سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3۽4/ 2018ع

باب:

صفحو:9 

محمد عرس ”اظهر“ سولنگي

 

 

 

سنڌ تي پٺاڻن جا حملا

 

قديم زماني کان سنڌ ڌار ملڪ جي حيثيت سان قائم ۽ دائم رهي آهي. سنڌ جا قديم ماڳ، مڪان صاف ڏيکارين ٿا ته هيءُ ملڪ تهذيب ثقافت جو مرڪز رهيو آهي. معاشي، اقتصادي ۽ زرعي لحاظ کان ڏيهان ڏيهه مشهور هو. سنڌوندي مان نڪتل واهن ۽ ڦاٽن جي ڪري سڄي سنڌ ۾ زرعي پيداوار وڏي مقدار ۾ ٿيندي هئي. هتي ڪڻڪ، جوئر، ٻاجهري، جَوَ ڳاڙها ۽ اڇا چانور، ڪپهه، ڪمند، تماڪ، ڀنگ، آفيم، نير، چڻا، مٽر، سرنهن، ڄانڀو، ججهي انداز ۾ ٿيندو هو. سنڌ ۾ باغات جي ڪري، ميوا، ڀاڄيون، گلڦل جام ٿيندا هئا، انب، سنگتڙا، ناريل، پپيتا، ڊاک، ليمان، ڪيلا، نارنگيون، زيتون، ڏاڙهون، صوف، توت، انجير، گدرا، هنداڻا جام ٿيندا هئا. گهاٽن ٻيلن ۾ چوپايو مال، جنهن ۾ مينهون، رڍون، ٻڪريون، گهوڙا اٺ ۽ ٻيا جانور پاليا ويندا هئا. کير، مکڻ، ڏُڌ جام ٿيندو هو. انڪري، سنڌيءَ ۾ عام چوڻي هئي ته ”سنڌ ۾ کير جون نديون وهنديون هيون.“

سنڌ ۾ سرن، ۽ چاندي جا زيور، غاليچا، ڪپڙو، ململ، مٽي جا ٿانوَ، ڪاشيءَ جون سرون، جنڊيءَ جو اعليٰ ڪم، بندوقون، تلوارون، صندوقون، گهوڙن جون زينون، اٺن جا پاکڙا، چمڙي جو سامان، عاج جا چوڙا جام تيار ٿيندا هئا. سنڌ جا مشهور شهر ٺٽو، سيوهڻ، سن ۽ نصرپور هئا. ان کان علاوه لهري بندر، بکر، روهڙي، سکر، ڪنڊيارو، درٻيلو، گنبٽ ۽ هالاڻي وغيره صنعت ۽ واپار جا اهم مرڪز هئا. جتان شيون ڏيساور موڪليون وينديون هيون. سنڌ جي مندرن ۾ بت ۽ مجسما، سون ۽ جواهرن سان جڙيل هوندا هئا. ملتان ۾ ٽي سؤ ٽيهه سون سان ڀريل ديڳيون هيون. ان کان علاوه هنگلاج، سيوي، الور، پارينگر، ديبل، برهمڻ آباد ۾ بت ۽ مجسما سون ۽ جواهرن سان سينگاريل هوندا هئا. جتي سوين مڻ سون دفن ٿيل هو.

ان مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته سنڌ ڪيڏو نه شاهوڪار ملڪ هو. اهو ئي سبب هو جو سنڌ تي ڌارين جون ڪاهون ٿينديون رهيون ۽ سنڌ کي لٽي ڦري ڀڙڀانگ ڪري ڇڏيو. سنڌي قوم جو قتل عام ڪيو. هتان جي ڳوٺن، وستين واهڻن کي تباه وبرباد ڪري ڇڏيو. سنڌ تي ڌارين جيڪي ڪاهون ڪيون، انهن ۾ نادرشاهه، احمد شاه ابداني ۽ مدد خان پٺاڻ جي ڪاهن کي غير معمولي حيثيت سان ياد ڪيو ويندو آهي.

