سيڪشن: رسالا

ڪتاب: 4/ 2020ع

باب:

صفحو:11 

ڊاڪٽر شير مهراڻي

ڪراچي

 

 

 

سُگهڙ قادر بخش راڄپر جي شخصيت ۽ شاعريءَ

جو مختصر جائزو

لوڪ ادب جي معنيٰ آهي، ’عام لوڪ يعني عام ماڻهن جو ادب‘، اهڙو ادب جنهن ۾ عام ماڻهن جون مختلف ڪيفيتون، حالتون، سوچون، ويچار، تاريخي قصا، ڪهاڻيون، واقعا، داستان، سينگار، جنگين جا احوال، نصيحت جا نُڪتا، ڏور بيت ۽ نڙ بيت وغيره شامل هجن. دنيا جي ڪنهن به ٻوليءَ جي ادب جو بنياد ان جو لوڪ ادب هوندو آهي، جنهن جو گهڻو حصو مذهب ۽ اخلاقيات تي پڻ هوندو آهي. لوڪ ادب جي نثري توڙي نظميه صنفن ۾ سماج جي لوڪ ڏاهپ جو چٽو عڪس شامل هوندو آهي. سگهڙ ٻولين جا وينجهار، ڏاها، داناءَ، ڪاريگر يا ’سئو گهڙ‘ ڪندڙ هوندا آهن. هُو ٻوليءَ ۾ پنهنجي هنر جو اظهار عالماڻي انداز سان ڪندا آهن. بنيادي طور تي لوڪ ادب هڪ ڏاهپ آهي، هڪ ڪاريگري آهي، جنهن ۾ سماج جي نفسياتي تصوير پڻ هوندي آهي. يعني لوڪ ادب بنيادي طور تي سماج جو اهڙو آئينو هوندو آهي، جنهن ۾ اسان سماجي رويا، اٿڻ ويهڻ، طور طريقا، مهمانن جو آڌر، ميزبانن جا فرض، مٽيون مائٽيون، ڳيچ، ڳانا، ساٺ، سنئوڻ، رسڻ پرچڻ، سڏڻ، سلوهڻ، صلاح وٺڻ، تنظيم ڪاري، پوکي راهي، پورهيي ۽ پلئه اٽڪائڻ جهڙين روِشن جون تصويرون ۽ جهلڪيون ملنديون آهن.  لوڪ ادب جو سماج سان گهرو تعلق هوندو آهي.۽ هر دور ۾ ان تعلق کي مضبوظ ۽ پائيدار ڪرڻ جي ضرورت تي زور پڻ ڏنو ويو آهي. يعني سگهڙن جي پورهيي کي مڃوتي ڏني وئي آهي. اڪيڊمڪ ليول يعني تحقيق جي حوالي سان ملڪ جي ناليوارن ڏاهن ۽ دانشورن وڏو ڪم ڪيو آهي. لوڪ ادب ۾ خاص طور مخدوم طالب الموليٰ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ،  ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، صالح محمد شاهه (فتح خان)، معمور يوسفاڻي، شيخ محمد سومار، ولي محمد طاهرزادو، ڊاڪٽر نواز علي شوق، ڊاڪٽر رخمان گل پالاري، ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي، ڊاڪٽر عنايت حسين لغاري، الله بخش نظاماڻي، تاج محمد هاليپوٽو، عاجز رحمت الله لاشاري ۽ ٻين گهڻي تحقيق ڪئي آهي. جن لوڪ ادب جي مختلف صنفن ۽ سگهڙن جي ڪم کي اڳتي آڻڻ ۾ پاڻ موکيو آهي. ٻئي پاسي سگهڙن پنهنجو هنر ڪتب آڻيندي ٻوليءَ جي جهوليءَ ۾ ڪيئي ماڻڪ، موتي لعل ڀري  چڪا آهن، ۽ ڀري رهيا آهن.

سنڌ جي صدوري، سهڻي ۽ سونهاري ڀونءِ کي ڌڻيءَ هميشه مٿير ۽ مڻيادار ماڻهن جا تحفا ڏنا آهن، جن پنهنجي بهادريءَ، اورچائي ۽ ڏاهپ سان ڌرتي ۽ ڌرتي ڌڻين جو مانُ مٿانهون ڪيو آهي، ۽ هنڌين ماڳين ناماچار ڪمايو آهي. هنن پنهنجي ڏات ۽ ڏانءَ سان ڏيهه ۾ ڏاهپ جون جيڪي ڏياٽيون روشن ڪيون آهن؛ انهن جي سهائي سوين ذهن روشن ڪري ڇڏيا آهن، ۽ نتيجي طور سنڌ اڄوڪي دور ۾ به پنهنجي صوفي مزاج ۽ محبتي ۽ ماڻهپي واري ثقافت سبب ملڪين مشهور آهي. هونئن نه ته ڪالهه به سنڌ پنهنجي خمير ۾ منفرد هئي اڄ به منفرد آهي. جنهن جو اصل عڪس اسان کي ڳوٺن ۾ نظر ايندو هو. ڳوٺن ۾ اهو مٺاس ۽ محبت صرف سنڌوءَ جي ان پاڻيءَ جي طفيل آهي، جيڪو ڪنهن نه ڪنهن دؤر ۾ سنڌ جي جهڙوڪر هر ڳوٺ، وستيءَ واهڻ جي پاسي ۽ پاڙي مان گذريو آهي. ايم.ايڇ پنهور جي تحقيق موجب سنڌ ۾ ڇهه ڪلوميٽر چورس کان وڌيڪ اهڙو ڪو به علائقو ناهي جتان سنڌو درياهه ڪنهن نه ڪنهن دؤر ۾ نه گذريو هجي. سُگهڙ قادر بخش جو تعلق سنڌوءَ جي پراڻي وهڪري تي موجود ڳوٺ جانڀيري؛ جيڪو ڪنهن ملاحڻ جي پتڻ جي پاسي ۾ هو. (هاڻي جانڀيريءَ جو ڳوٺ احدي خان راڄپر جي نالي سان سڏجي ٿو. جيڪو تعلقي ڪوٽڏجي، ضلعي خيرپور ۾ آهي) سنڌو درياءُ جانڀيريءَ کان وهڪرو گهڻو اڳ مٽائي چڪو هو. جڏهن سگهڙ قادر بخش راڄپر لوڪ ادب ۾ پنهنجو نالو ڪڍي چڪو هو ته ان وقت ڳوٺ جو نالو ته جانڀيري هو، پر اتي نه سنڌو هو نه پتڻ هو نه ئي وري ملاح هئا. هاڻي اتي راڄپر برادريء جا پريا مڙس آباد هئا، جيڪي پير سائين پاڳاري جي حر تحريڪ ۾ وڏو اهم ڪردار ادا ڪري چڪا هئا.

