سومار علي سومرو
م.ع ڏيپلائيءَ جي ڪرم نوازي
انسان جي چڱي يا بُري هئڻ جو صحيح انداز، تڏهن ئي
معلوم ٿي سگهندو آهي، جڏهن ڪنهن سان واسطو پوندو
آهي. باقي ڏور کان ڏسي، هڪ ٻئي سان مُرڪي ۽ سلام
ڪري وڃڻ وارا سڀئي سٺا ۽ چڱا ماڻهو نظر ايندا آهن.
مرحوم ڏيپلائيءَ سان دور جي شناسائي گهڻي وقت جي
هئي، پر هن جي قربت ٿئي ڪي ٿورائي سال ٿيا هئا.
انهيءَ ئي ٿوري عرصي اندر هن جو جيڪو رُخ منهنجي
سامهون آيو، تنهن مون کي ايتريقدر متاثر ڪيو، جو
مان ڏيپلائي صاحب جي صحيح معنيٰ ۾ انسان هئڻ جو
قائل ٿي ويس. وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪرڻ وارا دنيا ۾
گهڻائي ماڻهو مليا، جن انسانيت تي اهڙيون سٺيون
ڳالهيون ٻڌايون، جو مون پنهنجي ناتجربيڪاريءَ ۽
الهڙپائيءَ ۾ انهن کي پنهنجي ذهن ۾ اوچو مقام ڏنو؛
پر جڏهن زندگيءَ جي ڪارزار ۾ انهن کي پڪاريم، ته
اڪثر صرف گفتار جا غازي ئي نڪتا، ڪردار جو غازي
منهنجي محدود دائره احباب ۾ اهوئي ماڻهو نڪتو،
جنهن ڏانهن منهنجو ڪو ڌيان ئي ڪونه هو!
زندگيءَ جي هن ميدان ۾، مون کي ڏاڍا ڏکيا ڏينهن
ڏسڻا پيا آهن، ۽ مون تي آزمائش جون ڪيئي گهڙيون
آيون. ائين کڻي چوان ته مان حالات جي گهاڻي ۾
پيڙجي رهيو آهيان ۽ هڪ اهڙي پيچيدي چڪر ۾ ڦاٿل
آهيان، جنهن کان ٻاهر نڪرندي، هر منزل ۽ هر موڙ تي
هڪ نئون مشڪل مرحلو سامهون ايندو ئي رهيو آهي، ۽
انهيءَ ۾ ڪو وڌاءُ ڪونه ٿيندو. بهرحال، منهنجو
مقصد پنهنجي مظلومي ۽ ڪسمپرسيءَ جو داستان ٻڌائڻ
نه، پر مرحوم ڏيپلائي صاحب جي ڪردار جو اهو زاويو
قارئين ڪرام جي اڳيان آڻڻ آهي، جنهن مون کي حيران
ڪري ڇڏيو هو: ڇو ته اڪثر ماڻهن ٿوري گهڻي ڳالهه تي
ناراض ٿي، منهنجي وات مان سُڪي رکيءَ مانيءَ جو
اهو ٽڪر به کسيو، جيڪو اُهي پنهنجي طرفان مون کي
ڏنل نعمت سمجهندا هئا. هڪڙن ته چڱن چوکن ائين ڪيو،
ٻين ڏسڻن وائسڻن مون کي اهڙيءَ حالت ۾ ڏسي، پريان
ئي منهن ٿي موڙيو، ته ڪن خدا جي بندن انتهائي ڏکين
گهڙين ۾ منهنجي واتان نڪتل آههَ ٻڌي پنهنجين
مجبورين جو داستان ٿئي کوليو. مطلب ته سڀني
انتهائي ستم ظريفيءَ جو مظاهرو ڪيو، سواءِ هڪ
ڏيپلائي صاحب جي؛ جنهن نه معلوم ڪهڙيءَ طرح منهنجي
ڪيفيت محسوس ڪئي، ۽ هٿ ڊگهيڙي حالات جي بيدرد ڪُن
۾ ڦاٿل هڪ انسان کي ڇِڪي سلاميءَ، ۽ اميدن جي
ڪناري تائين آڻي ڪڍيو. مرحوم جيڪي ڪجهه مون سان
ڪيو، سو هر ڪوئي نه ڪري سگهندو آهي. ائين نه هو ته
هن مون کي ڪي سئو يا هزار روپيا ڪڍي ڏنا، نه هن
مون کي ڪا نوڪري جي آڇ ڪئي! هئي ته معمولي ڳالهه،
پر جي انهيءَ وقت جي تارازيءَ ۾ توربي ته تمام وڏي
ڳالهه نڪرندي. مختصر لفظن ۾ تصوير پيش ڪريان ٿو:
’ڪن سڄڻن جي صدقي مون کان روزيءَ جو ذريعو کسجي
ويو ۽ مون کي ڌڪا کائيندي هن آباد شهر ۾ سڄو سال
ڀٽڪندي گذري ويو. اهڙيءَ حالت ۾ هر دردمند دل جو
مالڪ سمجهي سگهي ٿو ته ماڻهوءَ جي صبح ۽ شام ڪيئن
گذرندي هوندي. ڪنهن موقعي تي فاقا ڪندي پورا ٽي
ڏينهن گذري ويا هئا، هر طرف اوندهه نظر اچي رهي
هئي، جيڪو به واقف ڪار ملي پيو، تنهن سان کلي
ڳالهائڻو به پيو ٿئي ۽ هر ڪوئي اها تعريف ڪندو پئي
ويو ته يار، آهين ڏاڍو همت وارو! يار، شابس هجيئي،
ڏاڍو زماني سان منهن ڏنو اٿئي! ائين ئي اچي
ڏيپلائي صاحب جي پريس وٽان لنگهيس ۽ اندر هليو
ويس. مرحوم پاڻ ويٺو هو. دستور مطابق خوش مزاجيءَ
سان پيش آيو، پر جڏهن مون وٽان ساڳئي سِڪي ۾ ڏي وٺ
ٿيندي نه ڏٺائين ته ڇرڪ ڀري مُنهنجي منهن ۾
ڏٺائين. هن جون نظرون منهنجي چهري ۾ کُتل ئي هيون
ته جذبات کان مغلوب ٿي، منهنجي نيڻن مان ٻه چار
قطرا نير جا نِڪري پيا، جن کي مون هڪدم اگهڻ جي
ڪئي. مرحوم مون کي هٿ کان ڇڪي ڪرسيءَ تي ويهاريو،
چانهه جو آرڊر ڏيئي سگريٽ جو پاڪيٽ گهرايائين پر
جڏهن مون کان چانهه جا ٻه ڍڪ نه اُڪليا، ته زماني
جي هن پارکوءَ نه معلوم ڪيئن سمجهيو، چانهه اتي ئي
ڇڏي ٽپ ڏئي ٻاهر ويو ۽ پاسي ۾ بيٺل گاڏي واري کان
ڀت جي پليٽ وٺي، پنهنجن ٻنهي هٿن سان پڪڙي منهنجي
اڳيان اچي بيٺو ۽ انتهائي همدرديءَ سان چيائين ته
’مهرباني ڪري هن مان ٻه گرهه کاءُ. ساهه سامت ۾
اچيئي ته پوءِ مون کي پنهنجو حال ٻڌاءِ‘. مرحوم جي
اها ادا، جڏهن هو کاڌي جي پليٽ ٻنهي هٿن سان
منهنجي اڳيان جهلي بيٺو هو، اهڙي هئي، جنهن مون
جهڙي پٿر کي ڳاري پاڻي ڪري ڇڏيو. انهيءَ ڏينهن، ۽
ان کان پوءِ هن مون سان جيڪي به نيڪيون ڪيون، تن
جو اجرُ هن کي الله تعاليٰ پاڻيهي ڏيندو. مون ۾
طاقت ناهي، جو آءٌ صرف موزون لفظن ۾ ئي سندس چڱاين
جو اظهار ڪري سگهان!
