سيڪشن:رسالا

 ڪتاب: مهراڻ 01/ 2014ع (محمد عثمان ڏيپلائي خاص نمبر)

باب:

صفحو:14

دستگير ڀٽي

 

 

 

مذهبي انتهاپسندي، سرمائيداري، 

وڏيرا شاهي ۽ ڏيپلائي

مرحوم محمد عثمان ڏيپلائيءَ جهڙي سنڌ جي غمگسار، وطن جي جان نثار، قلم جي آزاديءَ جي روادار، بيباڪ ۽ بهادر قلمڪار جنهن ڏکئي دور ۾ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان ٿيندڙ غلاماڻي سلوڪ توڙي ناحق، سياسي توڙي سماجي استحصال ۽ قومي ڦرلٽ خلاف بغاوت جا ڏيئا ٻارڻ شروع ڪيا. تڏهن اسين پرائمري اسڪول جا شاگرد هوندا هئاسين. اسان کي ملڪ جي سياسي مامرن جي ڄاڻ خير ڪي هوندي هئي. 1962ع ڌاري هاءِ اسڪولن تائين پهتاسين تڏهن به اها پروڙ نه هئي ته فقط ويهه سال اڳ ۾ ڌارين قابضن انگريز حڪمرانن سنڌ جي آزاديءَ خاطر ويڙهاند ڪندڙ سورهيه سائين صبغت الله شاهه پاڳاري کي ڦاهيءَ تي چاڙهي سندس ڪمانڊ هيٺ انگريز فوج سان جهيڙيندڙ هزارين حُر مجاهدن ۽ سندن ٻارن ٻچن کي ڪُهي، کين گولين ۽ بمن بارودن جو کاڄ بڻائي سنڌين کي غلام بڻائي رکڻ خاطر حُر تحريڪ کي چٿي ۽ چيڀاٽي ڇڏيو آهي.

انگريز حاڪمن جي دور ۾ ته عوام تائين سچ پهچائڻ هڪڙو سنگين  ڏوهه ڪري ليکيو ويندو هو، پر جڏهن 1947ع ۾ اسان کي نالي ماتر آزادي ملي جنهن کي شهيد ڀٽو The Myth of Independence ڪوٺيندو هو ۽ پنهنجي ڪتاب جو ٽائٽل به اهوئي رکيائين، ان نام نهاد آزاديءَ واري دور ۾ به اسڪولن توڙي ڪاليجن ۾ جيڪو نصاب پڙهايو ويندو هو، ان ۾ به سنڌ جي ماڻهن سان حُر تحريڪ ۾ ٿيل ظلم ۽ ڪاري قيام جو ڪوبه ذڪر نه ڪيو ويو ڇاڪاڻ ته جرمنيءَ جي جنگجو سربراهه ائڊالف هٽلر جڏهن انگلينڊ مٿان بمن جو وڏو ڦڙو وسائي، انگريزن کي وطن واپس ورڻ تي مجبور ڪيو ته ويندي ويندي سامراجي آقا اسان سنڌين مٿان پنهنجا پاڙهيل ڪارا انگريز حڪمران مڙهي ويا. جرمني فوجن انگلينڊ تي سالن جا سال بمباري ڪري ذري گهٽ سمورا مرد ماري ۽ زخمي ڪري  ڇڏيا هئا. انگريز عورتون بيواهه ۽ بي سهارا ٿي ويون، تڏهن نه رڳو هندستان پر سڄو ايشيا ۽ افريقا به ان ڪري کين خالي ڪرڻو پيو جو سندن زالون، مائرون ۽ ڀينرون هاڻي جرمن فوج هٿان پنهنجي لڄالٽ ۽ بي حُرمتيءَ کان بچڻ خاطر ۽ سياري جي مند ۾ ڇتي برفباريءَ ڪارڻ آيل ڏڪار ۾ بک مرڻ بدران آپگهات ڪرڻ ۾ ئي پنهنجو آجپو سمجهڻ لڳيون هيون.

اهڙيءَ ريت 1857ع واري غدر کان وٺي 1942ع واري حُر بغاوت تائين آزاديءَ جي هر تحريڪ کي بارود ۽ توبن سان چيڀاٽڻ وارا انگريز حاڪم جڏهن هٽلر جي حملن سبب سڄي دنيا مان ڀاڄ کائي پنهنجو انگلستان بچائڻ لاءِ سامونڊي ٻيڙا اوور لوڊ ڪري هتان روانا ٿيا ته پويان ڌرتي ڌڻين کي سندن حاڪميت جو حق ڏيڻ بدران پنهنجا ايجنٽ ۽ انڊين سِول سروس ۾ پاڙهيل طوطا حڪمران اسان تي حاڪميت ڪرڻ لاءِ ڇڏي ويا، انهن ڪارن انگريزن سنڌ جي ٿورڙن وڏيرن، ميرن پيرن، سيدن توڙي غدار ۽ مفاد پرست سنڌي سياسي اڳواڻن سان ساز باز ڪري اسان جي پڙهيل ڳڙهيل هندو مڊل ڪلاس ۽ مرڪسٽائيل يعني واپاري طبقي کي ڏيهه نيڪالي ڏياري جيڪا اڄ تائين بدقسمتيءَ سان هندو سنڌين جي لڏپلاڻ وسيلي جاري ساري آهي.

نهايت سادو ۽ سٻاجهڙو مرحوم محمد عثمان ڏيپلائي سنڌ ۽ سنڌين سان ٿيندڙ ههڙي تاريخي ويڌن ۽ مذهبي نفرتن جي بنياد تي ٿيل ورهاڱي خلاف انهن آڱرين تي ڳڻڻ جيترن وطن دوست ليکڪن مان هو جن پنهنجي قلم ۾ مس بدران ڄڻ ته رت جا ڳوڙها وجهي ستايل ۽ وطن مان زوريءَ تڙيل انهن لکين ماڻهن سان مذهبي شدت پسنديءَ جي آڙ ۾ رٿيل ظلم ۽ ستم خلاف سنڌ اندر جاڳرتا جي جوت جلائي.

اوهان ڏٺو هوندو ته سڄيءَ دنيا ۾ ۽ سموري ڪائنات اندر هر قوم، هر ملڪ ۽ هر خِطي جي پنهنجي پنهنجي مادري ٻولي، پنهنجي تهذيب ۽ ثقافت ۽ سياست، ادب، شاعري، سهگڙائپ، صحافت ۽ عوام دوست ترقي پسند تخليقن جو هڪڙو پنهنجو جهان آهي. ساڳيءَ ريت سنڌي ادب، شاعري ۽ صحافت جي ٽمڪندڙ تارن سان جرڪندڙ اسان سنڌين جو به هڪ شاندار ادبي پياسي ۽ صحافتي جهان، بلڪه تارن ڀريو سهڻو من موهڻو آسمان آهي، جنهن تي مون کي اهو سدا بهار ۽ چمڪندڙ ستارو ڪڏهن به اجهاڻل ۽ وساميل نظر نه آيو، نه ئي ڪڏهن اجهامي سگهي ٿو، رواداري ۽ سهپ جو اهو تابناڪ ۽ روشن ڏيئو جنهن کي ٻارڻ واري مجاهد جو نالو محمد عثمان ڏيپلائي آهي.

محترم ڏيپلائي صاحب جو بنا ڪنهن ٽيوشن في ڀرڻ جي آءٌ تڏهن باقاعدي شاگرد ٿي پيس، جڏهن آگسٽ 1969ع تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجن هٿن سان روزانه هلال پاڪستان جي پڪي قلعي واري پريس ۽ آفيس جو افتتاح ڪرڻ لاءِ پاڻ سيڙجي آيو. ٻئي ڏينهن مرحوم شيخ علي محمد جهڙي سنڌ جي سڄڻ ۽ بيباڪ صحافيءَ جي ايڊيٽرشپ ۾ بند پيل هيءَ تاريخي سنڌي اخبار جڏهن ڇپجي ماڻهن جي هٿن تائين پهتي ته گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ وستي وستي، واهڻ واهڻ، شهر شهر ۽ ڳوٺ ڳوٺ، شادمانا ٿي پيا ته نيٺ هڪ عوامي اخبار ڇپجڻ شروع ٿي آهي. جنهن ۾ سنڌ جي مسڪين پورهيت، هاري ناري ۽ ڪمي ڪاسبيءَ جي سماجي ۽ معاشي ڀلائيءَ جو سنيهو پڙهندڙ کي روز ملندو. سنڌ جي ٻهراڙين ۾ جيڪي اڻپڙهيل سنڌي هئا سي هوٽلن ۽ دڪانن تي پڙهيل ڳڙهيل نوجوانن کي منٿون ڪري چوندا هئا ته ابا پڙهي ته ٻڌاءِ، اڄ محمد عثمان ڏيپلائي صاحب دين جي ٺيڪيدار مُلن ۽ مولوين جي ڪيئن لاک لاٿي آهي؟ فخر جهڙي ڳالهه هيءَ به آهي ته ڏيپلائي مرحوم کان سواءِ هلال ۾ مضمون لکندڙ ٻيا به گهڻا سنڌ جا چوٽيءَ وارا دانشور، محقق، شاعر، اديب، صحافي، عالم ۽ فاضل پڻ شامل هئا. جن مان ڪجهه مانوارن سنڌي تخليقڪارن جو ذڪر نه ڪرڻ بي واجبي ٿيندي ڇو ته مون به جيڪو ٿورو گهڻو علم پرايو سو سندن لکڻين جا پروف پڙهي حاصل ٿيو. سندن نالا ته پڙهو ۽ هيرا ته ڏسو: پير حسام الدين راشدي، مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي، امان الله چانڊيو، مولانا غلام محمد گرامي، مولوي عبدالحق رباني، رسول بخش پليجو، مقبول احمد ڀٽي، ڪامريڊ مير محمد ٽالپر، تنوير عباسي، نياز همايوني، مرحوم ظهور انصاري، رشيد ڀٽي، عبدالڪريم گدائي، سرويچ سجاولي وغيره.

انهن ئي ڏينهن ۾ طنز و مزاج جي تيرن سان ڪالم لکندڙ حليم بروهي جهڙا سچا، يگانا ۽ بيباڪ ليکڪ هلال پاڪستان کي پنهنجي عوام دوست لکڻين سان روزانو نئين سر سينگاري سنواري خدا جي خلق تائين پڄائيندا هئا. عثمان ڏيپلائي صاحب جو دستور هوندو هو ته منهنجي گول بلڊنگ ڀرسان گهر لڳ پنهنجي قرآن پريس واري آفيس منجهان منجهد مهل رسالن، قيمتي ڪاغذن ۽ خالي پنن سان ڀريل ڪپڙي جي ٺهيل ميرانجهڙي ڳوٿري هٿ ۾ جهلي، ڪڏهن پکو پير ۽ ڀائيخان واري چاڙهيءَ تان ته ڪڏهن هوم اسٽيڊ هال واري چاڙهي چڙهندو پڪي قلعي وارو وڏو ڦاٽڪ پاسيرو ڇڏيندو ٻن گهٽين کان پوءِ ٽين گليءَ اندر هلال پاڪستان ۾ اچي ساهه پٽيندو هو. پوڙهو مڙس پر سندس حوصلا جوان، بلند همتيءَ جو ڄڻ ڪارونجهر جبل هجي جيڪو مودودي واري ملائيت، سرمائيداري، وڏيرا شاهي ۽ سامراجي نظام جي رکوالن عوام دشمن ٽولن سان هر وقت حالت جنگ ۾ هوندو هو. هڪ پاسي سنڌ جي قومي شاعر شيخ اياز مٿان هلندڙ مذهبي انتهاپسند يلغار خلاف مٿي ذڪر ڪيل سمورا ترقي پسند ليکڪ ۽ تخليقڪار ڏيپلائي صاحب جي ٻيڙيءَ جا سوار هئا ته پريان مهراڻ ۽ الوحيد اخبارن جا مدير مرحوم سيد سردار علي شاهه ۽ مولوي نظاماڻيءَ جهڙا دين جا ٺيڪيدار شيخ اياز ۽ رسول بخش پليجي، جي ايم سيد ۽ ڏيپلائي مرحوم سميت سمورن ترقي پسند اديبن کي ”ڪافر“ ڪوٺڻ کان به نه ڪيٻائيندا هئا، جيئن سندن مرشد مولانا ابو الاعليٰ مودودي قائداعظم محمد علي جناح کي
”ڪافر اعظم“ قرار ڏيندو هو.

