فراخ جانوري
غزل
وري حق جو ڪلمو پڙهي ٿا ڏسون،
نئين ريت سوريءَ چڙهي ٿا ڏسون.
نه ڪا ڪاڪ ڪنڌي نه مومل ڪٿي،
محبت جي اُجڙيل مڙهي ٿا ڏسون.
سچائي جو جڳ کي کپي ٿو ثبوت،
وري ڪنهن ڪڙهائيءَ ڪڙهي ٿا ڏسون.
نه زلفي رهيو ڪونه ڪا بي نظير،
سياست جي اُجڙيل ڳڙهي ٿا ڏسون.
چون ٿا سکن جو پريان ماڳ آ،
ڏکن جا جبل سڀ چڙهي ٿا ڏسون.
ائين ٿي سياست ڪُهي لوڪ کي،
هڻي ٿو نه ڪوئي ڇڙهي ٿا ڏسون.
هتان ڀر پرين جي ڀڄائن ”فراخ“،
اکين ۾ ئي پنهنجي لڙهي ٿا ڏسون.
غزل
سونهن سچ ساڃاهه سان آهن ٻکيا،
نيڻ اُجري راهه سان آهن ٻکيا.
تنهنجي چاهت ۾ گهڻا مومل مٺي،
ڪاڪ جي آڙاهه سان آهن ٻکيا.
ڪي ڏکي احساس دل جي روئندي،
اڄ وڃي الله سان آهن ٻکيا.
ڄڻ صدين کان پوءِ وڇڙيل هن مليا،
نيڻ ائين درياهه سان آهن ٻکيا.
سنڌ سان چاهت ڪرڻ جي ڏوهه ۾،
سور ڪيڏا ساهه سان آهن ٻکيا.
دوستن جا دڳ ڇڏي ڪي بيوقوف،
دشمنن جي راهه سان آهن ٻکيا.
خواب جهاڳي جهنگ اوندهه جا ”فراخ“،
روشنيءَ جي راهه سان آهن ٻکيا.
غزل
ڪنهن الائي رات سڏڪا پئي ڀريا،
ڄڻ سڄي ڪائنات سڏڪا پئي ڀريا.
خواب تاري جان ٽُٽو هو اوچتو،
دل سندي جذبات سڏڪا پئي ڀريا.
ڳوٺ اُجري پيار جا اُجڙيل ڏسي،
جيئري جي جهات سڏڪا پئي ڀريا.
وقت خود کان ئي وڇوڙي هوس ويو،
هڪ مسافر رات سڏڪا پئي ڀريا.
ڇو نٿا ماڻهو وٺن اُجرو شعور،
ڏاهپي جي ڏات سڏڪا پئي ڀريا.
ماٺ جي ماحول ۾ ڪو درد هو،
سانت ۾ ئي سانت سڏڪا پئي ڀريا.
سنڌ جي بدحال تي سوچي ”فراخ“،
مون ۾ منهنجي ذات سڏڪا پئي ڀريا.
امين ڀٽو
غزل
پن ڇڻ هڻي يا دل جي موسم اُداس هئي،
گل جي مٿان ٿي برسي شبنم اُداس هئي.
ميلاپ جي گهڙي هر ماڻي جڏهن ويئين،
ڇوري جو ڇير جي پر ڇم ڇم اُداس هئي.
وڻ جي وڍڻ جو مرثيو پڙهيو پئي هوا،
پنڇين جي پڻ پرين هر اک نم اُداس هئي.
مون کي لڳو لڱن ۾ ڀريو هو لوڻ ويو،
جڏهن ڏٺي مون پنهنجي جانم اُداس هئي.
تنهنجي هي گفتگو ۾ آيو زهر ڪٿان،
منهنجي اکين مان وهندڙ رم جهم اُداس هئي.
غزل
توڙي وچ ۾ ڪا جدائي ڪانه آ،
هاڻ رغبت پر اهائي ڪانه آ.
آئون تنهنجو ئي ازل کان ها چري،
تومان ويئي ڇو چريائي ڪانه آ.
ڪو ته آهي جيڪو تاريندو وڃي،
ڪنهن به ٻوڙڻ کان گهٽائي ڪانه آ.
تنهن ڪري توکي وڃائي هو ڇڏيو،
هائو مون ۾ ئي سچائي ڪانه آ.