سگهڙ قادر بخش راڄپر جو ڳوٺ احدي خان راڄپر جاگرافي توڙي تاريخ جي اعتبار کان تمام گهڻو اهم آهي. هتان ڪنهن دور ۾ سنڌو درياھ وهندو هو، اڄ به ڳوٺ جي اوڀارين پاسي کان شاهنواز واهه وهي ٿو ۽ ٿوري فاصلي تي اولانهين پاسي کان روهڙي ڪئنال وهي ٿو، جنهن کي مقامي ماڻهو برينج/ بئراج جي نالي سان سڏين ٿا، شايد انڪري جو اهو ڪئنال سکر بئراج مان نڪري ٿو. ميرواهه به ڏاکڻين اوڀارين پاسي کان ويجهو ئي آهي. ڳوٺ جي چوڌاري ٻيا به ڪافي تاريخي ڳوٺ آهن.

سگهڙ قادر بخش جو هيءُ ڳوٺ ۽ هتان جا ٻيا ڪردار به جيڪڏهن سهيڙيا وڃن ته وڏو دستاويز ٺهي سگهي ٿو. مطلب ته سگهڙ قادربخش جي شخصيت زرخيز ڳوٺ جي سانوڻين، سرئن ۽ سيارن ۾ نسري، نکري، شهرت جي بلندين تي پهتي.

لوڪ ادب جي انسائيڪلو پيڊيا يعني ڊاڪٽر نبي بخش خان  بلوچ صاحب پنهنجن ڪيترن  ئي ڪتابن ۾ سگهڙ قادر بخش راڄپر سان ڪچهرين ۽ ملاقاتين جو ذڪر ڪيو آهي. هو کيس ٻوليءَ جو شاھ ڪاريگر تسليم ڪري ٿو. ڳوٺ جا جهونڙا ٻڌائين ٿا ته ڊاڪٽر نون صاحب (ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ کي ڊاڪٽر نون صاحب جي نالي سان به سڏيندا آهن) ڪيترائي ڀيرا هتي ڳوٺ به آيو هو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب 1969ع ۾ سهيڙيل ڪتاب، ’ڳجهارتون‘ ۾ ضلعي خيرپور جي سگهڙن جو ذڪر ڪندي 9 سگهڙن جا نالا ڏنا آهن، جن مان پهرين نمبر تي قادر بخش راڄپر جو ذڪر ڪيو آهي.

ولادت:

ڊاڪٽر بلوچ صاحب ڏور ڪتاب ۾ لکيو آهي، قادر بخش پٽ سوڀو ذات راڄپر، ڳوٺ احدي خان راڄپر تعلقي ڪوٽڏيجي ضلعي خيرپور جو ويٺل آهي. هن جو ڏورن ۾ استاد سندس ڏاڏو عبدالله راڄپر هو. سندس عمر اٽڪل ستر ورهيه آهي. . . وڏو هر فن موليٰ سگهڙ هو. 1955ع کان وٺي اسان جون ساڻس ڪچهريون قائم رهيون. خانداني ذريعن موجب سگھڙ قادر بخش راڄپر ڳوٺ جانڀيري تعلقي ڪوٽ ڏيجي ضلعي خيرپورميرس ۾ نور محمد عرف سوڀو خان جي گهر ۾ سال 1890ع ڌاري پيدا ٿيو.

تعليم ۽ تربيت:

سگھڙ قادر بخش راڄپر غربت ۽ گهٽ وسيلن سبب تعليم پرائي نه سگھيو ۽ اڻ پڙهيل هو، پر سندس شاعري پڙهي اهو معلوم ٿئي ٿو ته هو مذهب، تاريخ ۽ شاعريءَ جي هنر جو وڏو ڄاڻو هو. اهو علم شايد مشاهدن مان ماڻيائين جو ننڍپڻ کان وٺي کيس ڪچهرين جو چاھ هو ۽ سندس ڏاڏو عبدالله خان راڄپر به سگھڙ هو. ان کان ئي سگھڙائپ جو فن سکيو هو. هن کي سنڌ جي ڪيترن ئي شاعرن ۽ سگھڙن جو ڪلام برزبان ياد هو. گهڻي انگ ۾ شاعري جو ذخيرو ذهن ۾ هجڻ سبب هو ڏور بيتن جي مراد جو ماهر پڻ ٿيو ۽ سڄي سنڌ جي سپورنج سگھڙن مان سڏجڻ لڳو.

