سيد علي احمد شاهه اجناڻي
”ساقي
سروري“
(جنم:
11- ڊسمبر 1936ع
- وفات: 2- سيپٽمبر 2017ع)
غزل
گلستان ڪنهن کي چوان ۽ ڪهڪشان ڪنهن کي چوان،
تون جي ناهين پوءِ زمين ۽ آسمان ڪنهن کي چوان.
بي وفا ڪنهن کي چوان ۽ باوفا ڪنهن کي چوان،
مهربان ڪنهن کي چوان نامهربان ڪنهن کي چوان.
هن زماني ۾ ادب اخلاق سڀ ناپيد ٿيو،
باادب ڪنهن کي چوان ۽ بد زبان ڪنهن کي چوان.
وعدهء فردا تي ساري عمر گذري وئي صنم،
دردِ دل هجر و الم جو داستان ڪنهن کي چوان.
هڪ دفعو منهنجا سڄڻ مون کي ڏسڻ جي لاءِ اچ،
تو سوا اي جانِ من جهان ڪنهن کي چوان.
تنهنجي ذاتِ لم يزل هر جاءِ تي موجود آ،
پو ڀلا تون ئي ٻڌاءِ مان لامڪان ڪنهن کي چوان.
سڀڪو پنهنجي ۾ آ پورو ڪونه ٿو ڪنهنجي ٻڌي،
دردِ دل جو داستان ڪنهن سان ڪريان ڪنهن کي چوان.
دل گهري ٿي چار گهڙيون توسان گڏجي گهارجن،
ڇا ڪريان ۽ ڪيئن ڪريان توسان ملان ڪنهن کي چوان.
جام و مينا، مئڪده، ساغر، صبو آهن اُداس،
هي سمورو داستان پيرِ مغان ڪنهن کي چوان.
مئڪده آهي ڪٿي ساغر ڪٿي ”ساقي“ ڪٿي،
جام هڪڙو ٿو کپي ڪنهن کان گهران ڪنهن کي چوان.
سوچ - لوچ
شيخ عزيز جو وڇوڙو:
سنڌي ادبي بورڊ جو اڳوڻو وائيس چيئرمين، صحافت،
ادب ۽ تاريخ جي ميدان ۾ اڻمٽ نشان ڇڏيندڙ شيخ عزيز
8- آڪٽوبر 2018ع تي فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو.
شيخ عزيز سنڌي، اردو ۽ انگريزي صحافت سان پوري
زندگي سلهاڙيل رهيو، هُو ميوزڪ جو به وڏو ڄاڻو هو.
صحافت جي حوالي سان شيخ عزيز 1976ع ۾ سنڌ
يونيورسٽيءَ ۾ ڊاڪٽر خان محمد پنهور جي ڪوششن سان
قائم ٿيندڙ صحافت جي شعبي ۾ وڏو عرصو استاد جي
حيثيت ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ صحافت ۾ سنڌ
يونيورسٽيءَ مان شروعاتي بئچن جي ڪافي تعداد ۾
ڊگري حاصل ڪندڙ شاگردن جو استاد رهيو. هن صحافت جي
شاگردن لاءِ عملي صحافت جي نالي سان هڪ ڪتاب لکيو
جيڪو سليبس ۾ پڙهايو وڃي ٿو، هُو ڪيترن ڪتابن جو
ليکڪ ۽ ڪافي عرصي تائين انگريزي اخبار ’ڊان‘ ۾
لکندو رهيو آهي. شيخ عزيز جون ادب ۽ صحافت لاءِ
خدمتون هميشه ياد رهنديون ئي، پر هن کي سنڌي ادبي
بورڊ جي وائيس چيئرمين طور خدمتن کي پڻ ياد رکيو
ويندو. سنڌي ادبي بورڊ ۾ سندس موجودگي بورڊ ۾ نظم
و ضبط ۽ مالي مسئلن کي حل ڪرڻ سان گڏ ٻارڙن لاءِ
ٻالڪ ميلي منعقد ڪرڻ کي پڻ تاريخي حيثيت حاصل آهي.
شيخ عزيز هڪ سچو ۽ بيباڪ صحافي ۽ باڪردار انسان
هو. شيخ عزيز سندس پيڙهي توڙي نوجوانن لاءِ
اُتساهه رهيو. سنڌي ادبي بورڊ جا اسين سڀ ڪارڪن
شيخ عزيز جي وفات تي غمزده آهيون ۽ سندس خاندان
خاص طور گهر واريءَ ۽ اولاد سان دلي ڏک جو اظهار
ڪريون ٿا، اسان جي اها دعا آهي ته رب پاڪ مرحوم کي
پنهنجي جوارِ رحمت ۾ جاءِ عطا فرمائي. آمين
دنيا ۾ ماحولياتي تبديلي:
دنيا ۾ ماحولياتي تبديليءَ جو وڏو اثر اسان جي ملڪ
۽ خاص طور صوبي سنڌ تي نظر اچي ٿو. ملڪ جي ٻين
صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ صوبو جتي هر علائقو خوبصورت هئڻ
جي ڪري سائو ۽ سرسبز هئو، اُتي گذريل اڌ صديءَ کان
وڻن جي آهستي ڏاڍي ڪٽوتيءَ سان سنڌو درياءَ جي
ڪناري موجود ٻيلن مان سوين سال پراڻن وڻن جي واڍي
۽ آهستي آهستي ٻيلن جي خاتمي سان نه رڳو ساوڪ ۽
خوبصورتيءَ کي ڌڪ رسيو آهي ته ٻئي طرف ماحوليات تي
پڻ وڏو اثر وڌو آهي. سنڌ جي روڊن سان، سنڌ جي شاخن
۽ واهن جي ڪپ تي موجود ٽالهي، ٻٻر، پپر ۽ ٻيرين جي
لکين شاهي وڻن کي به آهستي آهستي بنا جواز جي ختم
ڪري ڪنهن به ماحوليات دوستيءَ جو ثبوت نه آهي ڏنو
ويو.
