سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3۽4/ 2018ع

باب:

صفحو:16 

ايوب عمراڻي

 

 

 

مسيحا

 

سمنڊ ڪناري تي پهتو ته هن سوچيو: هڪ ڀيرو وري به ان ڳالهه تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي، ڪٿي مان غلط ته نه ڪري ڪري رهيو آهيان.....!

نوڪريءَ پٺيان ڊوڙندي کيس ڪئين سال ٿي ويا هئا. نوڪريون هيون ته سهي، پر اهي لکن روپين ۾ وڪامي رهيون هيون ۽ هن وٽ رپيو به نه هو. هن لاءِ بيروزگاري هڪ اهڙو عذاب بڻجي وئي هئي، جنهن جو هن وٽ ڪو به متبادل نه هو، بيمار پوڙهو پيءُ جيڪو بيماريءَ جي بستري تي ڪِرڻ کان پوءِ بخيل ٿي پيو هو، ان جي ڪِل ڪِل ۽ ٿڪ لعنت ڏينهون ڏينهن وڌي وئي هئي. هو اٿندي ويهندي کيس نڪمو نالائق ۽ بيڪار هئڻ جا طعنا ڏيندو هو ۽ سندس اندر کي ساڙي رکندو هو. بيروزگار کي بيروزگاريءَ جو طعنو ڏيڻ وقت بيروزگار جي دل تي ڇا گذرندو آهي، اهو صرف ڪو بيروزگار ئي ڄاڻي سگهي ٿو. نوڪرين لاءِ ڊوڙندي ڊوڙندي، انٽرويو ڏيندي هُو ڄڻ ته اَڌ مئو ٿي چڪو هو.

اهڙي زندگيءَ ۾ کيس اڪثر ائين محسوس ٿيندو هو ته هُو ڪنڊائين پيچري تي پيرين اگهاڙو سفر ڪري رهيو آهي. ڪنڊن سندس پير پروڻ ڪري ڇڏيا آهن، پر پوءِ به هُو هلندو ئي رهيو، رت ڳاڙيندو اڳتي وڌي رهيو هو، ٿڪل بکيو ۽ اڃارو هوندي به کيس اڳتي وڌڻو هو، اڳتي هلڻو هو. سندس ٽي دوست حيدر، قائم ۽ گل هئا ڪڏهن ڪڏهن هُو انهن وٽ هليو ويندو هو ته کيس ڪجهه آٿت ملي ويندي هئي، پر ڪو ڏينهن اهڙو به ايندو جو اهي دوست سندس زخمن تي پهو رکڻ بدران انهن تي لوڻ ٻُرڪي ڇڏيندا هئا ۽ پوءِ هُو پنهنجي رتورت زخمن ۽ اڊڙيل احساسن سان گهر موٽي ايندو هو ۽ دل ۾ پڪوپهه ڪندو هو ته هاڻي هو انهن دوستن سان ڪڏهن به نه ملندو.

پر..... پوءِ جڏهن سندس ويران دنيا ۾ سونيا آئي ته کيس ائين محسوس ٿيو ڄڻ ويراني ۾ بهار اچي وئي. ڄڻ سندس رڻ ۽ رڃ جي سفر ۾ اوچتو ڪو خوبصورت نخلستان اچي ويو. ڄڻ سندس ڪينسرزده زندگيءَ کي اهڙو علاج ملي ويو جو سندس سالن جو لاعلاج روڳ هميشه لاءِ ختم ٿي ويو.

سونيا حد درجي جي سهڻي هئي. ڄڻ پَرين جي ملڪ يا اهڙي سونهن پري جنهن کي قدرت حسن جي اهڃاڻ طور هن دنيا ۾ موڪليو هو. قدرت جو اهو حسين تحفو سندس ئي نصيب ۾ هو. ان ڏينهن کان هن پاڻ کي خوشنصيب سمجهڻ شروع ڪيو هو. هن سونيا سان وعدو ڪيو هو ته نوڪري ملڻ جي ٻئي ڏينهن ئي هُو کيس پنهنجي ڪنوار بڻائي گهر وٺي ويندو. سونيا سندس ڪلهي تي ڪنڌ رکي، ساڻس گڏ جيئڻ ۽ گڏ مرڻ جا وعدا ڪيا هئا. سونيا جو پيءُ چاچو غلام به هن تي گهڻو مهربان هو. هن کي خبر هئي ته سونيا سجاد سان بيپناهه پيار ڪري ٿي، کيس پنهنجي ڌيءَ جي پيار تي ڪو به اعتراض نه هو. هُو صرف اهو چاهيندو هو ته سجاد سونيا سان شادي ڪري ته، هميشه لاءِ هنن وٽ اچي رهي.

سجاد کي اهو شرط ڪنهن به صورت ۾ منظور نه هو. هُو پنهنجي خاندان کي ڪنهن به صورت ۾ ڇڏڻ لاءِ تيار نه هو. سندس گهر ۾ هن کان سواءِ هڪ نوجوان ڀيڻ، پوڙهو پيءُ ۽ ماءُ رهندا هئا. هن نٿي چاهيو ته هن عمر ۾ هُو پنهنجي پوڙهي ماءُ ۽ ڀيڻ کي ڇڏي هليو وڃي، هن پنهنجي ماءُ پيءُ لاءِ پنهنجي پيار جي قرباني ڏئي ڇڏي هئي. ان ڳالهه تي سونيا هن کان ڪڏهن ڪڏهن ناراض به ٿي ويندي هئي، پر پنهنجي ڳالهه تي هميشه اٽل ئي رهندو هو. هن سونيا کي به انٽرويوءَ جي تياري ڪرائي هئي. سونيا جي پيءُ چاچي غلام چاهيو پئي ته سندس ڌيءُ نوڪري ڪري سندس پوڙهپڻ جو سهارو بڻجي. سونيا سجاد جي سهاري پڙهندي رهي محنت ڪندي رهي ۽ جڏهين رزلٽ آئي تڏهن سندس نالو پاس ٿيندڙن ۾ ٽاپ تي هو.

