سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3۽4/ 2018ع

باب:

صفحو:6 

لطف الله سيال

 

 

 

تنوير عباسيءَ جي سُر ڪيڏاري جو تنقيدي جائزو

 

·    تعارف

سنڌي ٻوليءَ جي علامتن، اهڃاڻن توڙي بقا جو ڪارڻ شاعريءَ کي سڏجي ته ان ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو. ڇوته لوڪ شاعري هجي، عشقيه داستانن جي پسمنظر ۾ سِرجيل/ رچيل شاعري هجي، يا رزميه شاعري/ رجز هجن، اهي ٻوليءَ جون اُهي منظوم صورتون آهن، جيڪي ٻوليءَ توڙي ڌرتيءَ جي فلسفي جي پاڻمرادو وضاحت جي مترادف هونديون آهن.

جتي سنڌي ٻوليءَ کي شاهوڪار ڪرڻ لاءِ، اڻ ڳڻين شاعرن حال سارو رت، ست ڏئي، نور نچوئي پاڻ موکيو آهي، اُتي تنوير عباسيءَ جي ڌرتي توڙي ٻوليءَ لاءِ پيش ڪيل خدمتن کان منهن موڙڻ، سج کي کاري هيٺان بند ڪرڻ جي مصداق ٿيندو.

تنوير عباسي عهد جديد جي آڱرين تي ڳڻڻ جيترن انهن شاعرن مان هڪ هو، جن سنڌي ٻولي توڙي شاعريءَ جي جھوليءَ ۾ سندر ستارا ٽاڪڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. تنهن هوندي به تنوير عباسيءَ جي ڏات ڪنهن جي پاڇي ۾ پلجڻ بجاءِ ادب جي اُڀَ تي نکري نروار ٿي پنهنجو الڳ ٿلڳ رنگ منچ جوڙي ورتو، سندس حيثيت ان ساگر جيان رهي آهي، جتان ڪيترائي علم ۽ ادب جا پياسا اُڃَ اُجھائيندا رهيا آهن.

تنوير عباسي، تحقيق جي ميدان ۾ جديد انداز سان تحقيق ڪري شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ موجود نون رُخن کي متعارف ڪرايو آهي، سندس اهو پورهيو تحقيق توڙي ادب جي دنيا ۾ اهو نرالو وکر آهي، جيڪو تحقيق جي هزارن ڪتابن تي ڇانئيل آهي ۽ جڏهن به جديد سائنسي انداز سان ڪيل تحقيق جو ذڪر ٿيندو، تڏهن تنوير عباسيءَ جو ٽن جلدن (موجوده وقت ۾ هڪ جلد ۾ موجود آهي) ۾ تحقيق جي صورت ۾ شاھ لطيف کي ارپيل پيار جو پورهيو سرفهرست هوندو.

تنوير عباسي، سنڌي ٻولي توڙي ادب جو اهو يگانو عاشق هو، جنهن تحقيق، شاعري ۽ نثر جي صورت ۾ تقريباً ويهارو کن ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي پيشانيءَ تي بنديا جيان سجايا آهن، جن جي چمڪ ڪڏهن به ڌنڌلي ناهي ٿيڻي.

تنوير عباسي جي شاعريءَ ۾ ڪيترائي رُخ موجود آهن، سندس شاعريءَ جي هر رُخ تي الڳ الڳ پي ايڇ.ڊي جو مقالو لکي سگھجي ٿو، پر هن مقالي ۾ فقط تنوير عباسيءَ جي ڪيڏاري کي شامل ڪيو ويو آهي، جيڪو سندس شاعريءَ ۾ موجود اڻ ڳڻين رُخن مان هڪ آهي.

تنوير عباسيءَ جي ڪيڏاري تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت انڪري محسوس ٿي، جو سندس هن رُخ تي ڪو خاطر خواھ ڪم ناهي ڪيو ويو، توڙي جو تنوير عباسيءَ جي ڪيڏاري کي سنڌ جو جديد ڪيڏارو چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو.

سنڌ ۾ هن کان اڳ ڪيڏاري جو بنياد ٻه واقعا ڄاڻايا وڃن ٿا، هڪ ڪربلا جو واقعو، جنهن ۾ امامن سڳورن ۽ سندن گھر ڀاتين توڙي ساٿين جي لازوال قربانين جو ذڪر آهي؛ ٻيو کرڙيءَ جي جنگ جو واقعو ڪيڏاري لکڻ جو محرڪ آهي، کرڙيءَ جي جنگ جي پسمنظر ۾ خليفي نبي بخش لغاريءَ جو سُر ڪيڏارو سِرجيل آهي.