1969ع کان سال 1973ع تائين هماليائي سياست وارو هيءُ دور پاڪستان اندر ائنٽي ون يونٽ تحريڪ جهڙي ٻرندڙ جبل وارو دور به هو ڇاڪاڻ ته هن ملڪ جي مظلوم قومن يعني بنگالين، سنڌين، بلوچين، سرائيڪين ۽ پٺاڻن نه رڳو سالن جا سال جنرل ايوب خان واري آمريت جي پاڙ پٽڻ خاطر وڏي هلچل هلائي هئي، جيل، ڦٽڪا ۽ ڦاهيون به کاڌيون جن ۾ بلوچ سردار نؤروز خان ۽ سندس فرزند به شامل هئا، تنهنڪري پنجابي اسٽيبلشمينٽ کي جنرل ايوب خان مان جند ڇڏائي، هڪ نئون جرنيل يحيٰ خان ميدان ۾ لاهڻو پيو جنهن نئين سر مارشل لا مڙهي، اهو اعلان ڪيو ته ملڪ اندر پهريون ڀيرو عام چونڊون ڪرائي، سياسي اقتدار جون واڳون چونڊيل عوامي عيوضين حوالي ڪندو. جنرل يحيٰ خان عوامي مطالبن آڏو ڪنڌ جهڪائي ون يونٽ وارو قهري ڪوٽ ٽوڙڻ جو به قانون منظور ڪري ورتو. انهيءَ ڏس ۾ باقاعدي مارشل لا آرڊيننس جاري ڪري، بنگال، سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ پختونخواهه جي پراڻي جاگرافيائي ۽ تاريخي صورت بحال ڪيائين، جيڪا 1954ع ڌاري ون يونٽ وارو عوام دشمن سياسي سرشتو لاڳو ڪرڻ کان اڳ ۾ هئي.

هيءُ زمانو، سنڌ اندر سياسي پولرائيزيشن يا ڌڙابنديءَ وارو هو، ڇاڪاڻ ته هڪ طرف بنگلاديش ۾ شيخ مجيب الرحمان جي قومپرست پارٽي عوامي ليگ بنگال جي عبدالحميد ڀاشاني توڙي طاقتور ڪميونسٽ پارٽين کان عوامي مقبوليت کسي ورتي هئي، جڏهن ته باقي بچيل اڄوڪي پاڪستان اندر جنرل ايوب خان جو لاڏلو وزير ذوالفقار علي ڀٽو ڪشمير واري مسئلي تي جنرل سان اختلاف ڪري وزارت تان استعيفا ڏيئي سوشلزم جهڙي من موهيندڙ نعري سان خلق جو محبوب اڳواڻ بڻجي ويو.

مون کي ياد آهي ته ذوالفقار علي ڀٽو جي ڪجهه پاليسين سبب ڏيپلائي مرحوم کي ڏاڍو صدمو رسيو هو. پاڻ احتجاج طور هلال پاڪستان ۾ ڪالم لکڻ بند ڪري ڇڏيائون. آءٌ جيسين پڪي قلعي واري آفيس ۾ رهيس، ساڻس روزانو ملاقات ٿيندي هئي، جنهن ۾ پنهنجي ناول سانگهڙ جو ذڪر ڪندا هئا ته ڪيئن نه سنڌين جي شاندار جنگ آزاديءَ کي ناول جي روپ ۾ قلمبند ڪري ايندڙ نسل لاءِ محفوظ ڪيائون. انگريزي سِکڻ، پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ واسطي مرحوم ڏيپلائي سنڌي نوجوانن کي همٿائيندو هو. سندس يادگار ڪتاب سانگهڙ انگريز ڪمشنر ايڇ.ٽي لئمبرڪ پاران آزادي پسند سنڌين کي دهشتگرد The Terrorist قرار ڏيڻ واري ڪوڙ کي دنيا آڏو وائکو ڪري ڇڏيو. اهو ڏيپلائي صاحب جو تاريخي ڪارنامو قيامت تائين ياد رکيو ويندو.

جامي چانڊيو

 

  

محمد عثمان ڏيپلائي- تبديليءَ جو اهڃاڻ

 

ويهين صديءَ جي سنڌ جيڪي وڏا ماڻهو پيدا ڪيا آهن، انهن ۾ سنڌ جو هڪ بيباڪ ۽ مجاهد ليکڪ محمد عثمان ڏيپلائي صاحب به هو. سنڌ جي ساڃاهه جي اؤسر ۾ سندس ڪردار جو انداز ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته رسول بخش پليجي صاحب جي پايي جو اسڪالر به چوندو آهي ته سندس زندگيءَ تي جن چند ماڻهن گهرو اثر وڌو، انهن ۾ ڏيپلائي صاحب به شامل آهي. ائين ڏيپلائي صاحب جي روشن خيال ۽ ترقي پسند فڪر جو اثر ڪيترن ئي دورن ۽ نسلن تي پيو آهي.

مان ننڍو هوندو هئس ته عثمان ڏيپلائي صاحب جا ننڍڙا فڪر انگيز ڪتابڙا ۽ رسالا اسان جي گهر ايندا هئا، منهنجو والد صاحب عربيءَ ۽ فارسيءَ جو پروفيسر ۽ پاڻ هڪ اديب ۽ شاعر هو. هن جي محمد عثمان ڏيپلائيءَ سان ڏيٺ ويٺ هوندي هئي. والد صاحب اسان کي چوندو هو ته ڏيپلائي صاحب جا ڪتاب ۽ رسالا پڙهو ۽ سندس بيباڪ ترقي پسند لکڻيون پڙهو. ابتدائي عمر ۾ منهنجي زندگيءَ ۽ سمجهه تي جيڪو اثر پيو يا جيڪا منهنجي ادبي، فڪري ۽ علمي پرورش ٿي، ان ۾ عثمان ڏيپلائي صاحب جي انهن ڪتابن ۽ رسالن جو وڏو عمل دخل رهيو آهي. اها ساڳئي ڳالهه مون سنڌ جي انيڪ ساڃاهه وندن کي ڪندي پاڻ ٻڌي آهي.

ڪي ماڻهو قومن جا بنياد اڏيندڙ هوندا آهن. مثال طور يورپ جي پادرين ادب، سائنس، فلسفي ۽ آرٽ تي صدين تائين پابنديون مڙهي، انهن کي معيوب قرار ڏئي ڇڏيو ۽ چيائون ته اهو سڀ سماجي طور حرام ۽ باطل آهي. يورپ ۾ اهو لڳ ڀڳ اٺ سؤ سال اونداهون دؤر هو. ان جي رد ۾ يورپ ۾ جيڪو نئين سجاڳيءَ جو دؤر آيو، جيڪڏهن ان کي ادب جي لحاظ کان ڏسون ته ان زماني ۾ ٻه ماڻهو هئا، جن اتي ادبي نشاط ثانيه جا بنياد وڌا. اهي ٻه ماڻهو بڪيشيو ۽ پيٽيارچ هئا. انهن جي اهميت اها ناهي ته اهي هر زماني جي لحاظ ۽ خيال کان ڪيترا اهم آهن، پر ڏسڻ اهو گهرجي ته جنهن زماني ۾ يورپ اندر لکڻ ڏوهه هو، جنهن زماني ۾ يورپ ۾ ترقي پسند سماجي شعور نه هو، جنهن زماني ۾ ڪا شعور جي روشني نه هئي، اُن زماني ۾ جيڪي انهن بنياد رکيا، اُتي جيڪا ادبي نشاط ثانيه آئي، ان جا اهي باني هئا. ٻين شعبن جا باني وري ڪي ٻيا ماڻهو هئا.

ايئن سنڌ ۾ مرزا قليچ بيگ جيان محمد عثمان ڏيپلائي صاحب جي لکڻين جي تاريخي اهميت ۽ حيثيت به تڏهن سمجهي سگهبي جڏهن ان دؤر جي معروضي حالتن کي پروڙبو. ڏسڻو اهو آهي ته جنهن زماني ۾ هن لکيو آهي، اهو زمانو ڪهڙو هو؟ ان زماني جون سنڌ ۾ معروضي، فڪري ۽ سماجي حالتون ڇا هيون؟ ڏيپلائي صاحب جي تخليقي ۽ فڪري پورهئي کي به ان تناظر ۾ ڏسڻ گهرجي. منهنجي خيال ۾ ڏيپلائي صاحب جي هڪ وڏي خوبي يا جيڪو سندس وڏو ڪارنامو آهي، اِهو آهي ته جنهن دؤر ۾ سنڌ اندر ايتري روشن خيالي نه هئي، ايتري سماجي سجاڳي نه هئي، هتي ايڏو پڙهيل لکيل مڊل ڪلاس موجود نه هو، عوام ايترو سجاڳ نه هو، ايترا تعليمي ادارا نه هئا، ۽ مجموعي طور ايڏي سمجهه جيڪا اڄ اسين سنڌ ۾ ڏسون ٿا، اُها نه هئي، اُن زماني ۾ هن ماڻهوءَ جو ڪمال اهو آهي جو هن جي سمورن شعبن بابت جيڪا وسيع نظري هئي، اها ڪمال جي آهي. سڀ کان وڏي ڳالهه ته انهن جي حاصلات لاءِ جاکوڙ ڪيتري وسيع هئي.

