پروفيسر شمشاد سومرو
پروفيسر نذير قاضي
(شخصيت، فن ۽ فڪر)
موري جهڙي علمي ۽ ادبي شهر ۾ علمي، ادبي گهراڻي
قاضي خاندان جي جيد عالم، شاعر ۽ بزرگ مولوي محمد
صادق مورائيءَ جي فرزند علم و ادب دوست فرد قاضي
محمد قاسم جي گهر ۾
9- فيبروري 1940ع تي هڪ نينگر جنم ورتو، جيڪو اڳتي
هلي سنڌي ادب جو روشن ستارو ثابت ٿيو ۽ پروفيسر
نذير احمد قاضي جي نالي سان سنڌي ٻوليءَ جو بهترين
ڪهاڻيڪار، اديب ۽ خوبصورت شاعر بڻيو.
سائين نذير قاضي لکڻ جي شروعات 1957ع ۾ ڪهاڻيءَ جي
ترجمي سان ڪئي، جيڪا روسي ڪهاڻي هئي. سندن پهرين
طبعزاد ڪهاڻي
’پڪر‘
(Picker)
آهي جيڪا 65-1964ع ۾ لکيائين. قاضي صاحب جي ٻين
لکيل ڪهاڻين ۾ ’روحي‘،
’پڪر‘، ’واليون‘، ’آخر هي داغ ڪيئن ڌوپبا!‘، ’پيار
جي زبان‘، ’عزت پوش‘، ’بڙ جي ڇانوَ‘، ’ٻليدان‘،
’خدا بخش ۽ خدا‘، ’تاساري‘، ’ڊڀ نه چرسون‘، ’جهنگ
۽ ننگ آهي‘، ’پوءِ ڍائو‘،
’سرچاءُ‘ ۽ ’مجرم مورتي‘ اچي وڃن ٿيون جن مان ڪي
ڇپيل آهن ته ڪي اڻڇپيل.
سائين نذير جن جي لکيل ڪهاڻين ۾ ڪردارن جي اُمنگن،
احساسن ۽ محرومين کي ڀرپور انداز سان پيش ڪيو ويو
آهي. سادي ۽ سٻاجهي ٻولي، نهايت ٿورا لفظ، مقصد جي
مڪمل پهچ سندس ڪهاڻين جي خوبي آهي. سائين نذير
قاضي پنهنجي ڪهاڻين متعلق چوي ٿو ته:
”مون پنهنجي ڪهاڻين ۾ ڪوشش ڪري ٿورن لفظن ۾ وڏن
ويچارن، سوچن ۽ لوچن کي سموهڻ ۽ سجائڻ جي ڪوشش ڪئي
آهي، جن ۾ ’هاڻي‘ هميشه موجود رهي ٿو ته مستقبل جا
عڪس ۽ اميدون به پنهنجو پاڻ پسائين ٿيون. آشائن،
نرائن، دوکن ۽ دلدارين، ويساهه ۽ ويساهه گهاتين
سان انساني زندگي لَٽي پئي آهي. ڪٿي سونهن آهي ڪٿي
ڪوجهائپ، ڪٿي سک آهي ڪٿي ڏُک، ڪٿي هوند آهي ڪٿي
اڻهوند، ڪٿي رم جهم بوندن بهاري آهي ته ڪٿي ڪڻيءَ
لاءِ مَنُ مُنجهي ٿو. مطلب ته زندگيءَ جا انيڪ رنگ
۽ ڍنگ آهن. زندگي جيئن گذري رهي آهي مون ان کي
تيئن ٻڌائڻ ۽ ڏيکارڻ جي ڪوشش پنهنجي ڪهاڻين ۾ ڪئي
آهي.“
سائين نذير قاضيءَ جي ڪهاڻين جو هتي مختصر طور
جائزو پيش ڪريان ٿو ته جيئن پڙهندڙ به حِظُ حاصل
ڪري سگهن.
’پِڪر‘
(Picker) هڪ اهڙي
غريب ۽ هوشيار ڇوڪري جي ڪهاڻي آهي جيڪو پنهنجي
پڙهائيءَ ۽ گهريلو خرچ ۾ پنهنجي بيوه امڙ جو هٿ
ونڊائڻ لاءِ شهر جي وڏي ڪلب ۾ شام جو ’پِڪر‘
جي نوڪري ڪري ٿو. راند کيڏندي جيڪي بال ٽينس ڪورٽ
کان ٻاهر ڪِرندا هئا، هُو هي کڻي اچي رانديگرن کي
ڏيندو هو. ڪلب ۾ آفيسرن جا ٻار به انڊور رانديون
کيڏڻ ايندا هئا، هُو هن تي زور ڀريندا هئا ته هُو
ساڻن راندين ۾ شريڪ ٿئي ٿو ته کيس طبقاتي اوچ نيچ
واري ذهنيت جو شڪار ٿيڻو پوي ٿو هن کي ذلت ۽
نوڪريءَ کان به جواب ملي ٿو. توڻي جو ڪلب جو
سيڪريٽري اهو درد محسوس ڪري ٿو، پر سواءِ جذباتي
همدرديءَ جي هن لاءِ ٻيو ڪجهه ڪري نٿو سگهي.