سجاد هن ڀيري به هميشه جيان فيل ٿيو هو، جنهن ڏينهن رزلٽ آئي هئي، ان ڏينهن هُو دير سان گهر آيو هو، کيس خبر هئي ته سندس گهر پهچڻ کان اڳ پڻس اخبار ۾ رزلٽ ڏسي چڪو هوندو ۽ گهر پهچندي ئي هن تي لعنت ملامت جا وسڪارا شروع ٿي ويندا. ان لعنت ملامت کان بچڻ لاءِ هو جيتوڻيڪ گهر دير سان پهتو هو پر پوءِ به پڻس سندس انتظار ڪري رهيو هو، هو جيئن ئي گهر ۾ داخل ٿيو ته سامهون پڻس کي ڏٺائين. پڻس به کيس ڏسي ورتو. جيئن ئي پڻس جي هن تي نظر پئي، هن جي مُنهن تي حقارت نما مرڪ تري آئي ۽ پوءِ هن هڪ وڏي رڙ ڪئي جنهن سان ڄڻ ته آسمان لڏي ويو. پڻس رڙ ڪندي، چيو شرم اچڻ کپي توکي، تون هن ڀيري به انٽرويو ۾ فيل ٿيو آهين.“ هن پڻس جي آڏو ڪنڌ جهڪائيندي چيو: ”بابا مان ڇا ڪريان شايد بدنصيب آهيان.“ ان تي پڻس کي اڃا به وڌيڪ ڪاوڙ آئي. ان ڪاوڙ ۾ پڻس کيس گهڻو بُرو ڀلو چيو هو، پڻس ايتري ته هن جي تذليل ڪئي جو هن جي دل چاهيو ته ڪاش هو مري وڃي.

زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو هن موت جي خواهش ڪئي هئي. اهڙو موت جيڪو کيس بيروزگاريءَ کان بچائي سگهي، پر دنيا ۾ اهڙو ڪو به موت نٿو ٿي سگهي جيڪو ڪنهن کي بيروزگاريءَ مان بچائي سگهي. انڪري پڻس جي ايڏي ساري تذليل سهي به چپ رهيو ۽ پنهنجي بدنصيبيءَ تي اندر ئي اندر ۾ روئي رهيو هو. تڏهن پڻس هڪ اعلان ڪيو، پڻس چيو: ”سجاد تون بدنصيب ئي آهين ۽ بدنصيب ئي رهندين، انڪري تنهنجو انتظار ڪرڻ بدران ڇو نه مان پنهنجي ڌيءَ زيبا کي نوڪري ڪرڻ لاءِ موڪليان.“ هن پڻس کي ڪو به جواب نه ڏنو. چپ چاپ رڌڻي ۾ هليو آيو، جتي ماڻس کيس ماني ڏيڻ لاءِ اوسيئڙو ڪري رهي هئي. هن رڌڻي ۾ خاموشيءَ سان سڪل چانور کاڌا ۽ پوءِ ورانڊي ۾ پيل ڇنل کٽ تي سمهي پيو.

ٻئي ڏينهن کيس خبر پئي ته سندس ڀيڻ زيبا کي غيرسرڪاري اداري ۾ نوڪري ملي وئي آهي. هو جيئن ئي گهر پهتو ته پڻس خوشيءَ مان ٽهڪ ڏئي رهيو هو، چئي رهيو هو: ”ڏسو ڏسو منهنجي خوشنصيب ڌيءَ، هيءَ ته پٽن کان به وڌيڪ آهي جيڪا پهرئين ئي انٽرويو ۾ پاس ٿي وئي آهي.“ زيبا پنهنجي نصيب تي مُرڪي رهي هئي. پڻس به ساڻس گڏ مرڪي رهيو هو. ڄڻ چوندو هجي: زيبا تون ئي منهنجي نصيبن واري ڌيءُ آهين. هُو ٻئي ڄڻا مرڪي رهيا هئا جو اوچتو پڻس جي هُن تي نظر پئي. پڻس جي مرڪندڙ مُنهن تي ڪاوڙ ۽ نفرت جا گهنج چڙهي ويا، ڄڻ چوندو هجي: نڀاڳا! تون زندگيءَ ۾ ڪڏهن به ڪا ڪاميابي حاصل ڪري نٿو سگهين...... ائين به ڪونه هو ته هن ڪڏهن لکت واري امتحان ۾ ڪاميابي حاصل ئي نه ڪئي هئي. هڪ دفعي ته هن نه صرف لکت واري امتحان ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، پر کيس انٽرويوءَ لاءِ به ڪال اچي وئي. ان ڏينهن پڻس ڏاڍو خوش ٿيو هو. هن جي مٿان لعنت ملامت ختم ٿي وئي هئي. پڻس خوشيءَ  مان هر ڪنهن کي چئي رهيو هو: ڏسو ڏسو منهنجو سجاد هن ڀيري ضرورنوڪري ماڻيندو، پر جڏهن هن کان انٽرويو ورتو ويو ته صرف نالو پڇي خانه پوري ڪئي وئي. پوءِ جڏهن آرڊر نڪتا ته انهن ئي سفارشي ماڻهن کي کنيو ويو جن جي مٿي پهچ هئي.

