سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3۽4/ 2018ع

باب:

صفحو:5 

ڊاڪٽر عصمت فاطمھ ويسر

 

 

 

ويراڳي ڪلام جو فڪر ۽ فلسفو

ويراڳ هڪ ڪيفيت جو نالو آهي، جيڪا انسان ۾ موجود هوندي آهي. اها ڪيفيت ڪڏهن چهري مان نظر ايندي آهي، ته ڪڏهن شاعريءَ جي صورت ۾ ظاهر ٿيندي آهي، اها ڪيفيت ڪڏهن خاموشي اختيار ڪندي آهي. اهڙي ڪيفيت جو ذڪر ڪندي شاهه عبداللطيف چوي ٿو ته:

گوندر هٿ نه پير، ور منجهين وَهَڻو،
سُورَن لايا سير، ڪڙهه ۾ قطارون ڪري.

(آڏواڻي، 1997ع: 349)

ڏکن کي هٿ پير ناهن هوندا، پر اندر ۾ گهر ٺاهيو ويٺا هوندا آهن ۽ انسان جي اندر ۾ ويراڳ جو ڳاهه پيو ڳاهبو آهي. ويراڳ جي سمجهاڻي ڏيندي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو ته:

هنديءَ ۾ بيراڳ، سنڌيءَ ۾ ويراڳ، ويراڳ: وڇوڙو، جدائي، ڏک، تڪليف، سوز، گداز، غم، لڇڻ، تڙپڻ، بيچيني

(بلوچ، 1988ع: 2993).“

ويراڳ ۾ وڪوڙيل ماڻهو هميشه بيچين رهندو آهي. اهڙو انسان هڪ پل به سُک ۾ نه هوندو آهي. دنيا جي ڪنهن شئي مان سڪون نه ايندو اٿس. جنهن ماڻهوءَ کي ويراڳ ورائي ويندو آهي، اُن کي ڪا به دوا درمل اثر نه ڪندي آهي. جنهن کي جدائيءَ جو ٻاڻ لڳندو آهي، تنهن تي دنياوي شيون ڪو به اثر نه ڪري سگهنديون آهن. اهڙو شخص سدائين سُڏڪندو رهندو آهي، مرڻ جيئڻ واري حالت ۾ هوندو آهي. اهڙي ڪيفيت کي شاهه عبداللطيف هن طرح بيان ڪري ٿو:

مون تان لڪائي گهڻو، روئڻ ڪي روشن،
رسيو ريزالن کي، منجهان زرديءَ ظن،
ويري مون وَرَن، ڳالهه ڪيائين ڳجهه جي.

(آڏواڻي، 1997ع: 344)

ويراڳ انساني اندر ۾ ڏک ڀري ڪيفيت پيدا ڪرائي ٿو، اها ڪيفيت انسان ڪيترو به لڪائي، سندس چهري مان ظاهر ٿي پوندي آهي. محبت ۾ مليل درد انسان جي وس کان ٻاهر آهي، ڇو جو درد هميشه درد سر بنجي دل ۾ گهر ڪري وهندو آهي. ان حوالي سان شاهه سائين فرمائي ٿو ته:

ڳرن ۾ ڳرهيج، روئي ڪج مَ پڌرا،
تان سوراڻي سهيج، جان لاهيندڙ ڪو لهين.

(آڏواڻي، 1997ع: 349)

دل جون ڳالهيون دل ۾ رک، روئي ٻين جي سامهون پڌريون نه ڪر، دنيا دل جي درد کي نه سمجهندي آهي، اهو ئي درد ڏيندڙ آهي. تيستائين درد واري ڪيفيت کي برداشت ڪندو رهه، جيستائين ڪو درد لاهيندڙ ملئي. اڳتي شاهه سائين فرمائي ٿو ته:

مُون مَنجهيئي مِينهَن، ڪوهه ڪريندس ڪڪرين،
سَرلو سارو ڏينهن، مون پريان جو نه لهي.

(آڏواڻي، 1997ع: 350)

انسان جو اندر برهه سان ڀريو پيو آهي، جيڪو راتو ڏينهن، مينهن جيان وسي پيو، ٻين ڪڪرن جي ڪهڙي ضرورت آهي. ڪڪر ته ڪڏهن ڪڏهن وسندو آهي، پر ويراڳ ۾ ورتل ۽ محبت جي ماريل انسان جو اندر هر گهڙي پيو وسندو آهي. دل جي ڪيفيت جو اندازو لڳائڻ ڏکيو آهي، ڇاڪاڻ جو اهڙي ڪا به مشين ايجاد ڪانه ٿي آهي، جنهن سان درد جو ڪاٿو ڪري سگهجي. درد ته دل ۾ ناسور جي صورت اختيار ڪري ويندو آهي. اهڙو اظهار ڪندي شاهه سائين فرمائي ٿو ته:

نڪو سنڌو سُورَ جو، نڪو سنڌو سِڪَ،
عدد ناهه عشق، پڄاڻي پاڻ لهي.

(آڏواڻي، 1997ع: 347)

سورن جي ڪا به حد ناهي. محبتن مان ئي درد جنم وٺندا آهن. عشق جو درد ويراڳ بڻجي روح کي وڪوڙي ويندو آهي. دنيا جي ميلي ۾ ڄڻ ماڻهو پنهنجي درد سان ڪچهري ڪندو رهندو آهي. ڏک ڪنهن پاسي چُرڻ ئي نه ڏيندا آهن. عشق ڪيترو به گهرو ڇو نه هجي، ته به نينهن ڄڻ ته اڻپورو آهي. عشق بي انت آهي، عشق جي ڪا به منزل ناهي. عشق جي ڪا منزل هجي ها ته ماڻهن تي ڪڏهن به شاعريءَ واري ڪيفيت طاري نه ٿئي ها.

