ڊاڪٽر
آزاد قاضي
تاريخِ بزمِ صوفياءِ سنڌ
(ٻي سنڌ ثقافتي ڪانفرنس)
بزم
صوفياءِ سنڌ جي پليٽ فارم تان ٿيندڙ ثقافتي ميڙن
جي سلسلي ۾ ٻي سنڌ ثقافتي ڪانفرنس جو پروگرام داد
شهيد، لڳ انڙ آباد تعلقو ڪوٽڙيءَ ۾ پهرين آگسٽ
1966ع تي منعقد ٿيي. جنهن جي مرحبائي تقرير درگاهه
داد شهيد جي متولي سيد يار محمد شاهه ڪئي، سندس
اها تقرير جيئن ته تاريخ جو حصو آهي، انڪري ان جو
مڪمل متن پيش ڪجي ٿو:
مرحبا ڪميٽيءَ جي چيئرمن جو خطبو:
”اوهان جمله آيل مهمانن جو داد شهيد عليہ رحمت جي
هن ماهيانه چوڏهينءَ جي موقعي تي بزم صوفياءِ سنڌ
جي ٻئي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ شڪريو ادا ڪريان ٿو.
جيئن ته سنڌ جي هڪ گوشه ۾ هن درويش جو مقبرو آهي،
انڪري ممڪن آهي ڪيترا صاحب ان جي زندگيءَ جي احوال
کان واقف نه هوندا. هن شاهه صاحب جو نالو داد محمد
شاهه بن سيد بدرالدين شاهه بن سيد سخي ابراهيم
شاهه آهي. هيءُ مٽياري سيدن جي ميان پوٽه قبيلي
مان آهي جي پوءِ سنائي سيدن جي نالي سان مشهور
ٿيا. سخي ابراهيم شاهه درويش، عالم بزرگ هو، ڄام
نظام الدين عرف ڄام نندو سنڌ جي سمي بادشاهه جي
خاص مقربن مان هو، مٽيارين مان لڏي خاڻوٺ ڳوٺ جي
ڀر ۾ اچي ويٺو هو، جتي ماڻهن جو منجهس گهڻو اعتقاد
هو ۽ ڪيترا مريد به ٿيا. نواب دريا خان وزيراعظم
ڄام نظام الدين کي هن لاءِ محبت ۽ عزت هوندي هئي.
انڪري سندس ڀر ۾ پراڻي گوپانگ اسٽيشن جي نزديڪ هڪ
قبائين جاءِ آرام گاهه طور ٺهرائي ڇڏيائين، جڏهن
به هن طرف ايندو هو ته ان ۾ رهي شاهه صاحب سان
ملاقاتون ڪندو هو. چانگ قبيلي ان ملڪ جي رهاڪن کي
نهايت تنگ ۽ غارت ڪيو هو. نواب دريا خان شاهه صاحب
جي مدد سان انهن جي طاقت ختم ڪري شاهن کي اهو ملڪ
جاگير ڪري ڏنو، جنهن جي حد آمريءَ کان هيٺ ڪانگو
نوري کان وٺي داد شهيد جي موجوده مقام تائين هئي.
سيد سخي ابراهيم شاهه کي ٻه فرزند ٿيا، هڪ سيد
بدرالدين شاهه ٻيو سيد ڌڻي ڏنو شاهه، شهيد. سيد
بدرالدين شاهه کي ست فرزند هئا:
(1) سيد ضياءالدين شاهه عرف جيو شاه اولاد سندس
سيد حيدرعليہ ۽ سيد جلال شاهه ٿيا
(2) سيد معروف شاهه سندس اولاد معروفاڻي سيد سڏجن
ٿا،
(3) سيد معزالدين شاهه عرف موج شاهه، سندس اولاد
ڀرين ڊڀري ۽ موره وارا سيد،
(4) سيد حاجن شاهه سندس اولاد حاجيجا سيد آهن،
(5) سيد داد شهيد جنهن شادي نه ڪئي ۽ درويش رهيو،
(6) سيد ڌڻي ڏنو شاهه جنهن جو اولاد خانوٺ، ڪوٽڙي،
نوابشاهه، لس ٻيلو وارا سيد آهن،
(7) سيد جهنڊو شاهه لاولد دفن مڪلي.
سيد داد محمد شاهه جي شهادت بابت هيٺيون احوال
معلوم ٿي سگهيو آهي، باوجود جاگير ۽ ملڪيت جي هُن
سندس والد کي چيو ته، نه هو شادي ڪندو نه دنياوي
ڪاروبار ڪندو، جهنگ ۾ تنها يادِ خدا ۾ مشغول هوندو
هو. ماڻهو دعا وغيره لاءِ وٽس گهڻا ايندا هئا،
هيءُ انهي آزار کان ته ڀڳو هو، نوجوان، شڪل جو
خوبصورت، پرهيزگار هئڻ ڪري هن جي شهرت وڌي. هڪ
عورت دعا گهرڻ آئي ڏسندي شاهه صاحب تي مفتون ٿي
پيئي ۽ وقت بوقت دعا گهرڻ لاءِ اچڻ لڳي شاهه صاحب
تنگ ٿي کيس چيو ته: ”مائي آئون تنهائيءَ ۾ رهڻ
گهران ٿو مهرباني ڪري مون وٽ نه اچ“. عورت کيس چيو
ته: ”آءٌ سائينجن جي خدمت ۾ رهڻ گهران ٿي“، هن
جواب ڏنو ته: ”آءٌ ڪنهن جي خدمت نٿو گهران.“ ان تي
اها عورت انتهائي جذبي هيٺ اچي، سندس مرد کي، جو
چور رهزن هو، سيد برخلاف ڪوڙيون ڳالهيون ٻڌائي،
غصو ڏيارڻ لڳي، ته هو مٿس عاشق ٿي پيو آهي. جيئن
ته هُو فقير درويش ماڻهو هو، ممڪن هو. هوءَ ان جي
چنبي ۾ ڦاسي وڃي انڪري منهنجي سلامتي چاهين ته هن
کي قتل ڪري ڇڏ. چانگن کي اڳي نواب دريا خان سيدن
جي مدد سان ڪافي نقصان پهچايو هو، انڪري هن کي
انتقامي جذبو اڳيئي هو سو هن سيد کي شهيد ڪري
ڇڏيو.