ان ڏينهن کان پڻس جو موڊ خراب ٿيو ته وري درست نه ٿيو. اڄ به پڻس پنهنجي خراب موڊ سان هن تي اشارن ئي اشارن ۾ ڄڻ ته لعنت ملامت ڪري رهيو هو. هُو پڻس جي اشارن جي زبان سمجهندو هو، کيس پنهنجي پيءُ جو موڊ ڏسي خبر پئجي ويندي هئي ته اڄ منهنجي بابي جي دل ۾ هن لاءِ ڪهڙا خيال گردش ڪري رهيا آهن. هن سوچيو ته پنهنجي پيءُ کي ٻڌائي ته بابا هن بدبودار سماج ۾ هر ڪم ڪرپشن جي حوالي آهي. سڀ  ڪجهه پئسن تي وڪامي ٿو، نوڪريون، عزتون، عصمتون، ايمان، پيار، محبت سڀ ڪجهه پئسن تي وڪامي رهيا آهن، جنهن وٽ پئسو آهي، اهو وڏو ڀاڳن وارو آهي. ڇو ته هتي ڀاڳ ۽ نصيب به پئسن تي وڪامندا آهن......

هُو اهي لفظ پنهنجي پيءُ کي چوڻ جي جرئت نه ڪري سگهيو، ڇو ته کيس خبر هئي ته پيءُ سان بحث ڪرڻ جو مطلب آهي وڌيڪ تذليل برداشت ڪرڻ. هو پيءُ جي وڌيڪ تذليل کان بچڻ لاءِ ڪمري ۾ گهڙيو، ماڻس ماني ڏني، پر هن نه کاڌي. کيس پورو پورو يقين هو ته هن ڪوڙهئي سماج کي تبديل ڪرڻ لاءِ ملڪ جو عذاب ڀوڳيندڙ مظلوم عوام هڪ ڏينهن ضرور اٿي کڙو ٿيندو ۽ انهن سمورن ظالم حڪمرانن جو تختو اونڌو ڪري ڇڏيندو جن آد جڳاد کان مظلومن ۽ حقدارن کي ظلم جي گهاڻي ۾ پيڙهيو آهي.

هن هڪ دفعي سونيا کي به چيو هو ته سونيا ڏسجانءِ انقلاب کان پوءِ ڇا ٿو ٿئي، سمورن ظالمن کي ڪيئن ٿو ڦاهيءَ تي لٽڪايو وڃي. پر سونيا هن سان متفق نه ٿي هئي. سونيا چيو هو: مون کي ته اهڙو ڪو انقلاب پري پري تائين  نظر ڪونه ٿو اچي. هن کي سونيا تي ڪاوڙ آئي هئي، پر هو سونيا کي ڪجهه به نه چئي سگهيو.

سندس ڀيڻس کي نوڪري ڇا ملي، هاڻي زيبا جو ڄڻ ته محتاج ٿي ويو هو. کيسي جي خرچي لاءِ مجبوريءَ ۾ زيبا جي آڏو هٿ ٽنگڻو پوندو هسو. زيبا ڪنجوسيءَ ۽ ڪروڌ وچان ڪڏهن کيس پئسا ڏيندي هئي ته ڪڏهن ٺپ جواب ڏئي ڇڏيندي هئي. زيبا جي آڏو هٿ ٽنگيندي کيس عجيب تذليل ۽ درد مان گذرڻو پوندو هو. هن ڏٺو ته زيبا جا نخرا ۽ ناز روز بروز وڌي رهيا هئا. هوءَ نت نوان ۽ مهانگا ڪپڙا پائي، ڳوڙهو ميڪ اپ ڪري سنوارجي سينگارجي آفيس ويندي هئي. صاحب جي گاڏي کيس گهران کڻڻ ايندي هئي. تڏهن شڪ جو تير آهستي آهستي، سندس اندر ۾ کپڻ شروع ٿيو هو.