ويراڳي لفظ جي معنيٰ بابت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جامع سنڌي لغات ۾ لکي ٿو ته:

ويراڳي، سنياسي – فقير، تارڪ الدين، عابد، زاهد، جوڳي، عاشق، ويراڳي يا سنياسي، دنيا کان پري، عابد ۽ زاهد جوڳي ۽ عاشق (بلوچ، 1988ع: 2993).“

ويراڳي اُهي ماڻهو آهن، جن جي سامهون صرف انسانذات ئي سڀ ڪجهه آهي. انهن جو دين ڌرم ئي انسان ۽ انسان جو روح آهي. اصل شئي ته انسان آهي، جنهن جي ڪري الله پاڪ هيءَ سموري ڪائنات تخليق ڪئي. ڪنهن انسان کي انسان جو قدر ناهي ته پوءِ مذهب ڪهڙي ڪم جا! ڇاڪاڻ ته الله پاڪ انسانن جي دلين ۾ رهندڙ آهي، نه مسجد يا مندر ۾ - جن جي دلين ۾ الاهي عشق جي چڻنگ ٻريل هوندي آهي، اهي عاشق ان باهه ۾ پچڻ کامڻ ۾ خوشي محسوس ڪندا آهن. اهڙن سنياسين کي الاهي قرب جو ڪان لڳل هوندو آهي، جو هي جوڳي سور سختيءَ ۾ گذاريندا آهن. اهڙا عاشق ۽ زاهد هميشه سُور واري سبق ۽ نينهن واري ناسور ۾ غرق رهندا آهن. اهي پل پل ۾ پڄرندا ۽ پچندا رهندا آهن.

پروفيسر سترامداس سائل پنهنجي لغت سائل ڪوش ۾ ويراڳي جي معنيٰ سنياسي، تياڳي، تارڪ (ص 552) لکي آهي، جڏهن ته عبدالرشيد ميمڻ پنهنجي لغت سنڌيءَ کان سنڌي ۽ انگريزي ۾ ويراڳيءَ جو مطلب لکيو آهي: ويراڳ ورتل، وڇوڙي جو ماريل، دنيا کي ترڪ ڪيل، تارڪ، تپسي، جوڳي، هندو ساڌو، فقيرن جو هڪ فرقو. انگريزيءَ ۾ An ascetic, a sect of wandering Jogis

ويراڳي لفظ لاءِ انگريزي زبان ۾ ٻه لفظ ڪم آندا ويندا آهن: پهريون لفظ "Devotional"، هن جي وضاحت آڪسفرڊ انگريزي – سنڌي ڊڪشنريءَ ۾ هن طرح ٿيل آهي:

جامي يا پوئلڳ، پوڄاري، ڀڳت، پڪو پوڄاري، پرجوش (Devotion) شخص يا مقصد سان والهانه وابستگي، دلي لاڳاپو، اتساهي پيار، وفاداري، جهجهي محبت، الف: مذهبي عبادت، دينداري، پرهيزگاري، ب: جمع طور، عبادت، رياضت، ڀڳتي دينداري، مذهبي جذبو، اُتساهه، سرگرم (Devotional Hymns) صفت ڀڳتي جو ديني طريقو.(3)

ٻيو لفظ آهي: Chanting Hymns – هن لفظ جي وضاحت آڪسفرڊ انگريزي – سنڌي ڊڪشنريءَ ۾ هن طرح ڏنل آهي:

Chant Forums: چانٽ اسم – الف: سُريلن ٻولن جو گڏيل آلاپ، شدوراڻيءَ نموني ٻول جو ترنم سان ورجاءُ 2- راڳداري ٻه يا ٻن کان وڌيڪ واري وڄت، جيڪا موزون ترڪيبون جهڙوڪ: مناجات وغيره ڳائڻ لاءِ وڄائجي، 2- ان ريت ڳايل مناجات يا ڌرمي گيت، غنائيه شعر خواني، ساڳئي انداز ۾ ورجائڻ (A crowd chanting slogans) نعرا هڻندڙ انبوهه، 2- ڳائڻ يا سُر ۾ پڙهڻ (ص 281).“

انگريزي ٻوليءَ وارو لفظ رگ ويد جي منترن لاءِ انگريزي ٻوليءَ ۾ نعم البدل طور ڪم آندو ويندو آهي، انڪري رگويد جي منترن کي به ويراڳي ڪلام چئبو آهي. اهو ٻڌائڻ به ضروري آهي ته ويراڳي ڪلام هر لحاظ کان سُر راڳ ۽ راڳداريءَ جي سُرن سان واسطو رکي ٿو. جيئن ته ويراڳي ڪلام کي روح جي راحت ۽ دنيا کان بي ثباتيءَ جو ڪلام سمجهيو ويندو آهي، تيئن ويراڳي ڪلام جي پسمنظر ۾ دنيا کان فاني ۽ اهڙي ئي مقصد لاءِ درويش ۽ سنت هيءُ ڪلام پنهنجن مريدن ۽ پيروڪارن کي ڪو درس يا سبق ڏيڻ لاءِ جوڙيندا آهن. اهڙن ٻڌندڙن کي طالب، سالڪ ۽ ڀڳت چئبو آهي.

