سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3۽4/ 2018ع

باب:

صفحو:14 

امداد حُسيني

 

 

 

پپر جو وڻ

 

نوٽ: هيءَ ڪهاڻي مون ڪڏهن لکي هئي ياد نه اٿم، پر اهو ضرور ياد اٿم ته ”نئين دور جي باهه“ ڪهاڻي مان 1973ع ۾ لکي هئي جيڪا مارچ 1973ع ۾ ”سوجهرو“ ۾ ڇپي هئي. ائين 70 جو ڏهاڪو ”امداد حسيني“ شاعر جو ڪهاڻيڪار ”سانول“ بڻجڻ جو ڏهاڪو هو. ان کان به گهڻو اڳي منهنجي پهرين ڪهاڻي ”ڪاسائي“ هڪ رسالي ”فلمي دنيا“ ۾ ڇپي هئي. ان جي ڇپجڻ کان گهڻو پوءِ اسان جي دوست ”محبوب“ شيخ ٻڌايو ته اهو رسالو هو ڪڍندو هو!

مون تقريباً ٻه ڊزن ڪن ڪهاڻيون لکيون هونديون جيڪي مختلف مخزنن، جهڙوڪ: مهراڻ، سهڻي، نئون نياپو، ڪلاڪار، عبرت مئگزين وغيره ۾ ڇپيل آهن، جيڪي سحر سڀ هٿيڪيون ڪري هڪ فائيل جي صورت ۾ منهنجي حوالي ڪيون هيون، جيئن انهن جي پريس ڪاپي ٺاهيان ۽ هڪ اڌ اڌوري ڪهاڻيءَ کي پورو ڪيان ۽ اهو پورو فائيل ئي هيٺ مٿي ٿي ويو. جنهن جو  مون کان وڌيڪ سحر کي ڏک آهي! ”پپر جو وڻ“ شايد 77 يا 78 ۾ لکيل آهي.

گهِٽيءَ مان؛

ڌاٻ ڌاٻ روشنيءَ واري گهٽيءَ مان ٽِڙندڙ قدمن جو آواز ويجهو اچي ٿو…

اڄ هُو ڏاڍو پيتل آهي

۽ پنهنجي گهر جي ڳولا ۾ آهي، هُن کي لڳي ٿو هُو صدين کان پنهنجي گهر جي ڳولا ۾ آهي. ان ڳولا ۾ هلندو ٿو وڃي. گهٽيءَ مان ٻي گهٽي ڦُٽندي ٿي وڃي. ۽ هُو ٿِڙندڙ قدمن کي ٺيڪ رکڻ جا جتن ڪندو وڌيڪ ٿڙندو هلندو ٿو وڃي؛ پر، هُن جو گهر هو به سهي!؟

هُو پَل کن بيهي کُليل هوا ۾ اونهو ساهه ٿو کڻي: ’نِج به اها هِير ئي ته وڃي رهي آهي، حيدرآباد سنڌ جي!‘

ڪجهه وِکن کان پوءِ، هُو گهٽيءَ جو موڙ مُڙي وڏي رستي تي اچي ويندو. اُتي موڙ وٽ پپر جو وڻ بيٺل آهي ۽ ان جي پاسي ۾ هڪ بينچ پيل آهي، ان بينچ تي ويهي هُو پرهه پسندو… پپر تي جهِرڪين جي چِر چِر ٻڌندو…

هير گهُلي رهي آهي، ان جي معنيٰ پرهه آئي ڪِي آئي!

هُن جون انيڪ ساروڻيون سلهاڙيل آهن.

اڃا ڪالهه… ڪالهه؟!

ها… ڪالهه ئي ته

”ري“ ۽ هُن انهيءَ وڻ جي چوڌاري پنهنجون ٻانهون ڦهلايون هيون. ”ري“ کاٻي هٿ ۾ هُن جو ساڄو هٿ پڪڙڻ هُن جي کاٻي هٿ پڪڙڻ جا… ان وڻ جي ٿُڙ کي ماپڻ جا جتن ڪيا هئا… ٻانهون جيڪي انبر کي ڀاڪر ۾ ڀري وٺنديون آهن… پر، انهيءَ وڻ جي ٿُڙ کي ماپڻ ۾ هزار جتن ڪندي به… واجهه وجهندي به، اسڦل ئي رهيون هيون.

ڀلا پيءُ جي وارن سان ڀريل ڇاتيءَ کي به ڪڏهن ماپي سگهبو آهي؟!

ٻنهي… هُن ۽ ”ري“. بارش بند ٿيڻ کان پوءِ، اُنهيءَ وڻ جي ٽارين کي ڌونڌاڙيو هو!! هو ڪالهه… ڪالهوڻي ڪالهه!! هُنن… ”ري“ ۽ هُن، اُنهيءَ وڻ جي ٿُڙ تي چاقوءَ سان پنهنجو نالو کُرڙيو هو!!

اها

ڪالهه…ڪالهوڻي…ها…ڪالهوڻي ڪالهه!!

ڪالهوڻي ڪالهه ئي ته هُن اُنهيءَ وڻ جي هڪ ٽاريءَ کي، ٽپ ڏئي جهڪائي ورتو هو، ۽ ’ري‘ وارن مان ڳاڙهي ربن کولي، اُنهيءَ ٽاريءَ ۾ ٻڌي هئي ۽ اکيون بند ڪري، من ئي من ۾ ٻنهي… هُن ۽ ’ري‘… ڪا دعا گهري هئي، ڪا مراد مَڱي هئي! ۽ پوءِ، ٻنهي هُن ۽ ’ري‘ اکيون کولي، سڀ کان پهرين هڪٻئي کي ڏٺو، مرڪيو ۽ هٿ هٿ ۾ ڏيئي، بينچ تي ڀرسان ڀرسان ٿي ويٺا هئا… ان ئي بينچ تي ويهي هُن ۽ ’ري‘ ساهتيه تي، ڪلا تي، سڀيتا تي، لطيف تي، ساميءَ تي، سچل تي، سانگيءَ تي، بيوس تي… نه کٽندڙ بحث ڪيا هئا. سڄي سنڌ ۾ رُلڻ جا پروگرام ٺاهيا هئا، سنڌ جي آئيندي جا ڄاڳندين اکين جا سپنا ڏٺا هئا، انهيءَ بينچ تي ئي هنن ’ري‘ جي ڪتاب ”لوڪ ڪلا- امر ڪلا“ جا پروف ڏٺا هئا، ان ڪتاب تي ٻه اکر لالچند امرڏني مل لکيا هئا.

هُو هلڻ ٿو لڳي. ٿڙندڙ قدمن سان موڙ ڏانهن وڌڻ ٿو لڳي. جيئن ئي موڙ مُڙي ٿو ته جهڙوڪر ڏانوڻ ڏائجي ٿا وڃنس…

وڻ وڍجي چڪو آهي، اُن جو لاهه به نڪتو پيو آهي، هاڻي اُن هنڌ رڳو هڪ کڏو آهي.

بينچ به اُکڙيل آهي ۽ ان هنڌ پان جي مانڊڻي کُتل آهي، هُو سوچي ٿو ’هن کي نشا ته نه ٿيا آهن؟

هُو ڪنهن ٻي گهٽيءَ ۾ ته نه اچي ويو آهي!

يا ماڳهين ڪنهن ٻئي شهر… ٻئي ديس…!!!!‘

بادل جمالي

 

پِرينءَ جِي پگهارَ

 

اڃا صبح جا اَٺ ٿيا هئا، جو سڀ گهر ڀاتي، سهي سنڀري هن جي انتظار ۾ گڏ ٿي ويهي رهيا. هر ڪنهن پنهنجا پنهنجا مسئلا ۽ مطالبا سوچي رکيا هئا. ڪجهه ملڻ جي آس ۾، هر ڪوئي پُراميد هو.