هڪ ڏينهن صاحب جي آفيس کان وڃي نڪتو، ان وقت زيبا هڪ عجيب ادا سان مُرڪندي صاحب جي ڪمري ۾ داخل ٿي رهي هئي. سٺو ٿيو جو هن کيس نه ڏٺو. آفيس جي در تي بيٺل پٽيوالي کي ڌڪو ڏئي هُو زبردستي اندر ڪاهي پيو. اندر جيڪو منظر هن ڏٺو، ان لاءِ هو ذهني طور تي ڪڏهن به تيار نه هو. هن ڏٺو ته ڪمري ۾ زيبا ڀاءُ کي ڏسي ڪجهه حيران، پريشان ۽ ششدر ٿي وئي. سجاد کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ سندس تصوراتي دنيا ۾ قيامت اچي وئي آهي ۽ اها ذرا ذرا ٿي رهي آهي. چؤطرف وڏا ڌماڪا ٿي رهيا آهن، سڀ ڪجهه سڙي تباهه ۽ برباد ٿي رهيو آهي. هُو بت بڻيو حيرانيءَ مان اُهو اذيتناڪ منظر ڏسي رهيو هو. صاحب ۽ زيبا پهرين ته پريشانيءَ مان ڏڪي ويا، پر پوءِ صاحب کي جڏهن اهو ياد آيو ته هُو عزتون ۽ عصمتون ٻڌي جي اگهه سان خريد ۽ وڪرو ڪندو آهي. هيءُ آفيس سندس آهي، کيس ڪير به ڪجهه به نٿو ڪري سگهي. تڏهن هن زيبا کي اشارو ڪندي چيو ته کيس پريشان ٿيڻ جي ڪا به ضرورت ناهي. پوءِ هُو سجاد ڏي مُڙيو. رڙ ڪندي چيائين؛ ”منهنجي آفيس ۾ بنا اجازت جي داخل ٿيڻ جي توکي جرئت ڪيئن ٿي؟“ سجاد سندس ڳچي پڪڙيندي چيو: ”توکي پنهنجي آفيس ۾ بازار حُسن قائم ڪرڻي آهي ته ڀلي ڪر پر ان لاءِ مان توکي ڪنهن به صورت ۾ اها اجازت نه ڏيندس، ته تون منهنجي ڀيڻ کي استعمال ڪرين.“ ٿوري ئي دير ۾ آفيس اندر ڪيترائي ملازم گڏ ٿي ويا، جن سجاد جا هٿ صاحب جي ڳچيءَ مان ڪڍرايا. سجاد گهڻن ماڻهن جي آڏو ڪجهه به نه ڪري سگهيو. هو مسلسل صاحب کي گاريون ڏئي وات مان گڦ وهائي رهيو هو. آخر ۾ هن صاحب کي ڌمڪي به ڏني ته هو کيس نه ڇڏيندو. پوءِ جڏهن هو گهر پهتو، تڏهن ويل چيئر تي هلندي پڻس سڏيو ۽ کانئس نوڪري نه ملڻ جو سبب پڇيو ۽ کيس نڀاڳو چئي خوب لعنت ملامت ڪئي. پڻس وري به زيبا جي تعريف ڪئي. ”زيبا ڪيڏي نه سڀاڳي آهي، پهرئين انٽرويو ۾ ئي نوڪري ملي ويس.“ تڏهن هِن کي ڄڻ ته وڇونءَ ڏنگ هڻي ڪڍيو. هن ڪاوڙ مان چيو: ”بابا زيبا سڀاڳي انڪري آهي جو ڇوڪري آهي، صاحب کيس نوڪري باصلاحيتِ هجڻ ڪري نه ڏني آهي، هُو هڪ وحشي جانور ۽ حَوس جو مريض آهي، اڄ مون جيڪو منظر آفيس ۾ ڏٺو آهي، اهو توهان کي ٻڌائيندي به مون کي شرم ٿو اچي......“

سجاد جي ڳالهه پڻس کي ڄڻ ته يارنهن هزار وولٽ جو ڪرنٽ هڻي ڪڍيو. پڻس ڪاوڙ ۾ اچي جيڪو چيو، ان لاءِ هُو ڪڏهن به تيار نه هو. پڻس چيو: ”پنهنجي معصوم ڀيڻ ۽ فرشتن جهڙي شخص عاصم صاحب تي اهڙو بيهودو الزام هڻندي شرم نٿو اچئي؟ هينئر جو هينئر منهنجو گهر ڇڏي وڃ، مان توکي عمر ڀر لاءِ بيدخل ٿو ڪريان.“ پڻس جي ڳالهه ٻڌي سندس معصوم دنيا ۾ ڄڻ هڪ ڀيرو وري قيامت اچي وئي. هن ڪجهه چوڻ چاهيو پئي، پڻس کي سچ ٻڌائڻ چاهيو پئي، پر پڻس هن کي ڪو موقعو ئي نه ڏنو. پڻس جي آواز ۾ اڃا به وڌيڪ تلخي اچي وئي، انتهائي ڪاوڙ مان چيائين: ”اڙي اڃا بيٺو آهين وڃين ڇو نٿو، اڄ پيءُ ۽ پٽ جو رشتو هميشه لاءِ ختم ٿي ويو.“

پيءُ جي اهڙي ورتاءَ تي هن روئڻ چاهيو، پر روئي نه سگهيو. هن سوچيو ته ٺيڪ آهي رشتي جي هن ڪوڙي ڀرم کي ٽُٽڻ گهرجي. هُو سڄي عمر پيءُ جي پيار لاءِ تڙپيو هو، اڄ اهو پيءُ سندس آخري اميدن کي مٽائي کيس گهر مان نڪري وڃڻ لاءِ چئي رهيو هو ته پوءِ هن گهر ۾ کيس رهڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. هُو گهر مان نڪتو ته ماءُ هن جي سامهون اچي وئي. هن هڪ نظر ماءُ کي ڏٺو ۽ پوءِ ٻاهر نڪري ويو. کيس پورو يقين هو ته هاڻي هُو مڪمل طور تي سونيا جي گهر رهڻ جي لائق ٿي ويو آهي.