نادر شاهه جي ڪاهه:

نادرشاهه جو اصل نالو نادر قُلي هو. سندس پيءُ جو نالو امام قلي افشار هو. نادرشاهه سترهن سالن جي عمر ۾ پنهنجي پيءُ سميت ازبڪن هٿان گرفتار ٿيو. پوءِ اتان ڀڄي بابل بيگ وٽ نوڪر بيٺو ۽ پوءِ ان کي قتل ڪري سندس ڌيءَ سان شادي ڪئي، ۽ پوءِ ڌاڙيلن جو ٽولو ٺاهي وڏا ڌاڙا هڻڻ لڳو. 1735ع ۾ نادرشاهه ايران کي آزاد ڪرائي حڪومت ڪرڻ لڳو. نادرشاهه سن 1738ع ۾ ڪابل فتح ڪيو. ان وقت ڪابل مغل شهنشاهت جو سرحدي صوبو هو.

نادر شاهه جي لاهور تي ڪاهه:

نادر شاهه پشاور کان لاهور پهتو. نادرشاهه لاهور ۽ ملتان جي ناظم کي لکيو ته مقابلي جي همت اٿئي ته شوق سان مقابلو ڪر، اگر فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته عوام مصيبت ۾ اچي ويندئي ۽ انهن سان جيڪا ويڌن ٿيندي، ان جو ذميوار تون خود هوندين. بهتر آهي ته منهنجي دربار ۾ اچي حاضر ٿيءُ ۽ رعيت کي نقصان کان بچاءِ. انهيءَ پيغام ملڻ کانپوءِ زڪريا خان شڪست تسليم ڪئي. نادر شاهه لاهور ۾ ڪجهه عرصو گذارڻ کانپوءِ دهليءَ روانو ٿي ويو.

نادر شاهه جو دهليءَ تي حملو:

محمد شاهه کي جڏهن نادر شاهه جي حملي جي خبر پئي ته هن نظام الملڪ کي دکن مان گهرايو. ان کان علاوهه ٻين جليل القدر صوبيدارن سان گڏ دهليءَ مان ڀڄي ڪرنال پهتو ۽ فيصلو ڪيو ته ڪرنال ۾ ويهي نادرشاهه سان مقابلو ڪيو وڃي. مغل صوبيدار سعادت خان ڪجهه پنهنجي ماڻهن سان گڏ بادشاهه جي دربار ۾ پهتو. عين ان وقت نادرشاهه جي دستَن سعادت خان جي فوج تي حملو ڪري ڏنو. ۽ سامان ڦري سعادت خان کي زخمي ڪري وڌو ۽ سعادت خان کي نادرشاهه گرفتار ڪيو، محمد شاهه جا ٻه سالار نظام الملڪ ۽ وزير اعتماد الدوله عيادت لاءِ ويا ته انهيءَ چيو ته آءٌ پنهنجو فرض پورو ڪري چڪو آهيان ۽ صرف مان درخواست ڪريان ٿو ته نادر شاهه جو رستو روڪي دهلي وڃڻ نه ڏنو وڃي. مگر محمد شاهه جي ٻن سالارن مان هڪ جي وفات ۽ ٻئي جي گرفتاري ڪري فوج ۾ بدنظمي پيدا ٿي پئي. نظام الملڪ ڪوشش ڪري صلح جو بندوبست ڪيو ۽ نادرشاهه کي ٻه ڪروڙ روپيا ڏيڻا ڪيا ۽ محمد شاهه، نادر شاهه سان دوستانه تعلقات قائم ڪيا.

خان دوران جي وفات بعد جيڪا جڳهه خالي ٿي، ان جو اميدوار سعادت خان هو. ليڪن سعادت خان گرفتار ٿي چڪو هو. انڪري خالي جڳهه نظام الملڪ کي ملي ويئي. ان تي سعادت خان کي سخت ڪاوڙ آئي ۽ نادر شاهه کي دهلي تي ڪاهه ڪرڻ جي صلاح ڏني.

نادر شاهه پنهنجي هڪ سردار کي سعادت علي خان سان گڏ دهلي موڪليو ۽ محمد شاهه کان فرمان حاصل ڪيو ته شهر جون ڪنجيون نادرشاهه جي سردار جي حوالي ڪيون وڃن.