حُليو ۽ شخصيت:

        سگھڙ قادر بخش راڄپر نهايت حليم ۽ سادي طبيعت وارو انسان هو. قد جو وچولو، جسم نازڪ ۽ نفيس، سهڻي صورت، ڪڻڪ رنگ، سونهاري سفيد، شهپر پورا رکيل هئس، ڏاڙهي مبارڪ کي ميندي هڻندو هو. پوشاڪ ۾ سفيد پهراڻ، مٿي تي اڪثر سفيد رنگ جو پٽڪو ٻڌندو هو. اڇي رنگ جي چادر يا اجرڪ ساڻ کڻندو هو. عبادت ۽ رياضت جو پابند هو. جيڪڏهن ڪو وقت قضا ٿي ويندو هوس ته زارو زار روئندو هو. هر هڪ ملڻ واري سان بيحد محبت، نياز نوڙت ۽ احترام سان ملندو هو، چاهي ٻار هجي يا وڏو، پڙهيل هجي يا اڻ پڙهيل، واقف هجي يا اڻ واقف سڀني جي عزت ڪندو هو.

اولاد:  

سگھڙ قادر بخش راڄپر ٻه شاديون ڪيون پر قدرت خدا جي ڪنهن مان به اولاد ڪو نه ٿيس.  هو ننڍن ٻارن سان بيحد پيار ڪندو هو، ۽ پنهنجي ڀائٽي محمد عثمان کي پٽ ڪري پاليائين جيڪو اڄ به حال حيات آهي.

سير و سفر:

        سگھڙ قادر بخش راڄپر سير ۽ سفر جو ڏاڍو شوقين هو، سواري لاءِ پنهنجي گھوڙي هوندي هئس؛ جنهن تي لاڙ پار هليو ويندو هو، مهينن جا مهينا سگھڙن سان روح رچنديون رهاڻيون ڪري پوءِ گھر موٽي ايندو هو. سڄي سنڌ ۾ اڃان تائين سندس ڪيترائي شاگرد ۽ محبتي رهن ٿا، جيڪي اڄ به محبت ۽ رهاڻ ۾ سندس قرب جي ساراھ جا ڍڪ ڀرين ٿا.

ساڻس منسوب ڪجهه دلچسپ ڳالھيون:

سگھڙ قادر بخش راڄپر کي پنهنجي چاچي چيو ته زمين ۾ ٻج ڇٽيل آهي ڏاندن جو جوڙو جوٽي وڃي هر ڪاهي اچ. سگھڙ قادر بخش جوڙو جوٽي وڃي ٻنيءَ تي نڪتو. اتي ٻه ٽي اوڙون مس ڏنائين ته هڪڙو همراھ پاسي کان گھوڙي تي اچي لنگھيو، چيائين ته چاچا ڪا ڳجھارت هجئي ته ڏي. هن چيو بيشڪ ڳجهارت آهي، ۽ پوءِ گھوڙي سوار ڳجھارتون ڏيندو ويو ۽ هيءُ شخص ڀڃندو ويو. واٽهڙو ته ويندو رهيو. هي جوان جوڙو اتي ڇڏي هن جي پويان لڳي پيو. هُو گھوڙي تي هي پنڌ؛ هڪ ٻئي کي ڳجھارتون ڏيندا ويا تان جو تليءَ ۾ پهتا اتان سج لٿي جو گھر موٽي آيو. پويان چاچنهس جوڙو ڪاهي اچي گهر ٻڌو. ۽ صبح جو ٻيو ٻج وٺي وڃي هر ڪاهيائين.

سگهڙ قادربخش راڄپر تعلقي روهڙي ڳوٺ شهباز ڏني کورکاڻي ۾ ڪچهري ڪيو پئي آيو ته ڦوڳ نالي کورکاڻي واٽ تي سگهڙ قادربخش کي ڏسي چيو ته اڄ منهنجي دعوت هلي کائو، سگهڙ قادربخش کي وٺي اچي اوطاق تي ويهاريائين. هن جوان جو گهر ۾ پنڊي تي به نالو ڪونه هو سو گهران دٻ مليس. هي جوان الائي ڪيڏانهن لڪيو هليو ويو، اتي سگهڙ قادربخش ويٺو رهيو. اتي ڪنهن ٻئي کورکاڻي کي خبر پئي اهو وٺي وڃي پنهنجي اوطاق تي ويهاريائين اتي ڦوڳ تي بيت چيائين ته؛

هائو ڪري هليو ويو، ڦوڳ ڏئي ڦيري!

مهمان ٽڪائيندو ڪين ڪي، جيتر محب (سندس پٽ) ماءُ هوندس جيئري،

گهران ٿو ماني، ڄڻ ککر اٿم ڇيري،

ٻيا ٻروچ ٻهڳڻا، هي ٿي ويو ڪلر ۽ ڪيري،

مدي يا ميري، آهي ’قادر‘ هٿ ’قادربخش‘ چئي.

