سعيد مڱڻهار
(ٽنڊوالهيار)
غزل
عجيب آ هيءَ زندگي، وڌي به پئي، کُٽي به پئي،
لِڪي عمر جي آڙ ۾، تڳي به پئي، ٺھي به پئي.
نه ياد پيٽ ماءُ جو نه بي خودي جا بانبڙا،
حيات فطرتن مٿي، رڙهي به پئي ٿڙي به پئي!
ٽِڙي ته ٽهڪ جي مثل، لڇي ته لڙڪ زندگي،
ڏکن سُکن جي کيل تي، کِلي به پئي، روئي به پئي!
عمل جي چرخڙي مٿان، هي نيتن جو سٽ ڪچو،
اڪيلي جِند سنهون ٿلهو، ڪتي به پئي، وٽي به پئي!
عروج ۽ زوال جي اڻيل نفيس تند مٿي،
عمر گهڙين جي زور تي، چڙهي به پئي، ڪِري به پئي!
ٻه- ٽي ڏينهن جي زندگي، صدين جي جوڙ جون ڳنڍيون،
ڄمار جي پلاند ۾، ٻَڌي به پئي، ڇنڊي به پئي!
’سعيد‘ زندگي چوان، يا خواهش جي ڳوٿري،
ضرورتن جي تور ۾، تُري به پئي، کپي به پئي!
فخرالدين
شاهه
سوڀارو/ڇاڇرو
غزل
سڄڻ جي سونهن ثابت ٿي، سَوَنُ جا ساهه پيا سرڪن،
هزارين ڪوهه تان حورون، حسن جي هاڪ تي هرکن!
هلي منزل حبيبن جي، امباري ڏس عجيبن جي،
جڳ مڳ جهوم جهوڙن جي، جلويدار پيا جرڪن!
پرين پوشاڪ پٽ پهري، سنڌن مان ساهه پيو سيري،
گهڻا گهنڊ گهور سان گهيري، تڪبر باز پيا ترڪن!
تجمل تخت طائوسي، مَٿي محبوب ملبوسي،
ڪئين ڏس ڪن قدمبوسي، مِٺا مهندار پيا مرڪن!
’فخرالدين‘ ڏس هلي آيا، مبارڪ جا ته مينهن لايا،
ٿيا دلبر سندا دايا وسيلا شل وصل وڙڪن!
محمد منٺار هوت
جهڏو
غزل
پرين تون قول پاري جي اڱڻ ايندين ته لک ٿورا،
ڪري ڀورن مٿي ٿورا، سڄڻ ايندين ته لک ٿورا.
سِڪي پيو ساهه سالن کان اوهان جي يار صحبت لاءِ،
ڏکويو آ ڏکن ڏاڍو، ڏسڻ ايندين ته لک ٿورا.
وڪوڙي ويو ورنهن تنهنجو، آهيان بيمار بستر تي،
پلي ويا آسرا حاذق، پُڇڻ ايندين ته لک ٿورا.
رويو شب روز دل دائم، ڪري دانهون مِٺا پيئي،
دُکي دل جون پرين دانهون ٻڌڻ ايندين ته لک ٿورا.
هتي آ ’هوت‘ ويچارو، فقط مهمان منٽن جو،
ڪري ’منٺار‘ تي وڙ ڪو، ملڻ ايندين ته لک ٿورا.
ولي محمد وفا هوت
چرواڻ
بيت
( 1 )
هرجائي هُٻڪار مولا مينهن وسائيا،
سانوڻ سڀ سبزا ڪيا، وُٺي بوند بهار.
سانگي سڀ سَرها ٿيا لٿا ڏُرت ڏُڪار،
پسي موسم مينهن جي تاڙي ڪئي تنوار.
وِڄون ويس وسڻ ڪري وريون مٿي ولهار،
پيو پلر پٽن تي، سُکيا ٿيا سنگهار.
سائين رب ستار، ڪيا وڙ ’ولي محمد‘ چوي.
***
( 2 )
لٿو ڏُرت ڏيهه تان ٿيو سنڌ سُڪار،
اُتر سندي ڪُنڊ تي، ٿيا کنوڻين جا کِجڪار.
گَجي گُڙي آئيو، ٿيا تَڙ ترايون تار،
سُڪل وڻ ساوا ٿيا، بنيا باغ بهار.
ڏيهن جي ڏاتار، ڪيا وڙ ’ولي محمد‘ چوي.
***
( 3 )
وِڄون اڄ وري چَمڪن پيون ”چرواڻ“ تي،
پلر جي پالوٽ سين سڄي ڍنڍ ڀري،
ساري سڄڻ يار کي، ٿي پئي دل چري،
اسان تان نه سري، تو ڪيئن سري سپرين.