”واليون“ هڪ پوڙهي بيروزگار پيءُ جي ڪهاڻي آهي،
جيڪو زال جي علاج لاءِ پنهنجي نياڻيءَ جي ڪنن کي
ٻُٽو ڪري، سندس واليون لهرائي ڊاڪٽر کان دوا وٺي
ٿو. نياڻيءَ جا ٻُٽا ڪَنَ هن جي دل ۾ ڪئين سوراخ
ڪري ٿا ڇڏين.
”روحي“ هڪ ٽيوشن ڏيندڙ ٽيچر جي ڪهاڻي آهي جيڪو
رُوحي کي ٽيوشن ڏيندي ساڻس پيار ڪري ٿو. رُوحي به
کيس بيحد چاهي ٿي، مگر اهڙي پيار جو انجام جدائيءَ
جي صورت ۾ ٿئي ٿو. رُوحي ٻئي هنڌ پرڻجي وڃي ٿي ۽
ٽيوٽر سندس بيرُخيءَ جو شڪار ٿئي ٿو.
”بُکي“ هڪ اهڙي نوجوان ڇوڪريءَ جي ڪهاڻي آهي جيڪا
پيار جي باهه ۾ پاڻ به ٻري ٿي ۽ پنهنجي چاهڻ واري
کي به جلائي ٿي. پيار جي ڀرپور موٽ ۾ هوءَ چاهيندڙ
جي ٿورائتي ته آهي، پر سندس ٻئي سان شادي ڪرڻ کان
پوءِ پنهنجي پهرين پيار کي بيدرديءَ سان ٺڪرائي ٿي
جو سندس فطري بک جو ازالو ٿئي ٿو ۽ پيار ۾ پورنتا
ماڻڻ بعد اڳيون سڀ ڳالهيون نه صرف وساري ٿي، پر
انهن کي حقير سمجهي ٿي.
”آخر هي داغ ڪيئن ڌوپبا“، شهيد آفتاب نظاماڻيءَ جي
شهادت جي پسمنظر ۾ لکيل ڀرپور ڪهاڻي آهي، جنهن کي
انساني ناتي، نسلي ڪشمڪش ۽ درندگيءَ جي حوالي سان
ڏٺو ويندو. شهيد آفتاب اردو ڳالهائيندڙ دوست کي
سلامتيءَ سان لطيف آباد ڇڏي اچي ٿو ۽ پاڻ لساني
دهشتگردن جو بک ٿئي ٿو. سندس زخمي ۽ رتو رت ٿيل
ميت جڏهن وصول ٿئي ٿو تڏهن ڪفن مٿان رت جا داغ
ڏسندي، ڪردار چئي ٿو ”آخر هي داغ ڪيئن ڌوپبا.“
”پيار جي زبان“ ۾ گونگي کي پنهنجي سؤٽ سان انڪري
نٿو پرڻايو وڃي جو هُو ڳالهائي نٿو سگهي. ٿورن
ڏينهنِ ۾ گونگو پيار جي سگهه تي پنهنجي سؤٽ سان
”ڪورٽ مئريج“ ڪري ٿو ۽ سڀني کي دل جي چاهت جو قائل
بڻائي ٿو ڇڏي ته ان آڏو ڪو بند ٻڌجي نه ٿو سگهي.
”عزت پوش“ هڪ پروفيسر ۽ سندس گهر واريءَ جي ڪهاڻي
آهي جيڪو رٽايرمينٽ بعد پنهنجي عزت ۽ ناموس کي
برقرار رکڻ لاءِ پنهنجي گڏ ڪيل ڪُل پونجي
فراخدليءَ سان خرچ ڪري ٿو، ايستائين جو هُو پنهنجي
ناياب لائبرري به وڪڻي ٿو ڇڏي، پر پنهنجي شان مان
سان زندگي گذارڻ تي حرف اچڻ نٿو ڏئي. هن جنهن
اداري مان رٽاير ڪيو، ان ۾ پينشن جي سهوليت ڪانه
هئي. آخرڪار پنهنجي عزت پوشيءَ جو ڀرم رکڻ لاءِ
هُو ان وڏي شهر کي خيرباد چوڻ تي مجبور ٿئي ٿو،
جتي هن ڀرپور جواني ۽ لڙندڙ زندگيءَ جي قيمتي،
آدرشي ۽ تعليمي عرصو گذاريو. هُو ڪنهن کي ٻڌائڻ
بنا پنهنجي اباڻي ڳوٺ هليو ٿو وڃي، جتي پاڻ پنهنجي
گهر واريءَ سان گڏ بيحد غربت ۽ گمناميءَ واري
حياتي گذارين ٿا ۽ هُو وڏيري وٽ منشگيري ڪري ٿو.
ڪهاڻيءَ ۾ انوکو موڙ ان وقت اچي ٿو جڏهن وڏيري جو
پٽ جيڪو شهر ۾ سندس شاگرد هو ۽ سندس بيحد ادب ۽
عزت ڪندو هو، اوچتو ٻنيون گهمڻ اچي ٿو ۽ پنهنجي
استاد کي ان حالت ۾ ڏسي، سندس اؤج، دٻدٻي ۽ علمي
وقار کي ياد ڪري ڏاڍو مغموم ٿئي ٿو.
”ٻلدان“، قربانيءَ جي ڪهاڻي آهي جيڪا هڪ نوجوان
حسين ڇوڪري پنهنجي مضبوط الحواس سؤٽ سان شادي ڪري
ڇڏي ٿي، ڇاڪاڻ ته ان ۾ ئي هن جي خاندان جي عزت
برقرار رهي ٿي سگهي، سهاڳ رات گهوٽ کي دورو پوي ٿو
۽ هن جا ارمان چکيا تي چڙهن ٿا.