8 ذوالحج 1151هجري (8 مارچ 1739ع) تي نادر شاهه دهلي پهتو. ان عرصي دوران نادر شاهه جي فوج تي هر طرف کان حملا شروع ٿي ويا ۽ اهو افواهه هلايو ويو ته نادرشاهه مارجي ويو آهي. اها خبر جڏهن نادر شاهه کي پئي ته هُو صبح جو خود گهوڙي تي چڙهي چاندني چونڪ وٽ سونهري مسجد ڀرسان پهتو ته ۽ پنهنجي فوج کي قتل عام جو حڪم ڏنو. صبح کان شام تائين خون جون نديون وهي هليون. هن قتل عام ۾ معصوم ٻارڙا، ضعيف، پوڙها، مرد، عورتون، گهڻي تعداد ۾ ماريا ويا. شام جي وقت نظام الملڪ عاجزانه التجا ڪئي ۽ ان کان پوءِ قتل عام بند ٿيو. دهليءَ ۾ قتل عام کان علاوه شهر ۾ لُٽ مار پڻ ڪئي وئي. تقريباً ستر ڪروڙ روپيا نقد ۽ قيمتي پٿر ڪوهه نور، تخت طاؤس ۽ ٻين مغل بادشاهن جا اٺ تخت به کڻي ويو ۽ ان کان علاوه محمد شاهه، نادر کي درياءُ اٽڪ جو علائقا جنهن ۾ سانگڙهه، ڪابل، غزني، هزاره جات، بکر، سکر، خدآباد، ٺٽو ۽ ٻيا اهي سڀ شهر ۽ ڳوٺ قلعا، زرخيز زمينون، بندر سڀ نادر شاهه حوالي ڪري ڇڏيا. اهو فرمان 4- محرم 1152هجه (2 اپريل 1739ع) ۾ جاري ڪيو.

نادر شاهه جڏهن دهلي کان پهرين رمضان 1152هه مطابق 21 نومبر 1739ع ۾ ڪابل پهتو ۽ افغانستان جي وڏن سردارن کي گهرايو ۽ چاليهه هزار افغان فوج ۾ شامل ٿي ويا. ۽ ان کي بخارا ۽ خوارزم تي حملي جو ارادو هو. ڪجهه وقت بعد نادرشاهه ميان نورمحمد ڪلهوڙي کي حڪم ڪيو ته هُو ساڻس ڪابل ۾ ملي.

ميان صاحب ان تي ڪو به ڌيان نه ڏنو. انڪري نادرشاهه سنڌ تي حملي ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪيو. 8 رمضان 1152هجه مطابق 28 نومبر 1739ع تي ڪابل مان فوج وٺي 25 ڊسمبر 1739ع تي نادر شاهه ديري غازي خان پهتو. دائودپوٽن نادرشاهه کي هر ممڪن تعاون جو يقين ڏياريو ۽ دائود پوٽن جو سردار رئيس امير صادق محمد خان ديري اسماعيل خان پهچي فرمانبرداريءَ جو اقرار ڪيو. نادرشاهه ميان نورمحمد کي ديري غازي خان ۾ کيس ملاقات جو فرمان جاري ڪيو. ميان نورمحمد کي نادري حملي جي جڏهن خبر پئي ته هن مقابلي ڪرڻ جو ارادو ترڪ ڪري پنهنجو مال متاع وٺي عمرڪوٽ روانو ٿيو. عمرڪوٽ جي چوڌاري ريگستان هو ۽ محفوظ علائقو هو. ميان نورمحمد پنهنجي ساٿين کي چيو ته سامان کي جيترو جلد ئي سگهي ساڙائي ڇڏيو ۽ جيئن نادري فوج کي رسد پهچي نه سگهي.

نادر شاهه جي عمرڪوٽ تي چڙهائي:

”تاريخ سنڌ عهدِ ڪلهوڙا (جلد اول)“ جو مصنف غلام رسول مَهر لکي ٿو ته نادر 14 ذوالقعد 1152 هجري (پهرين فيبروري 1739ع) تي لاڙڪاڻي پهتو، اتي کيس خبر پئي ته ميان صحرائي علائقي ڏانهن نڪري ويو آهي ۽ اتي سامان ڦٽي ڪري سوار وٺي نڪتو.

