سيڪشن: رسالا

ڪتاب: 4/ 2020ع

باب:

صفحو:3 

ڊاڪٽر نوازعلي شوق

       ڪراچي

 

 

 

 

قاضي قادن جو ڪلام

 

قاضي قادن سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جو پهريون وڏو شاعر آهي. سندن ڪلام کي نه رڳو سنڌ، پر هند ۾ به وڏي مقبوليت حاصل هئي. سندن ولادت سنه 870هه بمطابق 1465ع ۾ بکر ۾ ٿي. ابتدائي تعليم به بکر ۾ ئي حاصل ڪيائين، جيڪو ان دور ۾ وڏو علمي مرڪز هو. مير معصوم بکريءَ تاريخ معصومي ۾ سندن علمي قابليت جي تعريف ڪندي لکيو آهي ته: ”قرآن مجيد فرقان حميد جو ياد حافظ هو. قرائت ۽ تجويد جي پوري ڄاڻ هئس. علم حديث، علم تفسير، فقہ، اصول فقہ (۾ عالم)، تصوف (۾ وڏو عارف) ۽ علم آلات (ڪَلن اوزارن جو انجنيئري علم يا ٽيڪنالاجي) ۾ اڪابر هو. انشاپردازي ۾ سندس ڪو مَٽ ڪو نه هو. حساب ۽ رياضي جي به ڄاڻ هئس.“ (تاريخ معصومي سنڌي ترجمو  ص:243).

906هه ۾ جڏهن مشهور بزرگ ميران محمد جونپوري جيسلمير کان بکر آيو، ته قاضي قادن سندن مريد ٿيو. ان کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي ميران پوري جا مريد ٿيا. تنهن ڪري بکر مهدوي طريقي جو هڪ ”دائرو“ بڻجي ويو. 926هه ۾ جڏهن دولهه دريا خان شهيد ٿيو، تڏهن شاهه بيگ ارغون ٺٽي تي قبضو ڪيو. ان وقت قاضي قادن پنهنجي ڪٽنب سميت ٺٽي ۾ مقيم هو. شايد بکر طرف شاهه بيگ جي حملن کان تنگ ٿي اچي ٺٽي ۾ رهيو هو. ٺٽي ۾ ارغوني لشڪر سنڌين جو قتل عام ڪيو. اهڙو ظلم ڏسي قاضي قادن، شاهه بيگ ارغون کي دردناڪ خط لکي موڪليو. ان عريضي جو شاهه بيگ تي وڏو اثر ٿيو. مير معصوم لکيو آهي ته: ”آخرڪار قاضي قادن جي ڪوششن سان، جيڪو ان وقت جي عالمن فاضلن مان هو، غضب جي باهه اجهاڻي. خود قاضي جو اهل عيال به قيد ٿيل هو ۽ هن ديوانن وانگر ٺٽي جي گهٽين ڳلين ۾ پنهنجي وڃايل ڪٽنب کي پئي ڳوليو. سو آخر عبارت آرائي سان هڪ رقعو لکيائين، جنهن ۾ خلق جي تباهي جو احوال درج ڪيائين. اهو رقعو امام حافظ محمد شريف، شاهه بيگ کي ڏيکاريو. ان جي پڙهڻ سان شاهه بيگ جي دل تي وڏو اثر ٿيو ۽ پڙهو گهمايائين ته فوج مان ڪوبه ماڻهن جي مال ۽ عيال کي هٿ نه لائي. ان کان سواءِ پنهنجي ترڪش جو هڪ تير قاضيءَ کي ڏنائين ته جنهن ڏانهن به قاضي اشارو ڪري، سو سندس حوالي ڪن.“ (تاريخ معصومي سنڌي ترجمو ص 154).

هيءَ هڪ حقيقت آهي ته هر قوم ۽ هر خطي ۾ صدين کان خانداني ۽ قبائلي جهيڙا ٿيندا رهيا آهن ۽ اهو سلسلو اڄ تائين جاري آهي، جيڪو سنڌ جي تباهي ۽ برباديءَ جو سبب بڻجي رهيو آهي. گمان غالب آهي ته مَهرن ۽ ڌاريجن جو شروع کان ئي جهيڙو هلندو ٿي آيو. مَهر ۽ ڌاريجا ٻئي اصل ۾ پنجاب جا قبيلا آهن، جيڪي پوءِ سنڌ ۾ آيا. اڄ به پنجاب جي ڪن علائقن ۾ مَهر ۽ ڌاريجا رهن ٿا.