هڪڙي ماڻهوءَ جو سماجي مشاهدو ايڏو گهرو آهي جو اهو وڏيرن جي زندگيءَ کي ايڏي باريڪ بينيءَ سان ڏسي ٿو ته هي ڪيئن ٿا اسان جي هارين ۽ پورهيت طبقن کي پيڙين؟ ان ماڻهوءَ جي اها جيڪا نظر آهي ۽ سندس تخليقي ۽ تنقيدي ذهن اهو ڏسي ٿو ته هي جيڪي نام نهاد پير آهن، اهي ڪيئن عام ماڻهوءَ جي سمجهه ۽ انهن جي سماجي، معاشي ۽ فڪري زندگيءَ تي اثرانداز ٿين ٿا ۽ اهي ڪيئن اسان جي مجموعي سماجي ۽ ذهني غلاميءَ کي سگهارو ڪن ٿا؟ اُهي ڪيئن اسان جي نجات، ترقيءَ ۽ واڌاري جي جدوجهد جي راهه ۾ رڪاوٽ آهن؟

سائين عثمان ڏيپلائي صاحب جي ڪتابن ۾ توهان کي انهن معاملن جو تمام باريڪ بينيءَ سان سماجي مشاهدو ملندو ۽ رڳو مشاهدو نه پر انهن کي رد تصور، جيئن ته هو اديب ۽ اهل قلم هو، ۽ جيئن ته هو هڪ تخليقي ماڻهو هو، ان ڪري هن ڪمال فني هنرمنديءَ ۽ فڪري گهرائيءَ سان پنهنجين سوين لکڻين ۾ ان جو ڇيد ڪيو آهي جيڪو تخليقي ڪاٽ ۽ گهرو سماجي طنز ڏيپلائي صاحب صاحب جي قلم ۾ آهي، جنهن قسم جا هو اصطلاح ٿو گهڙي، جنهن قسم جي ٻولي ٿو استعمال ڪري ۽ جنهن قسم جا هو، پنهنجين لکڻين کي عنوان ٿو ڏئي، اهو ڏسي نظر ايندو ته هڪڙي ماڻهوءَ کي ڪيڏي نه بي پناهه نفرت آهي هن مدي خارج ۽ فرسوده سماج کان، هن سڄي جهالت واري نظام کان ۽ سندس اِها اٿاهه نفرت توهان هن جي ٻوليءَ ۽ سماجي طنز ۾ ڏسي سگهو ٿا. هن جي ٻوليءَ ۾، هن جي عنوانن ۾، روايتي ۽ سطحي طنز ۽ مزاح نه پر گهرو سماجي شعور سمايل آهي، جيڪو دراصل ان ڳالهه جو اظهار ٿو ڪري ته هن جو سماجي فلسفو ڪهڙو هو؟

ٻي ڳالهه ته ڏيپلائي صاحب هڪڙي لحاظ کان حيرت انگيز آهي ته اسان جي پسمانده معاشرن ۾ ماڻهو ذهني طور جتي بيٺو هوندو آهي، اتي هميشه بيٺل رهندو آهي. اڳتي وڌڻ، پاڻ کي مسلسل تبديل ڪرڻ، پاڻ کي مسلسل ڊولپ ڪرڻ ۽ پنهنجين ڪمزورين کي مسلسل گهٽائڻ يا ختم ڪندو رهڻ ۽ پاڻ کي هميشه هڪ تخليقي شاگرد وانگر سکڻ واري روايت سان ڳنڍي رکڻ واري روايت اسان وٽ بنهه گهٽ آهي. پسمانده معاشرن ۾ ماڻهن ۾ فڪري، تصوراتي، احساساتي ۽ سماجي توڙي سياسي ۽ معاشي جمود گهڻو ٿيندو آهي. ماڻهو ذهني طرح متحرڪ ۽ مسلسل تبديليءَ ڏانهن مائل گهٽ ٿيندا آهن.

ڏيپلائي صاحب هڪ لحاظ کان ان ڪري به مثالي ماڻهو آهي، جو توهان ڏسندؤ ته ڪنهن زماني ۾ هو پاڻ گهڻو مذهبي ۽ روايتي ماڻهو هو. ابتدائي زماني ۾ هن تي مذهب ۽ عقيدي پرستيءَ جو تمام گهڻو اثر آهي. جيئن جيئن اسان ڏيپلائي صاحب جي علمي، فڪري ۽ ادبي سفر کي ڏسون ٿا ته اهو نظر ٿو اچي ته هو وڃي ٿو مسلسل سِکندو، پاڻ کي تبديل ڪندو، پاڻ کي ٽرانسفارمر ڪندو. ان تحت هن جي سوچ ۾ جيڪا مسلسل بهتر ۽ مثبت تبديلي اچي ٿي، اها ڪيئن ٿي سندس لکڻين ۾ بهتر ۽ اثرائتي نموني ظاهر ٿئي. لطيف سائين چيو آهي:

پڙهيو ٿا پڙهن، ڪڙهن ڪين قلوب،

پاڻان ڏوهه چڙهن، جي ورق ورائين وِترا.

ڏيپلائي صاحب جي ذهني ۽ فڪري اؤسر ۽ تبديلي ان ڳالهه جو مظهر آهي ته هو رڳو پڙهيو ڪونه، پر ڪڙهيو به، ۽ پوءِ هن ان جو جيڪو بي باڪ اظهار ڪيو، اها روايت، اسان وٽ گهڻي ڀاڱي ناپيد آهي.

منهنجي خيال ۾ اسان ڏيپلائي صاحب کي ياد ڪري، هن کي خراج پيش ڪري، سندس حياتيءَ مان جيڪو سبق حاصل ڪري سگهون ٿا، ان ۾ هڪ وڏو سبق اهو آهي ته جيڪو ماڻهو پاڻ کي ائين وڏي سطح تي مسلسل تبديل ڪري سگهي ٿو ته پوءِ اسان ۽ توهان پاڻ کي تبديل ڇو نٿا ڪري سگهون؟ توهان ڏيپلائي صاحب جي زندگيءَ جو ابتدائي زمانو ڏسندو ته هو ذهني ۽ فڪري طور گهڻو عقيدن جي نظام ۾ رهي ٿو ۽ اهو ساڳيو ماڻهو پنهنجي پوئين دؤر ۾ تمام گهڻو عقليت پسند، سائنسيت ڏانهن مائل ۽ تمام گهڻو روشن خيال ۽ ترقي پسند آهي. هن جي لکڻين ۾ بيباڪيءَ سان گڏ تمام گهڻي سماجي روشن، خيالي آهي. مون کي ياد پوي ٿو ته گهڻا سال اڳ مون هن جي لکيل ”انسان“ بابت لکيل ارتقاء جي ڪهاڻي پڙهي هئي. انسان جي ڪهاڻيءَ جي نالي سان ڏيپلائي صاحب جي ڪتابن جي هڪ سيريز هئي. هڪڙي زماني ۾ هن جو اهو خيال نه هو پر بعد ۾ هن پاڻ جڏهن اهو سمجهي ورتو ته انسان جي ارتقا ڪيئن ٿي آهي؟ تڏهن هو فرض سمجهي ٿو ته هو پنهنجي معاشري ۽ ماڻهن کي حقيقت ٻڌائي ته انسان جي ارتقاء هيئن ٿي آهي ۽ اها هن سائنسي انداز سان سهڻي نموني، عام فهم ٻوليءَ ۾ بيان ڪئي آهي. مون کي ياد پوي ٿو ته جڏهن مون ننڍي هوندي ان کي پڙهيو هو ته مون تي ان جو وڏو اثر پيو هو ۽ مون سوچيو هو ته هيءَ ڳالهه ته بلڪل نئين آهي.

ان سڄيءَ ڳالهه جو مطلب اهو آهي ته جيڪا ماڻهوءَ جي اندر مسلسل تبديلي اچڻ گهرجي، جيڪا ماڻهوءَ جي ذهن ۾ مسلسل بهتر ۽ مثبت اوسر ٿيڻ گهرجي، جيڪا ماڻهوءَ کي متحرڪ ڪندي هجي، اهو مثال اسان کي عثمان ڏيپلائي صاحب جي زندگيءَ مان ملي ٿو، اها ڪمال جي ڳالهه آهي، جڏهن قومن وٽ ادارا نه هوندا آهن ته ڪي فرد ادارن جو ڪم ڪندا آهن. جيئن سنڌ ۾ مرزا قليچ بيگ، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، سائين جي.ايم.سيد، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، محمد ابراهيم جويي، رسول بخش پليجي، شيخ اياز، ايم.ايڇ.پنهور، عطا محمد ڀنڀري، ڊاڪٽر محبت ٻرڙي ۽ ٻين ڪيترن ماڻهن ڪيو.

ٽئين ڳالهه ته عثمان ڏيپلائي صاحب جي شخصيت جي هيءَ ڳالهه گهڻ طرفائي آهي، اُها پڻ بيحد اُتساهيندڙ آهي. حليم بروهي هڪ ڀيري مزي جي ڳالهه ڪئي، هن لکيو ته قدرت جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ تي ڏمربي آهي ته هن کي گهڻن ڪمن جي صلاحيت ڏيندي آهي پر حقيقت اِها آهي ته شعور ۽ ڏات جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ تي مهربان ٿيندا آهن ته اُهي سماج ۾ عثمان ڏيپلائي صاحب جهڙا ماڻهو ٿي اڀرندا آهن. اهڙا ماڻهو گهڻيون صلاحيتون به رکن ٿا ۽ پنهنجون تخليقي ذهن به رکن ٿا. هڪڙو ماڻهو، جيڪو سماجي حقيقت نگار به آهي، اهو گهرو مشاهدو رکندڙ به آهي، اهو اديب به آهي، اهلِ قلم به آهي، اهو ڪارڪن به آهي، اهو پبلشر به آهي، ته اهو صحافي به آهي. لطيف سائينءَ جي ڳالهه وانگر: ”جَڳَ سِين جهڙو جَڳَ هِئين سين هُتِ چَري.“

ڏيپلائي صاحب لطيف جي ان سِٽَ جو بلڪل عملي مثال هو ته هو ڀلي پنهنجي صحافت ڪري، ڌنڌو ڪري، روزگار ڪري، پنهنجا ڪتاب ڇپرائي ۽ لکي، پر هن جو جيڪو خواب هو ۽ هن جي من جو جيڪو بنيادي ڪم هو، اهو هو حقيقي سماجي تبديلي، معاشري ۾ سجاڳي آڻڻ، ماڻهن کي ٽرانسفارم ڪرڻ ۽ ماڻهن کي بهتر ۽ سجاڳيءَ جو دَڳ  ڏيڻ، اهو ئي حقيقي رهبرن ۽ سونهَن جو ڪم ٿيندو آهي. بظاهر هو ڇا به ڪري پر ”هِئين سان هُتِ چري“ يعني هن جو من چوندو هو، اتي جتي هن جو اصل ڪم ۽ مقصد هو.

اسان ان مثال مان اهو سبق به حاصل ڪري سگهون ٿا ته اسان سڀ ماڻهو، جيڪي مختلف ادارن ۾ آهيون، مختلف شعبن ۾ آهيون، ظاهر آهي ته جتي به هجون پر اسان جو من اهو ڪم ڪري، جنهن مان اسان جي وطن، اسان جي قوم، اسان جي ماڻهوءَ، اسان جي ٻوليءَ ۽ انسانذات کي فائدو ملي، ۽ نه رڳو فائدو مِلي، پر اها تبديل ٿئي. ڏيپلائي صاحب ۾ اها ڳالهه به هئي، اها جيڪا هن ۾ غير معمولي گهڻ- طرفائي ۽ همه گيريت آهي، جو هڪڙي ماڻهوءَ کي سائنس جو به ادراڪ آهي، عقليت پسنديءَ جو به خيال آهي، صحافت جو به شعبو آهي، ادب جو به ڏانءُ آهي ته اها هڪ وڏي غير معمولي خوبي آهي.

هن جا بظاهر شعبا مختلف هئا، پر هن جو ڪم هڪ ئي هو. اهو هو سنڌ ۾ فڪري سجاڳيءَ ۽ سماجي تبديليءَ جي خواب جي ساڀيان. مون کي هڪڙي ڳالهه ياد پوي ٿي ته سراج ميمڻ صاحب هڪ ڀيري لکيو هو ته سندس زندگيءَ تي ٻن ماڻهن جو وڏو غير معمولي اثر رهيو آهي، جيڪڏهن هو انهن ٻن ماڻهن جي صحبت ۾ نه رهي ها ته هو اڄ ”سراج ميمڻ“ نه هجي ها. چيائين ته هڪڙو محمد ابراهيم جويو صاحب، جويو صاحب جيڪي کيس ترجما ڏيندو هو، هن جي پرورش ۽ تربيت ۾ هن وٽس جيڪا ٻولي سکي ۽ ترجمي ڪرڻ جو تخيلقي ۽ معياري ڏانءُ سکيو، اهو هن لاءِ وڏو درسگاهه ثابت ٿيو ۽ ٻيو ماڻهو عثمان ڏيپلائي صاحب هو. هن چيو ته هو  ڏيپلائي صاحب وٽ نوڪري ڪندو هو ۽ ڏيپلائي صاحب هن کي هڪ روپيو به وڏن سورن کان پوءِ ڏيندو هو. ان زماني ۾ اهو ڪم هڪ وڏو عذاب لڳندو هو، پر اهو وقت جڏهن گذريو ته پوءِ خبر پئي ته هنن ايڏن وڏن ماڻهن جي هٿن مان نڪري، سندن پرورش ڪري هن ڇا پرايو؟ ظاهر آهي ته جيڪا به سختي هوندي هئي، اها انهن جي تربيت لاءِ هوندي هئي ته هو اڃا به بهتر ڪم ڪري. ايئن مون کي اهو ياد پيو ته سراج صاحب ڪٿي لکيو هو ته سندس زندگيءَ تي ٻن ماڻهن جو گهرو اثر آهي. هڪ جويي صاحب سان بورڊ وارو زمانو ۽ ٻيو ڏيپلائي صاحب جي پريس وارو زمانو.

