سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3۽4/ 2018ع

باب:

صفحو:8 

ڊاڪٽر محمد ابراهيم ”سنڌي“

 

 

 

 

سمه دؤر جا ولهاري بزرگ

     (علمي، ادبي، ديني، سماجي ۽ سياسي خدمتون)

سنڌ ملڪ ۾ ”سما قبيلي“ کي سنڌ جو اصل ۽ تاريخ ساز قبيلو سڏيو ويو آهي. هيءُ نج سنڌي قبيلو هو، جنهن سنڌ مُلڪ تي چڱو خاصو حڪمراني ڪري پنهنجي راڄ ۽ مُلڪ جي خدمت ڪئي. پنهنجي الڳ شناخت قائم ڪري، سنڌ مُلڪ جي تاريخ ٺاهي، عالمن، اديبن، شاعرن ۽ تاريخدانن جي دلين ۾ پنهنجي جاءِ جوڙي ڇڏي. جيڪا صديون گذرڻ کان پوءِ به سنڌ جي تاريخي ماڳن: مڪلي، ڪينجهر جي صورت ۾ موجود آهي. اهوئي سبب آهي جو، سنڌ جي هر عالم، اديب ۽ شاعر هن قبيلي جي حاڪمن، سخي سردارن، ڏاتارن، سورهيه سرويچن کي جيءَ ۾ جاءِ ڏني ۽ پنهنجي زبان ۾ نروار ڪيو آهي. شاعرن جي سرتاج شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه ته سڄا سارا ڇَههَ سُر (1) پرڀاتي (2) ڪارايل (3) بلال (4) ڏهر (5) ليلا ۽ (6) ڪاموڏ ۾ اهڙن سخي سورهين جي ڪردارن کي ڳائي ۽ واکاڻي اَمر بڻايو آهي. ضرور انهن ۾ ڪي اهڙيون خوبيون هونديون. جو شاهه لطيف رحه جهڙي آفاقي شاعر ۽ سنڌ دوست ۽ انسان شناس شاعر پنهنجي ڪلام ۾ کين پنهنجي شاعريءَ جو محور بڻائي شاعري ڪئي. اڄ جي موجوده دور ۾ به عوامي شاعرن توڙي جديد شاعرن ڄام تماچيءَ جي ڪردار کي خوب ڳايو آهي.

نه تڙ تي تماچي، نه گندريءَ گذارا،

اَسارا اَسارا، ڪينجهر جا ڪنارا،

(شيخ اياز)

سما ڄام سلطان منهنجي ذات مُهاڻي،

(حاجي شاهه)

هر ماڻهوءَ ۾ ڪي نه ڪي ڪميون ڪوتايون هونديون آهن. خاميون ته هر انسان ۾ آهن، جنهن کان انسان متاثر ضرور ٿيندو. مالڪ مهربان جيڪو انسانذات جو خيرخواهه آهي، بندو ان سان به سچو ناهي جو ان کي ڇڏي وڃي ٻين درن تي ڌڪا کائي ٿو. شاهدي طور ڀٽائيءَ جو بيت

ڏاتار ڏک ڪئا، پاڻا مٿي مڱڻي،

مون در ڇڏيو مڱڻا، مڱين ڪوه ٻئا،

تيلاهين تو پئا، وچئان وِلَها ڏينهڙا.

سنڌ ملڪ ۾ سما قبيلي جون ٻه وڏيون نکون مشهور هيون، جيڪي سنڌ ۾ رهنديون هيون، انهن کي سنڌ سما سڏيو ويو، ۽ جيڪي ڪڇ واري علائقي، واري سنڌ ۾ رهندا هئا، انهن کي ڪڇ سما يا ڪڇي سما سڏيو ويو. انهن مان اڪثر عاج جي چوڙن جو ڌنڌو ڪندا هئا. جنهنڪري چوڙا سما مشهور ٿيا. انهن مان ڄام لاکو ڦلاڻي، ڄام راءِ کنگهار، ڄام جاڙو، غيرتمند ۽ بهادر ڄام ابڙو سمو، جنهن سومرن جون سامون جهليون ۽ سِر ڏئي سَرهو ٿيو.

ڪڇ ۾ سمن جا ماڳ: ”مهڙ قبو يا مهڙ پير جو قبو“ تعلقي جوکائوءَ ۾، جوکائو بندر کان ڏکڻ اوڀر ست ڪوهه کن، ايترو پنڌ مڏئي کان اُلهندي طرف ٻيا ڳوٺ. ڪارائڙو سمو جيڪو پينگهر ڄام جو پٽ هو. پينگهر ڄام ڪاراڙي سمي ابڙي جو ڀائيٽو هو. ان جو پڊ يا ڳوٺ. ابڙوسيو ٻني واري علائقي کان الهندي ۽ عربي سمنڊ سان لڳ هو (1).