جڏهن نادرشاهه شهدادپور پهتو ته ميان صاحب کيس تحفا موڪليا، مگر نادر شاهه کي اهي شيون مطمئن ڪري نه سگهيون. رات ڏينهن پنڌ ڪندي عمرڪوٽ جي ڀرسان پهتو. هارٽ لکي ٿو ته ميان نورمحمد خان پنهنجي خزاني کي پوري روانو ٿيڻ وارو هو ته نادر شاهه اتي پهچي ويو. تاريخ سنڌ جو مصنف غلام رسول مهر (جلد پهرين) صفحي نمبر 460 ۾ لکي ٿو ته ”بهرحال نادر شاهه لاڙڪاڻي کان ٿيندو شهدادپور پهتو، اتي چند اهڙا ماڻهو کيس مليا جيڪي ميان صاحب جا مخالف هئا. نادر شاهه رستي جو پڇيو جيڪو انهن رستي جو ڏس ڏنو، باقي اهو تعداد نه ٻڌايو ته ميان صاحب سان ڪيتري فوج ساڻ آهي.“

جيئن ته نادري فوج سان مهاڏي اٽڪائڻ لاءِ سنڌ جا مانجهي مڙس هميشه اڳرا رهيا آهن. ڪتاب جي ساڳي مصنف صفحي نمبر 461 ۾ لکي ٿو ته ماڇين جو جٿو ميان صاحب جي فوج کان پوئتي رهجي ويو هو، جن نادرشاهه جي فوج جو رستو روڪي ڇڏيو. ان کان علاوه مهيرين جو جٿو پڻ نادرشاهه جي فوج سان مهاڏو اٽڪايو۽ ان جو رستو روڪي ڇڏيو. نادر شاهه شهدادپور مان ميان نورمحمد کي پيغام موڪليو ته تون هتي اچ، آءٌ توکي خلعت ۽ حڪومت سان سرفراز ڪريان. پيغام ملڻ کانپوءِ ميان صاحب مشڪي گهوڙي تي سوار ٿي شاهه بهاري، ڄام ننڍي، مير چاڪر، مير بهرام، مير شاهو ۽ شيخ غلام محمد کي پاڻ سان وٺي نادر جي درٻار ۾ پهتو. ميان صاحب گهوڙي تان لهي عاجزيءَ سان نادرشاهه سان مليو. نادرشاهه ميان صاحب کي گرفتار ڪري لاڙڪاڻي آندو، جتي ميان صاحب نادرشاهه سان نئون عهدنامو ڪيو، جنهن موجب هن لاڙ ۽ وچولي جا پرڳڻا نادرشاهه جي حوالي ڪيا ۽ ان سان گڏ ويهه لک روپيا ساليانو خراج ڏيڻ منظور ڪيو. نادرشاهه ميان کي اهي پرڳڻا موٽائي ڏنا ۽ کيس ”نواب شاهه قلي خان“ جو خطاب ڏنائين. پوءِ ميان کان ڪي قيمتي ڪتاب کسي سندس ٻن پٽن: محمد مراد ياب خان ۽ غلام شاهه کي ضمانت طور پاڻ سان وٺي ويو. نادرشاهه جي سپه سالار طهماسپ قلي خان جلائر دائود پوٽن کي سنڌ مان تڙي ڪڍيو. سن 1150هه- 1739ع ۾ ميان نورمحمد ڪڪرالي ۽ ڌاريجن جي ڄام ۽ راڻي کي تونجاڻي سان شڪست ڏيئي، نصرپور تائين ملڪ فتح ڪيائين پوءِ فاتحانه انداز سان ميان صاحب پنهنجي رفيقن سان اگهم ڪوٽ کان ٺٽي پهتو.

نادرشاهه سنڌ تي حملي ڪرڻ کانپوءِ جيڪا لُٽ مار ڪئي ان جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو:

(1) انندرام ”مخلص“ جو چوڻ آهي ته ٻاويهه لک روپيا نادرشاهه کي هٿ لڳا، جيڪي عمرڪوٽ ۾ دفن ٿيل هئا ۽ هڪ هيرو به هٿ آيو.

(2) تحفة الڪرام ۾ لکيل آهي ته نادرشاهه هڪ ڪروڙ روپين جرمانو وٺي ملڪ واپس ڪيو.

(3) ”هيوز“ جو چوڻ آهي ته ويهه لک روپيا ساليانو بطور جرمانو ميان صاحب کي عائد ڪيو ويو.