تنوير عباسيءَ جو ڪيڏارو سنڌ جي جديد ڪيڏاري جي حيثيت رکي ٿو، جنهن ۾ ان وقت جي جديد سنڌ (ورهاڱي کان پوءِ واري صورتحال جو پسمنظر) جي سورمن جي سورهيائيءَ ۽ ڌرتيءَ لاءِ ڏنل جانين جي نظراني جو پسمنظر شامل آهي. سُر ڪيڏاري بابت وڌيڪ لکڻ کان اڳ ڪيڏاري لفظ جي معنى ۽ مفهوم بابت ڄاڻ پڻ انتهائي ضروري آهي.

·          ڪيڏارو ۽ ان جو مفهوم

o         ’ڪيڏارو‘ لفظ جي لغوي معنى:

جامع سنڌي لغات ۾ ڪيڏاري جي معنى هيٺينءَ ريت ڏنل آهي:

”ڪيڏارو ج ڪيڏارا: ذ. (ع. ڪَيد = مڪر. فريب‏‏) ف. جنگ- لڙائي) سن. ڪيد + وارو= ڪيڏارو). جنگ- ڪيدارو- لڙائي- معرڪو. جھيڙو. قتل عام. ماتم. (اسم خاص). هڪ سُر يا راڳڻيءَ جو نالو- جنگ جو سُر- درد ڀريو راڳُ- ڪيدارو (1).“

o  ڪيڏارو لفظ جي اصطلاحي معنى:

ڪيڏاري جي اصطلاحي معنى توڙي جو جنگ جو ميدان ۽ پيش آيل واقعن جي پيشڪش جو اکين اڳيان ٿيندي محسوس ٿيندڙ احوال آهي، پر تنهن هوندي به مختلف محقق ۽ عالم ان کي ڪيئن ڏسن ٿا، ان جو مطالعو پڻ ضروري آهي.

ڊاڪٽر گربخشاڻي موجب:  ”ڪيڏارو سنسڪرت لفظ ’ڪيدار‘ جي بگڙيل صورت آهي، جنهن جي معنى آهي ’جنگ جو ميدان‘ هندستاني گوئين موجب ’ڪيداري‘ هڪ راڳڻي جو نالو آهي، جا ديپڪ راڳ جي پنجن ڀاريائن (زالن) مان هڪ آهي (2).“

        ڪلياڻ آڏواڻي جي نظر ۾: ڪيڏارو لفظ ڪيدار جي بگڙيل صورت آهي، جنهن جي معنى آهي جنگ جو ميدان. ڪيداري هڪ راڳڻي آهي، جا ديپڪ راڳ جي پنجن زالن مان هڪ آهي، هن راڳڻيءَ کي سمپورڻ راڳڻي ڪري سڏيندا آهن (3).“

o  ڪيڏاري جو مفهوم

جنگ جي ميدان ۾ سِر جو سانگو لاهي، ڌرتيءَ لاءِ وڙهندي جان قربان ڪرڻ وارن جوڌن جي سورهيائيءَ کي پيش ڪيل منظوم ڀيٽا ئي ڪيڏاري جي مفهوم ۾ شامل ڪري سگھجي ٿي.

ڪيڏاري بابت محمد حسين ’ڪاشف‘
لکي ٿو ته:

”ڪيڏاري جو سُر ۽ ان جي شاعري اصل ۾ جنگي جوڌن جي انهي سٻر ۽ سورهيائي، سچائي ۽ سرويچيءَ جو بيان آهي، جنهن ۾ هنن ميدان ڪارزار کي رت جو ريج ڏيئي ملهايو هجي: ڪيڏاري جي سُر بنيادي طور تي ڪربلا جي قضئي جي سلسلي ۾ وجود ورتو، جنهن ۾ امامن سڳورن جي بهادري ۽ انهن جي انهيءَ جنگ جي بيان سان هن سُر کي مخصوص ڪيو ويو (4).“

·    سنڌ ۾ ڪيڏاري جي شروعات

سنڌ ۾ ڪيڏاري جي تاريخ به يقيناً اوتري ئي پراڻي آهي، جيتري شاعريءَ جي تاريخ ۽ جنگين جي تاريخ پراڻي آهي. جنهن جو مثال سومرن جي دؤر جي مليل ڳاهُن جي صورت ۾ سنڌي ادب ۾ موجود آهي، پر تنهن هوندي به سنڌي شاعريءَ ۾ ڪيڏاري جا مؤجد احسان فقير ۽ شاھ لطيف چيا وڃن ٿا، توڙي جو سندن ڪيڏاري جو پسمنظر ڪربلا جو واقعو آهي.

