سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3۽4/ 2018ع

باب:

صفحو:3 

عبدالقادر کوسو

 

 

 

 

شاهه سائينءَ جي فِڪر ۾ ڪائنات جي ڪارِڻي

  حضرت محمّد مُصطفيٰ جو شانُ مبارڪ

ٻنهي جَهانَن جا سَردار، رحمة للعٰلمين، ڏيهن جا ڏاتار اَنبيائن جا سَردار حضرت محمد ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن 571ع بمطابق عامُ الفيل جي پهرئين سال رَبيع الاول مهيني جي 12 تاريخ سومر جي ڏينهن هن دنيا ۾ تشريف فرما ٿيا.

نَبي ڪَريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جَن جي پيدا ٿيڻ سان ڪِن روايتن جي راوين لکيو آهي ته ڪَسريٰ جي محل جا چوڏنهن ڪُنگرا ڪِري پيا. مَجُوسين جو آتشڪَده وِسامِي ويو. ”بُحِيرَه ساوَه“ سُڪي ويو ۽ اُن جا ديول ڪِري پيا.

انهن روايتن ۾ اختلاف آهي، ڪي لکن ٿا ته اُهي واقعا نبوت جي اڳڪَٿين طور ظاهر ٿيا. اها رِوايت طِبري ۽ بيهقيءَ جي آهي. ”سيُوطي ۽ حافظ اَبُونَعيم“ پنهنجن ڪتابن ”خصائص“ ۽ دَلائل ۾ حُضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي وِلات واري رات لاءِ لکي ٿو ته ڪَسريٰ جي ايوان ۾ زلزلو مَحسوسُ ٿيو ۽ ان جا چوڏنهن ڪُنگرا ڪِري پيا.

شاهه سائين پنهنجي ڪلام ۾ تقريباً سڀني سُرن ۾ حُضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم  جن جو شان ڳايو آهي، پر خاص طور تي سُر سُهڻي، سُر مارئي ۾ حقيقتِ محمديءَ جون جيڪي تَلميحون ڪَتب آنديُون آهن. اُنهن کي پَڙهي انسان حيران ٿي وڃي ٿو ته ڀٽائي اُهي تَلميحُون هزارن جي تعداد ۾ استعمال ڪيون آهن. شاعريءَ جي علم ۾ شاعر ڪيتريون ئي صنعتون پنهنجي شعر ۾ استعمال ڪندو آهي. تَلميح، عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي. هن صنعت تَلميح مان مراد اُها آهي ته شاعر قرآن پاڪ جون آيتُون، حَديثون، ڪِن مشهور واقعن جو ذڪر پنهنجي شاعريءَ ۾ پيش ڪري ته ان کي تلميح چوندا آهن. ڀٽائي اُمي هو، پر اڌ کان وڌيڪ قرآن ڪريم جو آيتُون، سُورتن جُون سُورتون نالن سان پنهنجي رسالي ۾ ڪتب آنديون اَٿس.

شهنشاهه لطيف حقيقت محمديءَ جي نُور بابت سُرمارئيءَ جي هيٺئين بيت ۾ منظرنگاري ڪئي آهي:

1. فَيَڪُون فِدا ڪَري، ڪَهيائين سِين ڪُن،

تَعظيماً تمام ڪري، پوءِ پَٿيريائين ڀُن،

مارُو تيائين مُن، ڀينر ڀاڱي آئيو.

(مارئي)

2. نَڪا ڪُن فَيڪون هُئي، نڪو لڱَ لَحَمُ،

نه بڻيو هو بُتَ ۾، اَڃاڪِي آدمُ،

مُون تَڏهَانڪُون سَڱُ، اِها ساڃاهه سپرين

(مارئي)

3. ساهَڙ جا سينگار، اَزَلَ کان اڳي هُئا،

نڪا ڪُن فَيڪُون هُئي، نڪا ٻي پَچارَ،

مَلَڪئان مَهند هُئِي، توڏيءَ جي تَنوار،

تڏهن مَحبت ساڻ ميهار، لايائين لَطيف چئي.

(سهڻي)

مٿين ٽن ئي بيتن ۾ شاهه سائين قرآن ڪريم جي آيت (ڪُن فَيڪُون) استعمال ڪئي آهي جيڪا تَلميح آهي ۽ حقيقت محمدي جو شان بيان ٿيل آهي. صوفي بزرگن اصل کان وٺي هن ڪائنات جي تخليق جو ڪارڻ حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي ذات بابرڪات ڏانهن مَنسُوب ڪيو آهي.

نبي ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جون ٻه حديثون هيٺ تلميح طور ڏجن ٿيون، جن ۾ اها ڳالهه صوفين جي قول کي تَقويت ڏئي ٿي ته ڪائنات جي ڪارِڻي جو نُور سڀ کان پهريائين الله پاڪ پيدا ڪيو.

حديث 1: اَولَ ماخَلق الله نوري. (قدسي)

ترجمو:- سڀ کان پهريائين الله پاڪ منهنجو نُور خلقيو.

حديث: 2. لولاک لَما خَلقُتُ الاَفلاکَ. (قدسي)

ترجمو: اي محبوب توکي نه پيدا ڪريان ها ته پُورو جهان ئي پيدا نه ڪريان ها!

مٿين ٻنهي ڏنل حديثن مان اِها ڳالهه ظاهر ٿئي ٿي ته الله سائين سڀ کان پهريائين حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جو نُور پيدا ڪيو. مٿيون ٻئي حديثون تَلميحُ جو عُمدو مثال آهن.

حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي ثنا هيءَ زبان ڇا ڪندي؟ ڇا بَشر کي طاقت آهي جو حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم  جن جون وَصفون بيان ڪري؟ خدا پاڪ خود حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جو وَصفُون بيان ڪيون آهن.

حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي ساراه فَلڪَ، آدمِي، ديوَ، پَريُون، جِن وَ ملائڪَ ڪن ٿا. اَحد مان احمد جُڙيو آهي.

حقيقت محمديءَ جا مٿي جيڪي مثال ڏنا آهن. انهن ۾ حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي نور جو ذڪر ٿيل آهي.

هاڻي هيٺ نبي ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي ظاهري طور هن ڪائنات ۾ اچڻ جو ذڪر ڀٽائي صاحب جي فڪري بيتن سان ڪيو ويندو، جن ۾ شاهه سائين حضور پُرنور آقاء نامدار صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي آمد جي منظرنگاري ڪئي آهي. شاهه سائين پنهنجي رسالي جي سُر سارنگ، سُر بلاول ۽ سر سسئي آبري ۾ تمام گهڻا مثال ڏنا آهن، مان هتي صِرف اختصار طور ڪَڻي مان خَرار پرکڻ واري ڳالهه تي اِڪتفا ڪندس.

1. جڏهن پَئي ڇَٽَ، ڇَپَر هوتِ پنهونءَ جِي،

پَرهِي ويٺيون پَٽَ، گُوندر لَٿا گولئين. (آبري)

2. جڏهن پَئي بَانسَ ڇَپَر هوتَ پُنهونءَ جِي،

اديُون آريچن جا، وَڻن مُڪا واس،

آيل پُني آسَ، پنهون آيو ڪيچَ ۾. (آبري)

3. بَرُ مڙوئي بُوءِ، ڇَپَرَ ڇاٽُون مُڪيُون،

ٻَهه ٻَهه ٿي ڀنڀور ۾، هَنڌ مڙيئي هُوءِ،

راڻين وَرِي رُوءِ، گُوندر لَٿا گولئين. (آبري)

شاهه سائينءَ جي مٿين ٽنهي بيتن ۾ نبي ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي هن ڪائنات ۾ اچڻ جي خوشخبريءَ جي ڀٽائي صاحب نهايت خوبصورت منظرنگاري ڪئي آهي.

شاهه سائينءَ سُر سارنگ ۾ حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي آمد جو ذڪر ڪيو آهي جيڪو سندس سُر سارنگ جي سمورن بيتن ۾ بيان ٿيل آهي، پر هتي سُرسارنگ جي مشهور وائي ملاحظه ڪريو:

وائي

اکيان ميگهه مَلار، صُورت تُنهنجي سَڀُ جَڳُ موهيو،

سَجد و فِيل في الحال ڪيو، پسي مُطلبَ نُور نراڙ،

ڄاپڻ وقت ڄام جي، ڪِريا ڪوٽ ڪُفار،

آگي آسمانن جو، توکي ڪَارئو سير سَتار،

وَلسوفَ يعطيکَ رَبُک فَتَرضيٰ، توسين قادر ڪيا قرار،

قادر پاڻ قَسمُ کنيو، خاڪ قدمن جو ڪَلتار،

اُڪنڊئا جي اَبر کي، سي سَرها ٿيا سَنگهار،

موڪل ٿي مينهن کي، دوست هٿان دِلدار،

آهن ڪَم ڪَريم جا، اَحمدَ ساڻ اَپار،

اڳيان عبداللطيف چئي، مُحب مليا منٺار.

(سارنگ)

شاهه سائين جي سُرسارنگ جي هن وائيءَ ۾ ڀٽائي صاحب هڪ تَلمِيح استعمال ڪئي آهي، جنهن ۾ هڪ مشهور واقعو بيان ٿيل آهي، جنهن جو ذڪر قرآن شريف جي سُورة ”اَلفيل“ ۾ ٿيل آهي.

عرب مؤرخن رِوايت موجب عِيسائي لشڪر جا ٻه امير هئا.