”ابڙو سمو يا ابڙا سيو“ بابت وڌيڪ معلومات:

ڪڇ جي ڏکڻ، اُلهندي پاسي عربي سمنڊ سان مليل هڪڙي ايراضي آهي، جيڪا 2398 چورس ڪلوميٽرن تي پکڙيل آهي. هن علائقي ۾ 167 ڳوٺ آهن، آبادي تقريباً هزار آهي. هن علائقي کي ابڙاسيو چيو ويندو آهي ۽ هن وقت هي تعلقو آهي، هن جو صدر مقام ”نليان شهر“ آهي، جنهن کي ڪڇي لهجي ۾ نريو چون ٿا. مولوي مخدوم عبدالله نرئي وارو، به هن شهر ۾ رهندو هو، جيڪو اصل ۾ مانڌر ضلعي بدين جو رهاڪو هو. مخدوم صاحب جا پويان هن وقت ڪراچيءَ جي ڪلري واري علائقي ۾ موجود آهن. (نوٽ) سيراڻيءَ جو سڄو علائقو مانڌر سڏجي ٿو. مخدوم عبدالله مخدوم هاشم وٽ ٺٽي ۾ پڙهيو هو.

هن علائقي جو نالو ”ابڙاسيو“ سورهيه حڪمران ابڙي سمي جي نالي پويان پيو. جنهن سومرن جو سامون جهليون هيون، انهن سامن جو تعداد چون ٿا ته 140 هو. جن مان 12 سومرين ”وڙسر“ تي پهچڻ کان اڳ ۾ دم ڏنو. باقي 128 عورتن ٻارن سميت ابڙي سمي جي سام هيٺ آيون (2).

ڊاڪٽر بلوچ جي لکڻ مطابق:

12 کان 14 صدي عيسويءَ وارو دور ڪڇ ۾ سنڌ جي سمن جي طاقت جي اوسر ۽ عُروج وارو دور هو. سن 1350ع ۾ ڌاري سما ڪڇ ۾ طاقتور ٿيا. مشهور ڄام جکرو سمو ۽ ڄام مُهڙ سمو آهن، جن کان پوءِ ڄام ساهڙ سمو، ڄام ڦل سمو ۽ ان جو پٽ ڄام لاکو ڦلاڻي هو. ڪڇ جي هڪ روايت مطابق لاکو ڦلاڻي، جمع جي ڏينهن تاريخ 8 ڪَتِيءَ واري مهيني ۾ 901هه مطابق 1495ع ۾ ڏکڻ ڪاٺياواڙ ۾ مارجي ويو(3).

قاضي مقصود پنهنجي مرتب ڪيل ڪتاب
  ”لاکي ڦلاڻيءَ“ بابت لکي ٿو ته:

”گجراتي روايتن ۾ اچي ٿو ته، لاکو ڦلاڻي، جهوناگڙهه جي حڪمران گرهرپو يا گوراڙو جو دوست هو، ۽ اٽڪوٽ وٽ مولراج سان ٿيندڙ جنگ دوران، جڏهن گرهرپو، مولراج جي هٿان جهلجي پيو ته، ان مهل لاکي ڦلاڻيءَ، نهايت جرئت جو مظاهرو ڪيو ۽ ان مقابلي ۾ مارجي ويو. ٻئي طرف مارواڙ جا ذريعا ٻڌائين ٿا ته لاکو ڦلاڻي مارواڙ جي راٺوڙ راجا سيوجيءَ جي هٿان مارجي ويو. ڪرنل جيمس ٽاڊ به پوئين روايت کي ترجيح ڏني آهي. ٻئي پاسي ڏٺو وڃي ته، مولراج ۽ سيوجي راٺوڙ جي وچ ۾ صدين جو فرق آهي. مولراج حڪومت 942ع کان 95- 994ع جو آهي. جڏهن ته جيمس ٽاڊ سيوجي راٺوڙ جو دور 12 صدي جي آخر 13 صدي جي شروعات ٻڌايو آهي (ص 152). هن مان لاکي جي موت جي حتمي تاريخ نه آهي. ڊاڪٽر بلوچ ڄام لاکي ڦلاڻي بابت وڌيڪ هڪ ٻئي هنڌ شاهه جو رسالو جلد ٽيون ۾ لکي ٿو ته، ”سمن جي نسب نامي مطابق لاکو ڦلاڻي سن 866ع ۾ ڄائو، سن 955ع ۾ مئو(4). (ص- 50 ۽ 60).“

