سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3۽4/ 2018ع

باب:

صفحو:7 

مرزا ڪاظم رضا بيگ

 

 

 

ڪلاچي- شاهه لطيف جي نظر ۾

شاهه عبداللطيف ڀٽائي، هنگلاج جو مشاهدو ماڻيو، ۽ پنهنجو پاڻ کي تڪليفون ڏيئي، سامين جي سنگ سان، اُنهيءَ اڻڏٺي ڀُونءِ جي نظاري کي ڏٺو ۽ پسيو، جنهن کي ڏسڻ لاءِ ڪيئي ڏيل ڏڪي ويندا هئا، پر جتي حق ۽ سچ جي ڳولا جو جذبو واٽ ڏيکاريندو هجي، اُتي ڪابه شيءِ ڏوريندڙ لاءِ ڏاکڙو بڻجي نٿي سگهي، جيڪڏهن بَڻي، ته به ڏوريندڙ برسر ڪئي، ۽ منزل ماڻڻ جي خوشيءَ ۾ مڙيئي مصيبتون پُٺيءَ پاند ڪري وڃي ماڳ تي پهتو. شاهه لطيف به انهيءَ ڳولا واري جذبي جي ڏياٽي روشن ڪري، هنگلاج جو تڪيو ڏٺو، پر سندس منزل اِها ڪانه هئي، هن جي نظر اڃا به اڳتي ۽ تمام اڳتي هئي. ڇاڪاڻ ته جنهن ڳالهه جي لطيف کي ڳولا هئي، اُها اڃا ڪا اڳتي هئي، جيئن پاڻ سُر رامڪليءَ ۾ چوي ٿو:

سَدائين سفر ۾، رَمن مٿي راهه،

پُرن پورب پنڌ ڏي، منجهه موالي ماهه،

جن اَلک سين آگاهه، هلو! تڪيا پَسون تن جا.

ڇاڪاڻ جيسين عشق سلامت آهي، تيسين عاشق ۽ طالب کان ڇيهه ڪين ٿيندو، پر انهيءَ لاءِ به وڏي ڪشالي جي گهرج آهي. جيستائين پنهنجو پاڻ نه ماربو، تيستائين عشق جو اهو ساءُ ڪونه ايندو، جنهن لاءِ ڪشالا ڪاٽڻا پون ٿا، لطيف چوي ٿو:

جوڳي تنهنجي جوڳَ ۾ ڳال گهرجي ڳچُ،

سَڳا، سيليون، چمڙا، اِي پڻ وڏو ڪچُ،

وڍي، چيري، چچري، پَر ۾ اُڀو پڇُّ،

سوئي ٻارجُ مچُ، جئن ٻاهر ٻاڦ نه نڪري.

سامي ٿيين، سُکَ طلبين، واريين نه ويراڳُ،

لاڳاپا، لطيف چئي، ڇڏي جوڳي! جاڳُ،

جيئن تون ڀُوڻي جيرو، اِيُ آديسين اَڀاڳُ،

جو لاهوتين لاڳُ، سومري جيءُ ته ماڻيين.

انهيءَ جذبي ۽ اُمنگ سان لطيف هنگلاج ۾ سامين جي سنگت کان موڪلايو، ۽ پنهنجي سِر ٻين ماڳن جي مشاهدي جو پهه پچايو. هتي هيءَ ڳالهه ڪرڻ ضروري آهي ته لطيف سائين پنهنجي سنڌ جي تاريخ، ثقافت، رسمن، رواجن ۽ داستانن کان ڀلي ڀت واقف هو. سندس ڄاڻ محض سطحي نه هئي. هن کي پنهنجي آسپاس اهڙو علمي ماحول مليو هو، جنهن ۾ وقت جا وڏا وينجهار ويهي دنيا جي مکيه مسئلن تي ڳڻ ڳوٺ ڪندا هئا.

پنهنجي وڏن جي رهاڻين ۾ هن پنهنجن بزرگن جي واتان، کانئس اڳ جي اهل الله شخصيتن جي ڪلام جا گفتا سُئا ۽ ٻڌا هئا.  انهيءَ ڳالهه جو دليل هن ڳالهه مان ملي ٿو ته لطيف سائين جي رسالي ۾ کانئن اڳ جي ڪيترن ئي غيرمعروف ۽ معروف شاعرن جو ڪلام قلمبند ٿيل آهي. مثلاً ميون شاهه ڪريم، ميون شاهه عنايت وغيره، مثال طور هڪ بيت، جيڪو رسالي ۾ موجود آهي، تنهن جو ذڪر ڪرڻ مناسب ٿيندو:

جو گهڙي سوني، ڪو جو قهر ڪُلاچ ۾،

خبر ڪونه ڏي، رڇُ ڪڄاڙي رنڊيو.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تحقيق موجب، اهو بيت شيخ الشيوخ عبدالجليل، جيڪو عرف عام ۾ ”شيخ چوهڙ“ جي نالي سان سڏبو هو، ۽ روحاني فيض سببان سندس لقب ”قطب العالم“ هو، تنهن جي مجلس ۾ ”سنڌي ذاڪرن“ پڙهيو. اهو بيت شيخ چوهڙ جي ملفوظات ”تذڪرهء قطبيہ“ ۾ موجود آهي، جيڪو سن 1540ع- 1545ع مطابق 47-946/1952ع ڌاري لکيو ويو. يعني ڀٽائي صاحب جي ولادت کان اٽڪل 149 سال اڳ، اهو بيت قلمبند ٿيو، ۽ شيخ عبدالجليل جي آڏو ان کان به اڳ اهو سنڌي بيت پڙهيو.

هن وضاحت جو مقصد هيءُ آهي ته اسان لطيف سائين جي علمي، ادبي پسمنظر کي چٽو ڪريون، سندن ڄاڻ جي وضاحت ڪريون. اِهو بيت رسالي جي سُر گهاتو ۾ قلمبند ٿيل آهي، ۽ پڪ سان لطيف سائين اِهو بيت فقيرن آڏو ورجايو هوندو، جيڪو هُنن سندن سمجهي رسالي ۾ آڻي ڇڏيو.

سُر گهاتوءَ جو ذڪر آيو ته اچو ته لطيف سائين جي ڪلاچيءَ واري سفر جي اُپٽار ڪريون، لطيف سائين سامين جو سنگ ڇڏيو، پوءِ وڌيڪ مشاهدي ماڻڻ لاءِ پنهنجي سر سفر ڪيو. هُو مورڙي جي دانائيءَ ۽ بهادريءَ جي داستان کان پوريءَ طرح سان واقف هو. هيءُ داستان سنڌ جي ٻين مڙني قصن ۾ پنهنجي ڳالهه جي لحاظ کان بنهه نرالو آهي. هن قصي ۾ ماڻهن جو سامونڊي جانورن سان مقابلو آهي، ۽ سنڌ جي ملاحن جي همت، حرفت ۽ دانائيءَ جو داستان آهي. هتي قصي جي ڪن ٽاڻن جي اُپٽار ڪرڻ اجائي نه ٿيندي. ڪلاچ جو ڪُن ڪهڙي جاءِ تي هو، ان جي اڃا ڪا تصديق نه ٿي سگهي آهي، البت موجوده دور جا عالم انهيءَ ڳالهه تي متفق آهن ته ”ڪلاچي“ موجوده ”ڪراچي“ واري ڀيڻي جو نالو هو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن جي راءِ موجب ”جيڪڏهن ڪن مان مراد اونهو ۽ عميق سمنڊ وٺجي ته اهو غالباً ڪراچي کي سامهون هو.“ ڪلاچيءُ جي ڪُن ۾ هڪڙو خوني مانگر مڇ رهندو هو، جنهن جي ڊپ کان ڪوبه ٻيڙياتو ان طرف مڇيون مارڻ نه ويندو هو. نتيجو اهو ٿيو جو اها ڀيڻي بُٺ بڻجي ويئي، ۽ ٻيڙياتا ٻئي طرف واجهه وجهڻ لڳا، جيئن لطيف سائين چئي ٿو:

جتي گهاتو تيئن گهوريو، تتي واري بُٺَ،

سر سُڪا، ساقي ڳيا، سَهسين ساٽين مَٽَ،

نڪا بوءِ بازار ۾ نڪا ڇُلرَ ڇَٽَ،

جتي ڏنڀرَين جي اڳي هئي اُگهٽَ،

سي پڙ پسئو پٽ، وڃن مارو موٽئا.

مورڙي جي ڇهن ڀائرن انهيءَ مانگر مڇ کي مارڻ جو پهه ڪيو. کين گهڻو ئي روڪيائون، پر مڙس نه مڙيا. نيٺ همراهن وڃي مانگر مڇ سان مُنهن ڏنو، پر ڇهه ئي ڀائر مڇ جو کاڄ ٿي ويا، جيئن لطيف چئي ٿو:

ماڪ ڀڄائين مولهيا، مٿان رات پيئي،

اولُون اُجُهڻ لڳيون، وئڙا ونجهه وَهي،

ڪلاچيان ڪَهي، ڪڏهن ڪونه آئيو.

