سيف الله
خالد يوسفاڻي
عمرڪوٽ
سينگار (نظم)
صفت آهي سڄڻ سهڻي دلي دلدار دلبر جي،
مٺي منٺار، مڻيادار اکين جي ٺار انور جي،
سرو قامت، گلابي رخ، عُنابي چشم اطهر جي،
سمورن سونهن وارن کان سَٻر سرڪار سرور جي،
شَڪر ۽ شهد کان شيرين تر گفتار گوهر جي،
سُبڪ رفتار گلشن ۾ خموچم سونهن پرور جي،
ڪري مدهوش من کي ٿي جهنن جهنڪار جهانجهر جي،
پکڙجي چؤڏسن ۾ ويئي خوشبو مُشڪ عنبر جي،
اکيون لب دخترِ انگور سان ٽمٽار ڇا چئجن،
سڄڻ جي سونهن ۽ سهڻل سندا سينگار ڇا چئجن.
****
ڪڪورين ۾ ڪجل پائي، لبن لالي لڳائي ٿو،
نماڻا نرگسي نرمل، جڏهن ڀي نيڻ چائي ٿو،
ڪري جنسار جانب سو جڏهن جلوا پسائي ٿو،
ڇڏي ٿو شمس شرمائي، قمر پڻ ڪنڌ جهڪائي ٿو،
ويچاري چنڊ ڪامل جون سڀئي واهون وڃائي ٿو،
خوشيون خورشيد جون پل ۾ مٽيءَ ۾ هو ملائي ٿو،
ثريا، ڪهڪشان، زهره کي قدمن ۾ ڪِرائي ٿو،
فلڪ تي ٽمڪندڙ بتيون، اشارن سان اُجهائي ٿو،
جمالِ يار جي جلون سندا جنسار ڇا چئجن،
سڄڻ جي سونهن ۽ سهڻل سندا سينگار ڇا چئجن.
****
سکر جي سونهن پيارا پير تنهنجي جو نه مَٽُ ٿيندي،
نه ڪا مومل نه ڪا سومل سڄڻ توسان سَلٽ ٿيندي،
نه ئي همسر پري رخ ڪا پرين توسان پرٽ ٿيندي،
مقابل زلف تنهنجي جي، نه ڪا ليلان جي لٽ ٿيندي،
پري پيڪر سندئي سامهون گهڻوئي يار گهٽ ٿيندي،
حسد ۾ حور جنت جي، پَچي پڄري ۽ پٽ ٿيندي،
سدا ان سُور ساڙي ۾، چُڙي چُڙڪي سا چَٽ ٿيندي،
ڪري حيلا کڻي ڪيڏا مگر تنهنجو نه مٽ ٿيندي،
دلاري دلربا جا دوبدو ديدار ڇا چئجن،
سڄڻ جي سونهن ۽ سهڻل سندا سينگار ڇا چئجن.
****
ڪلهن سَر وار واسينگن جيان دلبر وهاريا تو.
وکيري قيس ڪارا بادلن وانگر بيهاريا تو،
ڌوئي ڌوپي ڌمالي ڏاه مان ڏنگا ڏيکاريا تو،
ورائي سينڌ وچ مان واهه جا سهڻا سنواريا تو.
نماڻا ناز پرور، ناز نخرن سان نِکاريا تو.
اتر جي پار کان ڪارا ڪڪر ڄڻ ڪي اٿيارا تو،
ڏئي جهٽڪا ڏنگا ڏوڙا وري پٺ تي جو واريا تو.
ڪلاڌاري ڪلهن ڇوڙي، ڪئين مَهجور ماريا تو،
قيامت خيز ڪارا، ڪاڪلِ خمدار ڇا چئجن.
سڄڻ جي سونهن ۽ سهڻل سندا سينگار ڇا چئجن.
****
صفا هيرا، صفا موتي، صفا مَرجان دلبر جا،
لڳن ٿا در جي داڻن کان، ڪثر دندان دلبر جا،
بڻايا ڏند هيرن جيان، صفا سبحان دلبر جا،
اڇا اَڪ جي ڦڙن جهڙا، گوهر گلدان دلبر جا،
چمڪڻا چند تارن جيئن، جرڪن جان دلبر جا،
۽ اجرا عاج کان سائينءَ، سجايا خان دلبر جا،
وڌائين واهه جو ڏس پيا، شرف ۽ شان دلبر جا،
ٻٽيهئي ٻهڪڻا، سينگار جو سامان دلبر جا،
پسِ لب طور جا تجلا، چٽا چمڪار ڇا چئجن.
سڄڻ جي سونهن ۽ سهڻل سندا سينگار ڇا چئجن.
****
رسيلا رس ڀريا کاٽونبڙن کان لال لب تنهنجا،
انگورن کان نرم چپڙا، بڻايا پاڪ رب تنهنجا،
نشيلا نرم نازڪ هونٽ ٻئي جامِ عَنب تنهنجا،
خِمار و ڪيف و مستيءَ جا بڻيا ٻيئي سبب تنهنجا.
شڪر ۽ شهد کان شيرين شفتينِ شرب تنهنجا،
چپن جي چاش ڪارڻ رند آهن مضطرب تنهنجا،
جڙائون جوڙ لعلن جون لڳن قهر و غضب تنهنجا،
هلالِ عيد کان سهڻا ۽ سنهڙا يار لب تنهنجا.
لبالب جام لبِ جانب رمِ رنگدار ڇا چئجن.
سڄڻ جي سونهن ۽ سهڻل سندا سينگار ڇا چئجن.
****
خدا وندا! ڪجائين تون سدائين خير سهڻل جا،
پٽيهر، پٽ کان نازڪ پشمڙا پيرَ سهڻل جا،
ڀلن کان ڀي ڀلا آهن، ڀليرا ڀيرَ سهڻل جا.