بهرحال اها ڄام لاکي بابت محققن جي راءِ آهي جيڪا مٿي بيان ڪئي ويئي آهي، وڌيڪ تحقيق ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته سنڌ جي تاريخ تي دز چڙهيل آهي جنهن جي ڇنڊڇاڻ ضروري آهي. سمن ڄامن بابت تاريخ اڃا منجهيل سُٽ وانگر آهي. (والله اعلم)

پڇم ۾ سمن جا ٻارنهن ڳوٺ ۽ سندن قلعو کائڙو آهي. پاڪستان کان اڳ ۾ اتي جو اڳواڻ ڄام تماچي سمو هو، ۽ ان کان اڳ پڻس پرٿيرج هو. پڇم جا سما مسلمان آهن، پر سندن ڪي نالا هندڪا آهن. ڪڇ ۾ جاڙيجا سما مان ”راءِ گهراڻو“ پوءِ حڪمران رهيو ۽ ويندي 1947ع تائين ڪڇ سندن رياست هُئي. (رهاڻ هيرن کاڻ، جلد- 8- 477) سخي راءِ ڏياچ بابت ڊاڪٽر بلوچ لکي ٿو ته، ”اڪثر روايتن مطابق راءِ ڏياچ جو اصل نالو راءِ کنگهار هو. سُر تي سِر جي سخا ڪرڻ کان پوءِ ڏياچ معنيٰ ڏيڻ وارو سڏيو ويو. جيڪو اڳتي هلي راءِ ڏياچ مشهور ٿيو. اهو به ”چوڙا سما“ نک مان هو.“ شاهه لطيف اهڙي سخيءَ لاءِ چيو:

مَٿو مُور نهَ پاڙيان، تنهنجي تَندُ تنوار،

سر ۾ سڄڻ ناههِ ڪِين، موٽ مَ مڱڻهار،

ڪينهين منجهه ڪپار، لڄيندو ٿو لاهيان.

شاهه صاحب ان ڪردار جي واتان سخاوت جي هيءَ وارتا بيان ڪئي آهي.

وَڍُ سِر ٿيءُ سرَهو، مَ ڪين ڳاءِ مَ ڳاءِ،

جاجڪ تو مٿاءِ، مُلڪ مِڙوئي گهوريان.

انهن چوڙن سمن جي نک مان گهڻا ڪڇ مان لڏي اچي ٺٽي سنڌ ۾ رهيا. جنهن بابت تاريخ طاهري وارو لکي ٿو ته، ”مرزا باقي، جنهن کي پنهنجي پٽ تڙي ڪڍي، حاڪم ٿي حڪومت هلائڻ لڳو. جنهن جو نالو مظفر هو. مرزا باقي دربدريءَ واري دور ۾ بکُون ڪاٽي بيزار ٿيو. انڪري ٺٽو ڇڏي ڪڇ طرف ويو. پرائي ملڪ ۾ ڀٽڪندو رهيو. سندس ساٿارين مان هڪ ماڻهو جهنگ مان ٻڪري چورائي کڻي آيو. اچي ڪُهي، وڍي باهه تي رکيائين، ٻڪريءَ جو مالڪ پير کڻي اچي اتي پهتو. سڀني کي سڳ سوڌو وٺي، اتان جي حاڪم راءِ کنگهار وٽ آيو. راءِ کنگهار مرزا باقيءَ کي سڃاتو. سندس بڇڙا حال ڏسي ڏاڍو افسوس ڪيائين، ۽ پوءِ سندس مدد پڻ ڪيائين ۽ پاڻ کيس عزت سان رهايو. سمن جي چڱي مڙس نالي صاحب کيس پنهنجي ڌيءُ نالي ٻَائي ڏني. هي صاحب خان سمو جاڙيجي نک مان هو. مرزا باقي گهڻو وقت ڪڇ ۾ رهي پنهنجي سُهري ۽ راجپوتن سمن جي بهادرن جو وڏو لشڪر وٺي ٺٽي آيو (5).“

ٺٽي شهر ۽ ان جي آسپاس سمن جا وڏا راڄ رهندا هئا جن جون نکون، پاڙا الڳ الڳ هئا. پاڻ ۾ مٽي مائٽي هُينِ. تاريخون شاهد آهن ته، ارغونن ۽ ترخانن جي ظلم ۽ ستم کان تنگ ٿي ڪيترن ذاتين وارا ماڻهو جن ۾ سما به هئا، ٺٽي مان لڏي وڃي ٻيا شهر ۽ ڳوٺ وسايا. ڇو ته ارغون ۽ ترخان وڏا ظالم، بيرحم ۽ ڌاري قوم هُئي، انهن کي مقامي ماڻهن جو ڪو به لاچار نه هو. اهڙي ظالم قوم بابت تاريخ طاهري جيڪا 1030هه مطابق 1621ع ۾ لکي، (جيڪا سمن جي حڪومت جي خاتمي کان پوءِ جي آهي). اهو لکي ٿو ته، ”آئون ٽن پيڙهين کان ارغونن ترخانن گهراڻن سان لاڳاپو رکندو اچان ٿو. مون کي هنن جي ننڍي وڏي هر ڪا ڳالهه چڱي طرح معلوم آهي، ص 110.“