تاريخ معصومي جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته: ”شاهه بيگ، سلطان محمود کي بکر جي قلعي جو حاڪم مقرر ڪيو هو. ان وقت سلطان محمود جي عمر 15 ورهيه هئي. شاهه بيگ کيس بکر جي سيدن ۽ ڌاريجن سردارن سان سهڻو سلوڪ ڪرڻ ۽ بکر جي قلعي جي حفاظت جو تاڪيد ڪيو هو.“ جيئن ته هُو ناتجربيڪار شخص هو، تنهن ڪري انتظامي معاملا سهڻي نموني سنڀالي نه ٿي سگهيو. معلوم ٿئي ٿو ته سلطان محمود ڌاريجن سان سهڻو سلوڪ نه ڪيو. اهو ئي سبب آهي، جو هنن سلطان محمود جي مخالفت ڪئي ۽ قلعي مان ٻاهر نڪري، روهڙيءَ جي ميدان تي جنگ جي تياري ڪئي ۽ سلطان محمود جي موڪليل امينن جي بيعزتي ۽ بي حرمتي ڪري کين پوئتي موٽايائون. ٻه ڀيرا درياءُ ٽپي حملو ڪيائون، ته جيئن قلعي ۾ گهڙي سلطان محمود کي قيد ڪن. پر ساداتن مقابلو ڪيو، جنهن ڪري هُو ڪامياب نه ٿيا. سلطان محمود، اها سڄي حقيقت پنهنجي والد مير فاضل ڏانهن لکي موڪلي، جيڪو چانڊڪي ۾ شاهه بيگ سان گڏ هو. هن اهو خط شاهه بيگ کي ڏنو ۽ پاڻ بکر ڏانهن روانو ٿيو.

جڏهن مير فاضل بکر جي آسپاس پهتو، تڏهن هڪ مکيه زميندار لال مهر پنهنجي ڀائرن سميت اچي سندس سلامي ٿيو. ڌاريجا وڏيرا پڻ هر هنڌان وٽس حاضر ٿيندا رهيا. نيٺ مير فاضل اچي بکر پهتو ۽ ڌاريجن جا ستيتاليهه سردار به پاڻ سان گڏ وٺي آيو. تاريخ معصومي موجب جڏهن شاهه بيگ کي معلوم ٿيو ته مير فاضل بکر ۾ خير سلامتيءَ سان پهتو آهي، تڏهن پاڻ جنهن منزل تي پهتو هو، اتان تڪڙو بکر روانو ٿيو ۽ اچي سکر جي ميدان ۾ لٿو. قاضي قادن پڻ پنهنجن ڀائرن ۽ ڪن شهر جي ماڻهن سان گڏ اچي حاضر ٿيو. سلطان محمود ڌاريجن جو معاملو شاهه بيگ آڏو پيش ڪيو، جنهن قاضي قادن ڏانهن منهن ڦيرايو. (يعني قاضي قادن کي مشوري جو اشارو ڪيو). قاضي عرض ڪيو ته، ”هيءُ ملڪ سيلابي آهي ۽ هن زمين ۾ ڪنڊا گهڻا ٿيندا آهن، تنهن ڪري ڪنڊن ڪڍڻ وارو کهيڙو هميشه هٿ ۾ هجي.“ (تاريخ معصومي، سنڌي ترجمو ص 162-163)

قاضي قادن اشاري ڪنايي ۾ ڳالهه ڪئي، پر شاهه بيگ سندس اشاري جو ٻيو مطلب سمجهي، هنن کي قتل ڪرڻ جو حڪم ڏنو. سلطان محمود انهن ماڻهن کي قتل ڪرائي، بکر واري قلعي جي بُرج کان هيٺ اڇلايو، جيڪو ’خوني بُرج‘ جي نالي سان مشهور آهي.