عجب انداز سان گلشن اندر ڏس سيرَ سهڻل جا،
سلامي خان ۽ خانان هن هر ويرَ سهڻل جا،
قدم چمندا وتن شاهه و شهنشاه شير سهڻل جا،
قدم بوسي ڪرڻ جي مون پئي آ هيرَ سهڻل! جا،
چُمي چشمن تي چايان ٿو پدمڙا پير سهڻل جا،
معطر مشڪ وعنبر کان پرينَ پيزار ڇا ڇئجن،
سڄڻ جي سونهن ۽ سهڻل سندا سينگار ڇا چئجن.
****
نرم تن ناز پرور جو پٽيهر پٽ بخمل آ،
گلن جهڙو بدن ڄڻ ماڪ جي قطرن سان ڌوتل آ،
پري پيڪر سندي ڪوءِ بتان ۾ هاڪ بل بل آ،
قصو محبوب مڻيادار جو هر جاءِ هر پل آ،
چنبيلي، موتيو، نرگس، گلابي سُوسَني گل آ،
دريارِ حسن ۾ ڏس ٿرٿلا، مانڌاڻ هل چل آ،
نظارا ناز نيڻن جا، صفا ڄڻ مَئي جي جل ٿل آ،
ڪراز دختر انگور آهي يا ته قل قل آ،
سلڇڻي سونهن پرور جا اپر اذڪار ڇا چئجن،
سڄڻ جي سونهن ۽ سهڻل سندا سينگار ڇا چئجن.
****
سجائي سينڌ کي ’پاسا‘، سڄڻ سونا لڳائين ٿو،
چڳن جون چوٽيون ٺاهي ۽ ’ميناڦُل‘ مڙهائين ٿو،
سنواريل سينڌ سهڻي جي وچان ’ٽڪلو‘ ٽڪائين ٿو،
تکي تلوار جهڙي مان سان مشتاق گهائين ٿو،
’چَڳُن‘ جي ڇيهه ۾ موتين جڙيل ’جُهوڙا‘ جُهلائين
ٿو،
قمر کي ڪهڪشان جيئن جڳمگائين جهرمراڻين ٿو،
وکيريل ڪاڪلن کي تون ڪلهن پاسان وَرائين ٿو،
سَلهاڙي زلف چانديءَ جي ’سڳين‘ سان تون سجائين ٿو،
’بَڪل‘ جي ڀاڪرن ۾ قيد ڪارا وار ڇا چئجن.
سڄڻ جي سونهن ۽ سهڻل سندا سينگار ڇا چئجن.
’ڇَلا‘ ’منگليون‘ ۽ هُٿ سَنڪڙا‘، هٿن ۾ يار کي
سونهن،
جڙائن سان جڙيل ’مُنديون‘ ۽ ’ورڻا‘ واهه جا ورڪن،
ڪراين ۾ ’ڪنگڻ‘ سهڻا ۽ ’چوڙيون‘ ڪاچ جون ڇڻڪن،
ٻنهي ٻَانهن ۾ ’چُوڙا‘ عاج جا اُجرا اڇا ٻهڪن،
’پٽا،‘ ٻُانهين ۽ ’بازو بند‘ ٻئي پيا ’چُوڙ‘ سان
چِلڪن،
سراسر سون چاندي سان ڪيا سينگار سوَ سهڻن،
ڀريل ڀَرتيل، جڙيل جوڙو ڪيو آ يار زيب تن،
حسن ۾ حُور و پرين کي وڌو ماري آ محبوبن،
قيامت کان اڳي قيامت سندا آثار ڇا چئجن،
سڄڻ جي سونهن ۽ سهڻل سندا سينگار ڇا چئجن.
****
ڳچيءَ کي سون جي ’ساٽن‘ ۽ ’سنگهرن‘ سان سَجائين
ٿو،
ڪَٺي، ’ڪٺمال، دُهري، واڙلا، کارڪ کِجائين ٿو،
’چندن جو هار،‘ ’ماڏريا‘ ’ٽڪو‘، ’مالها‘ ملهائين
ٿو،
ڪڙيون‘ نُورا ۽ نيور، پولريون‘ پازيب پائين ٿو،
’ڦلي‘، نَٿ، ’بُولڙو‘، ’وينڍو‘ ۽ ’ڪوڪو نَڪَ
نَچائين ٿو،
ڪَنن ۾ واليون، ڦل نسبيون، والا وجهائين ٿو،
اُچا ايرينگ، والا، ڏُرگهلا ڪُڙڪون ڪِڙائين ٿو،
سڳا موتين مڙهيل نيلم وجهي جهرمِر جڳائين ٿو،
ڳچي ۾ لعل ياقوتي ۽ هيرن هار ڇا چئجن،
سڄڻ جي سونهن ۽ سهڻل سندا سينگار ڇا چئجن.
****
الاڙي! عشق هُن جي دل اندر ٻارڻ وڏا ٻاريا،
حبيبن جي حُسن مشتاق مون جهڙا ڪئين ماريا،
مِٺن مرڪي، کلي نظرون کڻي عاشق ڪئين کاريا،
ڪڏهن در تان ڌڪيا دلبر، ڪڏهن سينا سڏي ٺاريا،
لڙي پيا لڙڪ نيڻن مان، اکين پنهنجا سڄڻ ساريا،
پَري پارس پرين توکان ڏُکيا مون ڏينهڙا گهاريا،
اِجها ساوڻ وسڻ جي ڪئي، اجهي وعدا پرين پاريا،
نه ٿي مايوس ’سيف الله‘! سڄڻ مان اوهنيئين هاريا،
وسن جي وڏڦڙن وانگر ڪري وسڪار ڇا چئجن.
سڄڻ جي سونهن ۽ سهڻل سندا سينگار ڇا چئجن.