مون اڳي به تجويز ڏني هئي ته محمد عثمان ڏيپلائي صاحب جو چونڊ لکڻين تي مشتملSelected Works شايع ڪيا وڃن. جيئن ته هر ماڻهوءَ جو پنهنجو سفر آهي، ماڻهو پنهنجي ابتدائي زماني کان الائجي ڪيتريون ئي شيون لکي ٿو ۽ اهي ظاهر آهي ته ماڻهوءَ جي شعوري ارتقا جو حصو آهن پر جيڪي ڏيپلائي صاحب جون چونڊ لکڻيون آهن، انهن کي شايع ڪرائڻ کپي، ڇاڪاڻ ته هي نئون نسل جنهن رڳو ڏيپلائي صاحب جو نالو ٻڌو آهي، جنهن اهي شيون پڙهيون ئي ناهن، مارڪيٽ ۾ اهي شيون موجود ئي ناهن ته منهنجي خيال ۾ اسان جو اهو فرض آهي ته اسان ڏيپلائي صاحب جي چونڊ ڪم کي گڏ ڪريون.  پوءِ ڀلي اهو ڪم ثقافت کاتو ڪري يا سنڌي ادبي بورڊ ڪري يا کڻي ڪهڙو به پرائيويٽ ادارو ڪري، پر اهو ڪم ٿيڻ ضرور گهرجي.

منهنجي خيال ۾ ڏيپلائي صاحب جهڙن ماڻهن کي جيڪڏهن خراج ڏجي ته لطيف سائينءَ جا هي لفظ اهڙن ماڻهن لاءِ چيل آهن:

سڪا منهن سندن، پيرين پراڻا کيٿڙا،

سا جوءِ ڏوري آيا، سونهان جِت منجهِن،

ڳجها ڳجهيون ڪَن، تِهان پرانهين پَنڌ جون.

 

نوراحمد ميمڻ

 

 

 

ڏيپلائي- هڪ سڌارڪ

 

محمد عثمان ڏيپلائي هڪ غريب خاندان جو فرد هو، ڪنهن وڏي تحريڪ سان وابستگي ۽ ذميواري به ڪونه هئس پر هُن فرد طور هڪ سٺي ماڻهو، هڪ سٺي سنڌي ۽ هڪ سٺي مسلمان جي حيثيت ۾ سنڌي سماج تي باقاعدي اثر ڇڏيا، پنهنجي دور کي متاثر ڪيو ۽ هڪ سڌارڪ جي مڃتا حاصل ڪئي.

هن جي علمي ڪوششن جو محور ماڻهن ۾ ذهني بيداري وطنيت ۽ جهالتن جي خاتمي لاءِ ڪوششون وٺڻ هو، انهن ٽنهي مقصدن لاءِ هُو سڄي زندگي مسلسل مضمون، ڪتابڙا ۽ ناول لکندو رهيو، سندس هرهڪ تحرير ان جي جذبي ۽ سنڌيت پرستيءَ جي ساکي آهي.

سڌارڪ ماڻهن جو محور ماڻهوءَ جي شخصيت جي تعمير ۽ ماڻهپي جي ڪاملتا لاءِ تعليم ڏيڻ هوندو آهي، اُن مقصد جي لاءِ ڏيپلائي صاحب هڪ طرف ماڻهن ۾ موجوده جهالتن جي خاتمي جون تحريرون لکيون ۽ ٻئي طرف انهن کي سچ جي واٽ جو آخري الهامي هدايتنامون قرآن مجيد سوليءَ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ڏنو ته جيئن ماڻهو براه راست پنهنجي خلقڻهار جي جوڙيل انساني ضابطن جي منشور  ۽ رهنمائي کي پڙهي سگهن. اهڙيءَ طرح قرآن وجدانيت جي فڪر ذريعي انساني غلامين جي خاتمي ۽ انساني آزادين جي جنهن نئين دور کي جنم ڏنو هو، ان عظيم تبديليءَ کي ”نورِ توحيد“ ناول سان پيش ڪيو ته جيئن سنڌ جا ماڻهو ڌرتيءَ جي گولي تي انساني سماج ۾ تبديليءَ جي هيڏي وڏي نظاري کي پنهنجي اکين ۽ سماعتن سان براه راست سمجهي ۽ ڄاڻي سگهن، ان تبديليءَ شخصي تعمير، ڪردار، تزڪيي ۽ جاکوڙ جي قدرن سان جنهن وڏي اسلامي اُڀار کي مستحڪم ڪيو ۽ عدل انصاف وارا نوان سماج اڏيا، اهڙو سماج اڏڻ هتان جي ماڻهن جي لاءِ آسان ٿي پوي. پنهنجي دور جي تقاضائن پٽاندڙ وري اهڙي نئين سماج اڏن جي تياري لاءِ اتاترڪ جي جدوجهد کي مثال بڻائي ان جي ناول جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ سنڌ جي ماڻهن کي غلاميءَ مان جند ڇڏائڻ لاءِ جدوجهد ۽ جاکوڙ جي واٽ تي وٺي هلڻ لاءِ سانگهڙ ناول لکڻ، اهي سڀ محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي سڌارڪ ڪوشش جا ٻهڪندڙ پهلو آهن.

ڏيپلائيءَ جي سڌارڪ حيثيت ۾ سنڌ مان جهالت جي خاتمي لاءِ جيڪي ڪوششون ورتيون سي اڻ وسرندڙ آهن، هُن ان سلسلي ۾ اڻ ڳڻيا ڪتابڙا لکيا، پر انهن ۾ مرشد سيريز بيحد اهم آهي. جڏهن هن ڏٺو ته سنڌ ۾ پيري مريديءَ جو نظام اهڙو ناسور بڻجي ويو جو ماڻهن جي آزاد سوچ، آزاد فڪري ۽ آزاد راءِ جو حق بلڪل ختم ٿي ويو آهي، اهڙيءَ ريت ماڻهو قديم قبائلي زندگيءَ  ۾ پهچي ويو آهي، جتي قبيلي جي وڏي جو مذهب ۽ سوچ هر ماڻهوءَ لاءِ مڃڻ لازم هئي، ان وحشت جي دور جي خاتمي لاءِ انسان هزارين سالن کان وڙهندو ۽ جاکوڙيندو آيو آهي، خدا جي لکين پيغمبرن انسانن جي مٿان ذهني ۽ سماجي غلاميءَ جي پيل انهن طوقن کي لاهڻ لاءِ ويڙهه ڪئي ۽ قربانيون ڏنيون. حضرت ابراهيمؑ کان وٺي حضرت عيسيٰ عليہ السلام تائين انهن مٿير انسانن جي قربانين جو تفصيل تاريخ جي صفحن ۾ ڀريو پيو آهي،. آخرڪار حضرت ﷴ ﷺ انساني غلاميءَ جي سڀني قسمن، ذهني ۽ فردي غلاميءَ کان وٺي قومي، طبقاتي ۽ هر قسم جي سماجي غلاميءَ جي خاتمي واري نئين دور کي جنم ڏنو. اهڙي دور کي جنم ڏنو جنهن ۾ هر ماڻهو بادشاهه ۽ قبيلي جي دين تي نه هوندو، انجي جاءِ تي ”لکم دينکُم وَليَ دين“ يعني هر ڪنهن لاءِ پنهنجي پسند جو دين هوندو، ذهن آزاد هوندا ۽ ڪنهن تي راءِ مڙهي نه سگهبي. لا اِڪراه في الدين جو نظارو هوندو. ليڪن ڏيپلائي صاحب جڏهن ڏٺو ته سنڌ ۾ سگهه ورتل پيراڻو نظام سنڌي ماڻهن جي ذهنن ۽ سوچن تي مسلط ٿي انهن جي ذهني ۽ فڪري سگهه کي نهوڙي رکيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ جهالتن جو هڪ نئون جهان جڙي پيو آهي، ته هُن جعلي مرشداڻي تقديس جو جبو لاهي انهن ڪردارن کي وائکو ڪيو جيڪي ان تقديس جي نالي ۾ انسانن کي پنهنجو ذهني غلام بڻائي پنهنجي حرام ڪمائيءَ جو ذريعو بڻائي ڇڏيو هو.

ڏيپلائي صاحب مرشد سيريز جا تقريباً ٻارنهن ڪتاب ناول جي صورت ۾  لکيا ۽ انهن مان هڪ هڪ ڪتاب هڪ آتش فشان جي حيثيت رکندڙ هو، جيئن ئي ڪتاب ڇپبو هو ته سنڌ ۾  باهه مچي ويندي هئي جنهن جو تاءُ سنڌ جا جعلي پير ۽ مرشد محسوس ڪندا هئا، ڪيترن مرشدن ته ان تاءِ ۾ مٿس خوني حملا به ڪرايا، پر حق ۽ انصاف جي لاءِ وڙهندڙن جو موت جيڪو قدرت انهن لاءِ مقرر ڪيو هوندو آهي سو ان وقت ۽ ان ريت ئي کين ملندو آهي.

ان مرشد سيريز جو سنڌ جي سماج ۽ ادب تي بيحد اثر پيو. ان کان پوءِ سنڌ جي ڪهاڻيڪارن جعلي مرشدن جي لچاين کي پنهنجي ڪهاڻين جو موضوع بڻايو ۽ شاعرن به پنهنجي شاعريءَ ۾ ان تي طبع آزمائي ڪئي، نتيجي ۾ ستر ۽ اسي جي ڏهاڪي ۾ اسان کي سنڌ جي پڙهيل ماڻهن ۾ روايتي مرشديءَ جي حوصله شڪني ٿيندي نظر اچي ٿي، ان جو وڏو سبب ترقي پسند لٽريچر ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل تحريڪ هئي. ان عرصي ۾ اهو پيراڻو نظام ماٺ ڪري ڪونه ويٺو هو، ان پنهنجي بچاءَ لاءِ ان وقت سنڌ تي ڇانيل پاپولر لبرل سياست جو سهارو ورتو ۽ پاڻ کي ٽيڪو ڏنو. بدقسمتيءَ سان ترقي پسند سياست ان پيراڻي وڏيرڪي سگهه ورتل پاپولر سياست جو ٽڪر کائي نه سگهي ۽ نتيجي ۾ پيراڻو نظام وري سگهارو ٿيندو ويو.

ڊاڪٽر اسد جمال پلي

 

 

 

      ڏيپلائي– صدين جو پڙاڏو

 

سنڌي ادب ۾ شايد پنهنجي خرچ سان سڀني کان گهڻا ڪتاب ڇپائيندڙ ۽ سنڌي ادب کي مالا مال ڪندڙ مرحوم محمد عثمان ڏيپلائي جي شخصيت سان سنڌي ادب جي نقادن اڃا تائين انصاف نه ڪيو آهي. ممڪن آهي ته ڪري به نه سگهن. انهيءَ جو سبب اهو آهي جو اسان جا سنڌي ادب جا نقاد سڌيءَ، اڻسڌيءَ طرح ڪنهن نه ڪنهن ادبي گروپ جو حصو ضرور آهن. جيڪڏهن ڪنهن هڪ اڌ اهڙي شخصيت کي اسين ”اڻڌريو“ به چئون ته انهيءَ جو قلم وري ڏيپلائي صاحب جي سوانح ۽ ادبي ڪمن طرف چُريو ئي ڪونهي.