---

ڪالهه ڪَلاچيءَ ويا، ڇتيون کڻي ڇُڳير،

ڀائرن ڀيرو نه ڪئو، اَدن ڪي اَوير،

اهڙي خاص کير، ڪُن ورائي جهليا.

مورڙو پنهنجي ڀائرن ۾ ڪوجهو ۽ نِٻل هو، انهي  کي جڏهن پنهنجن ڇهن ڀائرن جي مرڻ جي خبر پئي تڏهن مانگر مڇ مارڻ جو پهه ڪيائين. هن کي خبر هئي ته سندس ڀائر لاشڪ سورهيه هئا، جو پنهنجي خوداعتماديءَ سان تانگا ۽ تار ڀيلي آخر وڃي ڪَلاچي جي ڪُن تي ڪاهيائون، ۽ پنهنجي همت سان هڪ ٻئي جي مدد لاءِ ڪمر ڪشي بيٺا ۽ وڃي مانگر مڇ جي مُنهن پيا، سندس انهيءَ هوڙائي سندن اَنت آندو، پر مانگر مڇ سان مقابلي لاءِ دانائيءَ جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته اُتي وڃڻ کان پوءِ ڪيترن ئي جوڌن جوانن ۽ ڪونڌر ڪُوپن جون متيون مُنجهيو وڃن: لطيف سائين پنهنجي مشاهدي جي نظر انهيءَ ڪيفيت جي هِنن لفظن ۾ وضاحت ڪئي آهي:

گهنگهر يا گهڻ ڄاڻ، موڙهي مَتِ مَهائيين،

ويا گڏجي وير ۾، پيا مُنهن مَهراڻَ،

اڳيان پويان ٽاڻ، ويا ويچارَن وسري.

مورڙو سهي سنڀري مانگر مڇ سان وڙهيو، هن اهڙو ڪَل جو ڪائو ٺهرايو، جو ان ۾ لهي اونهي عميق ۾ لٿو ۽ مانگر مڇ سان مقابلو ڪري، ان کي ختم ڪيائين. هتي هيءَ ڳالهه چوڻ اجائي نه ٿيندي ته سنڌ جي هنرمند ملاحن ۽ ميربحرن ڪافي آڳاٽو ڪاڻي جي ڪل وسيلي سمنڊ ۾ لهڻ جو تخيل پيش ڪيو. اِهو تصور اڄ حقيقي صورت ۾ دنيا جا ٽوٻا استعمال ڪن ٿا.

قصي جي انهيءَ پسمنظر کان اسان جي سداحيات شاعر لطيف چڱيءَ طرح واقف هو. انهيءَ داستان جي ڀيڻي ائين پسڻ خاطر هن هنگلاج کان پوءِ ڪَلاچي جي ڪُن جي مشاهدي لاءِ پنڌ ڪيو، ۽ جڏهن ڪَلاچيءَ جي ڪُن يا سمنڊ وٽ لطيف سائين پهتو، تڏهن سڄو داستان سندس اکين آڏو حقيقت جي صورت اختيار ڪري بيٺو. ملاحن جي اها ننڍي وَسئون جنهن جو مورڙي جي داستان ۾ ذڪر هو، اُها لطيف سائين ائين آباد ڏٺي، اتي ئي کيس هن قصي جي هڪ ٻئي ڪردار جي ڄاڻ پوي ٿي. اها هئي گهاتوئڙن جي ڀيڻ ’سِيرَهين‘ اها ڀيڻ جنهن جا ڇهه ڀائر مانگر مڇ جي بک ٿيا. جيئن لطيف چئي ٿو:

ڏهاڻي ڏِٺم ڪيترا، جنين ماريو موڪَ،

گهر ۾ گهاتوئڙن جا، مارينم ٿوڪ،

لڏي وچان لوڪ، اُونهي ويا اوهِري.

---

مُون اڌاريا مَڇَڙا، الله! گهاتُو آڻ،

ميان! مُدارن سين، مون کي، قادُر! وَجهه مَ ڪاڻ،

هَٺَ منهنجي هاڻِ، قَدرُ لڌو جن ري.