محبوب علي محبوب ڏيپر
دادو
نظم
لسي سڀ کي ماري وئي
جڳ جو جيءُ جياري وئي،
لسي سڀ کي ماري وئي.
چانهن جي اتي چلي ڪانه،
بوتل هڪ ڀي هلي ڪانه،
شربت ڀي دل جهلي ڪانه،
هي سڀ جي دل ڌوتاري وئي،
لسي سڀ کي ماري وئي.
لسي پيڻ وارا خوش،
هاري جيءَ جيارا خوش،
وڏا ننڍا سارا خوش،
ٽئيم هاري جو ٽاري وئي،
لسي سڀ کي ماري وئي.
سياڻو نه گهر ۾ چاڙهي چانهه،
اندر کي ٿي ڪاڙهي چانهه،
سارو جسم ٿي ساڙي چانهه،
هي گهر گهر ٻارڻ ٻاري وئي،
لسي سڀ کي ماري وئي.
لسي هنيانءُ ٺار اسان جو،
مکڻ آهي يار اسان جو،
ڀاڳيو آ ڀوتار اسان جو،
هي برف هنيانءُ تي هاري وئي،
لسي سڀ کي ماري وئي.
لوڏ ڀلي هڻي لسي،
سڀ کي ٿي وڻي لسي،
هجي جيڪر مڻين لسي،
جا سٺو وقت گذاري وئي،
لسي سڀ کي ماري وئي.
چانهه جيڪي پين ٿا جام،
اسپتال وڃن صبح شام،
ڪهڙن جا مان لکان نام،
جيرا بُڪيون ڳاري وئي،
لسي سڀ کي ماري وئي.
غربت جو ڪري خيال لسي،
سڀ سان ڪري ڀال لسي،
وٺنداسين ڪري سوال لسي،
ائين ئي دل ڌوتاري وئي،
لسي سڀ کي ماري وئي.
سڀ سان آهي چاهه لسي جو،
مکڻ آهي ڀاءُ لسي جو،
هجي جيڪر واهه لسي جو،
جا گهڙيون خوشيءَ جون گهاري وئي،
لسي سڀ کي ماري وئي.
منهنجي دل جي پياري لسي،
آهي جيءَ جياري لسي،
سڀ جي دل آ ٺاري لسي،
هي جام جنتي پياري وئي،
لسي سڀ کي ماري وئي.
ڇيلو ڪڪڙ ڀي وقت طور،
دال پلي هن کان زور،
ملڪ ۾ بصر گهمي گور،
هي سحن ڀاڳين جا سينگاري وئي،
لسي سڀ کي ماري وئي.
ڀلي جڳ ۾ جي ئي لسي،
ننڍو وڏو پيئي لسي،
سارو ملڪ ٿيئي لسي،
جا ’ڏيپر‘ جي دل ٺاري وئي،
لسي سڀ کي ماري وئي.
……موهن، زينب کي پنهنجي ڌيءَ ڪري پاليو هو، موهن
کي ته ڪوبه اولاد ڪونه هو، تنهنڪري پاڙي ۾ رهندڙ
احمد جي نينگري زينب، ٻنهي گهرن جي اکين جو تارو
هئي، احمد به زينب کي موهن جي گهر وڃڻ کان ڪڏهن
ڪينَ نه روڪيندو هو، هوءَ به سڄو ڏينهن هيما وٽ يا
موهن وٽ پئي راند ڪندي هئي، ڪڏهن ڪڏهن، موهن زينت
کي پنهنجي ڪُلهن تي ويهاري، جبل گهُمائڻ وٺي ويندو
هو ۽ پوءِ سڄي واٽ ڪاڪو، ڀائيٽي کوڙ ساريون
ڳالهيون ڪندا هئا.
احمد ته سيٺ نائومل جو مال چاريندو هو، تنهنڪري
زينب کي پڙهائڻ کان عاجز هو پر موهن، احمد سان
وڙهي، زينب کي مڪتب ۾ ويهاريو هو، ڪيترن ڇوڪرن ۾
هي هڪڙي نينگري پڙهندي هئي، احمد جا سڀ مُسلم توڙي
هندو دوست، احمد کي پيا هر گهڙي چوندا هئا ته تون
ٿيو آهين چريو جو نينگريءَ کي ٿو پڙهائين، نينگري
ته آهي پرايو ڌن، توکي اُن مان ڪهڙو لاڀ، موٽ ۾
احمد چوندو هُئن ته سندس ڪاڪي موهن جو راز اٿس ته
پنج درجا پڙهي پوي پوءِ آئون ڪيئن ٿو روڪي
سگهان…………!
زينب، جڏهن پنج درجا سنڌي پاس ڪيا هئا ۽ گڏوگڏ
قُرآن مجيد به پڙهي پورو ڪيو هئائين ته موهن ۽
هيما خوشي ۾ نه پئي ماپيا، پاڙو ته ڇٽو پر سڄي
برهمڻ آباد ۾ مٺائي ورهائي هُئن، هنن پنهنجي پاڙي
۾ پاٺ شالا (اسڪول) وارو ڪم به مڪمل ڪري ڇڏيو هو
ته جيئن زينب پنج درجا پاس ڪندي ته پاڙي جي
نينگرڙين کي ويهي پڙهائيندي پر تقدير کي ڪجهه ٻيو
ئي منظور هو، موهن جا اهي سڀ خواب، انهن تازن
فسادن چڪنا چور ڪري ڇڏيا هئا…………!
سجاد اختر ٽالپر
ڪتاب: ’لال لهوءَ جي سرگم تي‘ (ناول)
ص 56-57 تان کنيل
پرويز
سمنڊ کان
ٿورو اورتي.....!
پوليو جا ڦڙا پيارڻ لاءِ، تعلقي هيڊڪوارٽر ۾ موجود
واحد
R.H.C.
