شمشيرالحيدري
نون خيالن
وارو انسان دوست
هونئن ته هر ڏيپلي جي رهاڪوءَ کي
’ڏيپلائي‘ چئجي، پر اوهين يقين ڪريو ته سنڌ جي هر
پڙهئي لکئي ماڻهوءَ جي ذهن ۾ هيءُ لفظ هڪ خاص شخصي
اصطلاح جي حيثيت سان ورهين کان وٺي اهڙو ته مڪمل
تعارف پيدا ڪري چڪو آهي، جو هن وقت سنڌي ٻوليءَ ۾
’ڏيپلائي‘ جي فقط هڪ ئي معنيٰ آهي- ’محمد عثمان
ڏيپلائي؟ محمد عثمان ولد حبيب الله، ميمڻ، اصل ڳوٺ
ڏيپلو، حال ساڪن حيدرآباد سنڌ‘- جنهن جا لکيل ناول
سڄيءَ سنڌ ۾ ’ڏيپلائيءَ جا ناول‘ جي نالي سان
مشهور آهن، ۽ اها ئي چيز ڏيپلائيءَ جي هڪ
غيرمعمولي شخصيت هجڻ جو ثبوت پڻ آهي.
سنڌ جي هن غيرمعمولي شخصيت جو جيڪڏهن معمولي تعارف
به پيش ڪجي، ته ان لاءِ جيتريقدر عنوانن جي ضرورت
ٿيندي، سي به هڪ الڳ تصنيف جي ضخامت وٺي بيهندا.
ڏيپلائيءَ جي مجاهدانه زندگيءَ جو تصور ڪرڻ سان هڪ
وڏي تاريخي جدوجهد جو منظر اکين اڳيان اچي وڃي ٿو،
جنهن ۾ سنڌ جو ستايل ۽ اٻوجهه عوام، رفتي رفتي، هر
قسم جي شخصي، خانداني ۽ طبقاتي پرستش جي ڄار کي
ٽوڙيندو، مڃتا ۽ عقيدت جي انڌن بُتن کي ڀڃندو، وهم
ويساهه جي مڪارين مان نڪرندو، انسانيت جي روشنيءَ
۾، ڪاميابيءَ سان زندگيءَ جي آزاد راهن تي ايندو
نظر اچي ٿو. سمجهدارن جي هڪ وڏي اڪثريت انهيءَ
عمل ۾ ڏيپلائيءَ جي هن مبارڪ مهم کي قبول ڪري چڪي
آهي. سنڌ جي خوشحاليءَ جي انهيءَ جدوجهد جي ترجمان
جي حيثيت سان، ’ڏيپلائي‘ هاڻي هڪ فرد نه بلڪ نظريو
آهي.
محمد عثمان ڏيپلائي 1908ع ۾، ٿر جهڙي بي بندوبست
علائقي ۾ پيدا ٿيو. ننڍي هوندي کان ئي ڏاڍو ذهين
هو، ايتريقدر جو ٻاراڻي درجي ۾ به ڇهين درجي جا
سبق لس پڙهي ويندو هو ۽ سندس استاد خود مٿس حيران
هوندا هئا. سندس پيءُ هڪ ننڍڙو واپاري هو. اُن وقت
ڏيپلي ۾ انگريزي تعليم ڪانه هئي ۽ بدقسمتيءَ سان
ستن ڀيڻن جي هڪڙي ڀاءُ هجڻ ڪري مائٽ کيس اکين کان
پري ڪرڻ نه چاهيندا هئا، اُن ڪري پاڻ ست درجا پاس
ڪري پري مٺيءَ وڃي انگريزي پڙهي نه سگهيو. ڏيپلي ۾
رهي سنڌيءَ جا ست درجا پاس ڪيائين ۽ پوءِ واپار
ڪرڻ لڳو. انهيءَ ۾ هڪ مولوي صاحب کان ’زليخا‘
تائين پارسي جي تحصيل ڪيائين. ذاتي صلاحيتون ته
منجهس ڄمندي ئي ڄميل هيون، ان ڪري گجراتي، هندي،
گرمکي، اردو ۽ انگريزيءَ مان به پوري پني واقفيت
ورتائين. عربيءَ جي تعليم باقاعدي ته ڪانه ورتل
اٿس، پر قرآن شريف جو با ترجمي مطالعو، سو ايترو
ته گهڻو ڪيو اٿس، جو ڪنهن به آيت جو ترجمو بنا هٻڪ
جي ڪري سگهندو آهي، بلڪ عربيءَ جي ڪابه عبارت يا
شعر وغيره به سمجهي سگهندو آهي. تازو سنڌيءَ ۾
’اديب‘ پاس ڪيو اٿس.
ٿر جي ’ڏڪاريل‘ حالتن ڏيپلائيءَ کي آخر ڏيپلو ڇڏڻ
تي مجبور ڪيو ۽ پوءِ هو واپار جي سانگي سان لاڙ ۾
وڃي رهيو. اتي، ڪن زميندارن جي آڇ تي، واپار ڇڏي
ملازمت اختيار ڪيائين. پنجويهن ورهين تائين ٽنڊي
باگي، بدين، کپري، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ تعلقن ۾
مختلف زميندارن وٽ نوڪري ڪندو رهيو. ملازمت جي
فرصت واري وقت ۾ کيس اخبارن ۽ رسالن پڙهڻ جو ڪافي
موقعو مليو. آکاڻين سان ته ننڍپڻ کان شوق هئس.
انهيءَ زماني ۾ رسالي کي به ’اخبار‘
سڏيو ويندو هو. مسٽر خوشيرام ۽ تيجسنگهه پنهنجي
ماهوار ڪتابي سلسلي کي به ’ماهوار ناول اخبار‘ ڪري
چوندا هئا ۽ اڄ به ڪي نشر واشاعت ۾ مشغول رهندڙ
اهڙي سلسلي کي ائين ئي سڏيندا آهن. ڏيپلائيءَ جو
آکاڻين سان اهو شوق چوٿين درجي پڙهڻ وقت، اُن حد
تائين وڃي پهتو، جو پاڻ هڪ ’هفتيوار ناول اخبار‘
کڻي ڪڍيائين، جنهن جو نالو رکيائين ’فرحت آثار‘.
اخبار وري ڪهڙي؟ سڄي هفتي ۾ هٿ سان ويهي هڪڙي ڪاپي
لکندو هو ۽ وري پنهنجي ڪلاسي دوستن کي پڙهي به پاڻ
ٻڌائيندو هو! ان ۾ ’نيلوفر پري‘ قسم جون آکاڻيون ۽
ٻاراڻا چٽڪا، جيڪي اُٿئي ويٺي ٻين کان ٻڌندو هو،
سي گڏ ڪري شايع ڪندو هو. انهيءَ شوق جي سهاري،
هيءُ ننڍڙو ايڊيٽر ۽ پبلشر، اڳتي هلي سچ پچ ته وڏو
ايڊيٽر ۽ پريس جو مالڪ بڻجي پيو!