سنڌي ادبي جو جيڪو به ”منصف نقاد“
جيڪڏهن ڏيپلائي صاحب جي ادبي ڪم جو جائزو، پنهنجي شخصيت ۽ نظريي کي ٿوري دير لاءِ پاسيرو رکي پوءِ وٺندو ته وٽس هن نه ٿڪجندڙ ليکڪ لاءِ گهڻيون ساريون ”مارڪون“ هونديون. يورپي تنقيدي ادب ۾ نقاد ته ٺهيو پر خود ليکڪ کي به سندس لکڻين تي تنقيد وقت علحده رکيو وڃي ٿو پر اسان وٽ اڃا تنقيد جو اهو سگهارو طريقو رائج نه ٿيو آهي، حالانڪ اسان جي ديني تعلميات ۾ اهو طريقو معتبر آهي ته ”اهو نه ڏسو ته ڪير پيو ڳالهائي. بلڪه اهو ڏسو ته ڇا پيو ڳالهائي.“

اسين جڏهن ڪنهن ليکڪ کي پڙهون ٿا کيس پنهنجو هم خيال ٺاهڻ لاءِ ان جي تحرير جي چؤگرد پنهنجون ليڪون ۽ حدون ٺاهيون ٿا. پنهنجي راءِ ۽ خيال کي انهيءَ ڇپيل مواد تي ٿاڦيون ٿا ۽ پوءِ ويٺا چئون ته کيس پنهنجي سمورن ڪتابن يا مضمونن ۾ فلاڻو ڪتاب يا فلاڻو مضمون لکڻ ئي نه گهرجي ها. اهڙي طرح اسين پنهنجي ”هيرو“ کي صرف پنهنجي نظر سان ”هيرو“ ڏسڻ چاهيون ٿا پر ڪنهن
”ڪسوٽيءَ“ تي نٿا آڻيون. اڳتي هلي جڏهن اها ڳالهه ته هي ڪتاب يا مضمون نه لکڻ گهرجي ها، اسان جي وس ۾ نٿو رهي ته وري ”اون“ (
own) ۽ ”ڊس اون“ (disown) جون ڳالهيون وچ ۾ اچن ٿيون. هي
”اون“ ۽ ”ڊس اون“ ماڳهين ڳالهين کي منجهايو ڇڏي ۽ خبر نٿي پوي ته ڪنهن ليکڪ جي سڀني لکڻين کي گڏ کڻي اسين ڪنهن به فيصلي تي ڪيئن پهچون.

ڪتاب ”وڙهيا، واڳيا، واپريا“ ۾ محترم عبدالقادر جوڻيجي صاحب، مرحوم راڄ محمد پلي جي شخصيت تي لکندي چيو آهي ته: ”راڄ محمد پلي صاحب گهڻو اڳ ئي چئي ويو ته ’هي جيڪي اسين، سنڌي ادب ۾ ’ساڄا‘ ۽ ’کاٻا‘ پيا سمجهون، اهي هڪ ئي تصوير جا ٻه رخ آهن ۽ اڳتي ”ڊيپولرائيزيشن“ ٿي ويندي. يعني جيڪو شخص ساڄن ۽ کاٻن ٻنهي کي اون (own) ڪريو ويٺو آهي، ان جو دامن ڪيڏو وسيع هوندو. هيءُ اهو ئي راڄ محمد پلي صاحب آهي. جنهن جو سنڌي ادب ۾ تمام اهم حصو آهي ۽ سندس چند علمي ۽ ادبي ڪاوشون تمام مٿاهين مقام تي آهن ۽ عقل، فهم، تدبر ۽ تحقيق جو شاندار نمونو آهن.“ راڄ محمد صاحب، خانصاحب عطا محمد پليءَ جو ٽيون نمبر فرزند ۽ خانصاحب عبدالڪريم ”ڪريم“ پلي جو ننڍو ڀاءُ هو. خانصاحب عطا محمد پلي ولد عبدالحڪيم پلي ايم.بي.اي (MBE) وٽ ٽيهه واري ڏهاڪي ۾ غالباً 1930ع کان مرحوم محمد عثمان ڏيپلائي صاحب منشي هو. هيءُ شايد پهريون علمي ماحول وارو ”وڏيرو“ هو، جنهن وٽ ڏيپلائي صاحب نوڪري ڪئي هئي، خانصاحب عطا محمد نصابي تعليم تمام ٿوري ورتي هئي، پنهنجي جاگيردار پيءُ جو اڪيلو فرزند هو، جنهن جي چانديءَ جي سڪن کي جڏهن زنگ لڳندو هو ته جيئن ڪڻڪ جي کَري ۾ هلر ٻڌبي آهي، ايئن ”سِڪن“ جو ڍڳ ڪري، ان تي گهيٽن جو ”ميڙ“ ٻڌائيندو هو ته جيئن گهيٽن جي پيرن سان زنگ لهي وڃي. انهيءَ امير پيءُ جو پُٽ ڪيڏو نه دادلو هوندو.

 ٻئي طرف عبدالحڪيم مرحوم لاءِ انگريز سرڪار طرفان ايم.بي.اي (ميمبر آف برٽش ايمپائر) جو لقب ته عطا محمد لاءِ خانصاحب جو ٽائٽل ۽ تلوارن، لونگين ۽ آفرين نامن جا ڍڳ لڳل. انهيءَ وڏ ماڻهپيءَ جي ماحول ۾ به خانصاحب جو قومي شعور، صوفيانه مزاج، دورانديشي ۽ اصول پرستي فيضانِ نظر هو نه ڪ مڪتب جي فراواني! سندس چؤگرد علمي، ادبي ۽ صوفيانه مزاج جي ماڻهن جو ميڙ هميشه رهيو. انهيءَ ميڙاڪي ۾ ڏيپلائي صاحب جهڙو عالم، اديب ۽ مؤرخ به موجود ۽ ڏيپلائي صاحب جي عالمانه قد و قامت ۽ سياسي بصيرت جو يقيناً خانصاحب عطا محمد تي خواهه انهيءَ سڄي ميڙاڪي تي واضح اثر آهي جو هيءُ ڳوٺ آهسته آهسته خانصاحبي سا ن گڏ علمي ادبي طور سنڌ ۾ وڌيڪ سڃاتو ويو. هتي ئي ٿا ڏسون ڏيپلائي صاحب جي علمي ڪمن جي ابتدا.

ڏيپلائي صاحب هتي هڪ جاگيردار جي جاگير جي حساب ڪتاب جي ڳاڙهن جلدن وارن ٿُلهن رجسٽرن جي سَٿي ۾ هڪ علمي ۽ ادبي ڪتابن جي پيٽي به رکي ۽ پوءِ اها پيٽي اسان کي اڳتي هلي هڪ لائبرري جي شڪل ۾ ملي ٿي، ۽ انهيءَ ”وڏيرائپ“ واري ماحول ۾ علمي ۽ ادبي ماحول ايئن ضم ٿي وڃي ٿو جو ٽيهن سالن جي مختصر عرصي ۾ خانصاحب عطا محمد جو ڳوٺ سڄيءَ سنڌ ۾ هڪ علمي ادبي مرڪز طور سڃاپجي ٿو جتان نه صرف ”سنڌ“ مان نڪرندڙ اڪثر سنڌي رسالا ۽ اخبارون ”مالي معاونت“ جا جهول ڀرين ٿيون پر علمي خزانن جون به ”ڀريون“ حاصل ٿين ٿيون. هن ماحول ۾ نه صرف ميان محمد اسماعيل ’قاسم‘ جهڙو ڪافيءَ جو گُڻائتو شاعر پيدا ٿئي ٿو ۽ چئي ويٺو ته:

مُٺيس يار، ڇا کان ڀڳئي گهوٽ گهوئي،

ڏٺئي عيب جيڪس، ڪميڻيءَ ۾ ڪوئي!

پر انهيءَ تسلسل ۾ عبدالڪريم ”ڪريم“ پلي جهڙو سنڌي ٻوليءَ جو محسن ۽ محبتي شاعر ويٺو ٻولي ته:

ڪيا سانگ سانوڻ وري ڙي وري،

چُڪيا چاڪ، ٿي دل، چَري ڙي چَري..!

۽ هاڻي انهن ماڳن تي سنڌي غزل جي سُهڻي شاعر ولي محمد ”وفا“ پليءَ جي غزلن جي جهونگار هيئن جاري آهي ته:

آءُ! چوڏهين جا چنڊ موٽي آ،

ڏاڍي آهي اڪنڊ موٽي آ...!

انهيءَ کان علاوه تقريباً مُني صدي جي عرصي ۾ هن علمي ۽ ادبي درگاهه تان لاتعداد سنڌي ادب جي سِڪايلن جي اڃ لهندي نظر اچي ٿي جتي 1935ع ۾ ڏيپلائي صاحب پنهنجون پهريون ڪتاب ”قرآني دعائون“ لکي ۽ ڇپائي ٿو. منهنجي جڏهن هن ڪتاب جي ائڊريس تي نظر پوي ٿي ته لکيل آهي ”ٻيلو ڪرنا“. ٻيلو ڪرنا انهيءَ ديهه جو نالو آهي جنهن ۾ خانصاحب عطا محمد جو ڳوٺ آهي. هي ”ٻيلو ڪرنا“ انهيءَ ”ڄام ڪرن“ جي رهائش جو يادگار آهي جنهن لاءِ ڀٽائيءَ چيو ته:

اکين سوئي اوڙکيو، جو ڪنين سؤم ”ڪرن“،

ماءُ منهنجو من، ڄام پسندي پتيو.

(شاهه)

هِن ”ٻيلو ڪرنا“ جي ڏاکڻين حد ۾ ”مصري شاهه“ جي مقام لڳ ”هاڪڙي درياء“ جي اوڀر ڪناري ”ڏوماڻي جي ڇن“ هئي جتي سِکن سان مقابلي لاءِ ويندي ”سيد احمد شهيد“ اچي منزل ڪئي هئي. ان کان به گهڻو اڳ جڏهن ”فجر مهل“ همايون بادشاهه جو لشڪر هتان لنگهي رهيو هو ته عمرڪوٽ ۾ مغل اعظم، ”شهنشاهه اڪبر“ جي ولادت ٿي هئي، جنهن جو ”واڌايو“ ”شهنشاهه همايون“ وٽ شام جو ”ساماري“ ۾ اچي پهتو هو. هيءُ ”ٻيلو ڪرنا“ جو ئي ڳوٺ، ”خانصاحب عطا محمد پلي“ آهي، جتي ڳوٺ جي اولهه ۾ هڪ ”حُر مجاهد“ هندستان جي انگريز حڪمران جي پوليس جي بندوقن جو ”ٻانڊي ڳن“
واري ڪاڙي سان مقابلي ڪندي غازي ٿي اڳتي نڪري ويو هو.