روز جي ڇڪتاڻ ڇا جي لئه رکون،
۽ جدا ٿيڻ ۾ برائي ڪانه آ.
قيد تنهنجي زلف ۾ اڄ ڀي ”امين“،
مون ڪئي حاصل رهائي ڪانه آ.
ارباب علي ”عادل“ چوهاڻ
غزل
قبوليو جان من منهنجي، اچي هڪوار مهماني،
وڌايو شان ۽ شوڪت، ڪيو منٺار احساني.
سدائين آسري ۾ ڏينهن ۽ راتيون پيون گذرن،
ڪڏهن ايندو اڱڻ منهنجي وري سو يار دل جاني،
قدم هيڪر گهمايو قرب، سڪ چاهت جا گهر منهنجي،
اَٿئي مَنُ محبتي منهنجو ۽ پڻ سنسار لاثاني.
اَٿوَ پرچڻ پرين پيارو، ملڻ محبوب موچارو،
رسامي ۾ رکيو ڇاهي، ڇڏيو تڪرار ناداني.
نڀائڻ ريت آ، پنهنجي ڦٽائڻ ڪينڪي ڄاڻون،
اکين سان پس اچي همدم، اسان جو پيار سلطاني.
نه رل ٻي هنڌ
رولاڪن جان، حقيقت حال ٻڌ مون کان،
رڳو مون وٽ سڄڻ سهڻا، اٿئي سهڪار خاقاني.
ٻڌائي ڀل ڇڏن جڳ کي، شهر جا روڊ ۽ رستا،
پرين ٿي پيار ۾ شاهد، سڄي ديوار ديواني.
چمن چاهت ڀريو پنهنجو، نه اهڙو ڪٿ مٺا ملندءِ،
عنبر خوشبوءِ کستوري، وڻندءِ مهڪار مستاني.
نه مون کان وڌ ڪو ڏيندءِ يا اُلفت ملڪ ۾ مٺڙا،
اڃا چاهت ڏسي ”عادل“ وڌي پوءِ ڇو نه حيراني.
غزل
گلڙن جي ٽڙڻ لئه هڪ گلزار ضروي آ،
گلشن لئه وري مالهي هوشيار ضروري آ.
پڪنڪ به ملهايون، ٿا، تفريح به ڪيون ٿا سڀ،
تن نينهن نظارن جي سنڀار ضروري آ.
ٻارن ۾ ڇٻر سائي، گل ڦل جون قطارون پڻ،
۽ ڇانوَ به هر وڻ جي چوڌار ضروري آ.
هر ٻار، ٻڍي، ناري جي سير ۽ تفريح لئه،
هر شهر ۾ هڪ گلشن دلدار ضروري آ.
اکڙين کي اچي فرحت، دل کي به رسي راحت،
قدرت جو پسڻ سارو، اَسرار ضروري آ.
بلبل جون مٺيون باتيون، پکڙين جون سٺيون لاتيون،
ڪوئل جي من موهيندڙ، ڪونجار ضروري آ.
ٻولن ٿا پکي پيارا، گلزار جي هر وڻ تي،
پر باغ ۾ طوطن جي چونگار ضروري آ.
باغن ۾ ڄمن، ٻيرين، انبن ۽ نِمن، ٽالهين،
بڙ گهاٽي، پپر جهڙي وڻڪار ضروري آ.
خوشبوءِ اچي ”عادل“، هر سال جي موسم ۾،
پر مند بهار جهڙي، هٻڪار ضروري آ.
خالد احمداڻي
غزل
اوهان مُکن تي نقاب سانڍيا،
نوان اسان لاءِ عذاب سانڍيا!
اوهان جون نظرون ڇڏيون هٽائي،
اسان وڃي پوءِ شراب سانڍيا!
رچي رڳن ۾ ويا اسان جي،
اوهان هي ڪهڙا شباب سانڍيا!
اوهان نه آيا مگر سنجها جو،
اسان هٿن ۾ گلاب سانڍيا!
اوهان کي حاصل ڪرڻ جا جانان!
اکين ۾ ڪيڏا خواب سانڍيا!
اوهان وٽان ڪئين ملن وفا جا،
اوهان جفا جا ڪتاب سانڍيا!
غزل
ڪونه برسيا ڪڪر ريگزارن مٿان،
رات ساري ٻريا ديپ جارن مٿان!
