شگفته شاهه
جي جيءَ کي جيارين....
اڄ نه اوطاقن ۾، طالب تنوارين،
آديسي اُٿي ويا، مڙهيون مون مارين،
جي جيءَ کي جيارين سي لاهوتي لڏي ويا.
ڪورٽ واري چاڙهي لهي روڊ ڪراس ڪبو هو ته هڪ پيٽرول
پمپ ان پيٽرول پمپ جي پويان هڪ سوڙهي گهٽي هوندي
هئي، جنهن جي کاٻي پاسي هڪ ٽي ماڙ بلڊنگ هوندي
هئي. ”شاهجهان منزل“، ان جي فرسٽ گرائونڊ فلور تي
ٻه دوڪان هوندا هئا جن ۾ مصروف ڪار ورڪشاپ/گيراج
ايندو هو جن کان اڳيان هڪ دروازو ايندو هو جتان
ڏاڪڻيون مٿي پيون وينديون هيون، جتي هڪ هندو فيملي
رهندي هئي (شايد اڄ به رهندي هجي!) ان ڏاڪڻ واري
دروازي کان ٿورو اڳتي هڪ ٻيو دروازو ايندو هو جيڪو
هڪ سوڙهي ڪاريڊور ڏانهن کُلندو هو، جنهن ڪاريڊور
مان گذري اندر وڃبو هو ته سامهون هڪ ننڍڙو ڪمرو
هوندو هو، جنهن ۾ صوفا سيٽ پيو هوندو هو. سامهون
واري ڀت جي مٿاڇري تي هڪ ڇاڄو ٺهيل هوندو هو، جنهن
جي مٿان فائلن ۽ استعمال ٿيل ڊائرين جو ڍير سٿيو
پيو هوندو هو. ڪاريڊور کاٻي هٿ ڏانهن مڙندو هو ته
هڪ واش روم هوندو هو، جنهن جو دروازو بند هوندو
هو. سامهون هڪ ٻيو در ايندو هو، ان دروازي ۾ اندر
گهڙبو هو ته هڪ ڪشادي آفيس هوندي هئي، دروازي واري
ساڄي ڀت سان لڳو لڳ هڪ وڏي آفيس ٽيبل ۽ ڦرڻي ڪرسي
هوندي هئي، ٽيبل جي ساڄي پاسي ڪاري رنگ جي وڏي
ٽيليفون رکيل هوندي هئي ۽ کاٻي پاسي هڪ چوڪور
پلاسٽڪ جي ڄاريءَ سان، ويڪرو ٽري/ ٽري نما هوندو
هو، جنهن ۾ ڪيئي پنا پيل هوندا هئا، ٽيبل تي پنچ
مشين ۽ آفيس پِن هولڊرس ڪيتريون کي پِنون لڳل
هونديون هيون، آفيس جي سامهون واري ڀت آڏو به هڪ
ننڍي ٽيبل هوندي هئي، جنهن جي پويان ڪرسي هوندي،
ان ٽيبل تي ٽائيپ رائيٽر رکيل هوندو هو، ۽ ڀرسان
فائيل، پنا وغيره رکيل هوندا هئا، وڏي ۽ ننڍي ٽيبل
واري وچ واري ڪُنڊ تي هڪ وڏو ڦرڻو ريڪ هوندو هو،
جنهن ۾ ٿلها قانون جا ڪتاب ڀريا پيا هوندا هئا.
وڏي ٽيبل جي سامهون واري ڀت سان لڳو لڳ قطار ۾ چار
(يا وڌيڪ) ڪاٺ جون بهترين الماريون هونديون هيون،
جن جي دروازن ۾ شيشا لڳل هوندا هئا. سڀئي الماريون
قانون جي ٿلهن ڪتابن سان ڏٽيون پيون هونديون هيون.
آفيس جي چوٿين ڀت يعني آفيس جي دروازي واري سائيڊ،
کاٻي پاسي قطار سان ست اٺ آفيس چيئرز يعني ڪرسيون
رکيون هونديون هيون. هن آفيس ۽ سموري ”شاهجهان
منزل“ جيڪا منهنجي والده جي نالي تي تعمير ڪرائي
وئي هئي ۽ آفيس کانسواءِ سموري والده کي ئي گفٽ
ڪئي وئي هئي، ان آفيس جو مالڪ يعني منهنجو والد
صاحب ان آفيس ۾ ويهندو هو جيڪو حيدرآباد شهر جو هڪ
ڪامياب ۽ نالي وارو وڪيل هو. آفيس جي ٻاهرئين
دروازي مٿان سندس نالي جو بورڊ لڳل هوندو هو، جنهن
تي لکيل هوندو هو.
Syed Ghulam Rasool Shah (Advocate) B.A. L.L.B
جڏهن اسين بابا جي رساله روڊ تي موجود ان آفيس کان
ٿورو اڳتي، گول بلڊنگ ڏانهن ويندڙ مين روڊ جي کاٻي
پاسي تي وشال ميدان پٺيان وڏي بلڊنگ ۾، جيڪا
گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول جي عمارت هئي، ان ۾ شام
جي شفٽ ۾
Sindh English Teaching School
۾ پڙهندا هئاسين ته اڪثر موڪل کان پوءِ بابا جي
آفيس ۾ وڃي ويهندا هئاسين. جڏهن آفيس جي در مان
لنگهي ڪاريڊور پار ڪندي ويٽنگ روم ڏانهن ويندي
آفيس ۾ نظر پوندي هئي ته اڪثر ڀت سان لڳ ست اٺ
ڪرسيون اصيلن سان ڀريل نظر اينديون هيون ۽ اڪثر
پٽڪن وارا، ڪي غريب ۽ اٻوجهه به ويٺل نظر ايندا
هئا ۽ آفيس مان ٽائپ رائيٽر جي کَٽ کَٽ جو آواز
پيو ايندو هو، جيڪو بابا جي منشي جي ٽيبل تي رکيل
هوندو هو.
اسين ويٽنگ روم ۾ وڃي ويهندا هئاسين ته ٿوري دير ۾
بابا جو خاص خليفو ماما صديق اسان لاءِ چانهه ۽
نان ختايون وٺي ايندو هو. ماما صديق ڏينهن رات
بابا جي آفيس ۾ ئي رهندو هو ۽ رات جو ويٽنگ روم ۾
هنڌ وڇائي سمهندو هو.
اسين جڏهن اڃا به ننڍا هوندا هئاسين ته آفيس ۾ هڪ
ٻيو خليفو هوندو هو ماما بچايو. تڏهن بابا هن کي
پئسا ڏيندو هو، هُو اسان کي وٺي (ڪم از ڪم چار پنج
ٻار جو وڏا ڪڏهن هوندا هئا ڪڏهن نه، اسين اٺ ڀاءُ
ڀيڻون هئاسين)، ڌيان سان پيٽرول پمپ وارو روڊ ڪراس
ڪرائي، سيشن ڪورٽ واري چاڙهيءَ تان وٺي ان پاسي
ڏانهن وٺي هلندو هو، جتي هاڻي گل سينٽر آهي. اُتي
ئي ڪٿي ڪڏهن ”پريم پارڪ“ هوندو هو. جنهن ۾ سهڻو
باغ، ٻارن لاءِ جهولا ۽ گسڪڻيون ۽ هڪ ڪول ڪارنر
هوندو هو. اسين اتي جَهولن ۽ گسڪڻين تي راند ڪندا
هئاسين ۽ جهولندا هئاسين ۽ ماما بچايو باغ ۾ هڪ
پاسي ويهي رهندو هو. ان دور ۾ اُتي ڪا گهڻي رش نه
هوندي هئي. پوءِ اسان کي سوفٽ ڊرنڪس ڏنا ويندا
هئا، هر ٻار پنهنجي پسند تي وٺندو هو. مون کي
Benz وڻندي هئي جيڪو
مينگو جوس هوندو هو، ان کانسواءِ ڪوڪا ڪولا، سيون
اَپ، ايپل سڊرا ۽ پيٽيز ۽ بسڪوٽ وغيره وٺندا
هئاسون. ماما بچائي جي وفات ٿي وئي ٽي.بيءَ جي
ڪري، اسين سڀ ٻار سندس وفات جو ٻڌي ڏاڍا رُنا
هئاسين.
هاڻي ماما صديق هو، جيڪو اسان کي موڪل مهل اسڪول
کان وٺي آفيس ايندو هو، اسين ٻار چانهه سان نان
ختايون کائڻ کان پوءِ پنهنجو هوم ورڪ ڪري وٺندا
هئاسين، جڏهن بابا ڪم مان واندو ٿيندو هو ته اسان
کي وٺي هلندو هو. آفيس جي ٻاهران ڪار ۽ ڊرائيور
تيار ملندا هئا. رات جو ٽائيم هوندو هو، گاڏي
رساله روڊ تي هلڻ لڳندي هئي، گول بلڊنگ کي ڪراس
ڪري اڳتي سڌي روڊ تي حيدرآباد جي خوبصورت راتين ۾
دڪانن جي روشنين جو مزو وٺندي، ساڄي هٿ تي ’نيو
سلطان بيڪريءَ‘ جي سامهون ايندا هئاسين ته ڊرائيور
روڊ سان لڳولڳ فٽ پاٿ ڀرسان ڪار بيهاري ڇڏيندو هو.
بابا ڪار مان لهي بيڪريءَ ڏانهن ويندو هو، پٺيان
پٺيان اسين به. بابا ناشتي جو سامان وٺندو هو،
جنهن ۾ ڊبل روٽي، بيضا، جيلي يا جيم، ڪارن فليڪس،
ڪسٽرڊ، اوولٽين ۽ پاپا وغيره هوندا هئا. جيستائين
بابا اهو سامان وٺندو هو، اسين شوڪيس جاچيندا
هئاسين ته ڪهڙيون نيون گاڏيون آيون آهن رانديڪن ۾،
تڏهن هڪ پلاسٽڪ جون بسون ۽ ڪارون هونديون هيون جن
۾ درين جي جاءِ تي ٽرانسپرينٽ پلاسٽڪ جي هوندي هئي
جنهن مان انهن جي اندر ڀريل رنگين مٺا
Coated سؤنف
ڀريل هوندا هئا ۽ ٻيون ننڍڙيون، پر بنهه اصل گاڏين
جهڙيون گاڏيون هونديون هيون. اسان ٻارن انهن گاڏين
جو ڪافي ذخيرو گڏ ڪيو هو، پر وري به ڪانه ڪا ته
وٺبي هئي.
”بابا! هي کپي… بابا! هُو کپي…“
اسان جون فرمائشون هونديون هيون، ۽ بابا هر فرمائش
پوري ڪندو هو، پوءِ گهر وڃبو هو.
هر آچر تي بابا صبح جو سوير اُٿي تيار ٿيندو. عام
ڏينهن ۾ پاڻ سدائين ٿري پيس سوٽ پائيندو هو، پر
آچر جي ڏينهن شلوار قميض پائيندو هو، صدري پائيندو
۽ مٿي تي سهڻي سنڌي ٽوپي پائي ٻنيءَ تي نڪري ويندو
هو ۽ رات جو موٽندو هو. جيڪڏهن نصرپور مان ايندو
هو ته اتي جا رنگ ڏنل ڀڳڙا آڻيندو، هالا مان ايندو
ته کٿا، لوئيون، سوسيون، گربيون ۽ جنڊيءَ جا شوپيس
۽ آرسيون ۽ اسان ڀينرن لاءِ جنڊيءَ جا رانديڪا
اُکري مولڙو، ويلڻ، چڪرو ۽ گُڏيون وغيره آڻيندو
هو. شوپيس ۾
Glazed فارم ۾ تترن،
ڳيرن، ڏاند گاڏين وغيره جا خوبصورت پيس هوندا هئا،
جيڪي امڙ ڊرائينگ روم ۾ سجائي رکندي هئي ته شهري
ماڻهن لاءِ خاص دلچسپيءَ جو مرڪز هوندا هئا.
مٽياريءَ مان مائو ۽ ”کير پُڙا“ آڻيندو هو.
گهر ۾ انگريزي اخبارون ڊان، اسٽار ۽ سنڌي اخبارون
هلال پاڪستان ۽ عبرت اينديون هيون. اخبارون بابا
جي آفيس ۾ اينديون هيون، بابا پاڻ آفيس ۾ ئي پڙهي
وٺندو هو ۽ پوءِ ٻنپهرن جو آفيس مان ايندي کڻي
ايندو هو. اسان کي اخبارون پڙهڻ جي عادت اسڪول جي
زماني کان وٺي بابا جي تربيت ڪري پئي، جيڪا اڄ
تائين آهي.
بابا ڪڏهن به گهر ۾ خالي هٿ ڪونه آيو، ٻنپهرن جي
موسمي فروٽ (نارنگيون، ڪيلا، ناسپتيون، صوف،
انگور) ۽ رات جو پڪوڙا ۽ چاپون وغيره، انب ۽ زيتون
باغ تان ايندا هئا.
اسان وٽ گهڻو ڪري سيڪنڊ هئنڊ گاڏيون هونديون هيون،
بابا کي پراڻن ماڊلن جو گاڏيون گهڻيون وڻنديون
هيون، انڪري ڪڏهن شيورل جو
50s جو هڪ ماڊل ته
ڪڏهن ٻيو، ڇا ته شاندار وڏيون گاڏيون هونديون
هيون، ڪڏهن وري واڪس ويگن ته ڪڏهن جيپون.
بابا جڏهن به ڪا گاڏي وٺندو هو ته ان رات اٺين
تائين گهر اچي ويندو هو ۽ ڏاڍو خوش ٿيندي اسان کي
پئسا ڏيندي چوندو هو:
”وڃو!… نئين گاڏي (سيڪنڊ هئنڊ) ۾ گهمي اچو.“
ڊرائيور گاڏيءَ سميت بنگلي جي گيٽ جي ٻاهران تيار
بيٺو هوندو هو، اسين ڀينرون ۽ ڀائر گڏجي سدائين
حسين آباد جي چوڪ وٽان کاٻي هٿ تي مڙي جتي هاڻي
’فش پوائنٽ‘ آهي يا ’لاموش‘
اتي هڪ ننڍي اسٽال تان ڏاڍي مزيدار ڇولا چاٽ ملندي
هئي، ويندا هئاسين، تڏهن، جتي باٽا جا دڪان آهن،
اهو سڄو خالي ميدان هوندو هو. ڊرائيور گاڏيءَ کي
ان ميدان ۾ ٿورو هيٺ لاهي بيهاريندو هو ۽ پاڻ لهي
وڃي پرتي بيهندو هو، ڀائر اسٽال واري کي ڇولن ۽
آئيس ڪريم ۽ ڪولڊ ڊرنڪس جو آرڊر ڏئي ايندا هئا ته
ويٽر ٿوري دير ۾ مزيدار چاٽ ڪار تائين پهچائي
ويندا هئا ۽ بعد ۾ ڪولڊ ڊرنڪس ۽ آئيس ڪريم،
ڊرائيور کي به هڪ پليٽ ڇولن جي، ڏني ويندي هئي.
مون کي ياد آهي ته ان ميدان تان اسين سامهون ٿورو
مٿاهينءَ تي لڳل ريل جي پٽڙين تان ريل کي سيٽي
وڄائيندي، ويندي ڏسي ڏاڍا خوش ٿيندا هئاسين.
کائڻ پيئڻ بعد آٽوڀان تان گذرندي اڳتي لطيف آباد
واري پُل هيٺان گذري واپس عيدگاهه واري پاسي ايندا
هئاسين، عيدگاهه جي سامهون سنڌي مسلم هائوسنگ
سوسائٽي هئي/آهي (پر هاڻي الائي ڇو هتي جي سنڌين
ان مان ’سنڌي‘ لفظ خارج ڪري ڇڏيو آهي). سو اها
هوندي هئي، بابا جي طرفان ڪابه گاڏي وٺڻ جي ٽريٽ
اسان لاءِ، ساڳي طرح بابا 23- مارچ ۽ 14- آگسٽ
واري رات خاص طور تي اسان کي وٺي وڃي شهر جي
سرڪاري عمارتن جي (بتين جو سينگار) ڏيکاريندو هو.
بابا جي ڪمري ۾ سندس ڊريسنگ ٽيبل تي سدائين
Old Spice آفٽر شيو
رکيل ڏسندا هئاسين. وٽس ڪل اٺ ڏهه فل ٿري پيس سوٽن
۽ جوتن جي بهترين ڪليڪشن هئي. انهن کان سواءِ اسان
ڪڏهن به کيس نوان سوٽ ۽ بوٽ خريد ڪري ايندي ڪونه
ڏٺو، البت وٽس ٽائين ۽ ڪف لنڪس جي تمام سٺي ڪيلڪشن
هئي ۽ ٽائيون تمام گهڻيون، مختلف رنگن ۽ ڊزائين
جون هيون.
