سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3۽4/ 2018ع

باب:

صفحو:4 

محمد يوسف جويو

 

 

 

شاهه جي شاعريءَ ۾ پڙهڻ،

لکڻ ۽ ڪتابن جو ذڪر، فڪر ۽ تصور

   (علمي، ادبي ۽ سماجي حوالي سان)

چوندا آهن ته شاعري پيغمبري ڏات آهي ڇاڪاڻ ته پيغمبر ۽ شاعر ۾ هڪ ئي  فرق هوندو آهي اُهو  اِهو ته پيغمبر تي وحي نازل ٿئي ٿي ۽ شاعر تي شاعري الهامي صورت ۾ نازل ٿئي ٿي. شاعر ۽ پيغمبر جي ڪم ۾ به ٿوروئي فرق آهي. پيغمبر جو ڪم پنهنجي قوم ۽ عالمِ انسانيت تائين الله سائينءَ جو پيغام پهچائڻ آهي. جڏهن ته شاعر جو ڪم پڻ  الاهي اسرار پروڙي پوءِ پنهنجِي شاعريءَ وسيلي هڪ پيغام ڏئي ٿو. جو پنهنجي قوم ۽ عالمِ انسانيت لاءِ  امن ۽ ڪاميابيءَ جي راهه ثابت ٿئي ٿو. شاهه عبداللطيف ڀٽائي سنڌ ملڪ جو قومي شاعر ۽ گڏوگڏ هيءُ صوفي شاعر به آهي. سندس شاعريءَ ۾ تصوف جون منزلون ۽ وحدانيت جو فلسفو سِٽ سِٽ ۾ سمايل آهي. هن جي شاعريءَ ۾ سنڌي سماج ۽ علم فلسفي جا  گهڻائي مسئلا سُلجهايل ۽ سمجهايل  آهن، پر اسان کي ياد رکڻ گهرجي ته هيءُ سنڌ  جو هڪ قومي شاعر آهي. سو هن پنهنجي وطن جي هر ڪُنڊَ ۽ پاسو گهمي ڏٺو ۽ پنهنجي وطن جي ماڻهن سان ملي، انهن جون ثقافتي، معاشي حالتن سان گڏ وطن جي فطري سرحدن جو تعين ڪندي اُنهن جو مطالعو ۽ مشاهدو ڪيو.  ماڻهن سان ملي جلي ڪري اُنهن جي ريتن  رسمن کي پرکيو ۽ پروڙيو آهي. پاڻ پنهنجي شاعريءَ ۾ انهن سڀني پاسن کي تمثيلي رنگ ڏئي پنهنجي سنڌي ٻوليءَ ۾  کولي بيان ڪيو آهي. هن وقت شاهه سائينءَ  جي شاعريءَ تي گهڻن ئي پاسن کان  تحقيق ڪري  لکيو ويو آهي. مثال طور جن عالمن شاهه جي شاعريءَ جي مختلف پاسن تي تحقيق ڪئي آهي، تن جا ڪجهه نالا يادگيريءَ خاطر هيٺ ڏجن ٿا.

  1. شاهه لطيف جي ڪلام ۾ مرد جو ڪردار/ ڊاڪٽر محمد ابراهيم سنڌي

  2. شاهه جي شاعريءَ ۾ علامت نگاري/ ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو

  3. سنڌي ثقافت ۽ شاهه لطيف/ شاهنواز سوڍر

  4. شاهه جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ/ ڊاڪٽر فهميده حسين

  5. شاهه لطيف : شاعري ۽ فڪر/ ڊاڪٽر درشهوار سيد

  6. شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ هٿ جا هنر/ ڊاڪٽر الهرکيو ٻٽ ۽ سليم ڀٽو لطيفي

  7. مرحوم محترم اڪبر سومرو شاهه سائينءَ جي ڪلام جي ڪن سُرن جي ڪجهه بيتن کي تصويري شڪل ڏني آهي جيڪا پڻ ڪتابي صورت ۾ ڇپيل آهي.

 

مٿين حوالن کان علاوهٰ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ڪلام دنيا جي مختلف ٻولين ۾ پڻ ترجمو ٿيل آهي. جن ۾ انگريزي، فرينچ، جرمن، عربي، سرائڪي، اردو، پنجاپي ۽ براهوي ٻوليون اچي وڃن ٿيون. اهڙيءَ طرح شاهه جي هر سُر تي الڳ الڳ ننڍا ڪتابچا ڇپائي پڌرا ڪيا ويا آهن ۽ ڪئين ڪانفرنسون پڻ ٿيون آهن. جن ۾ ڏيهي توڙي پرڏيهي عالمن پڻ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ تي ڪتاب ۽ مقالا وغيره لکيا آهن ته ڪن عالمن وري شاهه صاحب جي شاعريءَ تي فڪري ۽ نظرياتي ڪتاب  ۽ مقالا لکيا آهن، جن ۾  ايڇ.ٽي.سورلي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، سائين جي.ايم.سيد، محمد ابراهيم جويو، سليم ڀٽو لطيفي، عبدالحفيظ قريشي وغيره شامل آهن. ڪن عالمن وري شاهه صاحب جي ڪلام کي سهيڙي، سنواري هڪ رسالي جي صورت ۾ جوڙي پڌرو ڪري اسان تائين پهچايو آهي. انهن بزرگن جي نالن جي فهرست ڊگهي آهي. انهن مان وري قلمي نسخن جي صورت ۾ جيڪي رسالا سامهون آيا آهن تن جو تعداد لڳ ڀڳ 24 کن آهي. وري جيڪي ڇاپي کان پوءِ رسالا سامهون آيا آهن تن جو تعداد  23  کان به مٿي آهي، پر پوءِ به اڃا شاهه لطيف جي شاعريءَ ۽ ان جي فڪر تي تحقيق جو ڪم جاري آهي. شاهه کي پڙهڻ  ۽ پرکڻ کان پوءِ هر ماڻهو ان کي پنهنجي پنهنجي  مڪتبِ فڪر، سوچ يا نظريي طرف کڻي ٿو. ۽ ان جو مطلب يا مفهوم ڪڍي ٿو ته شاهه جو هر بيت ان جي سوچ جي ترجماني ڪندو آهي. هڪ وڏي شاعر جي اها ئِي اعليٰ خوبي هوندي آهي.

شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جو ٻيو پاسو سنڌ جي قومي شاعر جي حيثيت وارو پاسو آهي. ها! جيڪي قومي شاعرن جون خوبيون هونديون آهن، تن ۾ وطن جي محبت، پنهنجي وطن جي ماڻهن ۾ همت، حوصلو، محنت ۽ بهادريءَ جا جذبا جاڳائڻ ۽ انهن جي هروقت همت افزائي ڪرڻ، پنهنجي وطن جي ترقي ۽ ان جي خوشحاليءَ جي لاءِ ڳالهه ڪرڻ، پنهنجي ديس واسين ۾ پنهنجي  وطن لاءِ محبت پيدا ڪرڻ، ۽ وطن جي آزادي برقرار رکڻ لاءِ هميشه  هر وقت  تيار رهڻ، ديس واسين کي ٻڌي ۽ اتحاد، ميٺُ محبت جو درس ڏيڻ، انهن سڀني سان گڏ پنهنجي وطن جي تاريخ کي اُجاگر ڪرڻ، تاريخ مان مثال، قصا ۽ ڪهاڻيون کڻي انهن کي پنهنجي قوم لاءِ همت، حوصلو ڏيڻ، وطن ۽ وطن جي ماڻهن لاءِ مسلسل جدوجهد ڪندڙ ڪردارن کي مثال طور پيش ڪرڻ آهي. اهڙن قومي هيرن کي ڪاميابيءَ جو اهڃاڻ (Symbol) ڪري پيش ڪرڻ آهي.  پنهنجي ٻولي، ثقافت، تهذيب ۽ تمدن جو محافظ ٿي ڪري، پنهنجي شاعريءَ ۾ ان کي امر ڪري ڇڏڻ، اهي سڀ گُڻَ هڪ اعليٰ قومي شاعر ۾ هوندا آهن. شاهه صاحب هر مذهبي مت ڀيد کان مٿاهون  رهيو آهي، ۽ ڪڏهن به ڪنهن فرقي يا مذهب جو ترجمان  به نه رهيو آهي. هيءُ هر لحاظ کان عالمِ انسانيت لاءِ امن، ترقي ۽ بني آدم جي خوشحاليءَ جي ڳالهه ڪندڙ شاعر آهي. دنيا جا وڏا شاعر جهڙوڪ ٽيگور، شيڪسپيئر، گوئٽي ۽ فردوسي وغيره پنهنجن پنهنجن ملڪن جا نمائندا شاعر آهن ته اهڙيءَ طرح اسان جو شاهه عبداللطيف ڀٽائي پڻ سنڌ وطن جو نمائندو ۽ قومي شاعر آهي.

جيئن ”شاهه صاحب، سنڌ جي جملي رهاڪن کي بنا هندو مسلم فرق جي سنڌي ڪري تصور (پيش) ڪيو آهي. ۽ جن ماڻهن کي ساراهيو اٿس، تن مان اڪثر هندو هئا. راءِ ڏياچ هندو راجا هو، لاکو ڦلاڻي ڪڇ جو  هندو راجا هو، راڻو سوڍو هندو هو، مومل هندواڻي هئي، سسئي هندو نسل  جي هئي. اوڏ، جاڙيجا، ريٻاڙي، جوڳي، بابو، سنياسي، آديسي جن جو ذڪر شاهه صاحب پنهنجي ڪلام ۾ آندو آهي سي سڀ هندو هئا. ان کان علاوه هنگلور جي هلڻ، گنگا تي گجڻ ۽ سڱين وڄائڻ واري سامين ۽ جوڳين کي ڳايو اٿن(1).“ اهڙيءَ طرح سان ”شاهه صاحب لاکي ڦلاڻي ۽ جکري کي پنهنجي ڪلام ۾ درج ڪيو آهي ۽ ڪڇ جي مشهور تيرٿ داس نارايڻ سروور ۽ ڪوٽيشور هندن جي ماڳن جو ذڪر به ڪيو آهي. شاهه صاحب کي هندو- مسلمان لاءِ ڪوبه ڀيد ڀاءُ ڪونه هو(2).“

شاعريءَ جي فلسفي کي بيان ڪرڻ ۽ ان کي ڌرتي ۽ دنيا جو شاعر ڪري پيش ڪرڻ يا ان جي علمي ۽ عقلي ڄاڻ کي بيان ڪرڻ لاءِ تمام ٿورا ڏاها ماڻهو آهن، جن شاهه صاحب کي نروار ڪيو آهي، جن ۾ سڀ کان پهرين انگريزن جي دور ۾ ڊاڪٽر ٽرمپ، ايڇ.ٽي سورلي، ڀيرومل، ڪلياڻ آڏواڻي، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو ۽ مرزا قليچ بيگ وغيره ان کان پوءِ اسان جي هاڻوڪي دور ۾ جن بزرگن ۽ اسڪالرن کي اسان ڏٺو، تن ۾ سائين جي.ايم.سيد، محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، رسول بخش پليجو، شيخ اياز۽ عبدالواحد آريسر وغيره اچي وڃن ٿا. انهن شاهه لطيف جي شخصيت ۽ ان جي شاعريءَ کي هڪ نئين انداز ۾، ۽ هڪ سائنسي انداز ۾ بيان ڪندي اسان آڏو متعارف ڪرايو آهي.

اسان جي سنڌ ملڪ جي قومي شاعرن جي هڪ ٽِه مورتي آهي جنهن ۾”شاهه عبداللطيف ڀٽائي (1689ع-1752ع) سان گڏ عبدالوهاب سچل سرمست (1729ع- 1829ع) ۽ ڀائِي چين راءِ ولد بچومل لنڊ ’سامي‘ (1743ع- 1850ع)“ به شامل آهن. سو هي اسان جا حقيقي سڄڻ، سنڌ دوست، انسان دوست، علمي، عقلي ۽ روحاني شاعر آهن. جن جي شاعريءَ مان اسان کي محبت، انسانيت، سماجي قدر ۽ قومي جاڳرتا سان ترقي ڪرڻ لاءِ نوان ۽ جديد طريقن وارا گس ۽ رستا سمجهايل ۽ ڏسيل آهن. شاهه ۽ سچل جيئن ته مسلمان گهراڻن ۾ پيدا ٿيا ۽ ان ئي ماحول ۾ وڏا ٿيا، ته انهن پنهنجي شاعريءَ ۾ جيڪا ٻولي، محاورا، تشبيحون ۽ استعارا وغيره يا ائين کڻي چئجي ته انهن مسلمان گهراڻن جي ماحول جي مطابق ٻوليءَ جا لُغوي لهجا استعمال ڪيا ۽ اِنَ کي به اُنَ وقت جي مطابق آسان فهم ۾ پيش ڪيو. ۽ جڏهن ته سامي وري هندو گهراڻي  واري ماحول ۾ ڄائو، نپنو ۽ وڏو ٿيو ته وري هن اُن وقت جي لحاظ کان اُها ٻولي يا لغوي لهجا استعمال ۾ آندا، ۽ ٻولي، محاورا، تشبيهون ۽ استعارا وغيره يا اُنَ گهراڻي جي ٻولي پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪتب آندي آهي.