لطيف سائين پنهنجي وڏي نظر سان قصي جا ٽاڻا سمجهيا، ۽ قصي جي ٽاڻن کي حقيقت جي صورت ۾ پنهنجن بيتن ۾ سدائين لاءِ سموهي ڇڏيو. لطيف سائينءَ جي تجسس ۽ ڳولا وارو جذبو اڃا به اڳتي وڌڻ ۽ ڏسڻ جو خواهشمند رهيو. سنڌ جا داستان ۽ قصا، انهن جا ماڳ مڪان، تاريخي لحاظ کان نهايت اهم آهن، جيستائين پنهنجي نظر سان انهن جو مشاهدو نه ڪيو ويندو، تيستائين ڳالهه ۾ اهو وزن پيدا نه ٿيندو، جنهن جا اِهي داستان حقدار آهن. اهو سبب آهي حضرت شاهه صاحب پنهنجي سفر جي انتها نه ڪئي، ۽ مورڙي جي ماڳ کي نهاريندي، انهن کي ڏسندي، پُرجهندي چيائين ته:

جئن جُهڳا پائيين جهولَ ۾، ائين نه مَرن مَچَ،

سَٻَرَ ڌارِ سمنڊَ جا، ڪي رائون رڱي رَڇ،

هي ڇارون ۽ ڇڇ، اَڃان اوڙاهه آڳاهون ٿيو.

مورڙي جي ڇهن ڀائرن ۽ هڪ ڀيڻ جون ست قبرون موجوده ڪراچي شهر ۾، کڏي کان ماريپور ڏانهن ويندڙ رستي تي ۽ موجوده سرڪيولر ريلوي اسٽيشن جي سامهون، هڪ چؤسول تي، اڄ به موجود آهن، ۽ انهيءَ کان سڏ پنڌ پري، مٿي هڪ اڪيلي پٿر جي قبر ”مورڙي جي قبر“ جي نالي سان مشهور آهي. انهيءَ کانسواءِ ڪراچي جي شهر باباءِ ڀٽ ٻيٽن، توڙي ابراهيم حيدري وارن علائقن ۾ مورڙي پوٽا ملاح موجود آهن، جيڪي پاڻ کي مورڙي جو اولاد سڏائين ٿا، جيڪي ٽن ڀائرن، ڪَلاچي وارا لاڙا ۽ بندري ۾ ورهايل آهن.

موجوده ٽاڻن ۽ اهڃاڻن جي بنيادن تي اهو يقين سان چئي سگهجي ٿو ته مورڙي جو ڳوٺ مانگر مڇ سان جنگ وارو ماڳ موجوده ڪراچي شهر وارو سامونڊي ڪنارو آهي، جيڪو لطيف سائين پاڻ اچي ڏٺو، ۽ اتي جو پورو مشاهدو ڪيو.

استاد لغاري

 

 

 

 

اڇڙي ٿر جو مشهور ماڳ

شهادت گاهه عبدالرحيم گرهوڙيرحه

 

 

Text Box: استاد لغاري

 

 1- تاريخي صورتحال:

 

کپري کان اُتر طرف، 75 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي، اڇڙي ٿر جو مشهور ماڳ ”شهادت گاهه عبدالرحيم گرهوڙي“ موجود آهي، جنهن کي ”سامڀي جي مڙهي“ به ڪوٺيو وڃي ٿو.

مهاڏيَو دت گر سامي اندازاً 500 هجري ڌاري، هندستان مان هليو ۽ رُلندي رُلندي، هتي جي هڱورن وٽ آيو (1)، جتي هڪ مندر تعمير ڪرايائين ۽ پوءِ اُهو ڳوٺ آهستي آهستي وڏي آباديءَ جي صورت اختيار ڪندو ويو.

چون ٿا ته دت گرسامي ۽ مت گرياگرت گرسامي ٻه ڀائر هُئا (2) جن مهاڏيَو جي مڙهيءَ جو بنياد رکيو ۽ پوءِ جادوءَ جي زور تي، ماڻهن کي گمراهه ڪيو. سن 500 هجريءَ جي آخر کان وٺي، 1192 هجريءَ تائين، اندازاً 600 سؤ سال هيءُ ماڳ آباد رهيو، جتان آسپاس جي ننڍن وڏن ڳوٺن ۽ علائقن جا ماڻهو، پنهنجي گذر سفر لاءِ سامان خريدڻ ايندا هئا.