مطالعي جي شوق، ڏيپلائيءَ کي آخر لکڻ جو ڏانءُ
ڏنو. سندس پهريون مضمون، اردوءَ ۾، دهليءَ جي
اخبار ’منادي‘ ۾ شايع ٿيو. دراصل هيءُ خط هو، جو
خواجه حسن نظاميءَ ڏانهن محمد بن قاسم جي سوانح
بابت ’مناديءَ‘ ۾ شايع ٿيل ڪن غلطين جي درستين
بابت هو، پر خواجه صاحب اهو شايع ڪري ڇڏيو.
ڏيپلائيءَ کي پنهنجي پهرئين مضمون جي شايع ٿيڻ تي
بيحد خوشي ٿي ۽ کيس وڌيڪ مضمون لکڻ جو شوق جاڳيو.
انهيءَ زماني ۾ مولانا عبدالرزاق ۽ حڪيم عبدالخالق
’خليق‘
مورائي گڏجي،’ترقي‘ رسالو ڪڍندا هئا. حڪيم
عبدالخالق جي طرزِ تحرير ڏيپلائيءَ تي گهرو اثر
ڪيو، ۽ کيس انهيءَ رنگ ۾ لکڻ جو اشتياق پيدا ٿيو.
حڪيم صاحب پوءِ رسالو ’علمي دنيا‘ جاري ڪيو، جنهن
۾ ڏيپلائيءَ جو پهريون افسانو ’چنڊ سهڻو يا انسان‘
شايع ٿيو. انهيءَ همت افزائيءَ جي آڌار تي، هن
پنهنجو ٻيو افسانو ’ڪتو به کاڌو، ڪُک به نه ڀري‘
لکيو، جو پڻ ’علمي دنيا‘ ۾ ’فريبي دنيا‘ جي بدليل
عنوان سان شايع ٿيو. پوءِ ته ڏيپلائيءَ کي لکڻ جي
اهڙي لهر لڳي وئي، جو مضمون نويس مان ڪتابن جو
مصنف بنجي ويو.
1934ع ۾، حيدرآباد ۾، حڪيم عبدالخالق سان
ڏيپلائيءَ جي روبرو ملاقات ٿي وئي. ان جي ئي
فرمائش تي هن ’قرآني دعائون‘ ڪتاب لکيو، جو ’مسلم
ادبي سوسائٽيءَ‘ شايع ڪيو. اهوئي پهريون ڪتاب هو،
جنهن تي لفظ ’ڏيپلائي‘ ڇپيو، ۽ اڄ تائين اهو ’ٽريڊ
مارڪ‘ نه صرف سندس هر تصنيف جو تعارف بنيل آهي،
بلڪ ائڊريس طور به فقط ’ڏيپلائي‘ جو لفظي حوالو ئي
ڪافي آهي.
ڏيپلائيءَ کي جيڪا عام شهرت حاصل ٿي، سا ڏيپلائيءَ
جا ’اسلامي تاريخي ناول‘ واري سلسلي ذريعي. شروع
شروع ۾ کيس جاسوسي ناول پڙهڻ جو گهڻو شوق هو.
مشهور ضخيم ناول ’چندر ڪانتا‘ بمع ’ڀوتناٿ‘ هضم
ڪرڻ جي حد تائين پڙهيو هئائين. بلڪه، شرلاڪ هومز ۽
آرسين لوپن وارا جاسوسي ناول سندس خاص پسند هئا.
ان بعد جڏهن مولانا عبدالحليم ’شرر‘ جا تاريخي
ناول نظر چڙهيس، ته تاريخي ناول پڙهڻ جو شوق
جاڳيس، سنڌي ٻوليءَ ۾ جڏهن حڪيم عبدالخالق ’خليق‘
مورائيءَ جو ناول ’سندري‘ پڙهيائين، تڏهن سندس دل
۾ هيءَ خواهش پيدا ٿي ته سنڌيءَ ۾ اهڙائي اسلامي
تاريخي ناول گهڻي تعداد ۾ شايع ٿيڻ گهرجن، پر حڪيم
صاحب اهڙن وڌيڪ ڪتابن لکڻ بغير وفات ڪري ويو. البت
مولانا شرر ۽ علامه راشد الخيريءَ جي ڪجهه تاريخي
ناولن جا ترجما شايع ٿيا، پر پوءِ اُهي سلسلا به
خاموش ٿي ويا. ٻئي طرف اُردوءَ ۾ اهڙا ناول ڌڙا ڌڙ
ڇپجي رهيا هئا. ’ويڙهايو ۽ راڄ ڪريو‘ جي اصول
پٽاندڙ، انگريزن کي سخت ضرورت هئي ته هندستان جا
مسلمان ’مجاهد قوم‘ بنجي هندن جو مقابلو ڪن.
’الناس عليٰ دين ملوڪهم‘ جي مصداق مسلمانن ۾ اهي
خيال ائين پکڙجي ويا، جو ازخود اهڙا ڪتاب لکندڙ
مصنف پئي پيدا ٿيا. منشي صادق صديقي، نسيم حجازي ۽
ايم اسلم جا ناول تيزيءَ سان شايع ٿي رهيا هئا، جن
کي پڙهڻ ڏيپلائيءَ جو محبوب مشغلو هو. 1938ع ۾،
جڏهن ڏيپلائي ميرپورخاص ۾ ملازم هو، مولوي خيرمحمد
نظاماڻي به اُتي ئي رهندو هو. ٻئي اڪثر ملندا
رهندا هئا. هڪ دفعي گفتگو ٿي ته ’جيئن اردوءَ ۾
’مجاهدانه اسپرٽ‘ وارا ’اسلامي تاريخي ناول‘
شايع ٿين ٿا، تيئن سنڌيءَ ۾ به ٿيڻ گهرجن.‘ مولوي
صاحب انهيءَ تي ڏيپلائيءَ کي چيو ته ’لکي تون ڏي،
شايع آءٌ ڪرائيندس‘. البت ڏيپلائي پهريون اسلامي
تاريخي ناول ’سنگدل شهزادي‘ لکيو، جنهن جو پلاٽ
منشي صادق صديقيءَ جي ڪتاب ’آرمينيا ڪا چاند‘ تان
ورتل هو، ۽ منشي صادق وري اهو پلاٽ عربي تاريخ
’فتوح العجم‘ تان ورتو هو.