”مجرم مورتي“ هڪ انوکو ۽ نرالو ڏيک پسائي ٿو،
ڪهاڻي پڙهندي ذهن ۽ جسم ۾ ڏڪڻي پئجي وڃي ٿي. وڏي
شهر جي ميوزيم ۾ ڪم ڪندڙ پٽيوالي جي ماءُ سخت
بيمار آهي، ٿوري پگهار مان هُو پنهنجي امڙ جو پورو
سورو علاج ڪرائي سگهي ٿو. هڪ ڏينهن جيجل جي طبعيت
ڏاڍي بگڙي وئي ته هُو قرض حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري
ٿو، پر ڪامياب نٿو ٿئي. ويڳاڻو ۽ وياڪل هو ميوزم ۾
رکيل گوتم ٻڌ جي مورتي هيٺان پَٽَ تي ويهي ٿو رهي
۽ ڏک ۽ بيوسيءَ وچان هن جي اکين مان لُڙڪ لارون
ڪري وهن ٿا ته اوچتو آواز ٻڌي هُو ڇِرڪي هيڏانهن
هوڏانهن نهاري ٿو. هن ٻڌو ته گوتم ٻُڌ جي مورتي هن
کي چئي رهي هئي:
”مون کي چوراءِ! مون کي چوراءِ ۽ پنهنجي امڙ جو
علاج ڪراءِ.“ چوريءَ جي ترغيب جو اهو انداز دل ۽
ذهن کي هڪ شديد جهٽڪو رسائي ٿو ۽ درد جون سوٽون
اُڀرڻ لڳن ٿيون.
”خدا بخش ۽ خدا“، عقيدي جا پاڪيزگي ۾ شديد فطري
جنسي تقاضا وچ ۾ ڪشمش جي ڪهاڻي آهي پارسائيءَ جو
غلبو، فطري تقاضا کي پاپ ڄاڻي، ان جي ذريعي کي
هميشه لاءِ نيست و نابود ڪري ٿو ڇڏي. مدرسي ۾ ديني
علم پڙهائيندڙ نوجوان مولويءَ جي جنسي اُمنگن کي
ڳولهي لهڻ ۽ ان تي ضابطو نه حاصل ڪري سگهڻ سببان
خود کي ناڪاره بڻائي ٿو ڇڏي، مگر پوءِ به هُو ذهني
۽ قلبي سڪون ماڻي نٿو سگهي، تهائين وڌيڪ ابتري جو
شڪار ٿي وڃي ٿو.
”تاساري“، جنسي اُڃ سانڍيل ان ڪرڙوڍ عملدار عورت
جي ڪهاڻي آهي جيڪا گهريلو جوابدارين جي ڪري، ان
طرح جي گهرج کي دٻائي ٿي ڇڏي ۽ جوابدارين مان
فراغت حاصل ڪرڻ بعد، وڏي نفسياتي ڇڪتاڻ ۾ مبتلا ٿي
وڃي ٿي، ڇاڪاڻ ته هاڻي هوءَ هميشه پاڻ کي ان جي
غلبي هيٺ محسوس ڪري ٿي ۽ جنسي اُڃ اُجهائڻ جي
ڳولها ۾ پنهنجي ئي اداري جي نوجوان ڊرائيور سان
شادي ڪري ٿي جيڪو سندس اُڃ جو استحصال ڪري کيس
اوڙاهه ۾ اُڇلائي هليو ٿو وڃي.
”جهنگ ننگ آهي“، ماحولياتي سٺاڻ برقرار رکڻ لاءِ
هڪ نوجوان جي ڪهاڻي آهي جيڪو تڪليفون ۽ مصيبتون
سهي ٿو، پر پنهنجي جهنگ کي وڍڻ نٿو ڏئي.
اهڙي ريت ”بڙ جي ڇانوَ“، ”ڊڀ نه چرسون“، ”پوڍائو“
۽ ”سرچاءُ“ به سماج مان کنيل ڪردارن جي من پيڙائن
جون ڪهاڻيون آهن.
1956ع کان 1961ع جو عرصو جيڪو سائين نذير قاضي جن
جو نوابشاهه ۾ گذريو، اهو ادبي لحاظ کان نهايت
ڀرپور گذريو. نوابشاهه جي ادبي سنگت ۾ سندس انهن
دوستن ۽ شاعرن سان ڪچهريون ٿيون جن بعد ۾ ادبي
دنيا ۾ اعليٰ مقام حاصل ڪيو، تن ۾ بردو سنڌي، امير
بخش ’نظر سنڌي‘ عالماڻي، نور محمد ’نور‘ عباسي،
قاضي عبدالجليل ’امرجليل‘، گل محمد چنو، عبدالجبار
’قاصر‘ کوسو، احمد علي آرائين ’مفلس‘، قريشي حامد
علي خانائي، معصوم هالائي، قمرالدين ٻگهيو ’قمر
شهباز‘ ۽ ٻيا ڪيترائي اچي وڃن ٿا.