ڇوڙ جانان ڇتا، گيت ڳائي لتا،
واءُ کينچل ڪري تنهنجي وارن مٿان!
تنهنجي آمد جي لاءِ، اچ ڏسي ڪيترا،
ڦول آڻي رکيم تنهنجي چارن مٿان!
سج لهندو ويو سانوري سانجهه جو،
هُو بيٺا هئا ٻئي ڪنارن مٿان!
خود خدا ڀي پيو هُن کي ڏسندو رهيو،
ڇوڪري پئي رني ڪا مزارن مٿان!
مئي کان اڳ ۾ روئي ڳائڻي پئي چيو،
منهنجون ناهن ميارون ادارن مٿان!
هُن کي ڇُهي ائين مون کي محسوس ٿيو،
پير بجلي جي ڄڻ آهي تارن مٿان!
هُن جي هٿ جو ڪنگڻ، هورڙيان اک ڇنڀڻ،
ياد هُن جي لٿي آبشارن مٿان!
هي ته آهن فقط ڇيت ’خالد‘ رڳو،
پير پنهنجا سدا هِن ترارن مٿان!
مرتضيٰ جمالي
غزل
زندگي مختصر بچي آهي،
پاڻ ۾ اڄ به سا وٿي آهي.
دل اندر روڄ آ انهي لئه جو،
حسرتن جي ميت کڄي آهي.
خواب هاڻي ڏسڻ ڇڏيو اکڙيون،
ڪانه تعبير ڪا ملي آهي.
ڪونه آيو کِلڻ خوشين ۾ آ،
پرورش جو غمن ۾ ٿي آهي.
شاعري ۾ اوتي ڇڏيم پنهنجي،
چوٽ جا ”مرتضيٰ“ لڳي آهي.
غزل
هُن سِوا نه عيد عيد آ،
هر اميد ٿي شهيد آ.
ڇو نوان مان ويس اڄ ڪيان،
درد دل اندر شديد آ.
بي وفا صنم جي لئه نه رو،
دوستن ڪئي تاڪيد آ.
آ مريد هرڪو پيسي جو،
پيار هِت ڪبو خريد آ.
هي چئي ساقي ڏنم کڻي،
جام غم جي لئه مفيد آ.
غزل
هو اکين کان اچي پڳي دل تي،
پوءِ قبضو ڪري وئي دل تي.
کيس آهيان مداح جَنمن کان،
ڇو ته آهي يڪو رهي دل تي.
ڪير پرچائي ڪير آ منهنجو،
هُن سِوا دل به آ رني دل تي.
مون سندس جي وڇوڙي ۾ آهي،
درد مان شاعري لکي دل تي.
ڪو مقابل نه سونهن ۾ سنڌ جو،
سنڌ ٿي ڇانيل رهي رڳي دل تي.
وائي
مون سان مِل تون پاڻ،
ڳالهيون ٿينديون رُوبرو.
وچ وارن جي ڳالهه تي،
کُٽندي نه ڇڪتاڻ،
ڳالهيون ٿينديون رُوبرو.
غلطي ڪنهن جي به هئي،
ساري پوندي ڄاڻ،
ڳالهيون ٿينديون رُوبرو.
جاني منهنجي ڀاڳ جو،
آهين تون سرواڻ،
ڳالهيون ٿينديون رُوبرو.
چاهين ٿو چاهت رهي،
اچ هاڻي جو هاڻ،
ڳالهيون ٿينديون رُوبرو
عبدالقادر کٽي
سچل سائين تون
اگهائين عرض هي آزيون سچل سرڪار سائين تون
سگهو لهه سار ۽ سنڀار هيڻن هر وار سائين تون
کڻيو آسون اميدون سي، اوهان در پاند پايون ٿا،
ديکڻ سان دلربا ديرو اندر جي آهه اُجهايون ٿا،
مِٽايو مرض مريضن جا، مُحب مهندار سائين تون
خدا جا پاڪ پيار ٻُڌ پُڪارون هي پياسين جون،
ڪريون ٿا پل اندر پوريون، اميدون تن اداسين جون،
ديکايو دردوندن کي پنهنجو ديدار سائين تون.
