عباس سارنگ
ڏي وٺ ۽ ننڍپڻ جي شادي
سِينَ/ڏسڻي:1،
ڊاريڪشن/هدايت:
ٻه ننڍڙيون ڇوڪريون، جن جا نالا رحمت ۽ قزبانو
آهن، جيڪي پاڻ ۾ گھاٽيون ساهيڙيون به آهن، جن جي
عمر اها ڪا يارنهن يا ٻارنهن سال مس ٿيندي. گھر
جي اڱڻ تي رانديون کيڏندي نظر اچن ٿيون. جهڙوڪ
گڏين راند، ٽڪلي ميل راند، جھو جھو ماٽي لسي
پنهنجي گھاٽي راند ۽ ڪڏهن تيزي تُل راند، انهيءَ
دوران ٻئي ڇوڪريون ڏاڍيون خوش به نظر اچن ٿيون.
بيڪ گرائونڊ ۾ سنڌي ثقافتي موسيقي به ٻڌڻ ۾ اچي
ٿي. ائين رانديون ڪندي ڪندي ٻئي ڇوڪريون اسٽيج تان
لهي وڃن ٿيون.
سِينَ/ڏسڻي:2،
ڊاريڪشن/هدايت:
رحمت ۽ قزبانو جن جي چيلهن تي ننڍڙيون دليون آهن،
جيڪي پاڻي ڀرڻ لاءِ گڏ نڪتيون آهن. رستي ۾ بيهي
ڪري هڪٻئي سان حال احوال اورين ٿيون.
ڊائلاگ/ٻول:
رحمت: قزبانو! تون ماءُ سان پيار وڌيڪ ڪندين آهين
يا پيءُ سان ؟
قزبانو: اها به ڪا پڇڻ جي ڳالھ آهي چري، هونئن ته
مان ٻنهي سان بيحد پيار ڪندي آهيان،
پر بابا ته جاني آ منهنجو جاني.....مان ته ان جي
لاڏلي ڌيءُ آهيان ۽ بابا جاني به مون سان ڏاڍو
پيار ڪندو آهي. ڀلا ڇوري تون ٻڌاءِ....!
رحمت: مان به پنهنجي بابا کي گھڻو ڀائيندي
آهيان....۽ اهو ته مون کي هميشه پيار ڏيندو آهي...
قزبانو: ۽ رحمت ان ڏينهن جو تنهنجي پيءُ توکي مار
ڏني هئي پوءِ ڪاوڙ نه لڳي هئي توکي هان....؟
رحمت: ڇا جي ڪاوڙ!!!.....اهو انڪري جو مان ان
ڏينهن پاڻي ڀرڻ جو نه آئي هيس....بابا جي ڳالھ به
غلط ته نه هئي نه .....!!!
قزبانو: هاڻي جلدي اچ ته وري موٽي به هلڻو آهي،
اسان ٻنهي جا ڀائر به ڏاڍا ڏنگا آهن. اهي چنبو هڻڻ
۾ دير ئي نٿا ڪن، پر الا! اسان جا ڀائر ڪيڏا ته
پيارا آهن.
ڊاريڪشن/هدايت:
پاڻي ڀرڻ لاءِ ٻئي اڳتي وڌي وڃن ٿيون......
سين/ڏسڻي:3،
ڊاريڪشن/هدايت:
قزبانوءَ جو پيءُ وريام گھر جي اڱڻ تي پنهنجن ڏندن
کي ڏندڻ هڻندي گُھمي رهيو آهي....ايتري ۾ گھر
ٻاهران آواز اچي ٿو....
ڊائلاگ/ٻول:
گلاب خان: وريام خان.. او...ادا وريام خان او!
وريام خان: ادا ڪهڙو....؟ گلاب خان آهين ڇا...؟
گلاب خان: هائو ادا وريام خان! مان آهيان گلاب
خان...
وريام خان: ادا گلاب خان! هليو اچ....ڀلا ڪو تون
ڌاريو آهين ڇا؟ منهنجو گھر تنهنجو گھر....هڪٻئي
کان لڪل آهيون ڇا....؟
ڊاريڪشن/هدايت:
گلاب خان گھر جي اڱڻ تي اچي ٿو.....۽ جنهن کي پٽڪو
ٻڌل آهي ۽ لٺ هٿ ۾ اٿس....
ڊائلاگ/ٻول:
گلاب خان: سلاما ليڪم (السلام عليڪم) ڀائو وريام
خان!
وريام خان: ما ليڪم سلام (وعاليڪم السلام) ادا
ڀلي ڪري آئين ....جي آئين ادا گلاب خان........
گلاب خان: ادا چاڪ، چڱو ڀلو، ٻار ٻچو، ڍور ڍڳو،
اوڙو پاڙو سڀ خير....
وريام خان: ادا الله جو شخر( شڪر ) لڳو پيو آهي،
تون ٻڌاءِ.... تنهنجي پاسي ڏي سڀ خير آهي... ٻار
ٻچو، ڍور ڍڳو، اوڙو پاڙو سڀ خير....
گلاب خان: سڀ خير...سڀ خير.....