سائين نذير صاحب ادبي سنگت جي اوائلي گڏجاڻين ۾
ڪهاڻيون پڙهندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن شاعري به پيش ڪندو
هو. اڳتي هلي سائينءَ پنهنجو سڄو زور ۽ توجهه
شاعريءَ تي ڏنو. سندن 60 واري ڏهاڪي ۾ مزاحيه ۽
اصلاحي شاعري ڪيائون جيڪا پڪي پختي لاجواب آهي.
پاڻ موري جي بزمن ’بزم سعيد‘، ’بزم قاسم‘، ’اداره
روح ادب‘، ’عزيز ادب‘ ۽ ٻين بزمن پاران ٿيندڙ طرحي
۽ غير طرحي مشاعرن ۾ ڀرپور شرڪت ڪندو هو. سندن اها
مزاحيه ۽ اصلاحي شاعري 1962ع کان 1964ع تائين
’عبرت‘ اخبار جي ڪالم ’نظري خوش گذري‘ ۾ شايع ٿي،
جنهن ۾ قاضي صاحب جو تخلص ’ن.ق.پاهوڙو‘ هوندو هو.
سائين نذير قاضي جي خوبصورت مزاحيه ۽ اصلاحي
شاعريءَ جون ڪجهه جهلڪيون هتي ڏجن ٿيون:
• پارليامينٽ ۾
ويٺا آهن موج سان بيڪار پارليامينٽ ۾،
منهنجي مٺڙي ملڪ جا ڪي يار پارليامينٽ ۾.
چونڊجي هتئون هليا، تقدير ٺاهڻ قوم جي،
هُت اٿن عهدن سندي اپٽار پارليامينٽ ۾.
چونڊجڻ کان اڳ اوهان ٿي خوب تقريرون ڪيون،
هاڻي ڪئي ڇو ماٺ آ، پارليامينٽ ۾.
پڪ اٿم ’پاهوڙا‘ ٿورو خيال خانن کي ٿيندو،
جي پڙهي ڪوئي سندءِ اشعار پارليامينٽ ۾.
(1962ع)
• مطلب جا يار آهن
کارائيندا نه ڪڏهين کائڻ لاءِ تيار آهن،
مطلب جي آهي دنيا، مطلب جا يار آهن.
هڪڙو آهي غريبي ٻيو هاضمو آ،
ڪيڏانهن وڃان ٻڌايو؟ هڪ ڊزن ٻار آهن.
(6- فيبروري 1963ع)
• عاشق
بنجي عاشق مان پيو آهيان وڏي آزار ۾،
پاسريون ٻئي ڀڳيون هن، سينڊلن جي مار ۾.
کيسا خالي ۽ هليا يار بيڌڙڪ ماڙين مٿي،
خوب ٿي يارن جي مرمت حسن جي بازار ۾.
بيل گاڏي مون به آندي، اي سڄڻ! تو واسطي،
پر رقيبن سان هليو وئين، ڇو چڙهي تون ڪار ۾؟
(3- مارچ 1962)
• امتحان ٿيندو
نهاري جي حسينا ڪا ته، اُلفت جو گمان ٿيندو،
۽ عاشق وٽ انهيءَ دم ئي سندس درڙو نشان ٿيندو.
فراق يار ۾ يارو ڳايان سر ڀيروي ليڪن،
گڏهه جي
هينگ جو پاڙي ۾ سڀڪنهن کي گمان ٿيندو.
(15- جولاءِ 1962ع)
• ڏکيو جهان
هن ڏکئي
جهان ڏاڍي جهان ۾، سڀ جي لاچار ته ڏس،
مفلسي
مسڪين ڪنهن جي، ڪنهن جي زرداري ته ڏس.
جو رُسي ٿو گهر کان، سو عاشق سڏائي ٿو پاڻ کي،
عشق جي وڌندڙ هتي اي يار! بيماري ته ڏس.
سو ڪريو درخواستون پر نوڪري مشڪل ملي،
حال هيڻا جنهن ڪيا سا بک بيڪاري ته ڏس.
ويا وڌي اسڪول ۽ ڪاليج پنهنجي ملڪ ۾،
علم جي هوندي به هِت اونداهه انڌوڪاري ته ڏس.
هَرُ ڏئي، محنت ڪري، تتيون ٿڌيون جيڪي سهي،
جو سدا بکيو رهي، سو، اي سڄڻ هاري ته ڏس.
زن مريدي يار ’پاهوڙا‘ وڌي وئي ملڪ ۾،
مڙس کي تنهن تي نچائي، سابه گهر واري ته ڏس.
(9- سيپٽمبر 1962ع)
• ملامت ئي ڪانهي
گهمي ڏس جهان ۾ صداقت ئي ڪانهي،
ڏنڊو زور آهي، عدالت ئي ڪانهي.
جنين غرق ٻيڙو ڪيو قوم جو آ،
’پاهوڙا‘ انهن تي ملامت ئي ڪانهي.
(9- جون 1963ع)
• مون ڇا سمجهيو
ٿلهو ٿنڀرو توکي ڄاڻي پهلوان مون سمجهيو،
نڪري پئين بزدل مٺا، توکي جوان مون سمجهيو.
آ سبب ڪوئي نه ڪوئي، جو سڄڻ تون ٿو ڪرين،
پيار ’پاهوڙي‘ سان پسين بنا مون سمجهيو.