مولوي صاحب ته مالي مشڪلاتن سبب اهو ڪتاب شايع
ڪرائي نه سگهيو، ان ڪري ڏيپلائيءَ پنهنجو ڪتاب پاڻ
ڇپائڻ جو ارادو ڪيو. پنجاهه روپين جي اوڌر کڻي،
’سنگدل شهزاديءَ‘ کي پريس ۾ پهچائڻ بعد کيس خيال
آيو ته اهو سلسلو اڳتي به هلڻ گهرجي. ائين ئي هن
سماهي ڪتابن جي سلسلي جو اعلان ڪري ڇڏيو. انهيءَ
اعلان کي عمل ۾ آڻيندي ’اسلاميه دارالاشاعت‘ جي
نالي سان، ڏيپلائيءَ پهريون مرتبو ميرپورخاص ۾ هڪ
ننڍڙو ادارو قائم ڪري ورتو. اُن طرح شوق ئي شوق ۾،
پنجاهه روپين جي اُڌاري رقم سان شروع ڪيل انهيءَ
اداري کي هن وقت هزارن روپين جي وهنوار تي پهچائي
چڪو آهي.
سڀ کان وڏي خصوصيت، جيڪا ڏيپلائيءَ کي سنڌ جي مڙني
شخصيتن تي امتياز ۽ فوقيت ٿي بخشي، سا آهي
ڏيپلائيءَ ي پيري- مرشديءَ خلاف بغاوت ۽ مسلسل
جهاد. هن مجاهد جي سڄي عمر انهيءَ جدوجهد کي منظم
ڪرڻ ۾ گذري آهي، ۽ سچ پچ ته سندس هن شاندار
ڪارنامي کي جيڪڏهن اسين سنڌ جي سرزمين تي ’آبِ
حيات‘ جي جوءِ جاري ڪرڻ جي استعاري سان ياد ڪريون
ته اهو بلڪل بجا ٿيندو. سنڌ ۾ ورهين کان وٺي جيڪا
عام جهالت ۽ ذهني پست حاليءَ جي حالت قائم آهي،
تنهن اسان کي قومي ترقيءَ جي هر شعبي ۾ اڳتي وڌڻ
کان روڪي رکيو آهي. علم، هنر، معاش، اقتصاد،
سياست، اخلاق. مطلب ته اسين زندگيءَ جي هر مرحلي ۾
پست هئاسون ۽ پست آهيون. اڄ جڏهن دنيا جا سمورا
ملڪ ۽ قومون اجتماعي طرح، ۽ انفرادي طرح اسان جي
بنهه ويجهو ٻيون پاڪستان قوميتون، پنهنجي پنهنجي
حال کي بهتر کان بهتر بنائڻ ۾ اڳريون آهن ۽ ٻئي
طرف جڏهن جديد سائنس جي تازه ترين انڪشافن،
زندگيءَ جي سمورن قديم تصوراتي نظرين تان پردو
هٽائي، انسان جي عملي ڪردار کي ڪائنات جي وسيع
اختيارن سان همڪنار ڪري ڇڏيو آهي، تڏهن اسان جي
’سنڌي سٻاجهڙي‘ جو هيڻو حال اجهو هيءُ آهي جو اڃا
به وتي ٿو ’خاڪ چپٽيءَ‘ لاءِ ڀِٽون ڀيٽيندو ۽ ٽوڻن
ڦيڻن کي دردن جو دارون سمجهندو!
ڏيپلائيءَ جي طبيعت ۾ اوهام پرستيءَ جي خلاف بغاوت
سڀ کان اول علامہ شرر جي ڪتاب ’فردوس برين‘ پڙهڻ
سان پيدا ٿي. اهو ڪتاب کيس مشهور مبلغ توحيد
مولانا عبدالرحيم پڇمي مرحوم سن 1922ع ۾ پڙهايو
هو، جڏهن ڏيپلائي اڃا چوڏهن ورهين جو هو. مولانا
پڇميءَ جي پر اثر تبليغ لاڙ ۽ ڪڇ جي لکين ماڻهن کي
پير پرستيءَ جي جهنم مان ڪڍي، توحيد جي راهه تي
آندو. جيئن ته انهيءَ پٽ ۾ اهو پهرين شخص هو، جنهن
شرڪ جهڙي زبردست ڪوٽ کي ٽڪر هنيا، ان ڪري کيس بيحد
تڪليفون درپيش آيون، ليڪن سٺ سالن جي لڳاتار تبليغ
آخر اهڙو اثر پيدا ڪيو، جنهن جي ڪا حد ئي ڪانه
آهي. ڏيپلائيءَ پوءِ ’فردوس برين‘ جو ڳچ جيترو
ترجمو ’گلستان حسن‘ جي نالي سان شايع ڪيو، جنهن ۾
حسن بن صباح جي بهشتي باغ جو ذڪر آندو اٿس. اهو
ڪتاب پوءِ ضبط ڪيو ويو، حالانڪ اردوءَ ۾ ساڳيو
ڪتاب ڪاليج جي ڪورس تي رکيل آهي. ڪتابن جو اهو
سلسلو ٻه سال سماهي هليو، پوءِ ماهوار ٿيو ۽ اڄ
تائين جاري آهي. انهيءَ سلسلي جي ذريعي ڏيپلائي
’مرشد‘ جي پوئتان ائين ته هٿ ڌوئي لڳو آهي، جو
مرشد جي ٽنگ، ٻانهن به سلامت ڪانه ڇڏي اٿس: مرشد
جي درگاهه ۽ اُن جي ڪرامت ته خير، پر مرشد جي گڏهه
۽ گهوڙي، بلڪ مرشد جي ڪياڙيءَ ۽ ڪن جي پاپڙيءَ تي
به ويهي ناول جوڙيا اٿس! ان طرح، سنڌ جي ويساهه
وسوڙل عوام کي تهه در تهه فريبن ۽ مڪارين کان واقف
بنائڻ لاءِ ڏيپلائيءَ جيڪا جاکوڙ ورتي آهي، اسان
جي آئيندي جي خوشحاليءَ جي حق ۾ اُن جي اهميت،
بنيادي طرح نهايت ئي بلند آهي.