تاج جويو سنڌ ۾ ڪيڏاري جي شروعات بابت لکي ٿو ته:

”سنڌ ۾ جنگي پسمنظر ۾ سرجيل شاعري، قديم ”ڳاهُن“ واري شاعريءَ جي صورت ۾ موجود آهي. جنهن ۾ دودي سومري جي داستان واريون ڳاهون ته سنڌ جي تاريخ جو اَملھ ورثو آهن، پر ”ڪيڏاري“ جو سرجاءُ، احسان فقير ۽ شاھ لطيف کان ٿيو. شاھ لطيف ۽ احسان فقير ڪيڏاري جي خوبصورت شاعري ڪئي آهي. ان جي سٽاءَ بيتن جي ادائگيءَ ۽ مواد مان سنڌي پسمنظر جي جھلڪ ته ملي ٿي، پر ٻنهي ڪيڏارن جو تاڃي پيٽو ڪربلا جي قضيي ۽ امامن جي شهادت جي روايتي مضمون تي ٻڌل آهي (5).“

سنڌ ۾ ڪيڏاري جا ڪي ٻيا شاعر پڻ احسان فقير ۽ شاھ لطيف کان پوءِ سنڌي ادب ۾ ملن ٿا، جن ۾ عبدالرحيم گرهوڙي، صوفي صادق فقير، غلام حيدر تيرهيو سرِفهرست آهن، جن جي شاعريءَ جا نمونا پڻ ملن ٿا.

تاج جويو سنڌ ۾ ڪيڏاري جي شروعات جي حوالي سان وڌيڪ لکي ٿو ته:

”شاھ لطيف ۽ احسان فقير کانپوءِ عبدالرحيم گرهوڙي، صوفي صادق فقير، غلام حيدر تيرهيي ۽ خليفي نبي بخش وٽ ڪيڏاري جي شاعريءَ جي روايت موجود ملي ٿي. عبدالرحيم گرهوڙيءَ جا پنج بيت ملن ٿا، جن ۾ ڪربلا جي قضيي جو ئي ذڪر آهي. شاھ شريف ڀاڏائيءَ جي شاگرد فقير غلام حيدر تيرهيي، امامن جي شهادت واري موقعي کي تاريخي روايت جي رنگ ۾ تفصيل سان بيان ڪيو آهي(6).“

سنڌ جي ٻن شاعرن، صوفي صادق فقير ۽ خليفي نبي بخش کي اها اهميت حاصل آهي، جو انهن ٻنهي شاعرن مذهبي وهڪري ۽ روحاني عقيدت کان هٽي ڪري سنڌ جي جنگي جوڌن جي شهادت کي پنهنجي ڪيڏاري جو موضوع بڻايو. صوفي صادق فقير جي ڪيڏاري جو پسمنظر توڙي جو سندس مرشد شاھ عنايت شهيد جي شهادت آهي، پر تنهن هوندي به سندس ڪيڏاري ۾ ڪربلا ۾ شهيد ٿيندڙ امامن جي واقعي جا عڪس نمايان نظر اچن ٿا.

تاج جويو سنڌ ۾ ڪيڏاري جي شروعات ۽ مذهبي جذبي ۽ روحاني عقيدت جي دائري مان نڪري، سنڌ جي سورهين لاءِ سِرجيل ڪيڏاري بابت لکي ٿو ته:

”صوفي صادق فقير ۽ خليفو نبي بخش لغاري پهريان ٻه عوامي شاعر آهن، جن وٽ ڪيڏاري جو موضوع مذهبي جذبي ۽ روحاني عقيدت جي دائري مان نڪري، سنڌ جي سورهيه شهيدن جي ذڪر لاءِ وقف ٿيل نظر اچي ٿو. ٻنهي ڪيڏارن ۾ شهادت وارو مرڪزي نُڪتو موجود آهي. صوفي صادق فقير، پنهنجي مرشد شاھه عنايت جھوڪ واري جي شهادت کان 50 سال پوءِ، مرشد جي عقيدت ۾ ڪيڏارو لکيو، پر اُن جي پسمنظر ۾ امامن جي شهادت جو پڙاڏو ۽ جھلڪ به موجود آهي(7).“

تنوير عباسيءَ جو ڪيڏارو، جديد سنڌ (ورهاڱي کان پوءِ واري صورتحال جي پسمنظر ۾)  جي دردن ۽ سورمن جي سورهيائيءَ ۽ جانين جي ڏنل نذرانن جي پسمنظر ۾ سِرجيل آهي.