(16- جولاءِ 1963ع)
سائين نذير قاضي مزاحيه شاعريءَ سان گڏوگڏ وائي،
غزل، نظم، آزاد نظم، ٽيڙو ۽ چؤسٽا ۽ ٻين صنفن تي
پڻ طبع آزمائي ڪئي آهي. سندس شاعريءَ جا موضوع ۽
گهاڙيتا نوان ۽ نرالا آهن. معاشري ۾ غريب ۽ امير
جي فرق کي هڪ حساس انسان ڪتاب جي ’اوچي ۽ سادي
ڪاپيءَ‘ ۾ پڻ ڏسي ٿو. سندس نظم ”سوال“ ان موضوع تي
هڪ انوکي تحرير آهي:
”پوءِ ڇو سائين؟“
اوچا ماڻهو
اوچو پنو
اوچي ڪاپي
سادا ماڻهو
سادو پنو
سادي ڪاپي.“
’حرامي ٻار‘ نذير قاضي جن جو هڪ لازوال
آزاد نظم آهي، جنهن ڍير تي اُڇلايل هڪ انساني جان
جي حوالي سان انسانيت ۾ مهذب دنيا کي شاعر للڪاري
ٿو ته:
اوڙي پاڙي هُل مچي ويو
گندي ناليءَ منجهه پيو هو
تازو ڄاول ٻار هُيو سو.
هرڪو سمجهي
هيءُ جو ٻار نئون ڄاول آ،
سو پڪ ٻار حرامي آهي!
ڪنهن هڪ ناريءَ پنهنجي لڄ لٽائڻ کانپوءِ
پنهنجي پاپ لڪائڻ خاطر
هن کي اُڇلايو آهي
اوڙي پاڙي هُل گهڻو آ
ڪوبه هن کي هٿ نٿو لائي،
ائين لڳي ڄڻ پئبو
پاپ جي پيدا پاپ ئي آهي
پاپ کي آخر پاپ ئي چئبو
معصوم ٻالڪ روئي رڙي ٿو
شايد پنهنجي امڙ سڏي ٿو
هن جا چپ به چوسڻ چاهن
جن ۾ هن لاءِ امرت آهي
ليڪن هن جي ماءُ ڪٿي آ؟
شايد ڪاٿي ستي جتي ٿي ويٺي آهي!!
شاعر سوچي
هن جو نڪ به نڪ جهڙو آ
منهن مهانڊو ٻارن وانگيان
جهڙا ٻار ٻين جا آهن
تهڙوئي هڪ هيءُ به آهي
ماءُ به آهي
پيءُ به آهي
پوءِ به هيءُ حرامي آهي!!
جيڪا هن جي ماءُ به هوندي
ماءُ ٿيڻ لاءِ تيار ناهي
جيڪو هن جو پيءُ به هوندو،
پيءُ ٿيڻ لاءِ تيار ناهي
تنهن ۾ آخر
هن ٻالڪ جو دوش آ ڪهڙو؟
روئي رڙي هو مري به ويندو
ڪنهن جي پاپ جو پردو ٿيندو،
ليڪن-
ليڪن ان جي قيمت آهي
ان جي قيمت جان آ هڪڙي
تو، مون جهڙي جان اها آ
اچو ته هن جي جان بچايون
اچو ته پنهنجا ضمير ڦولهيون
اچو ته هن جا ماءُ پيءُ ڳولهيون.
’آزادي‘
نه رڳو آس آهي، پر هڪ اعليٰ مقصد ۽ آدرش پڻ ان ڏس
۾’آزاديءَ جا
تاج محل‘ سندس هڪ يادگار نظم آهي، جنهن ۾
آزاديءَ جي مايوس متوالن کي دلاسو ڏيندي چوي ٿو:
جيسين ذهن ضمير ٿا جاڳن
سچ جي پنڌ تي پير ٿا جاڳن
تيسين آس اميد نه لاهج
آزاديءَ جا تاج محل تون بيشڪ ٺاهج
ٺهندي ٺهندي ٺهندا آخر
قائم جيسين ڌرتي آهي
تيستائين رهندا آخر،
ٺهندا آخر رهندا آخر
آمريت واري ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ جي دؤر ۾ جتي راتاها هڻي
عوامي ۽ جمهوري حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ويو.
عوامي اڳواڻ کي قيد ۽ بند ۾ وڌو ويو، قيد ۽ بند جي
صعوبتن کي اسان جو شاعر علامتي طور هيئن پيش ڪري
ٿو:
هنج پکيئڙو سوچي ويٺو
ڏيهه ۾ راوڻ ۽ راڪاس
ڀولا، باندر ۽ بن مانس
کانئن ماڙهوئڙن جو ماس
هنج پکيئڙو سوچي ويٺو
سهڻي سيتا قيد ڪڙن ۾
رام سوامي ڀوڳي بن ۾
مرن هٿن ۾ ماڻهو ساس
هنج پکيئڙو سوچي ويٺو.
ملڻو اٿئي ملي وڃ، من! موڪلاڻي آهي،
سورن سندي سفر جي شايد پڄاڻي آهي.
منهنجي بدن جي خوشبو ناهي چمن ۾ ڇا ٿيو،
موتيو، گلاب، مگرو ۽ رات راڻي آهي.
سچ دار تي سدائين، حق مبتلا ۽ ماتم
فڪر و نظر ٿڪي پيا ۽ سوچ ساڻي آهي.