وريام خان: گھُرجي به خير.... ڪر خبر ادا! ڪيئن
اچڻ ٿيو آهي...؟
گلاب خان: ادا وريام! توکي ته خبر آهي، ٿورن ڏينهن
کان پوءِ فصل پچڻ وارو آهي، اڳ ۾ اسان سان گڏ زمين
جو سمورو ڪم ڀاڄنهه ۽ منهنجي وڏي ننهن ڪرائيندي
هئي. هن ڀيري ڀاڄنهه سخت بيمار ٿي پئي آهي ۽ وڏي
ڳالھ اها آهي ته زمين جو ڪجھ ٽڪرو ٻيو به راهڪيءَ
تي کنيو اٿم. ان جي به ڌار سنڀار (سنڀال) ڪرڻي
آهي...سوچيم ته ننڍڙي چوڏهن سالن واري پٽ خادم کي
هنن ڏينهن ۾ ڪو سڱ ڏسي پرڻائي وٺان ته جيئن ڪم ڪار
وارو به ملي پئي ته ڇوڪري خادم جي وري خوشي به ٿي
پوي.....ماڻس به بيمار آهي....اکين سان خوشي ڏسي،
ندوري حياتي تي ڪهڙو ڀروسو....
وريام خان: ها ادا چوين ته سچ پيو. پوءِ ڀلا! ڪٿي
ڪو سوچيو ٿي سڱ وٺڻ جو...؟
گلاب خان: ادا! اڃا ته ڪٿي به ۽ ڪنهن کان به گھُر
ڪونه ڪئي اٿم....
وريام خان: ادا مان صلاح ڏيان، هيڏي هوڏي ڏسڻ جي
ڪهڙي ضرورت آهي. منهنجي ننڍڙي ڌيءُ قزبانو جو
سامائي آهي، پاڻ ۾ به آهيون، ڀلي جوڙي ٿي پوندي
ٻنهين جي....
گلاب خان: پر، ادا قزبانو ته ننڍڙي آهي...
وريام خان: سمورو گھر جو ڪم ڪندي آهي، ٻيو ته
ننڍپڻ جي شادي اسان جي ريت رسم به آهي. اهي شاديون
اسان جي وڏن به ڪيون، مون پاڻ ننڍي لاءِ شادي
ڪئي....منهنجي بابا مکڻ خان ۽ منهنجي ڏاڏي ڪرڙ خان
به شادي ننڍي لاءِ ئي ته ڪئي هئي....
گلاب خان: ها ادا منهنجي بابا ۽ ڏاڏي به ننڍي لاءِ
ئي ته شادي ڪئي هئي....۽ اها ته مون کي به خبر
آهي....
وريام خان: پوءِ تون ٻڌاءِ......!
گلاب خان: پوءِ ادا! مان رشتي جي پڪ سمجھان ...؟
وريام خان: ها ادا! پڪ ئي سمجھ.
گلاب خان: ادا! قزبانوءَ جي بدلي ۾ مون توکي
تنهنجي پٽ نواب لاءِ پنهنجي ڌيءَ رحمت جو سڱ
ڏنو....
وريام خان: ادا ادا! تو ته منهنجي وڏي عزت ڪري
ڇڏي...هل ته هلي وات مٺو ڪيون...
ڊاريڪشن/هدايت:
ٻئي خوشي منجھان هڪ ٻئي کي ڀاڪر ۾ ڀرين ٿا ۽ کلندا
گھر جي اڱڻ تان ٻاهر نڪري وڃن ٿا.
سين/ڏسڻي:4،
ڊاريڪشن/هدايت:
شاديءَ جي خوشي ۾ سِهرو وڄي رهيو آهي. گلاب خان ۽
وريام خان سان گڏ ڪجھ ڳوٺاڻا خوشيءَ منجهان جُهمر
هڻي رهيا آهن. سِهري جي ختم ٿيڻ سان پاڻ ۾ گلاب
خان ۽ وريام خان ڳالهائين ٿا.
ڊائلاگ/ٻول:
گلاب خان: ادا! مبارڪون هجن توکي...
وريام خان: ادا تو کي به لک لک مبارڪون هجن....
گلاب خان: ها ادا شخر (شڪر) آهي جو اسان اڄ ٻنهين
گھوٽن کي لانئون ڏينداسين....۽ اسان تان نياڻين جو
بار به لهي ويندو. نياڻيون پرايو ڌڻ. هونئن ئي وڏا
چئي ويا آهن ته جيترو جلدي ٿي سگھي، نياڻيءَ کي
شينهن ڪلهي چاڙهجي....
وريام خان: ها ادا! اهو به هڪ وڏو بار آهي جيڪو اڄ
اسان جي ڪلهن تان هميشه هميشه لاءِ لهي ويندو.
ڊاريڪشن/هدايت:
گلاب خان ۽ وريام خان پاڻ ۾ ڳالهائي ئي رهيا هئا
ته هڪ نوجوان پڙهيل لکيل ڳوٺ جو ماستر سنڌيار اچي
ٿو.