بشير احمد شاد
لاڙڪاڻو
غزل
منزلن ڏانهن پيار جا هي قافلا وڌندا رهيا،
ميل ميلاپن جا پيارا سلسلا وڌندا رهيا.
جنهن گهڙيءَ کان التفات يار جي بارش وسي،
تنهن گهڙيءَ کان مون بندي جا حوصلا وڌندا رهيا.
چنڊ جي چانڊاڻ ۾ ٿيندا رهيا قول و قرار،
پيار ۽ پاٻوهَه جا هي مرحلا
وڌندا رهيا.
ڪيو زماني ڪِيسُ اهڙو اوچتو جو الامان،
پيو ڪٽر هن ڪاڪِ تي ۽ فاصلا وڌندا رهيا.
حسرتن کي موتُ آيو، جنهن گهڙيءَ لرزي ويس،
دل سندي ڌرتيءَ مٿان پو زلزلا وڌندا رهيا.
ڇا فرق پيو جي ڦِري ڪو ’شاد‘ مان ناشاد ٿيو،
قافلا ساڳيا رهيا بس فاصلا وڌندا رهيا.
غلام
حيدر غمدل چانڊيو
غزل
درد سان آ دل لڳل تنهنجي ڪري،
پيو لکان پيارا غزل تنهنجي ڪري.
زندگي تي عاشقي جي روپ ۾،
سار اڄ تازي لٿل تنهنجي ڪري.
بارشن جيئن نيڻ برسن روز ٿا،
شام سوچن ۾ ٻڏل تنهنجي ڪري.
ڪئين خوشين جا موڙ تحفن ۾ مليا،
پر نه مون پاتو ڪجل تنهنجي ڪري.
سڀ سهارا تو ڇڏيا ’غمدل‘ ڇني،
شهر ڀي سارو رُٺل تنهنجي ڪري.
ولي محمد
’ولي‘ هنڱورو
کپرو
وڇوڙي ۾ چيل وايون
( 1 )
ويا وڇڙي جيڪي وڳر کان سي موٽي ڪونه ملن.
ساٿ ڇڏي هو هليا اڪيلا، پيا وڇوڙا وَرِهن،
ڪين کنيائون پاڻ سان، ڪهڙو پور پين،
آهن اٻاڻڪا اهي آهيرا، پڄاڻان پرين،
ماءُ پيءُ ۽ ڀيڻون ڀائر، پٽيو پار ڪڍن،
’ولي‘ ورندا ڪين ڪي، اهڙي ويا هو وطن.
***
( 2 )
ٻاروچا پرديس ڏي ويندي آن ڪي ڏٺا.
جتان وريو ڪونه ڪو، اُتي جوڙائيون جاءِ.
لڙڪ لاڙي روئن اکڙيون، روئي نيڻ سڪا.
ويا وڇوڙو ڏيئي وڏو هو، هن حياتي لاءِ.
ڪين وسرن تن جون ڳالهيون، جيڪي چيائون جا،
باهه ٻري اها جاءِ جلي، ٻئي کي ڪل نه ڪا.
’ولي‘ روئي حال وڃايا، سهڻن سڄڻن لاءِ.
’مصروف‘
محمد حسين چانڊيو
دڙيلو
غزل
سانجهه نيري بي قراري چاهتون،
درد ڳوڙها سوڳواري چاهتون.
نينهن ڪورو خواب ڪنوارا نرم دل،
تار تازي دل اڌاري چاهتون.
ياد سوچن ۾ ٻڏل چنڊ کي تڪڻ،
چڻنگ جواني رات ڪاري چاهتون.
هو پري آ ڪير هن کي چئي وڃين،
پيئي مري تولئي پياري چاهتون.
ڪيترو مالهڻ کپائيندي اڃان،
گرم جهولا، گل کاري چاهتون.
ٽاڪ منجهند پير نازڪ دڳ تتل،
اوٽ ٿوهر، گرم واري چاهتون.
محبتون گهرجن ته اچ تون سنڌ ڏي،
سونهن سوڀيا سڪ ساري چاهتون.
ڪير ٿو ’مصروف‘ ڪنهن جي ڪم اچي،
چپ ڀڻڪا سوچ طاري چاهتون.
پريت
گهمرو
غزل
اڄوڪي هن شام جي فضا ته ڏس،
ٿورو ڌيان سان سنڌ جي بادِ صبا ته ڏس.
هر پاسي ڇا ڳولي ٿو تو اي انسان،
پاڻ ڏي ڌيان ڌر اندر ۾ خدا ته ڏس.
ڪيڏو عجيب ٿو لڳي سوچن ۾ تضاد،
بقا ڪٿي بچي آهي، هر پاسي فنا ته ڏس.