ارغونن ۽ ترخانن جي ظلم ۽ ستم بابت ڊاڪٽر بلوچ لکي ٿو ته، ”هنن ظالمن جي ظلم ڪري ڪيترن ئي ذاتين وارا خاندان پنهنجي اصل ذات مَٽائي ڇڏي، هُو جيڪو ڌنڌو ڪندا هئا. اُها ئي ذات سڏائڻ لڳا. جيئن لوهار، واڍا، ڪوري، کٽي، رنگريز، کنڀاٽي، ماڃوٺي، مالدار هئڻ سبب اوٺار، گابار، ريڍار وغيره سڏجڻ لڳا. ٺٽي جي ٻن عالم بزرگن ”ٻرند يا پرند“ ۽ صاحب سمو جي اولاد مان صاحب سما، جيڪي ٻيئي گهراڻا اهل علم هئا، انهن ٻنهي قبيلن ٺٽو ڇڏيو. مخدوم صابر جي وڏن اچي ولهار جو علائقو وسايو، جيڪو هاڻي ٽنڊي الهيار ضلعي ۾ آهي. هيءُ علائقو سرسبز آباد علائقو هو. انهيءَ نسبت سان ولهار سڏيو ويو. جنهن ۾ رهڻ ڪري هي بزرگ ولهاري سڏجڻ لڳا. مخدوم صابر جو والد محترم مخدوم عثمان وڏو عالم ۽ اڪابر هو. ان ديني تعليم ٺٽي مان حاصل ڪئي هئي ۽ اهو جڏهن هن نئين ماڳ تي آيو ته، ديني درسگاهه قائم ڪيائين، کيس ٽي پٽ هئا. (1) وڏو ميان صابر (2) وچٽ ميان مهراڻ (3) ننڍو ميان اڪرم. انهن ٽنهي جو جنم ولهار ۾ ٿيو ۽ وفات به اُتي ڪري ويا. مخدوم صابر جي وفات جي تاريخ موجود آهي، ٻين جي ڄاڻ ناهي. صابر جي وفات 1135هه مطابق 1722ع تي ٿي.

شاهه صاحب جڏهن سنڌ جي عالمن، عارفن سان ملاقاتون ۽ صحبتون ڪيون ته هن مخدوم صابر ولهاريءَ سان پڻ ملاقات ڪئي، ان وقت شاهه صاحب جي ڄمار 33 سال هئي، جنهن وقت مخدوم صابر وفات ڪئي هئي. پاڻ نقشبندي سلسلي جو مبلغ هو. ان وقت مخدوم صاحب پيرسن هو. جنهن بابت ڊاڪٽر بلوچ شاهه جي رسالي جلد 8-9 ص- 36 تي لکي ٿو ته، ”ميون صابر وقت جو وڏ عالم، عارف ۽ تقويٰ جو صاحب هو. هُو سمن جي ”ٻرند“ پاڙي مان هو. پرڳڻي ”ولهار“ ٽنڊي الهيار کان ڏکڻ اوڀر طرف درسگاهه قائم ڪئي هئائين، جيڪا اڳتي ٽالپرن جي دور ۾ وڏي اوج تي پهتي. ميون صابر قرآن شريف جي تعليم تدريس جو عالم ۽ وڏي فقيري حال وارو بزرگ هو، جنهن جي ديدار لاءِ شاهه عبدالطيف پاڻ وڏي چاهه سان وٽس هلي ويو. ميين صابر سنه 1135هه مطابق 1722ع ۾ وفات ڪئي ۽ مخدوم پير محمد هالائي ”صد داغ بدل“ جي فقري مان سندس وفات جو سال ڪڍيو. جيئن اهو پڪو تاريخي سال آهي. انهيءَ ڪري شاهه صاحب سنه 1135هه ۾ يا ان کان اڳ ۾ ساڻس مليو هوندو؟ ميين صابر کي ٻه (2) پُٽ هئا، هرهڪ: (1) مخدوم معروف (2) ميان فقير محمد، اهي ٻئي مخدوم صاحب جي قائم ڪيل درسگاهه ۾ پڙهيا ۽ وقت جا وڏا عالم ۽ عارف ٿيا، اهي ٻئي بزرگ به تصوف جي حوالي سان پنهنجي والد محترم ميين صابر وانگر نقشبندي سلسلي سان واڳيل هئا.