ڊگهي سفر کان پوءِ رات دير سان پهچڻ جي ڪري، هن جي ننڊ پوري نه ٿي هئي، انڪري اڃا تائين ليٽيو پيو هو. ٻار ٿوري ٿوري دير کان پوءِ، بهاني سان دريءَ جي ڀرسان گذرندي، جهاتي پائي، هڪ نظر هُن تي به وجهندا رهيا ۽ هر دفعي اچي سُرٻاٽن ۾ ڪونه ڪو نئون انڪشاف ڪندا رهيا.

”هاڻي پاسو ورايو اٿس.“

”چادر لاهي گوڏن ۾ ڏني اٿس.“

”مٿو کَنهيو اٿس، ڀانيان ٿو ته جاڳيو آهي.“

 

نون ۾ ٻه چار منٽ باقي هئا، جو هُو کٽ تي اُٿي ويٺو. منهن تي هٿ ڦيرائي، اکيون مهٽي، ڊگهي اوٻاسي ڏنائين. وارن کي هٿن سان جائيتو ڪري، کٽ تان لٿو، چپل کي پيرن ۾ ڦاسائي، ٻاهر نڪري آيو.

”لک بسم الله، ڪروڙ بسم الله منهنجي بابي کي.“

استقبالي ڪئمپ مان امڙ جون دعائون ڪنين پيس، پر ڌيان ڪونه ڏنائين سڌو وڃي ”پوئيءَ“ ۾ گهڙيو… فارغ ٿي نڪتو، ته ماڻس پاڻيءَ جو ڪؤنرو ۽ صابڻ جي ڇيت، هٿ منهن ڌوئڻ لاءِ ڏنس. منهن اُگهڻ لاءِ پوتيءَ جو پَلئه ڏيندي، غور سان ڏٺائينس.

”پرين پٽ، هن ڀيري ڪجهه لٿل ٿو لڳين. ٺيڪ ته آهين نه؟“

”ٺيڪ آهيان امان، سفر جي ڪري شايد ائين لڳندو هجان!“

مُنهن اُگهي واندو مَس ٿيو، ته ويٺلن کڻي مٿس پيار ڀريو حملو ڪيو، ٽنگن کان وٺي، ڪُلهن تائين کيس وڪوڙي ويا.

”اَئي امان، هاڻي بس به ڪريو کڻي، ماڪوڙن جيان چنبڙي ويا آهيو منهنجي ٻچي کي، سک سان ويهڻ ته ڏيوس.“

هُو ڀيڻن جي مٿي تي هٿ رکي، کيڪاريندي، اڳتي وڌي ويو. پيءُ کي پيرن تي هٿ رکي، ڀاڪر پائي، وڏي پاٻوهه سان مليو.

”بابا سائين ڪيئن آهي اوهان جي طبعيت؟“

”اڙي يار، ڪهڙيون ٿو طبعيتون پڇين… اسين آهيون هاڻي سائيڪل جي پراڻي ٽيوب وانگر، جنهن کي چتيءَ مٿان چتي لڳل هوندي آهي، ڪڏهن ڪو نئون پنچر ٿو لڳيس، ته ڪڏهن پراڻو ٿو اُکليس. مڙئي ڦيٿو پيو ڦِري يار…“

”ڇو ڀلا، دوا ڪانه ورتي هُيو ڇا؟ ڏوڪڙ جو موڪليا هئا مانوَ؟“

”پٽ انهن ڏوڪڙن مان، ڪجهه پراڻين پَرچين تي دوائون ورتيون هئائين. ڪجهه ڌيئن کي ڏنائين. ڪجهه پاڻ  گُڊوفنٽا ڪيائين.“

”ٻيلي تون ته ماٺ ڪر. سدائين سرڪاري وڪيل وانگر سندرو ٻڌيو بيٺي آهين… اَبا ڌيئن کي آئون نه ڏيندس، ته ڪير ڏيندن؟ هنن جا بيمار ۽ بکيا مُنهن ڏسي، مون کي پنهنجا سُور وسريو ٿا وڃن. سچي ڳالهه اِها اٿئي پرين…“

”پٽ هيءُ سڀ پنهنجي گهرن ۽ ورَن واريون آهن، پوءِ به اسان وٽ پيون آهن، اسان کي پنهنجا سُور ٿورا آهن، جو…“

”اَمان، وَرن سان ڀڄي ته ڪونه ويون آهيون نه؟ ڏسي وائسي سُڃن سان سَڱ ڪيا اٿوَ، ان ۾ اسان جو ڏوهه ته ڪونهي.“

”هاڻي اِهي طعنا تُنڪا ڇڏيو کڻي، چانهن جو ڍُڪ پيئاريو، مٿي ۾ سور پئجي ويو آهي.“

”چانهيون کوڙ منهنجي پرينءَ لاءِ، ڇوڪر گلاب کي ڏوڪڙ ڏي ته کير ۽ پاپا وٺي اچي. سڀ نيراني ويٺا آهن.“

”اهو سامان کنڌي ۾ نٿو ملي ڇا امان؟“

”ملندو هو پٽ، پر هفتو کن ٿيندو، جو دوڪان واري اوڌر بند ڪري ڇڏي. چئي ٿو ڏوڪڙ گهڻا ٿي ويا آهن، پهرين اُهي ڏيو.“

هُو ڪمري ۾ ويو. سؤ وارو نوٽ کڻي گلاب کي ڏنائين.

”اَبا گلاب خان، هڪڙي ٿيلهي پاپن جي آڻجانءِ، باقي جيڪي بچن، تن جو کير وٺي اچجانءِ. کير سٺو هادي بخش جي دوڪان تان ملندئي، ٻئي پاسي نه وڃجانءِ.“

نانيءَ ڏوهٽي کي خاص هدايتون ڏيئي روانو ڪيو… چانهه پيئندي هُو ڀيڻن سان مخاطب ٿيو:

”اَدي راڻي ڏي خبر، خوش آهين، ٻار ٻچا خوش اٿئي؟“

”اڙي ادا، ڪهڙيون ٿو خبرون پڇين خوشيءَ جون، سچ پڇين ته خوشي لفظ به تو وٽان پيا ٻُڌون. مڙئي ساهه کڻون پيا…“

”ڇو ڀلا، ايڏي مايوس ڇو پئي لڳين، آهي ته خير نه؟“

”مايوسي ڇونه ٿيندي ڀاءُ، سال کان وٺي مڙس ڪاري ڪامڻ ۾ ورتو پيو آهي. گهر جو الهه تلهه هن جي علاج تي لڳي ويو آهي. ڪو فرق ئي نٿو ٿئي. نه ڪڏهن هُن جي مائٽن وٽان ڪا مدد ملي آهي، نه ئي منهنجي مائٽن ڪو ٽَڪو ڏنو آهي. چئجي ته ڇا چئجي، ڪنهن کي چئجي…؟“

”پنهنجي سورن جي ته ڳالهه ئي نٿي ڪيان ڀاءُ، پاڻ ويٺي لوڙيان. هي ننڍڙا ٻچا روز بيمار آهن. ڪڏهن نزلو زڪام، ڪڏهن بخار ته ڪڏهن پيٽ خراب. روپئي ٻن جي خرچيءَ لاءِ، سڄو سڄو ڏينهن روئي ٿا گذارين، مون وٽ هجي ته ڏيان، ڪنهن کان گهران؟ ڪير ڏيندو مون دکيءَ کي…؟“

وڏي ڀيڻ جا سور ٻڌي، ٿڌو شوڪارو ڀري، وري ٻيءَ ڀيڻ سان مخاطب ٿيو.