بابا لا ڪاليجن ۾ پروفيسر به هو، جڏهن لا جا
امتحان ٿي ويندا هئا ته پاڻ سان گڏ پرچن جا الاهي
پيڪيٽ کڻي ايندو هو ۽ سندس ڪمري ۾ امتحاني ڪاپين
جا اهي پيڪٽ رکندو هو، جڏهن پيپر چيڪ ڪندو هو ته
مون کي به سڏي ويهاريندو هو، پاڻ ڪاپيون چيڪ ڪري
ڏيندو ايندو هو ۽ آءٌ مارڪون ڳڻي پينسل سان لکندي
ايندي هئس، منهنجي ڪيل ٽوٽلنگ ڪڏهن به غلط نه
نڪرندي هئي، تڏهن آءٌ اسڪول ۾ پڙهندي هيس، ڪيترن
ئي شاگردن کي مون پاس ڪرايو:
”بابا! هن پاسنگ مارڪس کان هڪ ٻه مارڪون گهٽ کنيون
آهن، کيس اهي ڏئي پاس ڪري، ڇڏيو.“ آءٌ چوندي هيس.
بابا وري اهي ڪاپيون ٻيهر چڪاسي ڪٿي نه ڪٿي هڪ ٻن
مارڪن جو اضافو ڪري ڇڏيندو هو. جڏهن کيس ڪاپين چيڪ
ڪرڻ جو معاوضو ملندو هو ته مون کي سڏي ڪجهه پيسا
ڏئي چوندو هو.
”هيءُ تنهنجي محنت جو اجورو آهي.“ آءٌ ڏاڍي خوش
ٿيندي هيس.
بابا کي ڪاوڙ ته ايندي ئي ڪونه هئي. انتهائي ٿڌي
مزاج جو بلڪه صابر انسان هو، ڪڏهن ڪڏهن امڙ کيس
اسان جي شڪايت ڪندي چوندي هئي:
”شاهه صاحب! ڪڏهن توهان به ته ٻارن کي دڙڪو ڏيندا
ڪريو.“
هاڻي بابا لاءِ اسان کي دڙڪو ڏيڻ به مسئلو، هو
مرڪي اسان ڏانهن ڏسي چوندو هو:
”ڏِنگا ٻار نه ٿيو… هَت… هَت…“
اسان جي ’کِي کِي‘ ’ٺِي ٺِي‘ شروع، وات تي هٿ رکي
کِل روڪي ڀڄي ويندا هئاسين.
اسڪول اندر سال ۾ هڪ ڀيرو اسان کي ڪلري، ٺٽي،
مڪليءَ وغيره تي پڪنڪ تي وٺي ويندا هئا، جتي اسان
جون ڪجهه ڪلاس فيلو ڇوڪريون ڏک مان ٻڌائينديون
هيون ته کين سندن ڀيڻين پڪنڪ تي وڃڻ جي اجازت نه
ڏني، اتي اسان لاءِ اجازت ته ڪو مسئلو ئي نه هو.
جڏهن کيس ٻڌائيندا هئاسون ته اسڪول وارا پڪنڪ تي
پيا وٺي وڃن ته فقط ايترو پڇندو هو:
”ڪڏهن ٿا وڃو ۽ ڪيترا پيسا گهرجن؟“
يڪدم گهربل رقم ڏئي ڇڏيندو هو.
جڏهن مون ميٽرڪ جو امتحان ڏنو ته رزلٽ اچڻ تائين
گهر ۾ ويٺل هيس ٽي چار مهينا. انهن ڏينهنِ ۾ مون
بابا جون گهر جي هڪ ڪنڊائتي جاءِ تي پيل ٻن ڪتابن
جي المارين کي
Explore ڪرڻ شروع
ڪيو، ان ۾ گهڻو ڪري سنڌي ۽ انگريزي ڪتاب هئا. ادبي
۽ تحقيقي ڪتاب، مون پنهنجي سانڀر کان وٺي ته بابا
کي هڪ مصروف روٽين لائيف گذاريندي ڏٺو هو ۽ ڪڏهن
به انهن مان ڪو ڪتاب پڙهندي نه ڏٺو، پر اهي سڀ ڪي
گهڻا پراڻا هئا ۽ يقيناً ته ڪنهن دور ۾ بابا سڀ
ڪتاب پڙهي چڪو هو، پهريون ڀيرو مون شاهه جو رسالي
جا مختلف ايڊيشن اُتان ئي ڪڍي پڙهيا، اهي هئا:
1.ڊاڪٽر
هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ جو ترتيب ڏنل شاهه جو
رسالو.
2.غلام
محمد شاهواڻي جو ترتيب ڏنل شاهه جو رسالو.
3.ڪلياڻ
آڏواڻيءَ جو ترتيب ڏنل شاهه جو رسالو.انهن کان
سواءِ سچل ۽ ساميءَ جا رسالا پڻ هئا.
انهن کان سواءِ سچل ۽ ساميءَ جا رسالا پڻ هئا.
مرزا قليچ بيگ جا انگريزيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو
ڪيل ناول ”جولئن هوم“، ”مصيبت ماريا، سائين
سنواريا“ ۽ ٻيا جيڪي هينئر مون کي ياد نٿا اچن. هڪ
ناول جيڪو انگريزي ناول
The Mayor of Caster Bridge
جو سنڌيءَ ۾ ”بلو کوکر“ جي نالي سان هو (جنهن جي
ترجمه نگار جو نالو هن وقت ذهن مان نڪري ويو آهي)
۽ انهن ئي ڏينهن ۾ پي.ٽي.وي تان، اها انگريزي
سيريل جي شڪل ۾ پيش ڪيو پئي ويو.
مون فرصت جو ڀرپور فائدو وٺندي اهي سڀ ڪتاب پڙهيا
۽ ائين منهنجي دلچسپي ادب ڏانهن وڌي، انهن ڪتابن
کان سواءِ
The Reader's Digest
جا ڍير هئا.
اهي سڀ يادگيريون ان عظيم شخصيت سان جُڙيل آهن،
جيڪو اسان جي خاندان لاءِ هڪ گهاٽي بڙ جهڙي حيثيت
رکندڙ شخصيت هو ۽ ڏينهن رات پنهنجي گهر وارن کي
سُک ۽ آرام ڏيڻ لاءِ محنت پيو ڪندو هو.
مٿي ڏنل ننڍيون ننڍيون يادگيريون
70s کان 1980ع تائين
جون آهن. هيءُ اهو دور هو جڏهن سيد خاندان جا
ماڻهو پنهنجي نياڻين کي تعليم کان محروم رکي سخت
پابندين ۾ جڪڙي رکندا هئا، تڏهن فقط ڪجهه ئي سيد
خاندان اهڙا هئا، جن پنهنجي نياڻين کي تعليم ڏيارڻ
سان گڏوگڏ مناسب آزادي به ڏني هئي. بابا پٽن ۽
ڌيئرن ۾ ڪوبه فرق نه رکندو هو بلڪه ڌيئرن سان وڌيڪ
پيار ڪندو هو.
اسان کي سُک ۽ ڇانوَ ۾ رکڻ لاءِ هُو صبح جو سوير
اُٿندو هو، اسان کي اسڪول ڇڏي آفيس هليو ويندو هو.
ڪورٽ ۽ آفيس کان واندو ٿي ٻين يا اڍائي وڳي تائين
گهر پهچندو هو. ڪڏهن جلدي واندڪائي ملندي هيس ته
ڊرائيور کي هدايت ڪندو هو ته اسان کي اسڪول مان
کڻي کيس به آفيس مان کڻندو اچي، جڏهن پاڻ گڏ هوندو
هو ته لازمي اڳوڻي وينس سئنيما ۽ موجوده گل سينٽر
سامهون هڪ آئيس ڪريم پارلر تان ڪون آئيس ڪري وٺي
ڏيندو هو. ياد رهي ته اهو دور هو جڏهن آئيس ڪريم
کائڻ ايڏو عام نه هو.
ماني کائي پنهنجي ڪمري ۾ وڃي آرام ڪندو هو ۽ ان
مهل ڪير به کيس ڊسٽرپ نه ڪندو هو، شام جي پنجين
وڳي ڌاري وري لاڪاليج لاءِ روانو ٿيندو ۽ اتان
فارغ ٿي آفيس ۾ رات جو ساڍين نوين يا ڏهين تائين
ويهندو ۽ گهر رات جو ڏهين ساڍي ڏهين پهچندو ۽ رات
جي ماني کائي سمهي رهندو. سندس رٽائرمينٽ تائين
اسان اهوئي روٽين ڏٺو، جنهن ۾ شايد ئي ڪڏهن تبديلي
ڏٺي هجي..
پاڻ سنڌ لاڪاليج ۾ پروفيسر رهيو ۽ پوءِ پرنسپال جي
پوسٽ تي پهتو ۽ کيس ڊين فيڪلٽي آف لا، سنڌ
يونيورسٽي به بڻايو ويو ۽ مون کي ياد آهي ته تڏهن
آءٌ مئٽرڪ ۾ به هيس ۽ بابا جي ڊين آف لا فيڪلٽي
ٿيڻ جي خبر عبرت اخبار ۾ به هلي هئي. ان وقت تائين
پاڻ حيدرآباد جو سينئر ۽ نالي وارو وڪيل پڻ هو، ۽
وڏن وڏن ماڻهن جا ڪيس کٽيا هئائين. چاهي ها ته
پنهنجي يا اولاد لاءِ فائدا وٺي ٿي سگهيو، پر پاڻ
تمام اصول پسند ماڻهو هو ۽ سفارش جي سخت خلاف هو.
هن پنهنجي اولاد لاءِ ڪنهن هڪ لاءِ به نوڪريءَ جي
سفارش نه ڪئي، نه ته کين وڏن عهدن تي رکائي ٿي
سگيهو ڇو ته سندس شاگرد ۽ ڪلائنٽس وڏن وڏن عهدن تي
هئا.
رٽائر ٿيڻ بعد کيس آنرري پرنسپال طور ايڪسٽينشن
ڏني وئي، کيس ٻيهر ايڪسٽينشن ملي، پر طبعيت جي
ناسازيءَ سبب اهو عهدو ڇڏي ڏنو. بلڪه آفيس وڃڻ به
ڇڏي ڏنو. هاڻي منهنجي سامهون بابا جو هڪ مختلف روپ
هو، ايڏي سخت روٽين لائيف گذارڻ وارو شخص گهر ويٺو
ته وقت نه وڃايئين، لکڻ پڙهڻ ۾ مشغول رهندو هو،
پاڻ اڪثر ڊان ۾ خط لکي ڇپيل مضمونن تي تبصرو ڪندو
هو يا تجزيو ڪندو هو. مون پنهنجي ڇپيل شين کي
ترتيب سان فائلن ۾ رکڻ بابا کان ئي سکيو هو. انهن
ئي ڏينهنِ ۾ بابا سندس الماري مان هر ٻار جو (جيڪي
هاڻ نوجوان هئا) فائل ڪڍي هڪ هڪ کي ڏٺو. مون
پنهنجو فائيل ڏٺو ته حيران ٿي ويس ته منهنجي
ڪي.جيءَ کان وٺي پرائمري ليول جا ساليانه رپورٽ
ڪارڊز ان ۾ موجود هئا. بابا هڪ هڪ ٻار جو رڪارڊ
جمع ڪري رکيو هو جڏهن ته اسين چار ڀينر ۽ چار ڀائر
هئاسين يعني اٺ ٻار يعني 8 فائيل.
جڏهن مون 1990ع جي شروعاتي سالن کان لکڻ شروع ڪيو
ته حيران ٿيندي هيس ته اسان جي ته سڄي خاندان مان
ڪوبه نه لکندو هو (محترمه فهميده حسين جي ادارت
هيٺ هلالِ پاڪستان جي عورتن جي صفحي ”سگهڙين سٿ“ ۾
مون کان وڏي منهنجي مرحومه ڀيڻ شهناز شاهه ڪاظمي
جون ڪهاڻيون به ڇپجي چڪيون هيون) پوءِ آءٌ ليکڪ
ڪيئن بڻيس؟ جڏهن بابا کي رٽائرمينٽ کان پوءِ لکندي
۽ پڙهندي ڏٺو ته اندازو ٿيو ته بابا جي اندر به هڪ
ليکڪ هو، جيڪو جاب ۽ پروفيشنل ذميوارين سبب لڪي
ويو هو/دٻجي ويو هو.
جيستائين منهنجيون پڦيون ۽ چاچي حيات هيون بابا
اسان ٻارن کي باقاعده انهن سان ملائڻ لاءِ مٽياري
وٺي ويندو هو ۽ ويڪيشن ۾ ناناڻي ڳوٺ شاهه ڪريم
ويندا هئاسين ته اسان سان گڏ ڊبل روٽي، پاپا، بسڪٽ
۽ ٻيون شيون گڏ موڪليندو هو. منهنجي والده درگاهه
جي سجاده نشين جي نياڻي هئي، ائين سجاده نشين جو
ناٺي هئڻ سبب ۽ شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جي عقيدتمند
جي حيثيت سان 7 ذيقعد تي ميلي جي ختمي واري ڏينهن
درگاهه ڪريميءَ تي باقاعده حاضري ڏيندو هو، تڏهن
شلوار قميض ۾ ملبوس هوندو هو ۽ مٿي تي سنڌي ٽوپي
پاتل هوندي هئس ۽ سندس شخصيت ٻين کان نمايان لڳندي
هئي، پر هو عاجزي ۽ نوڙت جي جيئندي جاڳندي تصوير
هوندو هو.
آءٌ 1980ع جي وچ ڌاري هڪ آرٽسٽ طور سامهون اچي چڪي
هيس ۽ 1990ع ۾ ادب ۽ ريڊيو حيدرآباد تي ڪمپيئر جي
حيثيت سان لائيو شو ڪري پنهنجي حيثيت مڃائي چڪي
هيس، اُن وقت جڏهن سيد فيمليز جون ڇوڪريون اُنهن
فيلڊز ۾ اچڻ لاءِ تيار ته هيون ۽ ٽئلنٽڊ به هيون،
پر نه اچي سگهنديون هيون. اهو سڄو ڪريڊٽ منهنجي
پياري بابا سائينءَ ڏانهن ٿو وڃي، جنهن جي ڏنل
اعتماد سبب آءٌ ڪاميابيون ماڻي سگهيس. منهنجي
ڀائرن به بابا جون اهي صفتون کنيون ۽ گهر جي عورتن
کي بهترين ماحول ڏنو، جيڪو عام طور تي سنڌي فيمليز
۽ خاص طور تي سيد ڪميونٽي ۾ گهٽ نظر ٿو اچي جڏهن
ته هن وقت وڏيون تبديليون اچي ويون آهن.
12--
فيبروري 1996ع تي بابا جي وفات ٿي، ته احساس ٿيو
ته سندس وجود اسان سڀني لاءِ هڪ ٿڌڙي ڇانوَ مِثل
هو، ڏڍ هو. بابا سائين جا ماءُ پيءُ سندس ننڍپڻ ۾
ئي گذاري ويا هئا ۽ پاڻ ڪراچيءَ جي ايس.ايم
لاڪاليج مان لا ڪرڻ لاءِ سالن تائين تنها رهيو ۽
والدين جي شفقت کان محروم رهيو هو، انڪري هن اسان
اولاد لاءِ پاڻ کي ارپي ڇڏيو هو. ان کانسواءِ سندس
شخصيت جو هيٺين خوبين کيس ماڻهن ۾ مقبول بڻايو هو
۽ سندس وسيع ۽ اعليٰ تعليم يافته حلقو توڙي هاري
ناري سندس مداح هوندا هئا:
-
هُو مجسم شرافت هو.
-
هُو عاجزي ۽ انڪساريءَ جي تصوير هو.
-
هُو انتهائي صابر ۽ بردبار هو.
-
هُو سنڌ جي ثقافت جو شيدائي هو.
هُو بنا موٽ جي، جذبي سان ماڻهن جي مدد ڪندو هو ۽
بي انتها صفتن جو مالڪ هو.
آءٌ منهنجون سموريون ڪاميابيون پنهنجي عظيم بابا
سائين کي ارپيندي چونديس ته، مان ويساهه رکان ٿي
ته:
"There is always a man behind a Success Woman."