سڻو هي سوال، هيڻا ٿيا حال، ڀلا ڪر ڀال ڀُلين جا،
سوالين سڏ سڻي ٿيو گڏ، لاهيو دک درد دلين جا،ل
اٻوجهن تن ته اگهلن جا، اجها آڌار سائين تون.
پيرين پيادا ڪري پنڌڙو پنڻ پينار اڄ آيا
اوهان در دين جو دائم وٺڻ دينار اڄ آيا،
نشانبر نام نالي سان آهين نروار سائين تون.
درازا شهر جا دم دم وڻن ٻوٽا ٿا وڻ ٽڻ گل
هتي هٻڪار جون هوليون هتي هٻڪار جا هُل هُل،
آهين گل ڦل گلڙن جيئن گُل و گلزار سائين تون.
عبدالوهاب فاروقي ملي تو کي آ اسراري
اوهان کي سوڀ ۽ سرسي بلاشڪ بخش ڪئي ڀاري،
منهنجي سهڻي ته امڙ سنڌ جو، سپهه سالار سائين تون
خوشيون ٿيون
خيرپور ۾ اڄ کلي خوش ٿي ڏيان کيرون،
وسي روضي مٿي رحمت لڳن هينئڙي پيون هيرون،
هينئين ۾ پيو هُرين هر هر هينئين جا هار سائين
تون.
چوي ”قادر“ ڪرم
ڪريون ڪوجهن ڪوڙن ڪميڻن تي،
ڦڪي ڏيو ڪي وجهي ڦيڻا سندم هن سور ٻيڻن تي،
رلي تن ڀاڳ رنڙين ۽ يتيمن يار سائين تون.
آهي هر چيز هٿ تنهنجي
آهي هر چيز هٿ تنهنجي، خلق خالق ڌڻي موليٰ،
گهُران ٿو ٻاجهه ٻاجهارا، مهر توکان گهڻي موليٰ.
قدرت تنهنجي قوي سمجهان سارن کان مٿي،
آئون اَڀرو آهيان آسي تنهنجا وڙ وارڻ کان مٿي،
تون بقادار بيشڪ ٻيون سڀ پرزا پڻي موليٰ.
ڪل شيءِ لقب تنهنجو قل کان قرارو هيڪڙو،
پارکو پرکين پروڙين پر پاڪ پرور هيڪڙو،
والقمر واليل ۾ تنهنجي واکاڻ وڻي موليٰ.
ڪن صبح ۽ شام ٿا سبحان الله روح ۽ پڻ رڳون،
طلب تنهنجي تات تن ۾ تنهنجي تاري ٿا تڳون،
ڪِير تنهنجي قرب جو هينئين منجهه ڇڏ هڻي موليٰ.
ڌيان داور تون ڌڻي هن ’قادر کٽي‘ جو داد ڪر،
پنهنجي قوي ڪورٽ اندر، داخل سندم فرياد ڪر،
اگهائي عاجزيون آگا سندم، آهون سڻي موليٰ.
تون ايندين سهڻل يار ڪڏهن...
تارا به لٿا ٽيڙو به لڙيا، تون ايندين سهڻل يار
ڪڏهن،
ور وڇوڙي واڍو وڙيس پر ٿيندي وصل جي وار ڪڏهن.
ڪاڍو تنهنجو منجهه قلب پساهه ڪا بجلي اک به لب،
تن ۾ تنهنجي تانگ طلب تات به لهندي تار ڪڏهن.
توڏي نيڻن نرت نگاه آڻي توکي شال الله،
سڪ اندر ۾ سيني ساهه کڻندي نِرت نيهار ڪڏهن.
سانوڻ ويا هي آيو سيارو، پِرت اندر ۾ ڪِريو پارو،
خوب خزان جو وريو وارو، وسندي بوند بهار ڪڏهن.
محب مصر جا ماهه ڪنعاني، جوت پسائي جلوا جاني،
تولئه دلڙي دوست ديواني، ٿيندو دم ديدار ڪڏهن.
’کٽي‘ نه ’قادر‘ دم سهي روح نه توري راس رهي،
هڪ لوڏ به تنهنجي لک لهي، گس گام ڪندي گلزار ڪڏهن.