ان جو مطلب اهو ٿيو ته انهن اسان جي ٽنهي شاعرن پنهنجي پنهنجي ماحول ۽ حالتن مطابق پنهنجو قومي فرض ادا ڪندي پنهنجي قوم جي اصلاح ڪئي آهي ۽ دنيا جي رهنمائي ڪندي ڪاميابيءَ جا ڏس ۽ گس پنهنجي ان فلسفي شاعريءَ جي ذريعي ڏسيا آهن. اهوئي سبب آهي جو انهن شاعرن جي فڪري هڪ جهڙائيءَ اسان آڏو  يا دنيا آڏو قومي تشخص ۽ قومي وحدت جو هڪ بيمثال ثبوت آهي. تنهنڪري اسان کي گهرجي ته اسان انهن ٽِنهي قومي شاعرن جي فڪر کي سمجهون ۽ عام ڪريون. سنڌ جي مفڪر سائين محمد ابراهيم جويي صاحب جي چواڻيءَ ته ”اسان کي اڄ جي حالتن تي افسوس آهي ته اسان جي مٺڙي سنڌ طبعي طور اخلاقي مونجهاري ۽ جهالت جي ڪري اجائي وڳوڙ ۾ ڌِڪي وئي آهي. اهڙين ڏکين حالتن ۾ اسان کي وري نئين سِر ” شاهه لطيف، سچل سرمست ۽ ڀائِي چين راءِ سامي “ کي پڙهڻ، پُرجهڻ ۽ سمجهڻ جي سخت ضرورت آهي. اِهي اسان کي اِن اخلاقي مونجهاري ۽ بدبودار جهالت کان ڇوٽڪاري جي گس تي هلائي آزاديءَ طرف وٺي وڃن ٿا. جڏهن ته اڄ جي تعليم اسان کي سجاڳ، ڏاهو ۽ مسيحا بڻائڻ جي بجاءِ، هيءَ اڻسهپ، چيڙاڪ، جهيڙاڪ، ناچو (وچ ڪُڏڻو) ۽ نفاق وجهڻ وارو(انتها پسند) بڻائي ٿو. انهن مٿين بزرگن جي ڏنل فڪر ۽ تعليم اسان کي حقيقي انسان، سهپ وارو، سچار، سجاڳ، حقيقي ڏاهو، روادار ۽ همدرد بڻائي ٿو. مون کي اميد آهي ته جلد آزاديءَ جي هوا گُهلندي، امن ٿيندو ۽ ضرور نئين سنڌ جو جنم ٿيندو.“

شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ پڙهڻ، لکڻ ۽ ڪتابن جو ذڪر، فڪر ۽ تصور

  1. سُر ڪلياڻ:

هيءُ سُر وحدانيت جو سُر آهي. هن سُر ۾ حق جي راهه (وحدانيت) جي راهه وٺڻ ۽ ان تي ثابت قدم ٿي هلڻ لاءِ سمجهايل آهي. دنيا جي ڏاهن مطابق هر مذهب مڪمل مذهب تڏهن چوائيندو آهي،  جڏهن ان ۾ هيٺيون ٽي ڳالهيون لازمي هجن؛ (1) هڪ خلقڻهار (رَبُ) يا عبادت جي لائق هستي (2) ان جو نبي يا رسول ۽ (3) مقدس ڪتاب يا خدا طرفان موڪليل ڪتاب ۽ ان جي مطابق ڪي قاعدا قانون يا شريعت، نظريو يا فڪر وغيره.  هن سر ۾ انهن ڳالهين  جو ذڪر ٿيل آهي.

وحــــــدهُ لاشريڪ لہُ چئِي،  چونــــــدو آءُ

فرض، واجب، سُنتون، تِنِيئُون تــــــرِڪ مَ پاءِ

 

توبَهَه سَنــــــدِي تسبِيح،  پَڙَهڻ ســــــاڻ پُڄاءِ

نانگا پنهنجي نفس کي، ڪا نئين راهه سُونهاءِ

ته سندي دوزخ باهه،  تــــــو اوڏيائي نه اچي

 

هيءُ پهرئين سُر جو بيت آهي، ”سُرُ“ راڳ کي ڪنهن خاص انداز ۽ ڍنگ سان، ادائگيءَ جو نالو آهي. سُر مان سريلو لفظ نڪتل آهي جيئن عام طور چئبو آهي ته هيءُ سريلو فنڪار آهي وغيره. ڪلياڻ جي معنيٰ ۽ مفهوم ته وسيع آهي، پر هت هن جي معنيٰ سُک، خير ۽ امن آهي. هن پهرين سر ۾ شاهه سائينءَ پنهنجي حقيقي خالق ۽ پالڻهار جي هيڪڙائي ۽ وحدانيت جو ذڪر ڪيو آهي ۽ اُنهيءَ جي ڏسيل راهه تي هلڻ جو تاڪيد ڪيو آهي. هن مٿئين بيت ۾ ”پڙهڻ“  تي زور ڏنل آهي. حقيقتن کي مڃيندي شاهه صاحب فرمائي ٿو ته ڌڻيءَ جي طرفان جيڪي ڪم رکيل آهن سي پورا ڪرڻ لازمي آهن، پر پوءِ به پاڻ کي هِيڻو ۽ ڪمزور سمجهي پنهنجي مالڪ کي راضي ڪرڻ لاءِ ان جا ڏَسيل سبق پڙهڻ ۽ سمجهڻ سان منزل ملندي ۽ ڀُلجَڻ کا بچي پَئبو.

پڙهڻ معنيٰ ڄاڻ حاصل ڪرڻ آهي، پڙهڻ سان ماڻهو پاڻ کي سڃاڻي ٿو، پڙهڻ سان ئي نئين راهه ملي ٿي ۽ ڪاميابيءَ طرف ويندڙ گس ڳولي لهي ٿو. پڙهڻ سان ئي ماڻهو پنهنجو ڪردار جوڙي ٿو ۽ پاڻ کي ڪاميابيءَ ڏانهن موڙي ٿو ۽ سرخرو ٿئي ٿو. اِن بيت مان اسان کي سبق ملي ٿو ته پڙهڻ جي ڪيڏي وڏي اهميت آهي، پڙهڻ سان ئي ماڻهو پروڙي ٿو، پرکي ٿو ۽ پنهنجو پاڻ کي بهتر ۽ سٺو ڪري هن جهان ۾ پيش ڪري ٿو ۽ پوءِ يقينن هُو ڪامياب ٿئي ٿو. توبَهَه سَندِي تسبِيح، پَڙَهڻ ساڻ پُڄاءِ،-- توبَهَه معنيٰ ته پنهنجي زندگيءَ جي ماضيءَ تي تنقيدي نظر وجهڻ ۽ پنهنجو خود تنقيدي جائزو وٺڻ آهي ۽ ڪيل غلطين تي پڇتاءُ ڪري پاڻ ۾ سڌارو آڻ ته ايندڙ وقت ۾ ڪاميابي ملئِي ۽ جَڳَ ۾ مانُ، مرتبو ۽ عزت ۾ اضافو ٿيئِي. پنهنجو خود جائزو وٺڻ به ته پاڻ کي پڙهڻ آهي، سمجهڻ آهي ۽ ان جو نتيجو يقينن سڌارو ۽ ڪاميابي آهي.

2.سُر يمن ڪلياڻ:

هيءُ ٻيو نمبر  سُر يمن ڪلياڻ آهي، هن جي اصطلاحي معنيٰ آهي ته؛ من يا دل جي خواهشن کي روڪڻ يا ضابطي ۾ رکڻ، هيءُ شاهه صاحب جو سڄو سر اعليٰ معيار ۽ فلسفِي گهرائپ جو هڪ اعليٰ نمونو آهي. هن سُرَ ۾ فنا في الله ٿيڻ آهي. يا پنهنجي رب کي دوست بنائڻ آهي. هن ۾ حقيقي عشق ۽ تصوف جا ڪئِي راز ۽ رمزون ڏاڍي عُمدي نموني سان  سمجهايل ۽ سُلجهايل آهن. هن سُر ۾ ماڻهوءَ کي پاڻ  روڪي هڪ ضبط ۽ نظم ۾ هلائڻو آهي.

هن سُر ۾ شاهه صاحب جيڪي تشبيهون ۽ تمثيلون بيان ڪيون آهن. سي ان وقت جي سماجي حالتن، ريتن، رسمن ۽ ان وقت ۾ مُروج ڌنڌن ۽ ڪاروبار ۾ استعمال ٿيندڙ لفظ، اصطلاح ۽ محاورا (Terminologies ) استعمال ڪيا آهن ۽ انهن ڪمن/ ڌنڌن/ هنرن ۾ استعمال ٿيندڙ اوزارن جي حوالي سان لفظ ڏنا ويا آهن- هن سُر ۾ لکڻ، پڙهڻ ۽ ڪتابن جو ذڪر ٻين سُرن کان وڌيڪ ڪيو ويو آهي، ان مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته ٻڌايل يا بيان ڪيل ڳالهه يا قصي/ ڪهاڻيءَ کان وڌيڪ لکيل ڳالهه اهم ۽ پائدار آهي. لکت گهڻي دير تائين محفوظ رهي ٿي ۽ لکتن مان ماضيءَ جي خبر پوي ٿي، معلومات ملي ٿي ۽ اها معلومات اثر ڇڏيندڙ ۽ طاقتور ٿيندي آهي. هنن بيتن ۾ ”پڙهڻ، لکڻ، ڪاتب، ورق، الف، اکر، سبق، مطالع، سِٽ، تعليم، ڦرهِي، پَنو، فِڪر، پُڇڻ، مَسُ ۽  ڪاڳرُ“ وغيره جهڙا لفظ استعمال ڪيل آهن.

ايڪُ پيالو، ٻه ڄڻا، عشق نه ڪري ايئن،

ليکيا جي لِکَڻَ ۾، سي قرب رسندا ڪيئن،

 

هئڻ ڪيا هيئن، وانجئا پس وصالَ کي.

لَکَڻ= گڻ، لڇڻ، صحيح ڪرڻ

لِکَڻَ= حساب، ڳاڻيٽو، داخلا رکڻ

 

’ليکيا جي لِکَڻَ ۾، سي قرب رسندا ڪيئن،‘ جيڪي حساب ۾ نه آيا/ ڳاڻيٽي ۾ نه آيا/ نصيب ۾ ئي نه هئا، سي ڪيئن منزل تي پهچندا، سي ڪيئن مقصد ماڻيندا ۽ پاڻ حاصل ڪندا. نالو لکڻ معنيٰ ته نشانبر ٿيو، ظاهر ٿيو، ڪنهن خاص ڪم لاءِ چونڊيو ويو ۽ ان چونڊ واري قطار ۾ هن جو نالو پهرين نمبر تي آهي ته سڀ کان پهرين پڇا به هن کان ٿيندي، پر جي ان قطار ۾ هن جو نالو ڪونه آهي ته پوءِ پُڇا ڇا جي؟

صوفي صاف ڪيو، ڌوئي وَرَقُ وجود جو،

 تنها پوءِ ٿيو، جيئري پَسڻُ پرين جو.

ورق= پنو، ڪاڳر، ڪتاب جو پنو، وجود جو هڪ حصو

 

ڪائنات سان گڏ انسان جو وجود به هڪ ڪتاب آهي، تنهنڪري صوفي پنهنجي ’اندر جي ورق‘ کي ڌوئي ۽ دل کي، نيت کي ۽ پنهنجي سوچ يا ارادي کي درست، چٽو ۽ صاف رکڻ لاءِ چوي ٿو. معنيٰ ته نيت صاف ۽ سٺي هجي، اندر ۾ ٻيائي نه هئڻ گهرجي هر ڪنهن لاءِ خير ۽ سلامتي، سک ۽ امن جي خواهش هئڻ گهرجي. پنهنجو خود تنقيدي جائزو وٺِي ڪري پاڻ کي ۽ پنهنجي ڪردار کي صاف ۽ چٽو رکجي ۽ علم ۽ ڄاڻ جي پختگي به لازمي آهي ته پوءِ جيئري ئي منزل مقصود حاصل ٿئي ٿي. علم جي پختگي ۽ ڪردار جي مضبوطي ان کي ڪٿي به نه ٿي منجهائي.

ظاهر ۾ زاني، فڪر منجهه فنا ٿيا،

حرف حقاني، دَورُ ڪيائون دل ۾

 

تعليم= ڄاڻڻ، حقيقت معلوم ڪرڻ، علم يا ڄاڻ

دَورُ= سبق جي ٻيهر پڙهڻي، گردش، وقت جو ڦيرو، ورجائڻ

حرف= اکر، سچ، حق

 

ظاهر ۾ هُو بدڪار آهن، پر عقل ۽ ڏاهپ ۾ سڀ کان اڳرا  آهن. بلڪِ هُو ان هستيءَ جي ڏنل علم ۾ سمائجي چڪا  آهن،  تن کي اها تعليم ئي اهڙي مليل آهي، جا اندر ۾ تڙپ پيدا ڪري ٿي، ۽ حقيقت جي ڳولا  لاءِ جدوجهد طرف مائل ڪري ٿي. ۽ حرف حق جو جنهن دل جا سڀ وهم ۽ گمان ڪڍي  دور ڪيا  آهن. اهو هُو بار بار ورجائين ٿا پيا- مطلب ته سچ جو علم ئي اوهان کي ڪاميابيءَ طرف وٺي ويندو، ڀلي سماج جي ماڻهن جي آڏو ڇا به هجو. حق جي ڳالهه جو ورجاءُ، دورُ ڪندا رهو، ايسين تائين جيسين تائين ڪاميابي حاصل نه ٿي ٿئي.

جن کي دور درد جو، سبق سور پڙهن،

فڪر ڦرهي هٿ ۾، ماٺ مطالعو ڪن،

پنو سو پڙهن، جنهن ۾ پسنِ پرينءَ کي.