شاعري زندگي اِها حقيقت اٿم،
ڪٽ پڻي واري سوچ کان ٿي جدا ته ڏس.
ايترو پري ڪٿي ويا آهيون،
تون دل سان ڏئي صدا ته ڏس.
کوڙ ڪتاب پڙهي ٿو جيون ۾،
ڪنهن جي احساسن جا پڙهي صُفحا ته ڏس.
خبر نه اٿم ماڻهو ڪيئن چهرا مٽائين ٿا پريت،
پنهنجي معصوم سادي ادا ته ڏس.
ايوب الستي رند
جوهي
غزل
(سرائڪي)
تيڏي سهڻي صورت دي جلوي،
ميڏي دل وچ گهر ڪي ڳئيني.
واهه واهه تيڏي ناز انداز دي رخ،
سوين سوچان من وچ ڀرڳئيني.
تيڏي عشق دي سهاري جيئدان جڳ وچ،
ڪيئي ڏينهن سال گذري ڳئيني.
پريم تيڏي دي پياري سنگ،
ميڏي روح وچ صدا نس ڳئيني.
تيڏي اک دي نگاهه دي تير تکيري،
ميڏي سيني وچ تيز اُتر ڳئيني.
هر ويلي ’ايوب‘ دي خيال وچ پرين،
تيڏي حُسن دي عڪس اڀر ڳئيني.
راز نواز ٻارڻ
جاتي- سجاول
نظم
بادل وسن جت رحمتي، ڌرتي منهنجي مهراڻ جي،
آ سونَ کان وڌ قيمتي، ڌرتي منهنجي مهراڻ جي.
آيون اڙين آڌاريون، مينهئڙا وٺا ملهاريون،
واهه واهه وڻن ولهاريون، گاهن گلن گُلزاريون،
درشن عجب دلداريون، قربن سندي هردم ڪَتِي.
ڌرتي منهنجي مهراڻ جي.
موجُون پسي مهراڻ جُون، ههڙيءَ حسن جي کاڻ جُون،
وايون هلن واکاڻ جون، هيرون سُٺيون سرهاڻ جُون،
ڇولين اندر ڇِڪتاڻ جون، منظر سڄوئي محبتي،
ڌرتي منهنجي مهراڻ جي.
ميون سان ڀريل ٽاريون، ڪيلا ڪمند ڇا ساريُون،
ڦُٽيون ٽِڙي ڦلڪاريون، مينهن مندون مهڪاريُون،
ڀرجي ويئيون بازاريون، باريءَ ڪئي آ بَرڪتي،
ڌرتي منهنجي مهراڻ جي.
نازڪ بدن نازن ڀريون، ڪنهنجُون، حُسن ۾ همسريون،
سونهن ڳچيءَ سونيون سريون، آهن حيا ۾ آڪريون،
پٽ تي گهمن جهڙيون پريون، ساري زمين ٿئي زينتي،
ڌرتي منهنجي مهراڻ جي.
ڀاڳين ڀليرن سان ڀريل، شهزور شيرن سان ڀريل،
ڀڀڪي ۽ ڀيرين سان ڀريل، مانجهي مٿيرن سان ڀريل،
جوڌن دليرن سان ڀريل، دشمن جي ڪارڻ دهشتي،
ڌرتي منهنجي مهراڻ جي.
چيڪيون لٽاسِيُون واريون، ٻهڪن ٿيون ٻاريُون
ٻاريُون،
ساوڪ سڀئي سينگاريون، اکيون پسڻ سان ٺاريُون،
چوڏس چڙهي ڏئي هاريُون، پوٺا ڀٽُون ڪٿ پَربتِي،
ڌرتي منهنجي مهراڻ جي.
سڀ ڪجهه هٿان جن هاريا، پنهنجي ملڪ جا ماريا،
ڌِڪجو اچن جي ڌاريا، تنهن ۾ مٿا تن ٺاريا،
پنهنجي پناهه ۾ پاريا، جو شام پيو تنهن شانتي،
ڌرتي منهنجي مهراڻ جي.
راڻيون رهن ٿيون راز سان، جادو سندن آواز سان،
اهڙو نه سُر ڪنهن ساز سان، نيڻين نهوڙين ناز سان،
ڌڙ ڌڙ دليُون پرواز سان، ربّ جي نوازش نعمتي،
ڌرتي منهنجي مهراڻ جي.
اي ’راز ٻارڻ‘ ايترا، ويجهن وڌن پيا ويترا،
قومُون قبيلا ڪيترا، جوڌا جنگي پٽ جيترا،
هينئڙا سڀن جا هيترا، شيرن شهيدن شُهرتِي،
ڌرتي منهنجي مهراڻ جي.