چوڻ وارا منهنجي انهيءَ ڳالهه کي ڇا به چون، پر
هيءَ حقيقت پنهنجي جاءِ تي اٽل آهي ته ڪنهن
ماڻهوءَ جي نيڪي ۽ برائيءَ جو اندازو تڏهن ئي ڪري
سگهبو آهي، جڏهن اهو ماڻهو حالات جي ڪسوٽيءَ تي
کرو لهندو آهي. مرحوم ڏيپلائي صاحب ۾ همدرديءَ ۽
قربانيءَ جي جذبات جو اهڙو اٿاهه ۽ موجون ماريندڙ
سمنڊ جڏهن مون اکين سان ڏٺو؛ ۽ هن جي برعڪس جڏهن
مون انهن سڄڻن کي ڏٺو، جيڪي مون ۾ ذري برابر ڪچائي
۽ ڏنگائي ڏسي ايڏا ڏمريا، جو مون کي انساني درجي
تان لاهي روٽي ۽ لنگوٽيءَ جي وسيلي کان ئي محروم
ڪرڻ لاءِ ڪمربسته رهيا، تڏهن منهنجي لاءِ ته اهو
’دهريو، اهو ڪميونسٽ ۽ اهو بي دين‘ ڀلو ثابت ٿيو،
جنهن کي هڪ دنيا ڪيئي لقب لائڻ ۾ دير نه ڪندي هئي!
ممڪن آهي ته مرحوم ڏيپلائي، انهن ماڻهن کي انهيءَ
حيثيت ۾ نظر آيو هجي. جهڙي رنگ جي عينڪ سان ڪنهن
کي ڏسبو ته اهو انهيءَ رنگ ۾ رڱيل نظر ايندو، پر
مان ڪيئن يقين ڪريان ته جنهن ماڻهوءَ، بنا ڪنهن
گهري واقفيت جي، ۽ بنا ڪنهن لالچ جي، (حتاڪ منهنجي
وات مان مدد لاءِ ڪا صدا به نه ٻُڌائين) مون سان
اهڙا ڀال ڀلايا، ۽ وري منهن ورائي نه ڏٺائين ته هن
جي هٿ ڇا ڏنو، ۽ منهنجي هٿ ڇا ورتو، سو ماڻهو فقط
هڪ منهنجي حالت ۾ يقيناً اهڙو زود فهم، همدرد، ۽
انسان دوست نه هوندو! هيءَ ته مرحوم جي خوءِ ۽
فطرت ئي هئي، جيڪا سندس اندر مان اڀري، ٻاهرينءَ
سطح تي نمودار ٿي هوندي.
هڪ ڀيري جڏهن مون کي پنهنجي اخبار ’سنڌ ٽائيمس‘ ۾
سب ايڊيٽر طور ڪم ڪندي ڏٺائين ته انهيءَ وقت جي
ايڊيٽر کي ڏسي، سندس سامهون چوندو هو ته ’مار!
فلاڻو هيترو پگهار ٿو کڻي ۽ سومار علي فقط هيترو
پگهار!‘ بس، ڇا چئجي! اُهي مقرريون سندس مرضيءَ
سان ڪين ٿيون هيون، نه ته مرحوم جو وس پڄي ها ته
هن غريب کي الاجي ڪهڙي اوچي مسند تي ويهاري ها!
جيڪو انسان، ڪنهن ڏکئي انسان جي ڪم نه اچي، اهو به
ڪهڙو انسان چئبو! جنهن ماڻهوءَ ۾ پنهنجي قول ۽ فعل
سان زماني جي لڳايل زخمن تي مرهم رکڻ جو سليقو
ناهي، تنهن ۾ به ڪهڙو ماڻهپو چئبو! انهيءَ ڪري ئي
ته انسانذات جي خدمت کي افضل ترين عبادت جو اعليٰ
مقام ڏنو ويو آهي ۽ انهيءَ ڪري ئي شيخ سعديؒ چيو
آهي ته:
’دل بدست آور که حج اکبراست‘.
سعيده شفيق ميمڻ
سنڌي سماج جو نبض شناس
محمد عثمان ڏيپلائي 13- جون 1908ع تي ٿرپارڪر ضلعي
جي ڏيپلي شهر ۾ پيدا ٿيو. پاڻ اتي ئي ست درجا سنڌي
پاس ڪيائين. اڳتي هلي پنهنجي ذاتي صلاحيتن جي ڪري
فارسي ۽ عربي جي سٺي ڄاڻ ۽ گجراتي، هندي، اردو ۽
انگريزي مان مناسب واقفيت حاصل ڪيائين.
ڏيپلائيءَ کي ننڍپڻ کان ئي اخبارن ۽ آکاڻين پڙهڻ
جو شوق هوندو هو. هن جو پهريون افسانو ’علمي دنيا‘
رسالي ۾ ’چنڊ سهڻو يا انسان‘ ڇپيو. شروعات ۾
ڏيپلائي اسلامي تاريخي ناول لکڻ ڏانهن لاڙو رکيو ۽
’سنگدل شهزادي‘ جي عنوان هيٺ 1938ع ۾ پهريون ناول
لکيو. انهيءَ سلسلي کي جاري رکندي ’اسلاميه
دارالاشاعت‘
ميرپورخاص ۾ قائم ڪيو. ڏيپلائي پنهنجين تحريرن
وسيلي جن موضوعن تي آواز اٿاريو ۽ قلم ذريعي جهاد
ڪيو، اهي هيٺيان هئا:
* شرڪ ۽ قبرپرستي.
* زميندارن جا هارين سان ويل.
* قوم پرستي
* انسان دوستي.
مرشد ٽوڙ سلسلو ڏيپلائي 1940ع ڌاري شروع ڪيو. در
حقيقت هو جنهن علائقي سان تعلق رکندو هو، اتي انهن
هٿ ٺوڪين مرشدن اٻوجهه عوام جي ذهنن کي مفلوج
بڻائي ڇڏيو هو. مخالفن ۽ خود مطلبين خلاف ڄڻڪ هڪ
باغيانه قدم هو، جيڪو هن پيريءَ مرشدي خلاف تحريري
طور تي کنيو هو. هو لکي ٿو:
”اها حقيقت آهي ته آدم کان ايندڙ دنيا ۾ مرشد جي
مقابلي ۾ ڪي ٻيا راهزن ۽ مهلڪ پيدا ڪونه ٿيا آهن.