اوهان مان ڪيترن کي شايد خبر نه هجي ته هن سيد جو
ڀائيٽو سيد حيدر مخدوم بلاول جو مريد هو. اهي سڀ
قوم پرست سنڌي هئا ۽ دريا خان جا حامي ۽ مددگار
هئا. جنهن سنڌ جي بهادر جي، سنڌ لاءِ قربانين کان
هرڪو تاريخدان واقف آهي.
ان زماني ۾ سيد محمد ميران جونپوري پيدا ٿيو، جو
پاڻ کي محمدي سڏائڻ لڳو، اوهان کي خبر هوندي ته
محمدين جا مکيه اصول هيٺيان ٿين ٿا:
(1) وقت ٿي ويو هو هاڻ ساري دنيا تي اسلام جو غلبو
ڪيو وڃي.
(2) انهي مقصد جي حصول لاءِ جنهن ماڻهو جي ضرورت
هئي ته مسلمانن کي گڏي هڪ جهنڊي هيٺ آڻي اسلام جي
پکيڙڻ لاءِ جهاد شروع ڪندو. اهو ميان محمد ميران
شاهه جونپوري پيدا ٿي ويو هو.
(3) تنهنڪري هر مسلمان استاد، عالم، درويش، غريب
کي سندس هٿ هيٺ بعيت ڪري جهاد لاءِ تيار رهڻو هو.
(4) غلبه اسلام جي طلب ۽ معنيٰ اها هئي ته جتي ڪٿي
اسلامي حڪومت ٿيڻي هئي، دين اسلام جو شريعتي راڄ
جاري ڪرڻو هو، غير مسلمان کي زوريءَ مسلمان ڪرڻو
هو.
اهو دم گهڻن هنڌ مجذوب، جارحيت پسند ملائن، ۽
ائڊونچرس ماڻهن اڪثر هنيو آهي، جنهن موجب اسلام جي
نالي ۾ هزارها ماڻهن جا رت هاريا ويا هئا، ۽ جيئن
ته اهو نهرو روحِ اسلام واري امن پسند جي خلاف هو،
انڪري اهو ناڪامياب ٿيو هو. اڪثر صوفياءِ ڪرام ان
کي غلط سمجهي مخالفت ڪئي هئي.
هنن جي خيال ۾ جهاد اڪبر اندر اجارڻ ۽ تاليف قلوب
ڪرڻ هو، نه انسان جو مذهب جي نالي ۾ رت هارڻ هو.
چوندا هئا:
دل بدست آرکه جو اجداست از هزارن ڪعبه يک دل بهتر
ست
ان مان نواب دريا خان جهڙي دانشمند اعليٰ
سياستدان، مخدوم بلاول، سيد حيدر، سيد عبدالرزاق
شاهه لڪياري وارن کي فوجي انتشار ۾ خطرو محسوس
ٿيو. تنهنڪري انهن گڏجي مشورو ڪيو ته انهيءَ سازش
جي مخالفت ڪجي، ڄام نظام الدين ته مهمان نوازيءَ
جا فرض بجا آڻي شاهه صاحب کي سنڌ ڇڏڻ جي صلاح ڏني،
ليڪن باوجود ان جي هُو ٻيڙين جو قافلو ڪري ان ۾
چڙهي اسلام جي نالي ۾ تبليغ ڪندو ۽ بيعت وٺندو
ويو. ان کي ختم ڪرڻ لاءِ صلاح ٿي ته، سيد جي ٻيڙين
کي ٻوڙي مجبور ڪجي ته ڀڄي سنڌ ڇڏي وڃي. ان لاءِ
سيد حيدر کي منتخب ڪيو ويو، جڏهن سيد ميران جونپري
سن جي ڀر ۾ آيو ته بعيت جي تقاضا ڪيائين، سندس
ٻيڙين تي حملو ڪرائي، انهن کي ٻوڙائي مجبور ڪيو
ويو ته جيئن سنڌ ڇڏي ڀڄي وڃي. هتان وڃي هن فرات
افغانستان ۾ وفات ڪئي، چوڻ ۾ اچي ٿو ته شاهه بيگ
ارغون ان جو مريد هو، جڏهن ڄام نظام الدين وفات
ڪئي ۽ ڄام فيروز عياشي شروع ڪئي ۽ مڪاني سردارن
سان رابطا قائم رکي نه سگهيو، نواب دريا خان کي
ناراض ٿيڻ تي مجبور ڪيائين، پٺاڻن کي پاڻ وٽ
نوڪريءَ ۾ رکيائين قاضي قاضن جو ميران محمد شاهه
جو مريد هو تنهن کي پاڻ وٽ وٽ مقرب ڪيائين، نتيجو
اهو نڪتو ته جلد شاهه بيگ ارغون اچي ملڪ فتح ڪيو،
جنهن جي فرزند شاهه حسن مخدوم بلاول کي سرڪاري ملن
کان فتويٰ وٺي گهاڻي ۾ پيڙائي ڇڏيو، سيد حيدر کي
حال هجرت ڪري ڪڇ طرف وڃڻو پيو، حالتون سازگار ٿيڻ
تي سنڌ موٽي آيو. سنڌ ۾ مذهب جي نالي کي استعمال
ڪرڻ جي اها پهرين مخالفت هئي جا سنڌ جي درويشن ۽
نواب دريا خان طرفان ٿي هئي.