ڏيپلائيءَ جي ذهني ارتقا جي باب ۾ آريا سماجي هندن
سان سندس مقابلي بازيءَ وارو دور خاص اهميت رکي
ٿو. آريه سماجين طرفان ڊزن کن اهڙا ناول شايع ڪيا
ويا، جن ۾ مسلمان بادشاهن جي خانگي حالات کي نهايت
تلخ ۽ سخت انداز ۾ پيش ڪيو ويو هو. انهن مان هڪ
ڪتاب ’مغل رنگ- محل‘ ته جنسي چئلينج هو، جنهن ۾
مغل شهنشاهن جي اخلاقي ڪردار تي بريءَ طرح حملا
ڪيا ويا هئا. ظاهر آهي ته سخت تعصب جي هوا هلندي،
باهمي ڪشمڪش جي ڪا معمولي چڻنگ به وڏي ڀنڀٽ جو
باعث بڻجي سگهي ٿي. مسلمانن ۾ هن قسم جي تحريڪ
لاءِ نفرت جو ردعمل فطري هو. ڏيپلائي، جنهن اُن
وقت پاڻ کي هڪ ’مبلغ اسلام‘ ڄاڻي سوچيو ٿي ۽
’محافظ دين‘ ڄاڻي لکيو ٿي، تنهن جي دل جي حالت
انهيءَ غيرت جي ٽهڪن کان بلڪل غير بنجي وئي. گند،
گند سان صاف ٿئي نه ٿئي، ليڪن مسلمان بادشاهن جي
توهين جي تلافيءَ لاءِ ڏيپلائيءَ وري هندو راجائن
جا پول پڌرا ڪيا: ’مغل رنگ محل‘ جي مقابلي ۾
’ڏاهري رنگ محلَ‘ سچ پچ ته وڏي هلچل مچائي ڏني.
فساد دفع ڪرڻ لاءِ آخر سرڪار اُهو ڪتاب ضبط ڪيو.
حالانڪه ’مغل رنگ- محل‘ کي ڪاليج جي نصاب ۾ شامل
ڪيو ويو هو. ڏيپلائيءَ وري ٻيو ڪتاب لکيو- ’ڪُتي
جو (پٽ)‘. هن ڪتاب کي به ڪافي شهرت ملي. هندن جي
مقابلي ۾ ڏيپلائيءَ جي هن ديني قدم کي مسلمانن ۾
گهڻي قدر ساراهيو ۽ ڦهلايو ويو. ان طرح ڏيپلائيءَ
جي ڪتابن کي هاڻي هڪ وسيع مارڪيٽ پڻ ميسر ٿي وئي.
1941ع ۾ جنگ جي زور سبب ’نيوزپرنٽ ڪنٽرول آرڊر‘
جاري ٿيو، جنهن موجب ڪتابن لاءِ اخباري ڪاغذ جي
استعمال تي بندش وڌي وئي. اخبارن ۽ رسالن کي ته
سرڪاري اگهه تي پنو ملي سگهيو ٿي، پر ڪتابي ڪاغذ
جي قيمت بلئڪ ۾ پنجوڻي فرق تي پهچي وئي. ڏيپلائيءَ
اُن ڪري پنهنجي ڪتابي سلسلي کي ’ماهوار رسالي
عبرت‘
جو نالو ڏنو، جيئن پنو آسانيءَ سان ملي سگهي. پر
جلد ٻئي پني لاءِ به ’پيپر ڪنٽرول آرڊر‘ جاري ڪيو
ويو، جنهن موجب وري صفحن جي تعداد تي به پابندي
وڌي وئي، جنهن ڪري لاچار ڏيپلائيءَ کي پنهنجي
سلسلي کي هفتيوار ڪري هلائڻو پيو: وري جڏهن 1953ع
۾ ساڳيو تماشو شروع ٿيو، تڏهن حالتن پٽاندر
هفتيوار ’عبرت‘ کي روزانه اخبار بنائڻ جو خيال
ڪيائين. ڏيپلائيءَ ’عبرت‘ کي روزانه بنائڻ جي
منظوري فقط پني گهڻي ملڻ سبب ٿي وٺڻ چاهي، پر اها
اجازت کيس تڏهن عنايت ٿي، جڏهن ڪرنافلي ڪاغذ نڪتو
۽ پني جي تنگي گهڻي قدر گهٽ ٿي وئي. ليڪن ون- يونٽ
کان پوءِ اخبارن تي ايتريقدر ڪڙيون پابنديون وڌيون
ويون، جو ڪا نئين اخبار جاري ڪرڻ سنڌين لاءِ مشڪل
بلڪ محال ٿي پيو، اُن ڪري انهيءَ اجازت کي ضايع
ڪرڻ مناسب نه سمجهي، ڏيپلائيءِ روزانه ’عبرت‘
اخبار جاري ڪئي ۽ اڄ تائين ان کي هلائيندو اچي.
’عبرت‘ جو نالو مشهور ترڪي اديب ۽ صحافي ’نامق
ڪمال‘ جي اخبار تان ورتل آهي، جنهن سلطان
عبدالحميد جي آپيشاهيءَ خلاف بغاوت ڪرڻ ۽ ترڪ عوام
کي جمهوريت ملڻ جي مطالبي لاءِ هڪ بي نظير ڊرامو
’وطن‘ لکيو ۽ پوءِ ’عبرت‘ اخبار هلائي. جنهن جذبي
سان ڏيپلائيءَ پنهنجي اخبار جو نالو تجويز ڪيو هو.
واقعي انهيءَ جذبي جو ڀرپور اظهار اُن جي مضمونن ۾
ملي ٿو. جاگيرداري ۽ ڪاموراشاهيءَ جي خاتمي ۽ ملڪ
۾ جمهوري انصاف جي بحاليءَ جي عام مطالبي ۽ خصوصاً
سنڌ جي صوبائي خودمختيار حيثيت متعلق سڀني مسئلن
تي عوام جي حقن جي ترجماني، سخت کان سخت انداز ۾،
جيتريقدر ڏيپلائيءَ جي ’عبرت‘ ۾ اچي چڪي آهي، شايد
ئي ان کان وڌيڪ ڪنهن ٻئي پرچي ۾ نظر اچي. ليڪن
افسوس آهي جو ڏيپلائي ’عبرت‘ جي اشاعت کي وڏي
پيماني تي پهچائڻ کان مجبور آهي، جنهن ڪري سنڌ جا
اڪثر ماڻهو انهيءَ اخبار جا مفيد مضمون پڙهڻ کان
محروم آهن.
ان وچ ۾، 1942ع ۾، ڏيپلائي مستقل طرح حيدرآباد اچي
رهيو، ۽ ’اسلاميه دارالاشاعت‘ جو ڪتابي سلسلو ۽
’عبرت‘ اخبار پڻ ان طرح حيدرآباد ۾ منتقل ٿيا.