اهي مريدن کي اهڙا ڏٽا ٿا ڏين ته ”اسين ڇٽل تير
موٽايون ٿا، هر مشڪل لاهيون ٿا ۽ قيامت ۾ بهشت جون
حورون ڏيارينداسون، ان ڪري اسان جي هٿن ۾ بيجان
لاشن وانگر ٿي رهو ۽ پنهنجو خواهه پنهنجن ٻچن جو
تن، من ۽ ڌن اسان جي حوالي ڪندا رهو، نه ته اسين
ڪاوڙجي اهڙو قهر نازل ڪنداسين جو هميشه لاءِ اوهان
جو خانو خراب ٿي ويندو ۽ پوءِ ويچارا وسوڙيل مريد
پنهنجو سڀ ڪجهه هنن راهزنن جي حوالي ڪندا رهن ٿا
(1).“
اهڙيءَ طرح هن انهن پيرن خلاف ڪيترائي ڪتاب ۽
ڪهاڻيون لکيون، جيڪي سنڌيءَ ۾ پنهنجي نوعيت جي
اعتبار کان واحد ڪهاڻيون، ڊراما يا ناول آهن، جيڪي
انهيءَ موضوع تي لکيا ويا. انهيءَ کان پوءِ هن جي
تحريرن ۾ جيڪو درد هو، اهو ’هارين سان زميندارن جا
ظلم‘ هو. هن ڪيتريون ئي ڪهاڻيون انهيءَ موضوع تي
پڻ لکيون. تنهن کان پوءِ هفتيوار ’عبرت‘ جو اجراء
ٿيو. عبرت جي ذريعي ڏيپلائي ادب جي گرانقدر خدمت
ڪئي. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو لکي ٿو:
”سنڌ جو هيءُ سماج سڌارڪ، مختلف ادبي تخليقن جو
خالق هو. انهن ۾ ناول، ناٽڪ، افسانا، مضمون،
مراسلا ۽ عبرت جهڙيون تحريرون لکڻ وارو هو. هو
عبرت (هفتيوار) جو باني هو. هن خاص طرح وڏيرن،
ڪوڙن مرشدن ۽ استحصال ڪندڙ طبقي سان قلمي جنگ
جوٽي. هن جي قلمي ۽ صحافتي جدوجهد توڙي ڪشالي جو
داستان ڊگهو آهي. ڏيپلائي طبعزاد ۽ ترجمو ڪيل ناول
سنڌي ادب ۾ يادگار ڇڏيا آهن(2).“
هفتيوار عبرت کي هن 1953ع ڌاري ’روزاني‘ جي صورت
ڏني، پر اخبار کي سرڪار جي پاليسين جي برخلاف ۽
پنهنجي سوچ ۽ نظر ئي مطابق هلايائين. نتيجي طور
اخبار کي اشتهار ملڻ بند ٿي ويا ۽ نيوز پرنٽ ڪوٽا
کان پڻ محروم رکيو ويو. ڏيپلائي انهن سختين باوجود
آڻ نه مڃي ۽ آخرڪار 1958ع ۾ اخبار قاضي برادران کي
وڪڻي ڏنائين. جلد ئي هن هفتيوار رسالي ’انسان‘ جو
اجراء ’شهيد انسانيت ابراهم لنڪن نمبر‘ جي صورت ۾
1959ع ۾ ڪيو. ٻن سالن جي عرصي ۾ ’انسان‘ پنهنجي
پڙهندڙن کان بيپناهه پذيرائي حاصل ڪئي، ڇو ته
انهيءَ ۾ عوام جي مسئلن سان واسطو رکندڙ موضوعن تي
لکيو ويندو هو ۽ گڏو گڏ کين سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي
ڄاڻ به مهيا ڪئي ويندي هئي. هن پرچي ذريعي ڏيپلائي
جي تحريرن جو هڪ نئون ۽ انوکو روپ به سامهون آيو،
اهو ڪالم نويسي هو. ڏيپلائي هن پرچي ۾ هر هفتي
ڪالم به تحرير ڪندو هو، جنهن مان هڪ ’گامون جا
گفتا‘ٻيو ’نرالا نظارا‘ هو. پير علي محمد راشدي
لکي ٿو:
”هڪ لحاظ کان سندس لٽريچر تمام اهم آهي. ان تي
مجموعي طرح نظر ڊوڙائڻ سان مستقبل جي مؤرخ کي
معلوم ٿي سگهندو ته اسان واري زماني ۾ عام پڙهندڙن
کي ڪهڙو علمي ۽ ادبي مواد درڪار هوندو ۽ ماڻهن جي
مذاق جي ليول ڇا هئي، ڏيپلائي صاحب بطريق احسن،
سندن اهي ضرورتون پوريون ڪندو رهيو ٿي(3).“
هن جي ڪالمن کي پڙهڻ سان خوشگوار حيرت اها ٿئي ٿي
ته بظاهر ٿر جهڙي ڏورانهين علائقي سان تعلق رکڻ جي
۽ واجبي تعليم هجڻ جي، سندس فهم جي ليول ڪيتري نه
اوچي هئي، حالانڪه هن جي خيالات ۾ تبديليءَ جا
آثار سندس تحريرن جي هر دور ۾ محسوس ٿين ٿا.
’نرالا نظارا‘ ۾ لکي ٿو:
”هڪ پهلوان سان ڪو سنگل هڏي ماڻهو اچي اٽڪيو.
پهلوان خوب موچڙا به هنيس ۽ خوب ’سڌيون‘ به ٻڌائڻ
لڳس. جڏهن پهلوان بس ڪئي ته هن جوان ٻانهون کجيندي
رڙ ڪئي ته ”پهلوان! منهنجي اکين اڳيان هاڻ ٽري وڃ
نه ته.......“
”نه ته ڇا؟“ پهلوان کي وري اکين ۾ خون آيو.
”نه ته؟ نه ته مان هليو ويندس.“
بس ساڳيءَ طرح فرانس به اقوامِ متحده کي ڌمڪي ڏني
آهي ته:
”اقوامِ متحده جي ايندڙ اجلاس ۾ جيڪڏهن الجزائر جي
آزاديءَ متعلق بحث مباحثو ڪيو ويو ته هو اقوامِ
متحده جي ميمبر شپ تان مستعفي ٿيندو ۽ يورپ جي
ملڪن سان ٿيل معاهدن کي منسوخ ڪندو. پر جيڪڏهن
فرانس معاهدن کي منسوخ ڪندو ته کيس جيڪا امداد NATO ۽CENTO معاهدن
تحت ملي ٿي، سا بند ٿي ويندس ۽ پوءِ فرانس الجزائر
۾ هڪ مهيني کان مٿي جنگ هلائي ڪونه سگهندو، سندس
روزانه جنگ خرچ 40 هزار ڊالر آهي! يعني وڃي ساڳي
ڳالهه ٿي ته الجزائر کي آزاد ڪندس!(4).“
جي ايم سيد لکي ٿو:
”ڏيپلائي طبيعت جو پُرخلوص جذباتي انسان آهي،
انڪري هن ابتدا کان وٺي مختلف عمل ۽ ردِ عمل جي
چڪرن ۾ ڦاسي تبليغي جوش سان ڪيترن مضمونن تي پئي
لکيو آهي. سندس لکيل وڏو ناول ”سانگهڙ“ پڙهڻ وٽان
آهي. ڪيتريون سٺيون ڳالهين ان ۾ لکي ويو آهي (5).“
هفتيوار ’انسان‘ جي ذريعي هن پنهنجن قومي خيالن ۽
جذباتن جو اظهار پڻ جا بجا ڪيو آهي. شروعات ۾ هو
ان فلسفي جو حامي هو ته ’مسلم هين هم، وطن هي سارا
جهان همارا‘ پر پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ حالتن خاص
ڪري سنڌ صوبي سان ٿيندڙ ناانصافين هن تي گهرو اثر
ڪيو. وري جڏهن انهيءَ احساس هيٺ سمورن اسلامي ملڪن
۽ پاڪستان جي باهمي تعلقات، وچ مشرق جي موجوده
حالات ۽ مغرب ۽ مشرق جي بين الاقوامي صورتحال کيس
ان نتيجي تي آڻي بيهاريو ته ”سڀ کان اول آهي
پنهنجو وجود، ان بعد پنهنجو گهر ۽ وطن....“ جنهن
به انسان کي پنهنجي تڏي سان محبت نه آهي، اهو
سامين، ڪهيرين، گرگلن ۽ واگهڙين وانگر سدائين رولو
رهي ٿو ۽ انهيءَ لاءِ هن دنيا ۾ ڪوبه صحيح ٺڪاڻو
ڪونهي(6).“
قوم پرستيءَ جي انهي جذبي هيٺ هن ڪيترائي ناول
لکيا، جن ۾ هڪ ناول ’1857ع جي آزادي واري جنگ‘ جي
پس منظر ۾ لکيائين. ناول جي سترهين باب جو عنوان
آهي ’سنڌ جي عيد‘، جنهن ۾ آزادي کان پوءِ سنڌ سان
ٿيل زيادتين ۽ ويساهه گهاتين جو ذڪر ڪندي لکي ٿو:
”چوندا آهن ته ڏکيءُ لئه ڏڪار، توڙي وسن مينهڙا.
هن آزاديءَ سبب هندستان به خوش ٿي ويو ته پاڪستان
به، پر اسان جي سنڌ لاءِ وري خوشيءَ سان گڏ قهر به
تيار ٿيڻ لڳو. هن پوري اٺ (سنڌ) اسلامي ڀائرن
اڳيان پنهنجو پاڻ کي پيش ڪيو. اول سندس مٿو وڍي
ڪراچي جو ٽڪرو قائم ڪيو ويو ۽ اڳتي هلي سندس جسم
پنجاب جي حوالي ڪيو ويو. سنڌ جا 25 ڪروڙ دڦ ڪيا
ويا. سندس ترقياتي اسڪيمون تمام گهڻي قدر روڪي
ڇڏيون ويون، سندس 50 لک ايڪڙ نهري زمين تي غير
سنڌين جون اکيون آهن، سڀ کان عجب جهڙي ڳالهه اها
آهي ته ڪو به سنڌي ڪڇي ته کيس هڪدم ’پاڪستان جو
غدار‘ ٿو سڏجي.