1983ع ۾ سڄي سنڌ ۾ آمريت جا ڪارا ڪڪر ڇانيل هئا،
سنڌ جون وستيون ۽ واهڻ برباد ۽ تاراج ڪيا پئي ويا،
هر طرف بارود جي بوءِ اچي رهي هئي. سنڌ جي سٻاجهن
ماروئڙن، سانگيئڙن ۽ جهانگيئڙن مٿان مصيبت جا پهاڙ
ڪيرايا ويا ها. هر طرف لانگ بوٽن جي لتاڙ هئي ۽ ان
وقت اسان جو هيءُ شاعر به پنهنجي جذبن ۽ اُڌمن کي
شعرن جي مورت ڏئي خوبصورت ٽيڙوئن جي روپ ۾ سنڌ جو
ڪيڏارو تخليق ڪيو. اهي سائينءَ نذير جا ٽيڙو سڀ جا
سڀ علامتي طور
(Symbolical)
چيل آهن، جن مان ڪجهه هتي نموني طور ڏيان ٿو:
• ڪانئر! ڪُڌا ڪم
ڳيرن جي، ڪلهه ڳوٺ تي،
بندوقون ۽ بم.
• سنجهي ساڻ ستا،
لڳن گوليون گج ۾.
لکي، ڪين اُٿيا،
• باز کنيو ڳيرو،
بازن جي بانور ڪيو،
سُڃو آکيرو.
• هئه ڙي!! منهنجي ڀُون،
بوٽن، هاءِ لتاڙيا،
کِيرولا، آڀون.
• وستيءَ ۾ ويڙهاند،
ڪُوپن، ڪڏي ڪوڏ مان،
رت- ورني راند.
• آمر جو ايمان،
ٻئي ڳاڙها رت ۾،
قاري ۽ قرآن.
• منگولي معمار،
جوڙين جنگي جُهنڊ سان،
منڍين جا مينار.
• آب اکين ارتو،
ڌرتيءَ جو اولاهي
ڌرتيءَ کي پرتو.
• زخمي سارو تن،
گولين جي ڌڌڪار ۾،
آهيرا ڪک پن.
• ساٿ نه ڪو سونهون،
واهڻ وڪوڙي ويو،
بارودي دونهون.
• جوڌا، جُنگ، جوان،
اٽڪي پيا انياءَ سان،
ارڏا، سڀ انسان.
• سانجهيءَ سان سوڙهو،
پاپيءَ گهيرو گهر کي،
هرڻيءَ اک ڳوڙهو.
• موٽئين تون نه ڪانڌ!
پيرن مُند موٽي،
پل پل پسن پاند!
• ڪوڙ جي، جي رات کٽي!
اوڀر پاسي آهستي،
سج جي پرهه ڦُٽي.
سائين نذير قاضي جا ڪيترائي بيت ۽ چؤسٽا سِرجيل
آهن جن مان ڪجهه هتي ڏجن ٿا:
•
ڪيڏا نه قهر ٿيا رندن تي هت رات
جي پوئين پهر ۾،
دل
وارا ڦاهيءَ تي چاڙهي، پوءِ جشن ملهائن شهرن
۾،
هيءُ
شادي يار شهيد سندي، جا مقصد جي معراج رسي،
هرلاڏي لاڏِي لڙڪ لڙيا، ڇا سوز سموهيو شعرن ۾.
• ٻٽڙي ڳوڙها، ڪهڙي ڪم جا!
روئڻ جو انداز سکي آ،
لڪڙ جو درياء به ٿورو،
باهه برهه جي تيز تِکي آ.
• اگهامڻ جي موسم ۾ اُڪري وياسين،
اسان جڳ جي دل مان به نڪري وياسين،
جڏهن سار ناهي ته چوڻو پوي ٿو،
’نذير‘پنهنجي پيارن کان وسري وياسين.
• خدا ڪيئن ٺاهيو بنايو اوهان کي،
گنهگار ٿيون ٿا، چئون جي چپن سان،
رکيو ڪيڏو رس چس انهن ۾ آ سائينءَ!
ملي آب امرت، لبن کي لبن سان.
لطيف درد انهيندي چوي ٿو:
• ماڻهو تنهنجي ملڪ جا، سپتيا ۽ سچار،
اچي ڪٿا اوچتو، اؤکا ڪيا اغيار،
سيد! سندن سار، لهج لال لطيف تون.
• ماڻهو تنهنجي ملڪ جا، مکڻ جيان موم،
اهڙي خبر نه هوم، ته در در رلندا ديس ۾.
• ماڻهو تنهنجي ملڪ جا، ڪنول جيان ڪومل،
لڪون ۽ جهولا لڳا، ويڳاڻي هر ول،
ويچارا وياڪل، آهن تنهنجي آسري.
• ماڻهو تنهنجي ملڪ جا، نهٺا ۽ نرم،
دوکو کائي ديس ۾، ڀڄي پين ڀرم،
قادر! ڪرمن ڪرم، اوکيءَ ۾ انهن تي.
ڀٽائي سرڪار جي حضور چوي ٿو:
• سڀ نهارن تنهنجون راهون ڀٽ ڌڻي!
ڪجهه ته ٻڌ، پنهنجن جون دانهون ڀٽ ڌڻي!
ڇا نذر تنهنجي رکان، مون وٽ ته بس،
چند ڳوڙها، چند آهون، ڀٽ ڌڻي!