ناري جي ڪناري يا هاڪڙي جي ڇاڙ ڀرسان، ڪيترين ئي ذاتين، جهڙوڪِ: چانهين، درسن، راڄڙن، سمن، لُهاڻن، مُهاڻن، هڱورجن، هڱورن ۽ ٻين به بيشمار قبيلن جي اچ وڃ ۽ ڏيتي ليتي هن ئي مشهور ماڳ سان وابسته هوندي هئي. ڪُفر، بُت پرستي ۽ جادوءَ جي زور ۽ غلبي سببان، هتي جا ڪيترائي ماڻهو گمراهه ٿيڻ لڳا(3). اِنڪري، اُن گمراهيءَ کي روڪڻ ۽ دين اسلام جي سربلنديءَ خاطر، مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي رحه جي اڳواڻيءَ ۾ هتي جنگ وڙهي ويئي، جيڪا مسلمانن کٽي ۽ بعد ۾ هندو ماڻهن ۾ ڀاڄ پيئي. البت جڏهن مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيرحه کي دوکي سان شهيد ڪيو ويو ته اُن کان پوءِ، هر طرف افراتفري مچي ويئي، جنهن بعد هيءَ ماڳ آباديءَ مان ڦِري برباديءَ ۾ تبديل ٿي ويو.

2- زميني صورتحال:

هيءُ مشهور ماڳ، ضلعي خيرپور جي ڏاکڻي اڇڙي ٿر واري ڀاڱي ۾ موجود آهي. هن ماڳ کان اوڀر طرف، اندازاً 80 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي انڊيا جو بارڊر لڳي ٿو. جتان جوڌپور جو شهر ويجهو پوي ٿو. ٻُڌايو وڃي ٿو ته هِن ماڳ جو واپاري سلسلو جوڌپور ۽ ٻاهڙمير شهرن سان مُنسلڪ هوندو هو. هِن کان اتر طرف خيرپور جو شهر آهي. جيڪو اندازاً 200 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي موجود آهي. نقشي جي بيهڪ موجب، اتر طرف کان به انڊيا جو بارڊر لڳي ٿو. هِتان اوڀر ۽ اتر ٻنهيءَ طرفن کان وارياسي ڀٽن جو، ڊِرنءُ وارو سلسلو شروع ٿئي ٿو، جيڪو انتهائي خوبصورت ۽ ڏسڻ وٽان آهي. اولهه طرف تجل ۽ سوراهه جا علائقا اندازاً 100 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي موجود آهن. ڏکڻ طرف 75 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي کپري جو شهر اچي ٿو، جتان کان اڇڙي ٿر جا ماڻهو، روزمرهه جو سيڌو سامان خريد ڪري، هِن طرف جي مختلف ڳوٺن ۽ ماڳن ڏانهن موٽن ٿا.

مذڪوره شهادت گاهه واري ماڳ تي، هن وقت ٽُٽل  پٿرن، سروٽن ۽ ٺِڪرين جا ننڍا ننڍا ٽُڪرا ججهي انداز ۾ پيل آهن. آسپاس جي ڳوٺاڻن، هِن ماڳ جي پراڻي ڀِڙي تان، سوين مڻ سروٽا ۽ ٺڪريون ميڙي، پنهنجن پنهنجن گهرن، کُوهَن ۽ اوطاقن جي اوسارين ۾ ڪتب آندو آهي. هتي اڃا تائين ڪاري، ڳاڙهي، ناسي، ڀُوري ۽ پيلي رنگ جون پتليون ٺڪريون، جن کي ”ڪاغذي ٺڪريون“ به چئي سگهجي ٿو، هر هنڌ پکڙيون پيون آهن. سروٽن جي سادن ٽُڪرن سان گڏ، بِيک مرجان جهڙا کُرتُرا سروٽن جا ٽُڪرا به ملن ٿا. لسيءَ ولوڙڻ توڙي رڌ پچاءُ جي طور ڪم ايندڙ ماٽين ۽ ڪُنين جا ڳل ۽ حصا به پيل آهن. اُنهن کان سواءِ، مِٽيءَ جي ٻين پڪل ٿانون جا ڪنارا، ڳل ۽ ٽُڪرا به لڀن ٿا، جن ۾ اُکريون، ڀِرڙا، ٿوٻيون، پاٽوڙا، پاٽيون، پيالا، جنڊن جون ماتُرون، دانگيون، دِلا، دِليون، دنور، دنوريون، ڪَرا، ڪَريون، ڪُونڊا، ڪُونڊيون، گگهريون، گُگهيون، مٽ، ناديون، وٽا ۽ وٽوهڙ وغيره به شامل آهن.

پِيلي رنگ جي پٿرن جا ٽُڪرا، جن تي چٽساليءَ جا نشان چِٽا ڏسڻ ۾ اچن ٿا، اُنهن مان بُتن جي گهاڙيتي جو گُمان ٿئي ٿو. اُن کان علاوه پِيلو، ڪارو، ڀُورو، ناسي، سائو، اڇو، شفاف ۽ ڳاڙهو چلڪندڙ پٿر به عام جام لڀي ٿو. اندازو آهي ته هتي پٿر جي بُتن جي پُوڄا ٿيندي هئي. البت لڙائيءَ کان بعد ۾، اُنهن بُتن جي ڀڃ ڊاهه ڪيل ڏِسجي ٿي. سِرن پچائڻ واريون کُوريون يا بَٺيون، هِن ماڳ کان ٻه ٽي ڪلوميٽر ڏکڻ طرف، سٻوجهه فقير هڱوري جي قبرستان وٽ موجود هونديون هيون.