جڏهن ڏيپلائي صاحب ”ٻيلو ڪرنا ۽ ڏوماڻي“
۾ موجود آهي ۽ هنن سڀني تاريخي واقعن کان آگاهه ٿئي ٿو ۽ ادبي سفر جي شروعات ڪري ٿو جنهن ۾ يقيناً سندس محسن خانصاحب عطا محمد جي رضا ۽ تعاون شامل آهي ۽ ”قرآني دعائن“ جي برڪت جو مظهر آهي جو اڳتي هلي اسين هن ڳوٺ ۾ هڪ شانداري ادبي ادارو ”اداره نوائي ادب“ ڏسون ٿا جنهن جو باني خانصاحب عبدالڪريم ”ڪريم“ پلي ۽ خانصاحب راڄ محمد پلي صاحب آهن. هن اداري طرفان ڇپيل پهرئين ڪتاب ”وڻجارن وايون“ جو مهاڳ وري ڏيپلائي صاحب لکيو آهي. نه صرف ايترو ته هن ”ڏکڻ سنڌ“ جي ”ليجنڊ“ گهراڻي ۾ ادبي چؤٻول ۽  چُر پُر ڏيپلائي صاحب جي ”منشي گيري“ واري دور ۾ شروع ٿئي ٿي، بلڪه ڏيپلائي صاحب متعلق هتي هڪ ٻيو واقعو به لکون ٿا جيڪو ڏيپلائي صاحب جي ”منشي“ واري حيثيت کان علمي حيثيت تي فوقيت ڏي ٿو. خانصاحب عطا محمد پلي صاحب وٽ ساڳئي وقت هڪ ٻيو به منشي ”ملڪ دين محمد“
هوندو هو. ملڪ صاحب پوءِ اسان جي پياري سائين ۽ دوست سيد احسن الهاشمي جو سهرو پڻ هو. مون سائين احسن الهاشمي جو هڪ انٽرويو سندس گهر ”رڪارڊ“ ڪيو. انهيءَ دوران هاشمي صاحب جي اها گهرواري يعني ملڪ صاحب جي نياڻي به موجود هئي، جنهن مون کي خانصاحب جي ڳوٺ ۾ گهاريل سندس ننڍپڻ جا ڪجهه واقعا به ٻڌايا. هن ئي ڪچهري ۾ سائين هاشمي صاحب مرحوم پنهنجي فطري طريقي سان رڙ ڪري چيو ته: ”يار اسد، منهنجي پاڙي جو هڪ’ڇورو‘ چوريءَ تي هريو آهي سو منهنجا ڇپيل غزل کڻيو پيو پنهنجي نالي ڇپائي.“ پوءِ اها هاشمي صاحب جي گفتي جي ڪرامت چئبي جو اهو همراهه ماهوار رسالي ”نئين زندگي“ ۾ پرائو مقالو پنهنجي نالي ڇپائيندي ”سڳ“ سوڌو قابو ٿي پيو. سو انهيءَ ملڪ صاحب ۽ ڏيپلائي صاحب جو ڪنهن حساب ڪتاب جي ڳالهه تي معاملو منجهي پيو ۽ فيصلو وڃي خانصاحب وٽ پهتو. خانصاحب عطا محمد، ڏيپلائي صاحب جي طرف راءِ ڏني ۽ ملڪ صاحب کي پنهنجي ذميوارين کان فارغ ڪيو. اهو ڏيپلائي صاحب تي پنهنجي محسن جو ڀروسو ۽ اعتماد هو،  جو خانصاحب سمجهيو ٿي ته ڏيپلائي صاحب صحيح ڳالهه ڪئي هوندي. نه صرف ايترو پر جڏهن ڏيپلائي صاحب ميرپورخاص ۽ پوءِ حيدرآباد آيو پوءِ سندس به غير موجودگيءَ ۾ نوڪري جو تسلسل برقرار رهيو ۽ 1952ع ۾ باقاعده نوڪري ڇڏيائين ۽ خانصاحب عطا محمد وفات (1955ع) ڪري ويو ته به سندس فرزند خانصاحب عبدالرحمان جيڪو کيس
”چاچا“ چوندو هو ۽ عبدالڪريم پلي خواهه راڄ محمد صاحب سان اهو تعلق جڙيو رهيو ۽ ’پريس‘ جي خريداري کان وٺي ٻين ادبي معاملن ۾ هن خاندان جي ڏيپلائي صاحب سان مالي ۽ اخلاقي مدد جاري رهي.

هنن ڳالهين ۾ اسين اهو چڱيءَ طرح ڏسون پيا ته ڪيئن ڏيپلائي صاحب هڪ ”گڙنگ“ وڏيري جي اوطاق جي مستقبل کي ”ادبي هائيڊ پارڪ“ جي شڪل ۾ ڏسي ٿو. اهو سندس وسيع نظر جو اثر آهي. نه صرف ايترو پر ڏيپلائي صاحب کي به هن اوطاق تان گهڻو ڪجهه سَري ٿو. اوطاق تي جيڪي فيصلا اچن ٿا، ڏيپلائي صاحب انهن ۾  موجود آهي. انهن فيصلن ۾ ڪچهرين مان کيس پنهنجن افسانن ۽ ناولن جا ڪيترا پلاٽ ۽ ڪردار ملن ٿا. جن جو ذڪر سندس ڪتابن ۽ اڳتي هلي اچي ٿو. خانصاحب عطا محمد صاحب ڇاڪاڻ حر تحريڪ جو حمايتي ۽ متحرڪ آهي، انهيءَ ڪري سانگهڙ ناول جا ڪيترائي واقعا ڏيپلائي صاحب پاڻ ابتدا ۾ اتي ٻڌي ٿو ۽ پوءِ جڏهن جيل ۾ وڃي ٿو ته نه صرف ان وقت قيد ٿيل حرن کان انهن جي تصديق ٿي ٿئي پر اضافو پڻ، جيڪو کيس ”سانگهڙ“ ناول لکڻ لاءِ مواد پورو ڪري ڏي ٿو. نه صرف سانگهڙ ناول پر وڏيرن، ميرن، پيرن ۽ ڪامورن جي ظلم ۽ ناانصافين جا ڪيترائي داستان هو هتي ٻڌي ٿو ۽ سندس ادبي مواد جا موضوع ٺهن ٿا.

ڏيپلائي صاحب سنڌ جي ڪجهه ٻين وڏيرن وٽ به نوڪري ڪئي ، مگر سندس تحريرن ۾ ڪٿي به انهن جو عڪس نظر ڪونه ٿو اچي.

اسان اها ڳالهه ڳالهين جي روانيءَ ۾ چئي ويندا آهيون ته ڏيپلائي صاحب وڏيرن ۽ پيرن جي خلاف هو ۽ اها چيل ڳالهه اسان کي ڦٻي به ويندي آهي، پر ٿورو سوچبو ته اها ”راءِ“ غير ذميوارانه آهي. پير ته اسان جا راهبر آهن. انهن جي هٿ تي ”بعيت“ ته اسان جي ”مسلڪن“ جي ضامن آهي، پوءِ ڏيپلائي صاحب کي پڙهڻ ۾ اسان انصاف ڪيئن ڪيو؟ ها البته ”هن“ سٺائي جي آڙ ۾ جن ماڻهن خرابين کي تقويت ڏني، ڏيپلائي جو قلم انهن ”خرابين“ تي تلوار جيئن ڪڙڪيو. جن به پيرن پنهنجي ”جبه و دستار“ جو شرف نه سڃاتو ۽ ويٺا خرابيءَ جا ٻوٽا پوکڻ، انهن جي خلاف نه صرف ڏيپلائي صاحب جو قلم نشاندهي ڪرڻ لاءِ جوش ۾ آيو آهي پر اسان جا ٻيا به ڪيترائي بي باڪ ۽ حق گو ليکڪ ان معاشرتي خرابين خلاف پنهنجو آواز بلند ڪندا رهيا آهن. هيءُ سلسلو اڃا به هلي ٿو ۽ حق ۽ باطل جي هيءَ جنگ انسانيت جي فائدي ۾ هميشه لڙي ويندي. اها ٻي ڳالهه آهي ته اهو حق جو آواز فلاڻي جي واتان اسان کي وڻي ٿو ۽ فلاڻي جي واتان نٿو وڻي.

آءٌ ذاتي طور اها ڳالهه چوندو ۽ لکندو رهيو آهيان ته اسان کي ”وڏيرن“ جي خلاف اجتماعي ”هاءِ گهوڙا جي به مخالفت ڪرڻ گهرجي.“ وڏيرو ته سنڌ جي سونهن آهي. هي لفظ ”وڏيرو“ ته اصل ۾ ”وڏو“ آهي. پنهنجي سونهن ۽ ڪردار جي لحاظ کان سنڌ ڌرتي جي هن سپوت کي ڪوڏاڻي مان ”وڏيرو“ چيو ويو آهي ۽ سندس گهر واري کي ”وڏيري“ سڏيو ويو. صرف سندس مان مرتبي، سخا، ڏاتاريءَ ۽ ذميوارين سبب، ڇو ته وڏيرو سنڌ جو راڄ پال به آهي ۽ لڄپال به آهي. خراب صرف اهو آهي جيڪو راڄپال نه آهي، لڄپال نه آهي. ظالم آهي پاٿاريدار آهي ۽ غير منصف آهي. هي اوگڻ ڪنهن ”وڏيري“ کان علاوه ڪنهن به سرمائيدار ۾ ٿي سگهن ٿا. انهيءَ ڪري اهڙي شخص کي زميندار ته چئي سگهبو پر وڏيرو نه.. مون تازو پنهنجي لائبريري جا پراڻا ڪاغذ اٿلائيندي ”آزاد“ اخبار ۾ لفظ ”وڏيري“ جي وضاحت ۾ مرحوم علي نواز وفائي صاحب جو هڪ ”اداريو“ پڙهيو. دل خوش ٿي ويئي جو هن وڏي عالم ۽ اديب به ”وڏيرو“ لفظ کي ائين واضح ڪيو جيئن پاڻ هتي سمجهون پيا.

هاڻي جڏهن اسين ڏيپلائي صاحب جي تحريرن جو مطالعو ٿا ڪريون ته اگر هو سڀني پيرن ۽ وڏيرن جي خلاف هجي ها ته ”سانگهڙ“ جهڙي اهم تاريخي ناول جا پندرهن صفحا خانصاحب عطا محمد پلي جهڙي وڏي ”وڏيري“ لاءِ ڪيئن مخصوص ڪري ها. هنن پندرهن صفحن ۾ ڏيپلائي صاحب جي تحرير جو جادو ايڏو اثر ٿو ڇڏي جو ”دودي چنيسر“ جي جنگ ياد ٿي اچيو وڃي ۽ ٿوري دير لاءِ سڄي سنڌ تي هيءُ واقعو ڇانيل نظر ٿو اچي. ڀلي ڪير ”سانگهڙ“ ناول جا هي صفحا ٻيهر پڙهي، پوءِ منهنجي راءِ تي تبصرو ڪري.

مون هن  واقعي ٻڌڻ ۽ پڙهڻ بعد انهيءَ واقعي جي ڪجهه عورتن ۽ مردن کان جيڪي ”ڏاند گاڏين“
۾ چڙهي خانصاحب وٽ پهتا، ڏاڍا جذباتي جملا ٻڌا، جن جو تفصيل ڪنهن ٻئي دفعي لاءِ ڇڏي، اچون ٿا انهيءَ ڳالهه تي ته هيءَ تحرير انهيءَ ڳالهه جو ”رد“ آهي ته ڪو ڏيپلائي صاحب سڀني وڏيرن جي خلاف هو.