(رورل هيلٿ سينٽر) جي ميڊيڪل ٽيم ’جهنگيسر‘ کان
ٿورو هيٺ ’ڍانڍو‘ تڙ تان هوڙهي ۾ چڙهي سنڌو دريا
جي پڇاڙ ۾ ڊيلٽا تي موجود 15- 20 گهرن تي مشتمل
هڪڙي ڳوٺ ۾ اچي پهتي. اُن ٽيم ۾ اسپتال جي اسٽاف
جا ٻه مرد ۽ ٻه ليڊي هيلٿ ورڪرس
(L.H.W)
شامل هيون، جن ۾ نازان به هئي. ڊيلٽا تي موجود
ڳوٺن ۽ گهرن جي، يا ته اتي جي رهواسي ڳوٺاڻن کي
خبر آهي ۽ يا ته وري انهن ماڻهن کي خبر هوندي،
جيڪي پنهنجن غرضن سانگي اوڏانهن ويندا هوندا.
ڇاڪاڻ ته سنڌو دريا ملڪ جي اهڙي علائقي ۾ عربي
سمنڊ ۾ ڇوڙ ٿو ڪري، جنهن کي ملڪ جي هر حڪومت
نظرانداز ڪندي پيئي اچي. تنهن ڪري سياحت جي بهترين
ماڳن، مڪانن ۽ موقعن مان ڪوبه لاڀ حاصل نه پيو ڪيو
وڃي. اُن سبب جي ڪري دنيا جي سياحن جو هِن طرف
ڪڏهن توجهه ئي ڪونه ٿيو آهي. خير، اِهو سياسي
معاملو آهي ۽ پاڻ ’ڪهاڻي‘ پيا لکون، جنهن ۾ سواءِ
’وندر‘ جي ٻي ڪابه ڪم جي شيءِ لکڻي ناهي!!
نازان جي تازو تازو هن سينٽر تي بطور ليڊي هيلٿ
ورڪر مقرري ٿي هئي. ۽ پوليو جي ٽيم سان گڏجي ڪنهن
ڳوٺ ۾ وڃڻ جو به سندس پهريون موقعو هو. سندس تعلق
ته ملڪ جي سڀ کان سُکئي ۽ آباديءَ جي لحاظ کان سڀ
کان وڏي صوبي سان آهي، پر سندس مائٽ هاري آهن. هن
علائقي ۾ سندن ئي برادريءَ جو هڪڙو ريٽائر آفيسر
ڳچ سالن کان اچي آباد ٿيو آهي، جنهن پنهنجي اعليٰ
سطح جي اثر رسوخ سان ڪيتري ئي زمين الاٽ ڪرائي
آهي. سندس سڀ هاري به اُتان جا آهن. سال کن اڳ ۾
جڏهن کيس وڌيڪ هارين جي ضرورت محسوس ٿي، تڏهن
نازان جي ڪٽنب جي ٻن ٽن گهرن کي گهرائي ورتائين.
نازان 12 ڪلاس پاس هئي. ڪن گهرو مجبورين سبب هوءَ
وڌيڪ پڙهي نه سگهي هئي. جڏهن هتي پهتا، تڏهن سڀني
گهر وارن محسوس ڪيو ته نازان خالي گهر ۾ ويهي وقت
وڃائي رهي آهي، تنهن کان ڇو نه ڪا اڀري سڀري نوڪري
ڪري، ۽ جڏهن اها ڳالهه سندس مائٽن پنهنجي زميندار
تائين پهچائي، ته بنهه دير ئي ڪانه ٿي ۽ نازان
ليڊي هيلٿ ورڪر طور ڀرتي ٿي ويئي. سينٽر تي پهچڻ
کان پوءِ ڪجهه ئي ڏينهن ۾ نازان کي هن عالم آشڪار
حقيقت جي پروڙ پئي ته حاڪم ۽ محڪوم ماڻهن جي
نفسيات ڪهڙي هوندي آهي. توڙي جو هوءَ هڪ ليڊي هيلٿ
ورڪر جهڙي معمولي پوسٽ تي ڀرتي ٿي هئي ۽ هوءَ ڪا
عالم ۽ فاضل به ڪانه هئي، پر پوءِ به هن محسوس ڪيو
ته رورل هيلٿ سينٽر جو سمورو عملو، ويندي ميڊيڪل
سپرنٽينڊنٽ تائين به سندس تمام گهڻو لحاظ رکندو
هو. بلڪ ڪجهه ڊاڪٽر ته سندس خوشامند پڻ ڪندا هئا.
۽ اهو سمورو ڪمال اُن ريٽائر آفيسر زميندار جي
هلندي ۽ پڄندي ۽ دٻدٻي جو هو، جيڪو اُن تر ۾ مشهور
هو.
تڙ تي هوڙهي مان لهي، کين پريان کان ننڍڙين پتڪڙين
جهڳين جي قطار نظر آئي، جيڪا هڪ وسيع ۽ عريض هموار
ڊيلٽائي ميدان تي ٽن چئن فرلانگن جي فاصلي تي
موجود هئي. اهو فاصلو پيدل طئي ڪري، جڏهن ٽيم انهن
جهڳين جهڙن گهرن تي مشتمل ڳوٺ ۾ پهتي، تڏهن نازان
کي خبر پيئي ته اُهي مڪمل گهَرَ، فقط چئن ڪُنڊن تي
کُتل ٿوڻين ۽ انهن مٿان لَڙا رکي، ڇت تي ۽ پاسن
کان ڇِترَ (پَن مان ٺهيل تڏا) ويڙهي، رَسَن سان
ٻڌي، هڪ پاسي کان در جيتري کلي جاءِ ڇڏي، ٺاهيا
ويا هئا. ڇاڪاڻ ته نازان پهريون ڀيرو هتي آئي هئي،
تنهنڪري ڏاڍي حيران هئي ته 12 12 فوٽن تي مشتمل هڪ
ڪوٺي ئي مڪمل گهر آهي ۽ جنهن کي اڳيان ڇاڄو يا
مَنههَ به ڪونهي. ته پوءِ هي ماڻهو رڌ پچاءَ ڪيئن
ڪندا هوندا. واش روم ۽ باٿ روم واريون حاجتون ڪيئن
پوريون ٿينديون هونديون. ۽ گڏيل ڪٽنب واري گهر ۾
هُو زال ۽ مڙس کي گهربل اڪيلائپ ڪيئن حاصل ڪندا
هوندا. اُن ڊيلٽائي وسيع ۽ هموار ميدان تي وڻ ٽڻ
جو نالو نشان به ڪونه هو، ته پوءِ هي ماڻهو چُلهه
۾ ٽانڊو ٻارڻ لاءِ ڪاٺيون ڪٿان آڻيندا هوندا.