آهه هٿڙا انهي وهه ٿيا جن رڌي کيرئڌڻي(7).“
ظاهر آهي اهڙي ڪتاب جو حشر ٿيڻو هو. سرڪار سڳوري
اهو ڪتاب به ضبط ڪيو. ڏيپلائي جي لکڻ جو چوٿون
مقصد هو- انسانيت دوستي. سچل سرمست جي فلسفي موجب
ته:
مذهبن ملڪ ۾ ماڻهو منجهايا،
اوڏو ڪين آيا عقل وارا عشق کي.
مذهب جي آڙ ۾ هن مقصد برادري کي حاوي ٿيندي ڏٺو ته
هن محسوس ڪيو ته انسان ٿيڻ ئي سڀ کان اتم ۽ اعليٰ
آهي. پنهنجي انهيءَ فڪر ۽ ويچار کي هن لکڻين جو
موضوع بڻايو. موهن ڪلپنا لکي ٿو:
”سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ رڳو چار اديب آهن، جن ورهاڱي کان
اڳ ڪهاڻيءَ تي قلم آزمايو، شيخ اياز، محمد عثمان
ڏيپلائي، جمال ابڙو ۽ نجم عباسي. ڏيپلائي ننڍين
ڪهاڻين جا پتڪڙا ڪتاب ڪڍندو رهيو. هڪ اهم ڪهاڻي
محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي هٿ ڪئي اٿم. ”مهربان
خوني.“ هن ڪهاڻيءَ جو ڪردار جانو دادا، بلو دادا
جيان بهادر، شيدو ڌاڙيل کان ذهين ۽ پشو پاشا جيان
ننڍي سطح تي اجتماعي ڪشمڪش جو ڪردار آهي. ان قسم
جا پڙهيل ڪردار هندستان جي اولهه ۽ بنگال جي
نڪسوار ڳوٺ ۾ پيدا ٿيا. سنڌ جي سنڌي ليکڪن سنڌ جي
وڏي آبادي جيڪا سنڌ جي ڳوٺن ۾ رهي ٿي، تن جي نقاشي
صحيح نموني ڪئي آهي. جتي ظلم جي رد عمل به آهي.
خوني هوندي به گناهگار نه ٿا لڳن، ڪلا ۽ قانون کي
اڪثر ذاتي وڏائي، رتبي ۽ مفاد لاءِ ڪم آڻين.(8).“
حالتون انساني فڪر جي ارتقا ۾ اهم ڪردار ادا ڪن
ٿيون. ڏيپلائي جڏهن مختلف لکڻين جي رد عمل ۾ جيل
ياترا ڪئي ته هن جي ذهني نشوونما ۾ انهيءَ اهم
ڪردار ادا ڪيو. اتي هن انسان کي نئين روپ ۾ ڏٺو.
سندس مشهور ناول ’سانگهڙ‘ پڻ انهن ئي ڏينهن ۾ هن
جي ذهن ۾ سرجيو. ظاهر آهي ته هڪ باشعور اديب جي
ذميداري اها آهي ته اهڙو ماحول پيدا ڪري، جنهن سان
ماڻهو پنهنجون سماجي قوتون ڪتب آڻي مادي ۽ ذهني
غلاميءَ کان آزاد سماج قائم ڪن، جتي انسان جو
انسان سان، طبقن جو هڪٻئي سان هڪ اهڙو رشتو استوار
هجي، جيڪو ادب تاريخ جو مفروضي عمل بدلائڻ ۾ اهم
ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار ڪري. هفتيوار انسان ۾
’جيل جا مشاهدا‘ جي عنوان هيٺ هن پنهنجي قيد واري
وقت جا حالات ۽ واقعا بيان ڪيا آهن. مثال طور هڪ
هنڌ لکي ٿو:
”سو جڏهن گذريل سال 14- آڪٽوبر تي ’ٽيون ون يونٽ
ڊي‘ آيو، تڏهن مون کي به افواهه ٻڌڻ ۾ آيا ته توکي
به ڪن ٻين سان گڏ گرفتار ڪيو ويندو، مگر مون نٿي
سمجهيو ته منهنجي ڪمائي به ڪا اهڙي ۽ ايڏي آهي جا
لاهور وارن وٽ قبول پئي هوندي! ۽ پوءِ به جڏهن
آزاد ٿيڻ بعد هڪ دوست ٻڌايو ته هڪ وڏي آفيسر وٽ
آءُ تنهنجي ڇڏائڻ لاءِ ويس ته هن فرمايو ته
ڏيپلائي ’سنڌ جو ڀاشاني‘ آهي، تڏهن مون کي وري به
حيرت ٿي ويئي ته يا ته مولانا ڀاشاني جو به ٺلهو
نالو آهي ۽ هو به ڪو خاص عوامي ڪم ڪونه ڪري، ۽ هتي
جي سي- آءِ- ڊي به آفرين چئجي، جنهن سرڪار بهادر
وٽ مون جهڙي ڪپڙن مان ڪڪريون چونڊيندڙ کي به
’مهراڻ جو مانجهي‘ بڻائي کڻي پيش ڪيو آهي! شايد
هنن جو مقصد اهڙو هوندو. جيئن ڪنهن ڪوريءَ ننهن کي
ڪڍئي مارڻ تان آڀارڻ خاطر رڙ ڪري چيو هو ته ”هڻ ته
سهي هيءَ هيڏي وڏي بلا ڪنهن ماري (9)؟“
ڏيپلائي جي تحريرن تي راءِ ڏيندي ظفر حسن لکي ٿو
ته:
”ڏيپلائي جي هرواسيت جا هي ڪارڻ ٿي سگهن ٿا:
1 مسلسل لاڳيتو لکڻ.
2. انهن تڪراري مسئلن تي لکڻ، جن جي لکڻ جي انهي
خاص دور ۾ بندش هجي ۽ ليکڪ کي جيل وڃڻُ پوي.
3. هر دور ۾ جيڪا به سرڪار هجي، ان جي آڏو سچ چوڻ،
پوءِ ڀلي انهيءَ سرڪار جي طاقت ۾ اچڻ کان پهريائين
ان جي پٺڀرائي ڇو نه ڪيل هجي.
4. انهن مسئلن يا حالتن تي لکڻ، جيڪي غريب ڏتڙيل
عوام جا مسئلا ۽ حالتون آهن.
5. انهن لکڻين، جيلن ۾ پوڻ ۽ ٻين قربانين جي
باوجود سرڪار ۽ عوام کان معاوضو نه طلب ڪرڻ.“
منهنجي نظر ۾ بحيثيت ڪالم نويس ڏيپلائي جي ذهانت،
مسئلي جي پاڙ تائين پهچي ٿي، ڇو ته ڪالم نويس جي
بنيادي خوبي سندس تيز فهمي ئي آهي، جنهن سبب هو هر
طرح جي مسئلي کي نگاهه ۾ رکڻ سان گڏ انهيءَ جي
پيدا ٿيڻ جو سبب پڻ ٻڌائي ٿو. يا ايئن کڻي چئجي
ته هو سماج جو ’نبض شناس‘ هو. وڏي ۽ اهم ڳالهه اها
هئي ته هو پر اعتماد هو، هن جي لفظن مان اعتماد
ظاهر ٿيندو هو، جيڪو کيس پاڻ تي ۽ پنهنجن فيصلن تي
هو. ڪو به ليکڪ ڪيترو به عظيم هجي، انساني فطرت جي
گهُرجن مطابق غلطين کان وانجهيل نه هوندو. ڏيپلائي
به فيصلي ڪرڻ وقت يا مسئلي جي بنياد کي سمجهڻ وقت
غلطيون ڪيون هونديون پر هو انهن باضمير انسانن مان
هو، جيڪي ان عظيم مقصدن سان جڙيل هوندا آهن، جيڪو
آدم جي تخليق جو باعث آهي.