انهن وڻن جي واڌي ۽ پرورش لاءِ هڪ ته سرڪار طرفان
تمام وڏا فنڊس خرچ ڪيل هئا ته ٻئي طرف ايريگيشن ۽
روڊس کاتي جا سرڪاري ملازم جن ۾ بيلدار شامل آهن،
انهن جي خدمتن سان ئي اُهي وڻ زندهه هئا، پر انهن
وڻن کي ڪٽي روڊن جي خوبصورتي ختم ڪئي وئي ۽ مسافرن
لاءِ گهڙي کن رُڪجي ساهي پٽڻ وارو اُتساهه ئي ختم
ٿي ويو ته ٻئي طرف اُهي شاخون ۽ واهه ئي ختم ٿي
ويا جن ذريعي لکين ايڪڙ زمين زرخيز ٿيندي هئي.
موجوده دور ۾ ماحولياتي سجاڳيءَ لاءِ هر طرف چؤٻول
آهي ۽ سرڪاري سطح تي تمام گهڻا اُپاءُ ورتا پيا
وڃن، وڌ ۾ وڌ وڻ لڳائڻ تمام ضروري آهن. ان لاءِ هر
فرد کي وڌ ۾ وڌ وڻن لڳائڻ واري مهم ۾ حصو وٺڻ
گهرجي گڏوگڏ وڻن جي وڌيڪ ڪٽوتيءَ تي مڪمل پابندي
هجڻ گهرجي ۽ ان تي سختي سان عمل ڪرڻ گهرجي.
ثمينه ميمڻ
ايڊيٽر (انچارج)
سنڌو دور
(Indus Age)
جي معنيٰ آهي قديم آثارن سان لاڳاپيل سائنسي
تعمير، جنهن ۾ ثقافتي مرحلن کي ٺاهڻ جوڙڻ سان
واسطو هجي، اُن سان گڏ، حقيقي قسم جي حڪومت، وڻج
واپار جي طريقي، واسطن ۽ رابطن جو ذريعو، سماجي،
ثقافتي ادارن جي موجودگي ۽ جاگرافيائي ايراضي هجي.
هيءُ مرحلو قديم آثارن سان تعلق رکندڙ ’ثقافت‘ جو
قديم نظريو آهي. موجوده دور ۾ هن لفظ کي ’علم
بشريات‘
(Anthropology)
سان لاڳاپيل قديم آثارن ۾ گهٽ ڪتب آندو ويندو آهي
ڇاڪاڻ ته اسان کي پوري ڄاڻ آهي ته موجوده صورتحال
جي نقطه نگاهه کان هڪ حقيقي ثقافت جي نمائندگي ڪري
ڪانه سگهندي آهي، تنهنڪري اها حقيقي ثقافت ۾ قديم
آثارن واري ثقافتي نئين تعمير
(Archaeological Construction)
۾ وڏو فرق آهي. ڪن حالتن ۾ قديم آثارن واري ثقافتي
نئين تعمير، حقيقي ثقافت جي بدنما ۽ بگڙيل صورت
پيئي لڳندي آهي. ان سبب جي ڪري مٿئين لفظ جي
استعمال ڪرڻ جو ڪو جواز ئي نه آهي. منهنجي خيال ۾
ثقافت، ماحول مطابق ’انساني غير حياتياتي‘
(Non Biological)
تبديلي آهي. ثقافت جي هن قسم جي وصف کي مارڪسي
فلسفي جي اثر ڪري ۽ انساني عملي ڪارڪردگي کي وزن
کان وڌيڪ اهميت ڏيڻ سبب هاڃو به رسي سگهي ٿو.
تنهنڪري هن لفظ، ’ثقافت‘ جي وڌيڪ اطمينان بخش وصف،
’انساني محنت وسيلي تعمير‘
(Working Construct)
ٿي سگهي ٿي.
عطا محمد ڀنڀرو
ڪتاب: ”سنڌوسڀيتا ۽ اُن جي لکت“
ص 27 تان کنيل
تاجل بيوس
(جنم:
22- سيپٽمبر 1938ع
- وفات: 13- ڊسمبر 2008ع)
غزل
طوفان، باهه، مٽيءَ، اوندهه جو سلسلو آ،
دل ذهن ٻئي ڌُڏن ٿا، ڪهڙو هي زلزلو آ؟
تنهنجي ئي هن شهر ۾، منهنجي هيءَ دل بي بستي،
توکان فتح ٿي ويندي، ديبل جو هي قلعو آ.
ڪهڙيون ابد ازل جون پيو منزلون پُڇين ٿو؟
منهنجو ته دم الستيءَ، درياهه دادلو آ.
ورندو وٿاڻ پنهنجي، سنڌوءَ جا بند ٽوڙي،
مون کان پڇي ٿو ناصح، ڪنهن جو هُو قافلو آ.
بم، گئس، تيرَ، ڇُرا، رت ڇاڻ جا وسيلا،
ماڻهن جي هِن دنيا ۾، ڪهڙو هي ٿرٿلو آ؟
رنگ روپ مان لڳي ٿو، پيلو گهڙو آ ”بيوس“،
اِن کان ڀَڄي پري ٿي، سُهڻي جو هي دلو آ.