سُور پڙهڻ= پنهنجي ڏوهن، غلطين تي ويچار ڪرڻ، غور ڪرڻ

فڪر= نظريو، سوچ، خيال

ماٺ مطالعو= پڙهڻ، پڙهڻ جو هڪ طريقو، خاموش پڙهڻي، خاموشيءَ ۾ ڪنهن نظريي يا خيال تي غور ڪرڻ، سوچڻ، پنهنجو پاڻ پڙهڻ، پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائڻ، جن کي اندر جي احساس جو درد هجي، ماڻهن جا سور ڏسن ۽ انهن کي سمجهن پڻ، ته پوءِ ماٺ ۾ ئي رهي ڪري فڪر ۽ صبر ڪن، پر پوءِ به انهيءَ درد کان نجات لاءِ ماڻهن کي ڏَسَ ڏين، ۽ پنهنجي پرينءَ (منزل) کي ماڻڻ جي پرچار يا ذڪر ڪن. اهو درد جو علم، احساس جو علم پڙهن ۽ ان مليل فڪر تي عمل ڪن تڏهن ئي وڃي حقيقي پِرينءَ سان ٿا ملن ۽ منزل ماڻين ٿا.

  •  ســــــا ســــــٽ ساريائون، الف جنهن جي اڳ ۾،

  • لا مقصود فــــــي الدارينِ، اِنَ پــــــر اُتائون،

  • سَڳَرُ سوٺائون، ٿيا رسيلا رحمــــــانَ سين.

  • سا ســــــٽ نه سارين، الف جنهن جــــــي اڳ ۾،

  • ناحق نهارين، پنا ٻيا پريــــــنءَ لئي.

  • ناحق نهارين، پنا ٻيا پريــــــنءَ لئي.

سا سِٽ=  انهن اکرن جي قطار

اها سٽ، اکرن جي قطار کي جاچيائون، ڏٺائون، پڙهيائون ۽ پڻ سمجهيائون ته جنهن جي اڳيان ’الف‘ هو، تنهن کي سمجهي ورتائون ته اسان جي پنهنجي مالڪ جي نالي جو هيءُ پهريون اکر آهي ۽ جڏهن هنن پنهنجي مقصد جو اکر ’الف‘  (مالڪ) کي ڳولي لڌو، جنهن ۾ هنن جون سڀ اميدون، ۽  آسرا هئا، ته پوءِ ان ”الف“ جي ئي هونگار ۽ جهونگار ڪندا رهيا. هن بيت جي پڙهڻ سان اها خبر پوي ٿي ته هڪ هڪ اکر يا نُڪتي جي به اهميت آهي ۽ اهي اکر يا نُڪتا (نشانيون) اسان کي حقيقت جي معنيٰ ۽ منزل تائين رسائين ٿا.

اکر پڙهي اڀاڳئا، قاضي ٿيئن ڪِئاءُ ؟

ڀيريين ۽ ڀائين، ايڏا، ائين نه آءُ،

اِنَ سُرڪيءَ سندو ساءُ، پڇج عزازيل کي.

 

اَکَر= علم، ڄاڻ

اَڀاڳئا= اي نڀاڳا

قاضي= منصف، انصاف ڏياريندڙ، پاڙهيندڙ

ڪِئاءُ= ڪٿان

ڀيريين= ڦيراٽيون، ڀيرا ڏيڻ، ڦيرا ڏيڻ

ايڏا= هيڏانهن

سُرڪي= ڍُڪُ

ساءُ= مزو، ذائقو، لذت

اڌ پڙهيل تون نڀاڳو آهين، ڪيئن منصفُ ٿِي ويٺو آهين؟ ۽ پوءِ به ويٺو هيرا ڦيريون ڪرين ۽ ماڻهن کي پيو منجهائين ۽ وري مٿان پيو ٻڌائين ته مان ڪو اُتُمُ ۽ اعليٰ آهيان! پاڻ پرست نه ٿي. اڙي! هُن عزازيل کان پُڇ ته عشق جي هڪ ذري  جو ڪيڏو نه مزو آهي. اهي ڪتاب ۽ اهي اکر جيڪي تو پڙهيا آهن سي سڀ ڪجهه به ته نه آهن پوءِ تون ڪيئن پاڻ کي منصف ٿو سڏائين!؟ تو ته پڙهيو ڪجهه به ڪونه آهي، پڙهڻ ۽ ان کي وري پُرجهڻ ته اڃا پري جي منزل آهي، تو ته اڃا پورو پڙهيو به ڪونه آهين.

  • وِسريو مِ سَبَقُ، پهرين سِٽَ نه سنڀران،

  • اڃا هِيءُ ورق، هَئي مُطالِعُ نه ٿيو!

  • مُطالِعُ= پڙهڻ، وري پڙهڻ، پڙهندورهڻ

  • ڪيو مطالع مون، هو جو ورق وصالَ جو،

  • تنهن ۾ تون هين تُون، ٻي لات نه لحظي جيتري

وصال= ملڻ، ملاقات ڪرڻ

لات= ذڪر، ياد، ڳالهه پَچارڻ، ٻولي

لحظي= ذرڙو، تمام ٿورڙو، رتي

اسان جڏهن ڪوبه ڪتاب پڙهندا آهيون ته ڄڻ ان جي لکندڙ(خالق) سان ملاقات ڪري رهيا آهيون ۽ هن سان ڄڻ گفتگو يا ڪچهري ڪري رهيا هجون. سو هن ۾ به اِها ڳالهه چيل آهي ته جيڪو مون پڙهيو، تنهن ۾ ته، توسان  ملڻ جي ڳالهه هئي، تو وٽ پهچڻ جي ڳالهه هئي ۽ جيئن مون پڙهيو پئي ته مون کي تون ئي تون ٿي نظر آئين، تنهنجو ئي ذڪر هو، تو تائين پهچڻ جو ڏس پتو ٻڌايل هو، جنهن تي مان هلي رهيو آهيان توسان ملڻ لاءِ، ڇو ته تون ئِي منهنجِي مُون آهين. نه ته مان تو سِواءِ ڪجهه به ته نه آهيان.

جو مون پڙهيو پاڻ لئي، سَبَقُ سابِقُ جو،

پهرين سُڃاتُم پانهنجي، نفس جو نِهو،

جت عرفان اصل ۾، ٿي روحن بروزُ ڪيو،

 

وَرِي وَرَقُ پِيو، گڏيم وَڍُ وصال جو.

سابق= اڳيون، پهريون،

پهرين= اول، اڳ ۾

عرفان= معرفت، سڃاڻپ، ساڃانهه

وَڍُ-- =وڇوڙو، ڦَٽَ، وٿي، الڳ ٿيڻ، جدا ٿيڻ، اندر جو درد

وصال= ملڻ، ملاقات

جو تو پاڻ پڙهايو ۽ جيڪو مون پاڻ پڙهيو يا ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ پڙهيو هو، ان سبق جي ڄاڻ ئي ڪم آئي جو پنهنجو پاڻ کي ڄاتم، سڃاتم ۽ ڏٺم، ڄڻ پنهنجو پاڻ سان ملاقات ڪيم. جا جدائي ٿي هئي سا وري پنو پڙهڻ سان ختم ٿي ۽ روحن جو پاڻ ۾ ميلاپ ٿيو. جو وڍُ پيو هو، جو وڇوڙو ٿيو هو، سو ختم ٿيو.

 اَکَرَ ڇُتي هيڪَڙي، ٻهُون جي نه ٻجهنِ،

ڪوهه ڪِبو کي تَنِ، سڄي سڻائي  ڳالهڙي.

ڇُتي= ڇُهڻ سان، پڙهڻ سان، ڏسڻ سان،

سمجهڻ سان

ٻَهُون= ٻيُون، وڌيڪ، گهڻو

ٻُجهن= نه سمجهڻ، ڳالهه ٻڌڻ کان پوءِ به نه سمجهن

 

مطلب ته اکر اکر ڪري ڳالهه ٻڌائڻ کان پوءِ به نه سمجهن تن کي سڄي ڳالهه يا قصو ٻڌائي ڇا ڪبو، جيڪي سمجهن ئي ڪونه ٿا. اصل ڳالهه احساس جي هوندي آهي، احساس ئي ماڻهوءَ ۾ انسانيت جا گڻ پيدا ڪندو آهي. احساس ئي هڪ ٻئي کي سمجهڻ جو ماحول پيدا ڪندو آهي.

پڙهيو ٿا پڙهن، ڪڙهن ڪين قلوبَ ۾،

پاڻان ڏوهه چڙهن، جي ورق ورائنِ وِتَرا.

ڪڙهڻ= سمجهڻ، دل سان هنڊائڻ. پُرجهڻ،

اصل حقيقت کي سڃاڻڻ

قلوب= دل، من، انسان جو اندر

ورق ورائن وترا = رڳو پيا پنا اٿلائن، سمجهن ڪونه ويتر وڌيڪ پيا پنا اٿلائين

هيءُ اهي عاشق آهن، جيڪي رڳو زبان سان پڙهن ٿا، پر ان کي هينئين سان هنڊائڻ يا دل سان ان کي سمجهڻ اچي ئي ڪونه. دل جيڪا انسان جي جسم جو مرڪز آهي ۽ ان مان ئي احساس ڦُٽن ٿا سو دل جي سچي لڳاءُ سان جو به ڪم ڪبو سو پائيدار نتيجو ڏيندو. ڪنهن فڪر يا نظريي کي سمجهڻ، پرجهڻ، پروڙڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ ئي اصل حاصلات ٿئي ٿي.

پڙهيو پڙهيجاهُ، سبقُ اِنهين سور جو،

ميم رکجاهه من ۾، الف تنهن اڳياههُ،

چتان چوريجاهه، اِها لات لطيف چي.

پڙهيجاهه= پيو پڙهندو رهه، گهڻو پڙهجو،

پڙهندو رهُه

الف= پالڻهار جي نالي جو پهريون اکر، الف

بي جي پٽيءَ جو پهريون اکر

ميم= نبي سڳوري جي نالي جو پهريون

اکر، الف بي جي پٽيءَ جو ڇائيتاليهون اکر

الف معنيٰ خالق جنهن هيءَ ڪائنات خلقي، هيءَ ڌرتي خلقي ۽ ڌرتيءَ تي رهندڙ قومون انهن جون ٻوليون ۽ انهن جي رهڻ جو رنگ ڍنگ مختلف ڪيو ته جيئن هُو هڪ ٻئي کي سڃاڻي سگهن، ۽ هڪ ٻئي جو قدر ڪن، احساس رکن ۽ قدرت جي طرفان جيڪا اُنهن کي شناخت ملي آهي، انهيءَ کي قائم دائم رکن. ميم معنيٰ ته رهبر، اهو رهبر جيڪو خالق جي طرفان موڪليو ويو آهي. جنهن وٽ هڪ آفاقي نظريو آهي، جيڪو عالمِ انسانيت جي ڇوٽڪاري ۽ هر قسم جي غلاميءَ  جي ڇوٽڪاري جو نظريو آهي. تنهن کي پڙهه ۽ خالق ۽ ان جي موڪليل رهبر کي مَنَ ۾ سمائي ڇڏ! ته ڪاميابي ٿيندي.

اکر پڙهه الف جو، ورق سڀ وسار،

اندر تــــــون اُجار، پنا پڙهندين ڪيترا.

 

اکر پڙهه الف جو= هڪ الف ۾ ئي ڪُل ڪائنات سمايل آهي، ان تي غور ڪر ۽ ان کي ئِي سمجهه، فڪر ڪر ڪائنات جي رازن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪر، ته توکي ان ۾ ڪئي راز سمايل نظر ايندا.

ورق سڀ وسار= ڪتابن جا صفحا يا پنا جيڪي تو اجايا پڙهيا آهن، جن مان ڪوبه نتيجو ڪونه ٿو نڪري اُهي سڀ وساري ڇڏ، بس هڪ الف (رستو) وٺ جيڪو توکي ڪاميابيءَ ڏانهن وٺي وڃي ٿو.

اندر تون اُجار= پنهنجا خيال، ارادا، سوچ ۽ نيت کي صاف رک، ته نتيجو بهتر ملندو نه ته تون ڇا به پڙهندين ۽ ڪيترو به پڙهندين اُن پڙهڻ ما ڪجهه به ڪونه ورندو.- ها! تون پنهنجي اندر کي پڙهه ۽ پاڻ تي فڪر ڪر ته ڪا ڳالهه سمجهه ۾ اچئي.

جيئن جيئن ورق ورائين، تيئن تيئن ڏٺو ڏوههُ،

تنهن ڪهڻيءَ ڪبو ڪوهه، جي رهڻيءَ رهيو نه سُپرين.

 

ڪهڻي= چوڻ، ڳالهائڻ، اقرار ڪرڻ، قول،

زبان سان ڳالهائڻ

ڪوهه= ڇا، ڪُڄاڙو

رهڻي= رهڻ، عمل ڪرڻ، پابند رهڻ، قائم رهڻ

جيئن پاڻ کي پڙهندي يا سمجهندي تيئن پاڻ ۾ وڏا عيب ۽ خاميون پسندي. ڇا ڪاڻ ته تو زندگيءَ جو جيڪو طريقو اختيار ڪيو آهي سو ته ٺلهو آهي خالي آهي، رڳو ان ۾ ڏيکاءُ آهي، پاڻ پڏائڻ آهي.  جيڪڏهن ايئن پنهنجي زندگي گذاريئي ته پوءِ تو وٽ ڪير ويهندو، ڪير ايندو، ڪير تنهنجو ٿيندو. محبوب جي ته ڳالهه پري ٿي!؟ پر عام ماڻهو به تو وٽ ڪونه ايندو. تنهنڪري پاڻ کي سمجهه ۽ پنهنجا عيب ڪَڍُ، پاڻ کي درست ڪر، پاڻ کي فڪري، علمي ۽ عملي طور ثابت ڪري ڏيکار، خالي ڏيکاءُ ۽ بناوٽِي نه ٿي.