ڊاڪٽر مهر خادم، تنوير عباسيءَ جي ڪيڏاري بابت لکي ٿو:

”تنوير جو ڪيڏارو، سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافين، سنڌ جي وجود کان انڪارين جي خلاف، 4 مارچ جي جدوجهد، سنڌ جي قومي ورثي سنڌالاجيءَ کي ساڙڻ جو پسمنظر، سنڌ جي ڳڀرو جوانن جي خون، شهيد عبدالرزاق، شهيد فاضل راهو، ٽوڙي ڦاٽڪ جي شهيدن ۽ اورنگيءَ جي شعلن تي مشتمل ڪيڏارو آهي“. (8)

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، تنوير عباسيءَ جي ڪيڏاري بابت لکي ٿو:

”تنوير عباسيءَ جو ڪيڏارو شاگردن جي ان جدوجهد لاءِ آهي، جنهن نيٺ ون يونٽ جي قهري ڪوٽ کي ڇيهون ڇيهون ڪري ڇڏيو (9).“

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو تنوير عباسيءَ جي ڪيڏاري جي باري ۾ وڌيڪ لکي ٿو:

”ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي ڪيڏاري جا ٻه داستان (3، 4) ڪتاب سج تريءَ هيٺان ۾ آهن، ٽيون سنڌالاجيءَ جي سڙڻ جي رد عمل ۾ آهي ۽ چوٿون شهيد عبدالرزاق سومري جي سفاڪانه قتل تي لکيل آهي (10).“

·       تنوير عباسيءَ جو  سُر ڪيڏارو

هن اڀياس جو دائرو هيٺين سوالن تي مبني رکجي ٿو:

s جديد ڪيڏاري جا معيار ڪهڙا ٿي سگھن ٿا؟

s    ڇا تنوير عباسيءَ جو سُرڪيڏارو، جديد ڪيڏاري جي معيارن تي پورو لهي ٿو؟

o     جديد ڪيڏاري جا معيار

عام طرح سان ڪيڏاري لاءِ اهو معيار آهي ته: اهڙي شاعري جنهن ۾ ميداني جنگ ۽ اتان جي حالات واقعن جو بيان اهڙي ته انداز سان ڪيو ويو هجي، جو جنگ جا ذڪر هيٺ آيل، اُهي سڀ منظر اکين اڳيان ٿيندي محسوس ٿين. پر جديد سنڌ جي ڪيڏاري لاءِ معيار هن ريت مقرر ڪجي ٿو: اهڙي شاعري، جنهن ۾ جديد سنڌ (ورهاڱي کان پوءِ واري صورتحال جو پسمنظر) جي درد ڪهاڻيءَ، سورمن جي سورهيائي ۽ ڌرتيءَ جي حفاظت لاءِ ڏنل جانين جي نذرانن جي پيشڪش اهڙي ته انداز سان ڪئي وئي هجي، جو پڙهندڙ پنهنجي اکين اڳيان واقعن جو ورجاءُ ٿيندي محسوس ڪري.

o     تنوير عباسيءَ  جي سُر ڪيڏاري جو تنقيدي جائزو

تنوير عباسيءَ جو ڪيڏارو ورهاڱي کان پوءِ سنڌ ڌرتي توڙي سنڌي ماڻهن سان ٿيندڙ ڪلورن، سنڌ ڌرتيءَ جي سورمن جي سورهيائيءَ ڌرتيءَ جي حفاظت لاءِ جدوجهد (ويڙھ) ۽ سورمن پاران جانين جي نذراني ڏيڻ جي پسمنظر ۾ سِرجيل آهي. پنجن داستانن تي مشتمل هي سنڌ جو جديد ڪيڏارو 4 مارچ جي جدوجهد، سنڌالاجيءَ کي ڏنل باھه، شهيد عبدالرزاق سومري جي عقيدت ۽ ٽوڙي واري واقعي جي پسمنظر ۾ سِرجيل آهي. تنوير عباسي پاران سنڌ جي جديد ڪيڏاري جي زيبائتي نموني ٿيل عڪاسيءَ جو مظهر سندس سُر ڪيڏاري ۾ شامل شاعري آهي.

سرفروشي جڏهن اکين جو لباس ٿي ويندي آهي، تڏهن موت جو خوف دلين جي ديس مان بدر ٿي ويندو آهي. نٻل جسم به فولادي روپ ڌاري وٺندا آهن. دنيا جا درد ڏسي اکين مان سانوڻ جي مينهن جيان وسندڙ حساس شخص به جڏهن ڌرتيءَ جو سڏ ٻڌندا آهن، تڏهن سڏ ورنائڻ کي فرض سمجھندي، ميڻ جهڙين دلين مان ڪهڪاءُ جو قالب مٽيندي، اکين کي اهڙو ته ڏمر جو ويس اوڍي ڇڏيندا آهن، جو پنهنجو پاڻ کي وقت جا مضبوط ترين وحشي سمجھندڙ شخص به ٽنگن کي ٻنهي هٿن سان جھلي ناهن سگھندا ۽ خوف سندن وجود کي سرديءَ جي بخار جيان ويڙهي ويندو آهي. جوانيءَ جي اوج تي رسيل ڳڀرو توڙي جو پنهنجي ئي رت سان وهنتل هوندا آهن، پر سندن اکين ۾ شعلن جي سرمستي موجود هوندي آهي. توڙي جو اهڙن ڳڀرو ۽ جوڌن جوانن جو انگ انگ گھاءُ جي آرسي بڻجي پوندو آهي، تڏهن به سندن اکين ۾ آجپي جي جيت جي اُميد چوڏهينءَ جي چنڊ جيان چمڪندي نظر ايندي آهي. اهڙي ئي ڪمال جي عڪاسي تنوير عباسي هيٺ ڏنل بيت ۾ ڪئي آهي:    