سنڌ جي ون يونٽ کان نجات تي چيل:
• عمر جو زور ٽٽو، ڪوٽ ڪِريا،
موٽي ماڳن تي مارئي آئي
ملير وارا! خبردار ٿجو،
متان ڪو ڦوڳ کسي سرهائي.
سائين نذير جن پنهنجي جنم
ڀومي ’موري‘ کي به ڪين وساريو آهي:
• اهو ناهي ممڪن ته موري کي ساري،
اکين مان ’نذير‘ لڙڪ لارون نه اينديون.
• تو مَٽائي ڇڏيو مزاج اڳيون،
توتي مورا ميار ڀي ڪانهي!!
• سنڌڙي ساري، ڏاڍي پياري،
موري جي پر ڳالهه نياري.
• ڪونج جو ڪُرلاءُ ٿو ڪَنَ تي پوي،
اڄ وري مورو پڪاري ٿو مون کي.
• شهر’خليق‘،’اختر‘،’ناصر‘،’بيزار‘۽’راشد‘جو،
شال رهي آباد هميشه مورو، موري وارن سان.
• ’نذيرُ‘ يارَ ٿيو آ، نه ٿيندو ڪڏهن،
دليئون ڌار موري ۽ مهراڻ کان!!
سائين نذير جون وايون ۽ غزل پڻ ڀرپور مقصد رکن ٿا،
سندس شعرن ۾ احساسن جي شدت آهي، سا روح کي
جهنجهوڙي ٿي ڇڏي. پاڻ غزل جي صنف تي ٻين صنفن کان
وڌيڪ لکيو اٿن ۽ سندن غزل ۾ تيز رواني نظر اچي، فن
۽ فڪر جي حوالي سان سندس غزل ڀرپور آهي:
اچُ، سر مقتل، ته ڪي ڳالهيون ڪيون،
جيئن ڪَنبي قاتل، ته ڪي ڳالهيون ڪيون.
عقل جون ساڳيون اَڻايون باتڙيون،
دل ٿئي پاڳل، ته ڪي ڳالهيون ڪيون.
ڏاڍ، غربت ۽ جهالت جي خلاف،
هِتِ هلي هلچل، ته ڪي ڳالهيون ڪيون
سونهن، سچ، سرهاڻ جاري سخنور!
اڄ مچي محفل ته ڪي ڳالهيون ڪيون.
بيقراري، لوچ پوڇ ۽ آنڌِ مانڌ،
جائيتي ٿئي دل، ته ڪي ڳالهيون ڪيون.
رُوح رُڃ ۾، اُڃ رڙي پيئي ’نذير‘،
جي وسي بادل، ته ڪي ڳالهيون ڪيون
يا
خبر ساري جڳ جي رکي آدمي،
مگر بي خبر ٿو رهي پاڻ کان.
رهيو جيڪو پروس، سو بيوس ٿيو،
مليو اڄ سبق مون کي مهراڻ کان.
اڄوڪا مسافر صفا ڀورڙا،
پڇن پيا پتو سو به اڻڄاڻ کان
پذيرائي ڏاڍي تڏهن ٿي ملي،
جدا ٿئي ٿو هيرو جڏهن کاڻ کان.
سوالن جا سوچي رکو سڀ جواب،
نه گهٻرايو، ڇو؟ ڇا؟ ۽ ڇاڪاڻ کان.
نه ٿئي ريءَ مطلب، جا مُنهن تي ٿئي،
ٿجي ڪين خوش اهڙي واکاڻ کان.
سُتل ڀاڳَ تن جا، ستل جي رهيا،
اُٿي، يار محنت ڪريو هاڻ کان
’نذير‘ يار ٿيو آ، نه ٿيندو ڪڏهن،
دليئنون ڌار موري ۽ مهراڻ کان!!
پروفيسر نذير قاضي جن جا ڪيترائي خوبصورت نظم پڻ
تخليق ڪيل آهن، جن ۾’عجب شعر‘ جي عنوان سان چيل
سندس هڪ نظم هتي ڏجي ٿو:
’نذير‘ يار، تنهنجا عجب شعر آهن!
نه تشبيهه تن ۾
ڪنايو اشارو
نه تجنيس حرفي
عجب استعارو
نه بلبل جو قصو، نه گل جي ڪهاڻي
نه موتيو چنبيلي، نڪو رات راڻي
نه ريحان، سنبل نه سرو سمن آ
نه باغ عدن آ، نه مُشڪِ ختن آ
’نذير‘ يار، تنهنجا عجب شعر آهن!
نه ڪجليون ڪٽاريون نه پيڪان پلڪون
تکا تير ابرو نه مزگان مارن،
نه عشوه نه غمزا، نڪو ناز نخرا،
نه ذلفن جا بند ڪي مند ئي وجهن ٿا
نڪو وار واسينگ اُلري اچن ٿا
نه مهر حسينان، نه قهر بُتان آ
نه مدهوش ميءِ ۾ ڪو پيرِ مغان آ
نسيمِ سحر آ نه بادِصبا آ
نڪو حسن ڪنهن جو قيامت قضا آ
نه ساقي، نه ساغر، نه مينا نه واعظ!
نڪو رندِ بي پير خيام حافظ!
’نذير‘ يار، تنهنجا، عجب شعر آهن!