هِڪ اَرياط ۽ ٻيو اَبره:

اَبره خود مختيار حاڪم بڻجي ويو. هن عربستان ۾ عيسائيت ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪئي، انهيءَ مقصد لاءِ هن يَمن جي گاديءَ جي هنڌ صَنا ۾ هڪ وڏي ڪَلِيسا تعمير ڪرائي ۽ چيائين ته عربن جو رُخ ڪعبي کان ڪَلِيسا ڏانهن ڦيرايان. هن 571ع ۾ سَٺ هزار فوج ۽ تيرهن هاٿين، ٻي روايت موجب نَوَن هاٿين سان ڪعبي تي چڙهائي ڪئي. مڪي شريف کان ٽن ڪوهن جي مفاصلي تي ”المُغِيس“ نالي هنڌ تي پهتو، اتان هن ڪجهه ماڻهو اڳتي موڪلي ”اهل تهامہ“ ۽ قريش جو ڪُجهه مال ڦَريو، جنهن ۾ جناب عَبدُالمُطلب جا ٻه سؤ اُٺ به هئا. اَبره بن سباح يمن جو بادشاهه هو. جناب عبدالمطلب پنهنجن اُٺن ڇڏائڻ لاءِ وٽس ويو. پيشانيءَ ۾ حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جو نُور چمڪندي ڏسي ۽ جناب عَبدُالمُطلب جو نوراني چَهرو ڏِسي ابره تعجب ۾ پئجي ويو. انهن هاٿين ۾ جيڪو سڀ کان وڌيڪ طاقتور هاٿي هو، اُهو جناب عَبدُالمُطلب جي نراڙ ۾ حضور پاڪ جن جو نور چمڪندي ڏسي سَجدي ۾ ڪِري پيو، نه صرف ايترو، پر هاٿي ڳالهائڻ لڳو ۽ جناب عَبدُالمُطلب کي مخاطب ٿيندي چوڻ لڳو ته: ”حضرت محمد ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن تي اسان جا سلام هُجن، جنهن جو نُور اَوهان جي مُنهن مبارڪ مان چمڪي ٿو.“ اهو قول تاريخي حقيقتن جي روشنيءَ ۾ صحيح آهي ته مڪي جي سردار جناب عبدالمُطلب انهيءَ سال پنهنجي فرزند حضرت عبدالله جي شادي حضرت آمنه بنت وَهب سان ڪرائي.

شاديءَ کان ڪجهه عرصو پوءِ حضرت عبدالله واپار سانگي مدينہ منوره ويو، اُتي بيمار ٿي پيو ۽ اُتي ئي وفات ڪيائين. سندس انتقال کان چار مهينا پوءِ، اَبره جي لشڪر ڪشيءَ کان 50، 55 ڏينهن پوءِ 20- اپريل 571ع بمطابق 12 ريبع الاول سُومر ڏينهن، فَجر وقت عامُ الفِيل جي پهرين سال تي آقاءِ نامدار هِن دنيا ۾ تشريف فرما ٿيا. جنهن هاٿيءَ جناب عبدالمطلب کي سجدو ڪيو هو، اُن هاٿيءَ جو نالو ”محمُود“ هو.

شاهه سائين جي وائي جي سِٽ 02 ۾ ڀٽائي صاحب اُن محمود هاٿيءَ جي سجدي واري ڳالهه تَلميح طور پنهنجي وائيءَ ۾ بيان ڪئي آهي. سُر سارنگ جي وائي واري سٽ 03 ۾ ڀٽائي صاحب هڪڙو اهم واقعو پنهنجي وائيءَ ۾ قلمبند ڪيو آهي، اُهو آهي 1. ڪَسريٰ جي ڪوٽ جا 14 ڪُنگرا ڪِرڻ. 2. بُحيره ساوه سُڪي وڃڻ. 3. مَجُوسِين جو آتشڪده وِسامي وڃڻ.

گهڻن مُفسِرن ۽ تاريخ نَويسَن اِها ڳالهه لکي آهي ته جڏهن حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن هن دنيا ۾ تشريف فرما ٿيا ته مٿيان ٽيئي مَعجزا پيش آيا، جن جو اختصار ڀٽائي صاحب تلميحي طور سُر سارنگ جي وائي جي سِٽ 03 ۾ ڪيو آهي. شاهه سائين سُرسارنگ جي وائيءَ جي سٽ 04 ۾ جيڪا تلميح استعمال ڪئي آهي، ان ۾ معراج جو ذڪر ٿيل آهي.

حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي معراج جو ذڪر الله پاڪ خود قرآن شريف ۾ سوره بَني اسرائيل ۽ سوره اَلنجمِ ۾ ڪيو آهي. ڀٽائي صاحب وائيءَ جي سٽ 04 ۾ انهي معراج واري واقعي طرف تلميحي صورت ۾ ذڪر ڪيو آهي.

قرآن پاڪ ۾ معراج جو ذڪر الله پاڪ، سُوره بَني اسرائيل ۽ سوره النجم ۾ ڪيو آهي. شاهه سائين سُر سارنگ جي وائي جي سٽ 05 ۾ جيڪا تلميح استعمال ڪئي آهي، ان ۾ ”سُورهُ وَضُحيٰ“ تَلميحي طور استعمال ڪئي آهي.

هن سوره جي شانِ نزول بابت اڪثر مُفسرن اها ڳالهه لکي آهي ته هڪ دفعي وَحِي جبرائيل لاڳيتو ٻه هفتا ڪو نه آيو. نبي ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن ڏُکارا ٿيا ۽ ڪافرن کي جڏهن اِها خبر پئي ته انهن اِها ڳالهه هُلائي ته محمد جو الله، محمد کان ناراض ٿي ويو آهي. انهيءَ صورتحال ۾ وحي آيو ۽ حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن کي اچي الله تعاليٰ جو پيغام ڏنائون ته الله پاڪ اوهان کان ناراض نه آهي ۽ (ولسوفَ يُعطيک رَبُک فَتَرضيٰ) جي بِشارت حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن کي ملي.

مخدوم محمد هاشم ٺٽوي پنهنجي ڪتاب ”تَفسير هاشمي“ ۾ لاڳيتو ٻه هفتا وحيءَ جي نه اچڻ جو ڪارڻ ڪُتي جي هڪ گُلر جو حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي گهر ۾ موجود هُجڻ ڄاڻايو آهي. مٿئين آيت جو ترجمو هي آهي ته ”۽ تُنهنجو پالڻهار سِگهو ئي توکي ايترو ڏيندو جو تُون خوش ٿيندين.“ هيءَ آيت جڏهن نازل ٿي، ته پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وآلہ وسلم  فرمايو ته اسان تيسيتائين راضي نه ٿينداسُون جيستائين اسان جو هڪڙو اُمتي به دوزخ ۾ رهندو. اُمت لاءِ هِيءَ وڏي بِشارت آهي، جنهن موجب حُضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جا سمورا مومِن اُمتي دوزخ جي عذاب کان ڇُٽندا.

نبي ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن کي حَسد وِچان مڪي جا ڪافر ۽ مُشرڪ محمد جي بدران مَذمَم چوندا هئا، جنهن جي معنيٰ محمّد جي اُبتڙ آهي. محمّد جي معنيٰ جنهن جي ساراهه ڪئي وڃي ۽ مُذَمَم جي معنيٰ آهي، جنهن جا عيب ڪڍيا وڃن.

حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن کي مڪي جا ڪافر ابتر به چوندا هئا. عربيءَ ۾ ”ابتر“ ان ڍور کي چوندا آهن، جنهن جو پُڇُ وڍيل هوندو آهي. گويه حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن کي ڪافر اهو مهڻو ڏيندا هئا ته کيس نرينه اولاد نه آهي، ”سوره الکوثر“ ان وقت نازل ٿي.

شاهه سائين جي سُرسارنگ جي مٿين وائِي جَنهن ۾ ڀٽائي صاحب حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي قدمن جي خاڪ جو قَسم کڻڻ جي ڳالهه، جنهن سِٽِ ۾ ڪئي آهي، اها سِٽ مُون شاهه سائين جي ترتيب ڏنل اٺن رسالن ۾ پڙهي آهي. اُهي رسالا ۽ اُنهن جي مُرتبن جا نالا صفحن سميت هيٺ ڏجن ٿا.

(1) بمبئي ڇاپو مَطبع ڪَريمي، قاضي علي مِيان بن قاضي عبدالطيف. تاجر ڪُتب سنه 1345هه، صفحه 102.

(2) مرزا قليچ بيگ جو رسالو، پبلشر پوڪرداس سنه 1913ع، صفحه 215 .

(3) هٿ اکري صفحه 154 (رسالو).

(4) ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽَرمپ لپزگ، جَرمني سنه 1866ع صفحه 293 .

(5) محمّد عثمان ڏيپلائي صفحه 175.

(6) شاهه جو گنج، محمد قاسم راهمون. صفحه 175.

(7) شاهه جو گنج، حاجي الهداد جِهنجهي، صفحه 133.

(08) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي شاهه جي رسالي ۾ سر سارنگ جي مٿين وائي صفحه 410 تي ڏني آهي، پر وائيءَ ۾ ڇهين نمبر سٽ ”قادر پاڻ قسم کنيو، خاڪ قدمن جو ڪلتار“ نه لکي آهي. مون انهيءَ ڀٽائيءَ جي سٽ کي قرآن شريف جي روشنيءَ ۾ تمام گهڻن عالمن سان رابطو ڪيو ته ڇا قرآن شريف جي ڪنهن سُوره ۾ حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي قدمن جي خاڪ جو قسم الله پاڪ کنيو آهي يا نه؟

عالمن سڳورن جا جواب مون کي مطمئن ڪندڙ نه مليا، پر جڏهن مون ڀٽائيءَ جي دور جي هڪڙي وڏي، مفتي، قاضي القضات مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو ڪتاب ”تفسير هاشمي“ پڙهيو ته اُن ۾ مخدوم صاحب سُوره اَلبَلَدِ ۾ اُن جو تَفسير ڏيندي هيٺين وضاحت ڪئي آهي.

الله پاڪ سُوره اَلبَلدِ ۾ اِرشاد فرمايو آهي ته:

هن شهر ”مڪي“ جو قسم کڻان ٿو.

ڪتاب ”مَوَاهبِ اللدنِيه“ ۾ روايت آئي آهي ته حضرت عمر رضه هن آيت جي تفسير ۾ فرمايو ته ”الله پاڪ ٻنهي جهانن جي سردار جي قدمن مبارڪن جي مٽيءَ جو قسم کنيو آهي. حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جو ايڏو شان آهي جو خود خالق اڪبر پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وآلہ وسلم جي قدمن مبارڪن جي مٽيءَ جو قسم کنيو آهي، ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو مرتبو ٿي سگهي ٿو؟ جيڪو الله پاڪ، پاڻ ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن کي ڏنو. الله تعاليٰ ٻنهي جهانن جي سردار سان ڪوڙين ڪَرم ۽ اَپر عنايتُون ڪيون آهن. جيڪي سونهاري سردار سان ئي سُونهنِ ٿيُون.