ميرزا فياض علي بيگ
شڪارپور ۽ اُن جا شهري
سنڌ
جي تاريخي شهر شڪارپور جي اهم ۽ مانائتين شخصيتن
تي ڊاڪٽر انور فگار هَڪڙي صاحب جو لکيل ڪتاب ”سج
جهڙا پرين“ (اهم شخصيتن جي ڄاڻ) جو پهريون جلد،
شيخ اياز اڪيڊمي شڪارپور سنڌ طرفان ڇپجي پڌرو ٿيو
آهي.
هن ڪتاب جي ”اداري پاران“ لکيل نوٽ ۾ ڪتاب جي
اشاعت بابت ڏَسايو ويو آهي ته، شيخ اياز اڪيڊمي
شڪارپور جي اشاعتي پروگرام جي شروعات پروفيسر انور
فگار هَڪڙي جي هن اهم ڪتاب ”سج جهڙا پرين“ سان ڪئي
آهي.
ماشاءالله هِن اداري طرفان پهرين وَٽي کير ڀري پيش
ٿي آهي، جو شيخ اياز جهڙي نامور شخصيت ۽ مها ڪوي
جي نالي قائم ڪيل اڪيڊمي طرفان سال 2018ع ۾ اهو
ڪتاب ڇپجي پڌرو ٿيو آهي؛ ته پوءِ چوڻو پوندو ته،
ڪيڏو نه خوش نصيب آهي اسان جو سائين پروفيسر ڊاڪٽر
انور فگار هَڪڙو ۽ ڪيڏي نه سندس مانَ، مرتبي ۽
عظمت ڀري اهم شخصيت بابت اِها تصنيف آهي، جو شيخ
اياز اڪيڊمي طرفان شايع ٿي آهي.
جنهن تصنيف جو مصنف خود شڪارپور جو شهري، ڪتاب ۾
آيل اهم شخصيتون سڀ جون سڀ شڪارپور واسي ۽ مٿان
وري اُن جي اشاعت به شڪارپور جي اهم، نامور ۽
سداحيات شاعر شيخ اياز جي نالي قائم ڪيل اڪيڊمي
طرفان ٿي... ته پوءِ واهه شڪارپور ۽ شڪارپوري
اوهان جا ڀاڳ!
هِن ڪتاب ۾ ٻه اکر مصنف پاران لکيا ويا آهن، جنهن
۾ هِن ڪتاب جي لکڻ بابت اظهارِ خيال ڪيو ويو آهي.
ڪتاب جو ”پيش لفظ“ عصرِ حاضر جي ليکڪ محترم ڊاڪٽر
قاضي خادم سهڻي پيرايتي انداز ۾ لکيو آهي، جنهن ۾
سڄي ڪتاب جو ٿورن لفظن ۾ تت ڏنل آهي. جنهن جي پڙهڻ
سان اهوئي تاثر ظاهر ٿئي ٿو ته ڪتاب انتهائي
معلوماتي، تاريخي ۽ تحقيقي لحاظ کان تمام اهم
تاريخي ماخذ جي حيثيت رکي ٿو.
فاضل مصنف هيءُ ڪتاب، تمام وڏي محنت،
جاکوڙ ۽ ڇنڊڇاڻ ڪري لکيو آهي. ڪتاب ۾ آيل اهم
شخصيتن مان ڪي ٻه صديون اڳ جون ۽ ڪي هڪ صدي اڳ جون
آهن، ته ڪي وري هلندڙ صدي جون آهن. جن مان ڪي
شخصيتون مصنف پاڻ خود ڏٺيون ۽ انهن سان ميل
ملاقاتيون ڪيون، ته ڪي وري سندس دؤر جون ۽ سندس
همعصر شخصيتون آهن. جن مان هرهڪ تي هن تاريخي ۽
تحقيقي انداز ۾ تفصيلي معلومات ڏني آهي.
جيئن باغ ۾ مالهي ڀانت ڀانت جا گل پوکيندو
آهي ۽ پوءِ هر گل جي پنهنجي پنهنجي خوشبو هوندي
آهي يا وري جوهري جي جهوليءَ ۾ هر قسم جا هيرا
جواهر جن ۾ زمرد، ياقوت، نيلم، پکراج، مرجان،
عقيق، فيروزا ۽ هيرا هوندا آهن ۽ هر جواهر جي
پنهنجي پنهنجي چمڪ دمڪ هوندي آهي، تيئن اسان جي
محترم سائين انور صاحب پنجويهن قسمن جا ٽڙيل
خوشبودار گل پوئي ناياب ۽ معطر گلدستو جوڙي،
چمنستانِ ادب ۾ حاضرِ خدمت ڪيو آهي. بلڪه هيئن
چوان ته انور صاحب ادبي جوهريءَ جي حيثيت ۾ سڀ
جواهر گڏ ڪري ادبي نئولکو هار علمي ادبي ايوان ۾
پيش ڪيو آهي.
فاضل مصنف، ڪتاب جي شروعات (1) ڳالهيون شڪارپور
جون، (2) شڪارپوري واپاري سرشتو، (3) شڪارپور جو
سماجي سرشتو، (4) انگريزي راڄ ۾ جديد تعليمي سرشتي
جا پهريان پاسبان، (5) انگريزن جي دؤر ۾ شڪارپور
واسين کي مليل اعزاز يا القاب، (6) برطانوي راڄ ۾
شڪارپوري عملدارن جو سرشتو، (7) سنڌ جي امن ۽
انصاف جا شڪارپوري نگهبان ۽ (8) شڪارپور جا وڪيل،
جي عنوان سان ڪري، شڪارپور جي علمي، ادبي، سياسي،
سماجي، ثقافتي، واپاري، تعليمي ۽ تدريسي پسمنظر
پيش ڪيو آهي ۽ پوءِ شڪارپور جي اهم شخصيتن جو ذڪر
قلمبند ڪيو آهي. ڊاڪٽر صاحب هر عنوان ۾ آيل احوال
پوري وضاحت سان بيان ڪيو آهي، جنهن جي پڙهڻ سان
ڪابه کوٽ محسوس نه ٿي ٿئي ۽ نه ئي ڪو اڻپورو احوال
ٿو سمجهڻ ۾ اچي؛ اِهو سڄو ڪارنامو ڊاڪٽر انور فگار
جي ڄاڻ ۽ فهم جو آهي.
ڊاڪٽر صاحب پنهنجي هِن ڪتاب ۾ جديد تعليم جي
پاسبانن جو تعداد 60 لکيو آهي، جن جا نالا ۽ اسڪول
۽ ماڳ مڪان پڻ ڄاڻايا آهن. اهڙيءَ ريت القاب يافته
محترمين جو تعداد 57 ڏَسائي ٿو، جن مان نائيٽ
ڪمانڊر اسٽاف آف انڊيا
K.C.S.I،
آنربل
خانبهادر سر غلام حسين هدايت الله سان شروع ڪري
ٿو. ملقب حضرات ۾ فقط هڪڙو بزرگ ميرزا مخلص علي
آهي، جنهن کي ’شمس العلماء‘ جو لقب مليو. ’سردار
بهادر‘ جو خطاب ٻن کي، ’خانصاحب‘ جو لقب 11 ڄڻن کي
۽ ’خانبهادر‘
جو لقب 24 ڄڻن کي مليا هئا. جڏهن ته ’قيصر هند‘ جو
لقب ڪئپٽن عطا
محمد شيخ ۽ محترمه شرف النساء بيگم محمد شعبان کي
مليل هو. هندن ۾ وري ’سردار صاحب‘ هڪڙي کي ۽
’ديوان بهادر‘ به هڪڙي هندو کي لقب مليو. ’راءِ
صاحب‘ جو لقب ٽن ڄڻن کي ۽ ’راءُ صاحب‘ 10 ڄڻن کي
لقب مليا.
ياد رهي ته هي سڀ القاب ۽ اعزاز انگريزن جي
غلاميءَ جي دؤر حڪومت جا يادگار آهن، جيڪي اُن وقت
جي اهم ناليوارين هَستين کي مليا،
جن ۾ مسلمانن کي ’شمس العلماء‘، ’علامه‘،
’خانبهادر‘،
’خانصاحب‘،
’سردار
بهادر‘،
’سر‘
۽
’قيصرِ
هند‘
جا
القاب مرحمت فرمايا ۽ هندن کي ’مهاڪوي‘، ’راءِ
صاحب‘،
’راءِ بهادر‘، ’سردار بهادر‘ ۽ ’سردار صاحب‘ وارا
لقب عنايت ڪيا ويا.
هندن مان ’مهاڪوي‘ جو لقب ڪنهن به هندو شاعر ۽
اديب کي ڪونه مليو، توڙي جو اُن دؤر ۾ هندن ۾ به
وڏا وڏا ناليوارا شاعر موجود هئا. جڏهن ڊاڪٽر عمر
بن محمد دائودپوٽي کي انگريز سرڪار ’شمس العلماء‘
جو لقب عنايت فرمايو، تڏهن هندن طرفان ’مهاڪوي‘
لقب جي گهُر ٿي ۽ لاڙڪاڻي جي نامور هندو شاعرن رام
پنجواڻي، هري درياني، دلگير ۽ ٻين ڪن هندو اديبن
طرفان اِها ڪوشش
ڪئي وئي، ته مهاشيا ڪشنچند بيوس کي ’مهاڪوي‘
جو لقب ملي.
ان دؤر ۾ هندو شاعرن وٽ ڪشنچند بيوس جو
مانُ
مرتبو
تمام
مٿاهون
هو
۽
اڳتي
هلي
ڪن
مسلمان شاعرن ۽ اديبن پڻ بيوس کي وڏي مان مرتبي
وارو سمجهيو. هندو شاعرن مان ليکراج ڪشنچند عزيز،
هرومل سدارنگاڻي ۽ ٻن- چئن هندن جي شاعري مسلمانن
جي شاعريءَ جو نمونو هو، جيڪا سڄي جي سڄي علم عروض
تحت چيل هئي. هي پس پرده بيوس کي وڏو شاعر نه
سمجهندا هئا. ان دؤر ۾ ڪملا ڪيسواڻي جو لکيل ڪتاب
”شعر جي ڪسوٽي“ ۽ اُن جي جواب ۾ عزيز مير چنداڻي
طرفان ”ڪيسواڻي جي ڪسوٽي“ اُن جو مثال موجود آهي.
جڏهن بيوس کي ’مهاڪوي‘ لقب ملڻ جون ڪوششون ڪيو
ويون، تڏهن ڪن هندو شاعرن اوٽ ۾، ۽ ڪيترن مسلمانن
کُليو کُلايو ان جي مخالفت ڪئي. تن ڏينهن ۾ هاشم
رضا لاڙڪاڻي جو ڪليڪٽر هو، انهن ڏينهن ۾ ضلعي جو
ڪليڪٽر سياه سفيد جو مالڪ هوندو هو. مسلمان اديبن،
بيوس جي ڪلام مان ڪيتريون غلطيون ڪڍي، هاشم رضا جي
معرفت ڳجهي نموني ۾، مٿي سرڪار کي موڪليون. جنهن
جي نتيجي ۾ بيوس کي ’مهاڪوي‘ جو لقب نه ملي سگهيو.
اِهوئي دؤر هو، جو مسلمانن ۽ هندن طرفان سنڌي ٻولي
تي بحث شروع ٿي ويو. هندو پنهنجي تحريرن ۾ هندي جا
وڏا وڏا ابوالڦوڙاٽ لفظ ٽنبڻ لڳا، ته مسلمان وري
پنهنجي لکتن ۾ فارسي ۽ عربي ٻولين جا بمباسٽڪ
الفاظ لکڻ لڳا. اهڙو ٻولي تي وڏو ممڻ مچي ويو. سال
1942ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ ادبي ڪانفرنس دوران سنڌي ٻوليءَ
تي بحث ٿيو، هندن
طرفان رام پنجواڻي، هري دلگير ۽ ٻيا هئا ۽ مسلمانن
طرفان محمد بخش ’واصف‘ ۽ ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم
’خليل‘ هئا. اِها سڄي ڪاروائي ماهوار رسالي ”اديب
سنڌ“
جي 1942ع واري پرچي ۾ ڇپيل آهي. هاشم رضا وارو
احوال مون کي منهنجي استاد محترم ڊاڪٽر شيخ محمد
ابراهيم ’خليل‘ ٻڌايو، جيڪو مٿي ڏنو آهي.
سنڌي ٻوليءَ تي مسلمانن ۽ هندن درميان بحث جي
شروعات سال 1914ع کان ٿي، جنهن جو ڇيهه وڃي سال
1947ع ۾ ٿيو؛ پر افسوس جو ڪوبه حتمي فيصلو نه ٿي
سگهيو! هر ڌُر پنهنجي راءِ تي قائم رهي. ’شمس
العلماء‘ جو لقب سنڌ ۾ چئن مسلمانن 1. مرزا مخلص
علي، 2. پير شاهه مردان شاهه (ڪوٽ ڌڻي)، 3. مرزا
قليچ بيگ ۽ 4. ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو کي
مليو ۽ پنجون لقب هڪڙي ڪراچي جي رهواسيءَ پارسي
دستور ڍالا کي مليو.
آخر
الله
الله
ڪري
انگريزن
جو
دؤر
حڪومت ختم ٿيو.
انگريزن جي هندستان مان تڏا ويڙهه ٿي، تڏهن
هُو
اِهي
القاب،
اعزاز
۽
ڪرسي
نشين
جا
پروانا به پاڻ سان ويڙهي سيڙهي کڻي ويا؛ شڪر
الحمدلله. جيڪڏهن اِهو رواج اڄ ڏينهن تائين ملڪ ۾
رائج هجي ها، ته پوءِ اڄوڪن عالمن، اديبن ۽ شاعرن
جا هڪ طرف هٿ هڪٻئي جي گريبانن ۾ هجن ها ۽ ٻئي طرف
هڪٻئي خلاف قلم جا ڪڙڪا هجن ها. نتيجي ۾ اهي
انهيءَ پَٽ کوهه ۾ لڳي وڃن ها. ان جو هڪڙو مثال
ڏيندو هلان ته، جمعيت الشعراءِ سنڌ جي ڪانفرنس ۽
مشاعرو سال 1950ع ۾ هول مسٽيڊ هال حيدرآباد ۾ ٿيو.
مشاعري لاءِ مصرع طرح ”قصهء منصور ٿي يا طور جو
افسانو ٿي“ ڏنل هئي. انهيءَ ڪانفرنس ۾ ڪن شاعرن کي
لقب مرحمت فرمايا ويا. جن مان ڊاڪٽر شيخ محمد
ابراهيم ’خليل‘
کي ’تاج الشعراء‘ ۽ حاجي محمود خادم کي ’مخدوم
الشعراء‘ جا لقب عطا ڪيا ويا ۽ ٻين به شاعرن کي
مختلف لقبن سان ملقب ڪيو ويو. جنهن تي القاب يافته
شاعرن ۽ اديبن جي خلاف آواز بلند ٿي ادبي فضا ۾
گونجيا، جنهن تي ڪيترن ئي شاعرن ۽ اديبن دورانديشي
ڪندي پنهنجا ماڻيل لقب، لقب ڏيندڙ محترمين کي عزت
۽ احترام سان واپس ڪري ڇڏيا.
هِتي هڪ دلچسپ ڳالهه ذهن تي تَري آئي آهي، سا به
پڙهندڙن جي مطالعي لاءِ لکندو هلان. هندستان ۾
انگريزن ڌڙا ڌڙ ’شمس العلماء‘ جي لقب ڏيڻ جي ڌم
مچائي ڏني ۽ يارن انهيءَ لقب ماڻڻ لاءِ وٺ وٺان
لائي ڏني. سرڪارعالي هر گَري گنجي، ايري غيري نٿو
خيري کي وٺي ’شمس العلماء‘ جو لقب ڏيڻ لڳي ۽ اِهو
حال ڏسي اردو جي ڪنهن شاعر چئي ڏنو:
دؤرٖ انگریز
میں
ہوتا
ہے
جو شمس العلما
عام
کی
نظروں
میں
ہوتا
ہے
وه شمس الجھلا
برطانيه سرڪار ’شمس العلماء‘ جو لقب ته بيشڪ
عالمن، اديبن ۽ شاعرن کي انهن جي بهترين ڄاڻ جي
مدنظر ڏنو. برطانيه سرڪار شمس جي ظاهري صورت ته
ڏٺي، پر اُن جي اثر ڏي نظر ئي ڪانه ڪئي. شمس معنيٰ
”سج“ ۽ سج جڏهن پنهنجي پوري اوج تي اچي نيزي پانڌ
ٿيندو آهي، ته پوءِ اُن جي تاءُ سهڻ جي طاقت
انسانذات ۾ نه هوندي آهي. شمس تبريز جو مثال
سامهون آهي.