1947ع ۾ ڏيپلائيءَ پنهنجي موجوده پريس ورتي. اُن
کان اڳ سندس ڪتاب اڪثر محمد خان ’غنيءَ‘ واري
’هاشمي پريس‘ مان ڇپيا هئا. حيدرآباد واري دور ۾
ڏيپلائيءَ جو ’جماعت اسلاميءَ‘ سان اتفاق ۽ اختلاف
قابلِ ذڪر آهي. مولانا مودوديءَ جي ديني احياءَ جي
سلسلي ۾ ڪيل تقريرن ۽ جماعت اسلاميءَ جي ابتدائي
تنظيم کان ڏيپلائي گهڻي قدر متاثر ۽ پُر اُميد
ٿيو. سندس خيال هو ته جماعت اسلانيءَ کي زور وٺائڻ
سان پاڪستان ۾ ’حڪومت الاهيه‘ جي قيام وارين ڪوششن
کي تقويت پهچندي، ۽ ان کي اقتدار ۾ آڻڻ هر سچي
مسلمان جو فرض آهي. انهيءَ فرض جي احساس سان،
ڏيپلائيءَ جماعت اسلاميءَ جي پوري پوري پٺڀرائي
ڪئي. مودودي صاحب جي هر تازي تقرير ۽ ڪتابن کي
سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري شايع ڪيائين. پنهنجي اخبار ۽
ڪتابن ۾ هن تحريڪ جي تبليغ ڪيائين ۽ آخر سڄي ساري
پريس ئي جماعت اسلاميءَ کي پنهنجي لٽريچر ڇپڻ لاءِ
سپرد ڪري ڇڏيائين. جلد ئي، جماعت اسلاميءَ کي
پنهنجي لٽريچر ڇپڻ لاءِ سپرد ڪري ڇڏيائين. جلد ئي،
جڏهن جماعت اسلاميءَ کي توقع کان زياده اقتدار
حاصل ٿي ويو ۽ ان جي اندروني مصلحتن ۽ سياسي مفادن
جي پاليسي رفتي رفتي عيان ٿيڻ لڳي، تڏهن ڏيپلائيءَ
کي پنهنجي ’فرض‘ جي حقيقت به معلوم ٿي وئي، ۽ هو
يڪ لخت انهيءَ جماعت کان بدظن بلڪ متنفر ٿي ويو ۽
ڏيپلائيءَ لاءِ پنهنجن سمورن گذريل مرحلن تي نئين
سر نظر وجهڻ جو موقعو آندو، ۽ آخر هن پنهنجي تجربن
کي هڪ مستقل نتيجي تي پهچائڻ جو عزم ڪري ورتو. ان
باري ۾ ڏيپلائي پنهنجي خود سر گذشت سوانح ۾ لکي
ٿو:
”آخر مون هي تماشو به ڏٺو ته جيڪي به شخص مذهبي
فريب ڏين ٿا، سي سڀ درحقيقت ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾
سرمائيدارن، زميندارن، سيٺين ۽ حاڪمن جا ڇاڙتا آهن
۽ عوام کي ڪنهن نه ڪنهن طرح، سمجهي ٻجهي يا
بيخبريءَ ۾، سندن انساني حقن کان محروم رکڻ جي
ڪوشش ڪن ٿا. هر انسان لاءِ پهريون فرض آهي، پنهنجا
جائز ۽ بنيادي انساني حق حاصل ڪرڻ، ٻيون سڀ ڪوششون
ان کان پوءِ جون آهن: ڇاڪاڻ ته جنهن شخص کي صحيح
معنيٰ ۾ انسان ئي تصور نٿو ڪيو وڃي، ان جون باقي
طلبون ڀلا حيثيت ئي ڪهڙي ٿيون رکن؟
”هارين سان زميندارن جو جيڪو ويل آهي، سو مون
پنجويهه سال چِٽين اکين سان سندن اندر ويهي ڏٺو
آهي. ڪارخانن اندر مهينن جا مهينا رهي، مزدورن سان
سيٺين جو برتاءُ به مطالع ڪيو اٿم. پيرن، ملن ۽
ليڊرن جي فريبي زندگيءَ کي ڏسڻ جو مون کي ڪافي
موقعو مليو آهي ۽ سندن قلابازيون به مون پوريءَ
طرح پروڙيون آهن. اُهي ڳالهيون آهن، جن منهنجي
خيالن ۾ تبديلي آندي، ۽ مون جڏهن انهيءَ تصور هيٺ
وري مطالعو ڪرڻ شروع ڪيو، تڏهن پوريءَ طرح محسوس
ڪيم ته درحقيقت سمورا مذهب به انهيءَ تصور هيٺ
شروع ٿيا آهن ته انسانذات کي بهتري ۽ بهبودي ميسر
ڪري ڏجي، مگر جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ انهن جي پيشوائن
۾ خودغرضي ايندي ٿي وڃي ۽ هو آخر مذهب جي منشا کي
ئي بگاڙي چڪا آهن.
هر مذهب جي صهيح پيروي اهائي آهي ته مظلوم انسانيت
کي خودغرضيءَ جي زنجيرن مان آزاد ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي،
جيڪي پاڻ سمجهيو ويو آهي، سو عوام تائين پهچائجي.
هنن کي سندن پستيءَ جو احساس ڏياري، منجهن اها
اميد ڪجي ته اها پستي به بلنديءَ ۾ بدلجي سگهي ٿي.
اهو ڪو لوح محفوظ جو لکيو ڪونه آهي، جو ميٽجي ئي
نه سگهي. اُهي ته وڏن ماڻهن جا دوکا آهن، جي اسان
کي اهڙن لفظن ۾ پيا باور ڪرايا وڃن ته:
توڙي هلين تڪڙو، توڙي وجهين وک،
لکيي منجهان لک، ذرو ضايع نه ٿئي!
انهن ئي خيالن منهنجي دل مان هر قسم جي تعصب ۽
ڪٽرپڻي کي ڪڍي ڇڏيو ۽ غير مسلمن لاءِ جيڪا قدري
نفرت هئي، سا به هاڻي نه رهي آهي. منهنجي نظر ۾ هر
انسان هڪ ’انسان‘ آهي- ۽ بس.
’ڪفر است در طريقهء ما ڪينه داشتن،
آئين ما ست سينه چو آئينه داشتن.‘“
نون خيالن واري انسان- دوست ڏيپلائيءَ هاڻي تجربن
کي نئون روپ ڏيڻ شروع ڪيو. 1952ع ۾ هن ’اداره
انسانيت‘ قائم ڪيو، ۽ ان جي ذريعي انسانيت جي
معياري قدرن کي عام ڪرڻ لڳو. ان سلسلي ۾ هن ماهوار
’انسان‘ اخبار جاري ڪئي، ڪيترائي بهترين ڪتاب شايع
ڪيا. اڄ تائين اها اخبار جاري، ۽ ’سلسله انسانيت‘
جا ڪتاب هڪ منفرد معيار سان بدستور شايع ٿي رهيا
آهن. ’چار داڻا‘، ’ماڻهو ۽ ڌرتي‘، ’آمريڪي شاعر‘ ۽
’ڏکڻ مان ٿو سج اُڀري‘ جهڙا بهترين ڪتاب سنڌي ادب
۾ هڪ نمايان اضافو آهن.