سگهڙ قادربخش راڄپر پنهنجي ٽولي سان سيد گنبل شاهه جيلاني (ڦاڙهيارو) جي ميلي تي اچن پيا، جڏهن تلاءَ وٽ پهتا ته هڪ شنباڻي ڪو قصو کنيو ويٺو آهي، اچڻ سان سگهڙ قادربخش راڄپر پڇيس ته ڪنهن جي  ڪهاڻي ٻڌائين ٿو، ٻروچ فخر مان چيو ته ڪوتڪ پکي جي. سگهڙ قادربخش چيس ته اڄ ڏينهن تائين مون ڪوتڪ پکي ته ٻڌو ئي ناهي، تنهن تي ٻروچ چيو ته، پوڙها تو ٻيا پکي ۽ جيت ٻڌا آهن. استاد قادر بخش تڏ ۽ بکڙي کان جو بيٺو ته هزارين جيتن جڻين ۽ پکين جون کنڌيون کڻي ڇڏيائين. آخر ان ٻروچ ’استاد‘ چئي پيرن تي ڪري معافي ورتائين ۽ چيائين ته بيشڪ اوهان استاد آهيو.

وڏن اديبن سان رهاڻيون:

        سگھڙ قادر راڄپر هونئن ته وڏن وڏن اديبن محققن سان روح رچنديون رهاڻيون ڪيون، پر جن سان راتين جون راتيون ويهي رهاڻيون ڪيائين ۽ انهن اديبن سندس باري ۾ لکيوآهي تن ۾ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، مرحوم سيد عبدالحسين موسوي (روهڙي)، مرحوم محمد اسمٰعيل نون (نهٽو)، مرحوم ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو (لاڙڪاڻو)، مرحوم ڊاڪٽر عطا حامي (سوهو ڪناسرا)، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ (حيدرآباد) ۽ محترم محمد ابراهيم جويو (حيدرآباد) شامل هئا.

وڏن سگھڙن سان رهاڻيون:

        سگھڙ قادر بخش راڄپر هيٺين سگھڙن سان تمام گھاٽا تعلقات هئا، ۽ هُو ساڻن قرب ڀريون ڪچهريون ڪندو رهندو هو. سگھڙ جاڙو خان مري (سانگھڙ)، سگھڙ لالڻ خان لغاري (سنجھورو)، عبدالرحيم فقير ڏاهري، ٻيڙو فقير ڪنڀار (حيدرآباد)، فقير هدايت علي رڏ (نارو)، بخشو فقير شر، محمد وارث کٽي (نوابشاھ)، متارو فقير واڍو (سڪرنڊ)، وڏيرو ساجن ڳاهو (شاھ پورچاڪر)، بچايو فقير رند، نور محمد شباڻي (نارو)، نور محمد انصاري، علي شير جاگيراڻي (خيرپور)، شاھنواز ڪٽوهر، مراد فقير لاشاري، حاجي فقير مهيسر، ميهوال فقير ڪٽوهر، ڇٽو ڏيپر، امام بخش ڏيپر، امير بخش کٽي، خان محمد ڪٽوهر، بهادر علي جلباڻي، ابراهيم جلباڻي، سلطان احمد ڪٽوهر، ڪريم بخش جوڻيجو ۽ عطا محمد جوڻيجو شامل آهن. هن سڀني سگھڙن سان رهاڻيون ڪيائين.

سگھڙائپ ۾ سندس شاگرد:

        سگھڙ استاد فقير محمد ساکاڻي (بوزدار وڏا)، محمد بخش ٽالپر (ٽالپر وڏا)، ميوو فقير ڦلپوٽو (خيرپور)، محمد سالڪ مهراڻي (ڦليل/نارو) محمد پنهل سوڍڙو (ميرواھ)، سوڍو فقير سوڍڙو (بوزدار وڏا)، زوار جتوئي فقير شر (گھنڊ)، يار محمد مهراڻي (بوزدار وڏا)، شهباز ڏنو کورکاڻي (سونهارو)، ڪرم حسين مهراڻي (ڦليل نارو)، جھوڙو فقير سوڍڙو (ٺري ميرواھ)، الهڏنو مهراڻي (بوزدار وڏا)، مورند سوڍڙو (ٺري ميرواھ)، محمد يوسف ماڇي (گُجو ميرواھ)، صحبت فقير ماڇي (گھنئين)، شاھ مراد شر (گھنڊ)، حضور بخش جلباڻي (ميرواھ)، حاجي فقير جاڳي (ٺري ميرواھ)، محرم علي ڏهر (نواز بوزدار)، رسول بخش راڄپر، ميوو فقير کورکاڻي (سونهارو)، الهڏنو کورکاڻي (سونهارو)، ڪريم بخش ڦلپوٽو (خيرپور)، ابراهيم جلباڻي (پير ڳوٺ)، عبدالجبار مهراڻي ڦليل (نارو)، گيلو فقير ابو پوٽو (ٺري ميرواھ)، بهادر علي جلباڻي (پير ڳوٺ)، عبدلمجيد ماڇي (وڏا ماڇي)، الھ جوايو ماڇي، محمد ايوب شر (مينگو فقير)، گل حسين جلباڻي، ڪريم ڏنو شر۽ دين محمد ساکاڻي سنڌ جي هن سپورنج سگھڙ کي استاد جي لقب سان سڏيندا هئا.