  • ڪاتبَ لکين جيئن، لايو لامُ الف سين،

 اسان سَڄَڻُ تيئن، رهيو آهي رُوح ۾.

ڪاتب= لکڻ وارو، لکندڙ، سٺا اکر لکندڙ،

تقدير لکندڙ

لايو لامُ الف سين= ’ل‘ کي اکرن ۾ لکبو ته ’لامُ‘ جو آواز ٺهندو، لام سان الف ملائڻ جو مطلب اهو ٿيو ته جيئن ’لا‘ سان الف مليل آهي، تيئن اسان سان سڄڻ به ايئن مليل آهي.

  • ڪو ٿو ڪاڳرَ ڪوريين، ويٺو وڃايين مَسُ،

ڏور تِئا ئين ڏَسُ، اکرَ جئا ئين جُڙيا.

ڪو= ڇو

ڪاڳر= پنو، ڪاغذ

ڪوريين= ڦاڙين، چيرين، ڦاڙي پٽيون ڪرڻ، ڦاڙي ليڙون ليڙون ڪرڻ، ڇني ڌار ڪرڻ، نون پنن تي اجايو ليڪا ڪڍڻ يا اجايو لکڻ (اهڙو لکڻ جنهن مان ڪنهن کي فائدو ئي نه پهچي، تنهن کان بهتر آ ته اجايو مس ۽ ڪاڳر زيانُ نه ڪجن)

ڏور= ڳولڻ، جدوجهد ڪرڻ، کوجنا

ڪرڻ، تحقيق ڪرڻ

اکر جئائين جڙيا= جتان اکر جڙيا، ٺهيا، پيدا ٿيا، جَنميان

هن بيت ۾ ڳولا ڪرڻ يا تحقيق تي زور ڏنل آهي. هيءُ علم ڪيئن پيدا ٿيو ۽ ڪيئن هن انسان کي جهالت واري اونداهيءَ مان ڪڍي ڄاڻ واريءَ روشنيءَ ۾ آندو. اڄ هيءَ جيڪا ترقي ڏسون ٿا سا سڀ علم جي ڪري آهي. علم ئِي اسان کي غلاميءَ مان ڪڍي آزاديءَ واري ماحول ۾ آڻي بيهاري ٿو. اها آزادي جيڪا فطرت آهي. انسان ازل کان آزاد رهيو آهي ۽ اهو ان جو فطري حق به آهي. الله سائينءَ انسان کي آزاد خلقيو آهي. ڪنهن ٻئي انسان جي ڪابه مٿاهين حيثيت ناهي، بلڪِ هر انسان برابر آهن. انهن انسانن جي علمي ۽ عملي سگهه ئي انهن کي منفرد بنائي ٿي.

تهڙا چاليها نه چاليههَ، جهڙو پسڻُ پرينءَ جو،

ڪهڙي ڪاتِبَ! تون ڪريين، مٿي پَنَنِ پِيههَ،

جي ورقَ وراين وِيههَ، ته اکرُ اُهوئي هيڪڙو.

چاليها= چاليهه ڏينهنِ جو هڪ چلو ڪاٽڻ ، چاليهنِ ڏينهنِ جو ڪورس ڪرڻ، چاليهن ڏينهن جو مدو رکي ڪنهن جو انتظار ڪرڻ يا ڪا تياري ڪرڻ.

مٿي پنن پيهه= پنن ۾ مُنهن وجهي

پڙهڻ، پنن مٿان ڳاهٽ ڪري بيهڻ

ورق ورائين ويهه= ويهه پنا اٿلائڻ

اڳ ۾ ڳڻپ جو طريقو اهو هوندو هو ته؛ ويهن ويهن کي ڌار ڪري ڳڻبو هو ۽ ان کي ’ويهون‘ ڪري چوندا هئا)

هن بيت ۾ شاعر سڳورو چئي ٿو ته  ڪيترا به ڪورس ڪرين يا چلا ڪاٽين يا ڪتابن مٿان چڙهي ڪري پڙهن، پر جو ڪاتب لکيو آهي، جا هن واٽ ڏسي آهي، اها يقينن انهن ڪتابن مان ئي ملندي، پر انهن کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ جي اک ڌارڻي پوندي ۽ ان جي گهرائپ ۾ وڃڻوپوندو. تڏهن ئي منزل ملندي، جڏهن تون لوچيندي يا کوجنا= ڳولا لاءِ نڪري پوندين.

  • هــــــارائــــــج هِنئييــــــن ۾، الــــــفَ سنــــــدي اوڙَ،

     ته ڪتابن جي ڪوڙَ، منجهان ئي معلومُ ٿِئي

هنئيين= دل، جگر

اوڙ= ليڪ، سنهي لڪير، سنهڙي واٽ

ڪوڙَ= ڪروڙين، ڪتابن جي ’ويهن جي تعداد‘ کي ڪوڙِي چئبو آهي، ويهون ان جو جمع آهي. ڪتابن جون وِيهُون پڙهڻ ۽ سمجهڻ سان ئي معلوم ٿئي.

  • ڪوڙيين ڪتابن ۾، حرف مڙوئي هيڪُ

جي تو نظر نيڪ، ته بسم الله ئي بس ٿئي.

ڪوڙيين= ڪروڙين، ڪَئِي وِيهون، ڪئي ڍِڳ ڪتابن جا.

حرف= اکر، لفظ جو ننڍو جُزُ، نشان

نظر نيڪ= سٺي سوچ، سٺي نيت، پهرين

نگاهه سان انسان ۾ جيڪا سٺي سوچ پيدا ٿئي ٿي.

مٿين ٻن بيتن ۾ ڪتابن جي اکرن ۾ به ڏَس ڏنا ويا آهن ته؛ صرف پڙهڻ سان منزل ڪانه ملندي، پر صاف نيت، ارادي جي پختگي ۽ اجتماعي سوچ ئي مقصد کي حاصل ڪرڻ ۾ مددگار ٿيندي. پوءِ  ئي هُو پنهنجي نيڪ نامي ۽ وطن جي خوشحالي ڏسي سگهندو، پنهنجي پرينءَ کي حاصل ڪري سگهندو.

3. سُر سريراڳ:

هيءُ شاهه صاحب جي ٽي سال سفر وارو سُر آهي. جنهن ۾ شاهه لطيف صاحب پورا  ٽي سال پنهنجو ڳوٺ ڇڏي سنڌ وطن جو مطالعو ۽ مشاهدو ماڻيو، سمنڊ سيويو، مسافري ڪئي، جوڳين جي جاٽ سان هنگلاج جي تيرٿ ڪري، گرنار ڏي ويندي ڪلاچيءَ جي ڀر ۽ لاڙ واري ڀاڱي جو سير ڪيو. هُن اِن سفر دوران جيڪي ڪجهه ڏٺو، سمجهيو ۽ محسوس ڪيو، ان سڄي ٽن سالن جي سفر جو نِچوڙ بيان ڪيو آهي. هن سُر کي پڙهڻ سان اسان کي جتي روحانيت جو ساءُ ملندو، ته اتي سماجي حقيقت ۽ ان جي اڻبرابري به نظر ايندي، ته اتي اسان جي ضاعفائن جي معصوميت ۽ انهن جي سچائي، وفاداري ملندي.  هن سُر ۾ ماڻهن جا وڻج واپار ۽ انهن جا ڌنڌا، هنر ۽ ڪم ڪار به ملندا. هن سُر ۾ عام ۽ لالچي ماڻهن جو ٻهروپ نظر ايندو ۽ ڪوڙ، دوکو، دولاب ۽ انهن جي مڪاري نظر ايندي ته اتي سفيد ۽ نيڪ لُبادي ۾ شيطان نظر ايندو، مطلب ته سماج جي چٽي صورت نظر ايندي.

وائي: (هن سُر جي پهرين وائي آهي، جنهن جو بند نمبر 4 آهي)

ڪوڙيين ڀال ڪريم جا.

دوســت رکــي دل ۾، پــڙهه لالـنُ لِـسـانـا،

ڪوڙيين ڀال ڪريم جا.

 

سهسين= سَوين

لِسانا= زبان سان

وائي= آهَه، رَڙ، دانهن، سَڏُ، آواز

شاهه جي رسالي ۾ ٻن صنفن ۾ شاعري ڪيل آهي،  جنهن ۾ هڪ بيت ۽ ٻيو وائي آهي. بيت هڪ ڪلاسيڪل صنف آهي جيڪو عمومن يا خاص طور ٻه سٽا، ٽه سٽا يا انهن کان وڌيڪ سٽن جا به لکيا ويندا آهن. وائيءَ  معنيٰ ته سڏ، دانهن يا ڪنهن جي فراق ۽ وڇوڙي ۾ ڪيل شاعريءَ جي هڪ صنف آهي. وائيءَ کي ڪافي پڻ چئبو آهي، وائي صنف جو شاهه سائين موجد آهي ۽ رسالي جي هر سُر جي داستان، جي آخر ۾ هڪ يا هڪ کان وڌيڪ وايون (وائي)   ڏنل آهن. مٿي ڏنل وائيءَ جون صرف اُهي سِٽون ڏنيون ويون آهن جن ۾ پڙهڻ جو ذڪر آيل آهي، هيءَ مڪمل وائي شاهه جي رسالي ۾ ڏسي سگهجي ٿي.

  • وائي:  (هي هن سُر جي چوٿين وائي آهي، جنهن جو بند نمبر 11 آهي)

ساٿِيَنِ نَنڌا بار، وو! تَنِ پانڌَينِ نَنڌا بار،

توکي آرَسُ اَکڙِيُنِ ۾.

ڪُل نَفسِ ذائقَه المَوتِ، پَڙهو اِيءَ پَچار،

توکي آرَسُ اَکڙِيُنِ ۾.

نَنڌا بار= بار ٻڌا، هنڌ بسترا ويڙهيا، پنهنجا بار کنيا

بار= وزن، وزنائتا سامان، هنڌ بسترو، ذميواريون

آرس= سستي، ڪاهلي، ننڊ مان اٿڻ کان پوءِ آرس ڀڃبو آهي، نڀاڳ

پچار= ذڪر، ياد، ڳالهيون

ڪُل نَفسِ ذائقَه المَوتِ= هر شيءِ کي موت جو مزو چکڻو آهي، هر شيءِ کي پنهنجو نتيجو ملڻو آهي ۽ هُو فنا تائين پهچڻي آهي

وائي:   (هن سُر جي پنجين  وائي آهي، جنهن جو بند نمبر پهريون ۽ آخري آهي)

عمرِ سَڀ عَبَثَ ويلَ وڃايَمِ، وَقتَ وڃايَمِ پانهنجا،

 ويلَ وڃايَمِ، وَقتَ وڃايَمِ پانهنجا

ويٺي لِکيو لوڙيان، جيڪِين ڪِيڙو مَسُ،

ويلَ وڃايَمِ، وَقتَ وڃايَمِ پانهنجا.

قَلبُ جو ڪارو ٿِيو، ڪاتِبَ لاهِين ڪَسُ!

عبث= اجايو، بغير نتيجي

ويلَ= وقت، وقت جي گهڙي، وقت جو هڪ حصو

لکيو= قسمت، نصيب، لکيل تقدير

قلب= دل، اندر، من، هينيانءُ

ڪاتب= قسمت لکندڙ، لکندڙ(خدا)

ڪَسُ= ڪَٽُ، ميراڻ، ميراڻ جا تهه، زنگ

4.سُر سهڻي:

هيءُ سُر سهڻي ۽ ميهار جي حقيقي عشق جي آکاڻيءَ کي بڻياد بنائي شاهه صاحب وڏي تمثيل ۾ ڳالهايو آهي ۽ اسان کي شاعريءَ جي معرفت مڪمل فلسفِي انداز ۾  سمجهايو آهي. اسان جي سماج ۾ ڪي اڻ لکيل قاعدا قانون هوندا آهن ته ڪي وري لکيل قانون هوندا آهن، مطلب ته زباني ڳالهين، محفلن، جلسن يا ڪچهرين ۾ ڪجهه ڳالهيون، وعدا، قول، اقرار يا ڪي اصول طئي ڪيا ويندا آهن، جيڪي لکبا نه آهن ته ڪي وري لکبا آهن. وري فطرت جي طرفان جيڪي ڪجهه به دنيا ۾ يا انسان سان ان جي زندگيءَ ۾ ٿيندو آهي ته ان کي انسان اهو سمجهي ۽ چئي ٽاري ڇڏيندو آهي ته اهو سڀ ڪجهه تقدير جو لکيو آهي، جيڪو منهنجي رب منهنجي لاءِ لکيو آهي، اهو ئي ٿيندو. ها! سو هن سُر ۾ به لکڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو ويو آهي. معنيٰ ته لکت جي وڏي خاص اهميت آهي جيڪا شاهه صاحب محسوس ڪري ٿو ۽ اڻ-لکت، چيل يا ڳالهايل ڳالهين جي ثانوي اهميت آهي. شاهه صاحب هيٺين بيتن ۾ اهڙين لکتن جو ذڪر ڪيو آهي.