اڳي سمن جا ڪڇ جي جاڙيجن راجائن ۽ ڪاٺياواڙ جي
هندو حاڪمن ۽ سوڍن سان تعلقات هئا، سي سندن لاءِ
هميشه لڙندا هئا، هيءَ تحريڪ اهڙي هئي جنهنڪري
هندو مسلمانن ۾ نفاق پوڻ جو امڪان هو، انڪري ئي
پوءِ اورنگزيب ته حال تلوار جي زور سان ملڪ تي
قبضو ڪيو، پر مغلن جي حڪومت جي پاڙ هميشه لاءِ
پٽجي ويئي. ساڳي طرح ڪٽرپڻي جي تحريڪ ڪلهوڙن جي
ڏينهنِ ۾ هلي هئي، جنهن جي مخالفت شاهه شهيد
عنايت، ۽ ٻين درويشن ڪئي.
اهڙيون تحريڪون خودغرض ماڻهو وقت ضرورت جاري ڪن
ٿا، جن مان قومي شيرازي ۽ ملڪي امن کي نقصان پهچي
ٿو، اسان کي ان کان خبردار رهي، سياست کي مذهب کان
علحده رکڻو آهي. هيءَ درگاهه انهن بزرگن جو آستان
آهي جن هرهنڌ پرين پسيو ٿي نفاق، ٻيائي، ڪٽرپڻو
انهن وٽ ڪونه هو. انهن ڪلمات سان، هتي اچڻ تي هڪ
ڀيرو وري اوهان کي خوش آمديد ڪريان ٿو.“
(بزمِ صوفياءِ سنڌ فائيل جي.ايم.سيد لائبرري)
درگاهه جي متولي سيد يار محمد شاهه جي مرحبائي
تقرير کان پوءِ بزم جي روح روان جناب جي.ايم.سيد
کي افتتاحي خطبي لاءِ سڏيو ويو. هن موقعي تي پڙهيل
سندن خطبو اعليٰ شيرازي ٺٽي ۾ پيش ڪيل پهرئين خطبي
جو تسلسل هو. بزم صوفياءِ سنڌ واري ان پهرين
ڪانفرنس ۾ پڙهيل خطبو عام تعارف وارو هو، جنهن ۾
زندگيءَ سان وابسته مختلف صيغن جي سمجهاڻي ڏيئي،
انهن بابت ڪجهه ڳالهيون پنهنجي مقصد واري خيال
موجب بيان ڪيون ويون هيون ۽ انهن طرف عام و خاص جو
ڌيان ڇڪائي، ڪجهه بنيادي نوعيت واريون رِٿون منظور
ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي هئي، بزمِ جي سموري
رٿابندي ۽ بنيادي فڪر جي ڦهلاءَ جي سلسلي ۾ هن ٻي
ثقافتي ڪانفرنس کان شروعات ڪئي ويئي.
بزمِ صوفياء سنڌ وارين ڪانفرنسن جو جيئن ته سائين
جي.ايم.سيد جي نظر ۾ وسيع مفهوم ۽ مقصد هو، انڪري
پاڻ ان جي نالي کي به ان ئي مفهوم واري حوالي سان
اوتروئي وسيع انداز ۾ پئي سوچيو، جنهن جو اظهار هن
ٻي سنڌ ثقافتي ڪانفرنس داد شهيد ٻڍاپور واري
پروگرام ۾ پيش ڪيل خطبي ۾ هنن جملن سان ڪيائون:
”منهنجي نظر ۾ طريقت، تصوف ۽ ڪلچر هڪ ئي شيءِ جا
جدا جدا نالا آهن، تنهنڪري اسان هنن مجلسن کي بعضي
’بزم صوفياءِ سنڌ‘، بعضيٰ ’ڪلچرل‘ بعضي ’روح رهاڻ‘
جي نالن سان منسوب ڪريون ته مغالطي ۾ نه پوڻ
گهرجي.“ (سيد، 1975ع، ص 25)
اهو جيئن ته بزم واري پروگرام جي پکيڙ جو شروعاتي
دور هو، ۽ سوا مهيني اندر هيءَ ٻي ثقافتي ڪانفرنس
ٿي رهي هئي، انڪري سيد صاحب هن ڪانفرنس ۾ جيڪو
خطبو پڙهيو، ان ۾ پهرئين خطبي ۾ پيش ڪيل ڪن سماجي
نقطن جي بنيادي مقصد جي ورجاءَ ڪرڻ ۽ ان سموري
مسئلي کي تجرباً جي روشنيءَ ۾ زياده ڪارآمد ۽
ڪارگر بنائڻ لاءِ نئين سر غور ڪري، سيد صاحب بزمِ
صوفياءِ سنڌ تحريڪ جا مقصد ۽ مرادون هن ريت طئه
ڪيا:
1.
اهي ڪانفرنسون قومي خامين ۽ ڪوتاهين جي درستيءَ ۽
اصلاح لاءِ سڏايون وڃن. انهن کي محض حاضرين مجلس
جي تفريح طبع، مختلف قسم جي اديبن جي زورِ قلم جي
اظهار يا سستي شهرت حاصل ڪرڻ ۽ ڪن مکيه ماڻهن جي
نمائش لاءِ ڪتب نه آندو وڃي.
2.