انگريزي زبان ۾ انهن کي 'Devotee' چئبو آهي. هن وضاحت مان اهو ظاهر ٿيو ته ويراڳي ڪلام مان مراد اهو ڪلام آهي، جنهن مان سالڪ کي ڪا نصيحت ملي، جنهن جي ٻڌڻ سان سالڪ روح جي راحت محسوس ڪري. اُن جي ٻڌڻ سان سالڪ پنهنجو پاڻ ۾ گم ٿي وڃي، جنهن جي ٻڌڻ سان سالڪ کي ذڪر ۽ فڪر ڪرڻ جو درس ملي ۽ سالڪ کي پنهنجي نفس مارڻ، پنهنجي محبوب سان ملڻ جي آس ۽ تمنا يا ان جي پيدا ڪيل خلق سان نياز، نوڙت، انڪساري ۽ خوش خلقيءَ سان پيش اچڻ جو درس ملي. سنڌ جي صوفي ۽ ڪلاسيڪل شاعرن پنهنجي شاعريءَ ۾ ويراڳي ڪلام جو مفهوم ۽ مقصد سمجهائيندي ڪافي مثال ڏنا آهن. هن قسم جي ويراڳي ڪلام ۾ صوفياڻي، ناصحاڻي، عاشقاڻي ۽ اخلاقي ڪلام يعني اخلاقي درس ڏيندڙ ڪلام جو ٻيو نالو آهي. ويراڳي ڪلام ۽ ٻئي قسم جي ڪلام ۾ فرق اهو آهي ته ويراڳي ڪلام جو واسطو سُر راڳ ۽ راڳداريءَ سان هوندو آهي، يعني ويراڳي ڪلام، راڳ جي سُرن جي آڌار تي ڳائبو آهي.

سنڌ جي ويراڳي شاعرن اهڙن ئي جوڳين، تارڪ الدين زاهدن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ لازوال ڪري پيش ڪيو، جيڪي پنهنجي تن کي تپسيا ڏيئي سرير کي ساڙي پاڻ فنا ڪري، ساريون راتيون جاڳي الله جي بندن لاءِ اهڙو رستو يا نجات جي راهه ڳوليندا رهندا آهن ۽ انهن خيالن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ سمائي ڇڏيو آهي. مولانا رومي (6هه سن 1193ع) فرمائي ٿو ته:

اوليا را در درون هم نغمهما ست،
طالبان رازبان حيات بي بهاست.

معنيٰ: خدا (رب) شناس بزرگن جي اندر به ڪي اهڙا آواز ٿين ٿا، جن جي ٻڌڻ سان طالبن کي بي بها زندگي حاصل ٿئي ٿي. (شاهواڻي، 2008ع: 85)

مطلب ته اهي آواز ٻڌڻ لاءِ اوهان کي ظاهري ڪنن جي ضرورت ناهي. اهي ٻڌڻ لاءِ اوهان اندر جي آواز کي محسوس ڪريو. هيءَ دنيا جنهن کي اوهان هميشه بقا واري جاءِ سمجهو ٿا، اها گهڙي پل جو کيل آهي. اوهان غافل آهيو، اوهان کي خدا جو آواز ٻڌڻ لاءِ سچيءَ دل سان مالڪ کي ياد ڪرڻو پوندو. دنيا جون لالچون ۽ لوڀ ختم ڪري هن دنيا کي فاني ڄاڻي مالڪ سان لنئون لائيندا ته اوهان کي خدا جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو. اڳتي مولانا رومي فرمائي ٿو ته:

هست هوشياري زياد ماضي،
ماضي  و  مستقبلت پرده خدا.

معنيٰ: "جيڪي ٿي گذريو آهي، تنهن تي ويچار ڪرڻ به خوديءَ جي ڄاڻ آهي، ماضيءَ جو ويچار ۽ مستقبل جي ڳڻتي ساڳيا پردا آهن." (شاهواڻي، 2008ع: 88)

حقيقت اها آهي ته ماضيءَ کي ياد ڪري تڪليف رسندي آهي. اندر ۾ ساڳيو ئي ڏک ۽ رنج غم، ياد ايندا آهن. جيترو حادثي مهل تڪليف ٿي هوندي، اها ياد ڪرڻ سان وري تازي ٿيندي. ماضي ڇڏي حال ۾ رهي رب پاڪ کان معافي گهرو. جيترو اوهان ماضي ياد ڪريو ٿا، اهو وقت توهان يادِ الاهي ۾ صرف ڪريو ته بهتر آهي. رب ڪريم آهي، پنهنجن بندن جون خطائون معاف فرمائيندو آهي. صرف سچيءَ دل سان توبهه تائب ٿيو. ان سلسلي ۾ سومرا دؤر جو شاعر پير صدرالدين (1290هه – 1411ع) فرمائي ٿو ته:

ڪپاتيئن ڪتيو يارا، جڏهن ستو لوڪ،
تنهن پنهنجو ڪٽي وڌو، ڳچي ڳاڙهو طوق

(خواجه، 2005ع: 241)

جيڪي دل سان رب کي ياد ڪندا آهن، رب پاڪ به انهن کي ياد ڪندو آهي. الله پاڪ کي ظاهري عبادت جي ضرورت ناهي. لوڪ کان لڪي سچي محبت سان ياد ڪرڻ رب پاڪ کي پسند آهي.