مٿين عبارت مان ايئن محسوس ٿئي ٿو ته مَهرن، ڌاريجن جي پاڙ پٽڻ ٿي گهري، وقت جي حڪمران سان ملي، پاڻ کي مضبوط ڪرڻ ٿي گهريو، اهو به امڪان آهي ته هنن ڌاريجن خلاف گهڻيون ئي شڪايتون ڪيون هونديون. اهو ئي سبب آهي، جو ڌاريجا به وڃي مير فاضل سان مليا هئا ته متان هُو مهرن جون يڪ طرفيون ڳالهيون ٻڌي کين ڪو نقصان پهچائي،  تنهن ڪري هوُ پنهنجو موقف پيش ڪرڻ لاءِ ساڻس مليا، ته جيئن هُو ٻنهي ڌرين جون ڳالهيون ٻڌي، صحيح صورتحال کان واقف ٿي ساڻن انصاف ڪري. پر هُو کين انصاف جو ڪُوڙو آسرو ڏئي کين پاڻ سان گڏ وٺي آيو ۽ دوکي سان ڌاريجن جو قتل عام ڪيو. بکر جي سيدن ۽ مَهرن ذاتي دشمني ۽ پنهنجي مفاد خاطر هڪ ڌارئي ظالم حڪمران جو ساٿ ڏيئي پنهنجن کي قتل ڪرايو. پنهنجن جي غداري وارن اهڙن واقعن جا سنڌ جي تاريخ ۾ ڪيترائي مثال موجود آهن. بهرحال، هي تاريخ جو انتهائي افسوسناڪ واقعو آهي، ڇاڪاڻ ته ڌاريجن سان وڏو ظلم ٿيو. ان واقعي کان پوءِ ڪيترائي ڌاريجا پنجاب لڏي ويا.

تاريخ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته شاهه بيگ جي وفات کان پوءِ 929هه ۾ مرزا شاهه حسن نصرپور ۾ تخت نشين ٿيو. شاهه حسن به شاهه بيگ وانگر قاضي قادن جي وڏي عزت ڪندو هو. تنهن ڪري هن کيس بکر شهر ۽ ٻئي سڄي علائقي جو قاضي مقرر ڪيو، (ان عهدي دوران) جيڪي به فيصلا سندس آڏو شرعي قضا لاءِ پيش پئي ٿيا، تن ۾ ڪمال احتياط، امانت ۽ ديانتداري ڏيکاريائين. وڏي عمر هئڻ جي ڪري يا ناسازگار حالتن سبب ان وڏي عهدي تان استعيفيٰ ڏنائين ۽ پوءِ اهو منصب سندس ڀاءُ قاضي نصرالله کي مليو. قاضي قادن قضا جي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ بعد حج تي ويو ۽ گمان غالب آهي ته اتي ئي زندگيءَ جا ڏينهن پورا ڪيائين. مير معصوم سندس وفات جو سن 958هه/ 1551ع ڄاڻايو آهي.

علامه عمر بن محمد دائودپوٽي پنهنجي ڪتاب ”شاهه ڪريم جو ڪلام“ ۾ قاضي قادن جي حوالي سان لکيو آهي ته ”فرمايائون (شاهه ڪريم فرمايو) ته: ڪنهن ڏينهن هڪڙو ملامتي بزرگ قاضي قادن، جو وقت جي سياڻن ۽ زماني جي عالمن مان هڪڙو هو ۽ درٻيلي ۾ رهندو هو، جنهن جو لاڳاپو بکر سان آهي، تنهن جي مسجد ۾ اگهاڙو ٿي، محراب جي طرف پير ڪري سمهي پيو، جڏهن قاضيءَ کي خبر  ڏنائون تڏهن دُرو هٿ ۾ کڻي آيو. پيرن ڏي وڃي جان ڀانيائين ته دُرو هڻانس، ته ڇا ڏسي ته پيرن جي  جاءِ تي بزرگ جو مٿو رکيو آهي ۽ مٿي جي جاءِ تي پير، ٻيهر پيرن ڏي ٿي ويو ته مٿو ٿي نظر آيس. آخر ڏاڍو حيران ۽ درماندو ٿيو. پوءِ ان بزرگ قاضيءَ جي طرف نگاهه ڪئي ۽ چيائينس ته، ”پير جيڏي وڻنئي تيڏي ڪر، پر دل پنهنجي خاوند ڏانهن قائم رک. ان بعد دُرو هيٺ ڌريائين ۽ خدا جي طالبن مان ٿيو ۽ هي بيت پڙهيائين.

جوڳي جاڳايوس، ستو هوس ننڊ ۾،

تهان پوءِ ٿيوس، سندي پريان پيچري.

قاضي قادن جو تصوف ڏانهن لاڙو ميران محمد جونپوريءَ جو مريد ٿيڻ کان پوءِ ٿيو. مٿس وڌيڪ اثر هن واقعي کان پوءِ ٿيو شايد ان ڪري قضا وارو عهدو ڇڏي ڏنائين.