مايا ساگر اوڏ
ٽنڊوالهيار
وائي
فڪر فقيري هون اسان،
کوٽا ڪر نه خيال،
فڪر فقيري هون اسان!
روحن سانڍيون راحتون،
دلڙي شاهه ڌمال،
فڪر فقيري هون اسان!
ريجهائي ڪو روح ٿو،
تالن تي تال!
فڪر فقيري هون اسان!
’مايا‘ مٺڙي ’اوڏ‘ کي،
سمجهائي ڪو ڳالهه!
فڪر فقيري هون اسان!
عثمان فقير کوسو
جوهي
غزل
رکجي ته ڪاٿي رکجي، نظرن کان دل لڪائي،
هي جو حسين ماڻهو، دل کي وجهن ٿا گهائي.
آباد ڪيئن ڪجي هي، برباد دل جي دنيا،
محبوب پنهنجي دنيا، ويٺو الڳ وسائي.
هُن جو حسين چهرو نظرن سان چمندي چمندي،
سارا حُسن جا منظر، دل ۾ ڇڏيم سمائي.
مسڪين اڄ به ساڳيو، آهي مصيبتن ۾،
سرڪار بي ڌيان آ، غربت کي ڪيئن هٽائي.
دلبر رُٺل آ مون کان، تنهن کي مان ڪيئن مڃايان،
همراز اڄ رقيبن، جو ڪوبه ساٿ ناهي.
’عثمان‘ بدنصيبي، منهنجو ٿي اڳ جهلي ڇو،
هر موڙ تي ڏٺو مون، قسمت کي آزمائي.
غزل
منهنجي يڪو نظر آ، زلفن جي حرڪتن تي،
هر هر ڏين ٿا چُميون، محبوب جي ڳلن تي.
منظر حسين آهي، ڦيرا به ڏس هوا جا،
هُن جا سنواري ڪاڪل، ڇوڙي ڇڏيا ڪلهن تي.
جرڪڻ لڳا جسم تي، زيور به شوق مان سڀ،
چولو به مست ٿيو آ، بخمل جي هِن بدن تي.
هُن جي اسان ڏي خوشبو آخر اچي ڪٿان ٿي،
جاچي ڏٺم ته دلبر، بيٺو آهي صحن تي.
ساقي سِوا لڳي ٿو، ماحول بي مزي اچ،
محفل اُداس آهي، غم آ تاري رندن تي.
سنڌ کي لٽيو گهڻوئي، هر دؤر ۾ آ ڌارين،
اڄ به نظر آ تن جي، سنڌ جي گهيڙن گهٽن تي.
’عثمان‘ مون ٻڌو آ، جانب اچي ٿو جوهي،
ان جي ڪري اسان جي، اڄ ديد آ دڳن تي.
غزل
مقدر منهنجو ٿڪل آ، قسمت ڀي بي ستي آ،
ناراض دلربا جي، چاهت ڀي بي ستي آ.
راهن جي بي وسي تي، بيزار منزلون هِن،
ڪمزور رهبرن جي، آٿت ڀي بي ستي آ.
دل بي چئي به يارو، ناڪام ٿي آ ڪيڏي،
هُن جي نصيب ۾ ئي، محبت ڀي بي ستي آ.
دلبر جي دلبري مان، دشمن جي بوءِ اچي ٿي،
سمجهان ٿو هن جي هاڻي، شفقت ڀي بي ستي آ.
اڄ زندگي جون مون کان، ناراض نعمتون هِن،
بي حد آ بي سڪوني، رحت ڀي بي ستي آ.
هي ديس منهنجو هاڻي، وحشين جي ور نه چڙهندو،
دشمن جي هاڻ بلڪل، دهشت ڀي بي ستي آ.
حاصل ڪرڻ جي تو کي، ’عثمان‘ ڪئي مون ڪوشش،
تقدير جي الائي ڇو، نصيحت ڀي بي ستي آ.
نور نبي ناچيز
ٽنڊو الهيار
پاڻيءَ تي ٿو محل اڏائين، تون بِه نه يار!
آنڌيءَ ۾ ٿو ديپ جَلائين، تون بِه نه يار!
پنهنجي ذات کي چاهڻ واري دنيا ۾،
ٻٻرُن کان ٿو ٻيرَ پُڇائين، تون بِه نه يار!
ڪير اَنا کي ماري تنهنجي ٻڌندو هِت،
مينهن اڳيان ٿو بِين وڄائين، تون به نه يار!
هن مصنوعي پيار ڪندڙ واپارين ۾،
خود کي پيو نيلام ڪرائين، تون بِه نه يار!
رات جي چادر اوڍي تارا نيٺ ٿڪا،
ڪنهن کي ٿو احوال سُڻائين، تون به نه يار!