من هئا ميڻ انهن منجھان نڪري ويو ڪهڪاءُ،

ڏسن   جي  ڏمر  مان،  پئي   ڏاڍن  ۾  ڏهڪاءُ،

ڳڀرو  وهنتل  رت  ۾، ته  به اکڙين منجھ الاءُ،

عضوي عضوي  گھاءُ، سر ۾  سودا  سوڀ جا.

(ص: 280)

جنگ جي هر صورت اذيتناڪ ٿيندي آهي. جڏهن وقت جي جابر جي اکين مان انسانيت جا ابابيل اُڏامي ڪوهين ڏور ڪڪرن جي ديس ۾ پناھ وٺندا آهن، تڏهن حَوس جون ڳِجھون ظالم حڪمرانن جي ذهنن جي زمين تي پنجا کوڙي ويهي رهنديون آهن. ديس جي آجپي جي ڌُن تي، سرمستي ڪيفيتن جي ترين تي رقص ڪندڙ روح رکندڙ جوڌا، توڙي جو ٻن درياهن جي وچ ۾ هجن، پر دشمن جي بندوقن جي مُنهن ۾ سندن سيني جو ڦهلاءُ ڍال جيان هوندو آهي. بم جي ڦاٽڻ ۽ ڌماڪن جي ڌُن تي پُرزا ٿيندڙ شيشن توڙي گئس جي عرش کي ڇُهندڙ طوفان ۾ به ديس کي ايمان سمجھندڙ ارڏا نوجوان، پاڻيءَ کي پنهنجي رت سان وهنجاري امرتا بخشي ڇڏيندا آهن. اهڙي ئي اذيتناڪ ڪٿا جي عڪاسي تنوير عباسيءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ هيٺينءَ ريت ڪئي آهي:       

ٻن پاسي پاڻي، سامهون دشمن دوبدو،

ڦاٽا   بم  شيشا  ڀڳا  ۽  گئس  اڏاڻي،

رت  گاڏڙ   پاڻي،  آيو  تري  اکين   ۾.

(ص: 280)

جڏهن ڌرتي ڪنهن جابر جي پنجي جي روڳ ۾ ويڙهجي ويندي آهي، تڏهن نهارن ۾ تيرن جي شڪتي رکندڙ سورما، جن جا جاڙا ڀروون ڪمان جو ڏيک ڏيندا آهن، سندن دليريءَ جي هاڪ، گھٽي گھٽيءَ ۽ چونڪ چونڪ تي جنگ جي تراني جيان گونجندي رهندي آهي، اهڙا جوان توڙي جو لهوءَ ۾ وهنجي لال ٿي ويندا آهن، تڏهن به آزاديءَ سان عشق ڪندڙ انهن جوڌن جي چپن تي آجپي جا نعرا بغاوت جي گيت جي گونج بڻجي ويندا آهن. تنوير عباسي اهڙي ئي وارتا جي عڪاسي هن ريت ڪري ٿو:

ڳڀرو ڳاڙها جوان، رت سان وهنتل بت سڄو،

 نظر نظر  ڄڻ  تير  آ  ڀروون  ڄڻ   ته   ڪمان،

چونڪ چونڪ چؤٻول آ، گھٽيءَ گھٽيءَ گهمسان،

جاڳيا   جنگ  جوان،   لڳندا  نعرا  نينهن   جا.

(ص: 281)

جڏهن به وقت جي جابر جي اکين ۾ آجپي جي سج جا ڪرڻا، ڀڳل شيشي جي نوڪ جيان چُڀڻ لڳندا آهن، تڏهن سندس بي ضميري هٿ ڪڙين ۽ ڏنڊا ٻيڙين کي جنم ڏيندي آهي. اتهاس جي وجود تي اهڙن اڻ ڳڻين واقعن جا نشان رهڙن جيان موجود آهن، جيڪي ان ڳالھ جا ساکي آهن ته، وقت جي ڏاڍ توڙي جو باضمير ماڻهن جي هٿن کي ڪڙين ۽ پيرن کي ڏنڊا ٻيڙين جي لوهي ڪڙين ۾ ڪڙي قيد ته ڪيو آهي، پر آجپي جو فڪر، عُقاب جي اُڏام جيان آهي، جنهن کي وقت جا فرعون ڪڏهن به قيد ناهن ڪري سگھيا. اهڙي ئي عڪاسي تنوير عباسي پنهنجي شاعريءَ ۾ هن طرح ڪري ٿو:

هٿن  پيرن  ۾ ڪڙيون روشن آهي ضمير،

فڪر نه ڄاڻي ڦند، ڪي عشق نه ٿئي اسير،

ذهنن جا  زنجير، ڪنهن نه گھڙيا  آهن اڃا.