(4) ”ايٽڪن“ جو چوڻ آهي ته هڪ ڪروڙ روپيا ڏنڊ حاصل ڪيو ويو ۽ وڌيڪ خراج جو وعدو ڪيو ويو.

(5) ”هيگ“ جو چوڻ آهي ته ميان جو دفن ڪيل خزانو تقريباً هڪ ڪروڙ روپيا هو ۽ ٻيو سارو خزانو نادر شاهه جي حوالي ڪيو ويو.

(6) ”مسٽر ايڊ واڻي“ جو چوڻ آهي ته عمرڪوٽ جي تهه خانن ۾ جيڪو خزانو دفن ٿيل هو، اهو هڪ ڪروڙ روپين جي لڳ ڀڳ هو، ان کان علاوه ميان تي ساليانه ويهه لک روپيا خراج وڌو ويو.

نادرشاهه جو حملي جا سنڌ تي منفي اثرات:

نادرشاهه کي ظالم، جابر حڪمران جي حيثيت سان ياد ڪيو ويندو آهي. نادرشاهه سنڌ جي جن جن علائقن ۾ ويو، اتي جي ماڻهن جو قتل عام ڪيو، فصل ساڙائي ڇڏيا، مدرسه ۽ ڪتب خانه ساڙائي رک ڪري ڇڏيا، ننڍڙ صغير ٻارڙا به سندس ظلم جو شڪار بڻيا. مطلب ته نادرشاهه سنڌ تي ڏمر جي نشاني طور ياد ڪيو وڃي ٿو.

احمد شاهه اَبدالي:

احمد شاهه ابدالي سنه 1160هجري مطابق 1747ع ۾ نادرشاهه جي قزلباش امير صالح بيگ ترڪمان سان گڏجي سازش ڪري نادرشاهه کي قتل ڪيو. افغانستان، خراسان ۽ سنڌ جي الهندي وارا علائقا نادري خزانن سميت احمد شاهه ابداليءَ جي قبضي هيٺ اچي ويا. سنه 1728ع ۾ نادرشاهه آقا محمد حسن قاچار جي پيءُ کي قتل ڪرائي ڇڏيو هو. نادرشاهه جي قتل ٿيڻ بعد محمد حسن قاچار ايران تي قبضو ڪيو.

انهن ڏينهنِ ۾ هرات جي ابدالي سردار آزاد خان خراسان تي ڪاهون ڪرڻ شروع ڪيون هيون، کانئس پوءِ عبدالله خان بن حيات خان ابدالي سن 1229هجريءَ ۾ هرات جي ايراني نائب جعفر قلي کي قتل ڪري، هرات ۾ ابدالين جي رياست جو بنياد وڌو. امير محمود جي ايران تي ڪاهه ڪرڻ وقت ابدالين مشهد تي قبضو ڪيو، سنه 1142هه ۾ نادرشاهه هرات تي قبضو ڪرڻ وقت زمان خان ابدالي جي ٻن پٽن: ذوالفقار خان ۽ احمد خان کي پاڻ وٽ گهرائي زمان خان کي هرات مٿان حاڪم مقرر ڪيو، سندس وفات بعد هرات جي حڪومت نادرشاهه، احمد خان جي حوالي ڪئي. نادرشاهه جي قتل ٿيڻ بعد افغان سردارن يڪراءِ احمد خان ابداليءَ کي ”احمد شاهه ابدالي“ کي لقب سان پنهنجو امير تسليم ڪيو.

احمد شاهه ابدالي افعان قوم تي دراني نالو رکيو. احمد شاهه ابدالي جي حڪومت جون سرحدون اُتر ۾ جيحون درياء کان وٺي ۽ اولهه ۾ عمان جي نار تائين هيون. احمد شاهه سنڌ جي حڪومت ميان نورمحمد ڪلهوڙي جي حوالي ڪري کيس ”شاهنواز خان“ جو لقب ڏنو.

