جي.ايم.سيد
محمد عثمان ڏيپلائي- ترقي پسند اديب
ميان محمد عثمان، 13- جون 1908ع تي ڏيپلي ضلعي
ٿرپارڪر ۾ ڄائو. سندس والد ننڍو واپاري هو، اتي ئي
ڇهه ست درجا سنڌي پاس ڪيائين. ستين ڀيڻن جو هڪڙو
ڀاءُ هئڻ ڪري، کيس مائٽ مٺيءَ ۾ انگريزي پڙهڻ لاءِ
موڪلي نه سگهيا. فارسي، هڪ مولويءَ کان پڙهيائين.
آهستي ڪري گجراتي، هندي (گُرمکي) اردو ۽ ٿوري
انگريزي به سکي ويو. عربيءَ جي تعليم ڪانه اٿس، پر
قرآن شريف سمجهي ويندو آهي.
پهرين واپار ڪيائين، پر ان مان گذر معاش ڪافي نه
ملڻ ڪري، زميندارن جي ملازمت ۾ ٽيهن سالن تائين
رهيو. هي ٽنڊي باگي، بدين، کپري، ميرپورخاص ۽ عمر
ڪوٽ جي مختلف زميندارن وٽ رهيو.
هن کي ننڍي هوندي کان اخبار ۽ آکاڻين پڙهڻ جو شوق
هوندو هو. انهيءَ زماني ۾ حڪيم عبدالخالق ’خليق‘
مورائي رسالو’ترقي‘
ڪڍندو هو، جنهن جي پڙهڻ ڪري کيس مضمون نويسيءَ ۾
دلچسپي پيدا ٿي. حڪيم صاحب جي ٻئي رسالي ’علمي
دنيا‘ ۾ پهريون افسانو ’چنڊ سهڻو يا انسان‘ ۽ وري
انهيءَ رسالي ۾ ’فريبي دنيا‘ لکيائين. 1934ع ۾،
حيدرآباد ۾ حڪيم عبدالخالق سان ملاقات ٿيس. هن جي
چوڻ تي ڪي ’قرآني دعائون‘ لکي مسلم ادبي سوسائٽيءَ
ذريعي شايع ڪرايائين. حڪيم عبدالخالق جي ناول
’سندري‘، عبدالحليم شرر ۽ راشدالخير جي ناولن به
اثر ڪيو ٿو ڏسجيس. ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته منشي صادق،
نسيم حجازي ۽ ايم. اسلم جا ناول به هن پڙهيا آهن.
هن مولوي خير محمد نظاماڻيءَ جي صلاح سان ’سنگدل
شهزادي‘ لکيو، جنهن جي رٿا منشي صادق جي ڪتاب
’آرمينيا ڪا چاند‘ تان ورتل هئي.
هن پوءِ ’اسلاميه دارالاشاعت‘ اول ميرپور خاص ۾
قائم ڪيو.
ڏيپلائي صاحب طبيعت جو پُرخلوص جذباتي انسان آهي،
ان ڪري هن ابتدا کان وٺي مختلف عمل ۽ ردعمل جي
چڪرن ۾ ڦاسي، تبليغي جوش سان ڪيترن مضمونن تي پئي
لکيو آهي. سندس پهريون ردعمل مولوي حاجي عبدالرحيم
پڇمي ۽ مولوي حاجي احمد ملاح جي اثرن هيٺ پير
پرستيءَ خلاف پيدا ٿيو. هي جڏهن لکڻ ويهندو آهي ته
جوش ۽ جنون وچان معياري زبان کي خيرباد ڪري، طنز ۽
نڪته چينيءَ کي حد تائين پهچائي ڇڏيندو آهي. مرشدن
جي خلاف جڏهن لکيو اٿس ته مرشد جي ڏاڙهي، مرشد جون
ٽنگون، مرشد جو گهوڙو، مرشد جي نٿ وغيره جهڙن
عنوانن سان لکي وڃي پار پيو آهي. وري جڏهن ملا
واري مذهب جو شوق جاڳيو اٿس ته ’شيوا جي شيش محل‘.
۽ ’ڏاهري رنگ محل‘ جهڙا ڪتاب لکي، هندو سوسائٽيءَ
تي حد کان ٻاهر حملا ڪيا اٿس، ته ٻئي طرف مسلمان
بادشاهن ۽ حملي آور ڦورن کي ڪي منجهان ڪجهه بنائي
ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس. اهڙيءَ طرح پيرن جي بدعتن
خلاف ڪات ڪهاڙا کڻندي وڃي، فرقي پرستيءَ ۾ ڦاٿو ۽
گهڻائي ڪتاب لکي ويٺو. حقيقت ۾ لکڻ جي مشين آهي.