سنڌ ۾ تصوف جي چئن وڏن سلسلن مان پهريائين سُهروري، پوءِ نقشبندي ۽ ان کان پوءِ قادري سلسلو ۽ بعد ۾ چشتي سلسلي جون به خانقاهون قائم ٿيون.  جن ماڻهن جي ديني ۽ روحاني، اصلاح ڪئي. موجود وقت ۾ هن علائقي بلڙي شاهه ڪريم تعلقي جي ڳوٺ جنهاڻ سومري ۾ مولانا حبيب الرحمٰن سومرو مدظله وڏو عالم ۽ روحانيت جو صاحب آهي. پاڻ چڪوال جي بزرگ قاضي مظهر حسين چشتيءَ جو خليفو مجاز ۽ ناٺي آهي. سندس وڏي خانقاهه ۽ درسگاهه آهي. جتي ڪيترائي علم جا پياسا ۽ روحانيت جي رمزن کي پروڙڻ وارا اچن ٿا ۽ ڪي اهڙي روحاني مرڪز ۾ رهن ٿا.

درسگاهه ولهار: هتي مخدوم صابر جي والد محترم مخدوم عثمان وڏي درسگاهه قائم ڪئي هئي ۽ ان کان پوءِ سندس لائق فرزند ميين صابر ان کي اوج تي پهچايو ۽ ان سان گڏ هڪ وڏي ديني لائبريري قائم ڪيائين، جنهن بابت عالمن جا رايا آهن ته، منجهس ٻه هزار قلمي ڪتاب ۽ نسخا موجود هئا. ڊاڪٽر بلوچ درسگاهه ولهار جي ڪتاب بابت بيان ڏيندي چيو آهي ته، ان لائبريريءَ ۾ قلمي ڪتابن جو تعداد 236 هو (6).“

محترم نورمحمد سمو پنهنجي هڪ مضمون
”17 صديءَ جو ڪتبخانو“ ۾ لکي ٿو ته، ”مخدوم صابر کان پوءِ سندس وڏي پٽ ميان معروف هن درسگاهه جو انتظام سنڀاليو ۽ هن درسگاهه جي ميرن جي دور تائين به وڏي اوج هُئي. انهيءَ ولهاري بزرگن جي خاندانن مان هڪڙي وڏي عالم ٿرپارڪر جي ناري واري پٽ جا پلي، جيڪي وڏا علم دوست ۽ زميندار هئا، اهي هنن بزرگن کي راضي ڪري ولهار مان لڏائي غلام نبي شاهه شهر لڳ کنڀرو ڍنڍ جي ڪناري، جتي پاڻيءَ جي به سهولت هئي، اُتي اچي آباد ڪيو ۽ سوين ايڪڙ ٻني جنهن ۾ تپو ٻانڌو، تپو غلام شاهه، تپو ڍورو نارو ۽ تپو پيرڇن جون زمينون ڏنائين ۽ ڳوٺ ۾ ديني درسگاهه قائم ڪرڻ ۾ به انهن جي مدد ڪيائين (7).“

درسگاهه ولهار کان پوءِ هن ئي خاندان جي وڏي ميان حسام الدين اچي سعيدپور ۾ ديني درسگاهه قائم ڪئي ۽ بعد ۾ ملاڪاتيار آيو ۽ ڊاڪٽر بلوچ جي لکڻ موجب اتي گذاري ويو. ياد رهي ته ملاڪاتيار ۽ ان جي ڀر ۾ ٽي وڏا قبرستان آهن، ”راقم“ ۽ مرحوم استاد اميد علي سٺيو جي گهڻي ڪوشش باوجود به ان بزرگ جي قبر جي ڪا به خبر نه پئجي سگهي. اهي ٽي وڏا قبرستان ميين ڇُٽي جو قبرستان، ملاڪاتيار کان ٽنڊي ايندڙ روڊ جي ڀر ۾ ڏکڻ طرف آهي ۽ ٻيو ڪرهليءَ جي بزرگن جو ملاڪاتيار کان اوڀرطرف جو قبرستان آهي. جن بابت پڻ روايت آهي ته اهي سما هئا. ميين جي لقب سببان ميان ابراهيم جي نالي سڏبا آهن، انهن وٽ قلمي ڪتابن جو وڏو ذخيرو هو، پر جڏهن اسان ان جي پڇا ڪئي ته، سُڌ پئي ته اهو ختم ٿي چڪو آهي ۽ ٽيون وڏو قبرستان ملاڪاتيار شهر جي اوڀر پاسي درگاهه جي طرف آهي. ولهار مان نقل مڪاني بابت خليفو محمد امين لکي ٿو ته: ”ولهار مان لڏڻ جو پورو وقت معلوم ناهي مگر ميان هدايت الله جي روايت موجب سندن وڏا ولهار مان لڏي وڃي سعيدپور ويٺا، ٽڪر تي سندن مدرسو هو(8).“