شاعري ۽ سگھڙائپ:

        سگھڙ قادر بخش راڄپر روحاني سگھڙ هو. سندس گهڻي شاعري سنڌي ۾ آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن سرائيڪي ۾ به شعر چوندو هو. هن کي نه صرف پنهنجي شاعري برزبان ياد هئي، پر ٻين سگھڙن جو به  جام وکر ساريل هُوس، سگھڙ قادر بخش ٻوليءَ جو سمنڊ هو، سگھڙائپ ۾ سندس ڏاڏو عبدالله خان راڄپر استاد هو؛ جنهن کان هن ڏور جو فن سکيو. پنهنجي شاعري ۾ تخلص پنهنجو نالو يا ذات يعني ’قادر بخش‘ ۽ ’راڄپر‘ ڪم آندو اٿس.

وصال:

ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو،

قادر بخش راڄپر، ويٺل لڳ ٽالپر وڏا تعلقو ٺري، وڏو هر فن موليٰ سگهڙ هو. 1955ع کان وٺي اسان جون ساڻس ڪچهريون قائم رهيون. ڳجهارتن جي ڏي- وٺ ۾ به ملوڪ هو. 1966ع ۾ گذاري ويو.

حالانڪه سگھڙ قادر بخش راڄپرجي خانداني ذريعن موجب هن 82 سالن جي عمر ۾ 1972ع  تي هي فاني جھان ڇڏي ويو.

مختلف حوالن ۾ موجود سندس ذڪر ۽ ڪلام:

سگهڙ قادر بخش راڄپر هڪ اعليٰ پائي جو سگهڙ ۽ ٻوليءَ جو ويجهار هو. هُو لوڪ ڏاهپ جو امين ۽ گفتن جو گرنار، لفظن جو ڪاريگر، خيالن جو پارکو، ڳجهه ڳجهارتن ۽ ڏور جو ڳولهائو ۽ ڳوٺاڻين حسناڪين جو عاشق هو. سندس ذڪر ڪافي ڪتابن ۾ ملي ٿو.  

 ’ڏور‘ ڪتاب ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو ته،

”شاعرن کان سواءِ ڪيترائي ٻيا سگهڙ ’ڏور جي ڪچهري‘ جا وڏا مور هئا. ڇاڪاڻ ته اهي وڏا داناء ڳولا (ڏور بيت جي مراد معلوم ڪرڻ وارا) هئا. لاڙ ۾ اوباهيو ماڇي، اتر ۾ خدابخش ٻرڙو (تعلقو ڪنڌڪوٽ)، محمد قاسم کٽي (رفيق مهيسر تعلقو خيرپور)، سيد حسين شاهه (تعلقو روهڙي) ۽ قادربخش راڄپر ۽ ڪوهستان ۾ دودو عاقلاڻي (برفت) ڏور جا وڏا مشهور ڳولا ٿي گذريا آهن.“

سگهڙن جي سرگرمين بابت انهن ڏينهن ۾ ادبي بورڊ جي مڃيل ادبي مئگزين ٽه ماهي مهراڻ ۾ باقاعده تفصيلي رپورٽون شايع ٿينديون هيون. ٽه ماهي مهراڻ، جلد 46، 1960ع ۾ لکيل آهي ته:

”ساڳيءَ ريت، 30- اپريل 60ع تي وري اُتر جي سنگت لاڙ جي هڪ هفتي جي دوري تي نڪتي، جنهن ۾ هيٺيان ڏهه سگهڙ شامل هئا: حاجي فقير مهيسر، ميوو ڦُلپوٽون، نور محمد شباڻي، مراد لاشاري، علي شير جاگيراڻي، شاهنواز ڪٽوهڙ، مٺو خان ٻرڙو، داد خان شباڻي، گلڻ خان جلباڻي، ۽ قادر بخش راڄپر. لاڙ توڙي اُتر ۾ ڪي ڪچهريون تمام وڏيون ٿيون، جن ۾ ٻنهي حصن جي سگهڙن خوب جوهر ڏيکاريا. ڪن هنڌن نڙ- بيتن وارا ۽ ’دودي- چنيسر جي ڳالهه‘ چوڻ وارا به موجوده هئا، ۽ پڻ دهلن ۽ شرناين، ڪافين ۽ ڪلامن سان ڪچهرين جي لطف ۾ گهڻو اضافو ٿيو.“

قادر بخش راڄپر نه صرف ڏور ۽ ڳجهارت جو وڏو ڄاڻو هو بلڪه هو سنڌ جي قديم داستانن ۽ قصن جو به حافظ هو، هن کي ڪيترائي قصا برزبان ياد هئا. ڦل وڌوئي ۽ ڀوري جي داستان بابت هن ئي ڊاڪٽر بلوچ صاحب کي ٻڌايو هو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب ’مشهور سنڌي قصا 7‘ ۾ لکي ٿو ته،