قاضي قادن جا بيت سڀ کان پهرين اسان کي شاهه ڪريم بُلڙيءَ واري جي ملفوظات ”بيان العارفين“ مان مليا، جي ڪُل ست آهن. ان کان پوءِ هيري ٺڪر هندستان جي هريانا صوبي جي روهتڪ شهر ويجهو راڻيلا نالي هڪ ڳوٺ جي هڪ مٺ (مڙهي) مان هڪ پستڪ هٿ ڪيو. جنهن مان هن قاضي قادن جا 112 بيت نقل ڪري، انهن جي معنيٰ لکي ۽ معياري مقدمو شامل ڪري، ”قاضي قادن جو ڪلام“ جي عنوان سان هڪ ڪتاب ڇپرايو. بعد ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ وڏي محنت ڪري وڌيڪ ماخذ هٿ ڪري قاضي قادن جو رسالو تيار ڪيو جيڪو انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي پاران 1999ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. ڊاڪٽر بلوچ جيڪي ماخذ هٿ ڪري قاضي قادن جو مستند رسالو تيار ڪيو، تن مان ڪن جو مختصر تعارف هيٺ ڏنو وڃي ٿو:

1.       تذڪره قطبيھ:

هن ڪتاب ۾ شيخ  عبدالجليل جي سوانح عمري ۽ ملفوظات ڏنل آهي. هيءُ ڪتاب شيخ عبدالجليل جي هڪ مُريد جمال الدين ابو بڪر الهه آبادي ڏهين صدي هجريءَ ۾ لکيو. هن ۾ قاضي قادن جو هڪ بيت شامل آهي.

2.      گلزار ابرار:

هيءُ ڪتاب محمد غوثي شطاري جي تصنيف آهي، جيڪو فارسي ۾ لکيو ويو. ان جو اردو ترجمو فضل احمد ڪيو. جيڪو ”اذڪار ابرار“ جي عنوان سان شايع ٿي چُڪو آهي. هن ڪتاب ۾ قاضي قادن جا چار بيت موجود آهن.

3.      بيان العارفين و تنبيهه الغافلين:

هيءُ ڪتاب ميين شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جي ملفوظات آهي، جيڪو سندن مريد محمد رضا تيار ڪيو. هن ڪتاب ۾ قاضي قادن جا ست بيت ڏنل آهن.

4.      شاهه جو رسالو:

شاهه لطيف جي مختلف قلمي ۽ ڇاپي رسالن ۾ قاضي قادن جا ڪي بيت شامل آهن. جيڪي ڊاڪٽر بلوچ قاضي قادن جي رسالي ۾ ڏنا آهن.

5.      حڪايات الصالحين:

هن ڪتاب جو قلمي نسخو بنده راقم جي ذاتي ڪتب خاني ۾ موجود آهي، جيڪو فارسي ۾ لکيل آهي، جنهن جي حاشين تي ”بيت سندي“ عنوان ڏيئي مختلف شاعرن جا بيت ڏنا ويا آهن. جي ڪُل 98 آهن جن مان 25 قاضي قادن جا آهن. ٻين بيتن تي وڌيڪ ويچار جي ضرورت آهي. (وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو راقم جو مقالو اڻ لڀ سنڌي بيتن جو ذخيرو ٽماهي مهراڻ، آڪٽوبر-ڊسمبر 1991ع)

6.      خزانة المعرفت:

هيءُ ڪتاب پير علي گوهر شاهه اصغر تيار ڪيو. هن ڪتاب ۾ پير صاحب پنهنجي والد پير پاڳاري صبغت الله شاهه (اوّل) جي ملفوظات لکي آهي. هيءُ ڪتاب ڊاڪٽر نبي بخش خان جي مقدمي سان جميعة العلماء سڪندريه درگاهه عاليه پير جو ڳوٺ، پاران ڇپجي چڪو آهي. هن ڪتاب ۾ قاضي قادن جا چار بيت شامل آهن.

7.      سنتون ڪي واڻي:

هيءُ گرنٿ (پُستڪ) هندستان جي صوبي هريانا ۾ راڻيل نالي هڪ ڳوٺ ۾ دادو پنٿي ڀڳتن جي هڪ مڙهيءَ ۾ رکيل آهي، جنهن جو عنوان آهي: ”ڪا جي ڪادن جي ساکي سنڌي اور ڀي ساڌان ڪي ساکي اڪٺي“ يعني قاضي قادن جي سنڌيءَ ۾ ساکي (بيت) ۽ پڻ ٻين ساڌن جي ساکي هڪ جاءِ ڪٺي.“ (وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو ”قاضي قادن جو رسالو“، تحقيق ۽ ترتيب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ص:32 کان 53، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، 1999ع)

هن ئي پُستڪ مان هندستان جي مشهور اديب هيري ٺڪر قاضي قادن جو ڪلام نقل ڪيو. هُن قاضي قادن جا 112 بيت نقل ڪري، ڏکين لفظن جي معنيٰ ۽ سمجهاڻي لکي ۽ پنهنجي معياري مقدمي ۾ قاضي قادن جي سوانح ۽ ڪلام بابت نهايت قيمتي مواد ڏنو آهي.