شيخ عبدالغنيءَ بابت ميرعلي شير قانع ”ڪتاب معيار سالڪان طريقت“ 11 صدي هجري جي بزرگن ۾ هن جو ذڪر ص- 612، تي هن طرح ڪيو آهي. هيءُ عظيم سيرت جو مالڪ هو، ڪامل اهل الله صاحب وجد هو. دنيا دولت جي خراقان کان بيخبر ۽ بيپرواهه هو. ڪامل صاحبِ ڪشف هو. وڏي عمر وارو شيخ ۽ سون تپي جو رهندڙ هو. شيخ عبدالله سرهندي ساڻس نيازمنديءَ سان ملاقات ڪئي هُئي(9). ص- 612. انهيءَ ساڳئي شيخ لاءِ تحفة الڪرام ۾ پڻ مير علي شير قانع لکيو آهي ته، ”عبدالخالق جا هي ٽيئي پٽ، ”راقم“ جي ناني جا سڳا ڀائر هئا. (10).“ ص 583. خبر ناهي ته عربي عبارت ۾ پلي صاحب جنهن شيخ عبدالغنيءَ جو ذڪر ڪيو آهي، اهو به 1085هه يعني 11 صدي هجري جو آهي. اهي شيخ به ساڳئي نالي ۽ ساڳئي صدي هجري جو آهي، ”ولله اعلم“. خليفو امين اڳتي لکي ٿو ته، ”مهراڻي جي علمائن ۾ حضرت ولهاري يعني ابو محمد عبدالله جو درجو وڏو هو. هي مخدوم صابر جي اولاد مان هو. هي سن 1641هه مطابق 1825ع ۾ ڄائو، ان وقت ٽالپرن جي حڪومت هئي. سندس والد جي مدرسي مان علم حاصل ڪيائين.

ولهار مان ڪن بزرگن جو لڏڻ:

(1) کنڀري وارو مدرسو:(؟)

(2) ملاڪاتيار: هتي به درسگاهه قائم ڪيائون.

(3) سيدپور ٽڪر ولهار مان لڏڻ جو پورو پتو معلوم ناهي، ميان هدايت الله جي روايت مطابق سندن وڏا ولهار مان لڏي اچي سيدپور ٽڪر (موجود ٽنڊي محمدخان کان ملاڪاتيار ويندڙ روڊ جي ڀر ۾ سيدپور جو پراڻو ڳوٺ آهي). اولهه طرف اتي مدرسي ۽ هڪ پراڻي مسجد جا آثار اڃا موجود آهن. باقي مدرسو ناهي. خليفي محمد امين پليءَ جي لکڻ مطابق: صابر جي خاندان جو ۽ همعصر بزرگ مييون عبدالله وڏو، جنهن کي ٺٽي جي وڏي عالم ۽ بزرگ مخدوم عبدالرحيم بن مخدوم عبدالڪريم حديث جي سند ڏني هئي، جنهن بابت پراڻن ڪاغذن مان هڪ عربي عبارت هٿ آئي آهي، ان جي عبارت هن ريت آهي ”اجزت اني نصرت الفاضل الڪامل مولانا مخدوم عبدالله ولهاري کما اجزت الشيخ العارف باالله العالم شيخ عبدالغني مجددي دامت برکاتہ، وانا الفقيرالي الله الکريم عبدالرحيم بن مخدوم عبدالڪريم تتوي، سنه الف و خمس ثمانين، بلده تته،

ترجمو: پوءِ مون اجازت ڏني مولانا عبدالله ولهاري کي، جيئن مون کي اجازت ڏني شيخ عبدالغني مجددي امت برڪاتهُ ۽ آئون پاڻ فقير عبدالرحيم بن مخدوم عبدالڪريم ٺٽوي، سنه 1085هه مطابق 1674ع شهر ٺٽو (11).

ولهاري ۽ صاحب سمن جا ٻيا ڳوٺ:

(1) ڳوٺ باقر نظاماڻي صاحب سمي نک مان علي محمد سمو ۽ محمد يعقوب سمو جيڪي اصل ٽکڙ لڳ ملاڪاتيار جا ويٺل هئا ۽ پوءِ لڏي اچي باقر نظاماڻي ڳوٺ ۾ ويٺا، هن وقت انهيءَ خاندان مان محمد ياسين سمو، حفظ الله سمو ۽ ٻيا موجود آهن.