جن درگاهن تي ڪانفرنسون سڏايون وڃن، انهن جي بزرگن
۽ درگاهن کي قومي اخلاق جي درستيءَ ۽ نفسياتي
(روحاني) اصلاح جا پيغام رسان ۽ ذريعا ڪري ورتو
وڃي ۽ نه بذات خود مقصد ۽ مرادون.
3.
جن درگاهن جا سجاده نشين سياسي اقتدار ۽ دنياوي
جاهه و جلال جي حصول ۾ ڦاٿل هجن، انهن کان جيترو
ٿي سگهي، اوترو گوشو ڪجي.“ (سيد، 1975ع، ص 17-18)
مٿي ذڪر ڪيل بنيادي نوعيت وارين وضاحتن کان پوءِ،
سيد صاحب هن خطبي ۾، ان ڳالهه جو واضح طور تي
اظهار ڪيو ته:
”اسان جي قومي تنزل ۽ ڪمزوريءَ جو مکيه سبب هيٺيون
چار ڳالهيون نظر آيون آهن:
1- خود مطلبي ۽ خوديءَ جو پرچار
2- قومي شعور جي عدم موجودگي
3- نفرت ۽ نفاق جي موجودگي ۽
4- بزدلي ۽ بي غيرتي
اسان کي پنهنجي ڪلچرل ڪانفرنس ۾ قوم مان انهن
خامين کي دور ڪرڻ لاءِ ڪم ڪرڻو آهي.“ (سيد، 1975ع،
ص 18)
سيد صاحب مٿي ذڪر ڪيل قومي مرضن جي رڳو نشاندهي
ڪونه ٿو ڪري، پر پاڻ هڪ جراح ويڄ وانگر تفصيلي جاچ
پڙتال ڪري، قوم جي مختلف طبقن ۾ گهر ڪري ويل انهن
مرضن جو علاج پڻ ڳولڻ جو اظهار ڪري ٿو:
”اسان کي پنهنجي ڪلچرل ڪانفرنسن ۾ قوم مان انهن
خامين کي دور ڪرڻ لاءِ ڪم ڪرڻو آهي. اهي مقصد تڏهن
حاصل ٿي سگهندا، جڏهن اسان انهن مرضن جي دور ڪرڻ
لاءِ ڪي علاج ڳولي لهون ۽ انهن کي انهن بيمارين جي
دور ڪرڻ لاءِ ڪم آڻيون.“ (سيد، 1975ع، ص 18)
ان حوالي سان سيد طرفان قوم کي هيٺين چئن حصن ۾
ورهائي، انهن جي مرضن جو علاج ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي
ويئي آهي. (1) غريب عوام، (2) زميندار ۽ وڏو
ماڻهو، (3) ڪامورو، (4) تاجر ۽ ڪارخانيدار.
مٿي ذڪر ڪيل گروهن مان هرهڪ جو معيار زندگي مختلف
آهي. انڪري انهن جا مسئلا به ڌار ڌار آهن، پر
مجموعي طور تي ساڳي مرض ۾ مبتلا آهن، جيڪو قومي
تنزل ۽ تباهيءَ جو ڪارڻ بڻجي ٿو. ڇاڪاڻ ته ان مرض
۾ متبلا هئڻ ڪري، اهي قومي مفاد بابت ويچارڻ
بجاءِ، شخصي مفاد لاءِ سرگردان رهن ٿا.
غريب عوام:
غريب عوام سان روزمره ۾ جيڪي بک بيروزگاري ۽ چوري
چڪاريءَ وارا مسئلا ڪارفرما آهن، جن مان ڇوٽڪاري
واري حوالي سان، اهي زميندارن ۽ سرڪاري عملدارن
ڏانهن اميد ڀرين نظرن سان واجهائيندا ۽ هٿ پير
هڻندا رهن ٿا. پر غور ڪري ڏسبو ته مٿي ذڪر ڪيل
مرضن ۾ مبتلا هئڻ ڪري، اهي به سندن مددگار ٿي نه
ٿا سگهن. بلڪ پنهنجي پيٽ ڀرڻ ۽ مٿين کي راضي رکڻ
لاءِ، عوام آواز وارو ڪردار ادا ڪندا رهن ٿا.
ڇاڪاڻ ته اهي به ساڳين ئي مرضن ۾ مبتلا آهن. انهن
۾ فرق رڳو درجي
(Class)
وارو آهي.
زميندار ۽ وڏو ماڻهو:
غريب عوام جنهن طبقي ۾ سهڪار ۽ تعاون واري اميد
رکي ٿو ۽ ان جو راڄ ٿي پيو هلي اهو پنهنجي ٺٺ
ٺانگر، رعب تاب برقرار رکڻ ۽ پاڙي واري زميندار تي
رعب وهارڻ جهڙين خسيس خواهشن ۽ غرضن جي حاصلات
لاءِ حڪمرانن جي خوشامند ۾ پورو هوندو آهي. ڇاڪاڻ
ته بقول سيد:
”هن ڪلاس کي اڃان هيءُ احساس نه ٿيو آهي، يا جي
ٿيو آهي ته خود مطلبي ۽ بزدلي کين ان کي قبولڻ جي
اجازت نه ٿيون ڏين، ته شخصي عزت، اقتدار ۽ ملڪيت،
قومي اقتدار، عزت ۽ فرخنده حاليءَ کان سواءِ بيسود
آهي.“ (سيد، 1975ع، ص 20)
ڪامورو:
ڪامورو ڪلاس ڪمائيءَ واري ڪرسي ماڻي، مال ميڙڻ
خاطر هر ڪُڌي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار رهي ٿو. هُو حق
ناحق واري فرق کان بغير حڪمرانن جي مفادن جي
پورائي لاءِ هٿيار ٿي ڪم ايندو رهي ٿو. جنهن ۾
سندس خود مطلبي ۽ خود غرضيءَ واري سوچ جو وڏو عمل
دخل آهي.