قمر شهباز
(جنم:
13- اپريل 1938ع
- وفات: 5- مئي 2009ع)
غزل
رات اسان کان پيارا وڇڙيا، چانڊوڪيءَ کان چارا
وڇڙيا،
سانوڻ ڪهڙي ڪارڻ ايندو، دل کان جو دل وارا وڇڙيا.
ڪنهن سونهن ڏني، ڪنهن ساءُ ڏنو، ڪنهن دردن جو
درياءُ ڏنو،
ڪهڙا ڪهڙا ماڻهو آيا، ڪهڙا جيءَ جيارا وڇڙيا.
خوابن جي ايوانن ۾ مان تنها ڇو آهيان،
جن جوت ڏني، سي موت نيا، هئي! تاريڪيءَ ۾ تارا
وڇڙيا.
ڪي ڏينهن ٿيا جو مينهن پيا، جن پيار ڪيو سي ڌار
ٿيا،
تون ڇا وڇڙئين، دنيا وڇڙي، مون کان ساٿي سارا
وڇڙيا.
ڊاڪٽر الطاف حسين جوکيو
’سنڌي ٻاراڻي ڪتاب‘ ۾ ڄاڻايل
اکرن جي صورتن جو جائزو
اڀياس جو پسمنظر:
2015ع ۾ سنڌ ريڊنگ پروگرام پاران اکر ۽ ان جي
صورتن تي اسڪوپ اينڊ سيڪئونس جي مد ۾ پرائمري سطح
تي ليسن پلان جوڙڻ لاءِ استاد ۽ ماهر گڏ ڪيا ويا.
جڏهن اکرن جي صورتن جي ڳالهه آئي ته ان ڳالهه تي
ڪافي بحث ٿيو ته، جيئن ته هر اکر جون چار صورتون
ٿين ٿيون: سالم، شروعاتي، وچين ۽ آخري، ان خيال
کان ’الف‘ جون به ڪل چار صورتون ٿينديون. مون
اعتراض واريو ته هر اکر جون چار صورتون نه ٿيون
ٿين؛ متصل اکر جون چار صورتون ٿينديون، جڏهن ته
منفصل اکرن جون ٻه يا ٽي صورتون ٿي سگهن ٿيون، ان
خيال کان ’الف‘ جون صرف ’ٻه صورتون‘ ممڪن آهن. جن
دوستن کي ٽيڪسٽ بڪ لکڻ ۽ جائزي وٺڻ جو ڪافي تجربو
۽ عرصو گذريو آهي، اهي ڪافي ڏمرجي پيا. انهن دوستن
’سنڌي ٻاراڻي ڪتاب‘ جو حوالو ڏنو، مون کين اهو ئي
عرض ڪيو ته ان ۾ ئي ته چڪون آهن؛ مون کي لڳو ته
ماحول اڃا تيز ٿي ويو. في الحال ته مون به کڻي چپ
ڪئي. جڏهن ليسن پلان جوڙڻ وارو مرحلو آيو ته ’الف‘
جي هر صورت تي سرگرمين جي بنياد تي ليسن پلان
ٺاهڻا پيا. مون هڪ سينئر استاد ۽ پروگرام جي
آرگنائيزر کي وٺي، مثالن سان اها ڳالهه سمجهائڻ جي
ڪوشش ڪئي ته ڪنـ
هن لفظ ۾’اکر جي صورت‘ ۽’اکر جي حالت‘ ٻه الڳ
معاملا آهن، ان ڪارڻ منفصل اکر ’الف‘ جون صورتون
ئي ٻه ٿينديون. نيٺ انهن دوستن کي ڳالهه سمجهه ۾
آئي ۽ رٿيل خاڪي کي ٻيهر جوڙي ڪم کي نئين سري سان
شروع ڪيائون.
اکرن جي صورتن تي باريڪ بينيءَ سان ڪم ڪرڻ بابت
آگاهي رهي ته 2010ع ڌاران ڊاڪٽر قاسم
ٻگـ
هئي جي نگرانيءَ ۾ منـ
هنجي تحقيق جو شروعاتي ڪم ’عربي- سنڌي آئيويٽا ۽
صورتخطيءَ جو اڀياس‘ تي هو، جنـ
هن ۾ مختلف سيڪشن رکيل هئا. انهن مان هڪ سيڪشن
اکر جي معنى- مفهوم، صورتن ۽ ان جي استعمال تي به
هو. ڪم ڪافي وڌي ويو، جنـ
هن سبب ماهرن جي راءِ موجب مون کي صرف ’صورتخطيءَ‘
تي
بيـ
هاريو ويو. ان سبب ’اکر‘ تي ڪيل ڪم کي پاسي تي
رکڻو پيو. جڏهن سنڌ ريڊنگ پروگرام ۾ اهڙا معاملا
سامهون آيا ته اها تحقيق ’عربي- سنڌي اکر جو
اڀياس‘ جي عنوان سان ڪتابي صورت ۾، آگسٽ 2016ع تي،
سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ شايع ٿيڻ لاءِ ڏني هئم،
جيڪا اڄ سوڌو غير سنجيده روين سبب رلي پئي آهي.