پير صدرالدين اڳتي فرمائي ٿو ته:

جيڪي صبحڙي نه جاڳيا تنهن کي حورون نه اينديون هٿ،
سي هاءِ هاءِ ڪندا، هٿ هڻندا، جيئن هاري وڃائي و
ٿ.

(خواجه، 2005ع: 241)

پير صاحب پنهنجي ويراڳي ۽ نصيحت ڀري ڪلام ۾ سڀني ڏتڙيل انسانن کي چوي ٿو ته هيءَ دنيا گهڙيءَ کن جو ماڳ آهي، ننڊ ۽ ڪاهليءَ ۾ وقت ضايع نه ڪريو. نفس جي غلاميءَ کان پري رهو ۽ حق جي ڳولا ۾ رهو، نه ته قيامت جي ڏينهن ان مورک هاريءَ واري حالت ٿيندي، جنهن پنهنجي پهرين برڪت واري وٿ وڃائي ڇڏي هئي. پير صاحب اڳتي فرمائي ٿو ته:

دنيا  فاني  ڄاڻئين،
ڪل  جڳ ڏينهن چار.

 (خواجه، 2005ع: 243)

هيءَ دنيا فاني آهي، هت ڪير به ناهي رهڻو، هيءُ منجهند جو ماڳ آهي، چار ڏينهن زندگي آهي. جيڪو ڪرڻو اٿئي ته ڪري وٺ، وري زندگي ناهي ملڻي. زندگيءَ ۾ انسان انيڪ خواهشون پالي ٿو، پر اهو ڪونه ٿو سوچي ته هتي گهڙيءَ کن يا چار ڏينهن رهڻو آهي، واپس روح خدا ڏانهن وڃڻو آهي. دنيا فاني آهي، هتي ڪير رهڻو نه آهي، رهندو نالو الله جو! بندن جي خدمت ۽ مالڪ جي عبادت ئي ڇوٽڪاري جو وسيلو آهي. ان سلسلي ۾ سلطان باهو (1628-1691ع) فرمائي ٿو ته:

اکين سرخ مُنهين تي زردي هرولون، دل آهين هُو،
مُها مهاڙ خوشبو ئي والا پهنتا وڃ ڪڏاهن هُو.
عشق مشق نه ڇپي رهندي، ظاهر ٿين اٿاهين هُو،
نام فقير اَنها دا باهو، جنهان مالڪاني تنهان هُو.

(لغاري، 2004ع: 57)

عاشق جون اکيون هميشه زرد هونديون آهن. سندن دلين مان هميشه آهه نڪرندي آهي. عشق جي خوشبو ڪڏهن به ناهي لڪندي، عاشق لکن ۾ پڌرو ٿيو پوي. عاشق ڪيترن نالن سان سڏيو ويندو آهي. اهڙي ريت سلطان باهو اڳتي پنهنجي طالبن لاءِ فرمائي ٿو:

تارڪ دنيا تد ٿيوسي جدان فقير مليوسي خاصا هُو،
راهه فقر دا تدا لڌيوسي، جدا هٿ پڪڙيوسي ڪاسا هُو.
دريا وحدت دا نوش ڪيتوسي، اجان ڀي جي پياسا هُو،
راهه فقر، رت هَنجُو رووڻ باهُو، وڪان ڀائي هاسا هُو.

(لغاري، 2004ع: 91)

سلطان باهو، پنهنجي شاعريءَ جي ذريعي پنهنجي دل جي ڳالهه بيان ٿو ڪري ۽ پيغام ٿو ڏئي ته هن فاني دنيا مان تڏهن جان ڇڏائي سگهندؤ جڏهن ڪو توهان کي رهنمائي ڪرڻ وارو هجي. فقير واري راهه تي توهان تڏهن پهچندؤ جڏهن هٿ پڪڙيندڙ رهبر هجي، فقير جي راهه به تڏهن حاصل ڪري سگهندؤ جڏهن ان سان نينهن لائي پنهنجي گرفت مضبوط ڪندؤ. سلطان باهو اڳتي فرمائي ٿو:

تلهه ٻَن توڪل والا هو مردانه تر اي هُو،
جنهن دک ٿين سک حاصل هووي اس دک ٿين نه ڏري اي هُو.
ان مع العسر يسرا آيا چت اُسي ول ڌري اي هُو،
اوهه بي پرواهه درگاهه هي باهو اُٿي رو رو حاصل ري اي هُو.

(لغاري، 2004ع: 92)

سلطان باهو هٿ ٻڌندي چوي ٿو ته ٿلهه ٻڌ يقين وارو، مردانگيءَ سان نڪري پئو. هيءَ نصيحت هر ماڻهوءَ لاءِ آهي ته همٿ سان هلندو رهه، منزل ضرور ملندي، پر سختيون به برداشت ڪرڻيون پوندءِ. جيڪا منزل ڏک ۽ تڪليف سان حاصل ٿيندي آهي، ان ۾ سُک به ملندا آهن. ان ڏک يا تڪليف کان ڊڄڻ نه گهرجي، همٿ ڪرڻ گهرجي، عاشقن کي ڪڏهن ڏکن ۽ تڪليفن کان گهٻرائڻ نه گهرجي. روئي رڙي ۽ نياز نوڙت سان محبوب کي راضي ڪرڻ گهرجي. سچو سالڪ ۽ طالب اهو آهي، جيڪو صبر سان سهندو رهي ۽ اڳتي وڌندو رهي منزل ڏانهن. ان سلسلي ۾ ڀڳت ڪبير (1496-1396ع) فرمائي ٿو ته:

صاحب میرا ایک ہے دوجا کہا نہ جائے،

دوجا صاحب جو کہوں صاحب کہرا رسائی۔

 (سرن کیف، 2006ء: 25)

ڀڳت ڪبير صاحب به هڪ ئي رب کي ياد ٿو ڪري. چوي ٿو ته جيڪڏهن ٻئي ڪنهن کي شريڪ ڪندوسين ته سائين مون کان ناراض ٿي ويندو. ائين سچن عاشقن کي به گهرجي ته هڪڙي ئي رب کي ياد ڪن. هيءُ سالڪن لاءِ مشعل راهه جو رستو آهي. سائين سڀني جو هڪڙو ئي آهي، ان جي هيڪڙائيءَ کي جوڳي ويراڳي به مڃن ٿا. اڳتي ڪبير صاحب فرمائي ٿو:

جا کے منہ ماتها نہیں، ناہیں روپ گرو،
بہت پاس تين پاترا ايسا تتوا لوپ گرو۔

(سرن کیف، 2006ء: 25)

ويراڳي به اهڙي معشوق جا عاشق آهن، جنهن جو نه چهرو، نه سندس ڪا پيشاني، نه خوبصورت ۽ نه ئي بدصورت آهي. سندس ڪا به شڪل شبيهه نه آهي، رب پاڪ اهڙي لازوال هستي آهي جو سندس مٽ ثاني ڪو به ناهي، سندس مثل ڪو به نه آهي. ڪبير صاحب اڳتي فرمائي ٿو ته:

ایک کہوں تو ہے نہیں دونی کہوں تو گار،،
ہے جی
سا تیسا رہے کہے کبیر بچار۔

(سرن کیف، 2006ء: 26)

ڪبير صاحب الاهي عشق ۾ تمام اڳتي نڪري ويو آهي. چوي ٿو ته جيڪڏهن مان هڪ ٿو چوان ته هو آهي ئي نه، مالڪ جي ڪا به خبر ناهي، جيڪڏهن ٻه چوان ته گار ٿي ويندي. جڏهن سوچ ويچار ڪريان ٿو ته ان جو بيان نٿو ڪري سگهان. مالڪ سائين جيئن آهي، تيئن رهندو، جنهن جي باري ۾ يعني خدا جي متعلق ڪو به رايو نٿو ڏيئي سگهجي، نه ئي ڪجهه چوڻ ممڪن آهي.

صوفي، ويراڳي شاعر سنڌ جا هجن يا هند جا، انهن مختلف حوالن سان پنهنجي شاعريءَ ۾ پيغام ڏنو آهي. گرو نانڪ صاحب (1469-1529ع) فرمائي ٿو ته:

بدن شجر کے مانند ہے

اور من اک پرندہ

اس درخت پر پانچ پرندے چہک رہے ہیں

یہ پرندے اس شجر کا رس چوس رہے ہیں

لیکن کبھی اس کے دام میں گرفتار نہیں ہوتے جو اس کے اردگرد منڈلاتے ہیں

دانا دنکا چگتے ہیں

(بٹ، 2005ء: 165)

گرونانڪ صاحب هڪ وڻ کي دنيا جو مثال ڪري پيش ڪيو آهي، ته جيئن وڻ تي پکي ويٺا آهن، انسان به ائين هن دنيا ۾ آهي. جيڪڏهن انسان صحيح رستو اختيار ڪندو ته ٻئي جهان سنوارجي ويندس، جيڪڏهن غلط رستو اختيار ڪندو ته اونهي کاهيءَ ۾ ڪِري پوندو. بابا گرونانڪ صاحب اڳتي فرمائي ٿو ته:

انسان کی زندگی زہر سے لدا ہوا جہاز ہے

جو سمندر کی موجوں کے رحم کرم پر رواں ہے

کس جانب

کوئی کنارہ نہیں

نہ بادبان ہے، نہ ناخدا ہے، نہ پتوار کا سہارا

اے ندیم

یہ دنیا کا بڑے جال میں اسیر ہے

خدا کی ذات ہی امیر ہے

نجات انسان کی ایک یہی دلیل ہے

اس کا مقدم نام

اس کا ذکر (فکر) اس کی فکر، اس کی یاد

بن سکتی ہے ساحل مراد

نانک نام جہاز ہے

چڑھے سوا تری پار

وہی ناخدا ہے

اس کو سب پر اختیار

کوئی خود سد راہ نہیں بن سکتا

اس کا نام عظیم ہے

اس کی عبادت میں جو ہمہ وقت مصروف ہے وہی نجات پائے

ٹ، 2005ء: 166)

گرو نانڪ صاحب چواڻي جهاز به دنيا جي مثال آهي. هن دنيا ۾ اهو ئي ڪامياب ٿيندو، جيڪو ثابت قدم رهندو. جهاز وانگر دنيا جهان هلي پيو. ڪنهن پاسي ڪو ڪنارو ڪونهي، جنهن سمنڊ ۾ جهاز هلي پيو، سمنڊ موجون پيو هڻي. رب پاڪ سواءِ ڪو به مانجهي ڪونهي. هيءَ دنيا وڏو ڄار آهي. خدا جي ذات ئي امير آهي. خدا کان سواءِ ڪا به هستي ناهي جيڪا نجات ڏياري سگهي. ان جي ذڪر فڪر سان نجات ملندي. رب پاڪ جو مقدس نالو ئي ڪنارو سمنڊ ٿي سگهي ٿو. اي گرو نانڪ! رب پاڪ جو نالو وٺي جهاز ۾ چڙهه ته پار پهچي ويندين، ان جي نالي وٺڻ سان ڪو به خوف خطرو نه ٿيندو. رب پاڪ جو نالو عظيم آهي، ان جي عبادت ۾ مصروف رهه، اهو ئي نجات جو رستو آهي، ان جي رحمت انسان تي آهي.