  • ساهڙ جا سينگار، اَڻَ-لکيا اڳي هئا،

نه ڪا ڪن فيڪونُ هئي نه ڪا ٻي پچار،

مَلَڪَنِئان مهد هُئي، تو ڏيءَ جي تنوار،

محبت ساڻ ميهارَ، لايائين لطيف چي.

ساهڙ= ميهار جو نالو، منزل، مقصد

اَڻَ لکيا= لکيل نه هئا، ٻڌايل، ڳالهايل

مَلَڪَنِئان= فرشتن کان (به اڳ)

مهد= اڳي، اڳ ۾، ازل کان

تو ڏيءَ جي تنوار= تنهنجي ذات جو ذڪر، تنهنجو ئي ذڪر هو.

تنهنجي ذات ۾ فنا ٿي وڃڻ ئي منهنجي منزل آهي. اهو هڪ اڻ-لکيل قانون اڳ ئي جڙيل آهي، جڏهن تنهنجي طرفان هن ڪائنات جو ڪو به آثار ئِي نه هو، تڏهن به تنهجِي تنوار يا ذڪر هو. تون ان وقت به هُئين، اڄ به آهين ۽ سڀاڻ به هوندين! ۽ تڏهن کان مان تُنهنجي ئِي ته ذات ۾ هُئس ۽ تون ئِي منهنجو مالڪ، محبوب ۽ منزل آهين.

  • سهڻيءَ کي سينگارَ، اڻ لکيا اڳي هئا،

ڪُن فَيَڪُونُ ڪانَه هُئِي، نَه ڪا ٻِي پَچارَ،

مَرَڪِي ساڻُ ميهارَ، لايا ئين لَنءُ لَطِيفُ چي.

لَنءُ= لائون، ڳڍڻ، ناتو جوڙڻ

لايائين= جوڙيائين، ڳنڍيائين

سُهڻيءَ جي سونهن ازل کان هئي فطري هئي. ڄڻ هوءَ سراسر نور جي ٺهيل هئي. جڏهن ڪجهه به نه هو ۽ ڪنهنجي به ڪا پچار يا ذڪر نه هو، تڏهن هن جو ميهار سان ناتو جڙيل هو. اهو ڪو لکيو ڪونه هو،

پر اڻ- لکيو يعني فطري، ازلي ناتوهو.

  •   آئون ڪِ نه ڄاڻان ائين، ته جَـرَ گهڙي   جوکو   ٿئي،

  • قضا جا ڪريم جي، تنهن کان ڪنڌ ڪڍبو ڪيئن؟

  • هِڪُ لِکئي،   ٻي   نينهن،    آڻي اوِلَيس    اولَ ۾.

لکئي= لکيل، طئي ڪيل

اوِليس= ڌِڪيَسِ، لُڙهندي آيس، ڌڪي وڌيس، شامل ڪَئي ويس

اَولَ= درياه جي ڪنڊ، جتي ڪک ڪانا اولجي يا ٽولجي (ڌڪجي) اچي گڏ ٿيندا آهن.

جيڪو طئي ٿيل هوندو آهي سو ضرور ٿيندو آهي. جيڪو لکجي ٿو وڃي اهو تاريخ جو حصو بڻجي ٿو وڃي.

نه ڪانيءَ نه ڪانهن، نڪو ڏوهه قلم جو،

انگُ اُتيئي لِکيو، جت نه رسي ٻانهَن،

ڪنهن کي ڏيان دانهن؟ قضا قلمُ وهائيو.

نه ڪانيءَ نه ڪانهن، نڪو ڏوهه قلم جو= قلم جيڪو ڪانهَن جي ڪاني جو ٺهيل هوندو آهي، تنهن جو ڪو به ڏوهه نه آهي، اصل ته لکڻ وارو ٻيو آهي.

انگُ= ناتو، رشتو، تعلق

ٻانهَن= وسُ، هيلو، پُهچ، اختيار

لکيو= لکيو، طئي ڪيو، جوڙيو

قضا قلم وهايو= تقدير ۾ قلم سان لکيو

  • تران لَئي طَعني، مٿي وَههَ واڪا ڪِيو،

آڻي    وِڌِيسِ،   آر   ۾، درياهه ديواني،

قلم جي ڪاني، آڻي   اوِليس   اول ۾.

وَههَ= وسُ

آر= وچ، تِک، سِير

مٿين بيتن ۾ قلم سان لکڻ واري ڪاتب جي اهميت کي اجاگر ڪيو ويو آهي. لکڻ جي پسمنظر ۾ جي وڃجي ته هيئن کڻي چئجي: لکڻ وارو راهه ڏسيندو، نظريو يا اهو علم، شعور ڏيندو آهي، جنهن سان ماڻهن کي ڪاميابي يا ڇوٽڪارو ملي، آزادي ملي، خوشحالي ملي، امن ۽ تحفظ ملي ۽ ان کان به وڌيڪ انهن جي الڳ ٿلڳ پنهنجي سڃاڻپ ۽ اهميت ملي. اهو لکڻ وارو يا راهه ڏسڻ وارو رهبر هوندو آهي. هُو ڪڏهن به اڪيلو بي يارو مددگار نه ڇڏيندو آهي). پر هن جي مدد ۽ سنڀال ڪندو رهندو آهي ۽ ساٿ ڏيندو رهندو آهي.

5:سُر سسئي آبري:

 سُر معذوري، سُر ديسي، ۽ سُر ڪوهياري: هنن چئني سُرن ۾ سسئي ۽ پنهونءَ جي حقيقي عشق جي آکاڻي آهي. هنن سُرن ۾ سسئيءَ جي جدوجهد جا انيڪ مثال بيان ڪيل آهن ۽ هر  سُر ۾ اهو ڏسيل آهي ته هن حق ۽ سچ جي ڊگهي ۽ مسلسل جدوجهد ۾ جيڪو پوئتي هٽندو سو کوٽو ۽ ڪانئر ليکبو.

سسئي آبري: سسئي معنيٰ چنڊ، آبري معنيٰ اَڀري، ڪمزور، ڏُٻري، هيڻي- هاڻ سُر جي معنيٰ ٿي ”اَڀرو چنڊ“ پر هن سُر ۾ سسئيءَ کي  اٽل ارادي ۽ مضبوط سوچ ۽ خيال کي عورت جي ڪردار جِي صورت ۾ پيش ڪيو ويو آهي. عورت جسماني طور ڪمزور ٿي سگهي ٿي، پر خيالن، ارادن، سوچ ۽ فڪر ۾ مردن کان گهٽ ڪين آهي، پر ڪٿي ته مضبوط ارادي ۽ اٽل سوچ جي ڪري مردن کان به اڳيان آهي. تنهنڪري لطيف سائين مرد ڪردارن کان وڌيڪ عورت ڪردار تي اعتماد ڪري ٿو ۽ انهن کي ڪامياب جدوجهد جي لاءِ هڪ لازمي ۽ لازوال جُزُ سمجهي ٿو.

وهم وِرساياسِ، پنهون آئون پاڻ هُئِي،

پاڻُ وڃايُم پانهنجو، پَئي پريان جي پاس،

رتي علم نه راس، ڌاران پسڻَ پرينءَ جي.

ورساياس= ڀُلاياس، ڀُلايس، وسارياس، گمراهه ڪيس

رتي= ذرو، ٿورڙو حصو

راس= مڪمل پورو

شڪ يا وهم اهي ڊپ جي ڪري پيدا ٿيندا آهن، ماڻهو جڏهن اڪيلو يا مايوس ٿيندو آهي، تڏهن هن کي هڪ اڻڄاتل خوف يا ڊپ ورائي ويندو آهي، پوءِ هيءُ هڪ وهم، گمان، شڪ ۽ بي يقينيءَ جي ٻُڏتر ۾ هوندو آهي. هت لطيف سائين سنڌي ضاعفائن کي همٿ، حوصلو ۽ پنهنجو ساٿ ڏيندي چئي ٿو ته؛ ڇو تون ٻڏتر جي شڪار ٿي آهين. تون همٿ ۽ اتساهُه آهين، تون ئي منزل آهين، تو ۾ ئي هن جهان جي ڪل قوت آهي. رڳو هڪ پير ته کڻ، اڳيان ته وڌ، پوءِ ڏس ڇا ٿو ٿئي. باقي ڪنهن به خوش فهميءَ يا غلط فهمي ۾ نه اچ، تنهنجي علم، ڄاڻ ۽ باخبر رهڻ سان ۽ تنهنجي اڳيان وڌڻ سان اها منزل حاصل ٿئي ٿي. جيڪا هن دنيا کي جرڪائي جنت مثل بڻائي ٿي.

ويو جاڳائي جَتُ، ويري ڪنهن ولات جو،

سندو سُورنِ خطُ، ڏنم هوت هٿن سين.

ولات= ڏورانهون ملڪ

خط= لکتِ، لکيل پنو

جاڳڻ ۽ جاڳائڻ معنيٰ شعوري طور يا عقل، ڏاهپ سان يا سائنسي سوچ رکي هن سماج ۾ رهڻ آهي. مطلب ته پاڻ به شعور رکي ۽ قوم کي، پنهنجي سڄڻن کي به شعور يا ڄاڻ ڏئي هوشيار ڪندو رهي. شعور ڇا آهي؟ منهنجي نظر ۾ شعور انسان جي هوش حواس، ڄاڻ، باخبر رهڻ، فطري ۽ غير فطري تبديلين جي خبرچار رکڻ  کي شعور چئبو آهي. شعور حاصل ڪرڻ جا ٻه طريقا آهن، هڪ ڪتاب پڙهي ڪري ۽ ٻيو ڏسي ۽ سمجهي ڪري، يا ائين چئجي ته هڪ مطالعي جي ذريعي ۽ ٻيو مشاهدي جي ذريعي، ماڻهو باخبر رهي سگهي ٿو.  هاڻ شعور اوهان جو ويري به آهي ته سڄڻ به آهي. توهان جي ڄاڻ توهان جي دشمن جا لاءِ قابل قبول يقينن نه هوندي تڏهن هُو توهان جو دشمن ٿي پوندو ۽ توهان جي ڄاڻ يا شعور توهان جي قوم کي دائمي فائدو ڏئي ٿو ته پوءِ اهو شعور اوهان لاءِ ۽ اوهان جي قوم لاءِ فائديمند  ٿي پيو. سو هن بيت ۾ جاڳائڻ (شعور) جو ذڪر ڪيل آهي ۽ جاڳڻ (شعور) جي ڏکن جو ذڪر ڪيل آهي

وائي:      نوٽ: سُر سسئي آبري؛

متفرڪات: وائي نمبر 4

ادا، ڙي! ڏوٿي! آئون پڇان تو ٿي،

 آئون اُنين مان آهيان، جي ٻانڀڻ پڙهن پوٿي،

آئون پڇان تو ٿي

ڏوٿي= اُٺ چارڻ يا پالڻ وارو، ڏٿ گڏ ڪرڻ وارو

ٻانڀڻ= مذهبي ڄاڻ رکندڙ

پوٿي= مذهبي ڪتاب

6.سُر معذوري:

معذور مان عذر لفظ نڪري ٿو جنهن جي معنيٰ لاچار،  بيمار، هيڻو يا ڪو بهانوآهي. هن سُر ۾ سسئيءَ جو ڪردار پنهنجي هيڻيائيءَ جي باوجود ارادي جي پُختگي سان، اصل مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ اٽل ۽ اڏول ٿي هلڻو يا اڳيان وڌڻو آهي. هزارين مشڪلاتن ۾ به اڳيان وڌڻ ۽ منزل تي رسڻ جي جستجو ڏسيل آهي. تقدير- مقدر- نصيب- قسمت اِهي سڀ قدرت جي طرفان هوندا آهن، پر ان جي باوجود ماڻهو پنهنجي مستقبل لاءِ پاڻ پتوڙيندو آهي ۽ جاکوڙ ڪندو آهي. لاڳاتار محنت، جدوجهد، ثابت قدمي ۽ ارادي جي پختگي، ان منزل تي پهچائي ٿي، پوءِ ڀلي ان راهه ۾ ڪيتريون به مشڪلاتون، تڪليفون، ڏک ۽ خطرا ڇونه هجن، پر ماڻهو نيٺ اُها شيءِ حاصل ڪري ٿو جنهن جي هن کي طلب آهي. تنهنڪري چوندا آهن ته ’زندگي لڳاتار جاکوڙ ڪرڻ جو نالو آهي‘.

وائي:   نوٽ: داستان پهريون، وائي نمبر 1

آهي عبداللطيف کي

هِجــــــي ڪريان هيــــــجَ سين، مُطالــــــعُ محبت

آهي عبداللطيف کي.

هِجي= اکر اکر ڌار ڪري پڙهڻ، جهلي

جهلي پڙهڻ، سمجهداريءَ سان پڙهڻ، زير،

زبر ۽ پيش وغيره جي آوازن سان پڙهڻ

هيجَ= شوق، دلچسپي، دل سان پڙهڻ

مطالع= پڙهڻ، دور ڪرڻ

وائي معنيٰ آواز، سو هن ۾ آيل آهي ته ”هِجي ڪريان هيجَ سين، مُطالعُ محبت“ هجي ڪريان هيج سين  معنيٰ ته پڙهڻ پر سمجهداريءَ سان، مطلب ته پڙهجي ۽ پوءِ ان جي گهرائپ ۾ وڃجي، ان تي غور ۽ فڪر ڪجي. فڪر ڪرڻ، غور ڪرڻ، گهرائپ ۾ وڃڻ، ان شيءِ يا ان ڄاڻ جي اصل حقيقت معلوم ڪرڻ آهي. اهي سڀ ڪم تحقيق (ريسرچ) جا هوندا آهن. ها! بلڪل ’فڪر‘  ئي تحقيق (ريسرچ) جو ٻيو نالو آهي. سو هن وائيءَ ۾ محبت جي گهرائپ ۾ وڃڻ ۽ اصل حقيقت معلوم ڪرڻ آهي ۽ ان کان پوءِ  ئي صحيح منزل تي پهچي سگهبو، نه ته راهه ۾ رُلي ويندو، ڀٽڪجي ويندو. تنهنڪري ماڻهو پاڻ سوچي سمجهي ۽ فڪري طرح پڪو پختو ٿي ڪري  پوءِ ڪو ڪم ڪندو ته ڪامياب ٿيندو.