جڏهن ته ان ڪتاب تي مقرر ڪيل ايڊيٽر ڊاڪٽر غلام
علي الانا جو تمام مثبت رايو آهي ته ”حقيقت ۾،
ڊاڪٽر جوکئي صاحب جي پي ايڇ.ڊي لاءِ تيار ڪيل ٿيسز
جو، ڇپائيءَ کان رهجي ويل اهو حصو آهي، جيڪو فن
خطاطيءَ جي روشنيءَ ۾ لکيل آهي، ۽ هن حصي جي شايع
ڪرڻ جي تمام گهڻي ضرورت آهي. ڇاڪاڻ ته مون سميت
سنڌ جا اڪثر استاد، اديب ۽ محقق فن خطاطيءَ جي
اصولن کان بلڪل اڻڄاڻ آهن. ... عربي- سنڌي اکرن جي
لکڻ جي سلسلي ۾، ڊاڪٽر جوکئي صاحب جي ڪيل تحقيق،
فن خطاطيءَ تي آڌاريل آهي، جنـ
هن ۾ ڊاڪٽر جوکيو وڏي ڄاڻ رکي ٿو. انهيءَ ڪري هو
’عربي-سنڌي اکر ۾ اکرن لکڻ جي سلسلي ۾ سمجهاڻي ڏيڻ
۾ به ڪامياب ثابت ٿيو آهي. ... ڊاڪٽر جوکئي صاحب
جو هيءُ ڪتاب، جديد لسانيات جي اصولن موجب ڪن فني
اصطلاحن جي لحاظ کان متضاد ڳالهين تي به مشتمل
آهي، پر جيئن ته فن خطاطيءَ جي لحاظ کان، سنڌي
ٻوليءَ ۾ لکيل هي
پـ
هريون ئي ڪتاب آهي، انهيءَ ڪري هيءُ ڪتاب ضرور
شايع ڪيو وڃي ته جيئن فن خطاطيءَ توڙي جديد
لسانيات جا ڄاڻو، هن ڪتاب ۾ شامل مواد جي باري ۾
آئنده پنهنجي ڪا راءِ ڏئي سگهن...“
اهڙن راين جي باوجود هي ’اکر‘ تي ڪتاب، سنڌي
لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ روليو ويو آهي؛ ڪتاب جي رولڻ
وارن سببن تي ڪونه ڳالهائبو. البت، ايترو ضرور
چئبو ته هيءُ ڪتاب جيڪڏهن عوامي سطح تي اچي وڃي ها
ته اسان جي پرائمري سطح جي ڪتابن ۾ ڪٽ ۽ پيسٽ
واريون چڪون نه ورهائجن ها ۽ اهي معاملا بحث هيٺ
رهي، ڪي سڌارا اچي سگهن ها. هن اڀياس جو مقصد اکرن
جي صورتن جا معيار متعيّن ڪرڻ ۽ سنڌي ٻاراڻي ڪتاب
۾ ڄاڻايل اکرن جي صورتن جو جائزو وٺڻ آهي.
اڀياس جو عمل
عالمن جي ڄاڻايل اکرن جي صورتن تي ڪي اختلاف نظر
اچن ٿا، ان لاءِ لازمي آهي ته اهڙن اختلافن کي ڪن
معيارن تي ڏسي ڪو حاصل مطلب ڪڍي سگهجي ٿو.
عالمن پاران ڄاڻايل اکرن جي صورتن جو مختصر جائزو
مرزا قليچ بيگ جون ڄاڻايل صورتون
مرزا قليچ بيگ صاحب الف- بي جي 51 حرفن جون صورتون
ڏنيون آهن، همزي جو اکر يا ان جون صورتون نه ڏيڻ
جي ڪا وضاحت ڪانه ڪئي اٿائين؛ سندس ڏنل اکرن جي
صورتن مان اعتراض جوڳيون صورتون هن ريت ڏجن ٿيون:
نالو |
اکر |
منڍ |
وچ |
پڇاڙي |
الف |
ا |
ا |
ـا |
ـا |
دال |
د |
د |
ـد |
ـد |
ري |
ر |
ر |
ـر |
ـر |
واو |
و |
و |
ـو |
ـو |
مرزا مرحوم همزي جون صورتون نه
ڄاڻايون آهن. |
(قليچ، 2006: 163 ۽ 164)
محترم محمد ابراهيم جويي جون ڄاڻايل صورتون
جناب محمد ابراهيم جويي ’منشي آنند رام‘ ۽ ’ڊولامل
بولچند‘ جي اهم ڪتابن
کي
تصحيح ڪري ڇپرايا. ’منشي آنندرام‘ جي ڪتاب
‘The Sindhi Instructor’ جي ٽي دفعا تصحيح ڪيائين. هتي ڄاڻايل
ڪتاب جو
چوٿون ڇاپو (2007ع) سامهون آهي، جنـﮨـن جي ’پيش لفظ‘ ۾ اکرن جون تصحيح شده
صورتون بيـﮨـاريون ويون آهن؛ جڏهن ته ڪتاب جي ڀيٽ
۾ ’منشي آنند رام‘ جي ڄاڻايل صورتن ۾ ڪافي ڪميون
آهن. هيٺ جويي صاحب جي ڄاڻايل صورتن مان مونجھاري
هيٺ آيل بنيادي منفصِل اکرن ’ا، د، ر ۽ و‘ ۽
متصِل اکر ’هه‘ جون صورتون خيال خاطر رکجن ٿيون:
Combined Form |
English |
Detached
Form |
Name |
Initial |
Medial |
Final |
ا |
… |
ـا |
a |
ا |
Aliph |
… |
… |
ـد |
d |
د |
Dal |
… |
… |
ـر |
r |
ر |
Ray |
… |
… |
ـو |
v |
و |
Vav |
ئـ |
ـئـ |
… |
a |
ء |
Hamzo |
’منشي آنند رام‘ جي تصحيح ڪيل چارٽ مان اهو پتو
پوي ٿو ته محترم جويي صاحب هن معاملي کي چڱيان
جاچيو آهي. ان سلسلي ۾ پاڻ لکن ٿا ته:
“In
this fourth edition (the third of the revised
one), I have replaced the first two pages of the
book regarding the Alphabet. These original two
pages, reproducing here in below to save them
for posterity, as may be seen, sought to present
the 52 letters of Sindhi Alphabet with their
variant forms as the same appeared holding their
position in the calligraphic format of the
word.” (Ibrahim, 2007: 9)
محترم جويي صاحب جي خيال ۽ صورتن مان پتو پوي ٿو
ته صاحب موصوف اکرن جي صورتن کي لکڻ/ خطاطيءَ/ لکڻ
جي اصولن پٽاندر ئي ڏٺو آهي؛ ان اصول پٽاندر ڏٺو
وڃي ته صاحب موصوف جي ڄاڻايل ’الف‘ جي صورتن ۾ ڪمي
آهي.