”ميران تون ڪيئن آهين ڀيڻ؟“

”پرين ڀاءُ، اسين به ادي راڻيءَ وانگر وَڍيا پيا آهيون، نه پڇ اسان کان حال. ٻڌي ڏک ٿيندئي…!“

بشيران به پنهنجي واري جي انتظار ۾ ڀريو ويٺي هئي، پر ان کان ڪونه پڇيائين. اُٿي ڪمري ۾ ويو. سمورا پئسا کڻي آيو. سؤ جو نوٽ گلاب کي ڏيندي چيائين:

”ٻارن کي دوڪان تي وٺي وڃ. نوٽ ڀڃرائي، ڏهه ڏهه روپيا هنن کي ڏي. باقي ويهه روپيا بچندئي، سي آڻي زينب کي ڏجانءِ.“

زينب سڀني کان پري، ان ڏيتي ليتيءَ کان لاتعلق ٿيو ويٺي هئي، سؤٽ جي اوچتي سخاوت تي مُرڪي پيئي. هُن سؤ وارو نوٽ ڪڍي هرهڪ ڀيڻ کي ڏنو، ته هنن جا لٿل مُنهن، اڃا ئي لهي ويا، پر ڪجهه چئي نه سگهيون. ماءُ اهو سمورو لقاءُ، ڏاڍي غور سان پئي ڏٺو، هُن کان برداشت نه ٿيو:

”پٽ تنهنجون ڀيڻون صبح کان وٺي ٻارن سميت تنهنجي انتظار ۾ ويٺيون هيون، هِنن جي حال جي خبر به اٿئي. هڪڙي سؤ مان ڇا ٿيندنِ؟ گهٽ ۾ گهٽ، پنج پنج سؤ ته ڏين، جو هِنن جي ڪنهن ڪم ۾ ته اچن. ۽ زينت ڌيءَ کي به سؤ ته خرچي ڏي. جواڻ وياءُ آهي، ٻارن وانگر ويهه روپيا هن کي ڏيئي، ميار ٿو لاهين، ائين نه ڪر پٽ…!“

”امان تون پنج سؤ ٿي چوين آئون ته ڀيڻن کي هزار ڏيڻ لاءِ به تيار آهيان وري اوهان واري رقم کُٽندي، ته دانهون ڪندؤ.“

”اسان واري رقم نه کُٽاءِ پٽ، تو وٽ گنج لڳا پيا آهن، پنهنجي پاران ڏينِ، دعائون ڏيندئي.“

ماءُ جي ڳالهه تي جواب ڏيڻ ضروري نه سمجهيائين. هزار وارا ڪجهه نوٽ پيءُ کي ڏيندي چيائين:

”بابا، مون وٽ اجهو هي وڃي بچيا آهن، هيءُ وٺ مون کان نه ته اِهي به ويندا خرچ ٿي.“

پيءُ چار ئي نوٽ الڳ الڳ ڪري، اکين سامهون جهلي ڏٺا. وري اُنهن کي ملائي، هن کي ڏيکاريندي، جهيڻي آواز ۾ چيائين:

”هِنن مان ڇا ٿيندو اَبا؟ هيءُ ته رڳو اَٽي لاءِ به پورا ڪونه پوندا. بجلي ۽ گئس جا بل، دوڪان جو کنڌو، دوائن جو خرچ، ٻارن جون خرچيون، ماڻهن جي اوڌر. حساب ڪر ته ڏهن هزارن ۾ به گذارو مشڪل ٿيندو. رڳو چار هزار ڏيئي جند ٿو ڇڏائين، آءٌ مڙهو مڙس ڪٿان آڻي پوري ڪندس…؟“

”اَبا، خبر به اٿئي، ته منهنجي پگهار آهي ئي ڏهه هزار ان مان ڪراچيءَ جهڙي گورخ شهر ۾ رهي، گذارو به ٿو ڪيان، ته هر مهيني اوهان کي به رقم موڪليان ٿو. وڌيڪ ڇا ڪريان؟“

”پٽ، ڪراچيءَ ۾ رڳو تون ڪونه ٿو رهين، پنهنجي تَر جا ٻيا به ڪيترائي نوجوان رهن ٿا. اهي ته مائٽن کي مالامال ڪيو ويٺا آهن. ڪن مينهون ورتيون آهن، ته ڪن ڪيلي جا ٺيڪا ورتا آهن. تون پنهنجيون عياشيون ڇڏين ته سڌرين نه- تنهنجي پگهار ته اسپتال جون نرسون کايو ٿيون وڃن، باقي بچت…“

”ڇا…؟ ڇا…؟ اهو ڇا پيو چوين اَبا…؟“

هُو ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو، پيءُ کي جملو پورو ڪرڻ نه ڏنائين:

”آءٌ نرسن سان عياشي ٿو ڪيان، اهو تون ٿو چوين اَبا…!!“ هيڏانهن…

هيڏانهن منهنجي مُنهن ۾ ته ڏس. هيءُ منهن توکي عياش ماڻهوءَ جو ٿو لڳي…؟

ٻڌاءِ اَبا…؟ ان کان چڱو هو، ته گولي هڻي ڇڏين ها، پر اهڙو غليظ بهتان نه هڻين ها مون تي…!!“

هن جي جوابي وار تي پڻس ٿورو جهڪو ٿيو، هُو تڏهن به جوش مان ڏڪندو رهيو. ماڻس اُٿي هِن وٽ آئي، کيس ٺارڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي.

”ٿڌو ٿيءُ پٽ، صبر ڪر. مڙهي جو بِلٽ پريشر وڌي ٿو وڃي، ته پوءِ اڇي ڪاري جي خبر ئي نٿي پويس. ويٺو ”گُل ٽُڪي“ اُٿ منهنجا پرين. وهنجي تيار ٿيءُ وڃي دوستن سان مل. سڀ تنهنجي انتظار ۾ هوندا. شابس پٽ…“ ماءُ جي دلاسي کان پوءِ به هُو ڪڙهندو رهيو.

”آءٌ ڪراچيءَ ۾ ڪامورو ته ڪونه لڳو آهيان، جو نوٽن ۾ کيڏندو هجان. آءٌ ته هڪ ننڍڙي خانگي اسپتال ۾ خسيس گارڊ آهيان، ”گارڊ“. يعني چوڪيدار، جنهن وٽ نه رشوت آهي، نه ڦُرمار، نه بونس آهي، نه ڪميشن فقط سُڪي پگهار آهي. جيئن ڀرئي درياهه ۾ به ڪتي کي ڄڀ تي پاڻي هوندو آهي…!

آءٌ به انسان آهيان، نوجوان آهيان، منهنجي به دل ڪري ٿي ته عمدا وڳا پايان، ڀلا بوٽ پايان، ٽچ موبائل کڻي گهمان، آهي ڪنهن کي منهنجي خواهشن جو خيال…؟ جڏهن به ٿو اچان، ته ڦُر ڦُران تي زور هوندو اَٿوَ. هر وقت ڳجهن وانگر پَٽيندا ٿا رهو…!!“

آءٌ به انسان آهيان، نوجوان آهيان، منهنجي به دل ڪري ٿي ته عمدا وڳا پايان، ڀلا بوٽ پايان، ٽچ موبائل کڻي گهمان، آهي ڪنهن کي منهنجي خواهشن جو خيال…؟ جڏهن به ٿو اچان، ته ڦُر ڦُران تي زور هوندو اَٿوَ. هر وقت ڳجهن وانگر پَٽيندا ٿا رهو…!!“پنهنجا ٽِڙيل پکڙيل ڪپڙا ڳولي ٿيلهي ۾ وجهي، بنا ٻڌائڻ ۽ موڪلائڻ جي ائين کڻي منهن ڪري نڪتو… ڌر تتيءَ ۾ وزني ٿيلهو کڻي، اڍائي ڪلوميٽر پنڌ ڪندي هُو اندران توڙي ٻاهران چَرغي جيان ٽانڊن تي پچندو رهيو…

ڪراچيءَ پهچي، اسپتال جي ڪينٽين ۾ هٿ منهن ڌوئي، ٿڌي پاڻيءَ جا ٻه گلاس پي، سامت ۾ آيو. ته ٻه گِرهه مانيءَ جا هڻي ورتائين. ٿيلهو کوليائين، ته ڪپڙن جي وچ مان پلاسٽڪ جي ٿيلهي مليس، ان ۾ پڻس کي ڏنل چارئي نوٽ صحيح سلامت، ويڙهي رکيل هئا، ۽ هڪ چٺي به هئي.