هاڻي پڙهندڙ پاڻ اندازو لڳائين، ته جڏهن عالمن جو
سج نيزي پانڌ ايندو، ته پوءِ هو پنهنجي همعصر جيڪو
گهڻو ڪري سندس رقيب هوندو، اُن کي پنهنجي تپش ۽
تاءَ سان جلائي ڇڏيندو يا وري حضرت ابراهيم عليہ
السلام خلاف نمرود جي باهه جي آڙاهه ۾ باهه گلزار
بنجي ويندي. اهڙو سنڌ جي ٻن شمس العلمائن جو مثال
پيشِ نظر آهي.
شمس (سج) جو عروج ۽ وري انهيءَ جي غروب ٿيڻ (زوال)
ڏي به نظر ڦيرڻ گهرجي. مٿين القابن کان سواءِ
انگريز سرڪار جي جن بادشاهن وقت حڪمرانن کان
حڪومتون ڦريون، انهن کي خوش ڪرڻ خاطر انهن جي مٿي
تي هٿ ڦيري انهن کي ’هزهائينس‘ ۽ ’هزرائيل‘ وغيره
جا القاب ڏنا، سي اهي لقب پاڻ پنهنجي ذات عالي
صفات سان چنبڙائيندا وتيا.
’هزهائينس‘ لقب لاءِ مير حسن علي خان ٽالپر چوندو
هو ته، هزهائنس جي اصل معنيٰ آهي هز-مائينس (ختم
ٿيڻ). مير عبدالحسين خان’سانگي‘
ته ان لقب بابت هڪ وڏو شعر چئي ويو آهي:
ڀينگ جا آهيون اسين هزهائينس
سڃ جا آهيون اسين هزهائينس
باقي ’هزرائيل‘ کي ”عزرائيل“ چئجي ته بيجا نه
ٿيندو.
آءٌ
پنهنجي
اصل
موضوع
کان
ٿورو
هَٽي
ويس.
وچ ۾ ڪي ڳالهيون ذهن تي تري آيون، سي لکڻ ويهي
رهيس. ڇاڪاڻ جو انهن ڳالهين جي ٿورو ڪي گهڻو لڳ
لاڳاپو هِن ڪتاب ۾ آيل ذڪر سان لاڳاپيل آهي، جنهن
ڪري اهي چند ڳالهيون ڪري ورتيون اٿم.
سائين ڊاڪٽر انور فگار، جڏهن سج جي روشنيءَ ۾ پرين
جي ڳولا ڪرڻ لڳو، تڏهن هن ڪتابن، رسالن، مخزنن ۽
اخبارن جي ورق گرداني ڪرڻ تي اڪتفا نه ڪيو، بلڪه
پاڻ ڪيترين ئي آفيسن ۽ اسڪولن ۾ وڃي، اُتان جا
پراڻا دفتر ڳولي ڦولهي سڄو رڪارڊ ڏسي، ڪيترين ئي
اهم شخصيتن جا نالا، تاريخون ۽ سال هٿ ڪيا ۽ پوءِ
رات ڏينهن هڪ ڪري نور نچوئي، هٿ آڱريون ٿڪائي ۽
قلم وهائي، بلڪ پنهنجون ننڊون ڦِٽائي سنڌين کي سنڌ
جي اهم شهر شڪارپور جي ڪنهن حد تائين مڪمل تاريخ
هِن ڪتاب جي صورت ۾ فراهم ڪري ڏني ۽ ان سان گڏوگڏ
شڪارپور جي پنجويهن اهم ماڻهن جي شخصيت بابت تمام
پيرائتي معلومات ميسر ڪري ڏني آهي. جنهن ۾ عالم،
اديب، شاعر، تاريخ نويس، تذڪره نگار، صحافي،
پبلشر، سياستدان، قومي ڪارڪن، وڪيل، مختلف محڪمن
جا اعليٰ عملدار، آفيسر، استاد، ماستر، پروفيسر،
واپاري، پهلوان ۽ ڳائڻا شامل آهن. بلڪه هيئن چوان
ته، هِن ڪتاب ۾ هر مڪتبهء فڪر جي همه گير شخصيت جو
ذڪر اُن شخصيت جي جنم (مهد) کان وفات (لحد) تائين
پوري وضاحت سان بيان ڪيو ويو آهي.
ڊاڪٽر صاحب هن ڪتاب ۾ پهرين شمس العُلماء مرزا
مخلص علي علوي جو ذڪرِ خير سندس ڄمڻ واري هنڌ کان
وفات واري جاءِ تائين نهايت پيرائتي
انداز
۾
ڏنو
آهي
۽
ڪتاب
جي
آخر
۾
پنجويهين شخصيت شهيد عبدالقيوم منگي جو ڄمڻ کان
شهيد ٿيڻ تائين جو تمت بالخير سان ذڪر ڪيو آهي.
ميرزا مخلص علي 1795ع ۾ ڄائو، جنهن جي ڄمڻ کان 159
سال پوءِ يعني 1954ع ۾ شهيد عبدالقيوم ڄمي ٿو. وري
مرزا مخلص علي 1877ع ۾ انتقال ڪري ٿو ۽ شهيد
عبدالقيوم اُن جي انتقال جي 121 سالن کان پوءِ
1998ع ۾ جامِ شهادت پي، سج جو روشن شعاع بڻجي ويو.
اهڙي ريت هِن ڪتاب ”سج جهڙا پرين“ جي ابتدا ڊاڪٽر
صاحب سال 1795ع ۾ مرزا مخلص جي جنم سان ڪري ٿو ۽
سال 1998ع ۾ شهيد عبدالقيوم جي شهادت تي ڪتاب جي
پڄاڻي ڪري، گويا شڪارپور جي پورين ٻن صدين جي
تاريخ کي هِن ڪتاب ۾ قلمبند ڪري ڇڏيو آهي. جنهن ۾
شڪارپور جي پنجويهن شخصيتن جو تفصيلي احوال پهريون
ڀيرو هن ڪتاب جي شڪل ۾ منظرعام تي آيو آهي.
مرزا مخلص علي سنڌ ۾ ايندي سنڌ ۾ صحافتي صحن ۾
صحافت جو ٻج ڇَٽيو. توڙي جو اهو ٻج فارسي ٻولي سان
لاڳاپيل هو، پر ان ٻج مان جيڪو ثمر پيدا ٿيو سو
سڄو سنڌ ۽ سنڌ جي علم و ادب ۽ عالمن، اديبن، شاعرن
۽ صحافين سان لاڳاپيل رهيو، جن اڳتي هلي ان ثمر
کي بارآور ڪيو.
مرزا مخلص علي کي چار پٽ مرزا محمد شفيع، مرزا
محمد مقيم، مرزا محمد صادق ۽ مرزا محمد جعفر هئا.
جن مان مرزا محمد صادق، ٽنڊي ٺوڙهي جي مرزا خاندان
۾ مائٽي ڪئي. مرزا محمد جعفر جيڪو اڪثر ڪري ميرزا
جعفر علي سڏبو هو، سو پهرين سنڌ مدرسةالاسلام
ڪراچي ۾ پرشن ٽيچر مقرر ٿيو ۽ پوءِ ڊي جي (ڏيارام
ڄيٺمل) سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ عربي ۽ فارسي جو
پروفيسر ٿيو. هِن کي هڪڙو پٽ مرزا فيض علي هو،
جيڪو صدر حيدرآباد ۾ ڪراچي هوٽل جي مٿي ماڙي واري
جاءِ ۾ رهندو هو. مرزا مخلص علي جي سڄي لائبرري
جنهن ۾ ”مفرح القلوب“ ۽ ٻين اخبارن جا مڪمل فائيل
هئا، اها سڄي لائبرري مرزا جعفر علي سنڀالي. ان جي
وفات کانپوءِ اِها لئبرري سندس پُٽ مرزا فيض علي
وٽ محفوظ هئي، جيڪو پاڻ به علم دوست ۽ شاعر هو،
’افقر‘ سندس تخلص هو. مون خود مرزا فيض علي ڏٺو
هو. راقم جي ناني مرزا علي محمد بيگ ’مظفر‘ جو
بهترين دوست هو، جنهن سان گڏ مون مرزا فيض علي سان
ملاقات ڪئي. مون کي هي تمام خوش اخلاق ۽ خوش مزاج
نظر آيو، جو سندس انداز گفتگو مان ظاهر هو.
مرزا فيض علي کي پنهنجو اولاد ڪونه هو، اسحاق نالي
هڪڙو ڇوڪرو پاليائين؛ جيڪو اڪثر ڪري ضياءالله غلام
علي وٽ ايندو رهندو هو. ضياء الله مرحوم ۽ مون به
خود ڪيترائي دفعا انهيءَ اسحاق کي ڪتابن ڏيکارڻ
لاءِ چيو. پر هُو فقط ها ها ڪندو رهيو ۽ آخر تائين
هڪڙو پنو به ڪونه ڏيکاريئين. ائين مرزا مخلص علي
جي سڄي لائبرري تباهه وئي.
ڊاڪٽر صاحب وڪيلن واري لسٽ ۾ مرحوم غلام محمد وڪيل
جو نالو ڄاڻايو آهي. ضياءالله غلام علي، ان ئي
مرحوم غلام محمد وڪيل جو ٽيون نمبر پُٽ هو، جيڪو
گاڏي کاتي حيدرآباد ۾ انڪم ٽيڪس پٽيشنر هو.
هِن ڪتاب ۾ آيل
شڪارپور جي ڇويهن
برک هستين مان فقط هڪڙي بزرگ شخصيت
حافظ خير محمد اوحدي سان منهنجي ملاقات ٿيل آهي.
ساڻس ڪيترائي دفعا ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم ’خليل‘
جي لطيف آباد نمبر-2
واري
بنگلي ۾ ڪچهريون ٿيون
۽
ٻه ٽي دفعا مهراڻ پريس ۾ سيد سردار علي شاهه وٽ
به
ملاقات ٿي.
اوحدي صاحب
سٺو ۽ پختو
شاعر،
اديب ۽ بهترين تنقيد نگار هو
۽
گڏوگڏ صحافت ۽ سياست ۾ به سٺي مهارت رکندڙ
هو.
هُو سياسي طور هڪڙي اهم
۽
تاريخي دؤر
جو اکين ڏٺو شاهد هو
۽
کيس ان دؤر
جي نامور
۽
نام ڪٺين سياستدانن جي ظاهري توڙي باطني ڪردار جي
ڪافي ڄاڻ هئي،
پر
افسوس جو هُو
پنهنجي اهڙين
يادگيرين کي
تحريري
صورت نه ڏئي سگھيو ۽
هميشه جي لاءِ
انهن تاريخي حقائق کي
پنهنجي سيني
۾ سمائي،
پاڻ خود به سنڌ جي سيني ۾ سمائجي ويو. ڪريم بخش
خالد اهڙيون
تاريخي
تحريرون لکي ڇپائڻ لاءِ مرحوم اوحدي کي چيو،
پر
ان جي تمنا به برثواب نه ٿي سگهي.
مرحوم
اوحدي ڪن اخبارن جو ايڊيٽر رهيو
۽
شاعري
به ڪيائين.
ادبي،
تاريخي، تحقيقي
۽
تنقيدي حوالي سان
به
هِن
لکيو ته تمام گهڻو ڪجهه هو،
پر
جيتري قدر
منهنجي
ڄاڻ آهي،
ته
سندس
ڪا مڪمل تصنيف شايع ٿيل نه آهي.
لطف الله بدوي، تاريخ جي حوالي سان وڏو نالو آهي.
لطف الله، الله جي لطف سان جوڳ پچائي،
جوڳي بڻجي
۽
علمي،
ادبي ۽ شاعرانه مُرليون وَڄائي،
علمي
۽
ادبي
ايوان
۾
وڏو
مقام
حاصل
ڪري ورتو.
سندس
هر تصنيف
کي ادبي ميدان ۾ سٺي پذيرائي ملي
آهي.
”تذڪره
لطفي“
ٽن جلدن ۾ ڇپيل
آهي، جنهن ۾
قديم دؤر
کان سندس دؤر
تائين جي شاعرن جو تذڪرو
ڪيل
آهي. هيءُ
بهترين
۽
اعليٰ پايي
جو شاعر
به
هو.
شاعريءَ
۾ پهرين
’جوڳي‘
تخلص اختيار ڪيائين ۽
پوءِ هميشه
’بدوي‘
تخلص سان شعر چوندو رهيو.
سندس تصنيفات جو تفصيلي ذڪر ڊاڪٽر انور صاحب ڪتاب
۾ ڪيو آهي، جن
مان ڪجهه ڇپيل آهن
۽ ٻي
ڪيتري اڻڇپيل تصنيفات اشاعت لاءِ حسرت ڀرين نگاهن
سان واجهائي رهي آهي.
شڪارپور جي علمي،
ادبي،
سياسي
۽
سماجي تاريخ لکجي ۽ اُن
۾ شيخ اياز جو نالو نه ڏجي،
ته پوءِ گويا اها تاريخ سُڃَ
۾ واڪا ڪندي نطر ايندي.
شيخ اياز شاعريءَ
جي حوالي سان سنڌ ۾ وڏو نالو آهي، جنهن سال 1938ع
کان شاعريءَ جي شروعات ڪئي،
پوءِ
هُو
شاعريءَ جي شامياني ۾ آهستي
آهستي
قدم کڻڻ لڳو
۽ سال
1948ع کان هِن
جي شاعريءَ
جو سج پوري آب و تاب سان
اڀري
نروار ٿيو،
جنهن جي روشنيءَ
سڄي سنڌ جي ايوانِ
ادب
کي
روشن
ڪري ڇڏيو.
اهو سج جيئن
ئي
اڀري عروج ماڻڻ لڳو،
ته سندس مخالفت شروع ٿيڻ
لڳي
۽
هِن
جي پاران مولانا غلام محمد گرامي قلم کنيو.
پوءِ
اياز جا موافق ۽ مخالف ان بحث ۾ سرگرم ٿي ويا،
جن جا شاهد
اخبارن جا ڪالم
۽
رسالن جا صفحا
آهن. آّخر مولانا گرامي صاحب هڪ قطعه لکي،
اِهو
تماشائي کيل هميشه لاءِ ختم ڪري ڇڏيو:
ادب جي آڙ ۾ الله اڪبر
ٿي
آهي دوستن ۾ گرم جوشي
چيو سچ فارسي واري گرامي
جوابِ
جاهِلان باشد خموشي
شيخ اياز جي شاعريءَ جو سج شاعري جي آسمان تي پوري
آب و تاب سان کڙيو رهيو، جيڪو اڄ به پنهنجي پوري
عروج تي آهي. جنهن جو مثال موجوده دؤر جي شاعري
آهي، جنهن تي گھڻو تڻو اثر اياز جي شاعريءَ جو نظر
اچي ٿو ۽ اڄ به هر نوجوان اياز جي شاعريءَ جو
دلدادهه آهي. ان کانسواءِ اياز جي شعري مجموعن جا
ٻه- ٻه/ ٽي- ٽي ايڊيشن شايع چڪا آهن ۽ هر اديب ۽
شاعر، شيخ اياز جي شخصيت ۽ شاعريءَ جي مختلف
پهلوئن تي گهڻو ئي ڪجهه لکيو آهي، جيڪو پڻ شايع ٿي
رهيو آهي.
ڊاڪٽر انور فگار صاحب هن ڪتاب ۾ ٻن هندو پبلـشرن
هڪ پوڪرداس ٿانورداس ۽ ٻيو بولچند وسومل راجپال جو
ذڪر ڪيو آهي. پوڪرداس ٿانورداس شڪارپور جو وڏو
پبلشر هو، جنهن بنا ڀيد ڀاءُ جي هندن جا ڌرمي ۽
مسلمانن جا مذهبي ڪتاب ڌڙا ڌڙ ڇپايا ۽ ان کانسواءِ
هندو ۽ مسلمان ليکڪن ڪيترائي ادبي ڪتاب به شايع
ڪيا. جيئن هندوستان ۾ منشي نول ڪشور وڏو پبلشر هو،
جنهن اردو ۾ هندن ۽ مسلمانن جا لکيل ڪيترائي ادبي،
مذهبي ۽ ڌرمي ڪتاب ڇپايا، تيئن سنڌ ۾ پوڪرداس سنڌي
ٻوليءَ ۾ ڪيترائي مذهبي، ڌرمي ۽ ادبي ڪتاب ڇپرايا.