1947ع واري ورهاڱي جيڪي حيرت انگريز تبديليون
آنديون، تن کان پوري ملڪ جو ماحول متاثر ٿيو. نه
صرف تاريخ جي هڪ قديم وحدت ۾ ٻن الڳ الڳ ورهاستن
جي وجود جنم ورتو ۽ عوام الناس جي ذهنن ۾ وطنيت جا
نوان ناتا داخل ٿيا، بلڪ ان بعد جلد ئي جيڪي
هنگامي حالتون پيدا ٿيون، يا پيدا ڪيون ويون، انهن
زندگيءَ جي اقتصادي ۽ معاشرتي تقاضائن جي بنياد
تي، پاڪستان عوام جي مختلف فطري گروهن ۾ هڪ بنيادي
۽ جمهوري عمل جو احساس بيدار ڪيو. اهو جمهوري عمل
هو ’پنهنجي تڏي سان محبت‘. ون يونٽ کان پوءِ
انهيءَ احساس جي مڪمل شرح، پنهنجي پوري پس منظر
سان، ماحول جي رڳ رڳ مان ڦٽي نڪتي، جنهن ۾ ’قوميت‘
جي احترام کي پاڪستاني زندگيءَ جو بنياد قرار ڏنو
ويو.
صوبائي خودمختياريءَ جي انهيءَ جدوجهد، ڏيپلائيءَ
جي مطالعي کي هڪ خوشگوار وسعت بخشي ۽ سندس دلي
امنگن کي سنڌ جي سرزمين سان وابسته ڪري ڇڏيو. ان
کان اڳ ’وطن‘ جي باري ۾ ڏيپلائي هڪ وڏي مبالغي ۾
مبتلا هو.
”شروع کان مذهبن جي چڪر ۾ اچڻ سبب، منهنجو اهوئي
تصور هو ته ’مسلم هين هم، وطن هي سارا جهان همارا‘
۽ ’ان تازه خدائون مين بڙا سب سي وطن هي‘، ان ڪري،
مون کي وطن سان ڪابه محبت ڪانه هئي. پاڪستان. بڻجڻ
بعد جڏهن سڀ کان اول ڪراچي سنڌ کان کسي وئي، ۽
پوءِ سنڌ جي زمين، جائدادن، نوڪرين، واپار، تعليم،
ادب ۽ زبان تي غير سنڌي ڀائرن جون ’برادرانِ يوسف‘
واريون بدنيت نظرون اٿيون...... جي اڳتي هلي عظيم
پنجاب عرف ’ون يونٽ‘ جي روپ ۾ نروار ٿيون، تڏهن
منهنجي ذهن کي سخت صدمو پهتو. وري جڏهن انهيءَ
احساس سان سمورن اسلامي ملڪن ۽ پاڪستان جي باهمي
تعلقات، وچ مشرق جي موجوده حالات، ۽ مغرب- مشرق جي
بين الاقومي صورتحال جو جائزو ورتم، تڏهن هن حقيقت
کي سڀ کان اهم ۽ ضروري محسوس ڪيم ته سڀ کان اول
آهي پنهنجو وجود، ان بعد پنهنجو گهر ۽ وطن، ان کان
پوءِ ئي وڌيڪ ڳالهيون سوچي سگهجن ٿيون. جنهن به
انسان کي پنهنجي ’تڏي‘ سان محبت ناهي، اهو سامين،
ڪهيرين، گرگلن ۽ واگهڙين وانگي سدائين رولو رهي
ٿو، ۽ ان لاءِ هن دنيا ۾ ڪوبه صحيح ٺڪاڻو ڪونهي.
آءٌ پوري يقين سان محسوس ڪريان ٿو ته سنڌ جي
باشندن سان هن وقت پاڪستان ۾ بلڪل اهڙو ئي ظلم روا
رکيو ويو آهي، جهڙو جپانين، چينين سان ڪيو. فلسطين
وارن سان يهودين ڪيو، فرينچ، الجيريا وارن سان ڪري
رهيا آهن. انگريز ڏکڻ آفريقا وارن سان ڪري رهيا
آهن ۽ ڪجهه عرصو اڳ آئرلينڊ ۽ ڪئناڊا وارا انگريزن
کان، ۽ الجيريا جا مظلوم فرينچن کان، جهاد ڪري
پنهنجي جند ڇڏائي رهيا آهن، ليڪن سنڌ جي حالت کي
ٿو ڏسجي ته سيءُ ٿو وٺي. خدانخواسته جيڪڏهن اهائي
غفلت اڃا ڪجهه وقت قائم رهي ته اسان جو حال به
فلسطين جهڙو ئي بنجي ويندو! ان ڪري، هر ڪنهن
دورانديش اديب ۽ اڳواڻ کي گهرجي ته هو قوم کي خوب
سجاڳ ڪري، ۽ ان کي پنهنجي وطن جي محبت ۾ اهڙو ته
سرشار ڪري، جو ان کي ڪوبه ڀنڀلائي نه سگهي.“
هيءَ آهي ڏيپلائيءَ جي ذهني ارتقا جي موجوده منزل،
جنهن کي بهرحال سندس مطالعي جو بهترين نتيجو، ۽
سندس شخصيت جو بهترين رخ قرار ڏئي سگهجي ٿو.
هاڻي ڏيپلائي هڪ وطن پرست ۽ انسان دوست ’انسان‘
بنجي چڪو، جنهن کي پنهنجي وطن جي سرزمين سان محبت
آهي ۽ سموري انسان ذات کي پنهنجي پنهنجي وطن ۾
آباد ۽ شاد ڏسڻ چاهي ٿو. هڪ طرف هو ’اسلاميه
دارالاشاعت‘ جي ذريعي سنڌ جي ماڻهن کي مذهب جي
صحيح سمجهاڻي ڏئي رهيو آهي، ٻئي طرف ’اداره
انسانيت‘ جي معرفت عالمگير انسانيت جي بهترين
اُصولن جي تبليغ ڪري رهيو آهي، ۽ وري ٽئين طرف
’عبرت‘ جي سلسلي سان ادبي ۽ سياسي بيداريءَ جا
اسباب پيدا ڪري رهيو آهي. هاڻي وطن سان وابستگيءَ
جو حق ادا ڪرڻ جو خيال آيو، ته هن ان لاءِ ’لطيف
پبليڪيشن‘ جي نالي سان الڳ ادارو قائم ڪيو.
’جپاني گڏي‘ ۽ ’1857ع جي آزاديءَ جي جنگ‘ ۽ ’غازي
انور پاشا‘، اُهي جوش ۽ جذبي سان ٽمٽار ناول پڙهڻ
سان يڪلخت دل ۾ قومي غيرت ۽ آزاديءَ جي ولولن جو
طوفان مچيو وڃي. هو قوم کي وقت جي احساس ڏيارڻ
لاءِ، پنهنجي ذاتي تلقين کي بنياد بنائڻ جي عيوض،
تاريخ جي مثالي تجربن سان حالات جي ڪيفيت ٻڌائي
ٿو. هو سنڌي عوام جي مخصوص نفسياتي مزاج کي پوريءَ
طرح سمجهي چڪو آهي. عوام جي ذهني سطح تي، آسان
مثالن سان، مشڪل مسئلن کي سلجهائڻ وارو اڄ اسان وٽ
اهو ئي هڪ شخص آهي- ’ڏيپلائي‘.