سونيا جي پيءُ چاچي غلام هن تي جيڪو شرط رکيو هو ته هُو سونيا سان شادي ڪري سگهي ٿو، پر کيس پيءُ جو گهر ڇڏي سُهري جي گهر ۾ رهڻو پوندو. اڄ جڏهن کيس پڻس گهر مان ڪڍي ڇڏيو. هُو تڪڙو چاچي غلام جي گهر جي در تي آيو. در اندران بند هو، نه ته هُو بنا اجازت جي گهر ۾ داخل ٿي ويندو هو. هن در تي بيهي رِنگ وڄائي، بجلي نه هئڻ ڪري لاچار در تي ٺڪ ٺڪ ڪرڻي پيس. ٿوري دير کان پوءِ در کليو ته هن در تي هڪ اوپرو شخص ڏٺو جيڪو حيرانيءَ مان کيس گهُوري رهيو هو. هن اوپري شخص کي چيو: ”مون کي سونيا سان ملڻو آهي.“ اوپري شخص جيئن ئي سونيا جو نالو ٻڌو، تيئن کيس ڄڻ ته باهه لڳي وئي. غضبناڪ نظرن سان سجاد کي گهوريندي چيائين: ”سونيا ۾ ڪهڙو ڪم اٿئي؟“ هن مرڪندي انتهائي معصوم ادا سان چيو: ”سونيا منهنجي زندگي آهي، هوءَ مون سان بي انتها پيار ڪندي آهي، اسان ٻئي جلد شادي ڪرڻ وارا آهيون.“ سجاد جي ان جواب تي اوپري شخص سندس ڳچي پڪڙيندي چيو: ”بڪواس بند ڪر، تون هي ڇا چئي رهيو آهين سونيا منهنجي زال آهي، مون رات ئي هن سان نڪاح ڪيو آهي ۽ هاڻي مان هميشه هن گهر ۾ ناٺي ٿي رهندس.“ هن ڪاوڙ مان اوپري شخص کان پاڻ ڇڏايو ۽ سندس ڳچي پڪڙيندي چيو: سونيا صرف منهنجي آهي ۽ منهنجي رهندي.“ اوچتو هن ڏٺو ته سونيا ڪنوار جي ڳاڙهي جوڙي ۾ انهيءَ ئي وقت آئي ۽ هُن ڪاوڙ مان چيو: ”سجاد تون هليو وڃ، مان هاڻي سعيد جي امانت آهيان.“

سونيا جا اهي لفظ ٻڌي هن محسوس ڪيو ته ڪائنات ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر بگ بئنگ ٿي ويو آهي، ڪهڪشائون ذرا ذرا ٿي رهيون آهن، سج بليڪ هول ٿي رهيو آهي، تارا ٽُٽي وکري رهيا آهن. هن جو مٿو چڪرائڻ لڳو. هن سوچيو ته ڇا ائين به ٿي سگهي ٿو جو ساهه کان وڌيڪ پيار ڪندڙ سونيا ائين بيوفائي ڪري ڪنهن ٻئي جي ٿي وڃي. هن سواليه نظرن سان سونيا ڏانهن ڏٺو. سونيا رڳو ايترو چيو: ”تو تمام گهڻي دير ڪري ڇڏي، ڪا عورت هڪ بکئي ۽ بيروزگار کي آخر ڪيئن ٿي پنهنجو جيون ساٿي بڻائي سگهي؟“

ائين چئي هوءَ نفرت وچان منهن کي موڙو ڏئي هلي وئي. هُو بت بڻيو اڃا به حيران حيران بيٺو رهيو. سندس قدم ڄڻ ته اتي جو اتي ڄمي بيهي رهيا هئا. هن چاهيو ته محبت جي نالي ۾ ان بيوفائيءَ تي دانهون ڪري، ماتم ڪري، فرياد ڪري، پر زماني جي ٽوڪ زنيءَ کي ياد ڪري چپ ٿي ويو. کيس خبر هئي ته اڄ جي دور ۾ ڪنهن سچي عاشق کي ڪهڙو نه ذليل ڪيو ويندو آهي. هن پاڻ کي سمجهايو ۽ اتان ذليل ٿي نڪرڻ کان پاسو ڪيو. کيس عورت ذات بابت چيل ڳالهيون ياد آيون ته ڪيئن نه هر شاعر ۽ عاشق هر دور ۾ هميشه عورت کي بيوفا سڏيو آهي. پوءِ کيس ياد آيو ته جڏهن سندس پنهنجو پيءُ ۽ ماءُ به پنهنجا نه ٿي سگهيا ته سونيا ڪيئن ٿي پنهنجي ٿي سگهي؟ سونيا ته پرائي هئي، ان تي ڪا ميار ئي نٿي رکي سگهجي.. پوءِ هُو پنهنجي دوستن وٽ آيو. گل جي اوطاق تي اڪثر هُو محفل مچائيندا هئا. سماج جي ناانصافين تي ٽيڪا ٽپڻي ڪندا هئا، هميشه اهڙي انقلاب جي اڳڪٿي ڪندا هئا جيڪو سماج مان سموري ڦرلٽ ۽ ناانصافي ختم ڪري ڇڏيندو. کيس دوستن وٽان طعنا به ملندا هئا، پر کوڙ سارو قرب ملي ويندو هو ۽ هُو دوستن سان قرب ونڊي پنهنجا سمورا ڏک ۽ عذاب وساري گهر موٽندو هو. اڄ به هُو دوستن ڏانهن ان ئي اميد سان آيو هو ته سندس مائٽ ۽ سونيا جيڪا ساڻس لاتعلقي ڪئي هئي، ان جو ازالو دوستن جي صحبت ۾ رهي ڪري ڪيو وڃي، پر هُو جيئن ئي اوطاق جي در تي پهتو تڏهن دوستن جا ڀڻڪا سندس ڪن تي پيا. سندس دل گهُريا دوست سندس ئي باري ۾ ڳالهائي رهيا هئا، گل چيو: ”يار سجاد مان ڦاسي ويا آهيون، هڪ بيروزگار، مٿان دوستن تي بار، اسان پنهنجا مسئلا حل ڪريون يا سجاد جي مدد ڪريون.“ ان تي قائم چيو؛ ”بيرقوف ۽ سُست آهي، نوڪري وٺڻ ئي نٿو چاهي، اهڙي شخص سان دوستي رکي اسان به بدنام ٿي رهيا آهيون.“ هنن کي وارو وٺائيندي حيدر چيو؛ ”اڄ هُو جيئن ئي اچي ته هن کي سڌي ٻڌائجي، کيس چوڻ گهرجي ته هُو اسان جي دوستيءَ جي لائق نه آهي، انڪري آئنده هتي نه ايندو ڪري.“