حوالا
1. ڏيپلائي
محمد عثمان، 1980ع، ’مرشد جو اٺ‘، شهباز پبليڪشن،
ڏيپلائي نمبر ص. 1 )
2. جوڻيجو
عبدالجبار ڊاڪٽر 2006ع، سنڌي ادب جي تاريخ (جلد
ٽيون)، سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد، ص 35
3. راشدي
علي محمد پير، 2001ع، اهي ڏينهن اهي شينهن،
نيوفيلڊس پبليڪشن، حيدرآباد ص. 306.
4. ڏيپلائي
محمد عثمان، 1959ع، 13 آگسٽ، نرالا نظارا (ڪالم)
هفتيوار انسان، حيدرآباد، ص. 13
5. سيد
جي ايم، 2005ع، ’جنب گذاريم جن سين‘، سنڌي ادبي
بورڊ، ڄام شورو ص 309.
6. حيدري
شمشير- ”مهراڻ“ سوانح نمبر،
7. ڏيپلائي
محمد عثمان 1857ع جي آزاديءَ جي جنگ 1957ع اسلاميه
پرنٽنگ پريس حيدرآباد
8. ڪلپنا
موهن، چانڊيو جامي (مرتب) ، 2009، افسانوي ۽ فڪري
ادب، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي ص 35، 36
9. ڏيپلائي
محمد عثمان، 1959ع، ’جيل جا مشاهدا‘، هفتيوار
انسان، حيدرآباد ص. 25.
10. حسن
ظفر، 1980ع، ڏيپلائي ٿي لکيل مضمون، شهباز
پبليڪيشن، ڏيپلائي نمبر ص. 73.
نظير ملڪاڻي
سنڌ جو دلير ۽ نرالو ليکڪ
محمد عثمان ڏيپلائي
موجودهه ٿر ضلعو چئن تعلقن تي مشتمل آهي: مٺي،
ڏيپلو، ڇاڇرو ۽ ننگرپارڪر. انهن ۾ تعلقو ڏيپلو، ٿر
جي ڏاکڻين- اولهندي ڪنڊ تي واقع آهي، جنهن جو هيڊ
ڪوارٽر ڏيپلو شهر آهي. هڪ روايت موجب ڏيپلي شهر جو
بنياد وجهندڙ ڏيپچند نالي هڪ ميگهواڙ هو، جيڪو
اُتي ڳوٺ ٻڌي وڃي ويٺو هو. ڏيپچند مقامي ٻوليءَ جي
لهجي ۾ ’ڏيپئو‘ سڏجڻ لڳو. اهڙيءَ ريت هيءُ ڳوٺ ان
جي بانيءَ جي نالي پٺيان’ ڏيپئو‘ سڏجڻ لڳو. سالن
پڄاڻان سنه 1880ع ۾ مير ٺاري اُتي ڪڇ کان ايندڙ
ڌاڙيلن کان بچاءَ واسطي فوجي ڪئمپ قائم ڪئي ۽ اهو
نالو ڦري ”ڏيپلو“ بنجي ويو. آهستي آهستي هن ڳوٺ جي
آبادي به وڌڻ لڳي ۽ نيٺ اهو هڪ ننڍڙو شهر ٿي پيو.
سنڌ جي انهيءَ ننڍڙي ۽ دور دراز شهر ڏيپلي جي هڪ
نيڪ مرد حبيب الله ميمڻ جي گهر ۾ سال 1908ع ۾ هڪ
ٻار جنم ورتو، جنهن جو نالو محمد عثمان رکيو ويو،
۽ اهو ئي ننڍڙو محمد عثمان جڏهن وڏو ٿيو، ته
پنهنجي محنت ۽ قابليت سبب ڏيپلي شهر جي سڃاڻپ بنجي
ويو. هن سلسلي ۾ سنڌ جو ناميارو شاعر ۽ ليکڪ محترم
شمشيرالحيدري لکي ٿو ته:
”هونئن ته ڏيپلي جي هر رهاڪوءَ کي ڏيپلائي چئجي،
پر اوهين يقين ڪريو ته سنڌ جي هر پڙهي لکيل
ماڻهوءَ جي ذهن ۾ هيءُ لفظ هڪ خاص شخصي اصطلاح جي
حيثيت سان ورهين کان وٺي اهڙو ته مڪمل تعارف پيدا
ڪري چڪو آهي، جو هن وقت سنڌي ٻوليءَ ۾ ”ڏيپلائي“
جي فقط هڪ ئي معنيٰ آهي- ”محمد عثمان ولد حبيب
الله، ميمڻ..........“ جنهن جا لکيل ناول سڄيءَ
سنڌ ۾ ’ڏيپلائيءَ جا ناول‘ جي نالي سان مشهور آهن:
۽ اها ئي چيز ڏيپلائيءَ جي هڪ غير معمولي شخصيت
هجڻ جو ثبوت پڻ آهي. سنڌ جي هن غير معمولي شخصيت
جو جيڪڏهن معمولي تعارف به پيش ڪجي، ته ان لاءِ
جيتريقدر عنوانن جي ضرورت ٿيندي، سي به هڪ الڳ
تصنيف جي ضخامت وٺي بيهندا.“
مرحوم محمد عثمان ڏيپلائي جي باقاعدي تعليم فقط ست
درجا سنڌي هئي. ان بعد هڪ مولوي صاحب کان فارسي
سکيو. اڳتي هلي پنهنجي ذهانت وسيلي اردو، هندي،
گجراتي، گرمکي (لپي) ۽ انگريزيءَ ۾ به چڱي واقفيت
حاصل ڪيائين. عربيءَ جي تعليم ته ورتل ڪانه هئس،
پر ذاتي مطالعي سبب قرآن شريف جي هر آيت جو
سولائيءَ سان ترجمو ڪري ويندو هو.
ڏيپلائي صاحب پنهنجي معاشي زندگيءَ جي شروعات
مائٽاڻي ڪرت، يعني واپار سان ڪئي. ڪجهه عرصي بعد
واپار ڇڏي زميندارن وٽ ملازمت ڪرڻ لڳو. ان سلسلي ۾
بدين، ٽنڊي باگي، ميرپورخاص، کپري ۽ عمرڪوٽ ۾
مختلف زميندارن وٽ اٽڪل پنجويهن سالن تائين ملازم
ٿي رهيو. سندس ادبي ۽ صحافتي حياتي تمام ننڍي عمر
کان شروع ٿي. سنڌي چوٿون درجو پڙهندو هو ته ”فرحت
آثار“ نالي هڪ هفتيوار قلمي اخبار جاري ڪيائين،
جيڪا سڄي پاڻ هٿ سان لکندو هو. ننڍپڻ جي انهيءَ
شوق ۽ ذوق اڳتي هلي، کيس هڪ وڏو ايڊيٽر ۽ پبلشر
بنائي ڇڏيو.
ڏيپلائي صاحب جي پهرين لکڻي جيڪا شايع ٿي، اها هڪ
اردو مضمون هو، جيڪو دهليءَ مان نڪرندڙ اخبار
”منادي“ ۾ شايع ٿيو. سندس پهرئين شايع ٿيل افساني
جو عنوان هو. ”چنڊ سهڻو يا انسان“، جيڪو خليق
مورائي پنهنجي رسالي ”علمي دنيا“ ۾ شايع ڪيو هو.
ساڳئي رسالي ۾ سندس ٻيو افسانو به شايع ٿيو، جنهن
جو پاڻ ته ڪو ٻيو عنوان رکيو هئائين، پر رسالي جي
ايڊيٽر ان کي ”فريبي دنيا“ جي عنوان سان شايع ڪيو.
خليق مورائي جي چوڻ تي ڏيپلائي صاحب ”قرآني
دعائون“ جي عنوان سان ڪتاب لکيو، جنهن کي ”مسلم
ادبي سوسائٽي“ شايع ڪيو. اهو پهريون ڪتاب هو،
جنهن تي سندس نالي سان گڏ لفظ ”ڏيپلائي“ شايع ٿيو،
۽ پوءِ اهو لفظ سندس مخصوص سڃاڻپ بنجي ويو.