معصوم ٻارن وانگر، هر ڳالهه ۾ توڏانهن ٿا ڏسون توکان ئي ٿا گهُرون- اڄ خبر پئي ته اسان جي ڪري تون پنهنجين خواهشن جي نڙيءَ تي لت ڏيو بيٺو آهين. ننڍين ننڍين شين لاءِ به پاڻ کي سِڪائين ٿو. اسين توکي ڳِجهن وانگر پَٽيندا ٿا رهون…!!“

اهو ٻڌي، سچ پچ ته اسان پنهنجي نظرن ۾ ئي ڪِري پيا آهيون. بيشڪ تون اسان کي پالين ٿو، کارائين پيئارين ٿو، تنهنجو اهو احسان لاهي نٿا سگهون. پر پٽ، ان احسان جي بدلي، ماءُ پيءُ کي پادر ۾ پاڻي ته نه پيئار…!!! دل تي پٿر رکي، تنهنجي ڏنل رقم، واپس ڪيون پيا، ڀلي تون پنهنجا شوق پورا ڪر. عمدا وڳا پاءِ، ڀلا بوٽ پاءِ، ٽچ موبائل کڻي گهم. اِها غربت، بک ۽ بيماريون ننڍي لاڪون اسان کي ورثي ۾ مليون آهن، پيا اِنهن سان ڳَن وڍ ڏينداسون. شال سدائين سکيو ستابو هجين، ڪڏهن ڪوسو واءُ نه لڳيئي، اسان جي دعا اِها اٿئي پرين.

فقط تنهنجو بابا

چٺي پڙهندي، هٿ ڏڪڻ لڳس، ضمير ملامت ڪرڻ لڳس. ندامت جا ڳوڙها ڳڙي پيس. ويڙهيل هنڌ تي آهلجي پيو. وڏا وڏا ساهه کڻي، اندر جي باهه کي ٺارڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. اکيون اُگهي، چٺيءَ کي ٻيهر ڏٺائين، ته اُن جي مٿان، پيءُ جو ضعيف ۽ ڌنڌلو چهرو ترندي نظر آيس. سوچيائين ”اُها ڪيڏي نه منحوس گهڙي هئي، جنهن ۾ هن ماءُ پيءُ کي ڳِجهن سان تشبيهه ڏني هئي…! اهو چوڻ کان اڳ، منهنجي زبان ڪپجي ڇو نه وئي! آءٌ گونگو ڇو نه ٿي ويس…!!

پڇتاءَ جي پُور ۾، هُو اندرئي اندر ڀَڄندو ڀُرندو رهيو… ٿيلهو کڻي، ان گهڙيءَ واپس وريو. آڌيءَ رات گهر پهچي، پيءُ جي قدمن ۾ ڪِري پيو.

”بابا سائين، معاف ڪر مون کي… دنياداريءَ جي چڪرن ۾ اچي، آءٌ گمراهه ٿي ويو هئس. خبر ناهي ڇا ڇا بڪواس ڪئي هيم. مون کي ان جي سزا ڏين ها. مارين ها، موچڙا هڻين ها، مون تي اهو تنهنجو حق هو بابا سائين. ان جي اُبتڙ، پئسا واپس ڪري، پاڻ کي سزا ڏني اَٿوَ. اوهان ته ڪو ڏوهه ڪونه ڪيو هو…“

هن جون ڳالهيون ٻڌي، پڻس جو اندر ڀرجي آيو، پر هُو ڪجهه چئي نه سگهيو. ڳيتون ڏيندي، ڳوڙهن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو.

”چپ ڇو آهين بابا سائين؟ مار مون کي، ڪاوڙ ڇَنڊ پنهنجي. ڪجهه ته ڳالهاءِ…“

”ڇا ڳالهايان پٽ؟ تون منهنجو جاني جگر ۽ پرين پيارو پٽ آهين. چئن ڌيئن کان پوءِ ڄائو هئين. بابا مرحوم جو نالو ”پيارو خان“ توتي رکيم، پر ڪڏهن به تنهنجو نالو وٺي ڪونه سگهيس. ڪوڏ مان توکي ”پرين“ سڏيندو هئس، اڄ تائين ان ڪوڏاڻي نالي سان سڏيانءِ ٿو… مون سڄي ڄمار مزدوري ڪئي آهي پٽ. سيٺين ۽ مالڪن جا دڙڪا، داٻا…۽ ڪڏهن ڪڏهن ته گاريون به کاڌيون اَٿم، پر اوهان کي لکاءُ ڪونه ڏنو هوندم. سدائين پنهنجي ڪمائي، کِلندي مُرڪندي اوهان تي خرچ ڪئي هوندم. ڪنهن ڪاوڙ ڀري گهڙيءَ ۾ به ڪونه چيو هوندم ته مون کي ڳِجهن جيان پَٽيو ٿا…!“

”مڃان ٿو بابا سائين، مون کان غلطي ٿي آهي، تمام وڏي غلطي. بخش ڪر مون کي هي هٿ ٿو ٻڌان… ڪراچيءَ پهچي ٿيلهو کوليم، ته پئسن سان گڏ، تنهنجي چِٺي ڏٺم، ته ويهڻ وِهه ٿي آيم، ان مهل ئي کڻي پوئتي ڀڳس توکان معافي وٺڻ لاءِ…“

”مون توکي معاف ڪري ڇڏيو پرين… پوڙهي پيءُ جي ڪاوڙ آهي، پاڻيءَ جي ڦوٽي وانگر گهڙي کن لاءِ. هونئن به اسين آهيون هاڻي پوياڙيءَ وارا پاڇا. هوريان هوريان رِڙهندا وڃون پنهنجيءَ منزل ڏانهن، ڏسندي ئي ڏسندي، ڪيڏي مهل غائب ٿي وينداسون، قصو ختم…!“

”نه ڪر اهڙيون ڳالهيون بابا يار، هانءُ ٿو ڦاٽي… الله توکي وڏي ڄمار ڏئي، اسان جي مٿان سدائين تنهنجو هٿ سلامت رهي. هي ڏک سک ته وقتي مامرا آهن، ويندا گذري بابا سائين… امان کائڻ لاءِ آهي ڪجهه؟“

”کوڙ پٽ، ڀاڄي ٿوري بچيل آهي، مانيون گهڙي ٿي وٺان. تون هٿ مُنهن ڌوئي سولو ٿيءُ. امان زينب، سؤٽهن کي پاڻي ڀري ڏي.“

هوءَ پاڻيءَ جو ڪؤنرو ڀري، صابڻ کڻي آئي.

”ٽوال ڪٿي آهي؟“ هن کُهري لهجي ۾ پڇيس.

”سؤٽ، ٽوال ته آهي ڪونه، منهنجي پوتيءَ سان مُنهن اگهجانءِ.“

”ڪونه ٿو اُگهان تنهنجي پوتيءَ سان مُنهن، تون ڀلي وڃ.“

ڇِڙٻ کائي، ڏک ۾ ڀرجي، هوءَ پوئتي موٽي…

صبح جو پرين اُٿيو، ته ڀيڻيون اڃا نه پهتيون هيون، چانهه پيئندي، موقعو ڏسي پڻس مطلب واري ڳالهه چوري.