دوستن جا سندس باري ۾ رايا ٻڌي سندس تاڪ لڳي ويا. هُو جيڪو پنهنجي دوستن کي زندگيءَ جو آخري سهارو سمجهي رهيو هو. اصل ۾ اهي سندس دوست هئا ئي ڪونه، اهي ته دشمن هئا جن کي هُو دوست سمجهڻ جي غلطي ڪري رهيو هو. کيس محسوس ٿيو هاڻي سندس دنيا ۾ ڪو به پنهنجو نه آهي. جڏهن دنيا ۾ ڪو پنهنجو رهي ئي نه، ته پوءِ اهڙي زندگيءَ ۾ جِي ڇا ڪبو؟ هن خودڪشيءَ جو پڪو ارادو ڪيو ۽ سمنڊ ڪناري مرڻ لاءِ نڪري آيو. کيس پنهنجي ماضيءَ جو جائزو وٺڻ کان پوءِ پوري پڪ ٿي ته هاڻي هن کي مرڻ ئي گهرجي. هن سمنڊ ڏانهن ڏٺو، سمنڊ جون مست لهرون کيس ڳڙڪائي موت جي واديءَ ۾ وٺي وڃڻ لاءِ بلڪل تيار بيٺيون هيون.

هُو جيئن ئي سمنڊ ۾ ٽپو ڏيڻ وارو هو ته اوچتو هن ڪنهن ٻار جون رڙيون ٻڌيون. ٻار دانهون ڪري بچايو بچايو چئي رهيو هو. هن رڙين طرف نهاريو ته کيس هڪ ٻالڪ نظر آيو، جنهن کي ڪو بدمعاش اغوا ڪري کڻي وڃي رهيو هو. هُو ڊوڙي بدمعاش جي رستي جي رڪارٽ بڻجي پيو. بجليءَ جي تيزيءَ سان هن بدمعاش کي زوردار ٺؤنشو هڻي ڪڍيو. بدمعاش ٻار کي ڇڏي هن تي ٽٽي پيو. ٻنهي جي وچ ۾ زبردست ويڙهه شروع ٿي وئي. نيٺ بدمعاش کي ڀڄائي ڪڍڻ ۾ هو ڪامياب ٿي ويو.

هُو ٻار ڏانهن مڙيو، هن ٻار سڃاڻي ورتو. اهو وسيم هو. وسيم هن ئي شهر سان واسطو رکندو هو. تمام گهڻو غريب هئڻ ڪري بوٽ پالش ڪري پيٽ پاليندو هو. وسيم شڪر گذار نظرن سان کيس ڏسي رهيو هو. اوچتو سندس ذهن ۾ خيال آيو ته هو ڪيڏو نه بيوقوف آهي، سندس ذهن ۾ ڪڏهن به اهو خيال نه آيو ته هُو نوڪري نه ملڻ تي پريشان ٿيڻ بدران بوٽ پالش ڪري پيٽ پالي. زماني جي ستم ظريفين سان مقابلو ڪري دنيا کي اهو ثابت ڪري ڏيکاري ته زندگي ڪيئن گذاربي آهي.

ڪيڏي نه افسوس جي ڳالهه آهي جو حالتن کان شڪست کائي اڄ هُو خودڪشي ڪري رهيو هو، جيڪڏهن هو وسيم جون دانهون نه ٻڌي ها ته هينئر سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ گهوتا کائيندي موت جي منهن ۾ هليو وڃي ها. تڏهن  هن به وسيم ڏانهن شڪر گذار نظرن سان ڏٺو، کيس چيائين: ”وسيم! اڄ تو منهنجي زندگي بچائي آهي. تنهنجي وڏي مهرباني.“ ان تي وسيم ويتر حيران ٿي ويو. پوءِ هن وسيم کي پنهنجي زندگيءَ جي سڄي ڪهاڻي ٻڌائي. وسيم سندس ڪهاڻي ٻڌي مرڪيو، چيائين؛ ”ادا زندگي ته توهان منهنجي بچائي آهي، منهنجي گهر هلو، منهنجي امڙ توهان سان ملي ڏاڍي خوش ٿيندي.“ هُو وسيم جي آڇ ٽاري نه سگهيو. ٻئي ڄڻا گهر ويا. وسيم جي پوڙهي ماءُ سجاد کي ڏسي ڏاڍي خوش ٿي، هوءَ سجاد جي زندگيءَ جي ڪهاڻي ٻڌي اکين مان لڙڪ لاڙي ويٺي. پوءِ هن سجاد کي چيو: ”سجاد پٽ تون هميشه لاءِ هتي ئي رهي پئه، تو منهنجي ٻچڙي جي زندگي بچائي آهي، هاڻي توکي اسان ئي رهائينداسين.“ پوڙهيءَ جي ڳالهه سجاد ٽاري نه سگهيو. رڳو ايترو چيائين؛. ”امان رهندس.“ پر هڪ شرط سان، شرط هيءُ آهي سڀاڻي کان مان بوٽ پالش جي ڌنڌي تي ويندس ۽ ننڍڙو وسيم اسڪول ويندو.“