ڪارخانيدار ۽ واپار:
هن گروهه کي جيئن ته ’ٻن مان ٻارهن‘ ۽ ’پنجن مان
پندرهن‘ ڪرڻ جو شوق دامنگير رهي ٿو. انڪري سندن
سڄي ڊوڙ ان جي حاصلات طرف آهي. اها خودمطلبي ۽
خودغرضيءَ واري سوچ قومي شعور جي عدم موجودگيءَ
سبب آهي، جنهنڪري قومي مفادن ڏانهن ڪو توجهه ئي نه
ٿو ڏئي.
سنڌ جو وڏيرو، ڪامور ۽ ڪارخانيدار جيڪي ڪجهه ڪري
رهيو آهي. سندس ان عمل سان مجموعي طرح ڪيترو قومي
نقصان ٿئي ٿو. ان طرف انهن مان ڪنهن جو ڌيان
ڪونهي. ڇاڪاڻ ته قومي وجود ۾ پيدا ٿيل بيمارين
(جيڪي غلاميءَ جو ڪارڻ ٿين ٿيون) طرف ڪوئي به ڌيان
نه ٿو ڏئي. اهو سڀ خودمطلبي ۽ خود غرضيءَ سبب قومي
شعور پيدا نه ٿيڻ جو نتيجو آهي. جو هرڪو پنهنجيءَ
۾ پورو رهي ٿو. ورنه جيڪڏهن قوم جي اهنجن، عذابن ۽
قومي برباديءَ طرف ڌيان هجي ته ڀٽائي جي بقول:
پيو جن پرو گنجي ڏونگر گام جو،
ڇڏي کيٽ کرو، لوچي لاهوتي ٿيا.
ان مرض جي علاج طرف اشارو ڪندي سائين جي.ايم.سيد
لکي ٿو:
”هر فرد پنهنجي وجود کي قومي وجود ۾ فنا ڪرڻ لاءِ
تيار ٿي وڃي… قومي مفاد
کي شخصي مفاد تي ترجيح ڏجي. فرد جي قومي وجود کان
علحده هستي ٿي نه ٿي سگهي.“ (سيد، 1975ع ص 21)
نفرت ۽ نفاق:
قومن ۾ جڏهن خود مطلبيءَ ڪارڻ نفرت ۽ نفاق پيدا
ٿئي ٿو ته قوم جو شيرازو پرزا پرزا ٿيو وڃي. انڪري
نبض شناس رهنمائن نفرت ۽ نفاق ختم ڪرائڻ وارن
بنيادي ڪارڻن طرف اشارا ڪيا آهن. ان سلسلي ۾ سائين
جي.ايم.سيد نفاق جا هيٺيان ٽي ڪارڻ بيان ڪيا آهن:
”(1) مذهب جي غلط تشريح، (2) شخصي ۽ طبقاتي چٽا
ڀيٽيون، (3) فسطائي نظريا.“ (سيد، 1975ع ص 22)
غور ڪري ڏسبو ته مذهبي تفرقي بازي، ذاتي ۽ طبقاتي
اوچ نيچ واري حوالي سان گروهه بنديون توڙي فرسوده
قومي ۽ بين الاقوامي نظرين وارو ٽڪراءُ ئي نفرت ۽
نفاق کي وڌائي ٿو، جن جي اثرن کان بچڻ جي سيد بار
بار تلقين ڪري ٿو.
بزدلي ۽ بي غيرتي:
اتحاد ۽ اتفاق ۾ وڏي طاقت آهي. اتفاق همت ۽ بهادري
پيدا ڪرائي ٿو. مٿي ذڪر ڪيل سببن جي ڪري، جڏهن
نفرت ۽ نفاق سبب قومي شيرازو پرزا پرزا ٿيو وڃي،
قوم ۾ اتحاد نه ٿو رهي، تڏهن ڪڻو ڪڻو ٿيل قوم ۾
بزدلي (حاڪمن کان ڊڄڻ) بي غيرتي (قومي نقصان ٿيندو
ڏسي ڪجهه نه ڪڇڻ) وارا لاڙا جنم وٺن ٿا. اهڙي
صورتحال کي نظر ۾ رکندي سيد صاحب چوي ٿو:
”اسان کي هنن مجلسن ذريعي انهن (لاڙن) کي دور ڪرڻ
لاءِ ايثار، قرباني، قومي غيرت ۽ حميت جو مادو
پيدا ڪرڻو آهي.“ (سيد، 1975ع، ص 23)
سيد اهڙين ڪانفرنسن ۾ ڪهڙي قسم جي مواد پيش ڪرڻ جو
متمني هو، ۽ ڪهڙي قسم جي ماڻهن کان قوم کي پري رهڻ
ضروري پيو سمجهي (ابراهيم خليل ۽ ڪمپني) ان ڳالهه
طرف اشارو ڪندي واضح لفظن ۾ چوي ٿو:
”هيءَ ڳالهه سمجهي ڇڏڻ گهرجي، ته جيڪي اديب رڳو
ادبي موشگافين يا شاعريءَ جي شمع ۽ پرواني، ساقي ۽
ميخاني، گل ۽ بلبل وغيره جي رسمي ۽ بي معنيٰ قافيه
پئماني ۾ محو رهڻ گهرن ٿا، يا رڳو پنهنجي علم ۽
عقل جي لفظي بغاغن سان ڀريل مقالا لکڻ ۽ پڙهڻ گهرن
ٿا تن لاءِ هي مجلسون موزون جڳهون نه ٿينديون.
جان وڍيو هئين ته ويهه، نا ته وٺيو واٽ وونءُ تون.