حيران ڪندڙ ڳالهه هيءَ به آهي ته هِتي تيز باهه جو سڙيل کنگهر تمام گهڻو پکڙيو پيو آهي. پر اُهو وزن ۾ بنهه هلڪو آهي. جيئن جِست جو سڙيل هلڪڙو کنگهر هجي. وارِيءَ جي ڪن خاص هنڌن جي کوٽائي ڪرڻ سان، هيٺان ڪاري ڇار، يعني ڪيرِي نڪري ٿي. اِن مان اندازو آهي ته شايد هن ماڳ جي ڪُجهه حصن کي باهه ڏني ويئي هجي. ڪوئلي جهڙا ڪارا ڪڻڪ جا ثابت ڪڻا به ڪيرِي مان نڪرن ٿا. ماڻهن کي هتان سچي موتين جا داڻا به مليا آهن، جن کي آرپار سوراخ نڪتل آهن. لڳي ٿو ته شايد ڪنهن هار يا سريءَ ۾ پوتل هجن. ٽامي جي ٿانون جا ٽُٽل ٽُڪرا ۽ هار سينگار ۾ ڪتب آيل ننڍا ننڍا چوڪور، ٽِڪُنڊا ۽ مستطيل ٽامي جا ٽُڪرا به هٿ اچن ٿا. هتان جيڪي سِڪا هٿ آيا آهن، اُهي ٽامي جا چوڪُنڊا ڍٻا آهن، جن تي ڪنهن ديوَ يا بُت جا نشان ٺهيل آهن.

هن برباد ٿيل ڀِڙي ۽ ماڳ جي حقيقي ۽ اصلي لکيل تاريخ ڪٿي به نه ٿي ملي. ڪنهن ڪنهن جاءِ تي رڳو هڏڙيون ۽ اُنهن مان ٺاهيل مورتين جا ٽُڪرا پيل آهن ته وري ڪنهن ٻي جاءِ تي رُڳو لوهه جا ذرڙا مِٽيءَ ۾ مليا پيا آهن. جتي مهاڏيوَ جو مندر يا مڙهي موجود هئي، اُتي سفيد چُن يا سِيڙهي سان ٺهيل مسالو، سِرن جي ٽُڪرن ۽ سروٽن کي چنبڙيل، ججهي انداز ۾ پيو آهي. هِن مسالي ۾ مضبوطي ۽ خوبصورتيءَ جي خيال سان، سنگمرمر جا چلڪندڙ ٽُڪڙا ۽ ذرڙا ملايل آهن، جيڪي اڄ به مسالي ۾ چمڪي رهيا آهن. هيءُ سفيد مسالو مندر جي تعمير ۽ اُساري ۾ ڪم آيل آهي.

هن ميسارجي ويل مندر جي ڀر ۾، ڏکڻ طرف کان، نم جو هڪ مشهور ۽ وڏو وڻ بيٺل آهي، جيڪو ڪنهن آڳاٽي ڪريل نم جي ٿُڙ مان، ٻيهر ٻه ٽي ڏارڪڍي ڦُٽي نڪتو آهي. هيءُ نم جو وڻ تمام وڏو، گهاٽو ۽ پُراڻو آهي. هن جي هيٺان مال جو ڀاڻ ججهي انداز ۾ پيل آهي، جنهن جي بدبُوءِ ۽ گندگيءَ جي ڪري، هن وڻ جي هيٺان ڪير به ويهي نٿو سگهي. البت نم جو نظارو نهايت ئي وڻندڙ ۽ من کي لُڀائيندڙ آهي.

مڙهيءَ واري ماڳ جي لڳ ڀڳ اڀرندي پاسي، پاڻيءَ جون ننڍيون ننڍيون ڍنڍون موجود آهن، جن ۾ کجين جا ساوا ۽ سُڪل وڻ موجود آهن. هنن ڍنڍن ۾، سياري جي موسم ۾، پاڻيءَ جا پکي، جهڙوڪ: آڙيون، چِيکلا ۽ نيرڳ به لهن ٿا. البت هتي ٽُٻڻيون ۽ کِنڙاٺيون ٻارهوئي موجود ٿين ٿيون. هنن ڍنڍن ۽ کجين جي وڻن کان ٿورڙو اُڀرندان، ڊِرنءُ جي وارياسي ڀٽن جو سلسلو شروع ٿئي ٿو، جيڪو هندستان تائين هليو وڃي ٿو.