احمد شاهه ابدالي جي سنڌ تي ڪاهه:

شروعات ۾ احمد شاهه ابدالي خراسان جي جنگين ۾ مصروف رهيو، تنهنڪري ميان نورمحمد سندس خاموشيءَ مان فائدو وٺي ويهه لک روپيا ڍل ڏيڻ بند ڪئي، سن 1754ع ۾ احمد شاهه ابدالي سنڌ تي ڪاهه ڪئي. ميان نورمحمد خوف کان ريگستان ڏانهن ڀڄي ويو ۽ سنه 1168هجه، 1754ع ۾ اتي وفات ڪري ويو، سندس مڙهه موري کان ٻارنهن ميلن جي مفاصلي تي دولت پور ڀرسان دفنايو ويو.

افغان سردارن سنڌ تي ڪيترائي حملا ڪيا. ۽ هتان جا فصل اجاڙيا. شهرن ۾ قتل عام ڪيو. عورتون، معصوم ٻار، پوڙها ۽ ڳڀرو افغانن جي تلوارن جو کاڄ بڻايا ويا، لُٽ مار ڪري خزانو خالي ڪيو ويو، هن کوهن ۾ زهر ملائي ڇڏيو. جنهنڪري ڪيترائي ماڻهو زهر جي ڪري فوت ٿي ويا.

مدد خان پٺاڻ جي سنڌ تي ڪاهه:

جوڌپور جي شڪست جون خبرون ٻڌي، ميان عبدالنبي جا حوصلا پسَت ٿي ويا. هن مير نصيرخان کان مدد گهري، خان قلات پنهنجي ناٺي سردار زرڪ خان سان هڪ بروهين جو لشڪر چاڙهي موڪليو. سنڌ جا جتوئي، نومڙيا ۽ کوسا ۽ ٻيا راڄ به ميان سان شريڪ ٿيا. لاڙڪاڻي ڀرسان جنگ لڳي، جنهن ۾ زرڪ خان ٽالپرن کان شڪست کاڌي، هڪڙي طرف ميان عبدالنبي گادي هٿ ڪرڻ لاءِ حيلا ۽ سازشون ڪري رهيو هو، ته ٻئي پاسي سنڌ تي ڪاهون ٿي رهيون هيون، سنڌي پنهنجي وفاداري تي قائم رهندا پي آيا ۽ سنڌ جي بچاءِ لاءِ لڙندا پي آيا. ان موقعي جو فائدو وٺندي مدد خان پٺاڻ سنڌ تي ڪاهه ڪئي.

مدد خان پٺاڻ، تيمور شاهه جو سپهه سالار هو، جنهن 1780ع ۾ بهاولپور جي نواب رڪن الدوله بهاول خان تي تيمور شاهه جي حڪم سان ڪاهه ڪري نواب کان رهيل خراج وصول ڪيو ۽ تيمورشاهه سنڌ تي ڪاهه ڪرڻ جو حڪم ڏنو. مدد خان پٺاڻ سن 1780ع ۾ طوفان وانگر سنڌ تي ڪاهي آيو، بدين تائين سنڌ جا دولت مند ڳوٺ ۽ شهر افغانن ڦري ناس ڪيا.

جوڻ ۽ فتح باغ جا وسندڙ ٻه شهر افغانن ڦري ناس ڪري ڇڏيا، اهي شهر باغات ۽ پئداوار جي ڪري مشهور هئا جو هن قيامت صغريٰ جي ڪري تباهه ٿي ويا.

سنڌي ڳوٺاڻا پري کان افغان جا گهوڙا ڏسي گهوڙا گهوڙا ڪندا ڳوٺ خالي ڪري ڀڄڻ لڳا. سنڌين ۾ ”گهوڙ گهوڙا“ يا ”گهل گهل“ ڪرڻ جو رواج مدد خان جي ڪاهه ڪري پيو. مددخان پٺاڻ لٽ مار شروع ڪري ڏني. ان کي شڪ هو ته ميان عبدالنبي مون سان ڪوڙا واعدا ڪيا آهن، انڪري ميان جي خاص مشيرن تاجو ليکي سندس پٽ بلاول کان علاوه سندن ٻين ساٿين کي هٿن، پيرن ۽ ڳچيءَ ۾ زنجير وجهي، پنهنجي ماڻهن کي حڪم ڪيو ته انهن کي ماري لڪل خزاني بابت معلومات حاصل ڪيو.