ميرپورخاص ۾ رهائش دؤران ڏيپلائي صاحب ”اسلاميه
دارالاشاعت“ جي نالي سان هڪ اشاعتي ادارو قائم
ڪيو. ان بعد ماهوار رسالو ”عبرت“ جي نالي سان هڪ
ڪتابي سلسلي شروع ڪيو. ڪجهه عرصي کان پوءِ انهيءَ
ڪتابي سلسلي کي هفتيوار ڪيائين. اڳتي هلي، ”عبرت“
جي نالي سان شروع ڪيل اهو ڪتابي سلسلو، سنڌ جي
مشهور ۽ هڪ وقت سڀ کان وڏي اخبار ”عبرت“ ۾ بدلجي
ويو. ڪيڏي نه افسوس جي ڳالهه آهي جو سنڌي ٻوليءَ
جي اها مشهور اخبار اڄ پنهنجي بانيءَ کي بلڪل
وساري چڪي آهي:
سال 1942ع ۾ ڏيپلائي صاحب ”اسلاميه دارالاشاعت“ ۽
”عبرت“ سميت حيدرآباد منتقل ٿي ويو. 1948ع ۾ هن
پنهنجي پريس به خريد ڪري ورتي. سال 1949ع ۾
ڏيپلائي صاحب ”اداره لطيفي“ قائم ڪيو. هن اداري
پاران شاهه جو رسالو مڪمل ڇپائي پڌرو ڪيائين.
1952ع ۾ ”اداره انسانيت“ قائم ڪيائين ۽ هن اداري
پاران ماهوار ”انسان“ جاري ٿيو، جيڪو بعد ۾
هفتيوار بنجي ويو. 1969ع ۾ ماهنامه ”ساڻيهه
ڊائجيسٽ“ ۽ روزانه ”سنڌ ٽائيمس“ اخبار جاري
ڪيائين. اهڙيءَ ريت هو ڪيترائي ادارا، اخبارون ۽
رسالا هڪ ئي وقت ۾ هلائيندو رهيو.
مولانا عبدالرحيم پڇميءَ ڪڇ، ٿر ۽ لاڙجي علائقن ۾
پيري مريديءَ ۽ شرڪ خلاف جيڪو تبليغي جهاد ڪيو هو،
ان جو ڏيپلائي صاحب تي وڏو اثر هو. مولانا پڇميءَ
جي ان جهاد ڪري، هنن علائقن ۾ ڪيترائي موحد پيدا
ٿيا، جن اهو سلسلو جاري رکيو. انهيءَ جهاد کي ادب
ذريعي جاري رکڻ ۾ سنڌي جون ٻه شخصيتون نهايت
نمايان آهن: مولوي احمد ملاح، جنهن شاعريءَ وسيلي
توحيد جو درس ڏنو ۽ محمد عثمان ڏيپلائي، جنهن نثر
وسيلي شرڪ ۽ پيرپرستيءَ جي مخالفت ڪندي، ان موضوع
تي ڪيترائي ڪتاب لکي ڇپايا. هن باري ۾ محترم جي.
ايم. سيد پنهنجي مشهور تصنيف ”جنب گذاريم جن سين“
(جلد ٻيو) ۾ لکي ٿو ته:
”ڏيپلائي صاحب طبيعت جو پر خلوص جذباتي انسان آهي.
ان ڪري هن ابتدا کان وٺي مختلف عمل ۽ رد عمل جي
چڪرن ۾ ڦاسي تبليغي جوش سان ڪيترن مضمونن تي پئي
لکيو آهي. سندس پهريون رد عمل مولوي عبدالرحيم
پڇمي ۽ مولوي احمد ملاح جي اثر هيٺ پير پرستيءَ
خلاف پيدا ٿيو. هي جڏهن لکڻ وهندو آهي ته جوش جنون
وچان معياري زبان کي خير باد ڪري، طنز ۽ نڪته
چينيءَ کي حد تائين پهچائي ڇڏيندو آهي. مرشدن جي
خلاف جڏهن لکيو اٿس، ته مرشد جي ڏاڙهي، مرشد جون
ٽنگون، مرشد جو گهوڙو، مرشد جي نٿ وغيره جهڙن
عنوانن سان لکي وڃي پار پيو آهي.“
حيدرآباد ۾ ڏيپلائي صاحب جي جماعت اسلاميءَ سان به
ويجهڙائپ پيدا ٿي. مولانا مودودي جي فڪر کان متاثر
ٿيندي سندس ويهارو کن ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري
شايع ڪيائين پر جماعت اسلاميءَ سان ڏيپلائي صاحب
جي ويجهڙائپ گهڻو وقت قائم نه رهي سگهي، ۽ جڏهن
جماعت جي مفاد پرستانه پاليسين جي ڄاڻ پيس، ته ان
کان نه رڳو الڳ ٿيو، پر مورڳو متنفر ٿي ويو. ان
باري ۾ پاڻ لکي ٿو ته:
”پيرن، ملن ۽ ليڊرن جي فريبي زندگيءَ کي ڏسڻ جو
مون کي ڪافي موقعومليو آهي؛ ۽ جماعت اسلاميءَ جون
قلابازيون به مون پوريءَ طرح پروڙيون آهن: اهي
ڳالهيون آهن جن منهنجي خيالن ۾ تبديلي آندي، ۽ مون
جڏهن انهيءَ تصور هيٺ وري مطالعو ڪرڻ شروع ڪيو
تڏهن پوريءَ طرح محسوس ڪيم ته در حقيقت سمورا مذهب
به انهيءَ تصور هيٺ شروع ٿيا آهن ته انسان ذات کي
بهتري ۽ بهبودي ميسر ڪري ڏجي، مگر جيئن پوءِ تيئن
وڌيڪ انهن جي پيشوائن ۾ خود غرضي ايندي ٿي وڃي ۽
هو آخر مذهب جي منشا کي ئي بگاڙي چڪا آهن.“
ڏيپلائي صاحب جي لکيل ڪتابن جو تعداد سوَن ۾ آهي.
کيس لکڻ جي مشين سڏيو ويندو هو. ريل گاڏيءَ جي سفر
دؤران هو. هڪ اسٽيشن کان ٻي اسٽيشن تائين پهچندي،
هڪ عدد ناول لکي وٺندو هو. ساڳيءَ ريت سندس پڙهڻ
جي رفتار به تمام تيز هوندي هئي. ان کان سواءِ هڪ
ٻي عجيب ڳالهه جو هتي ذڪر ڪرڻ به دلچسپيءَ کان
خالي نه ٿيندو: ڪيترائي ڀيرا ائين ٿيو جو ڏيپلائي
صاحب پنهنجو ڪو مقالو، افسانو يا ناٽڪ پڙهڻ لاءِ
ڪاغذ کڻي اسٽيج تي چڙهيو ۽ اهي ڪاغذ اٿلائيندي
پٿلائيندي مواد پڙهي پورو ٿي ڪيائين. اسٽيج تان
لهڻ کان پوءِ جڏهن کانئس ڪنهن دوست يا سڃاڻو اهي
ڪاغذ وٺي ڏٺا ته خبر ته پيئي ڪاغذن تي ڪجهه به
لکيل ڪونه هو ۽ اهي بلڪل ڪورا هئا. ڏيپلائي صاحب
سمورو مواد في البديهه ٻڌائي ويندو هو، جيڪا ڳالهه
بظاهر ناممڪن ٿي لڳي.
ڏيپلائي صاحب ڪيترن ئي موضوعن تي ڪتاب لکيا ۽
سنڌيءَ ۾ ترجمو به ڪيا. ابتدائي دؤر ۾ کيس اسلامي
تاريخي ناول لکڻ جو به گهڻو شوق رهيو ۽ ڪيترائي
ناول لکيائين. ”سنگدل شهزادي“ ان سلسلي جو پهريون
ناول هو، جنهن جو پلاٽ منشي صادق صديقي جي ناول
”آرمينيا ڪا چاند“ تان کنيل هو. مغل شهنشاهن جي
ڪردار ڪشيءَ خاطر متعصب هندوئن طرفان لکيل ناول
”مغل رنگ محل“ جي جواب ۾ ڏيپلائي صاحب ”ڏاهري رنگ
محل“ لکيو، جنهن تي وڏو گوڙ ٿي پيو ۽ نيٺ انگريز
حڪومت اهي ٻئي ڪتاب ضبط ڪيا. ورهاڱي کان اڳ توڙي
پوءِ ڏيپلائي صاحب جا ڪيترائي ڪتاب ضبط ٿيا ۽ ٽي
ڀيرا کيس جيل به وڃڻو پيو.