خيال ايندي هڪ ناول لکي ويندو آهي. جهڙيءَ طرح لکڻ
۾ مشق اٿس، اهڙي پڙهڻ ۾ درڪ اٿس. ڪيڏو به ڪتاب جلد
پڙهي ويندو آهي.
1942ع ۾ هي ميرپورخاص مان نڪري اچي حيدرآباد ويٺو.
1948ع ۾ پنهنجي پريس ورتائين.
انهيءَ وچ ۾ مولانا مودوديءَ جي جماعت اسلاميءَ
جو اثر ٿو ڏسجيس. ان تحريڪ کي زور وٺائڻ لاءِ هرڪا
ڪوشش ڪيائين، پر اهو اثر گهڻو وقت نه رهيس ۽ سال
1949ع کان هي ترقي پسند ادب ۽ ترقي پسند ماڻهن جي
اثر هيٺ آيو، جنهن هيٺ هي مذهبي مهندارن کي
سرمائيدارن، زميندارن، سيٺين ۽ حاڪمن جا ڇاڙتا
سمجهڻ لڳو. پوءِ ’انسانيت‘ جي نالي ۾ نوان ڪتاب ۽
مضمون لکڻ شروع ڪيائين. رسالو ’انسان‘ جاري
ڪيائين. ان سلسلي ۾ ’چار داڻا‘ ۽ ’ماڻهو ۽ ڌرتي‘
ڪتاب لکرائي شايع ڪيائين ـ ’ڏکڻ کان سج ٿو اُڀري‘،
’ڪوٽ ناٽڪ‘، ’ڏڪار ناٽڪ‘، ’امڙ‘ (ترجمو) وغيره
ڪتاب لکيائين ۽ پڌارا ڪيائين. ون يونٽ قائم ٿيڻ
کان پوءِ هي حب الوطنيءَ جي رنگ ۾ رڱجي ويو. ان تي
لکندي هڪ جڳهه تي چوي ٿو ته:
”سنڌ جي باشندن سان هن وقت پاڪستان ۾ اهڙو ظلم روا
رکيو ويو آهي، جهڙو جپانين، چينين سان ڪيو. فلسطين
جي عربن تي يهودين ڪيو ۽ فرينچن الجيريا ۾ ڪيو.“
هيءُ عجيب معجون مرڪب آهي. هڪ طرف ’اسلاميه
دارالاشاعت‘ ذريعي مذهبي ڪتاب ڇاپيااٿس ۽ ڇاپي
رهيو آهي، ته ٻئي طرف ’اداره انسانيت‘ معرفت ترقي
پسند ادب ۽ حب الوطنيءَ تي ڪتاب لکي رهيو آهي.
’جپاني گُڏي‘، ’1957ع جو بلوو‘، ’غازي انور پاشا‘
وغيره ڪتاب سندس انهيءَ سلسلي جون ڪڙيون آهن. ڪجهه
وقت هي ’حر تحريڪ‘ کي پراسرار قومي تحريڪ ثابت ڪرڻ
لاءِ ڪتابن لکڻ پٺيان لڳو رهيو. سندن لکيل وڏو
ناول ’سانگهڙ‘ پڙهڻ وٽان آهي. ڪيتريون سٺيون
ڳالهيون ان ۾ لکي ويو آهي. هن اڪثر ذريعن جي
پرواهه نه پئي ڪئي آهي. مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪي به
ذريعا استعمال ڪرڻ ۾ دريغ نه ڪندو آهي.
خوشتر آن باشد که سرِ دلبران
گفته آيد در حديثِ ديگران
جو پيروڪار رهيو آهي. هن جي سموري زندگي هڪ جذباتي
۽ مخلص انسان جي عمل ۽ ردعمل جي مختلف مرحلن مان
گذري آهي. هڪ حد تائين منهنجي حالت به اهڙي رهي
آهي. ’چوندا آهن ته دوزخ جو رستو به چڱن جذبات سان
جڙيل هوندو آهي.‘ ڏيپلائي صاحب مختلف مضمونن تي
121کن ڪتاب لکيا آهن. انهن مان ڪيترا ڪتاب ضبط ٿيا
اٿس. ٻه دفعا تُرنگ جو تيرٿ به ڪري آيو آهي.
باوجود گهڻي محنت ۽ مزدوريءَ جي مالي حالت درست نه
رهي اٿس. ان جو مکيه ڪارڻ اهو آهي ته هن جذبات کي
اڳيان ۽ پيٽ کي پٺيان پئي رکيو آهي. تازا ردعمل هن
کي نيشلنزم ۽ سوشلزم طرف ڌڪي رهيا آهن، پر بنيادي
طرح جذباتي هئڻ ڪري هن جو هوش، جوش مٿان اڃا غلبو
ڪري نه سگهيو آهي. هوش جي غلبي کان سواءِ صحيح
نيشنلزم ۽ سوشلزم جي راهه هٿ اچڻ مشڪل آهي. کيس ٽي
فرزند آهن، (1) محمد علي (2) عبدالرحمان ۽ (3)
حبيب الرحمان.