هيءُ تنين جو ڏيهه،
ڪاتي جنين هٿ ۾.“ (سيد، 1975ع، ص 24)
سيد صاحب اهڙي نوعيت واري عياشيانه ۽ تفريحي لکڻين
جي زوردار مخالفت ڪندي واضح لفظن ۾ ان ڳالهه جو
اظهار ڪيو ته:
”جيڪي شاعر رڳو بيمار قسم جي عشق عاشقيءَ جي
داستان سرائي يا محض قافيي ۽ رديف جي قابليت
ڏيکارڻ لاءِ هنن ڪانفرنسن جي مشاعرن ۾ اچڻ گهرجن
ٿا. انهن کي ادب سان عرض ڪبو ته، يا ته پنهنجو
روايتي طور طريقو بدلائين يا پنهنجي گوهر افشانيءَ
لاءِ مناسب ۽ موزون پليٽفارم ڳولي هٿ ڪن.“
سيد صاحب بزم صوفيائي سنڌ وارن مقصدن ۽ مرادن بابت
ڏنل سمجهاڻيءَ طرف اشارو ڪندي شاعرن کي به آگاهه
ڪري پيو ته:
”هتي شعر مٿي ذڪر ڪيل مقصدن جي تبليغ ۽ اشاعت لاءِ
ئي چوڻو آهي، ڇاڪاڻ ته هي مجلسون اتحاد، امن ۽
ترقي ۽ سنڌ جي ڀلائيءَ لاءِ هڪ مشن، هڪ تحريڪ جو
ڪم ڏيڻ لاءِ ڪوٺايون وڃن ٿيون نه سڌڙين جي سڌن
پوري ڪرڻ ۽ کين مشهوري حاصل ڪرڻ جي موقعي ڏيڻ
واسطي.“ (سيد، 1975ع، ص 24)
راڳ روح جي غذا هوندي آهي، جنهن کي وقتي وندر ۽
ذهني تفريح لاءِ پڻ ڪارگر تصور ڪيو ويندو آهي،
سائين جي.ايم.سيد به راڳ پنهنجي محفلن جو مکيه جزو
تصور ڪندو هو، پر ان جي مقصد واري حوالي سان سيد
جو جداگانه خيال هئو. انڪري بزم وارين محفلن ۾
شامل ٿيندڙ عالمن، اديبن شاعرن توڙي عام ماڻهن جو
پنهنجي ان بنيادي مقصد ڏانهن ڌيان ڇڪائيندي، ان
ڳالهه کان آگاهه ڪري ٿو ته:
”راڳ، سرود بيشڪ روح جي راحت ۽ تن جي طراوت آهي،
پر جي صاحب صرف ان جي تفريح طبع لاءِ ٻڌڻ گهرن ٿا،
تن لاءِ سئنيمائون، ريڊيا، گراموفون، خانگي مجلسون
زياده ڪارآمد ٿي سگهن ٿيون. هتي راڳ کي خودي
کانئڻ، حب الوطني پيدا ڪرڻ، قوم شناسيءَ محبت جي
پيام، ايثار ۽ قربانيءَ جي تعليم ڏيڻ لاءِ ٻڌايو
ويندو.“ (سيد، 1975ع، ص 24)
اسان جا اديب جيڪي مذهبي، سياسي ۽ ذاتي حوالن سان
مختلف گروهن ۾ ورهايا پيا هئا، انهن کي پڻ آگاهه
ڪيو ويو ته:
”اسان جي اديبن مان جي مذهبي فرقي بنديءَ، سياسي
پارٽي بازيءَ، خودمطلبيءَ ۽ طبقاتي مفاد جي نقطي
نگاهه کان نفرت ۽ نفاق ڦهلائڻ گهرن ٿا، تن کي
پنهنجي لاءِ جدا مرغ زار ڳولي لهڻ گهرجي.“ (سيد،
1975ع، ص 24)
ساڳي ئي مقصد جي مدِنظر نوجوانن کي آگاهه ڪيو ويو
ته:
”اسان جي نوجوانن مان ٺلي زلف جي بند جي شوقينن کي
هتي گهٽ لطف ايندو.“
سنڌ جي مٿي ذڪر ڪيل مڙني گروهن کي اجاين تصوراتي
معاملن ۾ پوڻ کان پاسي ڪرڻ، مقصديت واري واٽ وٺي
سماج جو ڪارگر فرد ٿي ڪم ڪرڻ لاءِ، سيد هر گروهه
کي ڌار ڌار نصيحت واريون ڳالهيون ڏسي ٿو، ٻئي طرف
پاڻ پيرن جي درگاهن تي ميڙا پيو مچائي، تڏهن ترقي
پسند روشن خيالن فردن جي ذهنن ۾ خدشا پيدا ٿيڻ
واري امڪان جي مدِنظر سيد صاحب واضح ڪيو ته:
”اسان هنن مرڪزن تي پير پرستي، رجعت پسندي، نفرت
پيدا ڪرڻ، ذاتي عزت ۽ وقار جي پرچار ۽ تبليغ لاءِ
ڪونه گڏ ٿي رهيا آهيون، بلڪ ماڻهن جي اصلاحِ نفس،
اخلاقي سڌاري، قوم شناسي، حب الوطنيءَ، خوديءَ جي
کانئڻ، انساني اتحاد، امن ۽ ترقيءَ لاءِ گڏ ٿيون
ٿا.“ (سيد، 1975ع، ص 24)
مٿي ذڪر ٿي آيو آهي ته سائين جي.ايم.سيد طريقت،
تصوف ۽ ڪلچر کي ساڳي هڪ ئي شيءِ جي مختلف نالن طور
ظاهر ڪري ٿو. پاڻ جڏهن اهڙو ذڪر ڪري ٿو، تڏهن ان
جي اصطلاحن واري معنيٰ ۽ مفهوم کي پڻ ان انداز سان
بيان ڪري ٿو. جيئن پاڻ لکيو اٿس:
”هن وقت تائين اسان وٽ طريقت جي معنيٰ خوديءَ کي
کانئڻ، پاڻ سڃاڻڻ، دوئيءَ کي ڪڍڻ، دنيا تي آخرت کي
ترجيح ڏيڻ ۽ حب الوطني، اصلاحِ نفس ۽ درستگي اخلاق
پئي ڪئي آهي. جيڪڏهن ان جي ڀيٽ ڪلچرل ترقيءَ سان
ڪنداسين، ته ان جي معنيٰ به ساڳي نڪرندي. جا اهل
طريقت وارن پئي ڪڍي آهي. صرف طريقي ڪار ۽ تشريح ۾
جديد زماني جي جديد لفظن ڪري ٿورو تفاوت ڏسڻ ۾
ايندو.“ (سيد، 1975ع، ص 25)
جديد زماني جي تقاضائن موجب، نون لفظن ڪري، ڪلچرل
ترقيءَ سبب انهن اصطلاحن جي مفهوم ۾ ڪهڙو فرق آيو
آهي، ان بابت سمجهاڻي ڏيندي، سيد صاحب لکي ٿو ته
ڪلچرل نقطه نگاهه کان:
-
”خوديءَ کي کائڻ، جي معنيٰ اها ٿيندي ته فرد
پنهنجي شخصي نفعي کي قومي مفاد ۾ سمائي ڇڏي.