”رب جا لک شڪرانا، جو تون نوڪريءَ سان لڳو آهين اَبا. سڄي گهر جو بار کنيو بيٺو آهين. منهنجي صلاح آهي، ته هاڻي تنهنجي شادي ڪرائي وٺجي، ته اِها اونَ به لهي پوي.“

”اِهو اُبتو گُڙڪو وري ڪيئن کاڌو اٿئي اَبا…؟“

هُو پيءُ جي ڳالهه تي ڇِرڪي پيو.

”شادي ڪا ٻاراڻي راند ڪانهي، جو گهڙيءَ پل ۾ ڪري وٺجي. شاديءَ لاءِ گهڻو ڪجهه کپي ٿو. منهنجيءَ پگهار مان ته پيٽ نٿو پلجي، سُڃائيءَ ۾ ڪهڙي ڇوڪري منهنجو ساٿ ڏيندي؟“

”ڪهڙي ڇوڪري ڇو پٽ، تنهنجي جواڻ جماڻ مڱ، سؤٽ زينب خير سان ويٺي آهي. نڪاح جا ٻه ٻول پڙهائي، سير ميل ڪرائي وٺنداسون. وڌيڪ ڊرامي ڪرڻ جي ضرورت ئي ڪانهي. گهوٽ ۽ ڪنوار لاءِ ڪپڙن جا ٻه جوڙا ٺهرائڻا پوندا، سي ٺهرائي وٺبا.“

”اَبا، حالي ته مون کي شاديءَ جو شوق آهي ئي ڪونه. مٿان وري زينب سان، ته سوال ئي نٿو پيدا ٿئي. هن جو رشتو ڀلي ڪٿي ٻئي هنڌ ڪرائي ڇڏيو.“

”چوين ڇا ٿو پرين، دماغ ته جاءِ اٿئي نه؟“

پڻس چِڙي پيو، هُو کٽ تي ويٺي ويٺي اُڀو ٿيندو ويو.

”ٻنڌڻن کان وٺي هيءَ تنهنجي نالي ٿيل آهي. سڄي راڄ کي خبر آهي. چاچهين مرهيات کان پوءِ، هِن جي ماءُ وڃي ٻيو حق ڪيو هو. هيءَ ان وقت پنجن سالن جي هئي. تڏهن کان وٺي اسان سان رهي پئي. هينئر ڪهڙي مُنهن سان هِن جو هٿ، ڪنهن ٻئي کي ڏيون؟ ماڻهو ٿُوٿُو ڪونه ڪندا اسان تي…؟ اجايو ضد نه ڪر. اهو ڪم اڄ ئي ڪري ٿا وٺون…

”نه بابا نه، آءٌ اڳي ئي پريشان آهيان، پنهنجي مسئلن ۾، مون کي وڌيڪ پريشان نه ڪر. اَمان، سمجهاءِ نه بابا کي…“

”پٽ پڻهين صحيح ٿو چوي. اسان سڀني گڏجي اهو فيصلو ڪيو آهي.“

ڏينهن چڙهيو، ته هن جون ڀيڻيون به پهچي ويون. ٿوري اشاري ملڻ سان، هنن سِهرن ۽ لاڏن جا دَس لائي ڏنا. سانجهيءَ واريءَ نماز کان پوءِ، ڪجهه ويجهن عزيزن کي سڏي، مولويءَ کي گهرائي، پرينءَ جو زينب سان نڪاح ڪرايو ويو. موڪلاڻي به اتي جو اتي ڪرائي ويئي. گهوٽ ۽ ڪنوار جي کٽ کي ڪمري ۾ رکي، باقي ٻيا کٽولا ٻاهر مَنهه هيٺ رکيا ويا.

شاديءَ جي پهرين رات به گهوٽ جي مَن ۾ نه شاديءَ وارو جوش جاڳيو، نه ئي ڪنوار لاءِ ڪو موهه پيدا ٿيو. زينب جون ڪنواريون خواهشون گهوٽ جي مِٺن ٻولن ۽ هٿن جي ڇهاءُ لاءِ تَرسنديون رهيون. هُن جي سرد مهري ۽ لاتعلقيءَ کي ڏسي، لاچار خود ڪنوار کي ئي ڳالهائڻو پيو.

”سؤٽ، ايڏو پري چپ چاپ ويٺو آهين، نڪاح ٿيو آهي، آءٌ ڪنوار آهيان تنهنجي. دل نٿي ڪري ئي ته مون سان ڳالهائي؟“

”ڇا ڳالهايان، آءٌ هينئر شاديءَ جي موڊ ۾ بلڪل ڪونه هئس. بابا زبردستي ڪرائي آهي.“

”ڪيئن به ٿي، پر ٿي ويئي نه، هاڻي ته خوش ٿيءُ.“

”هر ڪم جي ڪرڻ جو هڪ خاص وقت هوندو آهي. زينب، ڪڪڙ کي کاري هيٺ بند ڪري، اُميد ڪجي، ته اُها آنو ڏيندي، اهو ڪڪڙ سان ظلم ۽ پاڻ کي دوکو ڏيڻ جي برابر هوندو. جڏهن آنو ڏيڻ جو وقت ايندو ته بنا کاري جي به ڏيئي ڇڏيندي. تيستائين ته صبر ڪرڻ گهرجي نه.“

”اهي ڳالهيون منهنجي سمجهه ۾ نٿيون اچن، آءٌ اڄ به تنهنجي آهيان ته سڀاڻي به تنهنجي. وڌيڪ تنهنجي مرضي.“

هُوءَ منهن ورائي، گونگا ڳوڙها ڳاڙيندي رهي… صبح جو اُٿي، رسمي طور گهوٽ جي وهنجڻ لاءِ پاڻي ڀري رکيائين، بستري تي چادر بدلايائين، پاڻ به وهنجي ڪپڙا بدلايائين. وارن مان پاڻي ڇنڊيائين پئي، ته سندس منهن ۾ ڏسي، سَڻس مُرڪندي چيو:

”ڪنوار، گهوٽ ماڻڻ جون مبارڪون هُجنئي…!“

خير سگاليءَ جو اهو ننڍڙو جملو، هن کي طنز ۾ ٻڏل تير جيان لڳو، جيڪو سندس دل، دماغ بلڪ پوري وجود کي، رتوڇاڻ ڪري ويو… مُنهن هيٺ ڪري، شرمائڻ جو ناٽڪ ڪندي، هُوءَ تيزيءَ سان اُتان ٽري ويئي. هانءُ ڀرجي آيس. لمحي لاءِ به اُٿي بيهي ها، ته شايد رانڀاٽ ڪري روئي پوي ها… چانهه پيئندي، ماءُ پيءُ نوٽ ڪري ورتو ته گهوٽ ۽ ڪنوار جي مُنهن تي اُها ٻَهڪ ڪانهي، جيڪا شاديءَ جي شروعاتي ڏينهنِ ۾ نوجوانن جي مُنهن مان بَکندي آهي.

”پٽ، گهوٽ ڪنوار ٻئي چپ چپ آهيو، آهي ته خير نه…؟“

”ها بابا سائين. اوهان جون اُميدون پُنيون. باقي سڀ خير آهي.“

پرينءَ جي جواب تي هُو ڇِرڪي پيا. سمجهي ويا ته ڪا گڙٻڙ ضرور آهي.