ڊاڪٽر صاحب هِن ڪتاب ۾ پوڪرداس جي زندگيءَ جي
احوال سان گڏ اُن جي ڇپرايل ڪتابن جي مڪمل فهرست
ڏئي، هڪ طرف انهن ڪتابن کي هن لسٽ جي صورت ۾ زنده
ڪري ڇڏيو، ته وري ٻي طرف پوڪرداس جي ٻوليءَ لاءِ
ڪيل خدمتن کي به اجاگر ڪري، کيس زندهء جاويد بڻائي
ڇڏيو آهي.
بولچند وسومل راجپال فقط هڪڙو ادبي ماهوار رسالو
”سنڌو“ شايع ڪيو، جنهن جي اشاعت سندس نالو ادبي
دنيا ۾ هميشه لاءِ قائم ڪري ڇڏيو. ماهوار ”سنڌو“
رسالو سال 1936ع ڌاري شايع ٿيو، جنهن ۾ هندو توڙي
مسلمان اديبن، ليکڪن ۽ شاعرن جا مضمون، مقالا،
ڪهاڻيون، ڊراما، شعر ۽ ڪتابن تي تبصرا شايع ٿيندا
هئا ۽ ادبي تنقيدون به ڇپجنديون هيون.
جڏهن ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي واري مرتب ڪيل
شاهه جي رسالي تي هندن ۽ مسلمان اديبن ۽ عالمن
تنقيدون ڪيون. جن مان ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي ۽
ڀيرومل مهرچند آڏواڻي سرفهرست آهن، انهن جون ڪيل
تنقيدون ماهوار ”سنڌو“ رسالي ۾ شايع ٿينديون هيون.
جڏهن استادِ محترم ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم ’خليل‘
پنهنجو ڪتاب ”ادب ۽ تنقيد“ ٻيهر واڌارن سان پئي
لکيو، جنهن ۾ شاهه جي سالي تي هِن سڄو هڪ باب
لکيو، جنهن لاءِ کيس ”سنڌو“ رسالي ۾ شايع ٿيل اُهي
تنقيدون گهربل هيون. جيئن ته ڊاڪٽر صاحب وٽ ”سنڌو“
رسالي جا ڪجھ پرچا هئا، جن ۾ اُهي تنقيدون ڪونه
هيون. پوءِ ڊاڪٽر ’خليل‘ صاحب، مرحوم غلام احمد
بيدم خواجه تلهار واري کان گهربل رسالا ورتا ۽ پاڻ
مون کي چيائون ته هنن مان شاهه جي رسالي تي ٿيل
تنقيد نگارن جون تنقيدون سٺن اکرن ۾ نقل ڪري ڏيان،
جيڪي مون کين نقل ڪري ڏنيون. تڏهن مون ماهوار
”سنڌو“ رسالو ڏٺو، جيڪو ڇپائي توڙي لي آئوٽ جي
حوالي سان تمام ديده زيب هو ۽ پنو توڙي ڇپائي به
بهترين هئي؛ وري مواد جي حوالي سان به رسالو
معياري هو، جنهن ۾ ان وقت مانائتن ليکڪن جا مضمون،
مقالا ۽ شعر وغيره هئا. آءٌ ”سنڌو“ رسالو ڏسي
بولچند جي دلي طرح ساراهه ڪندو هئس. اڄ بولچند هِن
فاني دنيا ۾ نه آهي ۽ ابدي دنيا ۾ پنهنجي مالڪ
پرماتما اڳيان پاٺ پوڄا ڪندي، رام رام سنگ هي ۽
نمستي نمستي جون صدائون بلند ڪندو هوندو، پر هِن
دنيا ۾ هُو اڄ ماهوار ”سنڌو“ رسالي جي ڪري زنده
آهي.
ڊاڪٽر صاحب هِن ڪتاب ۾ راءِ صاحب منشي ڏاندومل
بلواڻي جو به احوال رقم ڪيو آهي، جيڪو علم هيئت جو
ماهر ۽ سٺو پاميسٽ هو. هِن ڪتاب سندس سوانح ۽ ادبي
خدمتن تي روشني وڌي آهي ۽ سندس جوڙيل جنترين جو
سال-وار ذڪر ڪيو ويو آهي.
هِن ڪتاب ۾ فاضل مصنف جتي عالمن، اديبن، شاعرن ۽
اعليٰ عملدارن جو ذڪر ڪيو آهي، اُتي هڪڙي نامور
پهلوان استاد واحد بخش لوهر کي به ڪِين وساريو
آهي. استاد واحد بخش لوهر، ذات جو مهر آهي، پر هن
جا بزرگ لوهارڪي ڪم ڪرڻ سبب لوهر سڏبا هئا.
واحد بخش پنهنجي وقت جو نامور پهلوان هو، جنهن
شڪارپور ۾ هڪ آکاڙي جو ”شڪارپور ڪسرت گاهه“ نالي
سان سال 1926ع ۾ بنياد وڌو. مصنف هِن پهلوان سان
گڏ هندن جي پهلوانيءَ جو ذڪر به تمام سهڻي مزاحيه
انداز ۾ ڪندي، انهن جي پهلواني کي ظاهر ڪيو آهي ۽
واحد بخش جي پهلواني ۽ سندس پهلوانيءَ جا ڪرتب
ٻڌايا آهن. اهڙي ريت هِن ڪتاب ۾ فنِ موسيقي جي وڏي
ڄاڻو ۽ ماهر استاد خان صاحب منظور علي خان جو ذڪر
به ملي ٿو. فاضل مصنف هن جو مڪمل احوال ۽ سندس فن
جي پوري ڄاڻ پڙهندڙن کي مهيا ڪري ڏني آهي.
ڪتاب ”سج جهڙا پرين“ ۾ 25 اهم شخصيتن ۾ هڪ عورت
ذات جو ذڪر ڊاڪٽر صاحب ڪيو آهي ۽ اُها محترمه
پروفيسر ڊاڪٽر ساران صديقي آهي، جنهن جي والد
عبدالقادر صديقيءَ جي دلي تمنا هئي، ته سندس نياڻي
ڊاڪٽر ٿئي. رب سندس دلي تمنا پوري ڪئي، جو هُن سال
1934ع ۾ ايم.بي.بي.ايس پاس ڪري ڊاڪٽري جي سند حاصل
ڪئي. ڊاڪٽر انور فگار، هِن محترمه جي حياتيءَ جو
احوال ۽ سندس علمي ۽ سماجي ڪارنامن جي پوري وضاحت
سان ذڪر ڪيو آهي.
ڊاڪٽر انور صاحب ڪتاب ۾ 25 اهم شخصيتن جو ذڪر ڪيو
آهي، مون پنهنجي حسبِ حال ٿوري علمي ڄاڻ مطابق
هڪڙي وڏي ليکڪ جي اهم تصنيف تي چند سٽن لکڻ جي
جسارت ڪئي اٿم؛ سا به تڏهن، جڏهن منهنجي پُٽ ميرزا
دبير حسين بيگ کي سندس استاد محترم انور فگار
هَڪڙي پنهنجي اهم ڪتاب جي ڪاپي ڏيندي، پنهنجي هٿن
مبارڪ سان هي دعائيه ڪلمات تحرير فرمايا:
هن ڪتاب جي هيءَ پهرين ڪاپي اکين جي نور ۽ دل جي
سُرور ميرزا دبير بيگ لاءِ ان دعا سان ته شال
مثالي ڪاميابيون ماڻي.
جڏهن دبير اِهو ڪتاب مون کي اچي ڏنو، تڏهن مون اُن
جي پهرين ورق تي سائين انور جا نوازش ڀريا الفاظ
پڙهي رب پاڪ جو شڪر ادا ڪيم، ته هڪ نامور استاد
پنهنجي شاگرد لاءِ اِهي پيار ڀريا دعائيه ڪلمات
لکيا آهن. هي الفاظ دبير لاءِ ۽ مون حقير لاءِ
باعثِ فخر آهن.
آخر ۾ ڊاڪٽر انور فگار هَڪڙي صاحب جا ٿورا مڃي ۽
کيس ههڙي انمول علمي، ادبي ۽ تاريخي ذخيري کي
ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرائي منظرعام تي آڻڻ لاءِ لک
لک مبارڪون ڏئي، عرض ٿو ڪريان:
علم ادب جو ماهر انور فگار هَڪڙو،
ٿيو نامور سخنور انور فگار هَڪڙو.
ٿيو علم ۾ اڪابر انور فگار هَڪڙو،
ٿيو شعر جو شناور انور فگار هَڪڙو.
ميدان نظم ۾ ٿيو ايوان نثر ۾ ٿيو،
بيشڪ آهي مظفر انور فگار هَڪڙو.
شهري شڪارپور جا جي اهم نامور ٿيا،
تن کان ٿيو متاثر انور فگار هَڪڙو.
شهري شڪارپور جا جي اهم آهن تن جو،
ٿيو خوب آ مخبر انور فگار هَڪڙو.
سج جهڙا جي پرين ٿيا تن تان ڪندو آ گل ۽
لعل و گوهر نڇاور انور فگار هَڪڙو.
تاريخدان محقق اعليٰ اديب شاعر،
بيشڪ ٿيو آ بهتر انور فگار هَڪڙو.
بزمٖ ادب ۾ گونجي هيءَ پئي صدا مقرر،
علم و ادب جو گوهر انور فگار هَڪڙو.
لکيل ڪتاب پنهنجا شايع ڏسي انهن کي،
ٿيندو ته آهي خوشتر انور فگار هَڪڙو.
واسي ڇڏيندو ادبي ايوان کي قلم سان،
اهڙو ٿيو معنبر انور فگار هَڪڙو.
تاريخ ۾ خيانت جنهن ڪئي ڪندو انهي تي
پنهنجي قلم سان فائر انور فگار هَڪڙو.
تاريخ ۽ ادب تي بهتر ڪتاب سنڌي،
لکندو پيو عمر ڀَر انور فگار هَڪڙو.
هن جو خلوص ڏسندي ڏسندڙ چوي ٿو بيشڪ،
اخلاص جو ٿيو پيڪر انور فگار هَڪڙو.
انور فگار هَڪڙو هيڪر ملي جي ڪنهن سان،
چاهيندو ملڻ ٻيهر انور فگار هَڪڙو.
لعل و گوهر ڇڏي هي طالب ٿيو علم جو،
ٿيو علم ۾ تونگر انور فگار هَڪڙو.
پل پل ڪري ٿو رب جو شڪرانو هي هميشه،
هر حال ۾ ٿيو شاڪر انور فگار هَڪڙو.
ميرزا دبير
ڪيڏو ٿيو خوش نصيب جنهن کي،
استاد مليو بهتر انور فگار هَڪڙو.
’فياض‘ جي دعا ٿي اهل و عيال سوڌو،
شادان رهي عمر ڀَر انور فگار هَڪڙو.
سلطانه جمالي
سنڌ يونيورسٽيءَ جي هڪ سابق رجسٽرار ۽ اهم شخصيت
محمد حسين ترڪ جي باري ۾ ڊاڪٽر قاضي خادم جو ترتيب
ڏنل ڪتاب
سنڌ يونيورسٽيءَ جي رجسٽرارن ۾ آغا تاج محمد کان
پوءِ محمد حسين تُرڪ جو نالو وڏي اهميت رکي ٿو.
هُو شخص نه صرف هڪ اڻٿڪ ۽ مخلص انسان هئو، ليڪن هڪ
اعليٰ تعليمي ۽ تنظيمي ماهر پڻ هو، سڀ کان وڏي
ڳالهه اها ته هُو ماهر معاشيات ۽ ادب سان به گهرو
واسطو رکندو هو، ليڪن افسوس جو هن جي باري ۾ ڪڏهن
به ڪنهن قلم کڻڻ جي ڪوشش ڪونه ڪئي. ليڪن ڊاڪٽر
قاضي خادم هن جي باري ۾ سندس اولاد جي پاران گڏ
ڪيل مواد هٿ ڪري ان کي ترتيب ڏئي، پيش لفظ لکي، هن
عظيم انسان جي تعليمي، علمي ۽ فڪري زندگيءَ جا
ڪيترا پهلو نمايان ڪيا آهن.
هيءُ ڪتاب هڪ ئي وقت انگريزي ۽ سنڌي ۾ شايع ڪيل
آهي تنهنڪري ان جو نالو
(Muhammad Hussain Turk, A man with
Mission) رکيو
ويو، جنهن جو Foreword
ڊاڪٽر قاضي خادم صاحب لکيو آهي، جنهن ۾ هن هڪ
ايماندار شخص جي زندگيءَ ۾ کيس بدلي ۾ مليل تڪليفن
جو ذڪر ڪيو آهي، ته
Preface منظور قريشي
صاحب جو لکيل آهي، جيڪو تاريخ جو ماهر ۽ سماجي
معاملات تي خاص نظر رکندڙ هڪ اعليٰ تعليم يافته
شخص آهي ۽ سندس واسطو ترڪ صاحب ۽ سندس خاندان سان
تمام ويجهو رهيو آهي، انڪري ئي هن جي لکڻيءَ مان
هڪ ماهر تعليم ۽ جاکوڙي محقق کي زندگيءَ ۾ پيش آيل
تڪليفن ۽ سندس جدوجهد جو مفصل احوال ملي ٿو. ڪتاب
جي انگريزي حصي ۾ هيٺيان عنوان تفصيلي طور ڏنل
آهن:
1-Speeches
2-Articles
هنن عنوانن تي سندس ڪيتريون اهم تقريرون جيڪي
ريڊيو تان نشر ٿيون ته سنئون سڌو يونيورسٽيءَ مان
اسٽيج تان پيش ٿيون توڙي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾
سندس شايع ٿيل مضمونن جو تفصيلي احوال ڏنل آهي، جن
کي پڙهندڙي 20 صديءَ جي تعليمي ماحول جي بخوبي ڄاڻ
ملي سگهي ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي اوائلي عظيم دور
بابت به معلومات ملي ٿي، ان لاءِ هن ڏانهن لکيل
سنڌ جي بنياد پختو ڪندڙ عظيم ڏاهي ۽ وائيس چانيسلر
علامه آءِ.آءِ قاضي صاحب جا ڏانهس لکيل خط به آهن
جيڪي ڪتاب ۾ شايع ڪيا ويا آهن، اهي خط سنڌ
يونيورسٽيءَ ۾ هڪ سَنَدَ جي حيثيت رکن ٿا.
ان کان پوءِ
Articles on Muhammad Hussain Turk)
ترڪ صاحب تي مختلف ليکڪن جهڙوڪ: علي اڪبر ڍکڻ،
محمد اسلم ترڪ، جيڪو سندس وڏو فرزند آهي، انهن جا
لکيل آهن، انهيءَ سان گڏ ڪتاب ۾ ترڪ صاحب جي
اوائلي زندگي، سندس تعليم، نوڪري جو احوال پڻ ملي
ٿو، انڪري جو جڏهن کين هڪ ناڪرده گناهه جي پاداش ۾
يونيورسٽيءَ تان هٽايو ويو ته پاڻ پوءِ سنڌي ادبي
بورڊ جهڙي علمي اداري ۾ به وڃي ڪم ڪيائون، جتي هُو
ٽه ماهي مهراڻ جو ايڊيٽر به رهيو ۽ هڪ وقت جي عظيم
رجسٽرار جنهن دولت مشترڪه جي اجلاس ۾، لنڊن ۾ سنڌ
يونيورسٽيءَ جي نمائندگي ڪرڻ واري هن شخص جيڪي
ذهني عذاب ڀوڳيا انهن جو به ذڪر موجود آهي. ٻئي
طرف سنڌي حصي ۾ هن جي ڪيترن اهم مضمونن ۽ تقريرن
کي شامل ڪيو ويو آهي، جن ۾ اقتصاديات، اقتصادي
مسئلا، برآمدي واپار جي ترقي، مذهبي مشاهير جو
فلسفيانه معيار، پاڪستان جي قدرتي دولت، معدنيات،
حيدرآباد جي اقتصادي ۽ تاريخ، وچولو طبقو، ناڻي جي
زيادتي، اقتصادي بحاليءَ جهڙن اقتصادي مسئلن سان
گڏ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي فڪر ۽ ڪلام تي سنڌي
۾ ٽي اردو مضمون به شامل ڪيل آهن. جنهن مان معلوم
ٿئي ٿو ته هيءُ شخص انهن ماڻهن ۾ شامل هو، جيڪي
پنهنجي نوڪريءَ سان گڏ علم ۽ ادب جي خدمت جو جذبو
پڻ رکندا هئا.