واضح رهي ته: ’الف‘ جي شروعاتي صورت ٿيندي ئي
ناهي؛ ڪنـ
ھن لفظ يا لفظ جي جوڙ واري منڍ ۾، خطاطيءَ/ لکڻ جي
اصولن آهر، ’الف‘ سالم صورت ۾ ئي ايندو آهي؛ جيئن:
o
شروعات ۾: اک، انب،
اوير، اسرار، انوار، ابرار، الف؛ آخر، آسرو وغيره.
ڊاڪٽر الانا پاران ڄاڻايل صورتون
ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب، عربي- سنڌي آئيويٽا جي
28 حرفن جون صورتون ڏنيون آهن، 52 مان 28 اکرن جي
صورتن جي چونڊ ڪـﻫـڙي بنياد تي ڪئي وئي (اکر جي
بنيادي گهر يا ٽٻڪن وار)؟ ان جي ڪا وضاحت ڏنل
ڪانهي ۽ نه وري اهڙي ڪا ورڇ ڪيل آهي؛ تن مان
اعتراض جوڳيون صورتون هيٺ رکجن ٿيون:
سالم |
منڍ وارو |
وچيون |
آخري |
ا |
ا |
------- |
ــا |
د |
د |
------- |
ــد |
ر |
ر |
------- |
ـر |
(الانا،
1993: 106 ۽ 107)
ڊاڪٽر الانا صاحب جي ڄاڻايل 28 حرفن جي صورتن مان
ٽن اکرن جون صورتون ته منفصل آهن.البت، مثالن ۾
’و‘ بابت به اکيڙ ڪئي اٿس. بـﻫـرحال، ڊاڪٽر الانا
صاحب جي ڄاڻايل ’ا، د، ۽ ر‘ جي وچين صورتن نه ڏيڻ
مان اهوئي معلوم ٿئي ٿو ته صاحب موصوف ان مسئلي
بابت ڪنـﻫـن حد تائين واضح ضرور آهي، ليڪن واضح
هجڻ جي حالت
50%
آهي.
1.1.1.
واحد بخش شيخ پاران ڄاڻايل صورتون
واحد بخش شيخ صاحب ’الف، ب جي حرفن جون جدا جدا
صورتون‘ جي عنوان سان 52 اکرن جون صورتون ڏنيون
آهن، سي به گھڻي قدر مرزا قليچ بيگ جي ڄاڻايل
صورتن جي تتبع تي ٻڌل آهن، سواءِ هڪ- اڌ مٽاسٽا جي!
تن مان اعتراض جوڳيون صورتون هت ڏجن ٿيون:
جدا ٿيل |
ابتدائي صورت |
متوسط صورت |
انتـﮨـائي صورت |
نالو |
ا |
ا |
ـا |
ـا |
الف |
د |
د |
ـد |
ـد |
دال |
ر |
ر |
ـر |
ـر |
ري |
و |
و |
ـو |
ـو |
واو |
ء |
ئـ |
ء |
ء |
الف همزه |
(شيخ، 1986: 9، 10 ۽ 11)
شيخ صاحب جي ڏسيل صورتن مان پنج ته منفصل اکرن جون
آهن،جيڪي گهڻي قدر اڳين عالمن جي پوئواري ٿيون
ظاهر ڪن.
1.1.2.
چئني عالمن جي ڄاڻايل صورتن جي ڇنڊڇاڻ
هيٺ تقابلي چئني عالمن جون ڏنل منفصِل اکرن جون
صورتون ڇنڊ ڇاڻ لاءِ رکجن ٿيون:
«
|
مرزا قليچ بيگ |
محمدابراهيم جويو |
ڊاڪٽر الانا |
واحد بخش شيخ |
سالم صورت |
|
|
|
|
شروعاتي صورت |
|
|
|
|
وچين صورت |
|
|
|
|
آخري صورت |
|
|
|
|
مٿي ڄاڻايل گڏيل صورتن جي ڇنڊڇاڻ هيٺينءَ ريت
بيـﮨـي ٿي:
·
سالم صورتن ۾ چئني عالمن جي راءِ ساڳي آهي.
·
شروعاتي صورتن ۾ به جويي صاحب جون ڄاڻايل صورتون
مختلف آهن
۽ درست رخ ۾ آهن،
باقي ٻين جو خيال ساڳيو آهي.
·
وچيُن صورتن ۾ ٻن عالمن: مرزا قليچ بيگ ۽ واحد بخش
جي راءِ ساڳي آهي.
البته، ٻن عالمن: جويي صاحب ۽ الانا صاحب جو خيال
مختلف آهي.
·
آخري صورت ۾ چئني عالمن جي راءِ برابر آهي.