توڻي وِلاڙون ڪرين، توڻي هلين وکَ،

لِکيي منجهان لِکَ، ذرو ضايع نه ٿئي.

ولاڙون= وڏيون ٻرانگهون، وڏا قدم کڻي

هلڻ، تڪڙو هلڻ

وِکَ= قدم، هلڻ

اجائي تڪڙ ڪرڻ ۽ بنا سمجهه جي اڳيان ڊوڙون پائي وڌڻ مان ڪوبه فائدو ڪونه ٿيندو. اصل ۾ سمجهه  ۽ ڏاهپ سان ڪهڙو به ڪم ڪبو ته فائدو ڏيندو. قدرت انسان کي جيڪا ڏاهپ ڏني آهي، اصل ۾ انسان اُن ڏاهپ جي ڪري ئي، ٻِي مخلوق کان مٿاهون سڏجي ٿو. اجائي هٻڇ، لالچ، لوڀ نه ڪرڻ گهرجي، جيڪا ماڻهوءَ جي حاصلات ۽ پهچ ۾ هوندي اُها ته ملندي ئِي، پر وڌيڪ بهتر حاصل ڪرڻ لاءِ سخت جاکوڙ ڪرڻي پوندي آهي. چستي ۽ حاضر دماغيءَ سان اڳيان اڃان اڳيان وڌڻو آهي، تڏهن ئي ماڻهو اڻ ٿيڻِيءَ کي ممڪن بڻائي سگهي ٿو.

  •          لکيو جو نراڙ، سو انگُ ڪياڙيءَ نه ٿئي،

پاريو ويٺي پارِ، جيڪين لالنَ لکيو لوحَ ۾

جتي جيتريون، لکيون لوحَ قلم ۾،

تتي تيتريون، گهڙيون گهارڻ آئيون.

نراڙ= تقدير جو چٺو، پيشاني.

انگُ= حساب ڪتاب

پارِ= ڀوڳڻ، گذار، نباهه

لوحَ= نه مٽجندڙ ڪتاب

لکيو جو نراڙ= ”لکيو منجهه نراڙ، قلم ڪياڙيءَ نه وهي.“ هي عام چوڻي آهي ته جيڪو تقدير ۾ لکيل هوندو سو ڪنهن ٻئي هنڌ لکجي ڪونه سگهجندو، جيڪو قدرت جي طرفان طئي ٿي چڪو سوئي ٿيندو، پر انسان پنهنجي تقدير به بدلائي سگهي ٿو ۽ اِهو علم ۽ عقل جي صحيح استعمال سان ئي ممڪن آهي. قدرت جي طرفان هميشه بهتر ئي تقدير لکي ويندي آهي، پر هن جهان ۾ انسان پاڻ لالچي، لوڀي ۽ ٺڳ ٿي پوي ٿو. پوءِ اهو پنهنجي فائدي لاءِ قوم سان، پنهنجي هم وطنن سان غداري ڪري ٿو. يا انهن خراب صحبت رکندڙ ماڻهن جي ڳالهين ۾ اچي ڪري دوکو کائي ٿو ۽ ڏکن سورن ۾ ڦاسي پوي ٿو ۽ پوءِ تقدير کي ڏوهه ڏئي ٿو. تنهنڪري هڪ ٻي چوڻي آهي ته ”تِر جي گُٿِي سئو چوٽُون کائي.“ مطلب ته ٿوري لاپرواهي وڏو نقصان ڏئي ٿي ۽ پاڻ کي سڄي زندگي لوڙڻو پوي ٿو.

7:سُر ديسي:

سَسُئِيءَ جا پنج ئي سُر، اسان لاءِ جدوجهد جي علامت آهن. هونئن ته شاهه صاحب جو سڄو رسالو اسان سنڌي قوم توڙي ٻين قومن جي پڙهندڙن لاءِ هڪ فلسفِي معنيٰ رکندڙ بياض آهي. ڇاڪاڻ ته لطيف سائين تمثيل ۾، قصن يا ڪهاڻين ۾ جيڪو فڪري طور پنهنجو شعر چيو آهي. تنهن کي پڙهڻ سان، اسان کي خبر پوندي ته  انسان کي تمام آسان طريقي سان سمجهايو ويو آهي ته هن دنيا ۾ پنهنجي زندگي خوشحال ۽ آزاد طريقي سان گذاري سگهجي ٿي ۽ ان جو وس ۽ ان جو طريقو پاڻ انسان وٽ ئي آهي.

جهڙيءَ طرح الله سائينءَ پنهنجي ڀلي (قران شريف) ڪتاب کي آسان بڻائي، اسان ماڻهن کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سو منهنجي سمجهه مطابق ان کي سمجهڻ جا ٽي رستا آهن. پهريون ته الله سائين پنهنجي وحدانيت ۽ هيڪڙائيءَ کي سمجهايو آهي ۽ عبات کي اهميت ڏني آهي. ٻيون ته الله سائين پنهنجي پياري رسول ۽ آخري نبي صلي الله عليہ وآلہ وسلم ۽ انسانيت جي رهبر جي معرفت اسان ڀُليلن کي سمجهائي ٿو يعني اطاعت مطلب ته پنهنجي هاديءَ جي حڪم جي پيروِي ڪرڻ. ٽيون ۽ آخري آهي گذريل دور جي نبين جا تاريخي ۽ سچا قصا بيان ڪري اسان انسانن کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، يعني هن دنيا ۾ پنهنجو ڪردار ڇا هئڻ گهرجي ۽ اُهو ڪيئن ادا ڪرڻ گهرجي مطلب ته خدمت ڪرڻ آهي. اهڙيءَ طرح سان شاهه جي رسالي ۾ به سڀ کان پهرين الله جي وحدانيت جا سُر، جنهن ۾ مالڪ حقيقيءَ جي هيڪڙائي ۽ ان جي وڏائي بيان ڪئي وئي آهي. ان کان پوءِ اسان جي پياري نبي سڳوري ۽ ان جي آل جو بيان ڪيو ويو آهي. ۽ آخر ۾ پنهنجي وطن سنڌ جا لوڪ داستان کڻي انهن کي تمثيل ۾ بيان ڪري انسان جي خدمت ۽ اُن جي ”آزادي جِي راهه“ يعني حق ۽ سچ  تي جدوجهد ڪرڻ جو سبق ڏنل آهي.

ڏاگهن، ڏيرن، ڏونگرن، ڏکن آئون ڏڍي،

پڇان پير پُنهونءَ جو، وجهان وِکَ وڌي،

لِکئي آئون لڌي، ناته پَٽنِ ڪير پنڌ ڪَري

ڏڍي= زخمي ڪئي

وک= قدم

لڌي= پئي

پَٽنِ= بيابان، ميدان، برپٽ

ٻاهريون دشمن يا ڌاريون دشمن ڪونه ماري سگهندو آهي جيسين اسان جو پنهنجو غدار ٿي هُنن ڌارين دشمنن سان نه ٿو ملي. هت ڏاگهن، ڏيرن ۽ ڏونگرن جو ذڪر آيل آهي. مان هنن کي هيئن ٿو سمجهان ته ڏاگهو معنيٰ اُٺ هيءُ پالتو جانور آهي ۽ ان کي پالبو ۽ نپائبو آهي. پوءِ ڄڻ هُو گهر جو ڀاتي  ٿي رهندو آهي. مارو ماڻهو، ڳاٺاڻو ماڻهو ان جانور کي پنهنجي اولاد وانگر پيار ڪندو، ان کي پاليندو، نپائيندو، سنڀاليندو ۽ ان جو خيال ڪندو آهي. مطلب ته هن کي هُو پنهنجو سڄڻ ڪري ڀائيندو آهي. ٻيو ڏير هڪ اهڙو رشتو ناتو هوندو آهي جيڪو اسان جي زندگيءَ جو ويجهو ترين رشتو هوندو آهي. اسان جي زندگيءَ جي هر اٿڻي ويهڻي ۽ زندگيءَ جي هر ڪمزوريءَ جي هن کي خبر هوندي آهي. ٽيون آهي ڏونگر معنيٰ جبل؛ هي ته آهي ئي سخت، اٽل ۽ ڏکيو، سو هن مان اميد به اهڙيءَ سختي ۽ ڏکيائي جي آهي. هاڻ اهي سڀ خبرون سسئيءَ کي معلوم هيون ته منهنجو هت ڪير به ڪونهي، ڪو به سڄڻ ڪونهي، پر! پوءِ به مون کي اڳيان وڌڻو آهي ۽ پنهنجي منزل تي پهچڻو ضرور آهي. هت لطيف سائين سنڌ جي ڪمزور ضائفان/ عورت کي هڪ وڏو مثال بڻائي اسان جي آڏو ڪري بيهاريو آهي. ڇو ته عورت ماءُ بڻجي پالي ٿي، عورت زال بڻجي رشتو نڀائي ٿي. جڏهن ته ڌيءَ ۽ ڀيڻ جهڙو بي لوث رشتو به دنيا ۾ بيمثال آهي. ۽ پوءِ به هيءَ عورت ڏکن ۽ ڏولاون ۾ رهي ٿي سو ڇو؟

8:سُر ڪوهياري:

ڪوهياري معنيٰ ته جبل، جبل جهڙي مضبوطي يا پڪي پختي ۽ مضبوط اعصابن جي مالڪه. سسئي پنهنجي مقصد کي حاصل ڪرڻ خاطر ڏونگر ۽ جبل جهاڳي ٿي، سور، سختيون سهي ٿي، خطرا سِر تي کڻي پوءِ به هوءَ اڳتي اڃا به اڳتي وڌي ٿي. مضبوط ارادي سان ۽ ان يقين سان ته آخر ضرور مقصد حاصل ٿيندو ۽ ضرور کٽبو.

وائي:

(سُر ڪوهياري جو داستان پهريون؛ وائي نمبر پهرين)

گلا ڪامَ ڪري لکيو تان نه ٽري،

ٻَڙي جيڏيون! منهنجي وو شهر ڀنڀورَ ۾.

جيڪي لکيو لوحَ ۾، پاڙيان، تان نه پَڙي،

منهنجي وو شهر ڀنڀور ۾.

مَ= نه

ٻَڙِي= اَڙي! (سڏ جو انداز يا آواز)

مٿي ڏنل وائيءَ ۾ لکت جِي اهميت تي زور ڏنو ويو آهي.  ”لکيو تان نه ٽري......“ لکت دائم ۽ قائم رهڻي آهي. جيڪا شيءِ لکت ۾ نه آهي سا عارضي آهي ۽ هن جي ڪا حيثيت ڪا نه آهي، انڪري جيڪو لکيو ويندو آهي سو اَمَر آهي، تنهنڪري بهادريءَ سان همت سان حالتن جو مقابلو ڪبو.

9:سُر حسيني:

هيءُ سُر به سسئي پُنهون جي قصي تي ٻڌل آهي. هُونئن ته رسالي ۾ ڏنل سڀئي ڪردار مردن توڙي ضاعفائن جا هجن تن سڀني کي جدوجهد، اُتساه ۽ همت جا مثال پيش ڪري اسان آڏو بيان ڪيا ويا آهن، پر انهن ۾ خاص طور تي سسئيءَ کي جدوجهد جي علامت ڪري پيش ڪيو آهي. هُوءَ جبل جهاڳي ٿي ۽ مستقل طور عمل ۾ رهي ٿي. هيٺين بيتن ۾ سِٽ، ليکو ڪرڻ ۽ اکر  لفظن جواستعمال آيل آهي.

مَٿِئان مٿي مَچُ، ٻَرِيُمِ ٻاروچن جو،

مون کي طَعنا تي ڏِيين، جيئن نه پَرُوڙيين سَچُ،

     امڙ! اوري اَچُ، سِٽَ سڻايئين سُور جي.

مَٿِئان= مٿاهان، پهريان کان

سِٽ= اکرن جي قطار،ڳالهه، ڪو جملو، ڳجهي ڳالهه

اوري= ويجهو، اورتي اچ

نه ڪو ليکو ئي ٿيو، نه ڪو تتو ڏينهن،

تهان اوري نينهن، ڇنو آتَڻَ واريين.

نڪو ليکو ٿيو= حساب ڪتاب ڪونه ٿيو،

سڄي ڪم جو ڪو به پڇاڻو ڪونه ٿيو

اوري نينهن= نڀائي گذارڻ، دل جي ڳالهه ٻڌائڻ، ناتو نڀائڻ

ڇنو آتڻَ واريين= جيڪي آتڻَ تي ڌاڳو

چاڙهي ڪتينديون آهن. انهن ئي ڳنڍڻ وارو

ڌاڳو معنيٰ ناتو يا رشتو ٽوڙي ڇڏيو. ڇني ڇڏيو.