-
’پاڻ سڃاڻڻ‘ جي معنيٰ اها ٿيندي ته فرد يا قطري جي
جداگانه هستي، قوم ۽ دريا ۾ سمائجڻ کان سواءِ ڪجهه
به نه آهي.
-
’خودشناسي‘ ۽ ’قوم شناسي‘ هم معنيٰ ڳالهيون آهن.
-
’دوئي کي ڪڍڻ‘ جي معنيٰ اها ٿيندي ته جا ڳالهه
انساني اتحاد کي ٽوڙي، نفاق ۽ نفرت پيدا ڪري،
بدامني پيدا ڪندي، سا دوئي يا ٻيائي هوندي، پوءِ
اها ڳالهه ڇونه مذهب، وطن، طبقاتي مفاد،
پرهيزگاريءَ ۽ تقويٰ جي نالي ۾ بيان ڪئي وڃي.
-
’دنيا تي آخرت کي ترجيح ڏيڻ‘ جي ڪلچرل زبان ۾ اها
معنيٰ ٿيندي ته عارضي ۽ ترت نفعي تي دائمي ۽
آئيندي جي مفاد کي ترجيح ڏجي.“ (سيد، 1975ع، ص 25)
مٿين نوعيت واري سمجهاڻي ڏيڻ کان پوءِ حب الوطني
واري حوالي سان جيڪي تصوراتي قسم جا مفروضا، اهل
طريقت وارن جي حوالي سان وقتاً کان مروج هئا، سيد
صاحب انهن بابت عالمانه انداز ۾ ذڪر ڪندي چيو ته:
”حب الوطنيءَ کي اهل طريقت ايمان جو جزو پئي
سمجهيو آهي. ليڪن ڪن ماڻهن اُن جي معنيٰ اها پئي
ڪئي آهي ته هيءُ فصل عارضي ۽ فاني آهي، اصل وطن
عالمِ ارواح آهي، تنهن ڪري، درويش جڏهن وطن جو
نالو ورتو آهي، ته اُن مان ’مُلڪي محبت ڇڏڻ‘ جي
معنيٰ نڪري نه ٿي سگهي.“ (سيد، 1975ع، ص 26)
سيد صاحب مٿي ذڪر ڪيل تصور بابت رد ڏيندي لکي ٿو:
”اُن کي هروڀرو اڪيلي ۽ اصل معنيٰ سمجهڻ حقيقتن جي
خلاف ٿيندو. انسان، جسم ۽ روح جو مرڪب آهي. جسمي
شين کي صوفين مجاز سڏيو آهي ۽ روح کي حقيقت سمجهيو
آهي، پر ساڳين صوفين اهو به چيو آهي ته: ”المجاز
قنطرت الحقيقت“ مجاز حقيقت تي پهچڻ جي پل آهي.“
(سيد، 1975ع، ص 26)
مٿي ذڪر ڪيل عالمانه سمجهاڻي ڏيڻ کانسواءِ سيد
صاحب سامعين کي سواله سمجهاڻي ڏيندي اظهار ڪيو ته:
”ذرا غور ڪري ڏسندا ته پتو پئجي ويندو ته جنهن وطن
۾ ماڻهو ڄائو نپنو هجي، جتي سندس عزيز دوست پکا
پکن سان اڏيو ويٺا هجن، جتي مٽ مائٽ دفن ٿيل هجن،
جنهن زمين مان کيس کاڌو، ڪپڙو ۽ اجهو ملندو هجي،
ان جي محبت نه رکڻ ڪيتري قدر جائز ٿي سگهي ٿو.“
(سيد، 1975ع، ص 26)
وطن سان محبت واري حوالي سان مٿيون مثال ڏيڻ کان
پوءِ ان جي مخالفت ڪرڻ وارن جو ذڪر ڪندي سيد صاحب
ترش انداز ۾ ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ته:
”صرف جاهل، بي ايمان ۽ بي غيرت اهڙي ڳالهه ڪري
سگهن ٿا، پوءِ انهن جا پوئلڳ اهڙي پرچار ڪندڙن کي
ڪهڙي به لقب سان ياد ڪندا رهن.“ (سيد، 1975ع، ص
26)
ان دور ۾ هڪ مخالف گروهه پاران وطن پرستيءَ کي پت
پرستيءَ سان تعبير ڪيو پئي ويو، انڪري سيد صاحب
آخر ۾ واضح ڪيو ته:
”وطن کي بت سڏڻ اهل تصوف وٽ اهڙوئي ڏوهه آهي جهڙو
مجازي معشوق کي حقير سمجهڻ.“ (سيد، 1975ع، ص 26)
سائين جي.ايم.سيد جي بصيرت انگيز ۽ نصيحت آميز
خطبي کان پوءِ قاضي فيض محمد حفيظ قريشي ۽ رسول
بخش پليجي سنڌ جي سورن، سماجي نابرابري، غلامانه
ماحول ۽ اقتصادي ڦرلٽ واري حوالي سان زوردار
تقريرون ڪيون.