خانصاحب عطا محمد پليءَ جو ذڪر ڏيپلائي صاحب ڪجهه ٻين مضمونن ۾ به معتبر حيثيت سان ڪيو آهي. اهڙي طرح ”سانگهڙ“ ناول جو ته ”هيرو“ به سنڌ جو هڪ عظيم سپوت. شهيد مسند نشين هڪ ”پير صاحب“ آهي. حضرت سورهيه بادشاهه جي سورهيائيءَ جي تعريف جا ڍڪ ڀرڻ مان ته ڏيپلائي صاحب ڍاپجي ئي نٿو. پوءِ هو پيرن جي خلاف ڪيئن چئبو. ساڳئي طرح ٻورلي ڳوٺ جي درويش سيد محمود شاهه تي لکيل ڏيپلائي صاحب جو مضمون ’سيد جو اُٺ‘ جو مطالعو ڪجي ته سندس توڪل جو ذڪر ڪندي ڏيپلائي صاحب ڪيڏو گد گد پيو ٿئي ته ڪيئن نه شاهه صاحب بکايل سوارن جي لڏي کي پنهنجو قيمتي اُٺ ڪهي کارائي ٿو ۽ هنن مسڪينن کان ذات ۽ مذهب به نٿو پُڇي. هاڻي اهڙي حق گو ليکڪ کي اسين ڪيئن پيا پيرن جو مخالف چئون؟ هيءُ تمام اهم سوال آهي. اسلامي تاريخي ناولن جي تسلسل ۾ ڏيپلائي صاحب هڪ ”پير صاحب“ ۽ هڪ ”وڏيري“ کي پنهنجي تحرير ۾ اهم ڪردار ڪيئن منتخب ڪيا. منهنجي راءِ اها آهي ته اهو سندس حق، سچ، انصاف، بهادري ۽ سنڌ جي حقن سان پيار جو مظهر آهي، جنهن جي ڳالهه اگر ڏيپلائي ڪري ته ”ڏوهي“ ٻيو ڪوبه ڪري ته واهه واهه.

ڏيپلائي صاحب جي ”ڏور رس“ نگاهه جو مطالعو هن طرح به ڪري سگهجي ٿو ته کانئس ڪابه سماجي برائي برداشت نٿي ٿي. ان جي نشاندهي ڪرڻ، ان جي اصل ڪارڻن تائين پهچڻ ۽ انهيءَ جي ذميوارن کي وائکو ڪرڻ سندس قلم جو اصل ڪارج هو. اها ئي دين جي خدمت آهي. اها ئي انسانيت پرستي آهي، اهو ئي پاڪستان سان پيار آهي ۽ اها ئي سچي سنڌ پرستي آهي، جيڪو به نالو ڏجي ڏيپلائي صاحب لاءِ ٺهندو. اسلام جي تاريخ کان امت کي غافل رکڻ، اسلام جي نالي ۾ ٿيندڙ غلط رسمون ۽ دين جي خير و برڪت جي غلط تشريح، بزرگيءَ جي نالي ۾ ”مافوق الفطرت“ ڳالهيون پرچار ڪرڻ، ڪشف ۽ ڪرامت جي نالي ۾ اٻوجهه عوام کي گمراهه ڪرڻ ۽ ٿاڻن ۽ ڪچهرين جا ڊپ ڏيئي مسڪين ماڻهن کي خوفزده ڪرڻ ۽ منجهن، بي حيائي، شرڪ ۽ لادينيت جا ٻوٽا پوکڻ جهڙن ڪُڌن ڪمن جي خلاف اسان وٽ سنڌي ادب ۾ جيترو به لکيو ويو آهي، انهن جو ڳرو ”پُڙ“ ڏيپلائي صاحب وارو آهي. اڄ به اسين اگر ڏيپلائي صاحب جي اسلامي تاريخي ناولن ۽ افسانن کي سنڌي ادب کان ڌار ڪريون ته باقي وڃي هڪ ٻن افسانن ۽ ناولن وارا ڪجهه ليکڪ اسان وٽ بچندا. ڏيپلائي صاحب جي هِن اهم ديني ڪم جي ڪٿ اسان وٽ ڪِٿي ٿي آهي.

علامه غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب پنهنجي هڪ تقرير ۾ چيو هو ته: ”جڏهن قيامت جي ڏينهن کانئس پڇيو ويندو ته قاسمي! دنيا مان ڇا ڪمائي آئين، ته آءٌ مولانا عبدالڪريم قريشي، ”ٻير شريف“ وارو (جنهن کي قاسمي دستار بندي ڪرائي هئي) واري جي آڱر مٿي کڻي چوندس ته ”اجهو“ مون هيءُ ڪمايو آهي.“ مولانا قاسمي صاحب جي انهيءَ ڳالهه بعد آءٌ سوچيندو رهيس ته جڏهن ساڳيو سوال شهيد ذوالفقار علي ڀٽو صاحب کان ٿيندو ته هيءُ مرد مجاهد 1973ع جي آئين ۾ سندس ”قاديانين“ متعلق ڏنل فيصلي جو حوالو ڏيندو ۽ ٻيڙا پار ٿي ويندا. بلڪ شافع محشر ”خاتم النبيين“ جي ويجهو سندس ڪهڙو مقام هوندو. ان جو تعين به ڪير ڪري سگهي ٿو! ۽ ايئن ئي جڏهن انگريزن جي پابندي وڌل ”ڏاهري رنگ محل“ کي دوزخ جي دروازي تي ٽنگيو ويندو ته ان جي هيٺيان هيءُ واضح لکيل هوندو ته هِن ”پابندي لڳل“ ڪتاب جي ليکڪ جي هيڏانهن اچڻ تي به پابندي آهي. پوءِ جڏهن بهشت ڏانهن نظر ڪبي ته ”نور توحيد“ ناول، غازي انور پاشا ۽ ٻين ناولن جي ”سٿ“ ۾ گلن جا هار کڻي ڏيپلائي صاحب جي آڌر ڀاءُ لاءِ آتو هوندو ۽ خبر پوندي ته سندس با محاوره ۽ سولي سنڌيءَ ۾ ”قرآن مجيد“ جي ترجمي جي خاص سفارش جي خوشبوءِ به هِن آڌر ڀاءَ ۾ شامل آهي.

ڇا ڏيپلائي صاحب جون هيڏيون وڏيون اسلامي خدمتون جيڪي ”قرآني دعائن“ کان شروع ٿي، اسلامي تاريخ جو سفر ڪنديون اچي ”قرآن مجيد“ جي با محاوره آسان سنڌي ترجمي تائين پهچن ٿيون، اهي سڀ اسين ڏيپلائي صاحب جي ڪم جي مطالعي وقت وساري سگهون ٿا؟

مون ٻاراتڻ کان ٻه خاص ادبي ڪاوشون پڙهيون ۽ تمام گهڻي چاهه ۽ شوق مان پڙهيون. هڪ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جا ٻارن لاءِ سهيڙيل لوڪ ادب جا ڪتاب جن ۾ عقل، فهم ۽ نصيحت جا اڪيچار سبق موجود آهن ۽ ٻيو ڏيپلائي صاحب جا ننڍا ننڍا اسلامي ناول جيڪي پڙهڻ شروع ڪبا هئا ته ختم ڪرڻ کان سواءِ ڇڏي نه سگهبا هئا. هنن ناولن ننڍپڻ کان ئي پنهنجي زندگيءَ کي بامقصد بنائڻ ۽ پنهنجا آئيڊيل منتخب ڪرڻ لاءِ رستا هموار ڪيا. يقيناً هيءَ ڪيفيت منهنجي دؤر جي انهن سڀني ٻارن جي ٿورو گهٽ يا وڌ هوندي جيڪي هن مطالعي ۾ مصروف هوندا. دراصل هن مطالعي ئي ٿورو وڏو ٿيڻ تي اهو سمجهايو ته گفتار جا گوهر ۽ ڪردار جا غازي ڪيئن هڪٻئي کان مختلف آهن.

اهوئي فرق آهي ڏيپلائي صاحب جهڙي ڪردار جي غازي ۽ ٻين گفتار جي گوهرن ۾ ته جڏهن به کيس حق گوئي جي سزا ۾ پابند سلاسل ڪيو ويو ته سندس ايمان بلڪل لوڏو نه کاڌو. پاڻ حق جي ڪلمي تان نه هٽيو. بار بار اهو جرم ڪيائين ۽ بار بار جيل ويو مگر پنهنجي ”منشور حق“ تان دستبردار نه ٿيو. انگريز سامراج سان ٽڪر کاڌائين، آريه سماج کي منهن ٽوڙ جواب ڏنائين. پاڪستان جي قيام جي حمايت ۽ مسلم ليگ جي مڪمل سپورٽ ڪيائين.

هن وايو منڊل ۾ ڏيپلائي جي قلم کي ڪير غلط چئي ڀلا. ڇو ته هن واضح چيو ته سنڌ جي مسلمان جو بچاءُ ۽ بقا، پاڪستان ۾ آهي ۽ هندستان جي مسلمان جو وجود بر صغير ۾ اسلام جي روشن شمع سان آهي. يعني سندس جذبن جي گهرائي ۾ وڃبو ته کيس هر لحاظ کان سنڌ جي سنڌي مسلمان جي بهتر حالت جو اونو رهيو آهي. انهي اوني ۾ پاڻ اندروني خواهه بيروني ٻنهي خرابين کي دور ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهي. هنن ڪوششن ۾ کيس ڪنهن جي به مخالفت جو ڊپ ڪونهي. اهي ڊپ جيڪي اسان جهڙن ڪمزور ايمان وارن کي هوندا آهن ته جائداد ڪونهي. موڙي پونجي ڪونهي. اولاد ڪيئن پڙهندو چلهه ڪيئن ٻرندي وغيره وغيره! انهيءَ جي ابتڙ اهو فڪر کيس باقاعده آهي ته اخبار يا رسالي جي ڊڪليئرشن رد ٿي ته ڇا ڪبو، وري نئين نالي سان ”اداري“ يا ”آرگن“ جي رجسٽريشن ڪيئن ڪرائبي، ڇا ان کان وڏو ڪو توڪل جو مظهر هن زماني ۾ ٿي سگهي ٿو. کيس هر حال ۾ اهو ئي فڪر ته سنڌ جي اٻوجهه عوام کي وقت سِر حالتن کان باخبر ڪجي ۽ ڪنهن چالاڪيءَ ڍونگ ۽ گمراهي کان بچائجي. ”لاڦون لک هڻن، پر ڪم پئي ٿي ڪل پئي.“ جڏهن جيل ۾ وڃي ته به نه ڪنهن پارٽي يا ”پليٽ فارم“ جي امداد، نه ضمانت جو بندوبست نه ڪنهن کي احتجاج لاءِ التماس جي آرزو، ننگيءَ تي ننگ آهن. جيڪي ماڻهو هن و قت اسٽيجن ۽ سرڪاري ادبي ڪرسين تي ويٺا ڏيپلائي صاحب کي تمام وڏو ماڻهو چون ۽ اونرشپ جتائين، ٿورو پنهنجي دل تي هٿ رکن ته ڏيپلائي صاحب جهڙو ڪم ڪرڻ ته پري جي ڳالهه پر انهي ڪم کي اڳتي کڻڻ جي به هنن کان ڪا تڪليف ٿي آهي؟ ”پٽڻ واريون پڌريون، ڳاڙها ڳل سندن.“

ڏيپلائي جي قلم جو پنڌ جڏهن قيام پاڪستان بعد ”ون يونٽ“ خلاف تحريڪ تائين پهچي ٿو ته ڏيپلائي صاحب پنهنجن ڪيترن ٻين ”ون يونٽ“ جي’ديو‘ خلاف آواز بلند ڪندڙ دوستن سان گڏ آهي، هو سنڌ جي حقن جو آواز بنجي ”ون يونٽ“ جي ديو کي للڪاري ٿو. نه اشتهارن جي بند ٿيڻ جو فڪر نه پني جي مهانگي اگهه تي مِلڻ جو فڪر. هتي هيءُ بهادر صحافي باقاعده ”بيباڪ“ نظر اچي ٿو. حالانڪ هِن قافلي جا ڪيترائي ٻيا دوست مختلف سببن ڪري منظر تان غائب ۽ نوان ساٿي اچي شامل ٿين ٿا. جن مان ڪيترن جا ذاتي مفاد ئي ون يونٽ جي مخالفت سان واڳيل آهن، پر ڏيپلائي صاحب جو هتي هڪ ئي رنگ آهي ”سنڌ رنگ“ کيس ڪهڙي به شڪل ۾ سنڌ جي حقن سان ٺڳيءَ جي ڪابه اٽڪل، قانون ۽ يونٽ نامنظور آهي. جڏهن ون يونٽ ٽٽو ۽ تحريڪ پنهنجي اختتام تي پهتي ته هيءُ اهو ئي اختتام آهي، جنهن لاءِ مولانا غلام محمد گرامي صاحب پنهنجي هڪ خط ۾ عبدالڪريم ”ڪريم“ پلي صاحب کي هن طرح مبارڪ ڏني ته:

”ڪفر ٽوٽا خدا، خدا ڪَر ڪي“

ون يونٽ خلاف هِن تحريڪ جي ابتدا ۾ هڪ ئي رنگ هو- ”سنڌ رنگ“. جڏهن تحريڪ اڳتي هلي ته هِن رنگ ۾ ”يونٽي طاقتن“ ڪيئي ڦيٽاڙا وڌا. اهو ون يونٽ جي آقائن، شاهن ۽ انهن جي بيوروڪريسي جو حربو هو جو هيءُ ”سنڌ رنگ“ اڳتي هلي ڪڏهن، ڳاڙهو، ڪڏهن سائو ۽ ڪڏهن اڇو ٿي ويو ٿي ته ڪڏهن وري پيرن ۾ گهنگهرو ٻڌيو گيڙو ويس ۾ ٿي نظر آيو. هتي اسين سڀني ڳالهين جي باوجود ڏيپلائي صاحب تي هڪ ئي رنگ غالب ڏسون ٿا. اهو آهي ”سنڌ رنگ“، جيڪو پاڪستان جي بچاءَ لاءِ به اهم ۽ سنڌ جي وجود جو به ضامن، انهيءَ ڪري ته ڪوبه حربو،  ڪابه سازش هن رنگ کي کاري نه سگهي.

”کنُڀ نه کاري ان کي، جو هالاري هوءِ.“

مون کي اها ڳالهه به جلد بازيءَ واري لڳندي آهي ته جڏهن بنا ڪنهن دليل جي ڏيپلائي صاحب کي ”تغير پسند“ چئي ڇڏبو آهي، اها به ڏيپلائي صاحب سان ناانصافي آهي. قرآن شريف جو هيءُ مترجم، ”تغير پسند“ جيئن کيس سمجهيو وڃي ٿو، آهي ئي ڪونه. هن ڪڏهن به ملڪي نظريي جي ڀڃڪڙي ناهي ڪئي، جاگرافيائي حدن سان ڇيڙ ڇاڙ نه ڪئي آهي. ڪنهن به تخريبڪاري ۾ شامل نه آهي، سندس ڏوهه صرف سچ ۽ حق گوئي آهي. هِن ڪٿي به ڪڏهن به اسلام دشمن، سنڌ دشمن ۽ سنڌي قوم جي دشمن سان هٿ ناهي ملايو. هُن اٻوجهه سنڌي ماڻهوءَ جو وفادار ٿي ته ڳالهايو پر ڪڏهن به سنڌ جي ماڻهوءَ جي سادگي ۽ مظلوميت جي آڙ ۾ پنهنجو گهر نه ٺاهيو ۽ نه وري هِن دؤر جي ”روشن خيالي“ جي نانءَ تي ٺهندڙ ڪوڙي سماجي اسٽيٽس تي ڀروسو ڪيو. پاڪستان سان پيار ڪندڙ هن بي ريا صحافيءَ کي ون يونٽ جي مخالفت ۾ ”قيد“ مان آيل سزا مان جڏهن آزادي ملي ٿي ته سندس ڪيفيت هن طرح آهي ته:

”ڇٽني اسير تو بدلا هوا زمانه ٿا.“

هو ڏسي ٿو ته سندس ابتدائي همسفرن مان ڪيترائي گس مٽائي ويا آهن ۽ ڪيترن مفاد پرستن جي مفاد جا کين حاصل مليا اهن، مگر ڏيپلائي صاحب ۾ تِر جيترو به تغير ناهي.

هو اڳتي هلي مرحوم ذوالفقار علي ڀٽي کي سنڌي ماڻهن جي تاريخي زخمن جو معالج ٿو ڏسي ته وري پيپلز پارٽي جي حمايت ٿو ڪري. سندس هن عمل سان ڪيترائي ون يونٽي دوست کيس پٺ ٿا ڏين مگر هو ”سنڌ جي حقن جي حمايت“ تان اصل تِر جيترو به نٿو هٽي. هاڻ ڪيئن مڃجي ته هو ”تغير پسند“ هو. منهنجي اها خواهش آهي ته ڪو سنڌ سان پيار ڪندڙ پبلشر ”انسان“ جا سڀ اداريا سهيڙي ڇپرائي، ته اسان کي هڪ بيباڪ صحافي جي غير تغير پسندي واري تصوير چٽي نظر اچي ويندي ۽ اسان جو نوجوان نسل به ”ڏيپلائي شناسي“ ۾ سَولو ٿي پوندو. اڃا به هڪ ٻي ڳالهه ته ڏيپلائي صاحب جي هڪ مترجم، صحافيءَ، پبلشر، مضمون نگار، ناول نگار، تاريخ نويس ۽ افسانا نويس جي حيثيت سان ڳالهه ٿيندي رهي آهي پر سندس جنهن پهلوءَ جي تمام گهٽ ذڪر ٿيو آهي، اهو پهلو آهي- ”شاهه جي رسالي جو مرتب“. مرتب به اهڙن مرتبن مان جيڪي رسالي جي ٻوليءَ جي سرزمين جا مرتب آهن. يعني درياءَ جي پاڇاڙ جا رهواسي، اهو ئي سبب آهي جو وٽس رسالي جي ٻوليءَ جو صحيح تلفظ آهي ۽ غير تڪراري لهجو آهي. وٽس رسالي جو ڪلام پڻ جَهجهو آهي. جنهن کي بعد ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ”شاهه جو ڪلام“ ۽ ”رسالي جو ڪلام“ جي تحقيقي ڀاڱن ۾ رکيو آهي. ڇا رسالي جو هيءَ ترتيب به تغير پسندي آهي. هونئن به صاف ڳالهه پئي آهي ته ”قرآن شريف“ جو مترجم ۽ شاهه جي رسالي جو مرتب، تغير پسند ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟

سبحان الله! ڇا زمانو ياد اچي ويو ننڍپڻ ۾ ”پيلي رنگ“ جي ”ڪور“ وارو ڏيپلائي صاحب جو ترتيب ڏنل ”شاهه جو رسالو“ پاڪيٽ سائيز ايڏو وڻندو هئو جو اکين تي رکي، ماحول کان اک بچائي چمي وٺندو هوس. انهيءَ وقت کان ”الحمدلله“ شاهه جي رسالي جا ڪيترائي اڻڇپيل ۽ ڇپيل نسخا هميشه مطالعي هيٺ رهيا آهن، مگر جيڪا دل ۾ ڇِڪ هن پاڪيٽ سائيز رسالي لاءِ رهي، اها اڃا جهڙوڪر جيئري جاڳندي محسوس ٿئي ٿي. هيءُ ان وقت تائين پهريون پاڪيٽ سائيز رسالو هو جيڪو ننڍپڻ ۾ مون ڏٺو. هاڻي مارڪيٽ ۾ ٻيا به پاڪيٽ سائيز رسالا آهن. مگر ننڍپڻ ناهي.

”ننڍپڻ جو نينهن، ڇنان تان ڇوري ٿيان.“

اهڙي طرح جڏهن ”حُر تحريڪ“ جون ننڍي هوندي ڳالهيون ٻڌندي. ڪِن بزرگن کان ”مل محمود“ جا حرن لاءِ بيت سر سان ٻڌا ۽ ”سانگهڙ“ ناول پڙهيو ته وڏو ٿي اهو احساس ٿيو ته ڪاش! سنڌ جي ماڻهن جي ظالم ۽ جابر طاقتن خلاف ايم.آر.ڊي (MRD) واري ويڙهه جي داستان کي به مَل محمود جهڙو عوامي شاعر ۽ ڏيپلائي صاحب جهڙو عظيم ناول نگار نصيب ٿئي ها ته هِن تحريڪ جا به اسان جي ايندڙ سڀني نسلن تي ڪيڏا نه جرئتمندانه اثرا پون ها. اها صرف ڏيپلائي صاحب جي قلم جي ئي طاقت هئي، جو هن تحريڪ کي هر دؤر ۾ ساهه کڻندڙ تحريڪ ڏيکاري سگهيو ٿي. بيشڪ قومن جي تاريخ ۾ اهي تحريڪون ئي ته هونديون آهن جيڪي قومن جي ڪردار جي جرئت جي ساک ڀرينديون آهن.

هِن سڄي بحث ۾ اسين ڏسون پيا ته ڏيپلائي صاحب سدائين ”سنڌ جي عوام“ جي ڌر رهيو آهي. هر انهيءَ نظام، سماج ۽ شخص کي هن للڪاريو آهي جنهن سنڌ جي عوام جي سٻوجهائي، سادگي، مذهبي رواداري ۽ حقن تي شب خون هنيو آهي. هن نه صرف آريه سماج ۽ انگريزن جي نظام حڪومت کي منهن ٽوڙ جواب ڏنا مگر جڏهن سنڌ جي عوام کي مذهب جي نالي ۾ ”بليڪ ميل“ ٿيندو ڏٺو ته شينهن وانگيان گجگوڙ ڪري اٿيو. پنهنجي آزاد ملڪ جي عوام کي آفيسرن، جاگيردارن ۽ ظالم وڏيرن وٽ مجبور ۽ لاچار ڏٺو ته سندس قلم انهن مذهبي ۽ سماجي ٺيڪيدارن تي بي رحم ٿي هليو. اڃا به اڳتي هلي هو قوم پرستيءَ جي نالي ۾ عوام سان ٺڳيون ڪندڙن ۽ سچن قوم پرستن جي ساک کي نقصان پهچائيندڙن کي به وائکو ڪرڻ ۾ دير نٿو ڪري ۽ سياسي ڪمدارن کي چتاءُ ٿو ڏي ته ذوالفقار علي ڀٽي جي مخالفت معنيٰ سنڌ پرستيءَ جي مخالفت، هن سڄي ”وايو منڊل“ ۾ ڏيپلائي صاحب پي آر (ذاتي سڃاڻپ ۽ تعلق) جهڙي هِن دؤر جي ڪاميابي جي گُر کي کنگهي ئي ڪونه ٿو. هيءُ اهو هٿيار آهي يا گر آهي جنهن جي نالي ۽ استعمال سان ڪيترائي
”ڦلو“ ”ڦڻي خان“ سڏائيندا وتن. مگر واهه ڏيپلائي صاحب تنهنجي جرئت، همت، حق پرستي، حق گوئي ۽ سنڌ سان پيار، جيڪو ماٺو ٿيو ئي ڪونهي.

ڪاش! ڪو سنڌ جو بي ريا نقاد، ڏيپلائي صاحب جي سڄي قلمي پورهئي جو حق ۽ انصاف سان تجزيو ڪري سگهي ۽ ڇنڊ ڇاڻ ڪري سگهي ته ايندڙ نسل کي به هن وڏي ليکڪ کي سمجهڻ ۽ پروڙڻ ۾ مدد مِلي سگهي. شرط ۽ ڳولا صرف بي ريا ۽ ان ڌريي نقاد جي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org