”پٽ، مرادون رڳو اسان جون ڇو، اوهان جون به پُنيون آهن، ڇو ٿو اهڙيون ڳالهيون ڪرين؟ ڪنوار کي ڏک ڪونه ٿيندو؟“

”بابا، آءٌ ته اوهان کي پرچائڻ آيو هئس. زوراوري ڪري ڪنوار منهنجي ڳچيءَ ۾ وجهي ڇڏي اٿوَ. هِن سان شاديءَ کان ته مون سدائين، انڪار پئي ڪيو. شادي آءٌ ضرور ڪيان ها، پر پنهنجي مرضيءَ سان. ان جي ذميواري به پاڻ کڻان ها- مهيني کان پوءِ هيءَ اُرَهه پوتيءَ جو پَلئه ڏيئي گهمندي، روز ڊاڪٽر وٽ ويٺي هوندي، ڪير خرچن کي منهن ڏيندو؟“

”دل نه لاهه پرين، اچڻ وارو پنهنجي حصي جي روزي به کنيو ٿو اچي. توتي بار ڪونه ٿيندو. ٿي سگهي ٿو، ته ٻار جي مُهابي تنهنجي پگهار وڌي وڃي. اهو به ٿي سگهي ٿو ته توکي ٻي ڪا سرڪاري نوڪري ملي وڃي، جنهن جي پگهار به چڱي هجي…!“

”سڀ چوڻ جون ڳالهيون آهن اَبا، اِها پگهار به الائي ڪنهن جي ڀاڳ ۾ پئي ملي. ماڻهو يونيورسٽي ۽ ڪمپيوٽر جون ڊگريون کڻي، پٽيوالي ۽ چوڪيداري لاءِ ڌِڪا پيا کائين. مئٽرڪ پاس کي اڄ ڪير ٿو پڇي.“

”رب جي ذات مان مايوس نه ٿيءُ پرين. دل ۾ سدائين چڱي اُميد رک. هُو ڏيڻ تي ٿو اچي، ته اڻپڙهيل کي به نوازي ٿو ڇڏي. تون ته وري به مئٽرڪ  پاس آهين.“

هُو موڪل پوري ڪري آفيس پهتو. هميشه جيان سڀ کان اول رسيپشن تي سسٽر شهلا سان ئي ملاقات ٿيس:

”هيلو وڏيرا خان، موڪل پوري ڪري پهتو آهين؟ (هوءَ هِن کي وڏيرا خان چوندي هئي).

”ها، موڪل ويئي پوري ٿي.“

”اڙي هي ڇا، هٿن سان گڏ پيرن کي به ميندي هڻي آيو آهين…! آهي ته خير نه؟“

شهلا ڀرپور حيرت جو اظهار ڪيو.

”ها، خير ئي آهي، بس، هي ٿورو ائين ئي…“

هُو وضاحت ڪرڻ کان لنوائي ويو.

”چانهه جو موڊ آهي؟“

شهلا مُرڪندي کانئس پڇيو.

”ٿورو ترس، مئڊم اچي رائونڊ هڻي وڃي، پوءِ ويهي پيئنداسين. آنٽي ڪيئن آهي؟“

”ٺيڪ آهي، روز ٿي تنهنجو پڇي. اڄ هلي مل جائينس.“

”آءٌ رائونڊ لڳائي ٿو اچان…“

هو ٽيلارو ڪندو، اسٽاف سان هيلو هاءِ ڪندو، مينديءَ بابت سوالن جا جواب ڏيندو رهيو- شام جو شهلا سان گڏ سندس گهر پهتو، ته هن جي ماءُ مينديءَ بابت ڪيترائي سوال پڇيا.

”پٽ سنڌي ماڻهو ميندي ڪن خاص موقعن تي ئي هڻندا آهن. گهڻو ڪري ته شاديءَ جي موقعي تي، يا وري ڪي مڱڻيءَ جي موقعي تي به هڻندا آهن. باقي عام حالتن ۾ ته مرد ميندي ڪونه لڳائيندا آهن.“

”آنٽي اوهان صحيح ٿيون چؤ، دراصل… اصل ۾ گهر وارا پهرئين کان ئي تياري ڪيو ويٺا هئا. منهنجي پهچڻ سان ئي کڻي رسم ڪري ورتائون.“

”ڪهڙي رسم پٽ؟“

شهلا جي ماءُ وڏي تشويش مان پڇيو.

”شاديءَ جي.“

شادي لفظ ٻڌڻ سان ئي هن کي وڏو جهٽڪو لڳو! مُنهن جو رنگ ئي بدلجي ويس.

”منهنجي مڱڻي ننڍي هوندي کان ئي، منهنجي سؤٽ زينب سان ٿيل هئي. هن ڀيري نڪاح ڪرائي، سِر ميل ڪرائي ڇڏيائون.“

شهلا چانهه ۽ بسڪٽ کڻي آئي، تڏهن به ماڻس ڄڻ ته لاتعلق ئي رهي.

”موڊ ڇو خراب آهي اَمي؟ وڏيرو خان اسان وٽ آيو آهي، هن سان کِلي، خوش ٿي ڳالهاءِ. موڊ ٺيڪ ڪر.“

”ڇا ٿيو منهنجي موڊ کي، ٺيڪ ته آهيان.“

کچھ تو ہے، جس کی پردہ داری ہے۔

شهلا شرارت مان شعر پڙهيو. ماڻس هِن جي سادگيءَ تي چِڙي پئي. رڙ ڪري چيائينس:

”ڪجهه سمجهين به ٿي بيوقوف! وڏيرو خان شادي ڪري آيو اٿئي…!!“

”ڇا…!!!“

شهلا کان اوچتي رڙ نڪري ويئي. پرين هنن جي ردِ عمل تي حيران ٿي ويو.

”اِهي سنڌي وڏيرا، سدائين ائين ئي ڪندا آهن. اُٺ وانگر جيڏانهن مُنهن، تيڏانهن منزل. پٺيان ڪير مري يا بچي، هنن جو ڪجهه نه وڃي…“

”آنٽي اوهان جو اوچتو پريشان ٿي وڃڻ، منهنجي سمجهه ۾ نٿو اچي. ٿوري وضاحت ڪندؤ؟“

”پٽ هاڻي ڇا وضاحت ڪجي، وضاحتن جو وقت ويو گذري… توسان ملي، شهلا ڏاڍي خوش ٿي هئي. هر وقت تنهنجيون تعريفون ڪندي هئي، اصل ۾ هيءَ توکي پسند ڪرڻ لڳي هئي. مون به چاهيو پئي، ته اوهان جي شادي ٿي وڃي. اجنبي شهر ۾، نوڪريءَ سان گڏ، توکي ڇوڪري به ملي وڃي. ۽ بونس ۾ ٺهيل ٺڪيل گهر به. شهلا جي پندرهن هزارن واري پگهار ۾ تو وارا ڏهه هزار به شامل ٿي وڃن، ته ٺيڪ ٺيڪ رقم ٺهي پوندي. زندگي سک ۽ سڪون سان گذرندي، پر وقت اهڙو ڪو ڦيرو کاڌو، جو اسان جون حسرتون، حسرتون ئي رهجي ويون…“

”چاهيو ته شايد مون به اهوئي پئي آنٽي، پر نه ته آءٌ ان جو اظهار ڪري سگهيس، نه وري شهلا طرفان ئي ڪو اهڙو اشارو مليو.“

”اڃا ته شروعات هئي پٽ، اڳتي هلي سڀ ڪجهه ٿي پوي ها! پر توکان صبر نه ٿيو- خدا توکي خوش رکي. اسان جي نصيب ۾ نه هُئين تون…“

ماحول ڏاڍو اُداس ٿي ويو. انڪري هن موڪلائڻ ئي بهتر سمجهيو.

”آءٌ هاڻي اجازت وٺندس آنٽي. شهلا کي سڏ ڪيو ته موڪلائي وٺانس. آهي ڪٿي؟“

”ويٺي ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ پنهنجي قسمت تي روئندي هوندي، هن جي ذهن تان اهو صدمو سڄي زندگي ڪونه لهندو! پٽ ناراض نه ٿين ته هڪڙي ڳالهه چوانءِ…؟“

”حڪم ڪريو، ناراض ڇو ٿيندس؟“

”تون واقعي شهلا کي چاهين ٿو، ته هيءَ اڄ به توسان شادي ڪري سگهي ٿي، پر ان لاءِ توکي پنهنجي وفاداريءَ جو ثبوت ڏيڻو پوندو…“

”وفاداريءَ جو ثبوت… مثال طور ڇا…؟“

”پهرئين گهر واريءَ کي طلاق ڏيڻي پوندئي…!!“

جملي ٻڌڻ سان، پرينءَ جي اندر مان باهه جو شعلو ڀڙڪو ڏيئي اُٿيو، جيڪو سندس نَس نَس ۾ اُماڙيون ڀري ويو…!!! هُو ڦاٽل اکين سان کيس ڏسندي، بنا ڪجهه چوڻ جي ٻاهر نڪري ويو.