هيرو ٺڪر پهريون عالم آهي، جنهن وڏي محنت سان قاضي قادن تي شاندار ڪتاب تيار ڪيو، جيڪو 1978ع ۾ دهليءَ مان شايع ٿيو. ان کان پوءِ سنڌ ۾ پڻ ڪن اشاعتي ادارن اهو ڪتاب شايع ڪيو. جنهن تي سنڌ جي عالمن پنهنجا ويچار پيش ڪيا، جيڪي ماهور ’پيغام‘ ڪراچي ۽ ادبي بورڊ جي ٽه ماهي مهراڻ رسالي ۾ شايع ٿيا.

قاضي قادن جي شاعريءَ ۾ الله پاڪ جي وحدانيت، جدوجهد ۽ محنت وارن مضمونن کان سواءِ ڪيترائي اخلاق ۽ نصيحت وارا بيت نظر ايندا. هڪ بيت ۾ الله تعاليٰ سان سچي محبت جو اظهار ڪندي فرمائي ٿو ته، ”اي مالڪ آءٌ تنهنجي صفت ۽ ساراهه جو صحيح نموني حق ادا نه ٿو ڪري سگهان. توڙي تون مون کي لک ڌڙ ڏئين ۽ هر هڪ ڌڙ ۾ لک سر هجن، هر هڪ سِر ۾ لک منهن هجن ۽ هر هڪ منهن ۾ لک زبانون هجن، تڏهن به تنهنجي ساراهه پوري ٿي نه سگهندي. بيت ملاحظه فرمايو:

جي مون ڏئين لک ڌڙ، ڌڙ ڌڙ لک سران
سر سر لک مُهان ٿيئن، مُنهن مُنهن لک ڄڀان
سڀئي ڄڀان تکيان تڪڙيان لوان
صفت تنهنجي راڄيا! تو هئون ڪيئن ڪريان.

ٻئي هڪ بيت ۾ الله پاڪ جي وحدانيت بيان ڪندي، هڪ الله تي ايمان آڻڻ جي نصيحت ڪندي فرمائي ٿو:

تون چئه الله هيڪڙو، وائي ٻي مَ وار
سو ئي ڏيو ٻار، جو نه اجهامي ڪڏهين.

قاضي قادن سنڌي زبان جو پهريون شاعر آهي، جنهن پورهيت عوام کي ”کاهوڙي“ سڏيندي انهن جي ساراهه ڪئي آهي. جنهن کان متاثر ٿي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي سُر کاهوڙي چيو. قاضي قادن پنهنجي هڪ بيت ۾ کاهوڙين جي تعريف ڪندي ٻڌايو آهي، ته اهڙو هنڌ جتي پکي به نه ٿا پهچن، تتي کاهوڙي وڏي محنت سان ڏٿ چونڊين ٿا. فرمائي ٿو:

ڏيهه ڏهائين ناهه، جتي پيرُ نه پکيان
تتي کاهوڙيان، ور ڏيئي وڻ چونڊيا.

قاضي قادن پهريون شاعر آهي جنهن سنڌ جي بهادر ملاحن جي تعريف ڪندي، گهاتوئن ۽ سندن والد اوباهي جو ذڪر ڪيو. ان کان پوءِ شاهه لطيف ۽ ڪن ٻين شاعرن گهاتوئن بابت شعر چيا. شاهه لطيف ان کان متاثر ٿي سُر گهاتو چيو. مورڙي ۽ ان جي ڀائرن کي سندن والد اوباهي، سمنڊ جي جنهن طرف وڃڻ کان منع ڪئي هئي، هنن ان تي ڌيان نه ڌريو، نتيجي ۾ سندن وڏو نقصان ٿيو، ان ڳالهه طرف اشارو ڪندي قاضي قادن فرمايو آهي:

اُباهي چيونِ جو، سو نه ڪيائون ڪَنِ
تان ئي پيئي پريان کان، گهنگهر گهاتوڙنِ.