محمد ابراهيم جويو
اسان جو بزرگ ساٿي- محمد عثمان ڏيپلائي
ڪائنات جي هر ذي حيات شيءِ کي موت جو ذائقو چکڻو
آهي، بلڪ ان جي هر بيجان شيءِ به، پنهنجي پاڻ ۾
پنهنجي اندر، هر گهڙيءَ انهيءَ موت ۽ حيات جو
آماجگاهه رهي ٿي ۽ انهيءَ فنا ۽ تخليق جي تماشي
کي، خود پنهنجي ذات جي حوالي سان، ڏسي ٿي ۽ ماڻي
ٿي.
درحقيقت اهو موت ۽ حيات جو سلسلو ئي آهي، جيڪو سڄي
ڪائنات جي اُپجڻ ۽ قائم رهڻ جو بنيادي سبب به آهي،
بنيادي محرڪ به آهي. هن سڄي ڪائناتي مانڊاڻ جي
ڪارڪردگيءَ ۽ بقا جو اصول ۽ ضمانت به اها ئي فنا ۽
تخليق جي عمل آرائي آهي.
اسين انسان، جيڪي هن ڪائنات جا ئي جزا آهيون، سي
اُن موت ۽ حيات، فنا ۽ تخليق جي اثر کان ۽ ان جي
دائري عمل کان هرگز محفوظ نه آهيون ۽ نه رهي سگهون
ٿا.
اسان انسانن جو امتياز هن سلسلي ۾ رڳو ايترو آهي،
جو اسين فنا ۽ تخليق جي ان اصول کي سمجهي، ان جي
قانونن کي ۽ انهن جي ڪاريگريءَ ۽ ڪارستانيءَ کي
سمجهي، انساني حيات کي خاص طرح ۽ حيات عموميءَ کي
عام طرح، اُن جي مطابقت سان بيهاري ۽ هلائي، سُکيو
بنايون ٿا، وڌايون ٿا ۽ ويجهايون ٿا ۽ دلپسند ۽
سڦل ڪريون ٿا. ٻي ڪا به جاندار شيءِ سواءِ اسان
انسانن جي، ائين نه ڪري ٿي ۽ نه ڪري سگهي ٿي.
رڳو پنهنجي جيئڻ جي وٿيءَ کي ٿو ڏسجي ته اسان ان
کي ابتدائي دور جي 25، 20 سالن جي اوسط سان وڌائي،
خوشحال ۽ مهذب ملڪن ۾ ته 75، 70 سالن جي اوسط
تائين آندو آهي. اها اسان جي ڪاميابي پنهنجيءَ
جاءِ تي، اسان جي تخليقي سگهه ۽ صلاحيت جي تمام
وڏي ڪاميابي آهي.
پر انساني حياتيءَ جي وٿي، انفرادي طور، ڪيتري به
وڏي، 30 سال هجي يا هڪ سئو سال ٿئي، ان مان ان فرد
جي ذات لاءِ ڪو خاص فرق ڪونه ٿو پوي، ڇو ته هن جي
حياتي، سڀڪنهن جي حياتي، نيٺ به پڄاڻيءَ تي پهچڻي
آهي ۽ پهچي ٿي.
حضرت عيسيٰ مسيح جي حياتي 30 سال ۽ 9 مهينا ٿي، پر
ڪيڏي نه اها پاڪ ۽ عظيم، امر حياتي هئي! هن جي دور
۾ توڙي اڄ اسان وٽ، ان کان ٻيڻيءَ بلڪ ان کان
ٽيڻيءَ عمر جا به ڪيترا ماڻهو جيئن ٿا، پر انهن جي
نيٺ به مرڻ کان پوءِ ڪو چئي سگهندو ته هو مري
ڄاوا، ڀلي ڄاوا ۽ پنهنجي حياتي سجائي ۽ سڦلي ڪري
ويا! افسوس آهي، جو ائين فقط ڪن خاص ماڻهن لاءِ
چئي ٿو سگهجي ٿو ۽ اها هڪ بيحد وڏي خوشيءَ جي
ڳالهه آهي.
ڄمڻ ۽ ڄڻڻ زندگيءَ جي طبعي ڪارڪردگي آهي، ان ۾
انساني امتياز ۽ عظمت، انساني شرف ۽ تڪريم جو ڪو
نشان يا عمل دخل ڪونهي. اها عظمت ۽ اهو خصوصي شان
فقط ان ۾ ظاهر ٿو ٿئي ته ڪنهن انسان پنهنجي زندگي
ڪيتري قدر حيات دشمن يا انسان دشمن طاقتن جي ٽڪر ۾
گذاري ۽ اجتماعي حيات انسانيءَ جي ڪيتري اضافي،
ڪيتري سک، ڪيتريءَ سونهن ۽ ڪيتريءَ سڦلتا لاءِ
مخصوص ڪئي ۽ خرچ ڪئي.