هن پنهنجي والد جي يادگيرين بابت به لکيو آهي، ته
وري سندس فرزندن محمد عارف ترڪ ۽ محمد عابد ترڪ جا
سندس باري ۾ لکيل تاثرات به هن ڪتاب جي سونهن آهن.
ڊاڪٽر قاضي خادم جيڪو سڄي عمر يونيورسٽيءَ ۾ استاد
جي حيثيت سان ڪم ڪندو رهيو آهي، 1970ع کان 2005ع
تائين استاد، ۽ ڊين جي حيثيت ۾ ۽ 2005ع کان موجود
وقت تائين اعزازي ڊائريڪٽر علامه غلام مصطفيٰ
قاسمي چيئر ۽ وزٽنگ پروفيسر سنڌ يونيورسٽي طور ڪم
ڪري رهيو آهي. تنهن هن ڪتاب کي جنهن طرح مواد ترڪ
صاحب جي پٽن وٽان مليل مواد نهايت اهم تحريرن کي
هن ڪتاب ۾ سهيڙيو آهي، اهو پڙهندڙن لاءِ سنڌ
يونيورسٽيءَ جي تاريخ جي هڪ سونهري باب جي حيثيت
رکي ٿو. هن کان اڳ 2007ع ۾ ڊاڪٽر قاضي خادم جهڙي
طرح 42 سنڌي ڪهاڻين کي انگريزيءَ ۾ ريويو ڪري دي
گلوريس پاسٽ
(The Glorious Past)
ڪتاب شايع ڪيو هو، جنهن تي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
چيو هو ته هاڻ جڏهن قاضي خادم، سنڌ جي تاريخ، علم
۽ ادب کي انگريزيءَ ۾ متعارف ڪرائڻ جو اهم ڪم شروع
ڪيو آهي ته ٻين اديبن جو به فرض آهي ته هُو پنهنجي
ٻوليءَ جي ادب ۽ تاريخ کي انگريزي، اردو، بلڪ دنيا
جي سمورين ٻولين ۾ متعارف ڪرائين.
اي مئن وٿ مشن
(A Man with Mission)
جي ترتيب به ڊاڪٽر قاضي خادم جو اهو ڪارنامو آهي،
جنهن جو قدر صرف هڪ لکيل پڙهيل ۽ سڌريل قوم ئي ڪري
سگهي ٿي، ليڪن هي ڪتاب اڳتي هلي، عالمن، اديبن،
سماج وادين ۽ شاگردن جو توجهه پاڻ ڏانهن ڇڪائيندو.
هن ڪتاب جي قيمت -/300 روپيا آهي، ۽ ڪويتا
پبليڪيشن طرفان شايع ڪرايو ويو آهي. هن ڪتاب جو هر
لائبريريءَ ۽ خاص طور يونيورسٽين ۽ ڪاليج جي
لائبريرين ۾ هجڻ انتهائي ضروري آهي ته جيئن
رجسٽرار جهڙي اهم منصب کي ماڻهو سمجهي سگهن ۽
يونيورسٽي تعليم جي باري ۾ کين معلومات حاصل ٿي
سگهي.
نور گهلو
’ننڍڙو چنڊ‘
”مان عنيق ۽ عريب جيئندس“
خبر ناهي ته مان هُن کي ناول چوان يا ڊائري تي
مشتمل طويل ڪهاڻي چوان؟ ڪنفيوزڊ! هونئن به اڄڪلهه
جي دور ۾ هر شيءِ، هر سوچ، هر رويو پنهنجي مروج
اصولن کان هٽندو، پنهنجي معنيٰ ۽ شڪل بدلائيندو،
نون اصولن ۽ نون گهاڙيٽن ڏانهن وڌندو پيو وڃي. ان
تي بهتر راءِ ته اڄ جي دور جا نقاد ئي ڏئي سگهن
ٿا.
ڪجهه به هجي، پر هيءُ هڪ تجربو آهي جو ادب جي
حوالي سان ٿي سگهي ٿو. هن نوعيت جو منفرد ڪتاب
منهنجي نظر مان ناهي گذريو، پر هيءُ ڪتاب ٻاراڻي
ادب جي مختلف مرحلن (Phases)
مان
گذري، هن مقام تي پهتو آهي. ان جي پويان سنجيده
ٻاراڻي ادب جي ليکڪن جون ڪوششون ۽ روايتي انداز
کان هٽي ڪري نيون آئيڊياز شامل آهن ته هن جديد دور
۾ ٻارن جي حوالي سان ڇا ۽ ڪيئن لکڻ واري سوچ ۽
شعوري عمل هئڻ گهرجي. ان طرح دنيا ۾ ڇپندڙ ٻاراڻي
ادب سان هم آهنگي پيدا ڪرڻ ۽ ٻارن جي ذهني اوسر کي
نظر ۾ رکندي، جديد دور جي گهرجن ۽ ٽيڪنالاجيءَ ۽
ان جي استعمال جي ڄاڻ ۽ استعمال جي جديد طريقن سان
واقفيت ڪرائي، پنهنجي روايتن ۽ قدرن کي برقرار
رکندي، مستقبل جي پلاننگ ڪرڻ جي قابليت پيدا ٿي
سگهي ۽ ان ذريعي پنهنجي ذهن ۾ پيدا ٿيندر قوت، جوش
۽ جذبي سان اڳتي هلي ڪامياب انسان طور مڃتا ماڻي
سگهي.
اسان جڏهن قومي هيروز يا مختلف شعبن ۾ ڪامياب
انسانن جي ننڍپڻ جون تصويرون، سندن ايڪٽيوٽيز
بابت، سندن والدين، مٽن مائٽن، ڪلاس فيلوز ۽
استادن جون هنن بابت فخريه انداز ۾ ڳالهيون ۽ رايا
ٻڌندا آهيون ته والدين جي دل ۾ اهو خيال ۽ خواهش
ضرور جاڳندي آهي ته،
”ڪاش! اسان جو اولاد به اهڙي مقام
تي پهچي، جيئن سندن مثال ڏنا وڃن.“ والدين جي اهڙي
خواهش فطري هوندي آهي ته اُهي به پنهنجي اولاد کي
بهتر تعليم ۽ تربيت سان گڏ هنن ۾ خوداعتمادي پئدا
ڪري، کين ذهني، عقلي ۽ جسماني طرح صحتمند ۽ سگهارو
بڻائڻ جي هرممڪن ڪوشش ڪن.
انور جي هن ڪوشش پويان به اُهائي فطري خواهش نظر
اچي ٿي، جنهن کي هُو شعوري طرح عملي جامو پهرائڻ
جي ڪوشش ڪندو اچي ٿو ۽ پنهنجي جوانيءَ جي محنت،
مشقت ۽ ڏکين حالتن کي ”ننڍڙي چنڊ“ عنيق جي مستقبل
سان ڀيٽيندي، ان دور (سندس) ۽ عنيق جي دور لاءِ
خود به چئي ٿو ته:
”ننڍپڻ ۾ ڳوٺاڻي ماحول ۽ جوان زندگيءَ ۾ ڏکين
حالتن مان گذري اچڻ کانپوءِ سرمد طئي ڪري ڇڏيو ته
هُو پنهنجي اولاد کي ممڪن حد تائين خوشيون ڏيندو،
کين بهترين تعليم، ڏياريندو ۽ سندن شاندار تربيت
ڪندو ته جيئن هو مثالي انسان بڻجن، باڪردار بڻجن،
باوقار بڻجن، سلڇڻا بڻجن ۽ اڳتي هلي پنهنجي قوم جي
سک، سلامتي ۽ ترقيءَ لاءِ ڪم ڪن، ڇاڪاڻ جو سرمد
سمجهندو آهي ته جيڪڏهن سندس ٻارڙا سُٺا انسان ۽
پنهنجي سبجيڪٽ جا ماهر بڻجي پيا ته ڄڻ هُن جي
زندگي سجائي ٿي.“
نه رڳو اهو پر جيڪڏهن ٻار جي ماءُ به سلجهيل ذهن
جي هوندي ۽ ٻارن جي اوسر ۾ پنهنجي جيون ساٿيءَ سان
گڏ هوندي ته ٻارن کي ماءُ، پيءُ جي گڏيل پيار سان
گڏ اُها تربيت به بهتر نموني ملي سگهندي.
”عنيق جي بابا سرمد ۽ ماءُ ڪونج جي اُها ڪوشش آهي
ته هُو عنيق کي پنهنجي شاندار روايتن ۽ اخلاقي
قدرن کان واقف ڪندي نئين دور جو ٻار بڻائين ته
جيئن هُو اڳتي هلي زندگيءَ جي ڊوڙ ۾ ڪاميابيون
ماڻي ايترو ته اڳتي نڪري وڃي جو ماڻهو مٿس رشڪ ڪن،
ڇاڪاڻ جو هُو سمجهن ٿا ته ايندڙ دور، اڄ جي دور
کان وڌيڪ ڏکيو هوندو، جنهن جو مقابلو ڪرڻ ۽
ڪاميابيون ماڻڻ لاءِ ٻارڙن کي انتهائي معياري
تعليم ۽ تربيت ڏيڻي پوندي.“
ٻارن جي نفسيات ڏاڍي عجيب هوندي آهي. اسان ٻارن جي
ايڪٽيوٽيز، سندن خواهشن ۽ رجحانن کي سمجهڻ بجاءِ،
کين ٻار سمجهي ڄڻ ته نظرانداز ڪندا
آهيون ۽ سندن معصوماڻن سوالن تي خوش ٿي ويندا
آهيون، بجاءِ خوش ٿيڻ جي جيڪڏهن ٻارن کي اٽينڊ ڪجي
ته نه رڳو ٻارن ۽ والدين وچ ۾ دوستاڻو رشتو قائم
ٿيڻ سان گڏ ٻار ۾ خوداعتمادي به پئدا ٿئي ٿي. انور
۽ عنيق جي وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه
(Conversation) ان
جو مثال آهي ۽ ٻار به اهوئي چاهي ٿو ته هن تي ڌيان
ڏنو وڃي.
”ننڍڙو چنڊ“ ان حوالي سان ۽ ڪجهه ٻين حوالن سان
پنهنجي نوعيت جو منفرد ڪتاب آهي، جيڪو خاص ڪري
والدين کي پنهنجي اولاد لاءِ بهتر مستقبل جي سوچ
لاءِ اتساهي به ٿو ته والدين لاءِ ڄڻ گائيڊ لائين
طور به پڙهي سگهجي ٿو.
ڪهاڻي کان هٽي ڪري، ڪجهه ٻين موضوعن تي ڪجهه ليکڪ
سُٺو لکن ٿا. انور نه رڳو انهن مان هڪ آهي، پر
پنهنجي منفرد انداز سبب ڪجهه مٿانهون به آهي، جو
هُن وٽ نه رڳو ڪهاڻي/ ناول، پر ٻين موضوعن جي به
وئرائٽي هجڻ سان گڏ پنهنجي ڳالهه کي پيش ڪرڻ جو
نرالو انداز آهي، جو وٽس وانگر اجائي لفاظيءَ سان،
لفظن، جملن ۽ تشبيهن جو مربو ٺاهڻ بجاءِ سادن، پُر
معنيٰ ۽ اثر پذير لفظن جي رواني هوندي آهي، جيڪا
پنهنجي پڙهندڙ کي پاڻ سان گڏ وٺي ويندي آهي...
ائين ناهي ته انور ابڙو تي تنقيد جي گنجائش ڪانهي.
بلڪل تنقيدي پهلو به آهن، پر سندس لکڻين کي مثبت
انداز ۾ ڏسجي ته تعريفي پهلو، تنقيدي پهلو تي حاوي
نظر ايندو. جائز تنقيد ۽ جائز تعريف سان،
ايمانداراڻي راءِ تي ليکڪ ٻنهي حوالن سان تنقيد ۽
تعريف کي ريئلائيز ڪري سچي خوشي محسوس ڪندو آهي ۽
وڌيڪ بهتر لکڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، جو اُها راءِ
سندس تخليقي ذهن لاءِ ٽانڪ (Tonic) وانگر
هوندي آهي ۽ منهنجي راءِ ۾ انور، ايترو ته ريئلسٽ (Realist) آهي
جو هُو جائز تنقيد ۽ تعريف کي خوشيءَ سان قبول ڪري
سگهي ٿو.
بهرحال هيءُ ڪتاب ”ننڍڙو چنڊ“ والدين، خاص ڪري
انور جهڙي سوچ جي ماڻهن لاءِ، ان خواب جي حقيقت
ڏانهن پهريون قدم آهي ۽ دعا آهي ته هر والدين جا
اولاد لاءِ اهڙا سپنا ساڀيان ٿين ۽ اڄ جا ”ننڍڙا
چنڊ“ سڀاڻي چوڏهين جي چنڊ وانگر ڪائنات مٿان
چمڪندا رهن. (آمين)
شوڪت چاچڙ
ڪتاب: ٻوليءَ جو بچاءُ ۽ ان جو درست استعمال
ٻولي جياپي جو مکيه ذريعو آهي، جنهن سان انسان
پنهنجن جذبن، اُمنگن ۽ احساسن جو اظهار ڪري ٻين
تائين پنهنجي ڳالهه پهچائي ٿو. اهڙيءَ ريت، ٻولي
سوچ ۽ سکيا جو محور به ٿئي ٿي. هن وقت دنيا ۾ ڇهه
هزار کان وڌيڪ ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون. اڪثر
ترقي يافته قومون پنهنجي ٻوليءَ جي بقا ۽ ترقيءَ
لاءِ ڪوشان آهن.
ٻولين ۾ بگاڙ عالمي مسئلو بڻجي چڪو آهي. ڪجهه
ماهرن جو وري اهو به خيال آهي ته، ٻولين ۾ بگاڙ يا
ڌارين لفظن جي ملاوٽ سان ٻوليءَ ۾ واڌارو ٿئي ٿو
يا اُن ۾ جدت اچي ٿي، پر ان سان ڪافي اصلوڪا لفظ
پڻ متروڪ ٿي وڃن ٿا، جڏهن ته ٻوليءَ کي ڳالهائڻ ۽
لکڻ وقت ٿيندڙ غلطين کي هرگز ترقي نه ٿو چئي
سگهجي. اڄ جنهن ڪتاب تي آءٌ لکان پيو، اهو نهايت
ئي اهم مضمونن جو ڳٽڪو آهي، جنهن کي نوجوان محقق
علي نواز آريسر ان حوالي سان سهيڙي اسان تائين
پهچايو آهي. هن ڪتاب جو ڇپائيندڙ ادارو سنڌي
ٻوليءَ جو با اختيار ادارو آهي، جنهن جي بنيادي
مقصدن تحت ئي هيءُ ڪتاب ڇپيو آهي. ڪتاب جو مرتب
پنهنجي ذاتي زندگيءَ ۾ هڪ جاکوڙي متحرڪ شخصيت جو
مالڪ آهي، سندس دوستيءَ ۾ اهو ڏٺو اٿم ته زماني جا
مسئلا پاسيرا رکي اڪثر وقت لکڻ پڙهڻ ۾ گذاريو
اٿائين. هن ڪتاب کان علاوه سندس طبعزاد ڪتابن جو
تعداد به هڪ درجن آهي، جيڪو نوجوانن لاءِ اُتساهه
جو باعث آهي.
هن ڪتاب ۾ جن شخصيتن جا مضمون چونڊي پيش ڪيا ويا
آهن، سي سڀئي پنهنجي پر ۾ وڏا عالم/اسڪالر رهيا
آهن. مجموعي جو پهريون مضمون سنڌ جي ڏاهي،
تعليمدان ۽ مفڪر محمد ابراهيم جويي جو لکيل آهي.