جتي ويراڳي ڪلام ۾ پنجابي، هندي، گجراتي شاعريءَ جو تمام گهڻو حصو آهي، اتي سنڌ جي شاعرن به پاڻ ملهايو آهي. مون کي جيتوڻيڪ سنڌ جي شاعرن جي ويراڳي ڪلام تي ڪم ڪرڻو آهي، پر ڪجهه هندي، گجراتي ۽ پنجابيءَ جي شاعرن جو به ويراڳي ڪلام نموني طور پيش ڪيو آهي، ته جيئن ڪڙيءَ سان ڪڙي ملڻ سان ڳالهه سمجهه ۾ اچي سگهي.

ويراڳي ڪلام ذريعي پنهنجن سالڪن طالبن کي نصيحت ڪندي قاضي قادن (1463-1551ع) فرمائي ٿو ته:

پهرين پاڻ وڃاءِ، پاڻ وڃائي سو لهي،
من اندر مهپاءِ
، توئي اندر سپرين.

(ٺڪر، 1996ع: 65)

قاضي قادن چوي ٿو ته پاڻ مان خوديءَ کي ختم ڪر، پاڻ ۾ پاڻ کي وڃائي، رب کي ڳولي لهندين. پاڻ ۾ جهاتي پائي ڏس ته صاحب تنهنجي اندر ۾ آهي، سپرين تنهنجي دل ۾ موجود آهي، تن ۽ من مارڻ کان سواءِ سپرين سان ڪڏهن به وصل ڪونه ڪري سگهندين. قاضي قادن اڳتي فرمائي ٿو ته:

ستو سنجهيئي منهين ويڙهي موئن جيئن،
نه تو سنيل تات، نه تو جهوري آهه ڪا،

(ٺڪر، 1996ع: 65)

سوير سمهڻ ۽ دير سان جاڳڻ ڪاهلن جو ڪم آهي. آرام طلبندڙ انسان کي ڪڏهن به مالڪ جو ديدار نصيب نه ٿيندو، نه ئي ان ۾ جستجو هوندي ۽ نه ئي ڪا چُستي. ان مان الله جي مخلوق کي ڪو فائدو نه رسندو، بي اونو انسان جانورن کان بدتر آهي. ڪاهل نه پاڻ خوش رهندو، نه اُن مان ٻين کي فائدو رسندو. صوفي شاعرن جي ڪلام جو مقصد انسان ۾ الله جي مخلوق لاءِ جستجو پيدا ڪرڻ آهي.

ساڳئي سلسلي جي ڪڙيءَ طور ميون شاهه عنات رضوي (1644-1713ع) هن طرح ٿو موتين جي مالا پوئي:

اسين بندا تنهنجا، تون اسان جو ڌڻي،
ڏٺا ڏوهه بخشين، خاڪين تان کڻي،
مڙيئي نول نهاريان، جان هن
ئين سان هڻي،
تان سڀئان ئي گهڻي، رحمت تنهنجي راڄيا.

(بلوچ، 2010ع: 85)

مالڪ تون خالق، اسان جو ڌڻي آهن، تون ئي اسان جي غلطين ۽ گناهن کي بخشڻ وارو آهين. تون ئي اسان گناهگارن تي پردو رکندڙ آهين. سڀ رستا نهاريا، پر سڀني پاسي توکان سواءِ ڪو به سهارو نظر نه آيو. صوفي شاعرن جو ڪلام اسان لاءِ مشعل راهه آهي. هيءَ دنيا اهڙو ڄار آهي، جيڪو انسان جي سمجهه کان مٿي آهي، پر صوفي شاعر اسان ڀٽڪيل انسانن جي رهنمائي پيا ڪن. سندن ڪلام اسان لاءِ رب سان لنئون لائڻ جو گس ڏسي ٿو. اهڙي ڪلام ۾ دنيا ۽ آخرت جو پيغام آهي.

دنيا مان نااميد ٿيل انسانن لاءِ مخدوم نوحرح (1506-1590ع) فرمائي ٿو ته:

پيئي جا پرڀات، سا ماڪ نه ڀانيو ماڻهئَا،
روئي چري رات، ڏسي ڏکوئين کي.

(جوڻيجو، 2004ع: 62)

مخدوم نوحرح خبردار ڪندي چوي ٿو ته جيڪا اوهان دنيا اڇي اجري ڏسي رهيا آهيو، سا ايتري اُجري ناهي، ان تي ڀُلجي نه پئو، ماڻهن کي گمراهه ڏسي رات به روئي ٿي ته انسان خساري ۾ آهي، جيڪڏهن انسان هن دنيا جي لوڀ لالچ مان جان نه ڇڏائي ته نقصان ۾ ويندو.

پنهنجي طالبن کي خبردار ڪندي شاهه ڪريم بُلڙيءَ وارو (1538-1623ع) فرمائي ٿو ته:

هنيون ڏج حبيب کي لڱ گڏجن لوڪ،
کڏيون ۽ کروتو، اي چڱو سڳر ٿوڪ.