زين کوسو
غزل
قلم تنهنجي ۾ ڪنڊا آيا ڪٿان؟
نرم هٿڙن ۾ ڏنڊا آيا ڪٿان؟
خون لفظن جو اگر تو ناهي ڪيو،
پوءِ ڪاغذ تي ڇنڊا آيا ڪٿان؟
ادب ۾ ڏس بي ادب پيا ڪاهجي،
عقل جا ايڏا انڌا آيا ڪٿان؟
گارگند آهي شيوو جن جو،
گفتگو ۾ اهڙا گندا آيا ڪٿان؟
سنگت جا جن لتاڙيا سڀ قاعدا،
کوکلا سي کنڊا آيا ڪٿان؟
ماڻهپائي جن وڃائي ”زين“ آ،
بي وڙا هي بندا آيا ڪٿان؟
غزل
رکي ڪاون پير،
تو اچان توڏي سکي.
ڪونه سڃاڻان ڳوٺ ۾،
ڪنهن سان اير نه ڀير،
تو اچان توڏي سکي.
رات سناٽي ۾ ٻڌي،
ڇم ڇم ڇمڪي ڇير،
تو اچان توڏي سکي.
وڃائي ويهان ٿو سمڪ،
جڏهن ڪرين ٿي دير،
تو اچان توڏي سکي.
تون وٽ آهن سرس سک،
مون وٽ ڏکن ڍير،
تو اچان توڏي سکي.
متان ڪرين پنڌ پرين،
پِٿون ٿين نه پير،
تو اچان توڏي سکي.
تون آهين اُجرو اڇو،
مان هان مير ئي مير،
تو اچان توڏي سکي.
ڇِرڪ ڀريم اڄ اوچتو،
خدا ڪندو خير،
ٿو اچان توڏي سکي.
خادم حسين علوي
غزل
منزلِ مقصود لئه منزل کي ساريندا هلو،
چاهه جي انداز کي دل ساڻ چاهيندا هلو.
نااُميدي ڪفر يارو سوچ ۾ بس پختگي،
حوصلن ۾ جوش ۽ جذبات آڻيندا هلو.
هر گهڙي دل کي سُڪون ملندوئي رهندو دوستو،
دلربا جي ديد سان نيڻن کي ٺاريندا هلو.
زندگي هر حال ۾ گهارڻ مناسب ٿو لڳي،
لوڻ وانگي آب ۾ سوچُن کي ڳائيندا هلو.
گلستانَ ۾ هر طرف آهن بپا اڄ رونقون،
”فصل گل آهي گلابي گيت ڳائيندا هلو.
حوصلا مضبوط جيڪر پو ته آسان منزلون،
نفرتن کي وارَ هڪڙي ساڻ ماريندا هلو.
ڪا خوشي ناهي زماني ۾ مگر اي دوستو،
بيقراري کي ڀلا ڇا لاءِ سانڍيندا هلو.
ڪير آ جو راهه ۾ ”همدم“ رڪاوٽ ٿو وجهي،
بي خطر هلندا هلو ۽ مانُ ماڻيندا هلو.
غزل
مريض عشق لئه يارو جهان ۾ ڪا دوا ناهي،
دوا ناهي ته پوءِ هُن لئه ڪنهين پرڪا شفا ناهي.
زمانو ڇا زمانو هو جدا هڪ پل نه گهارڻ هو،
اسان لئه هُن جي دل ۾ ڇو محبت اڄ اُها ناهي.
اجائي گفتگو ناهي حقيقت صاف آ ظاهر،
چوان ٿو برملا يارو جهان ۾ ڪا وفا ناهي.
ڪري ظلم و ستم هر هر تڏهن به دلربا سڏجي،
تقاضا عشق جي آهي مگر هُن کا پڇا ناهي.
وسارڻ سان نه ٿو وسري گهڙي پل دلربا مون کان،
بظاهر هُو جدا آهي حقيقت ۾ جدا ناهي.
سدائين زندگي ڏاڍي محبت ۾ گذاري سون،
”مگر اڄ سا شناسائي اوهان وٽ ڇو صفا ناهي.“
الاجي ڇو ته هرڪو حُسن تي نازان رهي هردم،
جواني حُسن ۽ جوڀن مٺا رهڻو سدا ناهي.
زماني کي خبر ڪهڙي صنم جي دل اندر چاهي،
بظاهر هو خفا آهي حقيقت ۾ خفا ناهي.