ڊاڪٽر الانا صاحب منفصِل (اڻ ڳنڍيندڙ) اکرن جي
وچين صورت ۾ ٻين عالمن کان اختلاف رکي ٿو، جنـﮨـن
جو جواز ڄاڻائي ٿو ته: ”ا، د، ڌ، ڏ، ڊ، ڍ، ذ، ر،
ڙ، ز ۽ و ڪنـ
هن
به لفظ ۾ پوئين حرف سان ملايا نه ويندا آهن. اهي
حرف، اڳئين حرف سان ڳنڍجي سگهجن ٿا، بشرطيڪ اڳيون
حرف به ڳنڍيندڙ هجي. مثال طور:
اُڀِ الف پوئين حرف سان مليل نه آهي.
اُس الف پوئين حرف سان مليل نه آهي.
پاسو ايضاً
رات ’ر‘ ۽ ’ا‘ پـﻫـرئين يا پوئين حرف سان مليل
نه آهن.
رَسَڻ ’ر‘ پوئين حرف سان مليل نه آهي.
ڪرڻ ’ر‘ ايضاً
دري ’د‘ ۽ ’ر‘ اڳئين ۽ پوئين حرف سان مليل نه
آهن.
رُڌَلَ ’ر‘ ۽ ’ڌ‘ ايضاً
ٻُڌ ’ڌ‘ پـﻫـرئين حرف سان مليل آهي.
چوڻ ’و‘ پوئين حرف سان مليل نه آهي.
هيٺ ڏنل لفظن ۾ حرف، ڪنـ
هن
به روپ ۾، هڪٻئي سان به ڳنڍجي نه ٿا سگهن، مثلاً:
واڍو ڍور
دوا رِڍ
ڌار اَڌ
واڙ زور.“
(الانا، 1993: 107- 108)
الانا صاحب جي راءِ مرزا قليچ بيگ ۽ واحد بخش شيخ
کان نرالي بجا آهي؛ سندس ڏنل مثالن مان ٻه نتيجا
اخذ ٿين ٿا: هڪ ته، ’الف‘ يا ’ر‘ جي شروعاتي صورت
ڪانه ٿي ٿئي، جنـﮨـن لاءِ پاڻ لکيو اٿس ته ’اُڀِ ۾
الف پوئين حرف سان مليل نه آهي‘ يعني الف جي
شروعاتي صورت اڻ- ڳنڍجندڙ آهي. جڏهن ته
سندس ڄاڻايل
مثالن آڌار ’اڀ‘ ۽ ’اس‘ جي جوڙجڪ تي بنا غور ڪرڻ
جي مٿي 28 حرفن جي صورتن ۾ ’الف‘ جي شروعاتي صورت
به ڄاڻائي اٿائين!
لفظ ’پاسو‘ ۽ ’رات‘ جي وضاحت ۾ لکيو اٿائين ته
’پاسو ۾ الف پوئين حرف سان مليل نه آهي ۽ رات ۾
الف پـﻫـرئين يا پوئين حرف سان مليل نه آهي‘، جي
بنياد تي درست خيال رکيو اٿائين ته ’الف‘ جي وچين
صورت ڪانه ٿيندي!
ڊاڪٽر الانا جي ڏنل مثالن مان اهو خيال مضبوطيءَ
سان اخذ ٿئي ٿو ته ڪنھن اکر جي صورت متّصِل (ڳنڍيندڙ)
۽ منفصل (اڻ- ڳنڍيندڙ) واري اصول تي رکڻ گهرجي.
ڊاڪٽر الانا جو منفصل اکرن جي وچين صورت نه ڏيڻ
مان مراد اها آهي ته ڊاڪٽر صاحب هن مسئلي کي ڄاتو
درست آهي، ليڪن پنهنجي ڏنل 28 اکرن جي صورتن ۾
منفصل اکرن جي صورتن ڏيڻ ۾ تڪڙ ڪئي اٿس. سندس ئي
ڏنل مثالن آڌار ان چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو ته
منفصل اکرن جون شروعاتي توڙي وچيون صورتون ڪونه
ٿينديون.
محترم ابراهيم جويي صاحب جو اکرن جي صورتن بابت
خيال،
الانا صاحب کان به وڌيڪ مضبوط آهي؛ صاحب موصوف
منفصل اکرن ’دال، ري ۽ واؤ‘ جون شروعاتي توڻي
وچيون صورتون نه ڏنيون آهن. البت، ’الف‘ جي
شروعاتي صورت تي غور نه ڪيو ويو آهي، جنـﮨـن کي
اخذ ڪيل اصولن پٽاندر مناسب نه ٿو قرار ڏئي سگهجي.
ٻئي پاسي مرزا قليچ بيگ ۽ واحد بخش شيخ صاحب جون
ڄاڻايل منفصل اکرن جون شروعاتي ۽ وچيون صورتون ردّ
ٿيڻ جوڳيون آهن.
·
الف ۽ همزي جي صورتن جي ڇنڊڇاڻ
’همزي‘ جي صورتن سان جناب محمد ابراهيم جويي ۽
واحد بخش شيخ صاحب هٿ ڳنڍيو آهي؛ باقي، مرزا قليچ
بيگ مرحوم ۽ ڊاڪٽر الانا صاحب ’همزي‘ جون صورتون
نه ڄاڻايون آهن. واضح رهي ته هي ’صوتيات‘ کان وڌيڪ
’صورتخطيءَ‘ جو معاملو آهي، ان صورت ۾ ’همزي‘ جون
صورتون به ساڳي حيثيت رکن ٿيون. سائين ابراهيم جويي
صاحب ’همزي‘ جون جيڪي صورتون ڄاڻايون آهن، سي
خطاطيءَ/ لکڻ/ لکڻ جي اصولن مطابق بلڪل درست آهن.