وسيم جي ماءُ ان آڇ کي ٺڪرائي نه سگهي، هن ڪنڌ لوڏي هاڪار ڪئي. سجاد جي اکين مان ڳوڙها ڳڙي پيا، پر اهي خوشيءَ جا ڳوڙها هئا.

بهادر ٽالپر

 

 

 

 

خواب جو لمس

 

 

هُن گَهرو ساهه کنيو ته ڀر ۾ سُتل سندس نئين نويلي ڪنوار کي محسوس ٿيو ته هُو ڪنهن عجيب سوچ ۾ مبتلا آهي. هوءَ هيڪار ڪجهه به ڪونه ڪُڇي، پر پاڻ به ان موڙ تي ڪنهن سوچ جي طلسم ۾ گهيرجي وئي. هُو کٽ تي ليٽيل رهندي ڇت ۾ مسلسل نهاري رهيو هو. ڇت ۾ موجود هڪ سوراخ مان ستارو نظر اچي رهيو هو. هن کي لڳو آڪاس سوراخ مان ستاري جي اک سان کين ئي گهُوري رهيو آهي.

”آڪاس کي اکيون ٿينديون آهن ۽ ستارا آڪاس جون اکيون آهن! ستارا جيتوڻيڪ پٿر جا آهن پر اک وانگر  کين ماڻڪي ٿئي. جيڪا سدائين محبوب جي ماڻڪيءَ جيان من موهڻي ۽ چمڪيلي هوندي آهي ۽ عورتون پنهنجي چولي تي ستارا ٽانڪي جڏهن هلنديون آهن ته پريون لڳنديون آهن!!

هن ائين سوچي ڀر ۾ سُتل پريءَ ڏانهن  ڏٺو پر مٿي وري سوراخ ۾ ڏٺائين ته آڪاس کيس ۽ سندس ڪنوار کي ڏسي رهيو هو. هن لڄارو ٿيندي اکين تي ٻيئي هٿ ڏنا ته ڪائنات کيس معدوم ٿيندي محسوس ٿي. هن ڪائنات کي معدوم ٿيندي نه پئي ڏسڻ چاهيو. اکين تان پنهنجا هٿ هٽائي، اهي هٿ پنهنجي ڀر ۾ ستل پري پيڪر جسم تي گهمائڻ لڳو ته ڪنوار کان ڇرڪ نڪري ويو ۽ هوءَ اڻڏٺل لڄ جي غلاف ۾ ويڙهجي وئي ۽ هٿن مان ڪا لهر پنهنجي دل ۾ لهندي محسوس ڪيائين. هُو به هڪ حسين خواب جي لمس ۾ اچي ويو، پري پيڪر جسم جي خواب سان هم آهنگ هڪ خواب!

هُو ٻاهران آلي مٽي هٿ ڪري، ان سوراخ کي بند ڪرڻ لڳو هاڻ، سوراخ مڪمل بند ٿي چڪو هو ۽ سندس ڪمري جي ڇت ۽ آڪاس ۾ ڪو ربط باقي نه رهيو هو. هُو هاڻ بي کٽڪو هو. آڪاس کين ڏسي نه رهيو هو. پر پوءِ به کيس سوراخ جو ڪي قدر ڏک هو ۽ ان رابطي جي مرڻ جو به جيڪو آڪاس ۽ سندس ڪمري جي ڇت درميان هو. ماضيءَ ۾ هن جو هڪ دوست سان رابطو ٽٽو هو ته ڪيترو ئي عرصو غمگين رهيو هو ۽ هاڻ هن موڙ تي کيس اهو دلسوز لمحو ياد اچي رهيو هو! دوست جو جسد خاڪي کٽ تي پيل هو ۽ سندس نڪ جا ٻئي سوراخ جيتوڻيڪ موجود هئا، پر انهن مان ڪا اڻ- لکي هوا به ڪا نه گذري رهي هئي ۽ پوءِ جڏهن کيس دفنايو ويو، ته سندس قبر کي ڪوبه سوراخ نه ڇڏيو ويو. سندس دوست اندر ڪيئن هو؟ ان بابت تدفين پڄاڻان هُو ڪيترائي تصور تخليق ڪندو اچي گهر ڀيڙو ٿيو هو. هُو کٽ تي بيهي سوراخ کولڻ لڳو ته ڪنوار جي دل ۾ ڌڪ ڌڪ وڌڻ لڳي، جنهن کان هُو قطعي بيخبر هو. هن کي هاڻ لڳو پئي ته ڄڻ هن پنهنجي دوست جي قبر کي هڪ سوراخ ڪري ڇڏيو آهي، جنهن مان تازي هوا اندر وڃي سندس دوست کي جهڙوڪر جيئدان ڏئي رهي آهي!!