ڏيپلائي صاحب کي سنڌ جي اوائلي ليکڪن ۾ اهو به
اعزاز حاصل آهي ته سندس ڪيترائي ڪتاب اردو ۾
ترجمون ٿيا. حرن جي آزاديءَ واري هلچل تي لکيل
ناول ”سانگهڙ“ سندس اهم تصنيفن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو،
جنهن جو اردو ترجمو فڪشن هائوس لاهور مان شايع
ٿيو.
سنڌ جي ناليواري ليکڪ پير علي محمد راشدي پنهنجي
ڪتاب ”اهي ڏينهن، اهي شينهن“ (جلد ٽيون) ۾ ڏيپلائي
صاحب جو ذڪر نهايت سهڻن ۽ اثرائتن لفظن ۾ ڪيو آهي.
پير صاحب لکي ٿو ته:
”........جيترو سنڌي لٽريچر هن هڪ مڙس لکي ڇپايو
آهي، ٻيا سڀئي لکندڙ گڏجي به شايع ڪري ڪونه سگهيا
آهن. .............. هڪ لحاظ کان سندس لٽريچر تمام
اهم آهي. ان تي مجموعي طرح نظر ڊوڙائڻ سان مستقبل
جي مؤرخ کي معلوم ٿي سگهندو ته اسان واري زماني ۾
عام پڙهندڙ کي ڪهڙو علمي ۽ ادبي مواد درڪار هوندو
هو................“
مضمون جي آخر ۾ راشدي صاحب لکيو آهي ته:
”ڏيپلائي صاحب جهڙا ماڻهو، ادبي تاريخ ۾، فرد نه
ادارا ڪري ڳڻيا ويندا.“
نظير قاسمي
محمد عثمان ڏيپلائي، سنڌ جو عاشق
۽ منفرد مجاهد
يادگيرين جي دنيا به عجيب آهي، جنهن ۾ انسان
پنهنجي ماضيءَ جي سوچ ڪري ان جهان ۾ جڏهن جهاتي
پائي ٿو ته يادگيرين جا منظر هڪ فلمي سِين جيان
سندس آڏو تيزي سان گذرندا وڃن ٿا. يادگيرين جي ان
منظرنامي ۾ آءٌ پهريائين پنهنجي ناناڻي گهر واقع
ڪراچي، جيڪو منهنجو جنم هنڌ آهي ۽ پوءِ دادي ليلا
جي هيرآباد، حيدرآباد واري گهر، جتي اسين مسواڙ تي
رهندا هئاسين، سان لاڳاپيل منظر ۾ کوئجي وڃان ٿو.
ننڍپڻ ۾ انهن هنڌن، پنهنجي والد علامه غلام مصطفيٰ
قاسمي ۽ ناني مولانا محمد مدني ۽ ڪڏهن پنهنجي ننڍي
مامي حُسين امام جي ناني سان قرآن پاڪ جي ڇپائيءَ
بابت گفتگو ۾ ”ڏيپلائي، ڏيپلائي“ نالو بار بار
ٻڌان ٿو.
وقت گذرندو ٿو وڃي ۽ اسين 1963ع ڌاري ڪراچي شهر
ڇڏي، جتي بعد ۾ ”سنڌ مدرسة السلام“ اندر رهائشي
گهر ۾ مقيم هئاسون ۽ بابا، ڪراچيءَ جي ”سنڌ مسلم
ڪاليج“ ۾ ڪاليجي شاگردن کي دينيات، سنڌي ۽ فارسي
پڙهائيندو هو.
حيدرآباد اچڻ جو سبب، ”شاهه ولي الله اڪيڊمي“ جو
قيام هو ۽ بابا کي ان جو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو
هو. اڪيڊمي ۽ گهر تي بابا سان ملڻ لاءِ ايندڙ
شخصيتن سان ملاقات ۽ شناسائي ٿيندي رهي ٿي. اهڙي
ماحول ۾ ٻين شخصيتن جي ذڪر ۾ ”ڏيپلائي“ نالو شايد
ٻين نالن کان منفرد هئڻ سبب ذهن ۾ وري تازو ٿي وڃي
ٿو.
بابا جي عادت هوندي هئي يا وري ڀائرن مان ڪو ضد
ڪندو هو ته هُو پاڻ سان ٻاهر وڃڻ مهل اسان ڀائرن
مان ڪنهن کي ساڻ وٺي ويندا هئا. هڪ ڏينهن بابا سان
منهنجو به وڃڻ ٿيو ۽ چڱي طرح ياد اٿم ته زناني
اسپتال جي ويجهو حبيب بيٺڪ جي آڏو گهٽيءَ ۾ موجود
هڪ پريس ۾ وڃڻ ٿيو، اتي جنهن شخصيت سان ملاقات ٿي،
تنهن وڏي واڪي تيز تيز ٿي ڳالهايو ۽ وري ڳالهه
ڳالهه تي ٽهڪ پڻ. اڙي ڇا! ته هي آهي محمد عثمان
ڏيپلائي!
شاهه ولي الله اڪيڊمي جي رسالي ”الرحيم سنڌي“ جي
اشاعت ڏيپلائي صاحب جي پريس ۾ ٿيندي هئي، تنهنڪري
به بابا جو مذڪوره پريس ڏانهن اڪثر وڃڻ ٿيندو هو.
جڏهن ته ناني مرحوم، مولانا محمد مدنيءَ جو
ڏيپلائي صاحب سان تعلق، مدني صاحب جي ترجمو ڪيل
قرآن پاڪ جي اشاعت جي سلسلي ۾ هوندو هو.
قاسمي صاحب ۽ ڏيپلائي صاحب جي وچ ۾ تعلق قرابت
واريءَ تي نظر وڌي وڃي ته ظاهري طور هو هڪٻئي کان
بنهه مختلف ۽ مخالف رخن ۾ نظر ايندا پر ان جي
باوجود سندن وچ ۾ قرابت واري کان ڪي سبب ٻيا به
هئا.
انهن مان ٻنهي شخصيتن جي ”سنڌ سان محبت“ سڀ کان
مٿڀري آهي. قاسمي صاحب ته محقق هو، تنهنڪري هن سنڌ
جي قدامت ۽ سنڌ جي مشاهيرن، صوفين ۽ سنڌ جي علمي
تاريخ ڏانهن وڌيڪ ڌيان ڏنو ۽ سنڌ جي عالمن جي علمي
ڪاوشن کي ترتيب ڏيئي ايڊٽ ڪري منظر عام تي آندو ۽
گڏوگڏ تاريخ جي ٽٽل ڪڙين جي تسلسل کي ڳنڍڻ لاءِ
ڀرپور ۽ ڪامياب ڪوشش ڪئي.
ٻئي پاسي ڏيپلائي صاحب، قلم سان گڏ عملي جدوجهد تي
يقين رکندو هو ۽ ان ڏس ۾ هن، ميل ملاقاتن ۽
پمفليٽن وغيره وسيلي سنڌ جي مسئلن کي اجاگر ڪيو.
هو وڏي عزم ۽ حوصلي جو مالڪ هو ۽ اڪيلي سر مختلف
محاذن تي ويڙهاند ڪئي ۽ سندس هڪ وڏي خوبي، بنا
ڪنهن ڊپ ڊاءُ جي گفتگو هئي. نوجوانن سان سندس تمام
گهڻو لڳاءُ هو ۽ هن ايندڙ نسل جي تربيت کي اوليت
ڏني ۽ تقرير ۽ تحرير وسيلي، نوجوانن کي همٿائيندو
رهيو ۽ منجهن عملي جدوجهد لاءِ اتساهه پيدا ڪيو.