اَنڌي گونگي ٻوڙي باندي ننگريءَ ۾،
ڪنهن کي ٿو آخر سمجهائين، تون بِه نه يار!
نانگن جي فطرت تي ڪو ويساهه نه ڪر،
کيرُ پياري ٿو سَهلائين، تون بِه نه يار!
سمنڊ تري ۾ ڳولين پيو ’ناچيز‘ سپيون،
جوڳ وَٺي پيو پاڻ پچائين، تون بِه نه يار!
اصغر جتوئي
وائي
ڇا؟ مون کي ياد ڪري!
ڪو سُڏڪا ٿو ڀري!
کُوڙو نٿو لَڳي.
توريءَ ڪائي خوشي،
مون کي خوش ڪري!
کُوڙو نٿو لَڳي.
مون اڪيلي کان پرين!
جِيونَ- ناوَ تري!
کُوڙو نٿو لَڳي.
اڄ ڀي انتظار آهه،
ڪوئي وِيَل وري!
کُوڙو نٿو لَڳي.
ياسين ڪنڀر
پنوعاقل
غزل
جيون ۾ جاکوڙ رهي ٿي،
تڪڙي تڪڙي ڊوڙ رهي ٿي.
پينو نينگر در در هر هر،
وٺندي ماني ٻوڙ رهي ٿي.
هُو آ ونڊ ۽ ڪٽ جو عادي،
مون وٽ ليڪن جوڙ رهي ٿي.
وحشي قاتل باطل جي دل،
ڪُلفت ۾ ڪاڍوڙ رهي ٿي.
حق گهرڻ واري تي شيلنگ،
بارودي گجگوڙ رهي ٿي.
ٿئي ’ياسين‘ ستابي سنڌڙي،
سِڪ سيني ۾ کوڙ رهي ٿي.
مير حسن آريسر
عمرڪوٽ
غزل
جهوريءَ ڪيا جهڙالا، برسات ٿي وسي،
منهنجا ٿيا نيڻ آلا، برسات ٿي وسي.
تجلا کنوڻ جا تو ۾، چمڪاٽ چؤڏسا ٿي!
اونده ۾ ڪر اجالا، برسات ٿي وسي.
من ۾ ٿي مچ ٻاري، اکڙين مان آب هاري!
رم جهم جا رنگ نِرالا، برسات ٿي وسي!
ڪاڪئان ڪهي پڳا اڄ، راڻي جي راڄڌاني،
ڪڪرن ڪيا ڪشالا، برسات ٿي وسي!
جوڳي ڇڏي ويو پويان، ويراڳ ۽ وڇوڙو،
جوڳڻ پٽيا پئي والا، برسات ٿي وسي.
دل جو دنبورو ڇيڙي، ڳائن فقير سارنگ،
ڀٽ تان ڏسن ٿا هالا، برسات ٿي وسي.
بن ۾ ڪو بانسري اڄ، ويهي نٿو وڄائي،
آگم اچن اٻالا، برسات ٿي وسي.
اسد چاچڙ
پنوعاقل
غزل
سَتُ ڪوئي نه ساهه ساڻي ۾،
ڇا نَشا ها نه مَڌُ پُراڻي ۾.
پيار پٿراڻيون پيو ڳولهي،
خُوابَ رهجي ويا وِهاڻي ۾.
ڪيڏو اَنمول مُنهنجو ساجن آ،
پنهنجي پاڙي سڄي گهراڻي ۾.
ٿَڪَ سارا وَيا لَهِي پُهچي،
تنهنجي اکڙين جي آجياڻي ۾.
جسم ڪِهڙي ۾ بلاول ڳولهيون،
پيڙهبو ڪير هاڻِ گهاڻي ۾.
قيدُ پوپٽ ڪَٽي اُڏامن ٿا،
گُلَ پوکي ويو ڪير ٿاڻي ۾.
هُو ته موجود هر جڳهه تي آ،
ڪينَ مسجد رُڳو ٽِڪاڻي ۾.
ڪوئي دُنيا کان تَرڪ ٿي ويو پَر،
جَڳُ سارو اڃا پُڇاڻي ۾.
ضبط هاڻي رَهيو نه آهي ڪو،
تنهنجي ’اسد‘ پرينءَ نِماڻي ۾.
پارس حميد
حيدرآباد
غزل
ڪير ايندو هن ڀلا سنسار ۾،
بي حسيءَ جي چوڏسا حصار ۾.
جيئن بيٺس آنءُ آئيني اڳيان،
گُم لڳس ڪردار جي اسرار ۾.
ڪجهه ٻڌائڻ کان سواءِ سمجهي وڃي،
چَپ چُرن منهنجا نٿا اظهار ۾.