ڦل وڌوئو ۽ ڀوري جو داستان غالباً سنڌ جي قديم تمدن جو يادگار آهي، جنهن جا آثار ’ڪوٽ ڏجي‘ جي کنڊرات ۾ مدفون آهن. ’اونچل ڪوٽ‘ مان مراد ’ڏجي‘ جي ٽڪر وارو ڪو آڳاٽو قلعو آهي، جتي ڪنهن سمي ’اُتم راءِ‘ (سڀني کان وڏو راءِ) راڄ ڪندو هو. ’ڀوري‘ سندس سهڻي شهزادي هئي، جنهن جو نالو هنڌين ماڳين مشهور هو. سنڌ جي ڪنهن ٻيءَ ڀيڻيءَ جو شهزادو ’ڦل وڌوئو‘ مٿس عاشق ٿيو ۽ ڪشالا ڪري اچي کيس ماڻيائين. لاڙ جي شاعر محمد خان ٽالپور جي روايت موجب ’ڦل وڌوئو‘، ’ڪاڇي‘ جي بادشاهه جو شهزادو هو. ”ڦل ۽ ڀوري“ جي آثارن جي ڳولا ڪندي، اسان کي سنه 1956ع ۾ ’ٺريءَ‘ (ضلعو خيرپور) جي سگهڙ قادر بخش راڄپر ٻڌايو ته ٻنهي جي قبر ڪوٽ ڏجي ۾ آهي. اتي پهچڻ بعد شهر جي ماڻهن ان جي تصديق ڪئي ۽ چيائون ته اهي قبرون هت آڳاٽي وقت کان وٺي معلوم ۽ مشهور آهن. شهر کان اوڀر طرف ٽڪر ڏانهن رستو وڃي ٿو ۽ هيٺ ٽڪرائين اراضيءَ ۾ ڦل وڌوئي جي قبر آهي ۽ ان کان ڪجهه مفاصلي تي هڪ مٿاهين ٽڪري آهي، جنهن کي بيبي ڀوري جي ٽڪري ڪري ٿا سڏين، جتي چون ٿا ته هوءَ دفن ٿيل آهي. شايد سندس محلات پڻ اتي هو. انهن ظاهري اهڃاڻن جي بناء تي چئي سگهجي ٿو ته هيءُ داستان خيرپور جي ’ڪوٽ ڏجي‘ واري ڪُهني بستيءَ جو داستان آهي.

هڪ دفعي اسد جمال پلي مون کي فون تي گفتگو دوران ٻڌايو ته، ”حيدرآباد ۾ هڪ ڪچهري مرحوم معمور يوسفاڻي ۽ قادر بخش راڄپر جي ٿي، هيءُ لوڪ ادب اسڪيم جي سهيڙ وارو وقت هئو. هن ڪچهري ۾ محمد سومار شيخ بدين وارو پڻ گڏ هئو. ڦل ۽ ڀوري جي داستان تي وڏو بحث هليو. معمور صاحب ٻڌايو ته ڦل ۽ ڀوري جي داستان جا آثار ٿرپارڪر (موجوده عمرڪوٽ) ضلعي ۽ حيدرآباد موجوده ٽنڊوالهيار ضلعي ۾ پڻ موجود آهن. بزرگن جو هن بحث کان علاوه لوڪ ادب جي ٻين به ڪيترين موضوعن تي گفتگو ٿي هئي.“

حسين بخش رڏ ولد هدايت علي رڏ سنڌ جي وڏن سگهڙن ساڻ ڪچهريون جي سري هيٺ لکي ٿو ته،

مون قادر بخش راڄپر ساڻ هڪ ڪچهري ننڍپڻ ۾ ڳوٺ سيد گمبل شاهه تعلقي ناري ۾ ڪئي. ان کان علاوه بخشيو شر، قاضي الهواريو، ٻيڙو فقير ڪنڀار، حاجي مهيسر، محمد ملوڪ عباسي، ڪريم بخش وسطڙو، محمد موسى مهيسر، علي شير فقير جاگيراڻي، شاهنواز ڪٽوهر، مهوال فقير ڪٽوهر، محمد مٺل ٻرڙو، حبيب الله لاشاري ۽ ٻيا کوڙ سارا سگهڙ جيڪي گهڻائي ۾ هيءُ جهان ڇڏي ويا آهن تن سان روح رهاڻيون ٿيون.

ڪتاب سهڻل جا سينگار ۾ عاجز رحمت الله لاشاري لکيو آهي ته، صوفي حيدر بخش فقير شر پهرين جنوري جنم 1943ع ۾ ڳوٺ مينگهو فقير شر تعلقه ٺري ميرواهه ضلع خيرپور ۾ سندس استاد مرحوم مغفور فقير قادر بخش راڄپر هُيس....“

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سگهڙ قادر بخش راڄپر جي ڏور جا هي نمونا ڏنا آهن:

سهڻي جي سِرَ مؤن، آيو وينگس کي ڪو واءُ،
نه ڪيائين ڪار ڪتڻ جي، نه چرخي سان هيس چاهه،
سرتين کان اڳ ساعت ۾، هن پورو ڪيو ڀاءُ،
ماٺ لڳي مڙني کي، ڏسي دانهه جو هي داءُ،
ورتئون سالڪ کؤن هي ساءُ، تڏهن رنگ لڳو ”راڄپر“ چئي.
                                                    (قادر بخش راڄپر)

سهڻو = حضور جن. وينگس = ريان جي ڌيءَ. ڪتڻ جي ڪار = شادي. چرخو = پٽ. پاءُ پورو ڪرڻ = ٻار ڄڻڻ. دالهه = حضور جن. سالڪ = پٽ.

مراد: ريان جي ڌيءَ شادي ڪرڻ کان سواءِ پنهنجي سرتين کان اڳي پٽ ڄائو. جنهن حضور جن جي نبوت جي شاهدي ڏني ريان ۽ ان جا ماڻهو اهو معجزو ڏسي مسلمان ٿيا.

(ڏور، صفحو نمبر 312)

سسئي کي پنهل جي، ڏني ٻاٻيهل ٻُرڪي،
 ڪيچي آيو ڪوهيارو، ڏسي محب ويٺِي مُرڪِي،
سهي سيج ڏي سرڪي، ڏسو رنگ ”راڄپر“ چئي.

سسئي = بيبي خديجة الڪبريٰ. پنهل = حضور جن. ٻاٻهيل = نجومي. ٻُرڪي ڏيڻ = خواب جو تعبير ٻڌائڻ.