شافِع جي شَرف ۽ شان جا حد حساب ئي نه آهن. ڪير آهي جو ان جو اندازو لڳائي سگهي؟

(حوالو تَفسير هاشمِي صفحه 153، مُفَسِر مَخدُوم محمّد هاشم ٺٽوي)

شاهه سائينءَ جي سُرسارنگ جي مٿين وائيءَ ۾ ڀٽائي صاحب حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جو شان ڳايو آهي ۽ قرآن شريف جي روشنيءَ ۾ پنج تلميحون هڪڙي ئي وائيءَ ۾ پيش ڪرڻ، اهو ڀٽائي صاحب جو ڪمال آهي. هن زبان کي ڇا طاقت آهي جو حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جو شان ڳائي ۽ بشر کي ڪهڙي طاقت آهي جو اُن جون وصفون بيان ڪري. سڀ ملائڪ ۽ مُقرب حُضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جا خاص خدمتگار آهن، جيڪي به پيغمبر، حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن کان اڳ ۾ موڪليا ويا، اُهي سڀئي سندن جا خابُرو ۽ قاصد هئا.

واءُ مٽي، ارض و آسمان، آب آتش، رات ڏينهن حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي شان ۾ صلوٰتُون پڙهن ٿا ۽ خود رب پاڪ به.

ڪتاب اَلمَواهبِ اللُدُنيه/ بلمنح المُحمّديه:

هيءُ حديث پاڪ جو ڪتاب آهي. اَبو عبدالله محمد بن عبدالباقي بن يوسف بن احمد بن علوان مصري، ازهري، مالڪي پنهنجي دور جو هڪ مڃيل عالم، مُحدث، مُحقق ۽ فقيہ ٿي گذريو آهي، جنهن کي علمي دنيا ۾ زَرقانِي جي نالي سان ڄاتو وڃي ٿو، ڇو جو سندس وڏڙن جو تعلق مصر جي ان مشهور ڳوٺ سان هو، جنهن کي زرقان سڏيو ويندو آهي. محمّد بن عبدالباقي جي وِلادت سنه 1055هه بمطابق 1645ع ڌاري ٿي ۽ 1122هه بمطابق 1710ع ڌاري قاهره ۾ وفات ڪيائين. هن مختلف عُلوم خاص طور حديث جي علم ۾ اهڙي ته مهارت حاصل ڪئي جو 12 صدي هجريءَ دوران مصر ۾ کيس خاتم المحدثين جي لقب سان ياد ڪيو ويندو هو. حَديث جي ميدان ۾ علامه زرقاني جي خدمتن جو دائرو تمام وسيع آهي. علامه زرقانيءَ سڀ کان وڌيڪ پائدار ڪم اهو ڪيو جو هن علامه محمد بن قسطلاني جي مشهور ڪتاب
”اَلموَاهبِ اللُدُنيه“/بلمنح المُحمديه (صلي الله عليہ وآلہ وسلم) جي شَرح آهي، جنهن کي علامه زرقانيءَ محنت ۽ محبت سان مُرتب ڪيو. هر واقعي بابت حديثن جو انتخات، واقعات جي تشريح، جنهن نموني زرقانيءَ ڪئي آهي، اَهڙي ڪنهن ٻئي محدث نه ڪئي آهي. اهوئي سبب هو جو علمي حلقن ۾ هن ڪتاب کي اصلي ڪتاب کان به وڌيڪ مقبوليت حاصل ٿي. جيڪا اڄ ڏينهن تاءِ قائم آهي. (حوالو سيرت هاشمي صفحه 112)

شاهه سائينءَ جي سڄي ڪلام ۾ ڪائنات جي ڪارڻي جا گُڻ، وصفون، هن فاني جهان ۾ سندن اچڻ، معراج تي وڃڻ جو ذڪر بيان ٿيل آهي. مان هتي شاهه لطيف جي سُر بلاول مان چند مثال لکان ٿو، جن ۾ حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جو هِنَ جَهان ۾ آمد ٿيڻ، مَعراج تي وڃڻ جو ذڪر ڀٽائي، صاحب، اِختصار طور پيش ڪيو آهي.

وائي (1)

       جَان ڏنائون پير، جَان ڏنائُون پير،

(1) ڀڳا ڪوٽ ڪُفارَ جا، اَچِي عَلِي شير،

(2) مٿي اڱڻ آئيا، سُونهَڻ لڳا سَير،

(3) جئان بَني نِڱيو، ڀَري مُبارڪ پير،

(4) لَٿا ڏُک سُک ٿيا، ٿي واڌائيءَ وير.

وائي (2)

       پَسيو سو پَسبو، نُور نبيءَ جو ڏِسبو،

(1) ظاهر ٿيو زمينَ تي، ڏينهَنِ جو ڏِئو،

(2) خاوندَ خاصُ خَلقيو، هَهَڙو ڪو نه ٻيو،

(3) بابو بِيبِي فاطمه رضه جو، ميڙ ۾ مَلَهندو،

(4) ڌَرندو ڇَٽُ رَسولَ صلي الله عليہ وآلہ وسلم تي، ڏُورانِئي ڏِسبو.

بيت (1)

جَکرو جَس کَرو، ٻيا مڙيئي مَلَ،

سَمي جي سُهاڳُ جي، ڪنهن نه پيئي ڪَلَ،

مِٽي اِن مُرسلَ، اَصُل هُئِي ايترِي.

بيت (2)

جکري جِهو جُوان، ڏسان ڪو نه ڏيهه ۾،

مُهڙَ مِڙنِي مُرَسلين، سَرسُ سندس شان،

فَڪَان قَاب قَوسَينَ اَوادنيٰ، ايءُ مُيسرِ ٿِيسُ مَڪانُ،

اِيءَ آگي جو اِحسَانُ، جَنهن هادي ميڙيُمِ هَهڙو

(بلاول)

هن هڪڙي بيت جي اَڀياس لاءِ مُون شاهه سائينءَ جي نَون رسالن جو مطالعو ڪيو آهي، جن جا ليکڪ ڌار ڌار آهن ۽ حوالي طور سڀني رسالن جي ليکڪن جا نالا صُفحن سَميت لکان ٿو.

انهن رسالن ۾ ڪِن ليکڪن ”فَڪَانَ قَابُ قوسين اَواَدنيٰ“ وارِي سِٽ ڏني آهي ۽ ڪِن ڪا نه ڏني آهي.

(1) اَرنيسٽ ٽرمپ صفحه 646 هن رسالي ۾ اها سٽ موجود آهي.

(2) هٿ اکري وارو رسالو صفحه 497 هن رسالي ۾ به اها سِٽ موجود آهي.

(3) بمبئي ڇاپو سنه 1335هه صفحه 309 هن رسالي ۾ به اها سِٽ موجود آهي.

(4) مرزا قليچ بيگ، صفحه 684 هن ۾ به اها سِٽ موجود آهي.

(5) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، صفحه 143 هن رسالي ۾ اِها سِٽ نه آهي.

(6) شاهه جو گنج، اَلهداد جِهنجِهي، صفحه 392 اِها سِٽ موجود آهي.

(7) محمد عُثمان ڏِيپلائي، صفحه- 517، 518، اِها سِٽ موجود آهي.

(8) شاهه جو گنج، محمد قاسم راهمون صفحه 538، اها سِٽ موجود آهي.

(9) ڪلياڻ آڏواڻي، صفحه 563، اها سِٽ موجود آهي.

شاهه سائينءَ جي مٿئين بيت ۾ ڪائنات جي ڪارڻِي جو هن جهان ۾ اچڻ ۽ سندس معراج تي وڃڻ جي مَنظرنگاري ٿيل آهي، ۽ معراج تي وڃڻ لاءِ ڀٽائي صاحٻ ”فَڪان قاب قوسين اوادنيٰ“ جي آيت تلميح طور استعمال ڪئي آهي.

هاڻي مان سُربلاول مان هڪ وائِي لکان ٿو. جيڪا سڀني شارحن پنهنجي رسالي ۾ لکي آهي. هن وائيءَ ۾ حُضور ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جو ذڪر ڀٽائي صاحب آندو آهي ته مَحشر جي ميدان ۾ سڀني اَنبيائن جو اُمتون پريشاني ۽ سرگرداني واري حالت ۾ هُونديون. سڀ انسان حضرت آدم عليہ السلام ڏانهن ڊوڙندا ته توهان اَبُوالبَشر آهيو، شفاعت ڪريو، پر سڀئي اَنبياء اڪرام ۽ انهن جون اُمتون گڏجي حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن وٽ شفاعت لاءِ اينديون ۽ شفيع جي شفاعت ٿيندِي ۽ اَڙيلن کي ڇُٽائيندو. اَهڙي منظري نگار ڀٽائي صاحب هيٺئين ريت ڪئي آهي.

وائي

       ڍَڪَ ڍَڪيندو مُون نه ڇَڏيندو، شَفيعُ شَافِعُ سُپرين،

(1) اَنڌا اُونڌا آکُڙِئا، سَڀ نباهي نِيندو،

(2) وٽان ويچارَن جي، داڙُو ٿي ڌڙيندو،

(3) جي ڏوهارين ڏاکڙا، سي لَڪَ لنگهائيندو،

(4) نور ناڪارُون نه ڪري، محمد مِنتَ مَڃيندو،

(5) هِت پڻ حامي هِن جو، اڳيان آڌر ڏِيندو،

(6) طَهُورا تَڙين کي، پانڊَپُ پيارِيندو،

(7) پاڻ سُڃاڻي پاڻهين، ڪامل ڪَرمَ ڪَريندو،

(8) طَنبُو آڻي تاءَ ۾، عَاصِينِ ڪاڻ اَڏيندو

(9) داتا دوزخين کي، لِينگهو لُهرائيندو،

(10) رَسڻ وير رَسي ڪري، مُشڪ رنگ مٽيندو،

(11) رحمة اللعالمين، اَهُکِيءَ آڳَهه ٿيندو،

(12) اُتي عبداللطيف جو، هادِي هَٿُ جهليندو.