ڊائلاگ/ٻول:
سنڌيار: چاچا السلام عليڪم.
وريام خان: ماليڪم سلام! ابا ماستر خوش آهين؟
سنڌيار: ها چاچا! توهان ڏانهن سڀ خير آهي نه؟
وريام خان: ها ابا الله سائين جو شخر (شڪر) آهي.
سنڌيار: چاچا! توهان ٻِنهين جون نياڻيون ٻن ٽن
ڏينهن کان اسڪول ڪونه پيون اچن، خير ته آهي نه؟
وريام خان: ابا سنڌيار! هاڻي اهي اسڪول ڪونه
اينديون؟
سنڌيار: ڇو چاچا سائين! خير ته آهي نه!
ڊاريڪشن/هدايت:
وريام خان ۽ گلاب خان کلندي ۽ خوش ٿيندي چونس
ٿا...
ڊائلاگ/ٻول:
وريام خان: ابا ماستر سنڌيار! انهن ٻنهين جي ته اڄ
شادي آهي.
گلاب خان: اڄ اهي ٻئي شينهن ڪلهي تي چڙهنديون.
وريام خان: ائين سمجھ ته هاڻي اهي ڪونه
پڙهنديون....
سنڌيار: چاچا! توهان ٻئي چريا ته نه ٿيا آهيو،
هيءُ ڇا چئي رهيا آهيو. ايتري ننڍي عمر ۾ انهن
ٻنهي جي شادي. اهي ٻئي منهنجي ڪلاس جون هوشيار ۽
ذهين شاگردياڻيون آهن ۽ هنن جا الائي ته ڪهڙا ڪهڙا
خواب آهن، جيڪي هنن ڏٺا آهن. ٻيو ته هيءَ هنن جي
شادي ڪرڻ جي عمر ته نه آهي. اڃا ته هنن جي کيڏڻ جا
ڏينهن آهن. هاڻي جو شادي ڪنديون ته هن ننڍي عمر ۾
ڪيئن زال ۽ مڙس جي رشتي کي نڀائي سگهنديون ۽ سمجھي
سگهنديون ته مڙس سان ڪيئن گذاربو آهي. ٻيو ته
قانوني طور تي به ارڙهن سالن جي عمر ۾ ڇوڪرو يا
ڇوڪري پنهنجي زندگيءَ جو فيصلو پاڻ ڪري ئي سگھن
ٿا. تنهنڪري چاچا ايڏو ظلم نه ڪيو. پنهنجن ٻارن جي
خوشين جا قاتل نه بڻجو. عورتن کي جانورن جيان نه
سمجھو. ان کي به مرد جيتري حيثيت ڏيو.
وريام خان: ابا سنڌيار! اها ته اسان جي پراڻي رسم
آهي ته اسان جي وڏن به ائين ننڍپڻ ۾ شاديون
ڪيون.....۽ اسان جون به ائين شاديون ڪرايون، ان ۾
ڪهڙي خرابي آهي؟ هان ٻڌاءِ!
سنڌيار: چا چا! اها اسان جي وڏن جي جهالت هئي
هاڻي، ائين نه آهي، هاڻي شعور اچي ويوآهي...اهي
ٻئي توهان جون نياڻيون توهان جي ڇوڪرن کان وڌيڪ
هوشيار آهن. توهان جي ڇوڪرن جي ڀيٽ ۾ اهي وڌيڪ سٺو
پڙهن ٿيون. اهي اڄ پڙهي سڀاڻي ڊاڪٽر ٿينديون ته
پنهنجي ڳوٺ کي ڪيڏو فائدو ٿيندو ۽ توهان جي ڪيڏي
عزت ٿيندي ۽ سٺن گهرن مان انهن جا رشتا توهان وٽ
ايندا. مرد جي مقابلي ۾ عورت ڪنهن به طرح گھٽ نه
آهي.
ڊاريڪشن/هدايت:
وريام خان ۽ گلاب خان سنڌيار جون ڳالهيون ٻڌي
هڪٻئي ڏانهن ڏسن ٿا...انهن سان گڏ موجود ماڻهو به
هڪٻئي ڏانهن ڏسن ٿا.
ڊائلاگ/ٻول:
سنڌيار: ها چاچا! هاڻي دنيا ۾ سجاڳي اچي رهي آهي،
توهان به سجاڳ ٿيو. پنهنجن نياڻين کي انهيءَ ڏي وٺ
۽ ننڍپڻ جي شادين جي باھ کان بچايو، ڪجھ سمجھو.
وريام خان: هائو ابا سچ ٿو چوين...
گلاب خان: بلڪل سچو آهين....
سنڌيار: چاچا! پوءِ اچو ته اڄ وچن ڪيون ته اسان
پنهنجن نياڻين کي پڙهائينداسين ۽ انهن جي ننڍپڻ ۾
شاديون نه ڪرائينداسين.
ڊاريڪشن/هدايت:
پسمنظر ۾ فيض احمد فيض جو غزل هلي ٿو: بول ڪي لب
آزاد هين تيري.... سمورا ڪردار لهي وڃن ٿا.
|