شهلا پرينءَ جي دوستيءَ کي ڄڻ ته ڪنهن جي نظر لڳي ويئي. هُو هڪ ٻئي کان پري پري رهڻ لڳا. جيڪو اسپتال جي پوري اسٽاف محسوس ڪري ورتو هو. پرين رائونڊ ڪندي، ڊسپينسريءَ وٽان لنگهيو، ته سِسٽر اُلفت جي مٿس نظر پئجي ويئي:

”گارڊ صاحب، ڪڏهن ٻه منٽ اسان وٽ به ويهو. پري کان ئي جهاتي پائي هليا ٿا وڃو.“

هُو بنا ڪجهه چوڻ جي، لَڙي اندر ويو، ويهڻ لاءِ کيس اسٽول ڏيندي سِسٽر اُلفت پڇيو:

”ڇا پيئندؤ؟“

”ٿئنڪيو سِسٽر، آءٌ ڪو مهمان ڪونه آهيان، ڪيئن سڏيو اٿوَ؟“ هيڏي هوڏي نهاري، هُن رازدارانه انداز ۾ پڇيس:

”اڄڪلهه سِسٽر شهلا ۽ اوهان ڪجهه پري پري ٿا نظر اچو. ڇا تان ناراض آهيو؟“

”ڪا ناراضگي ڪانهي، پهرئين وانگر ئي آهيون.“

”پهرئين وانگر ته ڪونه آهيو، نٿا ٻڌائڻ چاهيو، ته ڀلي نه ٻڌايو، پر ڪا ڳالهه آهي ضرور. اِها مائي ميڪ اپ جو سهارو وٺي، ڇوڪري ٿيڻ جي ڪوشش ڪري پيئي، پر ڇوڪري اٿوَ ڪانه! ٽيهن جي پيٽي واري ”اَڌڙوٽ“ اٿوَ، ٻه ڀيرا مڱڻو ٿيو هيس، ٻئي ڀيرا ٽُٽي ويس. هينئر واندي آهي، ته لڳي آهي اوهان جي پويان، ان کان بچجو…!“

”اهو ٻڌائڻ لاءِ مون کي سڏيو اٿوَ؟“

هُو ڪاوڙ مان اُٿي بيٺو.

”هُوءَ اوهان جي دوست آهي، اوهان سان گڏ ڪم ٿي ڪري، دوست جو ڪجهه ته لحاظ ڪريو.“

هُو ٻاهر نڪري ويو، سِسٽر اُلفت بڙ بڙ ڪندي پنهنجي ڪم ۾ لڳي ويئي.

شاديءَ کان پوءِ بنا پروگرام جي به پرينءَ ڳوٺ جا ٻه ٽي چڪر ڏنا. ڪجهه مهينن پُڄاڻان خوشخبري مليس ته ”هُو پيءُ ٿيڻ وارو آهي.“ ان ڳالهه کيس زينب ڏانهن ڪجهه وڌيڪ مائل ڪري ڇڏيو. آخر اهو وقت به اچي ويو، جنهن جو سڀني کي انتظار هو، دائي ڀاڳل کي سڏايو ويو، جنهن زينب کي تپاسي چيو:

”پريشانيءَ جي ڪا ڳالهه ڪانهي، ويم ۾ پنج ڇهه ڪلاڪ لڳي سگهن ٿا. سڀ دعا ڪريو ته خير ٿئي.“

پرينءَ کي فون ڪري، پئسا کڻي فوراً پهچڻ لاءِ چيو ويو. دائيءَ جي سنوڻ ساٺ آڍ مَک ۽ پَٽ پَٽان ۾ پورو ڏينهن گذري ويو. ان دوران هوءَ کين تسليون ڏيندي رهي. ٻئي طرف زينب جي حالت جيئن پوءِ، تيئن نازڪ ٿيندي ويئي، هوءَ تڪليف کان لڳاتار دانهون ڪندي رهي. نيٺ آڌيءَ رات ڌاري دائيءَ هٿ کنيو ۽ صلاح ڏني ته ”مائيءَ کي هينئر جو هينئر شهر کڻائي وڃو ڪنهن وڏي ڊاڪٽرياڻيءَ وٽ، متان ٻار کي ڪو نقصان نه ٿي پوي.“

پاڙي مان ڪجهه پئسا اوڌر وٺي، صبح جو زينب کي اسپتال پهچايو ويو. ڊاڪٽرياڻيءَ ٻڌايو ته:

”ٻار پيٽ ۾ ڪمزور  ٿي ويو آهي. مائيءَ جي زندگيءَ کي سخت خطرو آهي. آپريشن ڪرڻو پوندو. پنجويهه هزار رپيا پهرئين جمع ڪرايو.“

”ڊاڪٽرصاحبه، اسان مسڪين ماڻهو آهيون، ايڏي وڏي رقم نه ڏيئي سگهنداسون. مهرباني ڪري اسان سان ڪجهه رعايت ڪريو.“

”بابا، اهي رعايتي پئسا ٻڌاياٿمانوَ. نٿا ڏيئي سگهو، ته ڪمرو خالي ڪريو. ٻيا ماڻهو ويٺا آهن، انتظار ۾…“

”ڊاڪٽر صاحبه، اسان کي ڪجهه مهلت ڏيو. اسان جو ماڻهو پئسا کڻي ڪراچيءَ مان اچڻو آهي.“

اسپتال مان ڪنهن جي موبائل تان فون ڪري، پرينءَکي سڄي صورتحال ٻڌائي ويئي. ڳوٺ جي مسڪين نياڻيءَ جي خبر ٻڌي، ڪن خدا ترس ماڻهن مسجد مان اعلان ڪري، چندو گڏ ڪرڻ شروع ڪيو. پرينءَ جون سر توڙ ڪوششون به ڪارگر ثابت نه ٿي سگهيون. مجبوريءَ هن جي پيرن ۾ ڏانوڻ وجهي ڇڏيا. ٻه دفعا انڪار ٻڌڻ کان پوءِ، مَردين ڪُسندي، هُو ٽيون ڀيرو درخواست کڻي مئڊم وٽ پهتو. وڏي بحث ۽ ايلازن کان پوءِ وري به هن کي انڪار ڪيو ويو. هُو روئڻهارڪو ٿي، پنهنجي اسٽول تي اچي ويهي رهيو. سندس حالت ڏسي شهلا هن وٽ هلي آئي:

”مئڊم ڇو پئي گوڙ ڪيو؟ ڇا مسئلو آهي؟“

”بس، ائين ئي گوڙ ڪرڻ ته هن جي پراڻي عادت آهي.“

”تڏهن به، اصل ڳالهه ٻڌائين ڇو نٿو. آخر پريشان ڇو آهين؟“

وائيف جي ڊليوري آهي. آپريشن ٿيندو، مئڊم کان هفتي جي موڪل ۽ مهيني جي پگهار ايڊوانس گهريم، اُن تان چِڙي پيئي… ههڙي وقت ۾ به آءٌ پنهنجي ٻچن لاءِ ڪجهه نٿو ڪري سگهان، ته ٿُڪ هڻي اهڙي نوڪري کي آءٌ استعيفا ٿو ڏيان…“

پرينءَ جهٽڪي سان مُنهن کڻي هن ڏانهن ڏٺو. پنهنجي اکين ۽ ڪنن تي اعتبار نه پيو اچيس! ڄڻ ٻاٽ ۾ لاٽ نظر اچي ويس…!!