3- نظرياتي صورتحال:

هتي جي ڪافي ماڻهن جو نظريو، تحقيقي بنيادن بابت متزلزل ملي ٿو. جنهن جي ٻُڌڻ سان اختلافِ راءِ جو گمان پيدا ٿئي ٿو. مثلاً اسان ڪافي ڪتابن ۾ شهيد عبدالرحيم گرهوڙي رحه جن جي ڪل عمر 40 سال پڙهي آهي. وضاحت خاطر هيٺ ڪُجهه ڪتابن جا حوالا به ڏجن ٿا.

1- ڪتاب ”فردوس العارفين“. ص 63، عمر 40 سال (4).

2- ڪتاب ”لواريءَ جا لال“، ص 46، عمر 40 سال (5).

3- ڪتاب ”ڪلام گرهوڙي“. ص 14، 48 ۽ 49، عمر 40 سال (6).

4- ڪتاب ”شرح ابيات سنڌي“ ص 76، عمر 40 سال (7).

5- ڪتاب ”شاهه جو رسالو“. ص 36، عمر 40 سال (8).

6- ڪتاب ”گرهوڙي جون پيشنگويون.“ ص 54، عمر 40 سال (9)

ليڪن هتي جا ماڻهو، گرهوڙي رحه بابت چون ٿا ته ”پاڻ 12 هين ربيع الاول، سومر جي رات، صبح جو سوير پيدا ٿيا ۽ ساڳي ربيع الاول مهيني ۾، جمعي جي ڏينهن شهادت جو رُتبو ماڻيائون. سندن عمر 63 سال هئي. گرهوڙي رحه ظاهر ۾ ته ذات جا مڱريا هئا، پر باطن ۾ اعليٰ، اُوچي ۽ مقدس ذات جا مالڪ هئا.“ (والله اعلم باصواب)

۽ ٻيو احوال هن ريت ٻُڌائين ٿا ته ”ڪربلا جي جنگ ۾، جهاد خاطر، حضرت امام حسين رضه سان 72 ماڻهو شامل هئا ته گرهوڙي رحه به هِن جنگ ۾ 72 ماڻهو آندا هئا. جيڪي ماڻهو شهيد ٿيندا ويا، ته اُنهن جون سِسيون ڌڙ کان ڌار ٿينديون، آسمان طرف اُڏامنديون ويون، اُهي جتي جتي لهنديون ويون ته اُتي اُنهن شهيدن جون درگاهون قائم ٿينديون ويون.“

اهڙيءَ ريت ٻيون به ڪيتريون ئي ڳالهيون صرف عقيدتمنديءَ جي دائري ۾ داخل ڪيل ۽ اُتان اخذ ڪيل، بيان ڪيون وڃن ٿيون. جيئن گرهوڙي رحه جي پيشنگوئي آهي. هِن پيشنگوئي ۾ به ڪي ڪي ڳالهيون اهڙيون داخل ڪيل آهن، جن جو دين اسلام سان پري پري تائين ڪو به تعلق ڪونهي. حقيقت ۾ مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي رحه دين اسلام جو وڏو عالم، مجتهد، شريعت پاڪ جو پورو پورو پابند ۽ اسلام جي خلاف هڪ ڪک به برداشت نه ڪرڻ وارو عاشقِ رسول (صلي الله عليہ وآلہ وسلم) هو. اُن عالم سڳوري ڏانهن، ڪُجهه غير منطقي ۽ غير شرعي ڳالهيون منسوب ڪرڻ، خام خيالي کان سواءِ ٻيو ڪُجهه به نه آهن.

هِن ماڳ تي ڪيترائي وقت جا وڏا وڏا عالم، مفتي سڳورا، دين اسلام جا ڄاڻو، مجاهد، متقي ۽ محقق ماڻهو به اچن ٿا. اُهي شريعت پاڪ جي دائري کان ٻاهر ٿيل ڪمن بابت منع به فرمائين ٿا، پر ماڻهن کي اُن تي عمل ڪرڻ جي همت ۽ توفيق نه ٿي ٿئي.