قرابت واريءَ ۾ ٻيو عنصر، ٻنهي شخصيتن جو صحافتي
ڪردار آهي ۽ جنهن جي محور به سنڌ جا مسئلا ۽ ڏک
سور ئي رهيا. قاسمي صاحب جي عملي صحافت ڪراچيءَ
مان شايع ٿيندڙ اخبار ”نئين سنڌ“ جي ايڊيٽر طور ٿي
۽ هن ايڊيٽر طور سنڌ سان درپيش مسئلن تي ڀرپور
ايڊيٽوريل ۽ مضمون لکيا. ان ڏس ۾ محمد عثمان
ڏيپلائي صاحب جو ڪردار وڌيڪ اثرائتو نظر اچي ٿو.
خاص طور سان ون يونٽ واري دور ۾ سندس ڪردار
سرواڻيءَ وارو رهيو. ان ڏس ۾ کيس ڪافي تڪليفون پڻ
برداشت ڪرڻيون پيون، جن ۾ پريس جي بندش ۽ قيد و
بند جون صعوبتون به شامل آهن، پر اهي سڀ سندس
حوصلي کي لوڏي نه سگهيا ۽ سندس مجاهداڻو انداز
جاري رهيو. ان ڏس ۾ هن پهريائين ”عبرت“ پوءِ
”انسان“ ۽ پوءِ ”سنڌ ٽائيمز“ جو اجراءَ ڪيو.
ويجهڙائي جون ٽيون عنصر، مولانا محمد مدنيءَ جي
”سنڌي ترجمي واري قرآن پاڪ“ جي اشاعت هئي. مولانا
عبيدالله سنڌيءَ جي هن شاگرد مولانا مدنيءَ جي
سموري حياتي، قرآن تي تحقيق ۽ اشاعت ۾ گذري ۽ سندس
ترجمو ڪيل قرآن پاڪ، سڀ کان وڌيڪ سليس ۽ پسند ڪيو
ويندو آهي. ان قرآن پاڪ جي هڪ ٻي خاصيت حاشيه تي
”فتح الرحمان“ جو قاسمي صاحب جو ڪيل ترجمو آهي،
جيڪو ان جي سونهن وڌائي ٿو.
ان قرآن پاڪ جي اشاعت جي ڏس ۾ مولانا مدني ۽ قاسمي
صاحب، ڏيپلائي صاحب سان لهه وچڙ ۾ آيا ۽ جڏهن ته
ڏيپلائي صاحب جو پهريون تصنيف ڪيل ڪتاب ”قرآني
دعائون“ هو، ۽ بعد ۾ هن ”قرآن شريف“ جو با محاوره
سنڌي ترجمو پڻ پيش ڪيو.
ٻنهي شخصيتن وچ ۾ تعلق جي بنهه مختلف ڄاڻ محترم
محمد علي ڏيپلائيءَ جي علامه قاسمي چيئر جي ڪتاب
”علامه غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ سندس همعصر عالم ۽
اديب“ لاءِ تحرير ڪيل مضمون ”علامه غلام مصطفيٰ
قاسمي ۽ محمد عثمان ڏيپلائي، ٻه همعصر اديب، صحافي
۽ عالم“ مان ملي ٿي، جنهن نه رڳو ٻين پڙهندڙن بلڪه
مون کي ته بنهه ڇرڪائي وڌو.
محمد علي ڏيپلائي جي تحرير جو بنياد، ڏيپلائي صاحب
جي وفات تي پاڪستان نيشنل سينٽر ۾ منعقد ڪيل
تعزيتي ميڙاڪي ۾
علامه قاسميءَ جي صدارتي تقرير آهي. ان تقرير جي
رڪارڊنگ محمد علي ڏيپلائي وٽ موجود آهي، جنهن جي
آڊيو ڪيسٽ، هن مون کي ريڊيو حيدرآباد جي انجنيئرنگ
شعبي سان لهه وچڙ ۾ اچي سڌارڻ لاءِ ڏني هئي ۽ ان
جي رڪارڊنگ ۾ ڪجهه بهتري پڻ آئي هئي.
محمد علي ڏيپلائي صاحب لکن ٿا ته:
علامه صاحب جي تقرير رسمي شروعات کان پوءِ اوچتو
هڪ نئون رخ ورتو. علامه صاحب، پاڪستان تحريڪ واري
دور جون ڳالهيون ڪري رهيو هو. هو سنه 44-1943ع
واري دور ۾ پهچي ويو هو، آهستي آهستي پنهنجي ۽
ڏيپلائيءَ جي تعلق جا ورق ورائي رهيو هو. پاڻ ان
وقت ڪانگريس لاڙڪاڻي ضلعي واري شاخ جو نائب صدر هو
۽ جمعيت طلبه ديوبند (سنڌي شاخ) جو باني هو، سندس
رابطو جميعت العلماء سان پڻ هو. مولانا عبيد الله
سنڌيءَ جي سوچ هئي ته مسلمانن کي پنهنجي ڌار جماعت
ٺاهڻ بدران ڪانگريس ۾ داخل ٿي مضبوط ۽ اثر انگيز
گروپ ٺاهڻ جي ساست ڪرڻ گهرجي.
”انهي دور جو ذڪر ڪندي علامه صاحب ٻڌائي رهيو هو
ته مولانا سنڌي ۽ ديوبند جي عالمن جي سوچ مطابق،
هو پاڪستان جي تحريڪ جا حمايتي نه بلڪل مخالف هئا.
پنهنجي نظريي جي تبليغ واسطي، ڪانگريسي خيالن جا
علما جلسا ڪانفرنسون ڪوٺائيندا هئا، پر انهن
ڪاروائين کي ڏيپلائي صاحب هڪ ئي لکڻيءَ سان بي اثر
ڪري ڇڏيو.
ڏيپلائي صاحب لکيو ته:
”انهي ڪانفرنس ۾ شريڪ مسلمانن کي جهاٽڪي جو گوشت
کارايو ويو.“
”علامه صاحب جي تقرير ٻُڌي مون کي حيرانگي ٿي رهي
هئي. چئبو ته ڏيپلائي صاحب ۽ علامه صاحب ۾ ڪو
تاريخي تعلق به هو! نه صرف ايترو پر ننڍي کنڊ جي
اهم ترين تاريخي موڙ جي موقعي تي ٻئي بزرگ انتهائي
مخالف ڪئمپن ۾ سرگرم هئا. مون کي اوستائين پاڪستان
تحريڪ ۾ ڏيپلائي صاحب ۽ ٻين بابت گهڻي ڄاڻ بلڪل
ايئن کڻي چئجي ته ڪابه ڄاڻ نه هئي. ان دور جي
نظرياتي مقابلن بابت نه ڪجهه لکيو ويو هو ۽ نه ئي
هاڻي ڪي شاهد موجود هئا. اهو موقعو هو، جڏهن
منهنجي هن سچي عالم، اڪابر، وسيع القلب ۽ وسيع
شخصيت سان ڏيٺ ويٺ ٿي.
علامه صاحب انهن هستين مان هو جن واسطي ”اياز“ چيو
هو:
جن پاسو ورتو ڪوڙ ڪنان، سي مڙس نه ويندا مور مٺا،
جن واڪي واڪي وس ڪيا، جي سارو سچ سڻائي ويا!
محمد علي صاحب اڳتي لکي ٿو ته هي علامه صاحب جو
مون تي احسان هو، جنهن مون کي پاڪستان تحريڪ جي
دور جي تاريخ ۽ لٽريچر پڙهڻ ڏانهن راغب ڪيو. علامه
صاحب جي ظرف کي يقيناً داد ڏيڻو ئي پوندو جو هن
انهي دور جي ڏيپلائيءَ کي به ياد رکيو. پاڪستان
ٺهڻ کان پوءِ ٻئي بزرگ ماضيءَ کي فراموش ڪري
پنهنجي وطن کي ايندڙ حادثن ۽ مصيبتن کان بچائڻ جي
جهاد ۾ لڳي ويا. پنهنجي پنهنجي طريقهءِ ڪار سان هو
ڄڻ ته ”افضل من الاشغال، خدمت الناس“ تي عمل ۾
مشغول ٿي ويا.
”ٻئي بزرگ، سنڌ، سنڌي زبان ۽ ڏتڙيل سنڌي قوم جي
حقن کي حاصل ڪرڻ واري جهاد ۾ جنبي ويا. |