ڪنهن زماني ۾ درياهي سفر عام جام هوندو هو. ماڻهو ٻيڙين ذريعي هڪ شهر کان ٻئي شهر تائين سفر ڪندا رهندا هئا، پر جيڪڏهن فقط درياءَ پار ڪرڻو هوندو هو، يا مفاصلو گهڻو نه هوندو هو، ته ماڻهو ڪانهن يا سر جي ٻوڙن مان تُرهو تيار ڪري، ان تُرهي تي تري درياءُ پار ڪندا هئا. درياءَ جي ڪنڌيءَ تي ڪانهن ۽ سر جا ٻوڙا جام هوندا آهن، انهن مان تُرهو سولائيءَ سان تيار ٿي سگهي ٿو. تنهن ڪري تُرهي تي ترڻ عام هوندو هو. ٻيو ترڻ جو ذريعو سيڻاهه هوندي هئي، دِلي يا مَٽ ذريعي يا ڪنهن سُڪلَ بُنڊ ذريعي اورار، پرار اچي وڃي سگهبو هو.

قاضي قادن جي رهائش جيئن ته بکر ۾ هئي، تنهن ڪري هُو هر وقت درياء جو درشن ڪندو ٿي رهيو. ڪيتريون ئي ٻيڙيون ڪي پاتڻي ته ڪي مال ڍوئڻ واريون اتان عام جام لنگهنديون رهنديون هيون. ڪي ماڻهو تُرهي تي تري اورار پرار پيا ايندا ويندا هئا. هُو ان قسم جا نظارا ڏسندو رهندو هو، تنهن ڪري سندس ڪلام ۾ ٻيڙين جي ذڪر سان گڏ ترهي بابت به ڪي بيت موجود آهن. انهن بيتن ذريعي قاضي قادن ڪيترائي معنيٰ جا موتي ۽ نصيحت جا نڪتا نروار ڪيا آهن، هڪ بيت ۾ نصيحت ڪندي فرمائي ٿو ته جيستائين درياءَ جي ڪنڌيءَ تي ٻُوڙا بيٺل آهن، تون پنهنجو تُرهو تيار ڪري وٺ، ڪٿي ايئن نه ٿئي جو ڪپر اوچتو ڪڙڪو ڪري، ڪِري پئي، بيت ملاحظه فرمايو:

جان جان ڪنڌيءَ ڪانهن، تان تون ترهي تاتِ ڪر
ڪپر سندي دانهن، مت اوچتي اُلهي.

ٻئي هڪ بيت ۾ خودداريءَ جو سبق ڏيندي فرمائي ٿو ته، ”جيڪڏهن ترڻ مهل تنهنجو تُرهو ڇڄي پئي، ته همت ڪري ٻانهن سان ترڻ جي ڪوشش ڪجانءِ، پر ٻين کي مدد لاءِ پڪاري انهن جو ٿورو نه کڻجانءِ:

جي تر ٽٽو ترهڙي، سائر منجهه ٿيان،
ڪر ٻانهان پاڻيچيان، مَ ڪر سڏ ٻيان.

حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي اهڙو خودداريءَ جو درس هن ريت ڏنو آهي. فرمائي ٿو:

سُپيريان جي تُرهي، ٻڏين توءِ هٿ مَ لاءِ،
سُڀان ايئن چوندياءِ، اسان تو اُڪاريو.

 

قاضي قادن پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪنول جي گل کي وڏي اهميت ڏني آهي ۽ ان کي سونهن ۽ سچائيءَ جي علامت طور استعمال ڪيو آهي. نموني طور ٻه بيت پيش ڪجن ٿا:

سَر هيڪڙي وسن، جَر ۾ نينهن نه گڏئو
سار نه سالورن، مٿي ڪنول ڦلاريو.
                             *

جي سالورو سڌ لهي،  ڪنولان سندي ڪاء
ته پيو پاتال ۾، هوند نه مِٽي کاء.

قاضي قادن جي شاعريءَ ۾ غفلت ڇڏي سجاڳ ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، هتي نموني خاطر ٻه بيت پيش ڪجن ٿا:

سُتا اٿي جاڳ، راتڙين سڀئي وهاڻيان
مٿئن ٿيو اڀاڳ، پرين وساريئي مُڪري.
                             *

سُتون سڄي رات، منهن ڍڪي مُئن جيئن
نه تو سمر تاتِ، نه جهوري تو آهه ڪا.

 

قاضي قادن وحدت الوجود جو قائل هو. هُن پنهنجي ڪلام ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي وحدت الوجود واري نظريي جو پرچار ڪيو آهي. هتي نموني خاطر سندن ڪلام مان ٻه بيت پيش ڪجن ٿا.