آخر ۾ صدر مجلس صدارتي ڪلمات ۾ فرمايو ته:
”برادران عزيز: آءٌ اوهان جو نهايت شڪرگذار آهيان،
جو هن مجلس ”بزمِ صوفياءِ سنڌ“ جي ٻي ڪانفرنس جي
صدارت جو مون کي شرف بخشيو اَٿو. جهڙا مقصد هن
جماعت جا بيان ڪيا ويا آهن، اهي سنڌ جي عوام ۽
خواص لاءِ نهايت مفيد آهن. حضرت داد شهيد جي باغ
داد ۾ اچڻ کان، جا راحت ۽ مسرت حاصل ٿي رهي آهي،
تنهنجو بيان پيش ڪري نه ٿو سگهان.
آءٌ اوهان کي يقين ٿو ڏياريان ته مدد ۽ خدمت ڪندو
رهندس. والسلام (بزمِ صوفياءِ سنڌ فائيل)
ان موقعي تي اعلان ڪيو ويو ته:
سنڌ جي صوفياء ڪرام جي درگاهن کي بزمِ صوفياء سنڌ
جي نالي سان عوام جي نفسياتي آهي اصلاح، اخلاقي
درستي، پيغام محبت، سنڌي ڪلچر جي ترقي درگاهن ۾
سجادن جي حفاظت لاءِ منظم ۽ مرتب ڪرڻ لاءِ هيٺين
ائڊهاڪ ڪاميٽي وڌيڪ سجاده ۽ اديبن جي اجازت سان
نالا وڌائڻ جي اختيار سان برپا ڪجي ٿي.
1.
پير سيد غلام حيدر شاهه صاحب سجاده نشين درگاهه
شاهه ڪريم عليہ رحمت چيئرمن
2.
پير سيد شاهه ڏنو شاهه صاحب سجاده نشين درگاهه
شاهه لطيف عليہ رحمت ميمبر
3.
صوفي ارشاد عباس صاحب سجاده نشين درگاهه شاهه
عنايت عليہ رحمت ميمبر
4.
سيد علي اصغر شاهه صاحب سجاده نشين درگاهه سيد
عالي شيرازي ٺٽه عليہ رحمت ميمبر
5.
صوفي عبدالحق صاحب سجاده نشين درگاهه سچل سرمست
عليہ رحمت ميمبر
6.
سيد غلام تقي شاهه صاحب سجاده نشين درگاهه سيد
حيدر عليہ رحمت ميمبر
7.
پير سيد حسام الدين شاهه صاحب اديب سنڌ
ميمبر
8.
مسٽر محمد ابراهيم جويو صاحب اديب
سنڌ ميمبر
9.
شيخ مبارڪ اياز صاحب اديب سنڌ
ميمبر
10.
مولوي غلام مصطفيٰ صاحب قاسمي صاحب اديب سنڌ
ميمبر
11.
قاضي فيض محمد صاحب اديب سنڌ
ميمبر
12.
سر رسول بخش پليجو صاحب اديب
سنڌ
ميمبر
تنهن بعد ٿيل مشاعري جي محفل ۾ سنڌ جي نامور شاعرن
شيخ اياز، شمشيرالحيدري، رشيد ڀٽي، پروانو ڀٽي،
فتاح ملڪ، سيف ٻنوي، عارف الموليٰ ۽ الطاف عباسي
سنڌ ۽ سنڌي عوام جي خوشحالي ۽ تاريخن روايتن جي
حوالي سان شاعري پيش ڪري. شرڪت ڪندڙ عوام جي دلين
۾ نئون روح ڦوڪيو.
ماني کائڻ کان پوءِ راڳ جي محفل شروع ڪئي ويئي،
جنهن ۾ ريڊيو فنڪارن فقير عبدالغفور، زرينه بلوچ
محفل جي رونق کي دوبالا ڪري ڇڏيو. زرينه بلوچ شاهه
جي سُر سارنگ مان ڪافي ۽ اياز جا ڪلام ڳايا. فقير
عبدالغفور شاهه جي ڪافين سان محفل کي گرمايو، جنهن
سان گهڙي تي سنگت وادئي مهراڻ جي منفرد فنڪار مٺا
خان جي هئي، ان کانسواءِ استاد نياز حسين، ڪريم
بخش چانڊيو ۽ فقير نورمحمد کان علاوه مقامي فنڪارن
پنهنجي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو.
هيءُ ثقافتي محفل چئين بجي تائين هلي، جنهن ۾
اڍائي هزارن جي لڳ ڀڳ عوام شرڪت ڪئي.
مددي
مواد:
1.
سيد، جي.ايم، ”خطبات سيد“،
1975ع،
نئين سنڌ پبليڪيشن ڪراچي
2.
بزمِ صوفياءِ سنڌ فائيل جي.ايم لائبريري، سن. |