”فريئرنامه“ جو بيان آهي ته مدد خان پٺاڻ انهن کي گهرايو ۽ انهن جي عضون کي ڏنڊن سان ٽوڙي ڇڏيو ۽ هر منزل تي انهن سان اهو سلوڪ رکيو ويو. مدد خان جي ظلم جبر جو نقشو ”فتح نامه“ ۾ ظاهر آهي ته مدد خان پٺاڻ کي خدا جو خوف هو نه افغان لشڪر سنڌين کي چرين وانگر ماريندا هئا، جتان به لنگهندا هئا ته اتان جي آبادي کي ويران ڪندا ويندا هئا.

همه موذي وَناڪس ونابڪار،

همه نيش زن ڪزدم وَکهنه مار.

ترجمو: هو تمام موذي، نالائق نابڪار هئا، سڀ وڇن ۽ زهريلن نانگن وانگر هئا.

همه باضعيفان ستيزان جو برق،

همه روز ميدان گريزان جو برق.

ترجمو: ضعيفن سان وڙهڻ لاءِ بجليءَ وانگر تيز هئا، ڪٿي مقابلي جي صورت پيدا ٿيندي هئي، ته بجليءَ وانگر ڀڄي ويندا هئا.

رعيت کشد تيغ شاد بي دريغ،

گريزند پينند چون روءِ تيغ.

ترجمو: انهن جي تلوار رعيت جي گردن تي بي دريغ هلندي هئي، جڏهن مقابلي جي لاءِ تلوار مٿي ٿيندي هئي ته هو ڀڄي ويندا هئا.

مدد خان وڏو ظالم ۽ سفاڪ هو. ان وقت جيڪڏهن ڪنهن کي ظلم ڪندي ڏسندا هئا ته ان تي مدد خان جو نالو رکندا هئا.

فريئر نامه جو بيان: ان سلسلي ۾ فريئرنامه جو خلاصو هيٺ ڏجي ٿو:

”هن ظالم جاهل سڄيءَ سنڌ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي ۽ سڀني سنڌين جي عزت برباد ٿي ويئي آهي.

مائونٽ اسٽوارٽ الفنسٽن 1809ع ۾ ڪابل ويو هو. اهو لکي ٿو ته: مدد خان سنڌ کي تلوار ۽ باهه سان ويران ڪيو ۽ ان جي غارت گري ان حد تائين شديد هئي جو سندس مهم کان پوءِ اهڙو ڏُڪر پيو جو ان جي تلافي اڄ تائين نه ٿي سگهي. ان کانپوءِ اهڙي وبا پکڙي جو هزارين ماڻهو فوت ٿي ويا.

هيگ جو بيان ته مدد خان جتان جتان لنگهيو، ڳوٺ ۽ شهر ڦري ڀڙڀانگ ڪيا ۽ باهه ڏيئي ساڙائي ڇڏيا ۽ بي انداز ماڻهو قتل ڪيا. اهڙيءَ طرح مدد خان ٻٺاڻ سنڌ تي ظلم، جبر، ڏاڍ ۽ ڏمر سان حڪومت ڪري واپس ڪابل موٽي ويو.

حوالا ۽ مددي ڪتاب:

1. ’تاريخ سنڌ‘ عهد ڪلهوڙا، (حصون پهريون) مصنف: غلام رسول مهر.

2. ’تاريخ سنڌ‘ عهد ڪلهوڙا (حصو ٻيون) مصنف: غلام رسول مهر.

3. ’جنت السنڌ‘ مصنف: رحيمداد خان مولائي شيدائي.

4. ’تحفةالڪرام‘ مصنف: ميرعلي شيرقانع ٺٽوي، مرتب: ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، عنوان- عباسي ڪلهوڙا خاندان جي حڪومت جو بيان.

5. ’سنڌ جي تاريخ جو جديد مطالعو‘ مصنف: پروفيسر عبدالله مگسي، عنوان: يارمحمد ڪلهوڙو سنڌ جي آزاديءَ جو علمبردار.

6. ’جان جان هئي جيئري‘ مصنف: پروفيسر عبدالله مگسي، عنوان: ڪلهوڙا دؤر جي معاشي حالت.

7. سومرن، سمن ۽ مغلن جي دور حڪومت ۾ هنڌ جي اقتصادي ترقي يا واڌارو، سوينئر نمبر- 14 ڊسمبر 1996ع، مقالا نگار- پروفيسر ثريا سولنگي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org