پنهنجي دل کي لاک جي ڌاڳي جيان،
تو رکيو آ سار جي ڇو آر ۾؟
ٿي سدا آڪاش تي اُڏندي رهي،
اک- پکي تنهنجي سدائين سار ۾.
اڄ
به ’پارس‘ پاڻ پنهنجو ٿو ڏسان،
مان گهٽيءَ جو کيڏندڙ هر ٻار ۾.
غلام محمد غازي
سکر
غزل
جلي ٿا جهانن کي ڏيون روشنائي،
اسان سان وڙهي آهي پنهنجي وفائي.
اسان خواهشون ساڻ کڻندا نه آهيون،
وتون ڀٽڪندا ٿا، نه منزل آ ڪائي.
خوشيءَ جي گهڙي ڄڻ ته واريءَ تي ليڪو،
مگر هر الم سان رهي آشنائي.
گلن ۾ پيل خون آهي اسان جو،
اسان سونهن بخشي انهن کي سوائي.
نه ساٿي نه سونهون ڪٺن واٽ آهي،
خدايا عجب تو آ دنيا بڻائي.
سُڃي پيئي بازار آهي وٺون ڇا،
نظر ناز واري ڪا صورت نه آئي.
هتي دوستي دشمنيءَ جو سبب آ،
چڱائيءَ جي بدلي برائي پرائي.
ڏٺو ڪنهن نه مُرڪي عجب آ زمانو،
آ افسوس ’غازي‘ اهو انتهائي.
مير مختيار ٽالپر
غزل
مَدائي ڪونه ٿي سگهندي،
ڪچائي ڪونه ٿي سگهندي،
اسان جي دوستي ۾،
بيوفائي ڪونه ٿي سگهندي.
اچڻ چاهين اگر جانا،
اسان جي قيدِ دل ۾ تون،
عمر ڀر پيو واجهائيندين،
رهائي ڪونه ٿي سگهندي.
اوهان سان نينهن جو ناتو،
جڙيو اهڙو جو ڇا چئجي،
اسان کان ٻي جنم سان دل،
لڳائي ڪونه ٿي سگهندي.
وري مينهئڙا موٽي ايندا،
وري گلڙا ٽِڙي پوندا،
اميدن تي پيا جيئنداسين،
ٻيائي ڪونه ٿي سگهندي.
اسان جي قول ۾ ۽ فعل ۾،
چڱائي ئي سمايل آ،
اسان صوفين جا وارث هون،
برائي ڪونه ٿي سگهندي.
ڀلي حالات ڪهڙا ڀي،
اسان تي ٿي وڃن حاوي،
ازل کان سنڌ اسان جي آ،
پرائي ڪونه ٿي سگهندي.
’مختيار مير‘ تي ڪهڙي به،
اچي مشڪل او جانِ جان،
همت جو ساٿ رهندو،
دل هارائي ڪونه ٿي سگهندي.
غلام سرور ’حاذق‘جوڻيجو
خوش
يار جي ديدار سان ڏس شهر خوش بازار خوش،
يار خوش دلدار خوش سبزؤ گلزار خوش.
جنهن به دم ديدار لئه دلدار ٿو کولي دري،
بادِ خوش، ابر خوش وستيون خوش وڻڪار خوش.
لعل لب ڳلڙا گلابي چشم نرگس مک منور،
حسن دلبر جو ڏسي بيمار خوش گلزار خوش.
چشم نرگس قدِ صنوبر ڏند هي درِ عدن،
جنهن جي آمد سان خوشي ۾ ٿيا درو ديوار خوش.
پاڻ ’جوڻيجو‘ ويو دلدار ڏي پنڌڙو ڪري،
رخ مٿان پردو هٽايو ٿيا ڏسي بيمار خوش.
روزِ شب ’حاذق‘ ڪري ديدار دلبر يار جو،
شل ٿئي منهن جو مٺو منٺار خوش مهندار خوش.
صدرالدين هنڱورجو
ڪلام
ڪون و مڪان، سارو زمان، جلوي جهان، جهرڪائيو،
رُخ تاب ور، پهرين نظر، شمس و قمر، شرمائيو.
اهڙو سڄڻ، جنهن جو اچڻ، سجدو ڪري، بخشش گهرڻ،
نقشو سڄو، دنيا سندو، بُڇڙو بدو، بدلائيو.
اهڙو حسين، ماهِه مُبين، مسند نشين، دينِ مَتين،
جنهن جي ڪري، پيرا ڀري، ويجهي پري، واجهائيو.
جهڙي سخا، تهڙي وفا، آهيس عطا، اِذنِ شفا،
سو مہ لقا، محبوب آ، مرسل مڪي، ۾ آئيو.
درگہ ادب، جنهن روز شب، رحمان ربّ، رحمت عجب،
لب عنبري، پيرن تري، جبريل ڏئي، جاڳائيو.