مراد: بيبي صاحبه پنهنجي نجومي چاچي کان خواب جو تعبير ڪرايو. جنهن ٻڌايس ته تنهنجي شادي آخر زماني جي نبي سان ٿيڻي آهي. اها خبر ٻڌي هوءَ سرهي ٿي ۽ آخر حضور جن سان شادي ٿيس ۽ سندس خواب سچو ٿيو.

(ڏور، صفحو نمبر 315)

بنا ڏسڻ ڏاهي، کڻي عا ڪيو انور،
اچي جھيڙيائين تنهن جنگ سان، ثابت منجھ ئي سر،
مقرر هئس ماڳ تي، هيٺ مٿي نوڪر،
هيڪل تنهن همت ڪري تالان ڪيا تونگر،
اها خفتين کي به خبر، هوندي قصي جي ”قادر بخش“ چئي.

ڏاهو = اويس قرني. انور = اويس قرني. جنگ = ڏند. سر = ٻٽيهي. نوڪر = ڏند.

مراد: اويس قرني کي پرپٺ جڏهن حضور جن جي ڏند مبارڪ شهيد ٿيڻ جي سڌ پئي، تڏهن پنهنجي ٻٽيهي هڪ هڪ ڏند ڪري ڪڍي ڇڏيائين.

(ڏور، صفحو نمبر 385)

هيون عورتون آرام ۾، سي سڀئي برحال،
پلؤ نه کڻي پَري پئي، سيفل تان سَر حال،
پر بانو بديع الجمال، انهيءَ رنگ رتي ”راڄپر“ چئي.

عورتون = راتيون پلؤ نه کڻڻ = اوندهه جو پردو نه هٽڻ. سيفل = حضور جن. بديع الجمال = معراج

واري رات ڏانهن اشارو.

مراد: حضور جن جي معراج واري رات جو ٻين سڀني راتين کان شان نرالو ٿيو.

(ڏور، صفحو نمبر 431)

ليليٰ چيو مجني کي، ٻاريءَ لڳ بِيههُ،
چورنگ چيو ڪيو، ٿيو سانول کي نه سيءُ،
نندي نيون پٽيون، هلي آيو هيءُ،
ليليٰ به اچي حاضر ٿي، جانب منهنجا جيءُ،
نندو نِوين هليو، تون حاڪم اڳ ۾ ٿيءُ،
پوءِ سرور آهي سميع، ڏسو رنگ ”راڄپر“ چئي.

ليليٰ = هرڻي. مجنو = حضور جن. نندو = ماري. نيون پٽڻ = اکيون کولڻ.

مراد: هرڻيءَ، حضور جن سان ٻچن کي کير ڌارائي موٽي اچڻ جو وعدو ڪيو. ان تي حضور جن رحم آڻي کيس دام مان آزاد ڪيو، ايتري ۾ ماري ننڊ مان سجاڳ ٿيو ۽ حضور جن سان ڪاوڙ ۾ پي ڳالهايائين ته هرڻي به ٻچن سوڌي اچي حاضر ٿي. جنهن کي ڏسي ماري پشيمان ٿيو ۽ حضور جن کان معافي وٺي مٿن ايمان آڻي مسلمان ٿيو.

(ڏور، صفحو نمبر 454)

عاقل پنهنجي آکيري تي، پئي جوان ڪيو جهيڙو،
منڌ جو تنهن ماڳ تي، محڪم ڏٺئين ميڙو،
سامي چيو صوبي کي، جڏهن نر ڏٺئين نيڙو،
سانجھي اتي منڌ کي، کڻي وير ڏنو ويڙهو،
پوءِ ڪيو نار نکيڙو، پئي ڪل کي ڪل ”قادر بخش“ چئي.

آکيرو = پيهو. جوان = هاري. منڌ = جهار. سامي = هاري. صوبو = حضور جن ويڙهو = والشمس جو  حلقو نار = جهاز.

مراد: حضور جن هڪڙي ٻنيءَ وٽان لنگھيا ته پيهي تي ويٺل هڪڙي ڪڙميءَ کين پکين کي هڪلڻ لاءِ چيو. حضور جن سورة ”الشمس“ پڙهي ته پکي اٿي اڏامي ويا ۽ وري ان ٻنيءَ ڏانهن نه آيا. انهيءَ پوک ۾ اهڙي برڪت پيئي جو اهو ڪڙمي نهايت خوش گذارڻ لڳو ۽ رب جا شڪرانا نجا آندائين.

(ڏور، صفحو نمبر 489-490)

بيراڳڻ هن کي بيزار ڪيو، تڏهن هئائين صوبي کي ستايو،
ڪامل اتي ڪامڻ کنئين، ۽ ٻهڳڻ ٻولايو،
هو آجو ٿيو انهيءَ آفت کؤن، هن جو خيال خوشيءَ ۾ آيو،
پوءِ ڪري ڳالهه ٻڌايو، هن قصي جي ”قادر بخش“ چئي.

بيراڳڻ = جهار. صوبو = حضور جن.  ڪامل = حضور جن. ڪامڻ = والشمس سورة.

مراد: حضور جن هڪڙي ٻنيءَ وٽان لنگھيا ته پيهي تي ويٺل هڪڙي ڪڙميءَ کين پکين کي هڪلڻ لاءِ چيو. حضور جن سورة ”الشمس“ پڙهي ته پکي اٿي اڏامي ويا ۽ وري ان ٻنيءَ ڏانهن نه آيا. انهيءَ پوک ۾ اهڙي برڪت پيئي جو اهو ڪڙمي نهايت خوش گذارڻ لڳو ۽ رب جا شڪرانا نجا آندائين.