چؤطرف سمنڊ جي کاري پاڻيءَ جي گهيري ۾ ويٺل هيءُ
ماڻهو، پيئڻ، وهنجڻ، وضو ڪرڻ ۽ لاشن کي غسل ڏيڻ جو
پاڻي ڪٿان حاصل ڪندا هوندا!؟ گهرن اڳيان بيٺل ڪجهه
ٻڪرين ۽ سندن ڦرن لاءِ گاهه پٺو ڪٿان ايندو
هوندو!! ۽ اُن کان علاوه ٻيون به کوڙ ساريون
ڳالهيون هيون، جيڪي نازان کي حيران ڪرڻ لاءِ موجود
هيون، جن مان هڪڙي انتهائي حيرت جهڙي ڳالهه هيءَ
به هئي ته ان سڄي ڳوٺ ۾ پوليو جا ڦڙا پيئندڙ معصوم
ٻارڙن کان وٺي ڏهن ٻارهن سالن جي عمر جا ڇوڪرا ۽
ڇوڪريون ته موجود هيون. ننڍيون نيٽيون، نوجوان ۽
جوان ڇوڪريون به هيون ته پوڙهيون پڪيون عورتون به
هيون، پر هيڏي ساري ڳوٺ ۾ فقط چار مرد ماڻهو هئا،
جن ۾ ننڍي ۾ ننڍو ٻاويهن سالن جو بادل پڻ هو. ۽ ٻه
گهر اهڙا به هئا، جن ۾ هڪ هڪ بنهه وڏي عمر وارو
پيرسن پوڙهو کٽ جهليو پيو هو. باقي مردن مان ڪا
پهر ڪانه هئي. اُن پوليو ٽيم جي ٻين لوڪل ميمبرن
کي ته خبر هئي، پر نازان نيٺ هڪڙي عورت کان پڇي
ويٺي ته ”اوهان جا باقي مرد ماڻهو ڳوٺ ۾ ڏسجن ڪونه
ٿا. ڪيڏانهن ويا آهن؟ هيڏي ساري ڳوٺ ۾ رڳو ٽي چار
ئي مرد موجود آهن!
”ڌيئڙي، اسان جا مڙسالا دريا (سمنڊ) ۾ شڪار (مڇي
مارڻ) جي ڪِرت ڪيندا آهن. سو سڀيئي ڪِرت تي ويل
آهن. ٻيو ته شڪار تي ويل اسان جا 15- 16 مڙسالا ته
جهلجي وڃي هِندِ جي جيلن ۾ واڙيا آهن، جن مان ڪي
پروڪا ته ڪي ٽيو ورهوڪا ٻڌا پيا آهن. دانهون ڪوڪون
ڪري ڪري ٿڪجي پيا آهيون، پر نڪو اوهي، نڪو واهي تو
ٿينون! هتي جي سرڪار ۽ سريال سکڻا آسرا پيا،
ڏينون، پر ڪن ڪجهه به ڪونه ٿا. باقي وونٽن مال
(مهل) ٽُورا ٿيو بيٺا هوندا آهن، پر رَب سڀني
جوخير ڪندو. الله ۾ آسرو آهي....!
۽ اُهو نوجوان بادل، جنهن پوليو ٽيم لاءِ سندس گهر
اڳيان هڪڙي کٽ رکي، اُن تي هڪڙي نئين ۽ خوبصورت
رنگن ۽ چٽڪين سان ٺهيل رَلي وڇائي وهاڻا رکي ڏنا.
۽ ڇاڪاڻ ته انهن جهڳين اڳيان ڇانوَ لاءِ ڪو ڇاپرو
وغيره ڪونه هو ۽ نه ئي ڪو وڻ ٽِڻ موجود هو،
تنهنڪري کين منجهند جي سج جي اُس ۾ ئي ويهڻو پيو،
پر ايترو هو جو جنوريءَ جي سج ۾ ايتري تپش ڪانه
هئي ۽ پڻ ڏکڻ جي سامونڊي هوا ۾ اُهو تِڙِڪو کين
مزو ڏيئي رهيو هو.
اسٽاف جي چئن ئي ڪارڪنن پنهنجي ڊيوٽي پئي ڪئي.