ڀٽائي صاحب تي تحقيق جو ڪم تمام گهڻو ٿيو آهي، پر اڃا به تحقيقي حوالي سان شاهه سائينءَ تي گهڻي ڪم ڪرڻ جي گنجائش موجود آهي. جن به عالمن ۽ ڏاهن انهيءَ ميدان ۾ جيڪو ڪجهه پورهيو ڪيو آهي ۽ جهڙو به ڪيو آهي، اهو حرفِ آخر نه آهي. اسان انهن جي ڪيل پورهئي کي سَلام ۽ خراج تَحِسين پيش ڪريون ٿا، جو انهن اسان لاءِ راهه پيدا ڪئي آهي، ان کي وڌيڪ سُوڌڻ ۽ سَنوارڻ اسان جو توهان جو، سڀني جو فرض آهي. حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن بابت شاهه سائينءَ جو ڪلام تَمثِيلُن، تشبيهن، تَلميحن، مَحاورن، اِستعارن سان ڀَرپُور آهي، پر ان کي سمجهڻ لاءِ هرڪو مُدَبر ۽ اَڪابر پنهنجي پنهنجي سمجهه آهر ان کي سمجهي ٿو ۽ ان بابت پنهنجا خيال پيش ڪري ٿو.

ڀٽائي صاحب جي سَڀني سُرن ۾ حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جا اخلاق مبارڪ چڱيءَ طرح بيان ڪيا ويا آهن، پر خاص طرح سُرڪاموڏ ۾ ڀٽائي صاحب جيڪا منظرنگاري ڪئي آهي، اُها پڙهڻ وٽان آهي، هن سُر ۾ ڀٽائي صاحب حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي پنهنجي ڪردار کي مَڃائڻ عوام جاهِليه جي وقت ۾ پاڻ کي صادق ۽ اَمين مَڃرائڻ، تمام بهترين انداز ۾ ڀٽائيءَ اِن طرف ڏانهن تَمثيلُون ڏئي حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي اخلاقن تي روشني وڌي آهي. جهڙيءَ طرح قرآن شريف ۾ ارشاد آهي ته: اسان توهان کي ٻنهي جهانن لاءِ رحمت ڪري موڪليو. ڀٽائيءَ به اِن پَسمنظر ۾ سُرڪاموڏ ۾ بيتَ ۽ وايُون چَيون آهن.

بيت (1)

هُئي ته ميئَنِ جَهڙي مي، پَر خدمت کڻي کَرِي ڪئي،

جَن ويهڻ نه ڏِنُسِ ٿي وَٽِ ۾، ٿيا سَلامي سي،

ڄــــــام تماچيءَ لئه، پــــــاڪ رکيائين پــــــڃرو.

(ڪاموڏ)

ڪِن رسالن ۾ هيٺين سِٽ هِن طرح به لکيل آهي ته:

نــــــوريءَ نــــــازَ ڪري، عَالَم اِنعامِــــــي ڪيو.

بيت (2)

تهڙو ڪِينجهر ۾ ڪِين نه ٻِيو، جَهڙِي سُونهَن سَندِياسِ،

مَڏَ، مِياڻيُون، مَڪڙا، مِـــــــڙئـــــــي مـــــــعــــــاف ٿِياسِ،

مــــــورڇَـــــلُ مـــــٿـــــاسِ، اُڀـــــــو تــــــمــــــاچــــــي هَــــــڻـــــي.

بيت  (3)

کِکيءَ هاڻيون کاريُون، ڇڇيءَ  هاڻا ڇَڄَ،

پاندُ جنين جي پاندَسين، لڳو ته ٿِئي لَڄَ،

سَمون ڄام سَهڄَ، اُڀو ڪري اُن سين.

بيت (4)

ڪينجهر ۾ باه ٻري، هيڏي ويرڪئاء،

ناهي تجلو تارن جو، ناهي شَمسِ شُعاء،

جڏهن لَٿو پاند مُهاء، ته مَرُمَرِڪَن مڇيءَ واريون.

 

ڀِٽائِي صاحب ڪُل اَنبياءَ عليہ السلام جي شان ۽ مَرتبي جو ذڪر اشارتاً پنهنجي ڪلام ۾ ڪيو آهي، پر حُضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي لاءِ چوي ٿو ته اُهو سڀني جو مهندار ۽ سُونهون سردار آهي.

سُر سورٺ جي هڪ بيت ۾ اهڙي منظرنِگاري هيٺينءَ ريت ڪري ٿو.

بيت

سَهسين سورٺيا آئيا، مَانجهي مَڻيادار،

جَن ڳَڙهان ٻَهِرڳائيو، سَهجان سڀ ڄَمار،

تُنبيري جي تَند جي، اُتِ پهرين هُئي پَچار،

آءُ مٿاهون مَڱڻا، چَڙِهي دَرِ دُئار،

توکي گهوٽ گهرائيو، خِلوتُ لاءِ کنگهارُ،

اَلسلامُ العليڪَ اَيهاالنَبي، اِي کِلي ڪيائين کِينڪارُ،

سُئو ۾ سَنسارُ، ته مُلڪ ڏِنائين مَڱڻي.

ڀٽائي صاحب هن بيت ۾ سَهسين سورٺيا مان مراد وٺي ٿو ڪُل اَنبياءَ عليہ السلام جن جو هِن جهان ۾ اچڻ.

حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي رُتبي لاءِ سُرديسي ۾ پڻ هيٺينءَ ريت ذڪر ڪيو اٿس.

بيت (1)

ٻاروچا ٻيا گهڻا، منهنجو پَرمَل ڄام پُنهون،

آگي عنايت ڪري، تنهن کي ڏيج ڏنو،

پهتو جت پُنهون، اُتي ڪانهي جاءِ جَتَنِ جِي.

بيت (2)

ٻاروچا ٻيا گهڻا، هَهَڙو ڪو نه ٿيو ۽،

اُڀ زمين وچ ۾، شَمس ٿي اُڀريو ۽،

سِج چنڊ کان آڪرو، تنهن کي روشن رب ڪيوءِ،

ٿَڪيءَ تي ٿيوءِ، وسيلو وڻڪارَ ۾.

بَحيرا عيسائي راهب حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جي نبوت جي تصديق ڪئي:

حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي ننڍپڻ ۾ پاڻ ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن وٽ ڪيترائي معجزا هئا. انهن معجزن ۾ پاڻ ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن سان وَڻَ به ڳالهائيندا ۽ سلام ڪندا هئا، مڪي پاڪ ۾ هڪڙو پٿر هوندو هو، جڏهن پاڻ ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن ان جي ڀرسان لنگهندا هئا ته اُهو پٿر کين سلام ڪندو هو، هڪ ڪَڪرُ آسمان تي هوندو هو جو جيڏانهن به حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن ويندا هئا ته اُهو مٿن ڇانوَ ڪري هلندو هو.

جڏهن نبي ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جي جي عُمر يارنهن ورهيه ٿي ته پنهنجي چاچي حضرت ابوطالب سان گڏ واپار سانگي شام ويا، اُتي بحيرا نالي عيسائي راهب حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي نبوت جي تصديق ڪئي.

بَحيرا بنيادي طور تي سرياني زبان جو لفظ آهي، جنهن جي لُغوي معنيٰ اِها ئي ٿيندي جيڪا عربي زبان ۾ ”علامه“ جي ٻُڌائي وئي آهي. يَهُودين ۾ ڪيترائي عالم ٿي گُذريا آهن جن کي ان اعليٰ لقب سان ياد ڪيو ويندو هو. هي بَحيرا توريت، انجيل سان گڏ سمورن مُوسوِي توڙي عِيسوي عُلوم جو سڀ کان وڏو ماهر عالم هو، پر پوءِ رهبانيت اختيار ڪري بصره جي مرڪزي گرجا گهر ۾ اچي ديرو دَمايائين، جيڪو شام ۾ عيسائيت جي تعليم ۽ تبليغ جو سڀ کان وڏو ۽ اهم مرڪز هو. سندس نالو زهري، شامي ۽ مُفطائي طرفان جَرجيس ٻڌايو ويو آهي. جڏهن ته سِرجس پڻ لکيو ويو آهي. حافظ بن ڪثير پڻ بَحيرا کي عيسائي لکي ٿو. زهريءَ جي راءِ مطابق بحيرا عيسائي نه پر يَهودِي هو.

اسلام کان اڳ زمين تي رهندڙ انسان ٽن بابرڪت هستين بابت ڄاڻ رکندا هئا. 1. رئاب بن براءِ الشني ٻڌايو ويو آهي، جيڪو پاڻ ته ڪجهه وقت پهريائين گُذاري ويو هو، پر سندس علم ۽ عرفان جو ڳالهيون اُن وقت تاءِ ماڻهن ۾ هلندڙ هُيون. امام ابن تميم جو بيان آهي ته اُن دور ۾ رئاب ۽ سندس پُٽ جي قبرن مٿان هر وقت هلڪي هلڪي بُوند وَسندي هئي. 2. بَحيرا، جنهن جو ذڪر مٿي ٿي چُڪو آهي
3. حضرت محمد ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن هئا، جنهن جي اچڻ جو ورهين کان وٺي انتظار هو. خاص طور تي اهڙو انتظار اهلِ علم طبقي کي هو جيڪي پنهنجي ڪتابن ۾ آخري نبي ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن بابت پيشگويُون ته پَڙهي چُڪا هئا، پر اُن هَستيءَ جي زيارت لاءِ سندن اکيون آتيُون هُيون. بَحيرا به اهڙين سُڄاڻ شخصيتن مان هڪ هو.

ڀٽائي صاحب اهڙن بَرن، وڻن، ٽِڻن جي حضور جن صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي سلامي ڀرڻ جو ذڪر تمثيلي انداز ۾ ڪافي بيتن ۽ واين ۾ ڪيو آهي. هتي چند مثال ڏجن ٿا:

مثال (1):

نازَ منجهان را نِڪِري، جڏهن پِرين ڪَرين ٿو پنڌ،

ته ڀُون پِڻ بِسم الله چَئي، راه چُمي ٿي رند،

اُڀيون گهڻيون اَدب سين، حُورون حيرت هنڌ،

مون کي سائينءَ جو سوڳُنڌ، ساجَنُ سڀنئانِ اڳرو.