رڳو ذڪر تن ۾، سونهاريءَ سنڌ جو
ڀلاريءَ سنڌ جو، سچاريءَ سنڌ جو
هتان جي مٺيءَ هير، پاڻيءَ، مٽيءَ جو
سدا سونهن سچ ۽ چڱائيءَ چِٽيءَ جو
رڳو ذڪر تن ۾
چڱن چؤنرڙن جو
مڻيادار ماڻهن
ڪِنن ڪوجهڙن جو
جي بين تي لهرا ٻڌي جهومي ڳائن
ڪري مچَ تي مارو ڪچهريون لڳائن،
سدا سچ جا ساٿي، نه ڪچ کي ڪمائن
’نذير‘ يار، تنهنجا شعر سادا سودا،
ائين، جيئن سنڌي سدورا سٻوجها،
ائين جيئن ماٺا، سنڌوءَ جا ڪنارا،
ائين جيئن ماکيءَ مٺڙا مانارا،
ائين جيئن سپيون سپاڪو ڏسارا
’نذير‘ يار، تنهنجي سڄي ذات، سنڌ لاءِ
’نذير‘ يار، تنهنجي سڄي ذات، سنڌ لاءِ.
سائين نذير قاضيءَ جي شخصيت ڪجهه نرالي ۽ گهڻ
پاسائين آهي، جيڪڏهن ائين چئجي ته هُو هڪ مڪمل
ادارو آهي، ته وڌاءُ نه ٿيندو. سائين نه رڳو
انگريزي ادب جو استاد آهي، پر گڏوگڏ قومي شعور پڻ
رکي ٿو. سائين نذير قاضي هڪ بهترين استاد هئڻ سان
گڏوگڏ بهترين شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ نثرنگار پڻ آهي.
انگريزي توڙي سنڌيءَ ۾ لکيل سندس نثر ۾ جيڪا سگهه
۽ رواني آهي، اها سنڌ جي ٿورن قلم ڌڻين وٽ هوندي.
هن سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جا ڪيترائي نصابي ڪتاب مرتب
ڪيا آهن ۽ انگريزي ٻوليءَ ۾ لکيل ڪتابن کي سنڌي
زبان جو ويس پارايو آهي. سائين نذير اهي ماڻهو آهن
جيڪي روانيءَ سان انگريزيءَ ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ انيڪ
موضوعن تي ڳالهائي سگهن ٿا.
سائين نذير جن جا ڪيترائي مضمون سنڌ جي مختلف
اخبارن جهڙوڪ: ’عبرت‘، ’مهراڻ‘،
’آفتاب‘ وغيره ۾ ٽِڙيل پکڙيل نظر اچن ٿا، جن مان
ڪي سياسي ته ڪي ادبي، ڪي سماجي ته ڪي بين الاقوامي
تعلقاتن متعلق لکيل نظر اچن ٿا. ان کان علاوه سندن
ڪيترائي مقالا ۽ تقريرون اڻڇيل آهن جيڪي پاڻ مختلف
پروگرامن ۾ مختلف شخصيتن تي پڙهيا اٿن.
سائين نذير قاضي 1962ع جي مارچ مهيني ۾ ’بزم قاسم‘
جي نالي سان هڪ ادبي ادارو قائم ڪيو، جنهن پاران
ڪيترائي ادبي ميڙاڪا، طرحي ۽ غيرطرحي مشاعرا ڪرايا
ويا. قاضي صاحب موري شهر ۾ ’ساڃاهه ڪلچر فورم‘ جو
پڻ بڻياد وڌو، جنهن پاران ڪيترن ڪتابن جون مهورتون
جن ۾ خوبصورت شاعر نصير مرزا جي ڪتاب ’خوشبوءِ جي
سنگ سنگ‘ ڊاڪٽر محمد لائق زرداري جي ڪتاب ’سنڌ جي
سياسي جدوجهد‘ اچي وڃن ٿا. ان کان علاوه هن فورم
پاران ڪيترن اديبن، شاعرن ناول نگارن سان پڻ شامون
ملهايون ويون، جن ۾ سرِفهرست قاضي فيض محمد سان
شام هئي، جنهن ۾ مرحوم قاضي فيض محمد پنهنجي جيون
ڪهاڻي ۽ جدوجهد بابت دل کولي ڳالهايو، اها مرحوم
جي آخري گڏجاڻي هئي.
سائين نذير، موري ۾ باک پبليڪيشن قائم ڪئي، جنهن
پاران ’باک‘ جا ڇهه معياري پرچا ڪڍيا. پاڻ موري جي
ڪيترن ادارن جي بنياد وجهندڙ مان آهي، جهڙوڪ:
ايجوڪيشنل سوسائٽي مورو جنهن پاران آرٽس ڪاليج
مورو قائم ٿيو ۽ اڄ اهو گورنمينٽ مهراڻ ڊگري ڪاليج
مورو جي صورت ۾ موجود آهي. مهراڻ ايجوڪيشنل
سوسائٽي مورو جنهن پاران روشن تارا ڪي.جي
اسڪول هلندڙ آهي. مهراڻ سوسائٽي مورو جنهن جو پاڻ
جنرل سيڪريٽري آهي، هن اداري طرفان ٻه ڪتاب مرحوم
محمد مٺل ڪمالاڻيءَ جو ”مورو ناهي ٿورو“ ۽ محترم
بدرالدين اُڄڻ جي ڪتاب ”ٽي.ايس.ايليٽ فن ۽ فڪر“
شايع ڪيا ويا. |