(ڏرو، صفحو نمبر 490)

اڙانگي جي عجيب اچي، وائي ڪئي وات،
آيا سڀ عبرت ۾، جيڪي مڙئي هئا محلات،
صوبي پوءِ سامين جي، برهه مٽائي بات،
هن به انعام ڪيا ارڏي جي، جيڪي سهڻا هئا ساٿ،
تن جون ڏينهان رات، ڪيان ڪهاڻيون ”قادر بخش“ چئي.

اڙانگو = لڪڻ. عجيب = عڪاسه اصحابي. سڀ = اصحابن ڏانهن  اشارو. محلات = حضور جن جي مجلس. صوبو = حضور جن. سامي = بدن تي پهريل پوش. بات مٽائڻ = لاهڻ. هن = عڪاسه ڏانهن اشارو. ارڏي = مهر نبوت. سهڻا = چپ (عڪاسه جا).

مراد: عڪاسه اصحابي بهاني سان مهر نبوت کي ظاهر ڪرايو. ان کي چمي ڏئي پنهنجو مقصد به پورو ڪيائين ۽ ٻين کي به ديدار ڪرائي انهن جي ڪاوڙ ڍري ڪرايائين.

(ڏور، صفحو نمبر 540)

جڏهن ڪهنگ ويا ڪاپڙي کؤن، تڏهن مير ڪيس مصلحت،
سڻ حقيقت هيءَ اٿيئي، شامل سان شريعت،
ڪامڻ ڪين ڪندي، جنهن کي اصل ناهه عادت،
اتهون واري اَمانت، ڪين ڇڏيندس ”قادر بخش“ چئي.

ڪهنگ = ٻانهون. ڪاپڙي = حضرت عباس. حضرت عباس. مير = حضرت امام حسين. ڪامڻ = زبان امانت = وعدو.

مراد: چون ٿا ته حضرت عباس حضرت امام حسين کي ادا نه چوندو هو. جڏهن ڪربلا جي ميدان ۾ فرات نديءَ مان پاڻي آڻڻ ويو ته قدرت سان ٻئي ٻانهون ڪفارن تير پڻي بيڪار ڪيس آخر شهادت کي ويجھو ٿيو ته حضرت امام حسين جوٽ تي سر مبارڪ رکي چيس ته هاڻي ته ادا چئو. چيائين ته آقا! زبان ڪڏهن به چيو نه ڪندي جو بابي سائينءَ سان اهڙو وعدو ڪيل اٿم.

(ڏور، صفحو نمبر 649-650)

نتيجو:

سگهڙ قادر بخش راڄپر نه صرف ڏاهو ۽ ٻوليءَ جو وينجهار سگهڙ هو، پر هن ٻوليءَ ۾ نفيس ۽ نازڪ خيالن کي انتهائي اورچائي سان پيش ڪيو آهي. سندس فن ان ڳالهه جي گواهي ڏئي ٿو ته هو وڏو ڪلاڪار هو. هن حمد، مولود، قصيدا، واقعاتي بيتن، ڏور بيتن، ڳجهارتن ، سينگار وغيره جهڙين صنفن ۾ پنهنجي فن جا جوهر ڏيکاريا آهن. مجموعي طور تي سندس ڪلام جو اڀياس ڪرڻ مان معلوم ٿو ٿئي ته هُو ٻوليءَ جو شاھ ڪاريگر هو. هن جي شاعريءَ ۾ رواني، سلاست، موسيقيت ۽ ترنم آهي. هُو فطري طور تي سگهڙ معلوم ٿئي ٿو، جيڪو مختلف موقعن کي شاعريءَ ۾ قيد ڪري ڇڏي ٿو. بلڪه هو لفظن ۾ تصويرون ڪري ٿو. هن پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪيئي تاريخي حوالا پڻ ڏنا آهن، جن مان معلوم ٿئي ٿو ته توڙي جو بظاهر ته هُو اڻپڙهيل هو، پر پنهنجي  مشاهدي جي آڌار هو گهڻو ڪجهه سکيل هو. هن پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪيئي ڳوڙهيون تشبيهون ۽ تلميحون استعمال ڪيون آهن، جن مان معلوم ٿئي ٿو ته هُو ڪتابي علمن جي نه هوندي سينه به سينه حاصل ڪيل علم ۾ ڪمال مهارت رکندو هو.

مددي ڪتاب:

1.                  انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، سنڌي لئنگويج اٿارٽي، حيدرآباد

2.                 ذاتين جي انسائيڪلوپيڊيا، خير محمد ٻرڙو، مراد پبليڪيشنز سيوهڻ، 2005ع   

3.                 سنڌ جون ذاتيون، قومون ۽ قبيلا، اياز ڀاڳت، 2010ع

4.                 ڏور ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، ٻيو ڇاپو، 2005ع

5.                 ڳجهارتون، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو 1969ع

6.                 مشهور سنڌي قصا 7،  ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو 1969ع

7.                 سهڻل جا سينگار،  عاجز رحمت الله لاشاري، تنظيم فڪر و نظر سنڌ،  2014ع

8.                 ٽه ماهي مهراڻ، جلد 46،  سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو ،1960ع

9.                 راڄپر جي رمز، صوفي شاهنواز مهراڻي مرحوم (اڻڇپيل)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org