(2) ڪنهن پر روئان پرينءَ کي، روئڻ مُون رياءُ،

بَرن منجهه بَڪاءُ، ٻي ڀَتِ ٻُڌم جيڏيون.

(3) مِيمَئُون ٿيو مَهندار، ٻاروچو ٻيلِيُن جو،

سڀني جو سيد چئي، سُونهون ٿيو سردار،

مُلڪ جو مَدار، مون کي مولا ميڙئين.

نبي ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جا اخلاق مبارڪ قرآن ڪريم ۾ بيان ٿيل آهن جيڪو عربي زبان ۾ آهي، پر ڀٽ ڌڻي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ڪلام کي يعني شاهه جي رسالي کي ”سنڌيءَ زبان جو قرآن“ هُجڻ جو شرف شهيد عبدالرحيم گرهوڙي ڏئي ويو آهي ته:

آگي عبداللطيف تي،   رَضامندو رحمٰن،

پِرت مان جنهن پڙهيو، باريءَ   جو بيان،

جوڙي جنهن قرآن، سنڌيءَ ۾ صحيح ڪيو.  (گرهوڙي)

نبي ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي بُعثت جا اُهڃاڻ شاهه سائين جي ڪيترن ئي بيتن ۾ سمايل آهن، جن جي تفصيل لاءِ رسالو پڙهي سگهجي ٿو.

نبي ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن لاءِ جابر بن سَمُره کان روايت آهي ته انهن ڏينهن ۾ پاڻ صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جنهن به وڻ ٽڻ يا پٿر پهڻ وٽان لنگهندا هئا ته اُهو سندن خدمت ۾ السلام العليڪَ يَا رَسول الله صلي الله عليہ وآلہ وسلم چوندو هو.

حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي ٻي حديث مبارڪ آهي ته مڪي ۾ اهو  پٿر اڃا تائين موجود آهي جيڪو نبوت جي شروعاتي دور ۾ مون کي سلام ڪندو هو. اُن پٿر بابت ٻه روايتون ملن ٿيون. 1. ڪي چون ٿا ته اهو پٿر حضرت ابوبڪر صديق رضه جي گهر وٽ هو. 2. ته اهو پٿر ”حَجر اسود“ آهي، جيڪو ڪعبة الله ۾ لڳل آهي. مون مٿي جيڪي شاهه سائين جا ٽي بيت مثال طور ڏنا آهن، انهن ۾ جيڪا سٽ وڻن ٽڻن، پٿرن جي سلامي ڀرڻ لاءِ پيش ڪئي اٿم، ان ۾ ڀٽائي صاحب حضور ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي بُعثت جي اهڃاڻن جو عظيم خاڪو چٽيو آهي، جنهن تي اسان سنڌين کي ناز آهي ته جتي عربن جا تاريخ نويس مُحدث پنهنجون روايتون ڏئي نثر ۾ اها تاريخ جوڙي ويا آهن ته حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن تي پٿر، وڻ ٽڻ سلام ورائيندا هئا. انهيءَ تاريخ لکڻ ۾ مؤرخن، محدثن دفترن جا دفتر لکيا آهن، پر ڀٽائي صاحب صرف اختصار کان ڪم وٺي هڪڙي ئي هيٺين سٽ ۾ اهو بيان قلمبند ڪيو آهي، ته بَر پڻ ڪَن بَڪاء، اُڪنڊيا آري لئه گهڻو. ڀٽائيءَ جي فڪر ۾ واءُ، مٽي، آب و آتش، عرض و سمان، رات ڏينهن دل سان حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن لاءِ صلواتون ۽ سلام پڙهن ٿا ۽ سڀ ملائڪ مقرب به صلواتون ۽ سلام موڪلين ٿا.

حضور ڪريم صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جو معراج:

مُحدثن ۽ محققن جو بيان آهي ته حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جو معراج نبوت جي ٻارهين سال رجب المرجب مهيني جي 27 تاريخ سومر جي رات تي ٿيو. انهيءَ ڳالهه تي تمام گهڻا اتفاقي آهن.

معراج لاءِ سيرت نگارن ۾ ڪجهه اختلاف آهن جيڪي هيٺ ڏجن ٿا:

1. جنهن سال پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن کي نبوت عطا ٿي، ان سال ئي معراج جو واقعو پيش آيو.

2. نبوت کان پنج سال پوءِ معراج ٿيو.

3. نبوت جي ڏهين سال 27 رجب المرجب تي ٿيو. (اهو علامه منصور پوري جو بيان آهي)

4. هجرت کان 16 مهينا اڳ يعني نبوت جي ٻارهين سال رمضان المبارڪ ۾ ٿيو.

5. هجرت کان هڪ سال ٻه مهينا اڳ نبوت جي 17 سال ربيع الاول ۾ ٿيو.

انهن قولن مان پهريان ٽي قول انڪري صحيح نٿا ٿي سگهن جو بيبي خديجة الڪُبريٰ رضه جي وفات 5 وقت نماز فرض ٿيڻ کان اڳ ٿي چُڪي هُئي ۽ انهيءَ تي سڀني جو اتفاق آهي ته پنج وقت نماز معراج جي رات فرض ٿي. بيبي خديجة الڪُبريٰ رضه جي وفات نبوت جي ڏهين سال رمضان المبارڪ ۾ ٿي. تنهنڪري معراج ان کانپوءِ ٿيو هوندو. اهو واقعو مڪي واري آخري دور جو آهي.

معراج واري رات حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن پنهنجي سؤٽ بيبي اُمِ هانِي جي گهر سُتل هئا.

بيبي اُمِ هَانِي، حضرت اَبُوطالب جي نياڻي ۽ علي ڪَرَم الله وجهہ جي ڀيڻ هئي. هن بيبيءَ حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي پَرورش ڪئي هئي. معراج جي واقعي واري رات حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن مسجد الحرام ۾ الله پاڪ جي عبادت ڪري ۽ بيت الله جو طواف ڪري وڃي حضرت بيبي امِ هاني جي گهر آرامي ٿيا. اهو گهر شعبِ ابوطالب ۾ هو، جتي پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن پنهنجي عزيزن سان قريشن جي قطح تعلقات جا ٽي سال نهايت سختي ۽ ڪَسم پُرسيءَ ۾ گذاريا هئا. الله پاڪ نبي صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي گُهرائڻ لاءِ پنهنجا اَحڪام ملائڪن کي ڏنا. حضرت جبرائيل عليہ السلام کي حڪم ڪيائين ته محمد ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي معراج جو انتظام ڪر. الله پاڪ جبرائيل عليہ السلام کي فرمايو ته:

اڄ ميڪائيل عليہ السلام کي چئه ته مخلوق جي روزي رزق رسائڻ کان ڪجهه صبر ڪري.

2. اسرافيل عليہ السلام کي صُور رکڻ لاءِ چئو. 3. عزرائيل عليہ السلام کي حڪم ڪر ته ڪُجهه گهڙيون رُوحن کي قبض ڪرڻ کان پاسو ڪري.
4. بهشت جي مالڪ رِضوان کي چئو ته سموري بهشت جي غِلمانن ۽ حُورن کي محمد پاڪ صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي استقبال ڪرڻ لاءِ صِف بيهاري ڇڏي. 5. عرش معليٰ جي حاملان کي چئو ته عرش معليٰ کي اِطلِس مُقدس سان ڍَڪي، ڪرسيءَ تي قُدوسِي تاج رکي 6. دوزخ جي مالڪ کي حڪم ڪر ته دوزخ جا دروازا بند ڪري ڇڏي 7. سڀني انبيائن جي رُوحن کي آدم کان وٺي عيسيٰ عليہ السلام تائين اطلاع ڏي ته الله، محمد ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن کي معراج لاءِ گهرايو آهي، تنهنڪري توهان سڀ سندن استقبال لاءِ تيار ٿيو.
8. بهشت منجهه تيز رفتار براق سينگاري، سترهزار بهشتي ساڻ ڪري سِدَرَة المُنتَهيٰ کان مڪي معظم وڃ ۽ محمد صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن کي منهنجي درٻار ۾ وٺي اچ.

پاڻ سڳورا صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن فرمائين ٿا ته مان ان رات بي بي اُم هاني جي گهر سُتل هوس ته جبرائيل امين جي اچڻ تي جاڳي پيس. جبرائيل عليہ السلام اچي چيو ته ”الله تعاليٰ توهان کي سلام ٿو ڏئي، هُو اوهان کي گُهرائي ٿو، آءٌ اوهان کي وٽس وٺي ويندس. هُو اوهان کي پنهجين اهڙين مهربانين سان نوازيندو جو نه هِن کان اڳ ڪنهن سان ڪَيون اَٿس، نه وري اوهان کان پوءِ ڪنهن سان ڪندو، اهڙو نه ڪنهن ٻُڌو هوندو ۽ نه وري ڪنهن انسان جي دل ۾ ڇُپيو هُوندو.

حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن فرمائين ٿا ته جبرائيل عليہ السلام سان گڏ ٻيا ملائڪ ۽ سواريءَ لاءِ هڪ جانور، جنهن کي ملائڪن براق ڪري پئي سڏيو جيڪو گهوڙي کان ڪجهه ننڍو هو ۽ سندس رانن تي پَر هئا، گڏ هو. بهشت جي مالڪ رِضوان، حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن کي هڪ چوڪنڊي طشت پيش ڪئي، جنهن جي هر ڪنڊ تي موتين جو جڙاءُ هو. اُن طشت ۾ ياقوت جا ڪُوزا آبِ ڪوثر سان ڀريل رکيل هئا. معراج واري رات رسول صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن مڪي کان بيت المقدس تائين جنهن سواري تي پُهتا، اُها خدا تعاليٰ سندن لاءِ جنت مان موڪلي هئي، ان جي رفتار تمام تيز هئي، سندس نالو ”جادود“ هو. هن رات بيت المقدس ۾ اِمامُ الانَبياء محمد ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي پويان سڀني نبين ٻه رڪعتون نماز ادا ڪئي، باقي انهيءَ ڳالهه ۾ اختلاف آهي ته ان موقعي تي نبين سڳورن جا ارواح اُتي پُهتا هُئا، يا سندن جسم مبارڪ به اُتي موجود هئا؟ نماز بابت ٻه رڪعتون نفل هُيون، ٻي روايت موجب، اُها سومهڻي ”عشاءِ“ جي نماز هئي جيڪا سفر سببان پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وآلہ وسلم قصر ڪئي.