ايڪ قصر در لک، ڪوڙين سهسين کڙڪيان
جان ئي ڪريان پرک، تان ئي سڄڻ سامهان.
                            *

وائي ٻي مَ ڀُل، مروئان موران پکڻان
با الله سندو سڄڻين، هُو هلاچو هُل.

 

جيئن ته بکر پنجاب کي ويجهو آهي، اُتان سرائڪي ڳالهائڻ وارن جي بکر ۾ اچ وڃ ٿيندي رهندي هئي ۽ مهر ۽ ڌاريجا به ان زماني سرائيڪي ڳالهائيندا هئا، مطلب ته بکر ۾ سرائڪي عام هئي، تنهنڪري قاضي قادن جي ڪلام ۾ ڪٿي ڪٿي سرائڪي اثر نظر اچي ٿو. هتي مثال پيش ڪجي ٿو:

ٻيان ڪُون ڪيا روئيي، ڏک اپڻي ڪون روءِ،
ٻنڌ سمل، ٿي ساختي، اِٿ نه رهسي ڪوءِ.

 

سنڌ سخا جو گهر آهي، هتي هر دور ۾ وڏا سخي مرد ٿي گذريا آهن. اڄ به سخين جون اوطاقون ان ڳالهه جون گواهه آهن. قاضي قادن سنڌ جي سخي مردن جي ساراهه ڪندي فرمايو آهي:

جو رڙهي ڀر پيٽ، سو وڃي ۾ ڏوليان،
لڱي مٿي ليٽ، پسو ڏاتر جا ڪئي.
                           *
لڏوڻيون گهورن کي، جو ڏهاڙيون ڏي،
سو ايندوئي راڄيو، ويهه م وساري.

 

هيري ٺڪر، قاضي قادن جو ڪلام هند مان ڇپرائي، سنڌ جي ڪن عالمن ڏانهن اماڻيو، ته جيئن اهي پنهنجي راءِ ڏين. مجموعي طور سنڌ جي عالمن هيري ٺڪر جي ساراهه ڪئي ۽ سندس تحقيق تي کيس دل سان داد ڏنو، پر جيئن ته قاضي قادن واري اها پراڻي ٻولي صحيح نموني ۾ پڙهڻ ۽ پروڙڻ سؤلو ڪم نه هو، تنهنڪري هيري ٺڪر پاران ڏنل ڪن پڙهڻين ۽ ڪن لفظن جي معنيٰ تي سنڌ جي سڄاڻ عالمن ٽيڪا ٽپڻي ڪئي. خود ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ به لکيو آهي ته ”ڪي بيت پڙهڻ ۾ ڏکيائي ٿي“. تنهن ڪري قاضي قادن جي ڪلام تي اڃا وڌيڪ ويچار جي ضرورت آهي. ڪن بيتن ۾ ڪم آيل ٻولي منجهائيندڙ آهي، تنهن ڪري انهن جي معنيٰ ڏيڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي ٿي، ته وري ڪي پڙهڻيون واضح نه آهن.

هن مقالي ۾ قاضي قادن جي بيتن جي ترتيب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ترتيب ڏنل ڪتاب ”قاضي قادن جو رسالو“ موجب ڏني وئي آهي. بيتن جي معنيٰ جي سلسلي ۾ پڻ انهيءَ ڪتاب تان مدد ورتي وئي آهي، پر ڪن بيتن جي پڙهڻين ۽ ڪن لفظن جي معنيٰ تي مون ٿورو اختلاف ڪيو آهي. حقيقت هيءَ آهي ته، جيئن بيتن جي پڙهڻين تي وڌيڪ ويچار جي ضرورت آهي، تيئن بيتن جي معنيٰ ڏيڻ لاءِ  اڃا وڌيڪ ويچار جي ضرورت آهي. مون هتي جيڪا بيتن جي مختصر سمجھاڻي ڏني آهي، سا حرف آخر نه آهي، ڪو سڄاڻ عالم هن کان وڌيڪ صحيح ۽ سهڻي معنيٰ ڏيئي سگهي ٿو. پر پهريائين بيتن جي صحيح پڙهڻي طرف توجهه ڏيڻ ضروري آهي، ان کان پوءِ صحيح معنيٰ ڏيڻ ۾ سولائي ٿيندي.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ مختلف ماخذن جي روشني ۾ وڏي محنت ۽ تحقيق ڪري جيڪو قاضي قادن جو رسالو تيار ڪيو آهي، ان ۾ ڪجهه اهڙا بيت به شامل آهن، جيڪي ڪريمي ڪلام جي شارحن وڏن عالمن، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، شمس العلماءَ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ۽ موتي لعل جوتواڻي شاهه ڪريم جا ڄاڻايا آهن. هن سلسلي ۾ سڀ کان اهم ڪم ڊاڪٽر عبدالغفار سومري صاحب ڪيو آهي، جو هن بيان العارفين جو مڪمل سنڌي ترجمو ڪيو آهي. مٿي ڄاڻايل جن محققن ”بيان العارفين“ مان شاهه ڪريم جو ڪلام ترتيب ڏنو، تن اها ڇنڊ ڇاڻ ڪانه ڪئي، ته بيان العارفين ۾ آيل سمورا سنڌي بيت واقعي شاهه ڪريم جا آهن، يا انهن مان ڪي بيت قاضي قادن جا ته ڪي بيت ڪن ٻين شاعرن جا ٿي سگهن ٿا. هڪ بيت ته ظاهر ظهور ”پراڙ“ جو آهي.