سر تاج سان، ميٺاج سان، معراج سان، ڏس ڏاج سان،
ڇا سروري، ڏيئي دلبري، واحد وري، وڙڪائيو.
هُن پار کان، جنهن بار سان، جنسار سان، جيئڪار
سان،
فيضان ۾، فرمان ۾، ميدان ۾، ملهائيو.
هٿ ڪار سان، دل يار سان، گُفتار سان، ڪردار سان،
تنهن دمبدم، نقشِ قدم، آهي سندم، سرمائيو.
ناقص نڌر، دلبر جي در، صدقي ’صدر‘، نوري نظر،
آبِ وَصل، اوتي اصل، پنهنجو فضل، فرمائيو.
رضا چانڊيو
ٽنڊوڄام
نثري نظم
جنهن وقت تُنهنجن پيارن،
سنهري وارن،
رخسارن سان،
واءُ پي کيڏيو،
اُن سمي تنهنجين سُرمئي،
سمنڊ جهڙين،
گهرين اکين ۾
نهاري،
خود کي ٻوڙي ماري آيو آهيان!!
*
ڀلي ڪِنو، مفاد پرست
خراب، بي وفا
سڏجان ها...،
ڪيڏو نه سٺو ٿئي ها....
”ڪاش!“ مان خود سان
سچو هجان ها.....“
پنهنجن يا پراون جي خاطر
يا زماني جي ڪري،
پنهنجي پاڻ سان....
ڌوکا يا فريب،
يا ڪابه بيوفائي نه ڪريان ها،
....ته اڄ ڪيڏو نه خوش هجان ها!!!
عبدالڪريم’عادل‘ رونجهو
پٿورو
نعت شريف
سونهن سندي سرور سچي لاءِ ڇا لکي مان ڇا لکان،
مُهـڙ مڙني مُرسلن محبوب مشفق مهربان.
تون شفيع المذنبين، رحمت العالمين،
تون ئي صادق و امين، تون ئي آهين مهجبين،
لک صلواتون تو مٿان جڙيو تو لاءِ هي جهان،
سونهن سندي سرور سچي لاءِ ڇا لکي مان ڇا لکان.
عادتون تنهنجون سڀيئي سهڻيون سخريون دلبريون،
ذات تنهنجي آهي ڪامل ٻيون ته آهن سڀ کريون،
جلوه تنهنجي ذات جا ڪهڙا چئي ڪهڙا چوان،
سونهن سندي سرور سچي لاءِ ڇا لکي مان ڇا لکان.
سيد الابرار تون، مطلع الانوار تون،
صاحبِ لولاڪ تون، احمدِ مختار تون،
ٻيو کپي مونکي نه ڪجهه ڀي توتان شل قربان ٿيان،
سونهن سندي سرور سچي لاءِ ڇا لکي مان ڇا لکان.
بيڪسن جا ڀرجهلا، واهر وسيلا واهرو،
عادل و غفار تون، صاحبِ انوار تون،
لک ڪرم مولا جا ٿيا جنهن موڪليو صاحب الزمان،
سونهن سندي سرور سچي لاءِ ڇا لکي مان ڇا لکان.
اسد جمال ’پلي‘
عمرڪوٽ
غزل
مون کان پڇيو ٿئي حال، وڏيون مهربانيون،
آيو اٿئي خيال، وڏيون مهربانيون.
توکان سواءِ ڪيئن مون گذاري آ زندگي،
وسري ويا وبال، وڏيون مهربانيون.
ڏاڍا ڏکيا مون ڏينهن ۽ هفتا گذاريا،
سورن ۾ ماه و سال، وڏيون مهربانيون.
مون کي خبر هئي نيٺ تون ماڳن تي موٽندين،
ايندين، ڪندين سنڀال، وڏيون مهربانيون.
تنهنجي اکين جي آه، حياتي جي جا رَمڪ،
بيحد ڪندي بحال، وڏيون مهربانيون.
اڄ مون ٻڌو آ يار، اڱڻ تي اچين پيو،
ايڏا ڀلايون ڀال، وڏيون مهربانيون.
وارث اچي ڪريو ڪا، سندم وارثي وري،
ساري گهڻو ’جمال‘، وڏيون مهربانيون.
يوسف سولنگي
ڪوٽ غلام محمد
غزل
مولانا يا ولي ڪوئي، عشق ڪنهن کي ڇڏيو ڪونهي،
هجي بزرگ ڀَلي ڪوئي، عشق ڪنهن کي ڇڏيو ڪونهي.
هجي ڪو ڀرڳڙي يا شَر، هجي ڪو رِند يا راڄڙ،
هجي پنهور پَلي ڪوئي، عشق ڪنهن کي ڇڏيو ڪونهي.