نماز کان پوءِ نبي ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جڏهن بيت المقدس کان ٻاهر نڪتا ته اُتي جنت مان هڪ ڏاڪڻ ”معراج“ آندي وئي.

معراج واري رات الله پاڪ پنهنجي پياري نبيءَ کي جڏهن آسمانن تي گُهرايو ته جبرائيل عليہ السلام دروازو کولرايو، پاڻ صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن لاءِ دروازو کوليو ويو. پهرئين آسمان تي حضرت آدم عليہ السلام کي ڏٺائون، ان کي سلام ڪيائون، حضرت آدم عليہ السلام کين ڀليڪار ڪئي ۽ حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي نبوت جو اقرار ڪيائين. ٻئي آسمان تي پاڻ صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن حضرت يحييٰ بن زڪريا ۽ حضرت عيسيٰ عليہ السلام کي ڏٺو، انهن سان ملاقات ڪئي ۽ انهن ٻنهي پيغمبرن حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي نبوت جو اقرار ڪيو. ٽئين آسمان تي حضرت يوسف عليہ السلام کي ڏٺائون، چوٿين آسمان تي حضرت ادريس کي ڏٺائون. پنجين آسمان تي حضرت هارون عليہ السلام کي ڏٺائون، ڇهين آسمان تي حضرت موسيٰ عليہ السلام کي ڏٺائون. ستين آسمان تي حضرت ابراهيم عليہ السلام سان ملاقات ڪيائون، ان کانپوءِ سِدرَه الُمنتهيٰ تائين پاڻ صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن کي آندو ويو.

مٿي مُون معراج بابت جيڪا تَمهِيد نثر ۾ لکي آهي اها صرف مهربان پڙهندڙن جي آسانيءَ لاءِ لکي آهي، ڇو ته شاهه سائينءَ جي سڄي ڪلام ۾ اختصار طور ڀٽائي صاحب اشارا ڏنا آهن ۽ انهن اشارن کي سمجهڻ لاءِ مٿيان تَمهِيدي جُملا فائديمند ثابت ٿيندا.

ڀٽائي جي شعرن سان معراج جو ذڪر:

(1) سَهسين سورٺيا آئيا، مانجِهي مڻيادار،

جَن ڳَڙهان ٻَهر ڳائيو، سَهجان سڀ ڄمار،

تُنبيري جي تند جي، اُت پَهرين هُئي پَچار،

آءُ مٿاهون مڱڻا، چڙهي دَرَ دُئار،

توکي گهوٽ گُهرائيو، خِلوَتِ لاءِ کنگهار.

السلام العَليڪ اَيهَا النبي، اي کلي ڪيائين کينڪار،

سُئو ۾ سنسار، ته مُلڪ ڏنائين مڱڻي.

(سورٺ)

(2) ڪوڙين آئيا ڪيرتا، ڀَتوڀَتين ڀانَ،

جن ڳڙهان ٻَهرڳائيو، ظاهر ساڻ زبانَ،

هيءَ منجهه پيٺو مڱڻو، اَپَرسِين اِحسانَ،

اَلتحياتُ لله وصَلواتُ وَطَيبات، ساراهي سبحانَ،

جهڙو ڀلو ڀانُ، تهڙا ڏانَ ڏياچ جا،

(سورٺ)

(3) مِئين ۽ مڱڻي، ڪا جا ڳالهه ڳُجهي،

سا ٻائين دائين ٻانهين، سوجهي تان نه سُجِهي،

پيا وِير وِماس ۾، عاقل ويا اُجهي،

ڪوڙين جي ڪريم ريءَ، ويئي مَت مُنجهي،

هڪ ٻِيجَل ٿي ٻُجهي، ٻي خبر هُئي کنگهارَ کي.

(سورٺ)

(4) مُونا طُور سينا، سَندا سَناسِين،

سجدي ۾ سيد چئي، گوڏا گودڙين،

فَڪان قَاب قوسين اَو اَدنيٰ، نانگا ائين نِمن،

ڪُل مِن عَليها فان، باقي ڪين بچن،

الله وَلي الذين آمنو يُخرجُهم مِن الظلمٰتِ اِلي

النُور، اهڙيءَ پر پَرن،

وَخَرمُوسيٰ صَعقا، ٿا جوڳي جُنگ جَلن،

مَازاغَ البَصروَماطفيٰ، اَهڙيءَ رَوش رَوَنِ،

مشاهدو محبوب جو، اُتي آديسين،

بِي يُبصُر بِي يَسمعُ، ٿا اهڙيءَ چالَ چَلن،

سيد چئي سندين، ڪَل پُڇين تون ڪَهڙي.

(رام ڪلي)

هن چوٿين نمبر بيت ۾ ڀٽائي صاحب ”فڪان قاب قوسين اوادنيٰ“ ۽ مازاغَ البصرُ وَماطفيٰ“ قرآن شريف جون آيتون معراج بابت چيون آهن، قاب قوسين جي معنيٰ ۽ تشريح هڪ شاعر جي ٻن سٽن سان هيٺ ڪجي ٿي؛

جيئن ڪُنڍي ڪَمانَ جا، ٻئي گوشا گڏجن،

اِنائين اوڏو ٿيو، مَهندا پاڻ ڌَڻين.

مُونا طُور سِينا جي تشريح:

لفظ مُونا جي معنيٰ آهي گوڏا ۽ طُور سِينا اُن جبل جو نالو آهي جتي حضرت مُوسيٰ عليہ السلام کي اِلٰهي تجلي نظر آئِي. هِن سِٽ ۾ شاهه سائين اِن ڳالهه ڏانهن اشارو ڏئي ٿو ته جَهڙيءَ طرح حضرت مُوسيٰ عليہ السلام طُور سِينا تي مُراقبِي واري حالت ۾ الله پاڪ سان ڪَلامِي ٿيندو هو، اَهڙيءَ طرح گودڙي پوش فقيرن جا گوڏا سَجدي واري حالت ۾ آهن. قاب قَوسين اَو اَدنيٰ هِي قرآن پاڪ جي سُورةُ النجم جي آيت 9 آهي. جنهن جو ترجمو آهي ته ٻن ڪمانن جي فاصلي تي يا اڃا به ويجهو.

ڪُل مِن عَليها فَان، باقي ڪِينَ بَچَنِ.

هيءَ سُورةُ الرَحمٰن جي آيت 62 آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ته سڀ شيءِ تي فنا آهي، اَي مَحبُوب صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جيڪا به شيءِ ڌرتيءَ تي آهي، اُها سڀ جا سَڀ فنا ٿِي ويندي.

وَخَرمُوسيٰ صَعقا

هي قرآن شريف جي سورة الاَعراف جي آيت 143 آهي.

”۽ پوءِ مُوسيٰ غَش ٿي ڪِري پيو“

بِي يَمشِي بِي يَنطقُ

هي قرآن پاڪ جي سورة النجم جي آيت 03 آهي.

”هو مون سان گڏ هلي ٿو ۽ مون سان ڳالهائي ٿو.“

بِي يُبصرُبِي يَسمَعَ بِي وِصال سورة المريم آيت 42 .

”منهنجو پيارو بندو مون سان ڏسي ٿو، مون سان ٻُڌي ٿو ۽ مُون سان ملي ٿو.

هي قول غالبً تَفسِير آهي قرآن شريف جي سُورة مريم آيت 42 جو، ته ”اِذا قال لاَبيہِ يا اَبتَ لَم تُعبد مالا يَسمعَ  ولا يوبصرُ وَلا يُغبي عِنلڪَ شَيئا“

حضرت ابراهيم عليہ السلام پنهنجي پيءُ کان پڇيو ته اي بابا تُون اُن کي ڇو ٿو پُوڄين جيڪو ٻُڌي نه ٿو، ڏسي نه ٿو، ۽ تُنهنجي ڪا پورائي نه ٿو ڪري. سيد ٿو چوي ته تُون سندن ڪَهڙي خبر پُڇي، ڪَهڙي پُڇندين؟

مَازَاغَ البصَرُوَماَظغيٰ سُوَرة النجم آيت 17

”نه اک ڪنهن طرف ڦِري ۽ نه حد کان لنگهي ويئي.“

(پيغمبر جي اک) نڪي لَڙِي ۽ نَڪي حد کان لنگهي.

مٿئين بيت ۾ مُون شاهه سائينءَ جي فڪر ۾ هن جهان جي فاني ٿيڻ، ڪاشيءِ نه بچڻ، مُوسيٰ عليہ السلام جو خدا تعاليٰ کي سندس ديدار پَسڻ لاءِ عرض ڪرڻ، الله جي نُورَ جي تجليءَ سان طُور سينا جبل جو سڙڻ، ۽ حضور ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جو معراج تي وڃڻ ۽ اُتي الله کي ويجهو ڏسڻ جو ذڪر ڪيو آهي. جڏهن حضرت مُوسيٰ عليہ السلام طُور سِينا تي ويو هو ته الله تعاليٰ جو کيس حڪم ٿيو هو ته فَاخلَعَ نَعلَيلڪَ (قرآن طٰــٰہ آيت 12) ”جُتي مُبارڪ لاهيو ۽ جڏهن حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن معراج تي ويا ته پنهنجي جُتِي مبارڪ لاهڻ جو خيال سَندن دل ۾ آيو ڇو ته کين حضرت مُوسيٰ عليہ السلام جي ڳالهه ياد آئِي ته يڪدم الله جو حڪم ٿيو ته ”لاَتَخلَعَ تَعليڪَ“ (حديث قُدسِي) جُتي مبارڪ پنهنجي نه لاهيو. ڀٽ ڌڻي حضور ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جو معراج تي وڃڻ ۽ عَرشِ مُعَليٰ تي پنهنجو اُوچو ڳاٽ ڪري هلڻ جو ذڪر سُر رامڪليءَ جي ٽِيهه اکريءَ ۾ هيٺئين رِيت ڪيو آهي.