(ص: 282)

سنڌ تي جڏهن به ڏکيو وقت آيو آهي، سنڌ جي سُورمن پاڻ ملهايو آهي. اهو معرڪو توڙي کرڙي جي جنگ جو هجي، دُٻي جي جنگ جو هجي يا مياڻيءَ جي ميدان جو معرڪو هجي، سنڌ جي جوڌن وقت جي جابر جا ڏند کٽا ڪيا آهن. اهڙي ئي عڪاسي تنوير عباسي پنهنجي شاعريءَ ۾ هن ريت ڪئي آهي:

گھٽي گھٽي آ سنڌ جي ڄڻ مياڻيءَ جو ميدان،

ڳڀرو ڳڀرو ڳوٺ جو ڄڻ هوشوءَ جهڙو جوان،

ٿيندو  اڄ   ميدان،   نعرا    ٻڌبا   نينهن   جا.

(ص: 283)

ماضيءَ جي تاريخ جا ورق اُٿلائڻ سان ان ڳالھ جي وضاحت ٿئي ٿي، سامراجي قوتون جڏهن ڪنهن قوم جي ٻوليءَ جي قدامت توڙي ادب جي معيار جي خوف ۾ ويڙهجي وينديون آهن، تڏهن سڀ کان پهريان ان قوم جي ڪتابن جي ذخيرن کي نظرِ آتش ڪيو ويندو آهي. ڇوته ڪتاب هر قوم جي ٻولي، علم توڙي ادب جا سرچشما ٿين ٿا. شر پسند عناصرن پاران سنڌالاجي کي ڏنل باھ، جيڪا هر باشعور شخص جي لاءِ اهڙي ئي درد جو مظهر هئي، جهڙو درد جسم مان ساھ نڪرڻ وقت ڪوئي محسوس ڪري سگھندو آهي. تنوير عباسي اُن درد جي احساس جو اظهار هن ريت ڪري ٿو:

سنڌالاجي ڇا سڙي، ڄڻ روشن ٿي وئي واٽ،

ٻرندي  رهندي  لاٽ، جاهل  علم نه  ٿئي فنا.

(ص: 331)

صدين کان شاھ لطيف جو رسالو ڌرتي توڙي ڌرتي واسين جي وجود جي علامت جي اهڃاڻ طور جابرن جي اک ۾ ڪنڊي جي چُهنب جي چڀڻ جي درد جيان دکندو رهيو آهي، شاھ لطيف جي رسالي ۾ شاعريءَ جي روپ ۾ جيڪو شعور جو فڪر موجود آهي، سو هر اُن جبر جي ديوار جي پيڙھ ۾ وڏاڻ جي زوردار وار جيان آهي، جنهن جي جھٽڪي سان ياجوج ماجوج جا لڱ ڀي ڪانڊارجي وڃن. اهوئي ڪارڻ آهي، جو جڏهن سنڌالاجيءَ کي باھ ڏئي ساڙيو ويو، ان ۾ ڪيترائي قيمتي اثاثا جن ۾ شاھ لطيف جو رسالو به شامل هو، سڙي ويا، پر انسانيت جي انهن دشمنن جي پليت ارادن جي تڪميل نه ٿي سگھي، توڙي جو اهو هاڃو سنڌ ڌرتيءَ جي تاريخ ڪنهن وڏي سانحي کان ڪنهن به صورت ۾ گھٽ ناهي. تنوير عباسي پنهنجي شاعريءَ ۾ ان سانحي جي عڪاسي هن طرح ڪئي آهي: 

رسالو  سڙندو  ڏسي، مُرڪيو  ڀٽ  جو  گھوٽ،

سڙي نه سگھندي سنڌڙي، چڙهندي ويندي چوٽ،

ڳڀڙو  ڳاڙها  گھوٽ، جنهن  لئه سر صدقي ڪندا.

(ص: 332)

دنيا جي تاريخ ساکي آهي ته توڙي جو جابرن ڪنهن ڌرتي جي قيمتي اثاثن ’ڪتابن‘ کي ساڙي اهو پئي سوچيو آهي ته شايد هنن شعور جون پاڙون اُکيڙي ڇڏيون آهن، پر حقيقت جي آئيني هميشه سندن اهڙي ڪروڌ جي اُبتي عڪاسي آهي، اهڙن شڪري جي پنجن مان ساھ کڻندڙ جابرن جي پيشانيءَ تي تاريخ هميشه ڌوڙ سان ملامتن جي آڱرين جا نشان ٺاهيندي رهي آهي. اهڙي ئي وارتا جي عڪاسي تنوير هن ريت ڪئي آهي:

ويري  ماري  جک، آڏو  منهنجي  علم جي،

ساڙن ٿا جيڪي پوي، تن جي منهن ۾ رک،

محبت  جن  جي من  ۾، تن جا ڪک به لک،

ڪاريءَ  وارا  ڪک، ويري  تنهنجي  پاند ۾.