ٻارڙن کي ڦڙا پئي پياريا ته ڪن کين نشان پئي
لڳايا، ڪنهن رجسٽر ۾ داخلا پئي ڪئي ته ڪنهن
جُهڳيءَ جي ڇتر تي چاڪ سان نمبر پئي لڳايا. پر
نازان محسوس پئي ڪيو ته ساڻن گڏ هلندڙ اهو نوجوان
بادل هَرهرَ وجهه وٺي ڏانهس نهاري رهيو هو. نازان
اهو به محسوس ڪيو ته بادل جي نهارَ ۾ هڪڙي قسم جي
ايڏي ته سڪ، حسرت، التجا ۽ اُڪير سمايل هئي، جو
هوءَ کيس ٻه ٽي ڀيرا نظرانداز ڪرڻ جي باوجود به
مجبور ٿي پيئي ته سندس نگاهن ۾ نهاري ۽ کيس ڀرپور
موقعو ڏي ته هو ڀلي سندس اکين ۾ نهاري، پنهنجي بي
انتها سڪ ۽ اڪير پوري ڪري. هونئن به ’ڪنهن‘ ۾
’ڪنهن‘ جي نهارڻ سان ’ڪو‘ لهي ته ڪونه ٿو پوي. پر
ڪنهن ۾ ڪنهن جي نهارڻ سان ڪنهن جي ’دل خوش‘ ٿي ٿئي
يا ڪنهن کي ’سڪون‘ ٿو ملي، ته ان ۾ ڏوهه به ڪهڙو
آهي!! وري به اسپتال جو زنانو اسٽاف ته پنهنجي
ڊيوٽيءَ جي حوالي سان هر عورت توڙي مرد سان ته
ملندو جلندو رهندو ته آهي! اِهو سوچي نازان بادل
کي فري هينڊ ڇڏيو ته هُو ڀلي منجهس نهاري پيو دل
خوش ڪري! ڳالهه رڳو اِتي ختم ڪانه ٿي، پر ٻه ٽي
ڀيرا لاڳيتو جڏهن سندن نگاهن جو ٽڪراءُ ٿيو، تڏهن
نازان جي من ۾ پڻ وِلوڙ پوڻ شروع ٿي. هن کي به
بادل جي نينهن ڀري نِهارَ ۾ الاهي اسرار نظر اچڻ
لڳا. جيڪڏهن هڪ پاسي باهه جا ڀنڀٽ ٻري رهيا هئا ته
چڻنگ ٻئي پاسي به دُکي چڪي هئي. نازان پڻ جهڙوڪر
بادل لاءِ پنهنجي دل ۾ جاءِ جُڙندي محسوس پئي ڪئي.
دل جو دل سان جڙڻ جو انداز، اتفاق، مهل، موقعو ۽
واردات جو هنڌ ڪيترو نه اوچتو، غير متوقع، چاهيندي
يا نه چاهيندي به، ڪيتري نه لطيف ۽ نفيس لمحن ۾
ظهور پذير ٿئي ٿو! ان حيران ڪندڙ حقيقت جو انڪشاف
نازان تي اڄ ٿيو هو. هڪ موقعي تي بادل جي حسرت ۾
ٻڏل نگاهن ۾ نهاريندي بي اختيار نازان جي ملوڪڙن
چپڙن تي چاهت ڀري مُرڪ پکڙجي ويئي ۽ پکڙجندي ئي
رهي. ۽ نازان کي مرڪندو ڏسي بادل جي حسرت ڀرين
اکين ۾ چاهت جا مٽ پلٽي پيا.
بادل مُهانڊن جو ملوڪ، گهري سانوري رنگ وارو
صحتمند نوجوان هو. سندس پرڪشش اکين ۾ هڪڙي قسم جي
ڏِيا ۽ چمڪ هئي. سندس رنگ جي حساب سان ڳوٺ جا مرد،
عورتون توڙي ٻارڙا کيسُ ’مُشڪي‘ سڏيندا هئا. ۽
مُشڪي جڏهن مُشڪندو هو، تڏهن سندس سنهڙا اڇا ڏند
ڏاڍا ڀلا لڳندا هئا. سندس پيءُ ڪنهن هندوستاني جيل
۾ واڙيل هو. سندس وڏو ڀاءُ شڪار تي ويندو هو ۽ پاڻ
ٻين ٽن چئن همراهن سان گڏ ڳوٺ جي سار سنڀال لاءِ
گهر رهندو هو. ٻين ڳوٺاڻن وانگر اڻ پڙهيل هو،
ڇاڪاڻ ته ان ڳوٺ ۾ شروع کان وٺي ڪنهن اسڪول جو
وجود ئي ڪونهي رهيو.
پوليو ٽيم ته آئي ۽ پنهنجي ڊيوٽي پوري ڪري ويئي به
هلي. پوليو ٽيمون ته ڳوٺ ۾ اڳي به اينديون رهنديون
آهن، پر انهن ۾ نازان پهريون ڀيرو آئي هئي. ۽
مشڪيءَ جا حوصلا به پهريون ڀيرو خطا ٿيا هئا.
واپسيءَ مهل هُو پاڻ وڃي ٽيم کي هوڙهي تي چاڙهي
روانو ڪري آيو هو، پر نازان جي وڃڻ کان پوءِ بادل
جهڙو ٺلهو ٺلهو گهر موٽيو هو. ائين پئي لڳو ته ڄڻ
هُو پنهنجي جسم جو ڪو اهم حصو هوڙهي ۾ ئي ڪٿي ڇڏي
آيو هو. هُو اُها رات ۽ ٻيون به ڪيترو راتيون سمهي
نه سگهيو هو، پوءِ نيٺ هڪ صبحَ هُو هوڙهي تي چڙهي،
نازان کي ڏسڻ جي آس دل ۾ کڻي روانو ٿي ويو. سج
چڙهي آيو هو. سينٽر تي وڏي ڀيڙ ته نه، البت چڱي
چهل پهل هئي. بادل هِتي هُتي جهوتون پائيندو رهيو
۽ نازان کي ڏسڻ لاءِ واجهائيندو رهيو. ٿوري دير
بعد نازان جيئن ئي نرسنگ روم مان ٻاهر نڪتي، تيئن
سامهون ورانڊي ۾ کيس بادل بيٺل نظر آيو. نازان کي
ڏسي بادل ۾ جهڙوڪر نئون ساهه پئجي ويو ۽ سندس
سانورن چپن تي مرڪ مُرڪڻ لڳي. ۽ نازان اچرج مان
کيس ڏسڻ لڳي. ۽ پوءِ وڌي وٽس آئي ۽ حيرت مان پڇڻ
لڳي:
”ڇو بادل، خير ته آهي، تون سينٽر تي ڪيئن آيو
آهين؟ توسان گڏ ٻيو ڪير آهي؟ ڪنهن پيشنٽ (مريض)
سان گڏجي آيو آهين ڇا؟!“
”نه نازان مون سان گڏ ٻيو ڪير به ڪونهي. آئون
اڪيلو ئي آيو آهيان....!“ بادل جون اکيون نازان جي
اکين کي سوگها ڀاڪر پائي بيهي رهيون.