وري کيس دوست پاران هڪ ٻڌايل وارتا ياد اچڻ لڳي، جنهن جو تعلق به سندس دوست سان ئي هو. جڏهن سندس دوست جي شاديءَ جي پهرين رات هئي ۽ هُو سوراخ ڳولي ٿَڪجي ماندو ٿي سمهي پيو هو اها سندس سهاڳ رات هئي يا ڪو ڊرامو هو!! دوست کيس ٻڌايو هو ته اهو ڊرامو هو جيڪو ساڻس ڪيو ويو هو، جنهن ڊرامي جا سرجڻهار سندس ساهرا هئا!! اها رات سندس دوست جي زندگي جي سڀ کان وڏي ۽ ڳري رات هئي جنهن ۾ سندس خواب جو لمس ته ڏاڍو پُرڪيف هو، پر ان جو تعبير ڏاڍو اجڙيل اجڙيل هو!! اکين ۾ آگم ۽ اندر ۾ ٿر جو ريگستان هو جتي رڳو واري ئي واري ۽ اجاڙ ڀِٽون هيون، جن تي چڙهي هُو پنهنجو پاڻ تي ملامت ڪري رهيو هو....!!

ان وارتا کي ذهن ۾ گهمائڻ سان سندس دل جي ڌڪ ڌڪ جو توازن به هيٺ مٿي پئي ٿيندو ويو پر هُو ڪوشش ۾ هو، جيئن هُو ڀر ۾ سُتل پنهنجي گهر واريءَ کي نارمل محسوس ٿئي!! هن جا هٿ وري به ڪنوار جي جسم جي طواف ۾ هئا ۽ سندس وات مان ڌيمي آواز ۾ لفظ نڪري پُراسراريت کي ٽوڙي رهيا هئا: ”فطرت شايد توکي ۽ مون کي فقط انڪري پيدا ڪيو هو ته جيئن سندس وهنوار به هلي ۽ اسان سندس ڳڻ ڳائي هڪ ٻئي سان خوش رهي سگهون!“

هن ائين چئي پنهنجا چپ ڪنوار روزينا جي ساڄي ڳل تي رکيا ته سندس ڳل تي گلاب جو گل ٽڙي پيو۽ روزينا وري پنهنجي ٻانهن سندس ڪنڌ هيٺان ڪري اکيون ٻوٽي کانئس پڇڻ لڳي: ”منهنجي ڳل تي ڳوراڻ محسوس ٿئي پئيمنهنجي ڳل تي اهڙي ڪهڙي شيءِ آهي جنهنڪري!“ سندس سوال اڌ ۾ رهجي ويو!

وراڻي ۾ کيس چيائين: ”تنهنجي ڳل تي هڪ گل ڦٽو آهياُن جو تعبير ڪري سگهندينءَ؟ آءٌ ان تعبير لاءِ ماندو آهيان! سدائين هن ڪمري ۾ اڪيلو گذاريو اٿم!!“

”عالم تون خواب ته نه ڏسي رهيو آهينڳلن تي گل ڦُٽڻ وارو منطق ته گهٽ ۾ گهٽ مون کي تنهنجي ئي ايجاد لڳو ٿو!! گل ته زرخير ۽ نرم زمين ۾ ڦٽندا آهن..!!“ هوءَ کيس چئي وئي. ”ڇا تنهنجو والدين تنهنجي نانءِ ڪا زرخيز ۽ نرم زمين ته نه ڪئي هئيجنهن ۾ منهنجي خواب جي تعبير وارو ڪو گل ئي ڦٽي سگهي ها! توکي سڌ نه آهي ته آءٌ پنهنجي والدين جو اڪيلو پٽ هوسجنهن کي ماءُ صحرا ۾ جنمي اتي ئي مري وئي هئي ۽ بابا مون کي گهر کڻي اچي ماءُ وانگيان پاليو نپايو هو... آءٌ ته ننڍي لاڪون ماءُ جي محبت لاءِ سڪي ويستون اها محبت ڏئي سگهندينءَ؟ آءٌ تو ۾ پنهنجي ماءُ جو پاڇو تلاشي رهيو آهيان....!!“

روزينا جي ڪلهي تي عالم جي اکين مان لڙڪ لڙي ان کي آلو ڪري ويا هئاهوءَ پنهنجي ور جون اکيون اگهندي پنهنجي اندر ۾ غم جي ڪا بڙڇي لهندي محسوس ڪري رهي هئي!! ۽ آهستي آهستي پنهنجي ٻانهن عالم جي ڪنڌ هيٺان سرڪائي رهي هئياڃا سندس هٿ عالم جي ڪنڌ هيٺان باقي هو ته هُن هڪ ئي جهٽڪي سان پنهنجو هٿ ڇڪي ورتوعالم جي ڪنڌ کي ڌوڏو آيو ۽ سندس اکيون کُلي ويونپاسي ۾ ڏٺائين، ڪير به ڪونه هوپر بستري تي سندس غمن وانگيان اڻ ڳڻيا گهُنج باقي هئاجيڪي ڄڻ مٿس ٽهڪ ڏيئي کِلي رهيا هئا... ڇت ۾ ڏٺائين، اتي ڪنهن به سوراخ جا اهڃاڻ نه هئا!!!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org