جيتوڻيڪ علي نواز پنهنجي نوٽ ۾ اهو درست لکيو آهي
ته ’هر ٻوليءَ ۾ ڳالهائڻ ۽ لکڻ جون ٻه الڳ صورتون
هونديون آهن‘ پر جويو صاحب پنهنجي عام گفتگوءَ ۾
به جيڪا ٻولي استعمال ڪندو هو، سا به گرامر ۽ بيهڪ
جي نشانين سان ٽمٽار محسوس ٿيندي هُئي، سندس
مڪالمن ۾ صاف گوئي نمايان هوندي هُئي. جويي صاحب
سچ لکيو آهي ته:
”ٻولي اسان جي پنهنجن هٿن سان بگڙي ۽ ڪمزور ٿي رهي
آهي.“ جنهن جو سبب هُن ڌارين جي ٻولين جي تهذيبي
آڪرائيءَ کي ڄاڻايو آهي. جيتوڻيڪ هيءُ مضمون جويي
صاحب 45 سال اڳ لکيو هو، پر سندس اهو بيان اڄ به
ساڳي صورتحال جي عڪاسي ڪري ٿو ته: ”اڙدو پريس،
ريڊيو، ٽيليويزن، سئنيما، اسڪولي ۽ ڪاليجي تعليمي
نظام ۽ اڙدوءَ جي قومي درجي جو تاب ۽ زور سنڌي
ٻوليءَ لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي رهيو آهي.“
هن مضمون ۾ جويي صاحب سنڌيءَ ۾ حرف جملي يا ظرف جا
بهترين لفظ واضح ڪيا آهن، جن جي جاءِ تي اڪثر
فارسي ۽ عربيءَ جا لفظ غير ضروري طور استعمال ڪيا
وڃن ٿا. هُن ڌارين لفظن جي به نشاندهي ڪئي آهي،
جيڪي عام طور تي سنڌي ماڻهو استعمال ڪن ٿا.
سنڌي ٻوليءَ جي درست استعمال بابت هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر
فهميده حسين جا ٻه ڪارائتا مضمون به چونڊيا ويا
آهن، جيڪا پاڻ ٻولي اختياري جي سربراه پڻ رهي ۽ هڪ
پروفيسر يعني استاد جي حيثيت سان سندس اڪثر وقت
شاگردن جي رهنمائيءَ ۾ گذريو. لکڻ کان علاوه ڊاڪٽر
فهميده حسين ريڊيو تي پڻ سنڌي ٻوليءَ جي سکيا جا
ڪلاس پڻ ريڪارڊ ڪرايا. هنن مضمونن ۾ ٻوليءَ جي
سکيا جا بنيادي مسئلا بيان ڪرڻ سان گڏ غلط العام
لفظن جي نشاندهي پڻ ڪري ٿي. اکرن ۽ آوازن ۾ ڪهڙو
تعلق آهي، اها معلومات واقعي به اڄ جي پرائمري
استادن وٽ ناهي، جنهنڪري صورتخطي سمجهائڻ ۾ اهي
پوريءَ ريت ڪامياب نٿا ٿين. ڊاڪٽر صاحبه انهن
مضمونن ۾ عام زندگيءَ جي مشاهدي کي به ڪتب آڻي اهي
جملا بيان ڪيا آهن، جيڪي هڪ پڙهيل ماڻهو عام
گفتگوءَ ۾ ڪري ٿو. اهو ئي سبب آهي جو اڄ جي نوجوان
نسل جي ٻوليءَ ۾ مذڪر-مونث ۽ واحد جمع جي تميز نظر
نه ٿي اچي. اخبارن ۾ صورتخطيءَ ۽ گرامر جي غلطين
جي نشاندهي پڻ انهن مضمونن ۾ ڪيل آهي.
هن ڪتاب ۾ علي احمد بروهيءَ جو مضمون به شامل آهي،
جنهن ۾ هُن اخباري ٻوليءَ تي سرسري نظر رکندي،
ٻوليءَ جي بگاڙ کي وائکو ڪيو آهي. ناليواري اديب ۽
محقق تاج جويي جو اهم مقالو پڻ هن مجموعي جي سونهن
آهي، جنهن ۾ هُن سنڌي ٻوليءَ کي درپيش خطرن تي
عالماڻو بحث ڪيو آهي. سرڪار جي بي ڌيانيءَ سبب
ٻوليون ڪيئن متاثر ٿين ٿيون، هن مقالي ۾ زير اضافت
جي استعمال؛ فارسي اسمن جي صورتن جي استعمال؛ عربي
۽ فارسي عدد جمع جي استعمال؛ جمع جي غلط استعمال؛
ڌارين صفتن جي استعمال؛ فارسي حرف جر؛ اردو ۽
انگريزي اثر هيٺ جنسن جي غلط استعمال؛ اعرابن جي
غلط استعمال ۽ بنيادي قاعدن جي درست استعمال تي
مفيد سمجهاڻي ڏنل آهي. سنڌي صوتياتي نظام موجب
همزي (ءَ) جي استعمال تي نامياري عالم ڊاڪٽر غلام
علي الانا جو مضمون پڙهندڙن جي اصلاح ڪري ٿو.
پوئين مضمون ۾ تاج جويي پڻ سرائڪي اثر هيٺ همزي جي
استعمال نه ٿيڻ جي نشاندهي ڪئي آهي، پر الانا صاحب
ان موضوع تي وضاحت سان روشني وڌي آهي. ساڳئي ڪتاب
۾ الانا صاحب جو ٻيو مضمون ’سنڌي صوتياتي نظام ۾
شد جو استعمال‘ پڻ شامل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ مثالن
سان مشدد آوازن جو مطالعو ڏنل آهي.
’اسمن جي جنس‘ عنوان سان واحد بخش شيخ جو مضمون به
معلوماتي آهي؛ جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي سُرن/آوازن
جا مثال به ڏنل آهن، گڏوگڏ واحد اسمن مان جمع ٺاهڻ
جا طريقا به بيان ڪيل آهن.
’جنس ۽ عدد‘ جي سِري هيٺ سنڌ جي ناليواري عالم
ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ جو ڏنل مضمون به ڪافي
معلوماتي آهي. ان کان پوءِ بيهڪ جي نشانين تي شمس
العلماءَ مرزا قليچ بيگ جو مضمون نهايت آسان طريقي
سان پڙهندڙن جي رهنمائي ڪري ٿو. بيهڪ جون نشانيون
ڪنهن به تحرير جو حُسن وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن
ٿيون، جن کي سمجهڻ لاءِ هن ئي ڪتاب ۾ ٻيو مضمون
ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جو به شامل آهي. ساڳئي
موضوع تي سراج، ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ ۽ ڊاڪٽر
فهميده حسين جا لکيل مضمون به شاندار آهن.
هن ڪتاب جي مرتب کي سندس دفتري ذميوارين ۾ روزاني
سنڌي اخبارن جي ٻوليءَ مان غلطين جي نشاندهيءَ
وارو اهم ڪم به شامل آهي، سندس محنتون جس لهن.
ڪتاب جو پيش لفظ لکندي ٻولي اٿارٽيءَ جي چيئرمئن
ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ اهو دُرست لکيو آهي ته: ”هن
ڪتاب مان سنڌي استادن ۽ شاگردن سان گڏ صحافين کي
به لاڀ حاصل ڪرڻ گهرجي.“
سليم جروار
ڊاڪٽر هوتچند مولچند گُربخشاڻيءَ جي ڪتاب
Mysticism, in the early nineteenth century
poetry of England
جي مهورتي تقريب
سنڌي ٻوليءَ
جي بااختيار اداري پاران 23 جولاءِ 2018ع تي
اٿارٽي جي ڊاڪٽر اين.اي بلوچ هال ۾ ڊاڪٽر هوتچند
مولچند گربخشاڻيءَ جي ڪتاب
Mysticism, in the early nineteenth century
poetry of England
جي مهورت تقريب ۽ سندس نياڻي گل هوتچند ڇڳاڻيءَ کي
آجياڻي واري تقريب جو اهتمام ڪيو ويو. تقريب کي
خطاب ڪندي ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي نياڻي گل هوتچند
ڇڳاڻيءَ چيو ته: ”آءٌ ڇهن سالن جي هُيس ته منهنجو
والد وفات ڪري ويو، مون کي ننڍپڻ ۾ خبر نه هئي ته
بابا پي
ايڇ.ڊي به ڪئي آهي پوءِ اها پڙهي ته لڳو هن ڪمال
جي تحقيق ڪئي آهي، جنهن ۾ دنيا جي ٻين مذهبن جو
تقابلي جائزو ورتو آهي. هن چيو ته اسان سنڌي هندو
آهيون، اسان کي شاهه لطيف بابت ايتري ڄاڻ نه آهي،
منهنجي ڀيڻ پهرين سنڌي گريجوئيٽ ڇوڪري هئي. منهنجي
هڪ ڀيڻ هندستاني فلم ’لگان‘ ۾ به ڪم ڪيو، اسان جي
گهروارن جا عمر دائود پوٽي جي گهروارن سان گهريلو
لاڳاپا هئا. هن جون ڌيئرون اسان جون سهيليون هيون،
هن چيو ته اسان جي والد صاحب کي انسان ذات جي خدمت
ڪرڻ ڪري هميشه ياد رکيو ويندو. اسان کي سنڌ ۾ تمام
گهڻي محبت ملندي آهي ۽ سنڌ اچي خوشي محسوس ٿيندي
آهي.“
سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي چيئرمئن پروفيسر ڊاڪٽر
عبدالغفور ميمڻ چيو ته: ”ڊاڪٽر گربخشاڻي سنڌ جو
ليجنڊ اسڪالر هو، اها اسان لاءِ فخر جي ڳالهه آهي
۽ خوشيءَ جي ڳالهه ته سندس نياڻي اسان جي وچ ۾ آهي
۽ لڳي ٿو ته گربخشاڻي صاحب اسان سان گڏ موجود آهن.
هن چيو ته ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ ڊاڪٽر عمر دائود پوٽو
پهريان سنڌي پي
ايڇ.ڊي هولڊر آهن ۽ اها سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ
لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي ته 1928ع ۾ ٿيل ڊاڪٽر
گربخشاڻيءَ جي پي
ايڇ.ڊي تحقيق کي پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو ڇپايو آهي،
ان ڪتاب جو ترجمي تي ڪم هلندڙ آهي جيڪو جلد ڇپجي
ويندو. هن چيو ته 1995ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾
رجسٽري ڪرائڻ دوران مون کي پونا مان ڇپيل ان ڪتاب
جي فوٽو ڪاپي ملي، پڙهي اندازو ٿيو ته تحقيق ڪيئن
ٿيندي آهي. اها ٿيسز ڇپائڻ جي خواهش ٿي ۽ لئنگئيج
اٿارٽيءَ ۾ اچڻ سان اها فوٽو ڪاپي هٿ ڪري ڇپائي
آهي، جيڪو ڪنهن اعزاز کان گهٽ ناهي.“
ڪراچي يونيورسٽي ۾ شاهه عبداللطيف چيئر جي
پروفيسر سليم ميمڻ چيو ته: ”گربخشاڻي پهريون سنڌي
هو جيڪو پي ايڇ.ڊي لاءِ لنڊن ويو. هن محقق جي
حيثيت ۾ تحقيق جو آغاز ڪيو ۽ سائنسي بنيادن تي
تحقيق ڪري دنيا جي مذهبن جو تقابلي جائزو ورتو. هن
چيو ته اسان ڪتاب لکون به پاڻ، ڇپايون به پاڻ ۽
کپايون به پاڻ، پر هندستان ۾ ايئن ناهي، اتي ڇپيل
هر ڪتاب جون ٽي سؤ ڪاپيون سرڪار پاڻ وٺندي آهي ۽
اتي سنڌي اديب هر اديب جي سؤ سالا جنم ڏينهن تي
پروگرام ڪندا آهن، اسان وٽ ايئن ناهي، اسان وٽ
اديبن کي جيئري خراج پيش ڪرڻ گهرجي.“ ناليواري
اديب مدد علي سنڌيءَ چيو ته: ”اڄ گربخشاڻي کي سندس
ڪم جي ڪري ياد ڪيو پيو وڃي، سندس شاهه لطيف تي ڪيل
ڪم کي صدين تائين ياد ڪيو ويندو. شاهه سائينءَ تي
سندس ڪيل ڪم جهڙو اڄ تائين ڪنهن محقق نه ڪيو آهي ۽
اهو ڏينهن پري ناهي جو سنڌ يونيورسٽيءَ طرفان کيس
اعزازي ڊگري ڏني ويندي. هن چيو ته ڊاڪٽر
گربخشاڻيءَ تي تحقيق ۽ پي
ايڇ.ڊي ڪرڻ گهرجي.“ تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ
يونيورسٽيءَ جي استاد ڊاڪٽر تهمينه مفتي چيو ته:
”گربخشاڻي حيدرآباد سنڌ جو ڄائو دنيا جو وڏو
اسڪالر آهي، جنهن انسان جي مذهبي آزادي تي چٽو
موقف رکيو ۽ هن تحقيق جا نوان رخ متعارف ڪرايا،
اسان کي مٿس فخر آهي.“ ناليواري اديب تاج جويي چيو
ته: ”منهنجي ڄاڻ موجب ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي پنهنجي
ماتر ڀومي سنڌ ۾ سندس نالي سان هيءُ ٻيو پروگرام
ٿي رهيو آهي، هڪ پروگرام سندس 35هين ورسي جي
مناسبت سان 11 فيبروري 1982ع تي پريس ڪلب حيدرآباد
۾ محمد ابراهيم جويي جي صدارت ۾ ٿيو ۽ ٻيو اڄ ٿي
رهيو آهي. اهو اعزاز سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار
اداري کي آهي، جنهن سندس پي
ايڇ.ڊي تحقيق سنڌ ۾ پهريون ڀيرو ڇپائي. هن چيو ته
ڊاڪٽر گربخشاڻي زندگيءَ ۾ ٻيو ڪو ڪم نه ڪري ها ته
به شاهه سائين جي لاثاني تحقيق، مقدمي، معنيٰ ۽
تشريح سان چئن جلدن ۾ لکڻ وارو ڪم کيس سنڌ ۽ دنيا
جي تاريخ ۾ هميشه ياد رکي ها، هن پنهنجي پي
ايڇ.ڊي تحقيق ۾ دنيا جي شاعرن جو تقابلي جائزو
ورتو.“ ناليواري اديب ۽ مترجم گل محمد عمراڻيءَ
چيو ته: ”گربخشاڻي پاڻ چيو آهي ته انگريزن وٽ تصوف
جو ٻيو انداز آهي، هنن وٽ اوڀر ۽ اولهه جي تصوف ۾
فرق آهي، پر گربخشاڻي صاحب تحقيق ڪري ثابت ڪيو ته
جيئن سچ هڪ آهي ايئن تصوف مغرب جو هجي يا اوڀر جو،
ان جا بنيادي مول متا ساڳيا آهن. هن چيو ته 1928ع
۾ پي ايڇ.ڊي فائنل ٿي ۽ ان ڪتاب جي ڇپائيءَ لاءِ
90 پائونڊ به يونيورسٽيءَ پاران رکيا ويا، پر
الاءِ ڇو ايترو عرصو اهو ڪتاب غائب رهيو ۽ 1984ع ۾
پوني مان ڇپيو ۽ ان کان پوءِ اٿارٽيءَ کي به اعزاز
مليو، جنهن اهو ڪتاب ڇپيو.“
سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جي سيڪريٽري شبنم گل چيو ته:
”گربخشاڻي صاحب جي پي ايڇ.ڊي ٿيسز جامع تحقيقي
ڪتاب آهي، جيڪو تحقيق ڪندڙ شاگردن لاءِ رهنمائي
ڪندڙ ثابت ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته گربخشاڻي صاحب جي
نياڻي گل هوتچند ڇڳاڻي جي وجود ۾ گربخشاڻي صاحب جي
ڏاهپ جي خوشبو مليل آهي ۽ هن جي موجودگيءَ ۾ اسان
گربخشاڻيءَ کي پاڻ سان گڏ محسوس ڪريون ٿا.“
تقريب دوران ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ جي پي
ايڇ.ڊي ٿيسز
Mysticism, in the early nineteenth century
poetry of England
جو مهورت پڻ ڪيو ويو.
نسيم حيدري
سنڌ جي نامياري اديب، ڊراما نگار، صحافي، شاعر،
شمشيرالحيدريءَ
جي ڇهين ورسيءَ جي ڪوٺايل تقريب
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسئيشن ڪراچي شاخ پاران سگا جي
باني ميمبر، محقق، اديب، شاعر ۽ صحافي
شمشيرالحيدريءَ جي ڇهين ورسيءَ جي تقريب 10- آگسٽ
2018ع تي شهيد بينظير ڀٽو لائبريري سچل ڳوٺ
ڪراچيءَ ۾ ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ مهمان خاص ناليوارو
شاعر امداد حسيني ۽ محترم ڊاڪٽر سليمان شيخ صاحب
هئا. پنهنجي تقرير ۾ محترم امداد حسيني صاحب چيو
ته: شميرالحيدريءَ گهٽ لکيو آهي ۽ هُن تي به گهٽ
لکيو ويو آهي، سندس هڪ مختصر شعري مجموعو ”لاٽ“
ڇپيل آهي، جنهن جو ٻيو ڇاپو سندس آخري عمر ۾ جڏهن
پاڻ اسپتال داخل هو. ايوب شيخ ڇپايو هو، شمشير ان
کي پڙهي ته نه پئي سگهيو، پر ان کي هٿن سان ڇُهي
محسوس ڪري ٿي سگهيو. سندس ٻيو شعري مجموعو ”تاريخ
جو ڪچرو“ آهي، جيڪو به ٻيهر ڇپجڻ گهرجي.
ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته شمشير شاعريءَ ۾ جيڪي
تجربا ڪيا آهن، انهن تي اسان کان پوءِ واري ٽهيءَ
کان لکرايو وڃي. مثال جيئن سندس غزل آهن:
گهُري ٿو شمشير حق جيڻ جو
اُنهي کي ماري ڇڏيو ته وهه وا.
اهو اڌ وزن تي تخليق ڪيل غزل آهي، يا جيئن سندس
هيءُ غزل جنهن ۾ وري هڪ رڪن وڌايل آهي.
ڀلا داد جي لاءِ مُرڪي نهارڻ جي ڪهڙي ضرورت.
اوهين آهيو سهڻا اوهان جي اهائي وڏي ڳالهه آهي.
شمشير جي ايڊيٽرشپ ۾ ”نئين زندگيءَ“
جي خاص اهميت آهي، جڏهن پاڪستان پبليڪيشن جي آفيس
اسلام آباد شفٽ پئي ڪئي وئي، تڏهن شمشير جي مزاحمت
جي ڪري ”نئين زندگيءَ“ ڪراچيءَ ۾ ئي رهي پوءِ جڏهن
”نئين زندگي“ حيدرآباد سنڌ شفٽ ڪرڻ جي رٿا آئي ۽
ان ڏس ۾ هالا ۾ قبله مخدوم طالب الموليٰ وٽ هڪ
گڏجاڻي رکي وئي جنهن ۾ شمشير مون کي به وٺي ويو،
ان گڏجاڻيءَ ۾ قبله ’طالب الموليٰ‘، حسام الدين
راشدي، محمد ابراهيم جويو، غلام رباني، شمشير ۽
پاڪستان پبليڪيشن جو ڊائريڪٽر شريڪ هئا. آئون ته
اڻ ڪوٺيو شامل هوس! ان ۾ ٻه اسم رکيل هئا.
(1) ”نئين زندگي“ حيدرآباد شفٽ ڪئي وڃي، (2)
عبدالواحد سنڌيءَ کي جيڪو رٽائر ڪري چڪو هو،
ايڊيٽر ڪيو وڃي. فيصلو ته اڳ ٿيل هو، پر وري به
سڀني کان راءِ ورتي وئي، مون سمجهيو ته مون کان به
راءِ ورتي ويندي ته آئون ان جي سخت مخالفت ڪندس،
پر مون کان پڇيوئي نه ويو! ائين فيصلو ٿي ويو.
هاڻي ”نئين زندگي“ نڪري به ٿو يا نه ان جي ڪابه
خبرنه آهي.
سنڌ سلامت جي مئنيجِنگ ايڊيٽر محمد سليمان وساڻ
پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته شميرالحيدريءَ
جي شخصيت گهڻ پاسائين آهي، هُن شاعري، صحافت،
ڊراما نگاري، ايڊيٽري کان وٺي سنڌي ادبي سنگت جي
جدوجهد تائين پنهنجون خدمتون ايمانداريءَ سان
سرانجام ڏيندي زندگي گذاري، شمشير صاحب هڪ خوددار
انسان هو، جنهن پئسي جي پويان ڊوڙ ڪونه پاتي.
اهوئي سبب آهي جو اڄ پاڪستاني ڪوارٽر وارو سندس
گهر خالي ڪرائڻ جو نوٽيس سندس وارثن کي مليو آهي.
جن وٽ رهڻ لاءِ ڪوبه اجهو ناهي، آخر ڪير ان تي
ڳالهائيندو ۽ سندس پوين جي سار لهندو. هن ڪراچيءَ
جي اهڙي مالڪي ڪئي جو چوڪنڊي جي قبرستان ۾ مدفون
ٿي ڪراچي جي تاعمر وارثي ڪري ويو.
سنڌ سلامت جي مئنيجِنگ ايڊيٽر محمد سليمان وساڻ
پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته شميرالحيدريءَ
جي شخصيت گهڻ پاسائين آهي، هُن شاعري، صحافت،
ڊراما نگاري، ايڊيٽري کان وٺي سنڌي ادبي سنگت جي
جدوجهد تائين پنهنجون خدمتون ايمانداريءَ سان
سرانجام ڏيندي زندگي گذاري، شمشير صاحب هڪ خوددار
انسان هو، جنهن پئسي جي پويان ڊوڙ ڪونه پاتي.
اهوئي سبب آهي جو اڄ پاڪستاني ڪوارٽر وارو سندس
گهر خالي ڪرائڻ جو نوٽيس سندس وارثن کي مليو آهي.
جن وٽ رهڻ لاءِ ڪوبه اجهو ناهي، آخر ڪير ان تي
ڳالهائيندو ۽ سندس پوين جي سار لهندو. هن ڪراچيءَ
جي اهڙي مالڪي ڪئي جو چوڪنڊي جي قبرستان ۾ مدفون
ٿي ڪراچي جي تاعمر وارثي ڪري ويو.
بيدل مسرور شمشيرالحيدريءَ کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو
ته شمشير منهنجو محسن هو، ٽيليويزن تي نوڪريءَ جي
درخواست به هن ٽائيپ ڪري مون کان صحيح ڪرائي، ان
وقت جي پروگرام مئنيجر مرحوم عبدالڪريم بلوچ وٽ
وٺي هليو هو ۽ اتفاق سان درخواست ڏيڻ جو به اهو
آخري ڏينهن هو، نوڪري خيرن سان ملي وئي، پر اصل
ڳالهه اها هئي ته مون کي ڪراچيءَ ۾ رهايو به
شمشيرالحيدري پنهنجي گهر ۾، ڊي 29 پاڪستان ڪوارٽر
۾ پنهنجي ٻچن سان.
شمشير پنهنجي دوستن سان ايترو پيار ڪندو هو انهن
جي نالن کي به پنهنجي سخن سان بدلايو به هو، 1975ع
ڌاري مون سندس اهو آزاد نظم ڪمپوز ڪري ڳاتو هو ۽
آزاد نظم ڳائڻ جو اهو منهنجو پهريون تجربو هو.
جنهن لاءِ مون شمشير کي چيو هو ته ڏاڍو مشڪل آهي
ڳائڻ، پر هن همٿ وڌائيندي چيو هو ”مولا تي ننگ آ،
تون ڳائي ويندين“. شمشير ٽي.ويءَ لاءِ ڪافي
پروگرامن جي ڪمپوزنگ ڪئي گيت لکيا، ڊراما لکيا، هن
جو جديد طرز تي اوريجنل ڊرامو ”منزل“ هو، جيڪو
ذوالفقار نقويءَ پروڊيوس ڪيو هو. جنهن ۾ بينا
پهريون ڀيرو متعارف ٿي هئي.
ڊاڪٽر سليمان شيخ چيو ته شمشير جا سنڌي ٻوليءَ ۽
ادب تي وڏا احسان آهن، وقت تيزيءَ سان گذري رهيو
آهي، اسان کي سندس لاءِ جيڪو ڪجهه ڪرڻو آهي جلد
ڪرڻو آهي، ان نوجوانن لاءِ چيو ته کين عملي ميدان
۾ اچڻ گهرجي.
شمشيرالحيدريءَ جي نياڻيءَ نسيم حيدريءَ پنهنجي
تقرير ۾ چيو ته شمشير اصول پرست هو، ان ڪڏهن به
اصولن تي سوديبازي نه ڪئي، ان جو ضمير زنده هو،
تڏهن ته ڪنهن شهنشاهه جو مٿس فرمان نه هليو.
ان هميشه پنهنجي نالي جو ڀرم رکيو، جن اصولن تي ان
زندگي گذاري اهي هئا ايمانداري، سچائي ۽ ذميداري.
اڄ جيڪڏهن اسان مان هرهڪ انهن اصولن کي سمجهي ۽
انهن تي هلي ته هوند سنڌ اڏجي ويندي. اسان جا
ادارا ترقي ڪن اڳتي وڌن ۽ مضبوط ٿين.
اڄ جيڪي سنڌ جون حالتون آهن اسان جي انفراديت ۽
خودمختياري جيڪا وڃائجي چڪي آهي، اگر چاهيو ٿا ته
حاصل ٿئي ته پنهنجو پاڻ سان قوم سان ۽ ٻوليءَ سان
سچو ٿيڻو پوندو.
هُن وڌيڪ چيو ته پهرئين هڪ چينل
P.T.V هئو، جنهن تي
پنجويهن منٽن جو خيراتي طور سنڌي پروگرام پيش ڪيو
ويندو هو، هاڻ ماشاءُالله ڪافي سنڌي چئنل آهن،
جيڪي چوويهه ڪلاڪ ڪم ڪن ٿا، اهي پنهنجي ذميدارين
کي سمجهن ۽ ٻوليءَ جي واڌاري ۽ سڌاري لاءِ ڪم ڪن.
سنڌ ڌرتيءَ جي انهن ڏات ڌڻين جي ورسين ۽ سالگراهن
جا ڏينهن ڀرپور نموني ملهايا وڃن، انهن ڏينهنِ تي
انهن شخصيتن جي خدمتن، مقصدن ۽ پيغامن کي اُجاگر
ڪيو وڃي ته جيئن نوجوان نسل ۽ ايندڙ نسل آگاهي
حاصل ڪري سگهن، اسان جا ڪيترائي فنڪار، شاعر،
اديب، گمناميءَ ۾ هليا ويا آهن، اڄ انهن جو ڪوبه
والي وارث ناهي ۽ نڪو ڪوئي ذڪرآهي.
شمشير جي نظر ۾ سنڌ جو نوجوان باصلاحيت آهي، پر ان
۾ مطالعي ۽ مشاهدي جي ڪمي آهي، هو پنهنجي انقلابي
شاعريءَ ۾ انساني سُتل ضميرن کي اٿاري ٿو، قوم جي
ماڻهن کي جنجهوڙي ٿو، بيداري ۽ جاڳرتا ڏئي ٿو،
سندس شاعري ٻارن ۽ نوجوانن لاءِ وڏي اهميت رکي ٿي.
صدارتي خطاب ڪندي سگا جي چيئرمين ۽ شمشيرالحيدريءَ
جي ننڍي ڀاءُ رفيق احمد حيدري شمشير جي خودداري ۽
سندس برداشت جا قصا بيان ڪيا، پنهنجي ذاتي دلچسپي
ڏيکاريندي چيو ته شمشيرالحيدري جي اڻ ڇپيل مواد کي
جلد ڇپرائي منظرِ عام تي آندو ويندو، ان ڏس ۾ ڪم
هلي رهيو آهي.
ان کان علاوه تقريب کي ڊاڪٽر مسرت، قمر شهباز جي
نياڻي سبين شهباز، اشرف کهاوڙ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.
محمد يوسف جويو
سنڌ جي عظيم ڏاهي، اديب ۽ دانشور
سائين محمد ابراهيم جويي جي سالگره تقريب
7.شوڪت
حسين شوري پنهنجي صدارتي تقريب ۾ ڳالهائيندي چيو
ته ”سائين محمد ابراهيم جويو پنهنجي قومي ڪردار ۽
ترقي پسند فڪر جو هڪ وڏو نالو آهي، سندس سنڌي
ٻوليءَ ۽ ڌرتيءَ جي بقا خاطر بيمثال جاکوڙ آهي،
سندس لکيل ڪتابن ۾ ’سنڌ بچايو کنڊ بچايو‘، ’شاهه،
سچل، سامي‘،
’فڪر جي آزادي‘، ’فلسفي جي ابتدائي ڪورس‘، ’وحشي
جيوت جا نشان‘، ’علم تدريس، مظلومن لاءِ‘ وغيره اڄ
جي سنڌ جي نوجوانن لاءِ مشعل راهه آهن. هن وڌيڪ
چيو ته جويي صاحب جو خواب هو ته سنڌ ۾ ٽرانسليشن
بيورو ٺهڻ گهرجي ۽ ان لاءِ هن ڀرپور ڪوشش به ڪئي،
پر اهو خواب حقيقت نه ماڻي سگهيو ۽ مان به چوان ٿو
ته هاڻ وقت آهي ته اهو جويي صاحب جو ٽرانسليشن
بيورو ٺهڻ گهرجي.
شوڪت حسين شوري پنهنجي صدارتي تقريب ۾ ڳالهائيندي
چيو ته ”سائين محمد ابراهيم جويو پنهنجي قومي
ڪردار ۽ ترقي پسند فڪر جو هڪ وڏو نالو آهي، سندس
سنڌي ٻوليءَ ۽ ڌرتيءَ جي بقا خاطر بيمثال جاکوڙ
آهي، سندس لکيل ڪتابن ۾ ’سنڌ بچايو کنڊ بچايو‘،
’شاهه، سچل، سامي‘،
’فڪر جي آزادي‘، ’فلسفي جي ابتدائي ڪورس‘، ’وحشي
جيوت جا نشان‘، ’علم تدريس، مظلومن لاءِ‘ وغيره اڄ
جي سنڌ جي نوجوانن لاءِ مشعل راهه آهن. هن وڌيڪ
چيو ته جويي صاحب جو خواب هو ته سنڌ ۾ ٽرانسليشن
بيورو ٺهڻ گهرجي ۽ ان لاءِ هن ڀرپور ڪوشش به ڪئي،
پر اهو خواب حقيقت نه ماڻي سگهيو ۽ مان به چوان ٿو
ته هاڻ وقت آهي ته اهو جويي صاحب جو ٽرانسليشن
بيورو ٺهڻ گهرجي.
پروفيسر عبدالرحمان سيال چيو ته جويو صاحب واحد
ماڻهو هو، جنهن سنڌي ادب کي روايتن ۽ عقيدن مان
ڪڍي هڪ نئين جدت آندي ۽ ٻاهريون ادب ترجمو ڪري
پنهنجي ٻوليءَ کي سگهارو ڪيو. محمد يوسف جويي چيو
ته سائين جويو صاحب هڪ فڪري ۽ سائنسي ماڻهو هو
جيڪو حقيقت تي يقين رکندڙ هو. هن ’شاهه، سچل،
سامي‘ ۽ ’سنڌ بچايو کنڊ بچايو‘، جهڙا ڪتاب لکي سنڌ
جي شعور کي هڪ صحيح واٽ ڏسي، ورهاڱي کان پوءِ هيءَ
شخصيت هئي جنهن پنهنجي سنڌي ٻوليءَ جي بچاءَ لاءِ
علمي ادبي ادارو جوڙي، ڪتابن جا ترجما ڪرائي
پنهنجي ٻوليءَ جي لاءِ هڪ جرنيل جو ڪردار ادا ڪيو.
پروفيسر عبدالرحمان سيال چيو ته جويو صاحب واحد
ماڻهو هو، جنهن سنڌي ادب کي روايتن ۽ عقيدن مان
ڪڍي هڪ نئين جدت آندي ۽ ٻاهريون ادب ترجمو ڪري
پنهنجي ٻوليءَ کي سگهارو ڪيو. محمد يوسف جويي چيو
ته سائين جويو صاحب هڪ فڪري ۽ سائنسي ماڻهو هو
جيڪو حقيقت تي يقين رکندڙ هو. هن ’شاهه، سچل،
سامي‘ ۽ ’سنڌ بچايو کنڊ بچايو‘، جهڙا ڪتاب لکي سنڌ
جي شعور کي هڪ صحيح واٽ ڏسي، ورهاڱي کان پوءِ هيءَ
شخصيت هئي جنهن پنهنجي سنڌي ٻوليءَ جي بچاءَ لاءِ
علمي ادبي ادارو جوڙي، ڪتابن جا ترجما ڪرائي
پنهنجي ٻوليءَ جي لاءِ هڪ جرنيل جو ڪردار ادا ڪيو.
فهيم نوناري جيڪو سنڌي ادبي سنگت شاخ سنڌي
يونيورسٽيءَ ڄام شورو جو سيڪريٽري آهي، جنهن آيل
مهمانن جا ٿورا مڃيندي چيو ته جويو صاحب جو علمي،
ادبي پورهيو اسان جو قومي ورثو آهي، جنهن کي سهيڙي
۽ ٻيهر ڇپايو وڃي ۽ ان کي ايندڙ نسلن لاءِ محفوظ
ڪيو وڃي.
|