(ميمڻ، 2007: 53)

دل مالڪ جي طرف، دل ۾ صرف الله پاڪ جي محبت رک، باقي دنيا سان هلندو رهه، مسجد مندر سڀ سٺيون جايون آهن، پر محبت مالڪ سائينءَ سان ئي رهي.

ان سلسلي ۾ بابا بُلها شاهه (1680-1757ع) فرمائي ٿو ته:

سڄڻان دي وڇوڙي ڪولون، تن دا لهو ڇاڻ دا،

دکان سولان ڪيتا ايڪا،

نه ڪوئي ساهوراڻيان نه ڪوئي پيڪا،

درد وهوڻي پئي در تيري تون هين، درد رنجاڻي دا.

سڄڻان دي وڇوڙي ڪولون، تن دا لهو ڇاڻي دا،

ڪڍ ڪليجه ڪرني هان ٻيري،

اي ڀي نهين هي لائق تيري،

هور توفيق نهين وچ ميري.

سڄڻان دي وڇوڙي ڪولون، تن دا لهو ڇاڻي دا،

هڻ ڪُيون روندي نيڻ نراسي،

آپي اوڙڪ ڦاهي ڦاسي

هڻ تان ڇٽڻ اوکا هويا،

چاره نهين نماڻي دا،

سڄڻان دي وڇوڙي ڪولون، تن دا لهو ڇاڻي دا،

بلها شاهه پيا هڻ گجي،

عشق دمي سر تي وڄي،

چار ڏهاڙي سر تي وڄي،

اوڙڪ ڪوچ نقاري دا.

سڄڻان دي وڇوڙي ڪولون، تن دا لهو ڇاڻي دا،

(جکراڻي، 2005ع: 133)

صوفي شاعر سنڌ جا هجن يا پنجاب، هند، گجرات جا، پر پيغام سڀني جو ساڳيو آهي. ائين سنڌ جو سرتاج شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح فرمائي ٿو ته:

سڌين سيڻ نه وهون، نينهن نياپي نه ٿئي،
ڪاريءَ رات رت ڦڙا، جان جان نيڻ رون،
موٽڻ جنين ميهڻو، پڙ تي سيئي پوَنِ،
جن مسافر سپرين، سي مر رويو رُون.

(آڏواڻي، 1997ع)

شاهه سائين سچن عاشقن جو مثال ڏئي ٿو ته پيار، محبت ۽ پريم نياپن سان نه ٿيندو آهي ۽ عشق ۾ انڌيري راتين جو اڪيلو نڪرڻو پوندو آهي. عشق قربانين کان سواءِ نه ٿيندو آهي. نينهن نياپن سان ٿئي ها ته عاشق ايترا مجبور نه هجن ها. عاشقن کي رت جا ڳوڙها ڳاڙڻا پوندا آهن.

عشق جي باهه ۾ پچي لعل ٿيڻو پوندو آهي. محبت جي ميدان ۾ اهي ايندا، جن ۾ سُور، سختيون سهڻ جي طاقت هوندي. هونءَ به عشق پاڻ عجب غيبي طاقت آهي. ڀلي ڪيتريون به رڪاوٽون ڇو نه هجن، پيار پاڻ پيچرو آهي. اڳتي شاهه سائين فرمائي ٿو ته:

سامي کامي پرينءَ لاءِ ڪُسي ٿيا ڪباب،
جهڙو ڏسن ڏوهه کي تهڙو تن ثواب.

(آڏواڻي، 1997ع: 375)

شاهه سائين عاشقن، سامين، فقيرن جو ذڪر اهڙي ته دلبرانه انداز ۾ ڪيو آهي جو ڄڻ انهن جوڳين سان اسان گڏ پيا گهمون ۽ جوڳين ۽ ويراڳين کي ڪُسندي ڪباب ٿيندي اکين مان رت جا ڳوڙها وهائيندي سندن ڪچهريءَ ۾ ويٺا آهيون. شاهه سائين اڳتي فرمائي ٿو:

نسورو ئي نينهن جو، دل ۾ دود دکاءِ،
آڻي آڳ عشق جي ٻاري جان جلاءِ،
جندا! ائين جُڳاءِ، جيئن
آتشان آب ٿئي.

(آڏواڻي، 1997ع: 375)

دل ۾ الله جي عشق جي اهڙي دونهين دُکاءِ جو ان عشق جي باهه ۾ پاڻ کي ساڙي ڇڏ ۽ توکي ائين محسوس ٿئي جو ان باهه ۾ نه، پر پاڻي پيو گهمي. شاهه سائين اڳتي فرمائي ٿو ته:

ڪيهي ڪام ڪاپڙي، ٿا اهڙي روشن رَوَن،
نڪا دل دوزخ ڏي، نڪي بهشت گهُرن،
نڪو ڪم ڪفار سين، نڪو مسلماني من،
اڀا ائين چون، پرين ڪجو پاهنجو.