ڏيپلائيءَ جي هيءَ خوبي ڪيڏي نه وڏي آهي، جو بيڪ
وقت ڪيترا سارا ادارا هلائي رهيو آهي، ۽ هرهڪ
اداري جي طرفان، الڳ الڳ مدت جي مقرريءَ سان،
ڪيترا سارا ڪتاب باقاعدگيءَ سان شايع ٿي رهيا آهن!
هو هن وقت تائين اندازاً ڏيڍ سئو کن ڪتاب لکي چڪو
آهي. ڊاڪٽر چوندا آهن ته هلندي گاڏيءَ ۾ ڪتاب پڙهڻ
سان نظر گهٽجي وڃي ٿي، پر ڏيپلائيءَ جي خيال موجب
هلندي گاڏيءَ ۾ ڪتاب لکڻ سان نظر تيز ٿي وڃي ٿي،
بلڪ گاڏيءَ جي رفتار گهٽجي وڃي ٿي. ڏيپلائيءَ جي
لکڻ جي رفتار ايتري ته تيز آهي، هڪ اسٽيشن کان
ٻيءَ اسٽيشن تائين هڪ عدد ناول تيار! کيس ’قليچ
دوران‘ چئجي يا علامه راشد الخيريءَ جو مثال؟
ڪيتروئي هل بکيڙو هجي، ڏيپلائيءَ جي خيالن ۾ رولو
نه ايندو. کانئس قلم ۽ ڪاغذ کسي وٺو، هو اوهان کي
پنهنجي لکيت جو ثبوت ضرور ڏيندو. هو ’بنا لکيي
لکيو پڙهڻ‘ سان اوهان کي هي يقين ڏياري سگهي ٿو ته
هو پنهنجي هڪ مرتبو سوچي ورتل مضمون کي بروقت ڪاغذ
تي درج ڪرڻ جو محتاج نه آهي. ڪيترائي مرتبا هو
وڏين وڏين اسٽيجن تي ڊگها سارا ’لکيل‘ مقالا ۽
ناٽڪ پڙهي چڪو آهي ۽ پوءِ پتو پيو آهي ته سمورا
ڪاغذ ڪورا هئا، جن کي هو اٿلائي اٿلائي پڙهي رهيو
هو! جهڙيءَ طرح ڏيپلائيءَ جي لکڻ جي رفتار هلندي
گاڏيءَ جي رفتار کان تيز آهي، اهڙيءَ ئي طرح وري
سندس پڙهڻ به هڪ ’شهسواري‘ آهي- ڄڻ سچ پچ گهوڙي تي
چڙهي آيو هجي! اوهين يقين ڪريو ته ’امروز‘ اخبار
جا ڳتيل ڇهه ئي صفحا هو فقط اڌ منٽ جي اندر پڙهي
پورا ڪري وٺندو آهي! وري اوهين جنهن به هيڊنگ تي
هٿ رکندا، ڏيپلائي ان جو تفصيل هوبهو بيان ڪري
ويندو. دراصل اخبار بينيءَ جي سلسلي ۾ ڏيپلائي
صاحب کي ’هيڊنگ- شناسيءَ‘ جو هنر حاصل آهي. ان جو
هڪڙو سبب هيءُ به آهي جو هو حالات جي تبديلين جو
ايتريقدر ته مطالعو رکي ٿو، جو کيس ڪنهن خاص
صورتحال جو ردعمل اڳ ۾ ئي معلوم ٿي وڃي ٿو. اڪثر
مرتبا ائين به ٿيو آهي، جو ڪنهن جلسي ۾ ڪو مشهور
مولانا صاحب پنهنجو وعظ ڪرڻ لاءِ اچڻو هوندو، يا
ڪو ليڊر صاحب پنهنجي بيان جاري ڪرڻ بابت اعلان ڪري
چڪو هوندو، ته جيستائين اهو مولوي صاحب پنهنجو وعظ
مبارڪ ڪرڻ لاءِ تشريف فرما ٿئي، ۽ ليڊر صاحب
پنهنجو ولولي انگيز بيان پريس ۾ پهچائي، ان کان
اڳئي ڏيپلائي صاحب انهن جو خلاصو پنهنجي دوستن جي
اڳيان ’آئوٽ‘ ڪري ڇڏيندو آهي. ٻئي ڏينهن سچ پچ ته
اهو وعظ ۽ اهو بيان ائين ئي هوندو، جيئن ڏيپلائيءَ
جي ذهن ۾ آيو هو. اکر البت ’لکي لکانَو‘ قسم جا
اٿس، جن کي ’الهنو‘ کان سواءِ ٻيو فقط مير غلام
علي خان لس پڙهي سگهي ٿو!
ڏينهن جي چئن ئي پهرن مان ڪنهن به موقعي تي اوهين
ڏيپلائي صاحب وٽ وڃو....... هو اوهان کي ڪا نه ڪا
پراسرار ۽ ’ڪنهن کي به نه ٻڌائڻ جهڙي‘ ڳالهه ضرور
ٻڌائيندو. ڪا سازش، ڪو انڪشاف، ۽ پوءِ ان لاءِ
اوهان کي ائين به ضرور چوندو ته ’هيءَ حقيقت ڪنهن
سان به نه ڪج‘. ليڪن اهائي حقيقت هو هر اچڻ واري
دوست کي انهن ئي لفظن جي تاڪيد سان چوندو آهي، ۽
وري ڀُلجي ويندو آهي. اهڙيءَ طرح، سندس هر ’سازش‘
هڪ انڪشاف، ۽ هر ’انڪشاف‘ هڪ سازش آهي. انهيءَ ئي
سبب کان مولانا گرامي صاحب ائين چاهيندو آهي ته
ڏيپلائي صاحب جي ’ڪنهن کي به نه ٻڌائڻ جهڙي ڳالهه‘
ٻڌڻ وارن مان شل آءٌ پهريون ماڻهو نه هجان!‘
ڏيپلائي صاحب ۽ گرامي صاحب جي اڪثر انهيءَ ئي
ڳالهه تي لڳندي آهي. گرامي صاحب ڪوشش ڪري هر روز
ڏيپلائي صاحب کان سندس ’نه ٻڌائڻ واري ڳالهه‘ ٻڌي
ايندو آهي، ۽ پوءِ ڪوشش ڪري پهرين ئي ملڻ واري کي
ٻڌائي ڇڏيندو آهي، ۽ ڏيپلائي صاحب به شايد ان ڪري
پنهنجي هر ڏينهن جو تازو انڪشاف پهرين گرامي صاحب
کي ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، ۽ پوءِ وري ميار به
ڏيندو اٿس!