4- شهادت گاهه جي صورتحال:

جنهن ماڳ تي، مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيرحه شهادت نوش فرمايو هو، اُهو ماڳ ڀِٽ جِي مٿاهين بجاءِ، هيٺ تليءَ ۾ موجود آهي. اُن ماڳ تي، اُهو اصلوڪو ڪنڊي جو وڻ، جنهن جي هيٺان گرهوڙي رحه کي شهيد ڪيو ويو، سو اڄ تائين صحيح سلامت ۽ سائو ستابو بيٺو آهي ۽ ٻُور به جهلي ٿو. ڀٽائي صاحب ڪنهن اهڙي ئي ڪنڊي جي وڻ سان مخاطب ٿيندي فرمايو هو:

ڪَنڊا! ڍورَ ڌڻين جو، جي تومُئڙو سُورُ،

ته لامُنِ مَٿي ٻُورُ، هُوندَ نه چاڙهيئي هيترو. (10)

هن شهادت گاهه جي ٻاهران، ڍنگرن جو وڏو لوڙهو ڏنل آهي ۽ لوڙهي جي اندر، هڪ ننڍي ڪوٺي تعمير ڪري، شهادت گاهه واري هنڌ کي محفوظ بنايو ويو آهي. ڪوٺيءَ جي ڇت مان، ڪنڊي جو وڻ ٻاهر نڪتل آهي، جيڪو هوا ۾ لُڏي لمي ٿو. البت ڇت جو سوراخ ايترو ويڪرو آهي، جو طُوفاني هوائن لڳڻ سان به اُهو ڇت کي لڳي، اُن کي نقصان نٿو پهچائي.

شهادت گاهه جي آسپاس اڪ، ٻائُر، ٻٻر، ٻُوهه، ٻير، ديويون، سَر، سِڻهه، ڦوڳ، ڪانهن، ڪرڙ، ڪنڊا، ڪُونڀٽ، کٻڙ، کِپ، ڳُڳُر، لوا، نم ۽ ٻين به ڪيترن ئي قسمن جا ٻُوٽا، گاهه، وڻ ۽ ولين جا نمونا موجود آهن. هتي جي جر جو پاڻي مِٺو ۽ پيئڻ لائق آهي، جيڪو نلڪن يا کُوهه مان ٻوڪيءَ ذريعي حاصل ڪري سگهجي ٿو.

هِن مقالي جي پُڄاڻي، گرهوڙي رحه جي بيت سان ڪجي ٿي ته:

جوڳِي پنهنجِي جُوءِ ويا، ٿا جُهڙ جِئَن نيڻ جِهمَنِ،

سُخن سامِيئَڙنِ جا، ٿا هِينئڙي مَنجهه هُرَنِ،

سَڄو موتُ مَڱنِ، اَڌ ڪُٺا آرام لئي. (11)

حوالا:

(1) دائودپوٽو ڊاڪٽر عمر بن محمد، 1995ع، ”شمس العلماءَ“، ڪلام گرهوڙي، ڇپائيندڙ: ثقافت ۽ سياحت کاتو حڪومت سنڌ، ڇاپو ٻيو، ص 34

(2) ايضاً، ص 35

(3) ايضاً، ص 35.

(4) بلوچ خان ميرنقشبندي، 2002ع، ”فردوس العارفين“، ڇپائيندڙ: مينيجنگ ڪاميٽي جماعت لواريءَ شريف، ڇاپو پهريون،  ص 63.

(5) گربخشاڻي هوتچند مولچند ڊاڪٽر، 2007ع، ”لواريءَ جا لال“، ڇپائيندڙ: سنڌي ساهت گهر حيدرآباد سنڌ، ڇاپو پهريون، ص 46

(6) ڏسو حوالو نمبر 1، صفحا 14، 48 ۽ 49.

(7) سومرو عبدالغفار ڊاڪٽر، 2008ع، ”شرح ابيات سنڌي“، ڇپائيندڙ: انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شورو: ڇاپو پهريون، ص 76

(8) بلوچ نبي بخش خان ڊاڪٽر، 2009 ع، ”شاهه جو رسالو“، ڇپائيندڙ: ثقافت ۽ سياحت کاتو حڪومت سنڌ. ڇاپو پهريون،  ص 36

(9) شبيراحمد پروفيسر، مخدوم، 2011ع، ”گرهوڙي جون پيشنگويون“، ڇپائيندڙ: گلشن پبليڪيشن حيدرآباد، ڇاپو پهريون، ص 54

(10) گوهر عبدالغفار دائود پوٽو، ڊاڪٽر، 2009ع، ”شاهه جو رسالو“ (الف- ب وار) ڪراچي: ڇپائيندڙ: سنڌيڪا اڪيڊمي، ڇاپو ٽيون، ص 149

(11)  ڏسو حوالو نمبر 1، ص 262.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org