هيٺ ڏنل 9 بيت شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جي ڪلام ۾ موجود آهن، جيڪي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تحقيق موجب قاضي قادن جا آهن، تنهن ڪري ڪتاب ۾ شامل ڪيا ويا آهن. انهن مان ڪي بيت ”گنج“ ۾ پڻ موجود آهن.

1.              تون چؤ الله هيڪڙو، وائي ٻي مَ سِکُ
سچو اکر من ۾، سوئي لکيو لِکُ

 

2.             وائي ٻي مَ ڀُل مروئان، موران، پکڻان
با الله سندو سڄڻين، هو هلاچو هُل

 

3.             سوئي هيڏان، سوئي هوڏان، سوئي مَن وسي
تنهين سندي سوجهري، سوئي سو پسي

 

4.             ڪنز، قدوري، ڪافيه جي پڙهي پروڙين سڀ
ته ڪر منڊي ماڪوڙي کوهه ۾، پيئي ڪڇي اڀ

 

5.             ٿَنڌ مَ ٿاء ڪُٿاءِ ٻوڏ چوني جيءُ چؤ
جي ڀائين پرين مڙان، ته ڏوهنئون ڳڻ پاءِ

 

6.             جي اُتر جي لاهه، سڄڻ سڀ پرکئا
ري پنهنجي کٽئي، سُڀر ٻري نه باهه

 

7.             ڪَلاچي ڪُناءُ، موٽي ڪو نه آئيو
ڪنين رڇ وڃائيا، ڪنين توبهه تاءُ

 

8.             ڪُنَ ڪلاچي پار، سڏ نه سجهي ساٽئين
گهاتوئن سندا مڪرا، ڪنهن ٻئي تڙ نهار

 

9.             توکي توڙائين، ”لا“ سين لاٿائون
اڃان پڻ ”آئون“، واريون وجهين وچ ۾

بهرحال، ان ڳالهه جي سخت ضرورت آهي ته ”بيان العارفين“ جي روشنيءَ ۾ شاهه ڪريم جو رسالو نئين سر تيار ڪيو وڃي. بيان العارفين ۾ آيل سمورن بيتن بابت ڇنڊ ڇاڻ ڪئي وڃي، ته ڪهڙا بيت شاهه ڪريم جا آهن ۽ ڪهڙا بيت ٻين شاعرن جا آهن، انهن بابت پڻ تحقيق ڪري انهن شاعرن جا نالا نروار ڪيا وڃن. ساڳي ريت قاضي قادن جي ڪلام تي اڃان وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي.

آخر ۾ اهو چوڻ صحيح ٿيندو ته قاضي قادن سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جو هڪ اهڙو عظيم شاعر آهي، جنهن سنڌي شاعريءَ جي اهڙي پختي پيڙهه رکي، جو پوين شاعرن کانئس متاثر ٿي، انهن پختن بنيادن تي محل ماڙيون اڏيون، باغ باغيچا پوکيا، جن جو واس سدائين سلامت رهندو.

مددي ڪتاب

1. قاضي قادن جو ڪلام، هيرو ٺڪر، روشني پبليڪيشن 1996ع.

2. قاضي قادن جو رسالو، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي 1999ع.       

3. تاريخ معصومي، (سنڌي ترجمو) سنڌي ادبي بورڊ 1985ع                      

4. ترخان نامو، (سنڌي ترجمو) سنڌي ادبي بورڊ 2005ع.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org