هجي والي رياست جو، منسٽر يا ڪوئي ممبر،
رَلي کڻيو رُلي ڪوئي، عشق ڪنهن کي ڇڏيو ڪونهي.
هجي ڌاڙيل ڪو دادو، مڃيل ڪوئي مڙس ماڻهو،
هَڻي هامون هَلي ڪوئي، عشق ڪنهن کي ڇڏيو ڪونهي.
حُسن جو دنگ هجي جنهن تي، ريحاني رنگ هجي جنهن تي،
ڪري خود کي ڪَلي ڪوئي، عشق ڪنهن کي ڇڏيو ڪونهي.
هجي شهري يا ڳوٺاڻو، رهي محلات جي اندر،
پُڇو ڳولي ڳلي ڪوئي، عشق ڪنهن کي ڇڏيو ڪونهي.
سياڻو سولنگي ’يوسف‘، هجي داناءُ دانشمند،
هجي ڪيڏو ٽَلي ڪوئي، عشق ڪنهن کي ڇڏيو ڪونهي.
نجمه پنهور
ڄام
شورو
گيت
سي ڏينهن ويا خوف جا، سڏڪن جي پُڄاڻي آ،
هي ڳالهه نئين ناهي، جذبن جي ڪهاڻي آ.
هي ڌرتي منهنجي ماءُ مٺي، سونهن جي ساکي آ،
هِن ديس جي هر نار، نئين دؤر جي ٻاگهي آ.
چئي پيءَ منهنجي ڌيءَ ڏسو ڪيڏي سڀاڳي آ،
هيءَ هاڻي نه ڌڪبي ڪڏهن، هيءَ ديس ڌياڻي آ.
سي ڏينهن ويا خوف جا، سُڏڪن جي ڪهاڻي آ.
هَٽ هاڻ سندس راهه تي شيشا نه ڪي رکجان،
ڪا ڳالهه ڪري ڪوڙي ڪو الزام نه مڙهجان،
ٻُڌ ڏينهن ويا ڊوهه جا، سي ڏينهن نه سڏجان،
هي راڄ سڄو هُن جو آ، هُو راڄ جي راڻي آ،
سي ڏينهن ويا خوف جا، سڏڪن جي پڄاڻي آ.
هٿ ناٽ تنهنجي هٿ جا سڀئي ڪيئن نه ڊهي پيا،
جي ڪات ڪيا تيز اُهي توتي وهي پيا،
اڄ ڏس ته سڄي ڏيهه ۾ ڇا گهاٽ ٺهي پيا،
هن موت کي ڏئي مات، وري واڳ ورائي آ،
سي ڏينهن ويا خوف جا، سُڏڪن جي پڄاڻي.
هڪ تڙپ، پنهنجي ڏيهه سان سڀ ڏرت پڄايان،
ڪنڊن کي هٽائي رڳو گُل ئي ورهايان،
مان پاڻ جيئان، سک جا پر احساس ورهايان،
هيءَ سوچ کڻي سنڌ جي نڪتي هوءَ نياڻي آ،
سي ڏينهن ويا خوف جا، سڏڪن جي پڄاڻي آ.
هي ڳالهه نئين ناهي، جذبن جي ڪهاڻي آ.
ثمينه ميمڻ
ڄام
شورو
نثري نظم
خاموشيءَ جو ڪو ته سبب هوندو!
هُن جي بيزاريءَ
۽ بيقراريءَ جو
ڀلا ڪهڙو ڪارڻ هوندو؟
ايڏي چُپ جهڙي خاموشيءَ جو
ڪو ته سبب هوندو!
ڀلي ڪهڙا به جواز
۽ آرگيومينٽس سوچيا وڃن
پر
هيءَ خاموش
ان ساهه مُنجهائيندڙ خاموشي
۽
دل ٻوساٽيندڙ خاموشيءَ جو
ڪو ته سبب هوندو!
ها
جڏهن هر هٿ ۾
ڪنڊا ۽ پٿر
ڏِسجن ۽ پسجن ٿا
تڏهن هڪ عورت
جنهن جي رشتن جا ڪيئي نانءُ آهن
ماءُ به آهي
ڀيڻ به ڌيءَ به آهي ته زال
۽ گهر جي عزت
۽ ڪيترا ٻيا به رشتا
پر
کن پل ۾ وڃن مُنهن ڦيري ٿا
هن سان جُڙيل سڀ رشتا
جڏهن ڪوئي الزام هڻي
ان عورت جي جذبن ۽ پاڪ
رشتن ۾ ڏار وجهي ٿو
زنگ هڻي ضرب ڏيئي ٿو
تڏهن ته
ڪائي عورت ڏک مان ۽
درد مان لڙڪ وهائي
خاموش ٿئي ٿي. |