(2) ڪوٽڙيءَ ۾ ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ سمو ۽ ٻيا رهن ٿا.

(3) ڪراچيءَ ۾ تاج محمد سمو، اديب ۽ استاد هو.

(4) ٽنڊو محمد خان ۾: محمد عيسيٰ ان جو پٽ ابراهيم جيڪي اصل ۾ صاحب سمي نک مان هئا ۽ ڪڇ جي علائقي ڳوٺ نريو جا رهاڪو هئا. اهي پوءِ لڏي اچي ٽکڙ ۽ پوءِ ٽنڊي محمد خان ۾ ويٺا. انهن مان موجود نثار ناز سمو ۽ نور محمد سمو ڪراچيءَ ۾ اعليٰ عهدي تي فائز آهي. اهي مرحوم محمد يعقوب جو اولاد) آهن. انهن جي خاندان مان هڪڙو گهر هوسڙيءَ ۾ رهي ٿو. جيڪي ٽنڊي محمد خان مان 1963ع ۾ لڏي آيا. انهن ماستر عبدالغفور سمو موجود آهي.

(5) ڳوٺ سعيدپور ۾: مشتاق سمو ۽ اشفاق سمو جيڪي هاڻي ٽنڊي محمد خان ۾ رهن ٿا.

(6) آگرا ڪالوني ڪراچيءَ ۾ ممتاز سمو ۽ ٻيا رهن ٿا.

(7) ٽنڊو آدم مخدوم طالب الموليٰ ڪالونيءَ ۾ مرحوم قاضي غلام حسين ۽ موجوده حال حيات مولانا محمد عثمان سمو.

(8) مٽياري لڳ ڳوٺ حاجي محمد ابراهيم سمو، انهن مان محمد خان سمو.

 (9) ڳوٺ باقر نظاماڻي لڳ جهرڪ: پروفيسر ڊاڪٽر اشرف سمو جيڪي ولهاري ڍورو نارو جي رشتيداريءَ ۾ آهن. ان جو والد مولانا عبدالله سمو، هڪ وڏو عالم هو، هي مولانا حامد الله ميمڻ ۽ مولانا محمد عمر مگسيءَ وٽ پڙهيو. عبدالرشيد ولهاري پبلڪ اسڪول لطيف آباد حيدرآباد ۾ استاد هو. ڳوٺ حاجي ابراهيم سمون وارن سان مائٽيءَ ۾ سلهاڙيل هو.

(10) ڳوٺ حامد صاحب سمو: هيءُ ڳوٺ لڳ قادر ڏنو شاهه موريءَ جي ويجهو هاڻي تعلقي بلڙي شاهه ڪريم ۾ آهي.

(11) ٽنڊو الهيار ۽ نصرپور روڊ تي ڳوٺ محمد صالح سمون انهن مان ڀلوڙ شاعر احمد خان
”مسڪين“ سمو.

(12) ڳوٺ ومڙيءَ لڳ ننگر پارڪر ٿر.

(13) ساڪرو ضلعو ٺٽي ۾ وڏيرو احمد سمون.

(14) ڳوٺ وڏيرو وسند سمو غلام الله کان اولهه طرف ديهه سمڪي ۾ وڏو ڳوٺ آهي.

(15) هاليجي ڍنڍ وٽ ڳوٺ مرحوم علي محمد سمو جيڪو ڪراچيءَ ۾ ڪنهن کاتي ۾ سيڪريٽري هو.

(16) کاروڇاڻ ۾ وڏيرو غلام سمو ۽ وڏيرو محمد علي سمو.

(17) ديهه گهوڙاٻاڙيءَ ۾ ڳوٺ مڙهو ۾ ارباب قاسم سمو.

(18) ڪيٽي بندر وٽ وڏيرو احمد سمو.

(19) ساڪري کان اولهه طرف ڳوٺ مرحوم قاسم سمو.

(20) ٻگهاڻ وٽ ڳوٺ وڏيرو يعقوب سمو.

واڌارا:

(1) ميان خالد ولد عبدالخالق ولد پير محمد سمو ”ولهاري“، هي پڻ صاحب سما نک جي رشتيداريءَ ۾ اچن ٿا.

(2) ڊاڪٽر بلوچ ”رهاڻ هيرن کاڻ“ (جلد- 1، ص 37)، موجب:

سما هڪڙا محلا ئي يعني اهي جيڪي پنهنجي محلي پاڙي پنهنجي ڪٽنب مان شادي ڪن. قاضي احمد وارا اصلي ”محلي سما“ گهراڻو آهن. لاڙ طرف ڳوٺ ڄام تماچي ان جو ڀاءُ يا سؤٽ ديهه مڙهي کان ڏکڻ طرف ديهه سمڪي ۾ رهن ٿا.