يي ئُون يَرڪ مَڪانَ ۾، هَلَنِ اُڀَسَرا،

سَامِي سَفَرَ هليا، ڏُوراڻي ڏيها،

اُهڃَ آندائون اَهڙا، جن منجهه ناهي ڊاءِ،

فَاذ ڪُرونِي اَذڪُرڪُم، سَامِيئڙَن، ساراهَ،

جوڳي وِيڙا جاءِ، گُرکي گَڏ يا ڪاپڙِي.

هن بيت ۾ لفظ ’يَرڪ‘ جي معنيٰ لاءِ جڏهن مون ڀٽائي صاحب جا رسالا پڙهيا ته تمام گهڻن رسالن ۾ انهيءَ لفظ جي معنيٰ مون کي ڪا نه ملي. تمام گهڻن عالمن سڳورن کان ان لفظ جي معنيٰ پُڇيم ، ڪِن چيو ته اِهو لفظ يُريڪَ مان ورتل آهي. پوءِ مُون مرزا قليچ بيگ جي لُغاتِ لطيفي ۾ انهيءَ لفظ جي معنيٰ ڳولِي ته لغاتِ لطيفي ۾ انهيءَ لفظ جي معنيٰ ”گُناهه“ لکيل ڏٺم، پر مُنهنجيءَ دل ۽ دماغ، انهيءَ معنيٰ سان اتفاق نه ڪيو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لوڪ ادب جي ڪتاب ”ٽيهه اکريون“ ڀاڱو پهريون ۾ شاه سائينءَ جي سُر رَامڪَليءَ جي انهيءَ بيت ۾ لَفظ يَرڪ جي معنيٰ هيٺئين ريت لِکي آهي.

غالباً يَرڪ مُخَفَف يا ڌاتو آهي ”يَراڪ“ جو ۽ ان مان گُمان نڪري ٿو ته هيٺئين حَديث مبارڪ ڏانهن اشارو آهي ته ان تعبدالله کان لک تراه فاءن لم تکن تراه فانه يراڪ.

ترجمو: تُون پنهنجي رَب جي عبادت ڪر، تُون کيس ڏِسين پيو، پر جيڪڏهن تُون کيس نه ٿو ڏِسي سگهين ته يقيني طور توکي هو ڏسي ٿو.

مٿئين بيت ۾ شاهه سائين پاڻ ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي عرش مُعليٰ تي فَڪان قَاب قَوسين اَودانيٰ واري مڪان“ جي ڳالهه مٿئين بيت ۾ حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي حديث جو مُخَفِفُ ”يَرڪ“ استعمال ۾ آڻي ڇيهه ڪري ڇڏيو آهي.

ڀٽ ڌڻي سُرڪاموڏ ۾ انهيءَ يَرڪ مَڪانَ جو منظر هيٺئين ريت پيش ڪيو آهي.

تَختُ بَختُ تَڙُ تماچِي، سَڀ پيا نُوريءَ کي نِمن،

لِڪيو لِياڪا پاتا ٿي، سارِي رات سَمين؛

دَائون ٻائيون ٻانهيون، پُيون تنهن جا پير چُمن،

ڏِنيسِ ڏيهه ڌَڻينِ، مَعافيءَ جي مُهرَ هَڻِي.

سُر رامڪليءَ ۾ ٽيهه اکريءَ ۾ شاهه سائين حُضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي معراج بابت ”يرڪ مڪان“ جي تَشريح هيٺئين بيت ۾ ڪئي آهي. شاهه سائين جي سڀني سُرن ۾ معراج جو ذڪر ڪٿي سَربَستو ڪٿي اشارتاً آيل آهي. هيٺئين بيت ۾ پڻ ان طرف ڏانهن تَمِثيل ڏنل آهي.

(1)  جِيمَ ئُون جوڳيئڙن جِي، جَان نِهارَيم جُوءِ،

عُقَل اُت اوجهُون ٿيو، هُو هليا مَٿي هُوءِ،

مونکي اِن مَذڪُورَ جي، بَانسِ نه پَئي بُوءِ،

اَلحُبُ الله والبُغضُرالله، خَاصِي سَندين خُوءِ،

وَڃِي رُوبروءِ، گُرکي گڏ يا ڪاپڙِي.

 

(2)  ڪافَئون ڪري ڪُورِنشُون، ٻَڌي اُڀا ٻانهُون،

اُڀي الک سامهُون، رَتو رُنائون،

سَاسين سيد چئي، مِليون مُدعائون،

وَلسَوفَ يَعطيڪَ رَبُلڪَ فَترضيٰ، چِٽو چَيائُون،

لائق لَڌائُون، گُر کي گڏيا ڪاپڙي.

يَرڪ لفظ لاءِ قرآن شريف جي هڪ آيت ”سُوره الشعراء رُڪوع نمبر 11 ۾ هيٺئين ريت آيل آهي.

اَلَذِي يَراڪَ حِينَ تَقُومُ وَتقلبلڪَ في السٰجدينَ.

ترجمو: (جيڪو تَهجد وقت) تُنهنجي اٿڻ مهل توکي ڏسي ٿو ۽ سجدي ڪندڙن ۾ تُنهنجو ڦِرڻ به ڏسي ٿو.

(سوره الشعراء رُڪوع 11 پاره 19) مترجم تاج مَحمود اَمروٽِي.

يَراڪ = توکي ڏسان ٿو. (يرڪ= ڏسڻ)

يُريڪ = توکي ڏسي ٿو.

معراج واري رات پاڻ ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن کي ”بيتُ المعمُور“ جي به زيارت نصيب ٿي. هي عرش وارن لاءِ خُدا جو گهر آهي. ستر هزار فرشتا روزانو ان جو طواف ڪندا آهن. اهو سلسلو قيامت تائين جاري رهندو ۽ ڪنهن به ملائڪ کي هڪ دفعي کان وڌيڪ طواف ڪرڻ جو موقعو ملي نه سگهندو.

معراج واري رات پنجاه نمازون مقرر ڪيون ويون، پر حضرت موسيٰ عليہ السلام، حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن کي چيو ته اوهان پنهنجي اُمت لاءِ الله کي پنج وقت نماز جو سوال ڪيو ۽ الله پاڪ حُضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جو اِهو سُوال قبول فرمايو.

الله تعاليٰ پنهنجي محبوب صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن کي فرمايو ته هاڻي وڃو ۽ خلق کي ايمان جي دعوت ڏيو. حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن فرمائين ٿا ته مون الله پاڪ کي عرض ڪيو ته معراج جي رات اُهي ڳالهيون جيڪي مون کي عطا ٿيون، تن تي ڪير يقين ڪندو؟

الله پاڪ جي طرفان معراج جي واقعي جو سڀني ماڻهن سان ذڪر ڪرڻ فرض ڪيو ويو. حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن صبح جو اهو واقعو پنهنجي سؤٽ بيبي اُمِ هانِي کي ٻڌايو، جنهن کيس منع ڪئي ته ان واقعي جو ذڪر ٻئي ڪنهن سان به نه ڪري، پر حضور جن فرمايو ته مون کي انهيءَ واقعي جو ذڪر عام ماڻهن تائين پڄائڻو آهي ۽ خدا تعاليٰ مون کي انهيءَ واقعي جو ذڪر عام ڪرڻ لاءِ مون کي پابند بڻايو آهي.

حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن اها ڳالهه حضرت ابوبڪر صديق رضه سان ڪئي، جنهن چيو صَدقة اَشهد اِنکَ رَسول الله.

”سَچُ ٿا فرمايو مان گواهي ڏيان ٿو ته بيشڪ توهين، الله پاڪ جا رسول آهيو.“ ابوجهل چوڻ لڳو ته: اسان کي تُون بيت المقدس جون نشانيون ٻُڌاءِ. الله پاڪ جبرائيل عليہ السلام کي حڪم ڪيو ته ان بيت المقدس کي آڻي مڪي ۾  ”دار عَقيل“ وٽ رکيو، جتان خدا جي رسول صلي الله عليہ وآلہ وسلم ڪافرن کي بيت المقدس بابت هر سوال جا جواب ڏيندا رهيا. مڪي ۾ بيت المقدس جو اچڻ اهو معجزو هو، جهڙو حضرت سليمان عليہ السلام طرفان بلقيس جي تخت کي گهرائڻ وقت ڏيکاريو ويو.

مڪي وارن کي حضور ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي معراج تي وڃڻ جو اعتبار نه آيو، حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جيڪي بيت المقدس جون نشانيون ٻڌايون، اُهي سڀني ڪافرن مَڃيون، پر پوءِ به هنن بدنصيبن ايمان نه آندو. ڀٽ ڌڻي انهيءَ مَنظر نگاريءَ کي پنهنجي هيٺئين بيت ۾ سموهيو آهي.

ڀُليو سَڀ ڀنڀور، جو پُٺيءَ هوتَ نه هليو،

شَهَرَ سُڃاتو ڪِينَ ڪِي، آرياڻي اَتور،

ماڻيو تَنين مور، ديکيو جَن دِل سان.

پيغمبر صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جي برقعي مٽائڻ بابت:

حضور ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي برقعي مٽائڻ بابت لکيو ويو آهي ته مَلڪ الموت هڪ اعرابيءَ جي صُورت وٺي مديني پاڪ ۾ آيو، مديني منجهان ٻالڪن کان پُڇيائين ته (ٻارن کان) جيڪو سڀني نبين جو سردار آهي، ان جا ڪهڙا پار پتا آهن؟ ان جو جواب شاعر جي هِڪ سِٽ سان پيش ڪجي ٿو.

”ٻالڪن ٻيهار، ڏِنُس جَواب جَتَنِ جو،

مُها نوُر سونهري، ڏاڙهيءَ ڀنڀا وار،

پَسي ملڪ دهريو، ڪنبيو سو ڪنڌار،

دُرس درازي پار، آءُ ملڪ حبيب جي.