وفا بدلي جفائون ڪن تڏهن ڀي باوفا سڏجن،
جهان ۾ دوستو تن لئه چوان ڇا سزا ناهي.
ٻڌو ٿم هر گهڙي ”همدم“ رهي مايوس يارو،
خدا جو سُنهن تي منهنجي دل ۾ هُن لئه ڪا دغا ناهي.
گهايل لغاري
غزل
منهنجي دل جي جناب خاني ۾،
کوڙ سارا عذاب خاني ۾.
مان سدائين مست مست ٿو رهان،
تنهنجي اک جي شراب خاني ۾.
حسن جي نور کي ڏٺوسين پئي،
ننڊ! تنهنجي ئي خواب خاني ۾.
عڪس خوابن جو ميٽجي ويندو،
مان رکان ڪيئن آب خاني ۾.
حسن ڏِسبو ڪڏهن آئيني ۾،
ڪجهه لڪائي حجاب خاني ۾.
تون جو عملن سچو رهيو ناهين،
تنهنجا نظريا خراب خاني ۾.
هڪ نظر ۾ ”نظر“ جهپي ويو دل،
ڄڻ رهيو آ عقاب خاني ۾.
اک حيا ۾ ٻڏل ڏٺي ”گهايل“،
راهه ويندي نقاب خاني ۾.
غزل
پيار مون کي انيڪ ڏي پيارا،
هانءُ لڙهيل کي ٽيڪ ڏي پيارا.
خوش مون ۾ رهي نه ڪو باقي،
اهڙي چاهت جو پيڪ ڏي پيارا.
تاب تنهنجو نه ڪٿ وجهي ساڙي،
ائين نه جلون جو سيڪ ڏي پيارا.
منهنجي جيون ۾ ڇانورو ٿا ڪن،
زلفن کي ڇوڙي ڇيڪ ڏي پيارا.
سنڌ لاءِ جاڳ چوچڙي بڻجي،
دشمنن کي ڪو سيڪ ڏي پيارا.
محبتون اڄ کڻي وڃي ”گهايل“،
تون ڪري دل ۾ پيڪ ڏي پيارا.
غزل
سونهن ڪيڏو سُرور آندو آ،
عشق مون ۾ شعور آندو آ.
هي اَنا جي تباهه ڪاري جو،
اُلفتن ۾ فتور آندو آ.
دلبري ڪانه ٿي ملي ڪٿ ڀي،
من ۾ ماڻهن ڪلور آندو آ.
مون خدا کي ڏٺو آ بندي ۾،
نينهن نيڻن ۾ نور آندو آ.
احمقن پيار کان ڪري نفرت،
زندگين ۾ نٿور آندو آ.
سونهن! پائي سگهيس نه مان توکي،
پر اثر تو ضرور آندو آ.
زلف آرس ڀڃين ٿا ”گهايل“،
حُسن ڪيڏو غرور آندو آ.
متياز عادل سومرو
غزل
تنهنجو آخر پيار وساري ڪيئن ڇڏيان،
پاڻ ئي پنهنجو پاڻ کي ماري ڪيئن ڇڏيان!
توکي ڪهڙا روز گلن جا تحفا ڏيان،
سورج آڏو ڏيئا ٻاري ڪيئن ڇڏيان!
تحريرون تبديل ڪري ميٽي به ڇڏيان،
تقديرن کي پر ميساري ڪيئن ڇڏيان!
صدقي تنهنجي نالي تان سر ساهه ڪيان،
تنهنجو نالو دل تان واري ڪيئن ڇڏيان!
پَهر گهڙي پل ساعت سيڪنڊ مشڪل آ،
توکان ڌار حياتي گهاري ڪيئن ڇڏيان!
آڳ هجي ها، آڻي آب وسايان ها،
عشق تي پاڻي هاري ٺاري ڪيئن ڇڏيان!
توکان ٿي مان ڌاري گهاري ڪيئن ڇڏيان،
دل آڏو ديوار ڏياري ڪيئن ڇڏيان!
دَر تان ڪيئن مان موٽائي مهمان ڇڏيان،
دل تان تنهنجون يادون ٽاري ڪيئن ڇڏيان!
توکي ڪهڙي ڳالهين ۾ تِرُ ترسايان،
توکي منٽ ٻه چار بيهاري ڪيئن ڇڏيان!