”اوهه.....! مون سمجهيو ته ڪو بيمار کڻائي آيو
آهين.“ نازان جي حيرت ڪجهه گهٽ ٿي. پر آئون ته پاڻ
بيمار ٿي پيو آهيان. تنهنجي، اسان جي ڳوٺ جي ۾ اچڻ
کانپوءِ، آئون هڪ پل به سمهي نه سگهيو آهيان. هر
ساعت، هر لمحي رڳو تون ئي تون پيئي اکين اڳيان
ڦرين، تنهنجي اکين مون کي ڪهي وڌو آهي
نازان.....!“
”بادل، پاڻ سنڀال بادل، اجايو وهلور نه وڃ. اجايا
سجايا خيال دل ۾ نه سانڍ، اجايا آسرا ۽ سکڻيون
اميدون ماڻهوءَ کي رِڻَ راهي ڪري ڇڏينديون آهن.
پنهنجي اوڇڻَ سارُو پير ڊگها ڪر، خواب ڏسڻ ڇڏي ڏي.
حقيقتن کي سامهون ٿي. هاڻ تون ڀلي وڃ. مون کي ڪم
آهي.“ ائين چئي نازان اڳتي وڌڻ لڳي.
”نازان....“ بادل سڏ ڪيس. نازان بيهي رهي. بادل ٻه
قدم کڻي ويجهو ٿيس. ”نازان، آئون توکان سواءِ جي
ڪونه سگهندس. آئون ايندس پيو، پوءِ چاهي جيارين يا
مارين، پر آئون ايندس پيو.“ بادل حسرت ڀرين نگاهن
سان نازان کي ڏٺو ۽ ڏسندو ئي رهيو. نازان پٺ ڏيئي
هلي ويئي.
”بادل تون....!؟ هفتي ڏهن ڏينهن کان پوءِ وري جڏهن
بادل سينٽر ۾ آيو هو ته نازان کيس ڏسي حيرت مان
پڇيو هو.
”نازان، مون پاڻ تي گهڻو ئي ضبط ڪيو، پر پاڻ پلي
نه سگهيس، تڏهن هليو آيس.“
”بادل، تون منهنجي ڳالهه ڇو نٿو سمجهين. پنهنجو
ملڻ ممڪن ناهي. تون هروڀرو پاڻ کي پريشان نه ڪر.
منهنجا مائٽ منهنجو سڱ توکي ڏيڻ لاءِ ڪڏهن به راضي
ڪونه ٿيندا.“
”آئون ته کڻي اڻ پڙهيو ۽ نسورو ڄٽ آهيان، پر تون
ته پڙهيل آهين ۽ توکي ته عورت کي مُلڪ جي قانون ۽
شريعت طرفان مليل بنيادي انساني حقن جي خبر آهي
پوءِ تون ئي پنهنجو قانوني ۽ شرعي حق حاصل ڪرڻ جي
ڪوشش ڪر.“ بادل چيو.
”ڳالهه ته ڪيتري سولي چئي وئين، پر اهي ڪتابن جون
ڳالهيون آهن، جيڪي تو ڪنهن کان ٻڌيون هونديون.
حقيقت ۾ ائين ڪونه ٿو ٿئي. منهنجي مائٽن يا
زميندار کي جي رڳو ڪا سُڻس پئجي ويئي ته منهنجي
سِسِي ڌڙ کان ڌار هوندي ۽ بنا ڪفن جي کڏ ۾ ڍڪي
ڇڏيندا. تنهنڪري چوانءِ ٿي ته نه تون پنهنجي زندگي
ضايع ڪر ۽ نه ئي مون کي بي موت ماراءِ.“ نازان
بادل کي منٿ ڪرڻ واري انداز ۾ چيو.
”پوءِ منهنجو ڇا ٿيندو؟“ بادل روئڻهارڪو ٿيندي
چيو.
”اهو تنهنجو مسئلو آهي، پر مهرباني ڪري منهنجي پچر
ڇڏ، نه ته آئون بي گناهه مارجي وينديس. هاڻ تون
مون سان ملڻ جي ڪوشش نه ڪج.“ نازان ٿورو رُکو
ٿيندي چيو.
بادل پوءِ به سينٽر ۾ ٻن ٽن هفتن جي وقفي بعد
ايندو رهيو ۽ پري کان ئي نازان جو درشن ڪري هليو
ويندو هو. ائين ان سلسلي کي پنج ڇهه مهينا ٿي ويا.
