهرباني رقيبن کي ٿِيڙ.
رئڻ، رنج، ارمان ۽ حَسرتون،
محبت ڪري هي مُڪا مون ڏي ميڙ.
اها دل جنون جنهن ۾ ٿيو جائگِير،
ڇڏي ڏي چريءَ کي زياده نه ڇِيڙ.
وڏيرپ ۾ ڳالهيون وڏيون ٿيون کپن،
رڳو ڪو ضروري وڏو ناهه ڦِيڙ.
ڪِري جيڪو پاڻهي ٿو ڪُن ۾ پوي،
انهيءَ کي نه هٿ ڪو اچي گهاٽ گهيڙ.
ڪا لالاڻ پسجي رخِ يار جي،
”فراز“ اڄ مڃي محب جي منٿ ميڙ.
وسيم سومرو
(نواب شاهه)
غزل
هاڻ سو گَهر نه سا ماڙي گهر جِي،
ڇا ڏَسيان توکي مُهاڙي گهر جِي.
تو نه سمجهيو، نه ڪوئي مون سمجهيو،
گهُر ڪندي خاڪِ اُماڙي گهر جِي.
تون ڍڪڻهار ٿيءُ، ڏاهو ٿيءُ!
ڪو ڍڪيندءِ نه اُگهاڙي گهر جِي.
وڻ ڏئي دانهن ۽ دانهي ڪنهن تي،
پئي وڍي جنهن کي ڪُهاڙي گهر جِي.
غزل
جدائيءَ جو ڳچيءَ ۾ ڀاڳ آهي، هار پارايو،
اسان هارائي توکي، آ! سڄي دنيا کان هارايو.
ڏيئي جي وَٽ ٻاريسون ته چمڙن کي لڳي ڪاوڙ،
ائين هو آڱرين کي روشنيءَ جي آس مارايو.
اڃا تائين محبت جي پٺيان آهيون، سفر ۾ جنهن،
هو ڪنهن کي سير ۾ ٻوڙيو، هو ڪنهن کي مال چارايو.
اسان فطرت جيان ان کي، سدائين پيار سان پاليو،
ڪڏهن جنهن زهر پياريو ۽ ڪڏهن هو رَت کارايو.
اهائي ڀُل هئي پنهنجي، اهوئي ڏوهه هو پنهنجو،
برابر ڳالهه پنهنجيءَ کي اسان دنيا کان ڳارايو.
’وسيم‘ آڪاس هيٺان پاڻ پنهنجي پنڌ ۾ هئاسون،
نه ڪو ڪمدار هو پنهنجو، نه ڪو پنهنجو هوڪاراي
’راز‘ علي گل ڀٽو
غزل
اسان ڪنهن جا مندا ناهيون، اسان سان دشمني ڇا جي،
ڪندا ڪنهن جي ندا ناهيون، اسان سان دشمني ڇا جي.
ڪڏهن اڻڀو ڪڏهن سڻڀو، گرهه پنهنجي گهران کائون،
چوين پوءِ به سڌا ناهيون، اسان سان دشمني ڇاجي.
اسان کي جيڪي چوڻو آ، اوهان کي منهن تي چونداسون،
گلا پرپٺ ڪندا ناهيون، اسان سان دشمني ڇا جي.
اسان وٽ ڀل اچي رهه، کاءُ پيءُ مهمان ٿي رهه پر،
مالڪ مهمان ڪندا ناهيون، اسان سان دشمني ڇا جي.
اسان جي دل آ ڌرتيءَ سان، اسان جو ساهه سرتيءَ
سان،
امڙ جي سمجهندا آهيون، اسان سان دشمني ڇا جي.
اسان جيڪو ڪندا آهيون، هڙان وڙان ڪندا آهيون،
ڪڏهن ڪندا چندا ناهيون، اسان سا دشمني ڇا جي.
وڏيري جا نه واٺا، ۽ نه ماڻهو مير جا آ آهيون،
اسان رب جا بندا آهيون، اسان سان دشمني ڇا جي.
زين کوسو
وائي
اجرڪ ۾ ملبوس،
هئي ڪا ناري يا پري!
جنهن لئه من جي محل کي،
مون ته ڪيو مخصوص!
سرس سڀن کان سونهن ۾،
من ڪئي محسوس!
ڳولي آئي ڪجهه مان،
دلڙي ڄڻ جاسوس!
هن سان ملڻ کان پوءِ،
ٻئي سان ٿئي نه مانوس!
فقير محمدبخش ضامن
کاڻي (کپرو)
ڪافي
ڌيان ذرو ڪجهه ڌار مسافر، آهين هتي مهمان.
وطن پنهنجو تون ڪيئن وسارين پنهنجا قول ڪيل نه
پارين
تن ۾ رک ڪا تار مسافر، آهين هتي مهمان.
پاڻ پنهنجو ٿو ڪيئن پڏائين، ڏس هت ڪن جو تون ٿو
سڏائين،
نسل پنهنجو تون نهار مسافر، آهين هتي مهمان.
واٽ مليل جا وٺ تون سائي، ڪر نه هتي ٻي ڪار اجائي،
پرت تون پلپل پار مسافر، آهين هتي مهمان.
جن جو آهين تن ڏي تاڻج، وهم ذرو نه دل ۾ آڻج،
سي سگهڙي لهندئي سار مسافر، آهين هتي مهمان.
مُنجهه مَ موڳا ڄاڻ ڪِي ايندا، ’ضامن‘ پيئي نال سي
نيندا،
ٿيندين باغ و بهار مسافر، آهين هتي مهمان. |