ڏيپلائيءَ جي شخصيت تي ٻه چيزون بُريءَ طرح حاوي
آهن- ٽهڪ ۽ ٽوٽڪا. ٻيهر ٻڌي کلڻ واري کي ته ٻوڙو
ئي چئبو، پر ڏيپلائي صاحب کي سندس ٽهڪ ئي ڪنن جو
ڪم ڏيندا آهن- يعني ٽهڪ ڏيڻ کان سواءِ هن لاءِ
ڪابه ڳالهه ٻڌڻ يا ٻڌائڻ نهايت مشڪل ٿي پوندي آهي.
جيڪڏهن ٽهڪ نه آيو، ته پڪ ئي پڪ اها ڳالهه نه لڳي.
پوءِ وي ٻيهر گفتگو شروع ڪجي، يا کيس غيرحاضر
سمجهي انتظار ڪجي! ڏيپلائي صاحب جي آفيس، دوستن
لاءِ هڪ معقول انتظار گاهه آهي. جيڪڏهن خود موجود
آهي ته بروقت، ۽ جيڪڏهن سندس انتظار ئي ڪرڻو پئجي
وڃي، ته في دوست جي حساب سان هڪ عدد چانهه جو ڪوپ
۽ هڪڙو ڪيڪ- اها سندس انتظار جي مقرر في آهي. البت
هيءَ آزمودي جي ڳالهه آهي، جو هو پان گهرائيندو
آهي ته فقط پنهنجي لاءِ، انتظار جي عيوضي ۾ فقط
چانهه ۽ ڪيڪ مقرر آهن.
’ڏيپلائيءَ جا ٽوٽڪا‘، انهيءَ نالي سان جيڪڏهن ڪو
ڪتاب ڇپائجي، ته ان هڪڙي ئي ڪتاب جا ايترا جلد
تيار ٿيندا، جيترا ’اسلاميه دارالاشاعت‘ جا جملي
ڪتاب، ۽ پوءِ اهو ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ ’لوڪ ادب جي
لغت‘ جي طور تي هر حالت جي حوالي لاءِ استعمال ڪري
سگهبو. اوهين يقين ڪريو ته ڏيپلائي صاحب ’ٽوٽڪي
باز‘ نه بلڪ ’ٽوٽڪي ساز‘ آهي. هو ٽوٽڪن جي صنف جو
موجد آهي، خالق آهي. هر ڳالهه ۽ هر قسم جي واقعي
تي فورن ۽ في البديهه ٽوٽڪي جو استعمال، ڏيپلائيءَ
جي ڪمال خصوصيت آهي. ڏيپلائيءَ جي گلي مان ڳالهه
ڪندي هلڪي ٽونڪار نڪتي، ته ڄڻ ٽوٽڪي کي سگنل اچي
ويو. ٽوٽڪا وري اهڙا عجيب، اهڙا تيز ۽ اهڙا
خطرناڪ، جهڙي کنوڻ- ۽ پوءِ وري انهيءَ کنوڻ ۾ ٽهڪن
جي برسات! ’ٽهڪ ۽ ٽوٽڪا‘ ڏيپلائيءَ جي مڪمل زندگي
آهن. جيڪڏهن صرف ڏيپلائيءَ جا ٽوٽڪا ئي ڪنهن طرح
قلمبند ٿي سگهن ها، ته ڪم از ڪم سندس اڌ زندگي ته
محفوظ ٿي وڃي ها- پر مصيبت هيءَ آهي جو خود
ڏيپلائيءَ کي لکڻ وقت ياد نٿا اچن ۽ ٻئي کي وري
ياد ڪرڻ وقت لکڻ نٿا اچن!
ڏيپلائيءَ کي نئين نسل جي نوجوانن سان نه صرف قلبي
ربط ۽ حقيقي انس آهي، بلڪ هو انهن جي آئينده اهميت
۽ احترام جي واقفيت پڻ رکي ٿو. هو بخوبي ڄاڻي ٿو
ته ’اڄ‘ جي تاريخ جي ترتيب، انهن ئي نوجوانن جي
اختيار ۾ هوندي ۽ اُهي ئي قوم جي مستقبل جا
نمائندا آهن. اهوئي سبب آهي، جو هو سنڌ جي هر ادبي
۽ قومي رجحان ۾ نئين نسل جي نمائندگيءَ کي ترجيح
ڏئي ٿو. هن ڪڏهن به پنهنجي ذاتي بزرگيءَ کي پاڻ
کان ننڍن دوستن جي اڳيان تڪلف ۽ برتريءَ جو سبب
نه بنايو آهي، بلڪ انهن جي همراهيءَ ۽ هم خياليءَ
کي پنهنجي فخر جو باعث ٿو ڄاڻي. ڏيپلائي هڪ بهترين
دوست آهي. زندهه دل، مهربان، همدرد ۽ رفيق. دل جو
اهڙو تونگر آهي، جونه صرف سندس دوست ۽ واقفڪار،
بلڪ هر ماڻهو منجهانئس نيڪيءَ جي هر ڪا اُميد رکي
سگهي ٿو.
ڏيپلائيءَ جي باري ۾ هيءَ ڳالهه شايد تمام ٿورن
ماڻهن کي معلوم هوندي ته باوجود اُن جي جو هڪ وڏي
ساري پريس ۽ ڪيترن ئي ادارن جو مالڪ آهي، ليڪن
شروع کان ئي سندس گهرو گذران جو ذريعو اها ئي
زمينداري نوڪري هئي، جنهن کي تازو چند مهينا اڳ
ترڪ ڪيو اٿس، اُن ڪري کيس ’مولائي لڏي‘ ۾ شمار ڪيو
ويندو آهي- ڪڏهن خان، ڪڏهن قلندر.
ڏيپلائيءَ جي ادبي حيثيت لاءِ ايترو چوڻ ڪافي آهي
ته هو سنڌ جي موجوده دور جو وڏي ۾ وڏو ناول نگار ۽
ناٽڪ نويس آهي- بلڪ سچ ته هن وقت انهن ٻنهي صنفن
جو ڪوبه لکڻ وارو ئي موجود ڪونه آهي.
الحاصل، ڏيپلائي بذات خود هڪ نظريو، بذات خود هڪ
ادارو، بذات خود هڪ لائبريري ۽ بذات خود هڪ انڪشاف
آهي. شال، هي سنڌ جو
مايه ناز مجاهد، اديب ۽ ’انسان‘ وڏي ڄمار ماڻي!
(’مهراڻ‘، سوانح نمبر‘، 3-4، سال 1957ع) |