پراڻي چوڻي آهي ته ’جتي باهه ٻرندي آهي، اُها جاءِ
جلندي آهي.‘ سو بادل جي من ۾ ته مَچَ ڌِڳي رهيا
هئا، پر انهن ٻرندڙ مَچن جي سيڪ نازان کي به
لوساٽي وڌو هو. نازان گهڻو ئي هِن معاملي کي ٽارڻ
درگذر ڪرڻ ۽ نظرانداز ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر آخرڪار
مٿس انڪشاف ٿيو ته اهو معاملو معمولي نه رهيو هو،
ليڪن سندس دل ۽ دماغ تي حاوي ٿي سندس خيالن، خوابن
، سوچ ۽ سمجهه تي مرڳو ڇانئجي ويو هو. هُن جيئن
جيئن بادل جي اکين جي سحر مان پاڻ کي آجو ڪرڻ لاءِ
ٿي ڦٿڙاٽيو، تيئن تيئن هوءَ وڌيڪ ڪوريئڙي جي ڄار
جيان اُن ۾ ڦاسندي ۽ جڪڙجي پئي ويئي. ۽ نيٺ نازان
محسوس ڪيو ته سندس جياپو به بادل جي بوند برسڻ
بنان ممڪن نه رهيو آهي، جڏهن هُن تي اِن حقيقت جو
انڪشاف ٿيو ۽ سندس خانداني روايتون سامهون اچي
بيٺيون، تڏهن هوءَ بنهه گهڻو پريشان ٿي ويئي. حال
هڪيو جيڪا صورتحال سامهون هئي، سا هيءَ ته بادل به
غريب ۽ مسڪين هو. پاڻ به غريب هئي ته بيوس به هئي.
ٻنهي ۾ قانوني ۽ شرعي ويڙهه وڙهڻ جي جرئت به ڪانه
هئي. کين ڪو اهڙو اَجهو به ڪونه ٿي سمجهيو، جتي هو
محفوظ رهي سگهن. نازان جو خاندان توڙي جو هاري
خاندان هو، پر حاڪماڻي مزاج ۽ ذهنيت جو مالڪ هو.
سندن زميندار بالادست قوتن جو ساٿاري هو. تنهن ڪري
ڪنهن محڪوم قوم جي مسڪين فرد کي غلاظتن جي ڪُن مان
ڪڍي کيس هڪ جهڙائيءَ جي بنياد تي مانُ ڏجي، سو
پيرين پنڌ آسمان تي چڙهڻ مثل هو، پر پوءِ به، سندن
ئي چوڻيءَ مطابق ”عشق نه پُڇي ذات“، نازان به بادل
وانگر محبت ۽ پيار جي لطيف ۽ ملائم احساسن جي
وهڪري ۾ لڙهندي ويئي. ڏکڻ جون سامونڊي ٿڌڙيون
ٿڌڙيون هيرون سندس من ۾ مانڌاڻ مچائينديون رهيون.
کيس ماڪ ڀنل ٿڌاڻ ۾ به بادل جي ڪارين اکين جون
چمڪدار نگاهون گرمائڻ لڳيون هيون. نازان کي بادل
جي آسروند نِهارِن جو اوسيئڙو رهڻ لڳو هو. کيس
بادل جي تصور ۾ گم ٿيندي سڪون محسوس ٿيندو هو. ۽
هُو ته هاڻ بادل جي اچڻ جو انتظار ڪرڻ لڳي هئي.
رات جو هنڌ تي ليٽڻ کانپوءِ مُشڪي سندس من ۾ پيو
مشڪندو هو ۽ نازان سندس سنهڙا اڇڙا ڏند ڏسيو پئي
ٺرندي هئي. سندس ننڊون کانئس موڪلائي ويون هيون.
نه نه ڪندي به، مُشڪي سندس جيءَ اندر جاءِ جوڙي
ويهي رهيو هو. هوءِ پنهنجي روايتن کان مُنهن موڙي
چڪي هئي. هوءَ زميني حقيقتن کي پٺ ڏيڻ لاءِ تيار
ٿي ويئي هئي. اڳيان ڇا ٿيندو؟ اُن کان قطع نظر،
هوءَ اڳوڻا نڪتل ليڪا اورانگهڻ لاءِ ذهني طرح تيار
ٿي ويئي هئي هاڻ کيس رڳو ۽ رڳو بادل جي اچڻ جو
انتظار هو ۽ بس!
۽ بادل، سينٽر تي اچڻ بند ڪري ڇڏيو هو. معمول جا
ڏهه پندرهن ڏينهن گذري ويا. مهينو گذري ويو ۽ پوءِ
ٻه مهينا گذريا ۽ ٽيون مهينو به گذري ويو، پر بادل
نه آيو. نازان جو اوسيئڙو اينگهندو رهيو. اندر ۾
هلچل مچندي رهي. سُک ڦٽي پيو. سڪون برباد ٿي ويو.
حال، بي حال ٿيڻ لڳا. محبت جا مچ مچڻ لڳا، پر مشڪي
نه آيو. نه خبر نڪا چار. نازان ڪري به ته ڇا ڪري!
دل جو درد اوري به ته ڪنهن سان! سينٽر تي راهون
تڪيندي ڊيوٽي ڪندي رهي ۽ رات جو جاڳي پاسا
ورائيندي رهي.
۽ پوءِ جڏهن چوٿون مهينو پورو ٿيڻ کان پوءِ بادل
پنهنجي مشڪندڙ چهري سان سينٽر اندر آيو هو، تڏهن
پهرين نظر ۾ نازان بادل کي ڏسي ٽڙي پئي هئي، پر
بادل جي پاسي ۾ بيٺل نوجوان، انتهائي خوبصورت، نڪ
۾ نٿ پاتل ۽ چهري مٿان پيشانيءَ تي جهومر ۽ ڪنن ۾
جهومڪ پاتل نازڪ ۽ نفيس ناريءَ کي ڏٺائين ته بادل
کيس ٻڌايو: ”نازان، هيءَ منهنجي ڪنوار نيرڳي آهي.
ڏهه ڏينهن اڳ اسان جي شادي ٿي آهي. هن کي رات جو
بخار ٿو اچي. ڊاڪٽر کي ڏيکارڻ آيو آهيانس....!“
نيرڳيءَ جون نگاهون لَڄَ کان جهُڪي ويون، پر نازان
جون اکيون حيرت مان ڦاٽل ئي رهجي ويون، کيس سڄو
وايو منڊل گهمندو محسوس ٿيڻ لڳو هو. |