(آڏواڻي، 1997ع: 380)

شاهه سائين اهڙن عاشقن ويراڳين جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪي ڪنهن مذهب ۾ نٿا ڦاسن ۽ دنيا جي هر شئي کان پاڻ کي پري ٿا رکن. جيڪي نه مسلمان هئڻ تي فخر ۽ نه ئي پاڻ کي هندو سمجهن ۽ نه بهشت يا دوزخ جي فڪر ۾ رهن. اهڙن ويراڳين جو واسطو صرف رب پاڪ سان آهي. اهي الاهي عشق ۾ اهڙا مگن آهن، جو انهن کي دنيا جهان، مسلماني هندو، بهشت دوزخ، سک ڏک ۽ تڙپڻ جي پرواهه ئي ناهي. عام طرح سان ڏٺو وڃي ته عشق چاهي خدا سان هجي يا بندي سان، پر عشق ته عشق آهي، جنهن ۾ ماڻهوءَ جي اُڃ، بُک سڀ مري ويندا آهن، سواءِ محبوب جي ٻي ڪا به صورت ڏسڻ ۾ ڪانه ايندي آهي. عاشق هميشه بيڊپا هوندا آهن. شاهه سائين اڳتي فرمائي ٿو:

پوڄا ڪرِ مَ پاڻ کي، کوءِ راول ٻن رجات،
لباسان لطيف چئي ڀل ويراڳي وات،
من ماري ڪر مات
، ته تيرٿ پسين تڪيو.

(آڏواڻي، 1997ع: 386)

پنهنجي پوڄا نه ڪر، نه هٺ غرور ڪر. الله انهن کي ملندو، جنهن وٽ عاجزي هيٺاهين آهي.

سنڌ جو صوفي مست الست سچل سرمست (1739-1827ع) فرمائي ٿو ته:

عاشق ڪيئي اداسي، وهواهه ڳالهه خاصي،
روز ازل ڪون ل
نؤن لنؤن منهنجي واءَ ورهه واسي،
دلڙي اسان جي سهڻا سائين، پهريون ڪيتئي پياسي،
هيڏي هوڏي ڪين وياسي، باس اها اسان باسي،
بيخوديءَ مون باغ بهاران، خوديءَ کان خلاصي،
برهه انجي ڪيو بيراڳي،
سچو رنگ سنياسي.

(انصاري، 1997ع: 345)

سچل سرمست فرمائي ٿو ته عاشق جو اداس ٿيڻ ڪا خاص ڳالهه جيڪا عام ماڻهو نٿو ڄاڻي، روز ازل کان منهنجي لنؤن لنؤن ۾ ورهه جو واءُ واسو ڪري ويو آهي. اسان جي دل پهريون پياسي ڪري ڇڏي، هاڻي ته اسان ۾ ڪو به هوش نه رهيو آهي، سواءِ تنهنجي ياد جي، هيڏي هوڏي نهارڻ ڇڏي ڏنو. باس اها باسي ته شل محبوب جو ديدار ملي، جڏهن کان توسان لنؤن لاتي آهي، تڏهن عشق جي ويراڳ ۾ وڪوڙجي ويا آهيون. اسان جي حالت سنياسي فقيرن جهڙي ٿي ويئي آهي. تنهنجي ذڪر ۽ فڪر کان سواءِ ٻي ڪا ڳالهه ئي ڪانهي.

حوالا:

1.      آڏواڻي، ڪلياڻ، 1997ع، شاهه جو رسالو، ڪنڊيارو: روشني پبليڪيشن،  ص 349.

2.     بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، 1988ع، جامع سنڌي لغات، ڄام شورو: سنڌي ادبي بورڊ، ص 2993.

3.     آڪسفرڊ انگريزي – سنڌي ڊڪشنري، 2010ع، آڪسفرڊ يونيورسٽي پريس، ڪراچي، ص 281.

4.     ايضاً، ص 469.

5.     شاهواڻي، غلام محمد، 2008ع، مولانا جلال الدين رومي، حيدرآباد: سنڌي ساهت گهر،  ص 85.

6.     خواجه، نور افروز، ڊاڪٽر، 2009ع، سومرن جي دؤر جي ويراڳي شاعري، ڪينجهر تحقيقي جرنل، سنڌي شعبو، ڄام شورو: سنڌ يونيورسٽي، ص 121.

7.     لغاري، گل حسن، ڊاڪٽر، 2004ع، ابيات سلطان باهو، حيدرآباد: سنڌي ساهت گهر، ص 57.

8.     سرن ڪيف، سرسوتي، 2006ع، ڀڳت ڪبير، فلسفو شاعري، لاهور: فڪشن هائوس، 18 مزنگ روڊ، ص 25.

9.     ايضاً، ص 26.

10. ٻُٽ، آدم، 2005ع، فريد، نانڪ، بُلها، لاهور: نگارشات، مزنگ روڊ،  ص 165.

11.  ايضاً، ص 166.

12. ٺڪر، هيرو، 1996ع، قاضي قادن جو ڪلام، ڪنڊيارو: روشني پبليڪيشن، ص 65.

13. بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، 1963ع، ميين شاهه عنات جو ڪلام، حيدرآباد: سنڌي ادبي بورڊ،  ص 85.

14. جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر، 2004ع، سنڌي ادبي تاريخ، (جلد پهريون)، حيدرآباد: سنڌي لينگئيج اٿارٽي،  ص  62.

15. ميمڻ، عبدالمجيد، سنڌي، ڊاڪٽر، 2007ع، ڪريم جو ڪلام، ڪنڊيارو: روشني پبليڪيشن،  ص 53.

16. جکراڻي، غلام محمد، ڊاڪٽر، 2005ع، ڪلام بلهي شاهه، ڪنڊيارو: روشني پبليڪيشن،  ص 133.

17. راڻيپوري، محمد صادق، مولانا، 1982ع، سچل جو سرائيڪي ڪلام، ڪنڊيارو، روشني پبليڪيشن، ص 345.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org