(3) تاريخ طاهري موجب:

صاحب سمو هن پنهنجي نياڻي ”ٻائي“ جو سڱ مرزا باقيءَ کي ڏنو، جنهن مان مرزا مظفر ڄائو. جيڪو ان وقت 1030هه مطابق 1621ع ۾ ڪڇ جي پاسي رهندو هو. مرزا باقي 980هه ۾ ٺٽي ۾ حاڪم بڻيو. 993هه ۾ وفات ڪيائين. ان وقت شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ وارو حال حيات هو، جنم (944هه ۽ وفات 1032هه).

(4) سنڌ جي سمن جي پوشاڪ بابت تاريخي شاهدي:

سنڌ ۾ سما ٻين قبيلن کان اڳ ۾ مسلمان ٿيا، جڏهن مسلمان ٿيا ۽ اسلام قبول ڪيائون ته، انهن پردي خاطر پنهنجي عورتن کي ڪنجرو جيڪو اڳي انهن جو قومي ويس هو. انهيءَ ڪنجري کي پويان ”پُٺا“ ڍڪڻ لاءِ ڪپڙو لڳائي پُٺي ڍڪي. سنڌ ۾ اهو مسلمان عورتن جي لاءِ اڳتي هلي ويس بڻجي ويو. ياد رهي ته اڳي عورتون ڪنجري جي پوئين پاسي پٺي ڪونه لڳائينديون هيون. اڄ به سنڌ ۾ کوڙ اهڙيون ذاتيون ۽ خاندان آهن، جن جون عورتون ڪنجري کي پُٺي ڪونه ٿيون لڳائين. پر هاڻ ته ڪنجرو ختم ٿي ويو آهي، هاڻ ته چولي ۽ گهاگهري ۽ گگهي جو رواج آهي.

(5) گهوڙا ٻاري کان ڪجهه مفاصلي تي ميين پوٽا سما رهن ٿا ۽ ديهه سمڪيءَ ۾ صاحب سمي جو پراڻو دڙو اڄ به موجود آهي.

(6) ديهه کرڇ ترائي شهر جي ويجهو اتر طرف ڏاڏا محمد علي سمو ڳوٺ آهي، اهي به صاحب سما نک مان آهن. انهن جو وڏيرو 1964ع ۾ گذاري ويو. ڊاڪٽر بلوچ لکي ٿو ته، ”ڄام سمو“ پيريءَ ۾ دهليءَ جي مغل شهزاديءَ سان شادي ڪئي، جنهن مان ڄام انڙ ٿيو، جيڪو وڏو پلهوان ۽ همت وارو هو.

ميان مخدوم صابر ولهاري جي خاندان مان ميون علي محمد ولهاري جون سياسي ۽ سماجي خدمتون:

ميان صاحب تمام محنتي، جفاڪش ۽ ايماندار انسان آهي. پاڻ شهيد بينظير ڀٽي جي پارٽيءَ ۾ 2003ع ۾ آيو. هي ٽنڊي الهيار ضلعي جو پيپلز پارٽي طرفان صدر به رهيو ۽ پاڻ هن وقت ضلع ٽنڊي الهيار جو چيئرمين آهي. ايماندار ۽ مخلص انسان آهي. انهيءَ مخلص ۽ سادگيءَ جي ڪري سندس حريف به کوڙ آهن. پر عزت، ذلت وري به مالڪ مهربان جي هٿ ۾ آهي، جنهن هن کي ڪيترن ئي مخالفن جي ڪري وري به وڏي عزت بخشي آهي.

حوالا:

(1) ”رهاڻ هيرن کاڻ“، جلد (1) ص- 38

(2) ”ڪاوش دنيا“، آچر 7 سيٽمبر 2014ع.

(3) ”رهاڻ هيرن کاڻ“، جلد (8) ص- 475.

(4) ڪتاب ”لاکو ڦلاڻي“، ص- 59-69.

(5) ”تاريخ طاهري“، ص 111.

(6) ”مخطوطات“، ص 439 کان 451.

(7) ”ڪاوش مڊ ويڪ“، مئگزين 13 آگسٽ 2014ع.

(8) ٽماهي ”مهراڻ“، 3-4/1957ع.

(9) ٽماهي ”مهراڻ“، 3-4/1957ع، ص 612.

(10) ”تاريخ طاهري“، ص 111 کان 167.

(11) ”رهاڻ هيرن کاڻ“، جلد (1) 39.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org