دهريو = دهليو

مُها = منهن منجهان

مَلڪُ  = حضرت عزرائيل عليہ السلام

اهو اعرابي ”حضرت عزرائيل عليہ السلام“
جڏهن حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي اڱڻ تي پُهتو ته بيبي فاطمة الزهريٰ کانئس پڇيو ته تون ڪير آهين؟ ۽ تُنهنجو ڪهڙو ڪم آهي؟

تُون صبر ڪر ته بابا سائين کي ٻُڌايان. جيجي سانئڻ اچي حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن کي ٻڌايو ته اڱڻ تي ڪو اَعرابي آيو آهي. حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جيڪو جواب جيجي سانئڻ کي ڏنو، اهو جواب آڳاٽي سنڌيءَ جي هڪڙي شاعر جي سٽن سان هيٺ لکجي ٿو.

بيبي نه اَعرابي، اهو ڪَيسريو ڪَنڌار،

مُون روح ڳنهڻ آئيو، توکي ڏيڻ جار،

پيئون پُٽَ ڇِنيو، ڀينرن ڀائر،

ڇورا ڪري ڳڀرو، بيوائون تن مار.

هي واقعو سن 11 هجري بمطابق 632ع جو آهي. شاهه سائين ڪُل نفس ذائقة الموت پنهنجي رسالي ۾ تمام گهڻين جاين تي استعمال ڪيو آهي، هتي مان سُر راڻي مان انهيءَ پسمنظر ۾ هڪ وائي لکان ٿو، جنهن ۾ اهڙو ذڪر سمايل آهي.

توڙي ميران مِيرَ، توڙي پير فقير،

راڻا جي رَجپوت، مومل سي ئي پسندا.

اصل لکيو انگ ۾، ٿيندو تان ته ادا،

سَهُکِي سَڪرات ڪرين، وَالي وير وداع،

اهُکي ويل اچيج، تُون اُتي احمدا،

مڃين رضا رب جي، هتان سڀ هلندا،

ڪل نفس ذائقة الموت، سَچِي ايءَ صدا،

ڪَلمي ساڻ لَڏايئين، هادي هن هنڌان.

يوم محشر ۽ پاڻ ڪريم صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جو اُمت کي بخشرائڻ:

ڪونهي شڪ قيام ۾، اچي ڪِ آئي،

سج موٽندو، صُورَ لڳندي، مرندا مڙيائي،

پيءُ نه پُڇندو پُٽَ کي، ڀائِي،

نفسانفسي ٿيندي اهڙي اوکائي.

هن ڏينهن جو ذڪر گهڻن مُفَسرن لکيو آهي ته قيامت جي ڏينهن اهڙو واءُ لڳندو، پَهَڻ پَڻِي ٿي پوندا، ڌرتي ڌُٻندي، ڇَٽ ڇڻي پوندا.

لکن ٿا ته هيءُ ڏينهن چاليهن ورهين جو ٿيندو. سج نيزي پاند آڻي ٽنگيو ويندو، ڀُون: تَپندي، ٽامِڻي ٿيندي.

انهيءَ حشر جي ڏينهن تي پاڻ ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن اَبوالبَشر حضرت آدم عليہ السلام  ڏانهن ويندا ته اُمت جي شفاعت ڪرايو، توهان اسان جا وڏا آهيو، جناب آدم عليہ السلام، حضور ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن کي چوندو يا محمد مصطفيٰ صلي الله عليہ وآلہ وسلم توهان پاڻ ئي ڄاڻو. اهڙي طرح ڪُل انبياء عليہ السلام اهو ساڳيو ئي جواب پاڻ ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن کي ڏيندا. جبرائيل عليہ السلام، حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن کي فرمائيندو ته اوهان جيجي سانئڻ بيبي فاطمه الزهريٰ وٽ وڃو، اُها پُٽن جي خون جي فريادڻ ٿيندي ۽ ڪربلا جي ڪِيسَ جو انصاف گُهرندي. حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن پنهنجي نياڻي بيبي فاطمة الزهريٰ وٽ ويندا ۽ جيجي سانئڻ کي فرمائيندا ته اُمت بخشرائڻ لاءِ مون کي پٽن جا خون معاف ڪر. اها روايت آهي ته حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن محشر جي ڏينهن جيجي سانئڻ وٽ اگهاڙين پيرين پُڄندا. اها صُورتحال ڏسي جيجي سانئڻ حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن کي پٽن جا خُون بخشيندي. انهيءَ  صورتحال کي ڀٽ ڌڻي سُرڪيڏاري ۾ هيٺئين ريت بيان فرمايو آهي:

ڏاڙهيءَ رَتُ رَتياس، ڏَندَ ته موتيءَ ڳُتيا،

چوڏهين ماه چنڊ جيئن، پڙ ۾ پيشانياس،

اللهُ نورالسمآواتِ والارض، جلوو زميناس،

سِيمَا هُم في وُجُوهِهم، مُنهن ۾ مَڻ ڳتياس،

ڪڪرا ڪربلا جا، مادِرَ ميڙياس،

ڦٽن تان رت ڦُڙا، عليءَ ٿي اگهياس،

مِڙئي معاف ڪياس، خالق بدلي خون جي.

اَلله نور السمٰوات والارضِ= الله، زمين ۽ آسمانن جو نور آهي. سوره نور رڪوع نمبر 5)

سِيمَا هُم في وَجُوههم - سندس پيشانيءَ تي (سجدي جو نشان آهي) سورة الفتح رڪوع نمبر 4)

الله اهو بيپرواهه آهي جيڪو دوستن کي دور ڪري، نَڪي هُو دشمن کان پري آهي. ڪي ڪوٺي تڙائي ٿو، ڪن کي پنهنجي حضور ۾ ڪوٺائي ٿو. الله جنهن کي چاهي ان کي عزت ڏئي ۽ جنهن کي چاهي ان کي ذليل ۽ خُوار ڪري. جنهن کي وڻيس تنهن کي هدايت تي هلائي ۽ جنهن کي وڻيس تنهن کي راه تان ڀُلائي. حضرت موسيٰ عليہ السلام جي پرورش فرعون ڪئي هئي. اهو موسيٰ ڪليم الله پيغمبر ٿيو. حضرت موسيٰ عليہ السلام جو هم عُمر ٻيو موسيٰ بن ظفر به هو، جنهن جي پرورش حضرت جبرائيل عليہ السلام ڪئي هئي، اُهو ڪافر ٿيو ۽ سامرِي جادوگر ٿيو. جادوءَ جي زور تي سونَ جو گابو ٺاهي بَني اسرائيل جي قوم کي چيائين ته اهو توهان جو الله (نعوذبالله) آهي. حضرت آدم عليہ السلام کي بهشت مان تڙايائين، نُوح عليہ السلام تي طوفان آندائين، زڪريا عليہ السلام کي وَڻ ۾ چيرايائين، يُونس عليہ السلام کي مڇيءَ جي پيٽ ۾ چاليهه ڏينهن ۽ راتيون زنده رکيائين، ايوب   عليہ السلام کي سَرير ۾ ڪيڙا وڌائين، يعقوب ۽ يوسف عليہ السلام کي 35 سالن جو وڇوڙو وِڌائين، ابراهيم عليہ السلام کي آڙاههَ ۾ وجهرايائين، اسمٰعيل عليہ السلام کي ٻڪر وانگر ڪُهايائين، امام حسين رضي الله تعاليٰ عنہ کي ڪربلا جي رڻ ۾ شهيد ڪرايائين. اهڙيءَ طرح پاڻ کي قَهار ڪَوٺايائين. انهيءَ صُورتحال کي ڀِٽ ڌڻيءَ هيٺين سِٽن ۾ سموهيو آهي.

دوست ڪُهائي دادلا، مُحب مارائي،

خاصن خَليلن کي، سَختُيون سَهائي،

الله الصمد بي نياز، سا ڪَري جا چاهي،

انهيءَ ۾ آهي، ڪا اُونهي ڳالهه اِسرار جي.

آخر ۾ منهنجي دُعا آهي ته هن فاني جَهانَ مان اسان کي مرڻ وقت ڪلمو  لااِلٰہ اِلالله محمد رسول الله نصيب ٿئي، ۽ آخرت ۾ مُهابي پنج تن پاڪ جي معافي ملي ۽ انشاء الله ڀٽ ڌڻي جي زِباني ته سَڄِي اُمت بخشبي، آمين.

هاڻي ايندو، هاڻي ايندو، منهنجو سڄڻ سائين هاڻي ايندو.

نماڻيءَ جو نِجهُرو، پاسي پاڻ اَڏِيندو،

مٿان لَڪن ساٿڙو، صَحيح سلامت نيندو،

آڱر لائي اَنڌيُون، نيئي وَسِيئَن ۾ وِجهندو،

مَهند ٿيندو مُصطفيٰ، پٺيءَ لوڪُ لنگهندو (آمين).

مددي ڪتاب:

1. قرآن الڪريم - مترجم: مولانا تاج محمود امروٽي.

2. تفسيرِ هاشمي -  مخدوم محمد هاشم ٺٽوي.

3. سِيرتِ هاشمي - مخدوم محمد هاشم ٺٽوي

4. الرحيق المختوم - مولانا صدقي الرحمٰن مبارڪ پوري سنڌيڪار: قاضي مقصود مٽياروي.

5. قصص الانبياء - حافظ محمد رمضان مهيري.

6. حيات النبي - حڪيم فتح محمد سيوهاڻي.

7. ٽيهه اکري - ڀاڱو پهريون (تحقيق ترتيب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ)

8. ٽيهه اکرِي = ڀاڱو ٻيو (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ)

9. روميءَ جون رهاڻيون = آصف مصراڻي.

10. لُغاتِ لطيفي      = مرزا قليچ بيگ.

11. شاهه جو رسالو     = هٿ اکري نُسخو.

12. شاهه جو رسالو    = ڊاڪٽر اَرنيسٽ ٽرمپ.

13. شاهه جو رسالو     = بمبئي ڇاپو.

14. شاهه جو رسالو    = ڪلياڻ آڏواڻي.

16. شاهه جو رسالو    = مرزا قليچ بيگ.

17. شاهه جو رسالو    = محمد عثمان ڏيپلائي.

18. شاهه جو رسالو     = فقير حاجي الهداد جهنجهي.

19. شاهه جو رسالو    = محمد قاسم راهمون.

20. شاهه جو رسالو    = ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ.

21. سنڌي ٻوليءَ جو آڳاٽو منظوم ذخيرو = ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ.

22. لَطائفِ لَطيفي    = مير عبدالحسين سانگي. 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org