«
|
محمد ابراهيم جويو |
واحد بخش شيخ |
سالم صورت |
P
ء |
P
ء |
شروعاتي صورت |
ü
ئـ |
P
ئـ |
وچين صورت |
P
ـئـ |
Î
ء |
آخري صورت |
P
… |
Î
ء |
·
سنڌي صورتخطيءَ ۾ الف ۽ همزي جون خاصيتون
·
الف جون صرف ٻه صورتون
’سالم ۽ آخري‘ ڪم آنديون ويندون آهن، شروعاتي ۽
وچولي صورت آهي ئي ڪونه؛ جڏهن ته همزي جون ٽي
صورتون ڪم آنديون وينديون آهن، هن جي ’آخري صورت‘
آهي ئي ڪونه!
·
الف ۽ همزو هڪٻئي جا ڀَن
ڀريندڙ آهن؛ جتي الف جي صورت ممڪن ناهي اتي همزي
(ء) کان ڪم ورتو ويندو آهي. ان مان اهوئي خيال جُڙي
ٿو ته الف ۽ همزو ساڳئي نوعيت جا اسم آهن جن جا
اکر/ روپ الڳ الڳ آهن.
·
سنڌي صورتخطيءَ ۾ پڻ،
ٿورڙي فرق سان، عربيءَ جيان متحرڪ الف لاءِ
همزو (لفظ جي وچ ۽ آخر ۾) ۽ ڊگھي سُر لاءِ الف ڪم آندو ويندو آهي؛
·
سنڌي ۽ عربي صورتخطيِءَ
۾ ٿورڙو فرق اهو آهي ته سنڌي صورتخطيءَ ۾، لفظ جي
منڍ واري متحرڪ همزي جي جڳـﮨـه تي الف ڪم آندو
ويندو آهي.
مٿيون الف جون صورتون رکڻ سان اها ڳالهه واضح ٿي ته الف جون صرف ٻه صورتون
’سالم ۽ آخري‘ ممڪن ٿي سگھن ٿيون؛ ٻيون ’ٻه
صورتون‘ عربي توڻي عربيءَ مان جڙيل ڪنـ
هن
به صورتخطيءَ ۾ ڪونهن.
·
شروعاتي صورت مان مراد
ڪنـﻫـن لفظ ۾ متّصل اکرن سان، ڳنڍيل جوڙ جو منڍ.
·
آخري صورت مان مراد
ڪنـﻫـن لفظ ۾ متّصل اکرن سان، ڳنڍيل جوڙ جي پڇاڙي.
اکرن جي صورتن تي مرزا قليچ بيگ، ڊاڪٽر غلام علي
الانا، واحد بخش شيخ ۽ ابراهيم جويي وغيره جو ڪم
ٿيل آهي، ليڪن انهن ۾ به خال ۽ چڪون رهجي ويون
آهن. مون انهن جي صورتن تي لکڻ جي حوالي سان
ڇنڊڇاڻ ڪئي آهي ۽ نتيجو ڪڍيو آهي. وس آهر ان کي
عام ڪرڻ جي ڪوشش به ورتي آهي، پر افسوس جو اسان جي
هن علمي ۽ ادبي ماحول ۾ ڪابه اختلافي ڳالهه ڪرڻ
سان سخت روش جو منـ
هن ڏسڻو پوي ٿو.
اکرن جي صورتن آهر، اهڙي نتيجي حاصل ڪرڻ ۽ دوستن
سان شيئر ڪرڻ بعد جڏهن ٽيڪسٽ بڪ بورڊ پاران تازو
2018ع ۾ شايع ڪرايل’سنڌي ٻاراڻو ڪتاب‘ ۾ ساڳي ڪار
ڏسجي ٿي ته دل ڏکاري ٿئي ٿي.
اکرن جي صورتن واري اڀياس ۾ جيڪي اهم ڳالهيون
سامهون آيون، سي هن ريت آهن:
·
اکرن جا ٻه قسم ٿين ٿا، هڪ: متصل (ڳنڍجندڙ)، ٻيو:
منفصل (اڻ ڳنڍجندڙ)
·
اهي بنيادي متصل
اکر جن جون چارئي صورتون ٿين ٿيون، جيئن: ب، ج،
جهه، س، ص، ط، ع، ف، ڪ، ک، گ، گھ، ل، م، ن، ڻ، هه،
ي.
·
اهي بنيادي منفصل اکر جن جون چارئي صورتون نه ٿينديون آهن، جيئن:
ا، د، ر، و ۽ ء
(نوٽ: ا، د، ر ۽ و جون صرف ٻه صورتون:
سالم ۽ آخري ٿين ٿيون، جڏهن ته همزي (ء) جون ٽي
صورتون ٿين ٿيون: سالم، شروعاتي ۽ وچين.)
بـ
هرحال، اکرن بابت اهو هڪ ڊگهو بحث آهي جيڪو هتي
ڇيڙڻ ممڪن ڪونهي، ان ميزان هيٺ جڏهن ’سنڌي ٻاراڻو
ڪتاب‘ ڏسون ٿا ته چند خال نظر اچن ٿا. چند ڳالهيون
نُڪتن ۾ ڏجن ٿيون:
·
صفحي جي مٿان عنوان ۾ ئي جڏهن ڏنو پيو آهي ته ’لکڻ
۾ اکر جون مختلف صورتون‘ ته پوءِ ظاهر آهي ته ان
کي لکڻ جي حالت ۾ ئي ڏسڻ گهرجي ته ڪنـ
هن لفظ ۾ ڪـ
هڙي حالت ۾ اکر پنـ
هنجي صورت مٽائي ٿو!
·
ڪتاب ۾ اهي اکر ڏنا ويا آهن، جيڪي بنيادي شڪل رکن
ٿا، جيئن: ب. يعني هيٺان يا مٿيان مٽجندڙ ٽٻڪن
وارا اکر ان ٻيڙيءَ واري اکر ۾ شامل ٿي ويندا.