(ص: 332)

جڏهن به ڪنهن قوم جي ڪارآمد فردن جو سفاڪانه قتل ڪيو ويو آهي، ان قوم جي شاعرن پنهنجي دل توڙي دماغ تي سانداڻ جي شديد ڌڪن جي وار جو درد محسوس ڪيو آهي ۽ باشعور شاعرن، شعور جي جلندڙ چِتا جي درد جي گھرائيءَ کي شاعريءَ جي رنگين ڪپڙن ۾ ڍڪي عالمي شعور جي اکين ۾ گرم سيخن جو درد اوتي انسانيت جو لاٿل عَمامو ٻيهر پهرائڻ جي ڪامياب ڪوشش پئي ڪئي آهي. تنوير عباسي پڻ اهڙي ئي درد کي محسوس ڪندي لکي ٿو:  

ڪيڏا ڪيڏارا، ڳايان پنهنجي سنڌ لئه،

مٽيءَ  ۾  ملندا  وڃن، ماڻهو  موچارا،

ڪڏهين هچارا،  تڙبا  پنهنجي سنڌ مان.

(ص: 354)

        سنڌ اها ڀاڳوند ڌرتي آهي، جتي هميشه اهڙن امر انسانن جو جنم پئي ٿيو آهي، جن پنهنجن ديس واسين جي پيرن ۾ پنبڻيون رکي، وارن کي هنڌ جيان پئي وڇايو آهي. اهڙن امر انسانن جو وجود جتي پنهنجن لاءِ هير جي هڳاءُ ۽ گلابي پنکڙين جي ڇُهاءُ جيان رهيو آهي، اُتي ڌارين لاءِ تير ڪمان ۽ ڪنهن زوردار طوفان جي شدت جيان رهيو آهي. اهڙن امر انسانن جو سفاڪانه قتل ظاهري طرح ته کين ڌرتيءَ واسين جي اکين کان اوجھل ڪري ڇڏي ٿو، پر سندن ڪردار تاريخ جو اڻمٽ باب بڻجي وڃي ٿو. اهڙي ئي پيڙا تنوير عباسيءَ جي اندر ۾ جڏهن ڪر موڙي ٿي، تڏهن سندس سٽون ان درد جو مظهر بڻجي پون ٿيون:

پيار  جنهين   جو هير جان، ۽ ڪاوڙ طوفان،

پنهنجن جي لئه پنکڙي، ڌارين لئه تير ڪمان،

اهڙو    مرد    مهان، مٽيءَ    ۾   ملي   ويو.

(ص: 354)

ڌرتيءَ جي آجپي جو خوبصورت خواب جڏهن اکين جي سرزمين تي عُقاب جيان اچي لهندو آهي، تڏهن لال لباس پهري عشق، شاھ عنايت شهيد، مخدوم بلاول، هوشو، هيمون ۽ شهيد سورهيه بادشاھ جو روپ ڌاري بغاوت جي علم جيان نڪري نروار ٿي آڪاس جون بلنديون ماپڻ لڳندو آهي. عشق جي اها رسم جنهن قوم کي ورثي ۾ ملندي آهي، ان قوم جا سپوت عشق کي امام ڄاڻندي سر تريءَ تي رکي ڌرتيءَ کي دان ڏيڻ لاءِ هروقت تيار رهندا آهن. جن جي اکين ۾ عشق لالائيءَ جيان لهي ايندو آهي، انهن جو سمورو جسم توڙي جو گولين سان پروڻ هوندو آهي، سيني ۾ گولين جا گھاوَ هوندي به درد جي پچار سندن چپن جو گيت ناهي بڻجندي، اهڙي ويلا ۾ به سندن آواز ڌرتيءَ جي آجپي جو نعرو بڻجي گونجندو رهندو آهي. اهڙي ئي جديد سنڌ (ورهاڱي کان پوءِ) جي سپوتن جي جانين جي نذرانن جي پيشڪش جي عڪاسي تنوير عباسي پنهنجي شاعريءَ ۾ هن ريت ڪري ٿو:

مرن   مارڳ  منجھ،  گولين  سان   پرڻ  جثو،

نه ڪا دانهن نه ڪوڪ آ، نه ڪا ڪنجھو ڪنجھ،

گوليون سيني منجھ، ته به نعرا هڻن  نينهن  جا.