هُو واءُ مينهن ڪندو، پنهنجي شهر جي ٻڌايل اسپتال پهتو. ڪمري ۾ سندس ماءُ، پيءُ ۽ ڀيڻ ميران اُداس ويٺا هئا.

”خير ته آهي، سڀ پريشان ٿا لڳو…؟“

”خير ڪونهي پرين، تنهنجي ڪنوار موڪلائي ويئي! زينب اسان کان رُسي ويئي اَبا…!!“

ماڻس اوڇنگار سان کيس خبر ڏني، هن جي جسم ۾ سياٽو ڊوڙي ويو، ڪمري ۾ وري روڄ شروع ٿي ويو. هن زال جي مُنهن تان چادر هٽائي ڏٺو، سندس ڄاڙي پٽيءَ سان ڇِڪي ٻڌل هئي. اکيون اندر لهي ويون هئس. رنگ زرد ٿي چڪو هئس. ننڍڙو پٽ، ڪپڙي ۾ ويڙهيو، ماءُ جي پاسي ۾ ستل هو. مُنهن سُڄيل هئس، هُو هِن جي ٻانهن ۾ اچي کِلي ها، مُرڪي ها، شرارتون ڪري ها، هِن جي مُنهن ۾ نهاري هُونگڙيون ڏئي ها، ته هِن جا سڀ ٿڪ لهي وڃن ها، پر افسوس ائين نه ٿي سگهيو… هِن جو هٿ، غير ارادي طور کڄي ويو، پٽ جي پيشانيءَ کي ڇُهي ڏٺائين، جيڪا ٿڌي ٿي چڪي هئي. دل جُهٻو کاڌس. مُنهن ڍڪي سُڏڪن ۾ ٻڏي ويو…

”پرين، تو زينب سان وفا نه ڪئي پٽ، تنهنجي نڪاح ۾ اچڻ کان پوءِ به هن کي سک نصيب نه ٿيو.“

”مون ته شاديءَ کان ئي انڪار ڪيو هو اَبا. اوهان ضد ڪري مون کي ڦاسايو، سچ ته اهو آهي ته زينب کي مارائڻ ۾ اوهان جو به هٿ آهي…!“

”آهستي ڳالهاءِ، ماڻهو ٻڌن پيا. تماشو نه ڪر هتي. اها ڇيڙي نبيري ڳوٺ هلي ڪجانءِ. توکي پهريون ڀيرو فون ڪيوسون، اڄ ان کي چوٿون ڏينهن آهي. پئسا کڻي وقت تي پهچين ها، ته اسان جا ٻچا بچي نه پون ها…؟“

”مون پنهنجي  وسان ڪونه گهٽايو اَبا، پر آءٌ به هئس واڳونءَ جي وات ۾، جڏهن موڪل منظور ٿئي، جڏهن پئسا ملن. اِنهن ٽن ڏينهنِ ۾ مون جيڪا لوڙ لوڙي آهي، سا مون کي خبر، يا منهنجي خدا کي، آخر ۾ تنگ ٿي سوچيو هئم ته نيٽي جيٽيءَ واري پل تان بيهي، سمنڊ ۾ ٿو ٽپو ڏيان، پر ڪنهن بچائي ورتو.“

”اهڙي بيوقوفي متان ڪرين اَبا. اسين توسان گڏ ڪونه آهيون. پاڻ کي جهل، اسين هتي خالي هٿين ويٺا هئاسون. ڳوٺ وارن کي خبر پئي، ته ويچارن گهٽايو ڪونه. چندا ڪري ڪالهه تيرنهن هزار روپيا پڄائي ويا. ماڻهين به هِتي جهولي جهلي، ماڻهن کي ايلاز ڪيا، اڍائي هزار کن هِن کي به مليا. اُهي گڏائي ڏناسون، تڏهن آپريشن ٿيو. مائيءَ کي مڇيءَ وانگر چيري، ڊاڪٽرياڻي ته وڃي گهر ۾ آرامي ٿي، اسان جي نياڻيءَ لُڇندي، دانهون ڪندي، آڌيءَ رات جو دم ڏنو…!!“

”اِها مائي چوڻ لاءِ ته ڀلي ڊاڪٽرياڻي هجي، پر اصل ۾ ته ڏانئڻ جي به ڏانئڻ آهي! رحم جو دُڪو به دل ۾ ڪونه اٿس. ماءُ پٽ کي مارڻ کان پوءِ به لاش کڻڻ نٿي ڏي. رهيل ڏهه هزار اڃا به گهُري پئي.“

”ماڻهين سچ ٿي چوي پٽ، ڏوڪڙ اٿئي، ته وڃي هڻي اچينس مُنهن ۾، ته نِڪرون هِن دوزخ مان…“

هُو ڊاڪٽرياڻيءَ جي رَويي بابت ٻڌي، چِڙ ۾ ڀرجي، آفيس ڏانهن روانو ٿيو. آفيس تائين پهچندي، هڪ مهذب ۽ شريف انسان وانگر، سموري ڪاوڙ پي ويو: پئسا ڏيندي ۽ ٿڌي انداز ۾ چيائين:

”آءٌ زينب جو مڙس آهيان مئڊم. هي اوهان جي بل جا باقي پئسا.“

پئسا ڳڻي ”ٺيڪ“ چئي مئڊم ٽيبل جي خاني ۾ رکيا، هُو وڃڻ لاءِ مڙيو ته پويان آواز آيس:

”انتهائي لاپرواهه ۽ غيرذميدار ماڻهو آهيو اوهين ڳوٺاڻا… مريضه کي اڻڄاڻ داين هٿان پَٽائي، ڦٽائي، مرڻينگ ڪري، پوءِ کڻي ٿا اچو اسان وٽ ته هاڻي بچايوس. وقت تي پهچايوس ها، ته بچي نه پوي ها؟ جڏهن پالي نٿا سگهو، ته پوءِ ڄَڻيو ڇو ٿا…؟“

”اوهان بلڪل درست فرمايو آهي مئڊم.“

طعنو ٻڌي، هن جي اندر ۾ دٻيل باهه، ٻيهر ڀڙڪي پيئي. ويندي ويندي دروازي ۾ بيهي جواب ڏنائينس:

”اسان ۾ ٿورو به شعور هجي ها، ته پنهنجيءَ عورت کي ڪنهن ساک واريءَ اسپتال ۾ داخل ڪرايون ها، جتي ماءُ سان گڏ، ٻار به بچي پوي ها. اسان وڏي بيوقوفي ڪئي، جو ڪوس گهر کي اسپتال سمجهي، پنهنجي مائيءَ کي ڪاسائيءَ حوالي ڪري، هٿن سان مارايوسون…!“

مئڊم سان ان لهجي ۾ اڳ ڪنهن به نه ڳالهايو هو. هُوءَ حيرت مان کيس ڏسندي رهي.

”دولت جي لالچ ۾ اچي، ڪي ڊاڪٽر ته جلادن کان به ٻه وِکون اڳتي نڪري ويا آهن. ماڻهو مارڻ کان پوءِ، هُو ان جي وارثن کان، لاش جي به قيمت وصول ڪندا آهن، اهڙن جلادن کي، چَوڪ تي ٽنگي ڦاسي ڏيئي ڇڏڻ گهرجي ته جيئن دنيا ڏسي ۽ عبرت حاصل ڪري…!!!“

هُو ڳالهه پوري ڪري، هليو به ويو، پر مئڊم اڃا تائين دروازي ۾ اکيون وجهي، بي حس و حرڪت ويٺي رهي جهڙوڪر ڪنهن کانئس چُرڻ پُرڻ واري طاقت ڦُري، کيس بيجان  بُت بڻائي ڇڏيو هجي…

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org