ڄاڻي جي ڄاتومِ، ته پُوندو فِلقُ فراق جو،

اَکَرُ اِرادت جو، ڌُريائين ڌوتومُ،

پوءِ تان ڪونه ڪَيومِ، هوند ڪَشالو ڪيچ ڏي.

فِلقُ= بد بختي، بدنصيبي، نڀاڳائي

اکر= ڳالهه (جيڪا لفظن ۾ سوچي وڃي)

اِرادت= ارادو، تقدير

ڌريائين= شروعات

ڌوتومُ= ڌوئي صاف ڪرڻ، مَٽائڻ، ميسارڻ

10:سُر ليلان چنيسر:

هي سُر سنڌ جي تاريخي لوڪ عشقيه داستانن مان هڪ آهي. هن ۾ انسان کي لالچ، لوڀ ۽ دنيا جي ظاهري رنگينيءَ ۾، جنهن ۾ انسان جو ڦاسي پوڻ آهي، اُن جي تمام سهڻي نموني سان اپٽار ڪيل آهي. انسان کي ٻه ڊپَ هميشه رهندا آهن، هڪ موت جو ۽ ٻيو ڪجهه کسجي وڃڻ جو يا ائين چئجي ته به صحيح آهي ته هر ماڻهوءَ کي ٻن قسمن جي لالچ هر وقت رهي ٿي، هڪ پيسي ڏوڪڙ جي معنيٰ ته بنگلا، ماڙيون، گاڏيون هجن سون هجي ۽ ٻي لالچ زندگيءَ  ۽ صحت جي، زندگيءَ جي هر خواهش حوس پوري ٿئي ۽ موت کان بچيل رهجي! پر افسوس آهي جو انسان انهن ٻن ڊپن کان آجو نه ٿو ٿي سگهي، جيڪو ماڻهو ان خوف يا ڊپ تي حاوي ٿي ويو يا ان کان آجو ٿي ويو اُهو ماڻهو هن دنيا  ۽ هن سماج ۾ سدا حيات ۽ امر رهندو. هن سُر ۾ لالچ ۽ لوڀ جي نتيجن جا وڏا مثال ڏنل آهن. دنيا ۾ قومن جا ”قومي تشخص يا قومي وقار“ تڏهن ئي قائم رهي سگهن ٿا جڏهن اهي انهن ٻن قسمن جي ڊپن کان آجا ٿيندا.

مَڻيئي تي مُوهجِي، مُوڙهِي! ڪَيِئُي مَرَڪُ،

چئِي چنيسر ڄام سين، وڌو تو فَرَقُ،

ورِي ويو ورقُ، آيئِي ڏُنءُ ڏُهاڳَ جو.

مڻيو= هيرو، قيمتي پٿر

موهجي= لالچي

موڙهي= بي عقل، موڳي

فرق= ويڇو

ورق= وقت، دور، پنو

11.سُر مُومَلَ راڻو:

هي سُر سنڌ جي تاريخي عشقيه داستانن مان هڪ آهي. هن سُر جي نالي مان ئي خبر پوي ٿي ته هيءُ سُر ڏاڍي محبت ۽ درد سان ڀريل آهي، جنهن ۾ سچي محبت جا ازلي آهي تنهن ۾ ڏک، آزمائشون ۽ وڇوڙا به ازلي آهن، پر ان عشق ۾ سوچ جي مضبوطي، لالچ لوڀ کان پاڪ، سچائي ۽ اٽل ارادي وارو ماڻهو ئي ڪامياب ٿيندو آهي. هيٺين بيتن ۾ پڙهڻ، ۽ اکر اچارڻ يعني ٻولڻ يا ڳالهائڻ جو ذڪر آيل آهي. ڪو ڪتاب پڙهڻ به ته ٻڌڻ آهي، مطلب ٻڌائڻ يا ڳالهائڻ به پڙهڻ ئي آهي. ڪنهن کا ڪو قصو ٻڌبو ڄڻ ان قصي کي پڙهيو ويو آهي. سو هنن بيتن ۾ به ڪجهه اهڙو ئي سمجهه ڀريو سبق ڏنل آهي:

مومل ماري مِيرَ، آهيڙَينِ کي آڪري،

سوڍيءَ گهڻا سَڪائِيا، پڙهيا، پَڻِتَ، پير،

هڻي تن کي تير، مڻيو جن مٿن ۾.

آڪري= سخت

سَڪائيا= ڏڪايا، ڪنبايا، ڌڪاريا

پڻت= پنڊت، هندن جا پڙهيل، عقل وارا،

عالم، ٻانڀڻ، جوتشي، ڌرمي قاعدا ڄاڻندڙ،

ٻائو

وائي:   نوٽ:  داستان ٻيو ۽ وائي نمبر پهرين

راڻا  جي  رجپوتَ،     مومل سَهي پسندا.

پڙهيا، پڻت، پير، توڻي مير، همير مرندا،

مول سهي پسندا.

 

 اصل لکيو انگَ  ۾،  ٿيندو تان  پهَ  ادا،

مومل سهي پسندا.

جيڪي اصل عاشق هوندا سي ئي مومل ماڻيندا، مومل منزل آهي ۽ جيڪي انقلابي هوندا آهن، اصل نج پج نئين جهان ۽ نئين سوچ جا هوندا آهن، انهن لاءِ منزل حاصل ڪرڻ ئي اصل انهن جو مقصد هوندو آهي. هُو لکئي کي به ميساري نئون ڪجهه لکي ويندا آهن، دنيا کي بدلائي ويندا آهن.

هڪ نئين تاريخ لکي ويندا آهن.

جهڙا گل گلاب جا، تهڙا مٿن ويس،

چوٽا تيل چنبيليا، ها ها هو هميشَ،

 

پسيو سونهن سيد چي، نينهن اَچنِ نيش،

لالڻ جي لبيسُ، آتڻِ اَکَرُ نه اُڄَهي.

 

آتڻ= اَئٽ، چرخو، ڪپڙي اُڻڻ يا ٺاهڻ جو چرخو

اُڄهي= آواز نه ڪڍي، ڳالهائي

 

محبوبن جو هار سينگار ڏسي ڪري عجيب حيرانگي  اچيو وڃي ۽ تعريف ڪرڻ لاءِ لفظ ۽ اکر ئي کُٽيو وڃن، ڇا! پر ماڳهين ختم ٿيو وڃن. ۽ اهڙيءَ طرح مقصد ماڻڻ کان پوءِ سڀ ڏک ڏاکڙا ختم ٿيو وڃن.  جڏهن انسان کي  سونهن يعني محبوبن ملڻ، سُک يعني روحاني ۽ ذهني سڪون، امن يعني هر ڊپ کان آزاد زندگي ملي وڃي ته پوءِ ڳالهائڻ يا ڪڇڻ جي ڪابه گنجائش ئي نه ٿي رهي.

 

12.سُر مارئي:

قسمت قيد قَوِي، نا ته ڪير اچي هن ڪوٽ ۾،

آڻي لکئي لوح جي، هنڌ ڏيکاريم هيءُ،

پرچي ڪين پنهوار ريءَ، جانِ جسو ۽ جِيءُ،

راڄا! راضي ٿيءُ، ته مارن مِلي مارئي.

پنهوار= مالوند، مال چاريندڙ، پنهنجا  عزيز

راڄا= راجا، بادشاهه

 

”قيد الُمآءِ“ ڪَهَنِ جو، سو مون پاند پيو،

”جَفَ القلمُ بِما هُوَ ڪائِنُ“، وهي قلم ويو،

 

   اي قضا ڪم ڪيو، جيئن ٿــــــر مارو آن ماڙيئن.

قيد الُمآءِ= داڻو پاڻي، تقدير

جَفَ القلمُ بِما هُوَ ڪائِنُ= جيڪي ٿيو هو،

سو لکي، قلم سڪي ويو(حديث)

قضا= تقدير ، قسمت

جهڙو قيدالمآءِ، تهڙو بندُ نه ڪو ٻيو،

 

”جَفَ القلمُ بِما هُوَ ڪائِنُ“، لهي نه تِرُ تياءِ،

عــــــمــــــر تــــــو هــــــٿــــــاءِ، آجــــــائــــــي، ٿئي اَجڙين.

 

آجائي= آزادي

تياءِ= تنهن مان

 

اَجڙين= مال چاريندڙ، ڌنار، ٻڪرار

نه ڪو اير، نه ڀير، نه ڪو اوٺي آئيو،

مون وٽ آيو ڪونه ڪو، ڀائرئان ڀري پيرُ،

 

ڪتابتون ڪيرُ، آڻي ڏيندم اُن جون.

اير= خبر چار آڻيندڙ، حال احوال ٻڌائيندڙ

 

ڀير= واٽهڙو، مسافر، پري کان نياپو کڻي ايندڙ

ڪتابتون= خط، نياپو، لکت، اندر جون ڳالهيون خبرون چارون

  • اَلا! اوٺي آڻين، جي نياپا نين،

آئون انين جي آهيان، توڻي مون نه مڃين،

مس منهنجي هٿ ۾، ڪاغذُ ڪي آڻين،

 

لُڙڪَ نه لکڻُ ڏين، ڪريو پون قلم تي.

اوٺي= نياپا آڻيندڙ، اُٺَ مسافريءَ لاءِ ڪم آڻيندڙ

اُنين= انهن

  •          جي امرُ هڻيو اڌ ڪري، سي ڪاغذ لکان ڪئين،

واڳيون جي وصال سين، تنين چاڙهي چيئن!

رئان راتو ڏينهن، جيئن اُن جي وائيءَ ۾ ور گهڻا.

امرُ= تقدير، حڪم، لکيو

واڳيون= ڪيئن، ٻڌل، جڙيل، هلڻ

وائي= آهه، ڳالهه، آواز

وَرَ= ڦير گير، هڪ هنڌ نه بيهڻ، ڪُوڙ

  • ڪونهي قــــــادرُ ڪو ٻيو، اُنهين جو اَڀاڳُ،

قُلُ اُن يُصيبَنَاَ اِلا ما ڪَتَبَ الله ،اِيءُ معذرتَ ماڳ،

سڀوئــــــي سڀــــــاڳُ، مــــــارئــــــيءَ مساوِي ٿيــــــو.

اَڀاڳُ= نڀاڳ (ڀاڳ)

معذرت= عذر ، پڇتاءُ، معافي

مساوِي= برابري، هڪ جهڙائي

قُلُ اُن يُصيبَنَاَ اِلا ما ڪَتَبَ الله= چوءُ ته ڪا به مصيبت اسان کي نه رسندي، سواءِ انهيءَ جي جا خدا اسان جي حق ۾ لکي آهي (ق- ش 9، 51)

مٿين بيتن ۾ آزاديءَ جو ذڪر ٿيل آهي. آزادي انسانن جي، آزادي مظلومن جي، آزادي عورتن جي، آزادي پورهيتن جي، آزادي خيالن جي سوچن جي، آزادي وسيلن جي، آزادي ڌرتيءَ جي، آزادي اُن بادشاهه کان جيڪو هڪ هٽي لايو ويٺو آهي، آمر ٿيو ويٺو ماڻهن کي هيسائي ڪمزورن کي قيد ڪري پيو. ان ڏاڍ مان، ان قيد مان آجپي جي لاءِ وس ڪرڻا آهن جيئين:  عمر تو هٿاءِ، آجائي، ٿئي اَجڙين“ عمر تو وٽان پورهيتن، مزدورن، هارين ۽ هيڻن جي آجائي/آزادي ٿا چاهيون. آزديءَ سان ملڪ مارو خوشحال ٿيندا، هيڻا سگهارا ٿيندا ۽ ماڻهن مان ڊپ ڊاءُ لهي ويندو. مارئي چئي ٿي ته مان قيد ۾ آهيان ڪنهن ڏور هنڌ تي ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ قيد آهيان، مون کي کنڀي کڻي اچي بند ڪيو ويو آهي. مون کي ڪنهن سان به ملڻ نه ٿو ڏنو وڃي ۽ نه وري مون سان ملڻ لاءِ ڪو اچي ٿو. منهنجا ڀائر به مون سان ملڻ لاءِ نه آيا، پر ڪو نياپو، ڪا چٺي، ڪا لکت جيڪا مون کي اها خبر ٻڌائي ته منهنجي وطن ۽ منهنجي مارن جا حال ڪهڙا آهن؟ مان ته آس اميد ۾ آهيان ته منهنجا ديس واسي سجاڳ ٿيا هوندا ۽ هو منهنجي آزاديءَ لاءِ ايندا ۽ اِجهي ڪِي آيا، پر! افسوس ”نه ڪو اير، نه ڀير، نه ڪو اوٺي آئيو“.

13. سُرُ سُورٺ:

سنڌ جو هي تاريخي داستان آهي جيڪو

قرباني، ايثار، قدر، مڃتا ۽ برداشت جو سُرُ آهي.

جو تو ڏيڻُ ڏياچُ! لاهيو اِي سِرُ سڀڪو ڏي،

ڪي ناهه جهڙو ڏي، جو سَنَدَ ٿئي سُلاليين

 

سِرُ= جان ، جسم، مُنهن وارو حصو، سِسِي

سَنَدَ= اختيارنامو، لکت، دستاويز، چٺي

 

14.سُرُ ڪيڏارو:

ڪربلا جي تاريخي واقعي تي،

هي سڄو سُر چيل آهي. حق ۽ سچ جي ويڙهه، قرباني ۽ ايثار جو هي عظيم مثال آهي. ڏاڍ ۽ جبر سان وڙهڻ، ظالم حڪمران سان ويڙهه جو سُر آهي.