(ص: 480)

آجپي جي اُميد پکي جي اُن اُڏار جيان هوندي آهي، جنهن جو جنم سندس ماءُ جي ڪوڙي ۾ ٿيندو آهي، پر ماريءَ جي شوق جا پڃرا سندس لاءِ عمر جي ماڙيءَ جي قيد جيان هوندا آهن ۽ جڏهن کيس اُمالڪ هٿ تِرين تان اُڏار جي آزادي جا لمحا نصيب ٿيندا آهن، تڏهن اُن پکي لاءِ اُها اُڏار سموري حيات جو ثمر هوندي آهي. ونيون جڏهن پنهنجي زندگيءَ جو اهم اڌ سندن ور، خوشيءَ سان چپن تي مرڪ سجائي ساڻن موڪلائي، کين ڌرتيءَ جي حفاظت لاءِ موڪلينديون آهن، تڏهن سَون مائرن جي جيتامڙن ٻارن جي آزادي جو سُندر سپنو سندن اکين کي آخري سجدي جو مظهر بڻجي پوندو آهي. اهڙي زيبائتي عڪاسي تنوير عباسيءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ هن ريت ڪئي آهي:

سنڌ  ته  سکي  ٿئي،  آءٌ  ڏهاڳڻ  ئي  چڱي،

نياڻيون سياڻيون، تن جو ونگو وار نه ٿئي،

منهنجو  ننڍڙو  پٽ  جو، ٿي  آزاد  جيئي،

ڏولائو   جو  ڏيھ   تي،   اهو    شال   لهي،

منهنجو ڪانڌ  مري، ماري موذين  جو هزار.

(ص: 482)

نتيجو:

ü               اهڙي شاعري جنهن ۾ جديد سنڌ (ورهاڱي کان پوءِ) جي درد ڪهاڻيءَ، سورمن جي سورهيائي ۽ ڌرتيءَ جي حفاظت لاءِ ڏنل جانين جي نظرانن جي پيش ڪش اهڙي ته انداز سان ڪئي وئي آهي، جو پڙهندڙ پنهنجي اکين اڳيان واقعن جو ورجاءُ ٿيندي محسوس ڪري ٿو.

ü               تنوير عباسيءَ جو ڪيڏارو سنڌ جي جديد ڪيڏاري جي حيثيت رکي ٿو، جنهن ۾ ان وقت جي جديد سنڌ (ورهاڱي کانپوءِ) جي سورمن جي سورهيائيءَ ۽ ڌرتيءَ لاءِ ڏنل جانين جي نذراني جي پسمنظر جي عڪاسي اهڙي ته زيبائتي انداز سان ٿيل آهي، جو پڙهندڙ پنهنجي اکين اڳيان واقعن جو ورجاءُ ٿيندي محسوس ڪري ٿو.

حوالا:

1.                  بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر،  (2005ع)، ”نئين جامع سنڌي لغات“، (جلد ٻيو)، (ڇ- ڪ)- حيدرآباد: سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، (ڇاپو پهريون)، ص 1395.

2.                  گربخشاڻي، هوتچند مولچند، ڊاڪٽر، (2012ع)، ”رسالو شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو عرف شاھ جو رسالو“، ڪراچي: ثقافت کاتو حڪومت سنڌ، (ڇاپو چوٿون)، ص 808.

3.                  آڏواڻي، ڪلياڻ، (2004ع)، ”رسالو شاھ عبداللطيف ڀٽائي“، ڪراچي: سنڌيڪا اڪيڊمي، ص 311.

4.                  ڪاشف، محمد حسين، (2012ع)، (شاھ، سچل ۽ خليفو قاسم)، ڪراچي: ثقافت کاتو حڪومت سنڌ، (ڇاپو پهريون)، ص 165.

5.                  جويو، تاج، (2015ع)، ”خليفي نبي بخش جي شاعري ۽ سندس دور“، خليفي نبي بخش جي شاعراڻي عظمت، مرتب: پروفيسر ڊاڪٽر قادر بخش مگسي، ڪنڊيارو: روشني پبليڪيشن (ڇاپو پهريون)، ص 54.

6.                  جويو، تاج، حوالو ساڳيو، ص 54-55.

7.                  جويو، تاج، حوالو ساڳيو، ص 55.

8.                  مهر، خادم، ڊاڪٽر، (2011ع)، ”تنوير عباسيءَ جون علمي ادبي خدمتون“، ڪنڊيارو: روشني پبليڪيشن، (ڇاپو پهريون)، ص 91.

9.                  جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر، (2000ع)، ”تنوير عباسي هڪ مطالعو“، حيدرآباد: گنج بخش ڪتاب گھر، (ڇاپو پهريون)، ص 70.

10.              حوالو ساڳيو، ص 71.

مددي ڪتاب:

1.                   عباسي، تنوير، (1989ع)، ”تنوير چئي“، ڄام شورو: انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org