هفتو ڏينهن مهينو ”عادل“ سولو آ،
توريءَ ساري عمر گذاري ڪيئن ڇڏيان!
جبار ”تاثير“ سومرو
غزل
ڦَٽَ ويا آهن ڇُٽي پَر! ويڻ سي وِسرن نٿا.
سُور ۽ صَدما اڃان ڀي دل منجهان نڪرن نٿا.
ڏوهه منهنجو هو اُهو جو دل ڏئي دلڙي وَتي،
جهيڙا جهڳڙا اڄ ڀي آهن، سي اڃان نبرن نٿا
سمجهي مهمان دل جي گهرڙي ۾ ٽڪائي مون ڇڏيا،
درد آهن پيا سُتا ڪاڏي اڃان اُسرن نٿا.
ڪوئلا سِگريءَ ۾ ٻاري ڪلفتن کي ساڙجي،
ڦُوڪي ڦُوڪي مان ٿَڪو هان ڪوئلا پڄرن نٿا.
منهنجي سيني تي به اُڇلايا ويا ائٽم گهڻا،
دل جي باغيچي ۾ پوکيل سي سَلا اُڀرن نٿا.
حسن جي بازار ۾ ٿيون حسرتون نيلام ٿين،
پَرسِ کوليندي خريدڻ لاءِ ڪي سنبرن نٿا.
پڃري ۾ پالي رکيا ”تاثير“ هِن سهڻا پکي،
کوليو در
آ تن جو پو ڀي، هِي اڃان اُڏرن نٿا.
رچرڊ برٽن
"The Book of Thousand Night"
۾ لکيو ته جيئن ته (ڪهاڻيون) سڄي دنيا ۾ وڻن ٿيون،
انڪري عجب ناهي جو قصا گوئي جي شروعات تڏهن کان
ٿي. جڏهن انسان پيرن تي بيهڻ سکيو“ رچرڊ برٽن جي
مٿئين راءِ مان ائين لڳي ٿو ته قصا گوئي/ ڪهاڻي
انسان جي شروعاتي ڏيهاڙن کان هلندي اچي ٿي. ان
دوران ڪهاڻيءَ ڪيترائي مرحلا طئي ڪيا آهن. جديد
سنڌي ڪهاڻيءَ جي شروعات 1930ع جي ڏهاڪي ۾ ٿي، جنهن
جي شروعات ڪهاڻي ”ادو عبدالرحمان“ کان ٿي جنهن جو
ڪهاڻيڪار امر لال هنڱوراڻي هو، هي ڪهاڻي دنيا جي
ڪيترن ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿي آهي، ان کان پهريان
1914ع ۾ ماهوار رسالن ۾ طبعزاد ۽ ترجمو ٿيل
ڪهاڻيون به ڇپجڻ لڳيون. ان دور جي لکيل ڪهاڻي ”حر
مکي“ جا اهم جاءِ والاري ٿي. جنهن کي سنڌي جي
پهرين اصلوڪي ڪهاڻي سمجهيو وڃي ٿو. 1930ع جي ڏهاڪي
کان اڄ تائين سنڌي ڪهاڻي پنهنجو پاڻ ملهايو آهي ۽
ڪيترن ڪهاڻيڪارن ان کي پنهنجي عروج تي پهچايو آهي،
اڄ به ڪيترن ئي ڪهاڻين کي اهم حيثيت حاصل آهي.
هر دور ۾ سنڌ جي مٿان ڪيترائي جبر جا دور آيا،
انهن دورن جي عڪاسي ڪهاڻيڪارن پنهنجي ڪهاڻيءَ جي
ڪردارن جي ذريعي ڪئي، جا جابجا سماجي مسئلا،
طبقاتي تضاد، سياسي ۽ اقتصادي اڻ برابريون،
ڪاروڪاري جو رجحان ۽ غربت ۾ پيڙجندڙ طبقو، انهن
موضوعن سنڌي ڪهاڻيڪارن کي لکڻ لاءِ اُتساهه ڏنو ۽
انهن ڪهاڻيڪارن خوبصورت ڪهاڻيون لکيون، انهن مسئلن
جي نه صرف نشاندهي ڪئي وئي پر انهن جي حل لاءِ واٽ
به ڏسي.
ٻه اکر: پارس حميد
ڪتاب: ’ڀنل اکڙيون‘
ص 20 تان ورتل |