ڪوفين ڪاغذُ لکيــــــو، وچ وجهي الله

اسين تابــــــعَ تنهنجا، تــــــون اسان جــــــو شاهه،

 

هيڪــــــر هيڏي آءُ، ته تخــــــت تابيعــــــي تنهنجي.

ڪاغذ= خط

تابع= حوالي، بِلي

سُرُ آسا:

هن ۾ انسان کي پاڻ سڃاڻڻ، ثابت قدم رهڻ، ڪردار جي اڇائِي رکڻ ۽ هميشه ساڃاهه رکڻ سان گڏوگڏ فهم ۽ فڪر ۾ رهڻ جو هي سُر آهي.

وائي نمبر 1

جيڏيون! آئون ڪا پاڻ وهيڻي آهيان؟

ڪا مون سار لهيجا.

قلم ڪاتب هٿ ۾، ڪيئين لِکئي مان لِکَ لاهيان؟

ڪا مون سار لهيجا.

جيڏيون= هم عمر دوست، ساهيڙيون

وهيڻي= پنهنجي هٿ وس

ڪاتب= لکندڙ (خدا جنهن لوحِ محفوظ تي قلم سان قسمت لکي)

لِکَ= ذرو، ٿورڙو

لکئي= لکت

سار= خبر چار لهڻ، حال احوال جي ڄاڻ رکڻ

وائي نمبر 3

الله سائين! سائين! پُئان پرينئون مَ پاهين،

مون تان آسرو آهي اوڏاهين.

قلم جنيين جي هٿ ۾، سي سيڻ سٻاجها سائين،

 

مون تان آسرو آهي اوڏاهين

پُئان= پوان ( وِچَ ۾ پوان)

پِرِيَنَئُون= پرين، محبوب

پاهين= پري، پراهون، پٺ تي

مَ= نه

سيڻ= مائٽ، محبوب

16..     سُرُ کاهوڙي:

هن سُر جي نالي مان ئي معنيٰ جي خبر پوي ٿي ته هيءَ جبل جهاڳيندڙ آهي. ڏُٿُ ڳوليندڙ ڏوٿِي آهي، هي سُر جدوجهد ڪندڙن جو آهي، هن جي معنيٰ ئي جدوجهد آهي.

پيئي جَنِ پرک، گَنجي ڏُونگرَ گامَ جِي،

واري سَــــــڀُ ورقَ، لــــــوچــــــي لاهــــــوتــــــي ٿيا.

پرک= سڃاڻپ، خبر، ڄاڻ، سمجهه

گامَ= ڳوٺ، هنڌ، جاءِ

واري= بند ڪري، قيد ڪري، پُوري ڇڏڻ

لوچي= جدوجهد ڪرڻ، ڪوشش ڪرڻ

محنت ڪرڻ

17..     سُرُ بَرِوو:

هن ۾ مالڪ حقيقيءَ سان لنؤن لائڻ ۽ ان مالڪ سان عشق ڪرڻ دل ۽ روح سان سڀ لاڳاپا ڳنڍڻ جي تلقين ڪئي وئي آهي.

لڳيءَ جو لطيفُ چي، نــــــه ڪو قــــــالُ نهَ قِيلُ،

لِکئــــــي لا مُون کوڙيُون، نيڻين وَهــــــي نِيرُ،

هنيئڙا ٿــــــيءُ سُڌيرُ، ڪالهه قــــــريبن لڏيو.

لڳيءَ= عشق ٿي وڃي

قيل= بحث مباحثو، گفتگو

لامُون= ٽاريون، پاڙون

نيرُ= ڳوڙها (رئندي رئندي ڳوڙها نيرو پاڻي ٿي وڃن)

سُڌيرُ= هوشيار، حوصلو ڌارڻ، حقيقت کي مڃڻ

قريبن= محبوبن، عزيزن، مٽ مائٽ

18.سُرُ رامڪلي:

هن سُر ۾ شاهه صاحب جي ٽي ساله سفر تان موٽڻ ۽ ان سفر جي ياد ۽ مشاهدي جو سُر آهي. هن ۾ شاهه صاحب پنهنجا تجربا ۽ مشاهدا ۽ انهن دوستن، ساٿين، سامين ۽ جوڳين جو ذڪر ڪري اسان کي ڏاهپ جا ڏس ڏئي ٿو.

جي ڀانيين جوڳي ٿيان، ته طمع ڇڏ تمام،

گولا جي گولن جا، تن جو ٿِيءُ غلام،

صبر جي شمشير سين، ڪَرِ ڪيني کي قتلام،

ته نانگا تنهنجو نام، لکجي لاهوتين ۾.

طمع= لالچ، لوڀ

گولا جي گولن جا= غلامن جا

غلام، نوڪرن جا نوڪر

شمشير= تلوار، هٿيار، اوزار

 

ڪيني= بدنيتي، بغض، عداوت

يــــــــاد گُـــــــروڪـــــــن گـــــــودڙيـــــــا، ڀـــــــر بازارِ بيٺا،

پڙهـــــــن سُور سبحـــــــان جـــــــي، پِـــــــيـــــــنِ تنهن پيٽا،

جيلانهن منهن ميٽا، تيلانهن نشا چاڙهيائون نينهن جا.

گُرو= رهبر، ليڊر، مرشد

پڙهن سور= فڪر ڪن، ذڪر ڪن، ياد ڪن،

تڪليفن کي سمجهن ۽ انهن جو حل ڪڍن

سبحان= ساراهه، نيڪي ڪرڻ، تعريف ڪرڻ، ان هستيءَ جي ساراهه ڪن، جنهن جي ساراهه جُڳائي ٿي، سڀ ساراهه ان مالڪ جي

پِينِ تنهن پيٽا= تنهن حوض مان پين ۽ پيٽ ڀرين

منهن ميٽا= ميٽوڙا مُنهن، ميٽ لڳل، نشان لڳل، ڀيلا منهن، ويچارا منهن

19.پورڀ:

هي سُر رامڪليءَ جو تسلسل آهي،

هن ۾ سامين ۽ جوڳين جو ذڪر ٿيل آهي.

وائي :

جن جو وارثُ تُون، اَلا! سي ڪيئن رهندا نيڻَ منهنجا؟

آڳي اُڀ خلقيا، ڀَلِي خلقيائين ڀُون،

جن جو وارثُ تُون، اَلا!

آهيون ’الف‘ آسري، محمدصه مڃيو سُون،

جن جو وارثُ تُون، اَلا!

وارث= مالڪ

آڳي= ڌڻي، آغا، مالڪ

ڀُون= ڌرتي، زمين، وطن

اَلفُ= الله سائين

نتيجو:

لکڻ پڙهڻ جو تعلق ازل کان آهي جڏهن انسان بلڪل بي سمجهه هو، تڏهن به هُو ليڪا ڪڍي، شڪليون ٺاهي ۽ ان کان پوءِ ڪي نشانيون جوڙي پاڻ کي سمجهه ڀريو بڻائڻ جي ڪوشش پيو ڪندو هو. دنيا جي قديم آثارن مان ائين معلوم ٿيو آهي، جڏهن ته ڪئي لکتون اڄ به منجهيل حالتن ۾ موجود آهن، انهن مان اسان جي موهين جي دڙي جي لکت پڻ هڪ آهي. هيءَ سڄو مضمون شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ٻن مرتب ڪيل رسالن مان جنهن ۾؛ هڪ- شاهه جو رسالو مرتب غلام محمد شاهواڻي ۽ ٻيو- شاهه جو رسالو مرتب علامه آءِ.آءِ.قاضي  تي آڌاريل آهي، جن ۾ ترتيب وار 30 ۽ 29 سُرَ ڏنل آهن جن جي هيٺيان حاشين ۾ معنيٰ پڻ ڏنل آهي. انهن گڏيل رسالن ۾ 19 سُر اهڙا  آهن جن ۾ لکڻ، پڙهڻ، ڪتاب (لکت) وغيره جو ذڪر آيل آهي.ان جو مطلب ٿيو ته لکڻ، پڙهڻ ۽ ڪتاب يعني لکت جي اهميت کي سمجهندي شاهه صاحب پنهنجي شاعريءَ ۾ ان جو اظهار ڪيو آهي.

شاهه کي پڙهندي اسان جي ذهن ۾، اسان جي مزاج مطابق ان کي سمجهڻ جو خاڪو ۽ تصور جڙي ٿو. اهڙيءَ طرح اسان جي فڪري سوچ پڻ اسان جي مزاج مطابق جڙي ٿي، پر اسان جو شاهه لطيف هڪ وڏي عالمي حيثيت جو شاعر آهي، ان جي شاعريءَ ۾ هڪ ڳُوڙهِي معنيٰ ۽ مفهوم سمايل آهي. تنهنڪري ان کي پڙهڻ به ان ڳُوڙهِي معنائن ۾ ئي پوندو. ڇو ته ’هُو (شاعر)  جُزَ مان ڪُلَ ڏانهن سفر ڪري ٿو ۽ ان ۾ هُو پنهنجي وطن جي ماڻهن سان گڏ دنيا جي لوڪن کي پڻ امن، محبت، خوشحالي، آزادي ۽ برابري، رواداريءَ سان رهڻ جي ۽ ترقي ڪرڻ جي تلقين ڪري ٿو، اهوئي هن جو فڪري تصور آهي.‘

هن مضمون ۾ هر سُر جا بيت ۽ واينِ جا اهي بند يا سِٽوُن ڏنيون ويون آهن، جن ۾ لاڳاپيل عنوان جا لفظ ۽ تصور آهن. شامل ٿيل بيتن ۽ انهن جي ڪجهه لفظن جي معنيٰ پڻ ڏني وئي آهي. ڪجهه بيتن جي لاءِ راءِ جو پڻ اظهار ڪيو ويو آهي، جيڪا يقنن حتمي نه هوندي! پر ان راءِ ڏيڻ جو مقصد هيءُ آهي ته انهن بيتن ۽ واين ۾ عنوان سان لاڳاپيل لفظ کي چٽو ۽ واضح ڪيو وڃي. وري ڪن بيتن ۽ واين لاءِ ڪابه راءِ ڪا نه ڏني وئي آهي، ڇو ته انهن کي سمجهڻ آسان آهي ۽ پڙهندڙ انهن جو مطلب ۽ مفهوم به آسانيءَ سان سمجهي سگهي ٿو. ٻيو ته پڙهندڙ کي به آزاد ڇڏيو ويو آهي ته هُو پنهنجي مزاج مطابق پنهنجي راءِ مقرر ڪري ۽ پنهنجي ذهن کي استعمال ڪري، ڪنهن کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ لاءِ اهو طريقو بهتر هوندو آهي.

مددي ڪتاب:

1.جي.ايم.سيد: (2005ع)،”پيغامِ

لطيف“، حيدرآباد: روشني پبليڪيشن

(ڇاپو ٻيو)، ص 85-86

2.لالواڻي، ڄيٺو، ڊاڪٽر: (2013ع)،

”ٻني- ڪڇ ۾ شاهه ڀٽائي گهوٽ.“

سنڌي ٻولي(تاج جويو: ايڊيٽر)،

حيدرآباد: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، جلد ڇهون، شمارو پهريون، ص 26

3.شاهواڻي، غلام محمد، (1993ع)،

”شاهه جو رسالو“، ڪراچي: سنڌيڪا

اڪيڊمي.

4.آءِ.آءِ.قاضي، علامه، (1986ع)،

”شاهه جو رسالو“، ڄام شورو: سنڌي ادبي بورڊ.

5.بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، (1988ع)،

”جامع سنڌي لغات“، (جلد 1-5)، ڄام شورو:

سنڌي ادبي بورڊ

بيگ، مرزا قليچ، ”لغات لطيفي“،

ڄام شورو: سنڌي ادبي بورڊ.

7.ٻٽ، الهرکيو ۽ سليم ڀٽو لطيفي،

(2008ع)، ”هٿ جا هنر“ (شاهه جي

رسالي جي موضوعاتي لغت) جلد-1،

ڪراچي: شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر،ڪراچي يونيورسٽي.

8.پرمانند ميوارام، (1986ع)، ”سنڌي

انگلش ڊڪشنري“، ڄام شورو: سنڌالاجي.

9.جويو، محمد ابراهيم، ”شاهه سچل سامي“.

10.ابڙو، آفتاب (سهيڙيندڙ)، ”شاهه لطيف  

بحيثيت مفڪر“، ڪراچي: سنڌيڪا اڪيڊمي.

11.ٻٽ، الهرکيو، (1995ع)، ”سنڌي
طباعت ۽ اشاعت جي تاريخ“، حيدرآباد:

گلشن پبليڪيشن

12.جڳتياڻي، لالچند امر ڏنو مل، ”شاهاڻو شاهه“، ڀٽ شاهه: ثقافتي مرڪز.

123.سنڌي ٻوليءَ جا مختلف پرچا ايڊٽر تاج جويو

14.سید، درشہوار، ڈاکٹر، 1994ء، شاھ لطیف شاعری اور فکر۔ کراچی، شاھلطیف چیئر۔کراچی یونیورسٹی۔

15.محمود الحسن۔کشاف اصطلاحات کتب خانہ۔ اسلام آباد۔ مقتدرہ قومي زبان

16.R.N Chopra. 1992, Library Science Dictionary. New Delhi .Anmol

Publication

(نوٽ: هن مضمون ۾ شاهه جو رسالو/غلام محمد شاهواڻي ۽ شاهه جو رسالو/ علامه آءِ آءِ قاضيءَ  جي ترتيب  ڏنل رسالن جي مطابق بيت ۽ وايُن جون معنائون ۽ حوالا ڏنل آهن:)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org