·
’الف‘ جون چار صورتون ڏنل آهن، جيڪي صرف ٻه
ٿينديون: سالم ۽ آخري.
·
’ب‘ جون چارئي صورتون ٿينديون. (هن اکر ۾ اِن شڪل
وارا هيٺان يا مٿيان مٽجندڙ ٽٻڪن وارا اکر شامل ٿي
ويندا.)
·
’جهه‘ جي شڪل ڏيڻ کپي ها، ڇاڪاڻ ته ان ۾ ’وسرڳي
ـهـ‘ ڪم آندي ويندي آهي، هن اکر سان ’ملفوظي هه‘
جو ڳنڍ نه ٿيندو. هي ٻٽو اکر
(Digraph)
هڪ وسرڳ آواز لاءِ مقرر ٿيل آهي، ان ڪارڻ ان کي
مخصوص ’ـهـ‘ سان لکڻ جي مشق ڪرائڻ گهرجي، جيئن:
جهه ۽ گهه.)
·
’د‘ جون چار صورتون ڏنل آهن، جيڪي به صرف ٻه
ٿينديون: سالم ۽ آخري. (هن اکر ۾ اِن شڪل وارا
مٽجندڙ ٽٻڪن وارا اکر شامل ٿي ويندا)
·
’ر‘ جون چار صورتون ڏنل آهن، جيڪي پڻ ٻه ٿينديون:
سالم ۽ آخري. (هن اکر ۾ اِن شڪل وارا مٽجندڙ ٽٻڪن
وارا اکر شامل ٿي ويندا)
·
’س، ص، ط، ع، ف، ڪ، ک، گهه، ل، م، ن ۽ ي‘ ۽ ان سان
ملندڙ اکرن جون بيشڪ چارئي صورتون ٿينديون.
·
’و‘ جون چارئي صورتون ڏنل آهن، جڏهن ته هن جون به
صرف ٻه صورتون ئي ٿين ٿيون: سالم ۽ آخري.
·
’هه‘ جي صورتن ۾ ساڳيو معاملو سامهون اچي ٿو ته
’ملفوظي هه‘ ۽ ’وسرڳي ـهـ‘ کي وچڙايو ويو آهي، جن
جون صورتون ئي الڳ الڳ ٿينديون.
·
همزي (ء) جون چارئي صورتون ڏنيون ويون آهن، جڏهن
ته هن اکر جون ٽي صورتون ٿين ٿيون: سالم، شروعاتي
۽ وچين. جڏهن ته هن جي آخري صورت نه ٿيندي. ٻاراڻي
ڪتاب ۾ جيڪا صورت ڏني وئي آهي، ان جي آخر ۾ ’مختفي
ـه‘ ڏني وئي آهي جيڪا ڪنـ
هن به صورت ۾ مناسب ناهي.
·
آخر ۾ استاد لاءِ هدايت ڏني وئي آهي ته ’ڏنل اکرن
جي مختلف صورتن مطابق پوري پٽي سمجهائي وڃي.‘ جڏهن
اکر جي صورتن بابت استاد ئي واضح نه رهندو ته پوءِ
ڪـ
هڙي اميد رکجي ته استاد مختلف صورتن مطابق پٽي
سمجهائي!
آخر ۾ خيال خاطر اکر جي صورت بابت هڪ -ٻه مثال ڏجن
ٿا:
·
’اک‘ (هن ۾ الف سالم صورت ۾ آيو آهي، شروعاتي
ڪونهي)
·
’ماکي‘ (هن ۾ الف آخري صورت وارو آيو آهي، وچين
صورت وارو نه سڏبو. يعني هن حالت ۾ اکر جي حالت
نه، پر اکر جي ڳنڍجندڙ صورت ڏسي ويندي. ان ’الف‘
سان ڪو ٻيو اکر ڳنڍجي ها ته چئي سگهجي پيو ته اها
وچين صورت آهي، ليڪن اهو ممڪن ئي ڪونهي.)
·
’بدڪ‘ (هن لفظ ۾ ’ب‘ شروعاتي شڪل ۾ آهي.)
·
ابابيل (هن لفظ ۾ پڻ ’ب‘ شروعاتي آهن، يعني انهن
’ب‘ اکرن کان اڳيان ڪو متصل اکر هجي ها ته پوءِ
وچين صورت سڏجي ها، هن حالت ۾ نه!)
ان مان واضح هجڻ گهرجي ته ’اکرن جي صورت‘ ۽ ڪنـ
هن لفظ ۾ ’اکرن جي حالت‘ ٻه الڳ معاملا آهن؛ ان
لحاظ کان ’سنڌي ٻاراڻي ڪتاب‘ تي ٻيـ
هر نظر ڌرڻ لاءِ گذارش ڪجي ٿي.
حوالا/ ذريعا
·
الانا، غلام علي، ڊاڪٽر
[1964] 1993. سنڌي صورتخطي- حيدرآباد:
سنڌي لئنگئيج
اٿارٽي.
·
شيخ، واحد بخش
(1986) سنڌي ٻوليءَ جو صرف ۽ نحو، ڀاڱو پـﻫـريون-
ڄام
شورو: سنڌي ادبي بورڊ.
·
مرزا، قليچ بيگ
[1961] 2006. سنڌي وياڪرڻ (گڏيل ڀاڱا)- ڄام شورو:
سنڌي ادبي بورڊ.
·
Bulchand, Dulamal
(2003) ‘A manual of Sindhi’. Hyderabad: Sindhi
Language Authority. |