ائين ڪا زندگي فقط تڏهن ٿي خرچ ٿئي، پوءِ اها
ڪيتري به مختصر ڇو نه هجي، جڏهن اها پاڻ لاءِ نه،
پر ٻين لاءِ خرچ ٿئي: مطلب ته حيات دشمن طاقتن
خلاف وڙهندي، جن کي انسان دشمن طاقتور يا بديءَ
جون شيطاني طاقتون چئون ٿا، ڪيتريقدر ڪو فرد
پنهنجي زندگي ائين ڪَڙي ڪري ٿو، پنهنجو سُک سهنج ۽
پڻ پنهنجو ساههُ قربان ڪري ٿو، اوتري قدر ئي، مهذب
انساني قدرن موجب چئجي ٿو ته ان فرد جي زندگي سهج
۽ سونهن ڀري ۽ سڦلي گذري ۽ ان جو موت به سرهو
سيبتو ٿيو. ’في الدنيا حسنته و في الآخرت حسنة‘ جو
مطلب اهو ئي آهي. ’دنيا‘ جو مطلب زندگي ۽ ’آخرت‘
جو مطلب پڄاڻيءَ يا موت کان پوءِ، نتيجي طور پوئين
لاءِ ڇڏيل خير ۽ ڀلائي آهي.
مون اڳي هڪ موقعي تي پنهنجي دوست ۽ ساٿيءَ محترم ۽
مهربان، حق آشنا ۽ انسان دوست، محمد عثمان ڏيپلائي
مرحوم جي زندگيءَ جي اهڙيءَ سڪرميءَ ۽ سڦلتا بابت
هڪ مضمون پڙهيو، جيڪو اڄ آءٌ هتي وري پڙهڻ چاهيان
ٿو. هيءُ مضمون، مون 6- سيپٽمبر 1979ع تي سنڌ
گرئجوئيٽس ائسوسيئيشن طرفان ڏيپلائي صاحب سان
ملهايل ’ادبي شام‘ جي موقعي تي پڙهيو هو. ان موقعي
تي مون چيو هو ته:
”انسان جي عظمت هيءَ آهي ته هو پنهنجي وس آهر پاڻ
مان ٻاهر نڪرڻ ۽ ڌرتيءَ کان مٿي اُٿڻ جو اُمنگ رکي
۽ اُدم ڪري. پاڻ مان ٻاهر نڪرڻ جو مطلب آهي ته
پنهنجي مفاد سان گڏ ٻئي جي مفاد جو خيال ڪري، بلڪ
پنهنجي مفاد کان پهريائين ۽ اُن کان وڌيڪ ٻئي جي
مفاد کي اهميت ڏئي.“
ڌرتيءَ کان مٿي اٿڻ جو مطلب آهي ته گهڙيءَ جي مفاد
کي گهڻي وقت جي مفاد لاءِ ۽ هاڻي جي مفاد کي پوءِ
جي مفاد لاءِ قربان ڪري.
محترم محمد عثمان ڏيپلائيءَ کي جيئن آءٌ سڃاڻان،
تيئن منهنجي نظر ۾، هو ٻين لاءِ جيئڻ جي اهڙي
اُمنگ ۽ مستقبل جي بهتريءَ لاءِ اهڙي اُدم جو هڪ
مثال آهي.
آءٌ ڇو ٿو چوان ته ڏيپلائي صاحب، منهنجي لاءِ
انهيءَ بنيادي انساني عظمت جو هڪ مثال آهي؟ انهيءَ
ڪري، جو جڏهن کان آءٌ سندس واقف ٿيو آهيان، لڳ ڀڳ
ٽيهارو سالن جو عرصو چئجي، تڏهن کان مون کين
پنهنجي مفاد کان گهڻو لاپرواهه ۽ سندن دل، مستقبل
جي اميدن ۾ سدائين ڀريل ڏٺي آهي. جڏهن به مون کي
ساڻن دلجمعيءَ سان ڪچهري ڪرڻ جو موقعو مليو آهي،
تڏهن مون کين آئيندي جو ڪونه ڪو سهڻو خواب لهندي
ڏٺو آهي ۽ پوءِ پاڻ ئي اڪثر اُن کي پنهنجي ’اسڪيم
نمبر هڪ سؤ هڪ‘ سڏي، ٿورو کنگهي، نڙيءَ کي سوئي،
عام طرح وڏو، پر ڪڏهن ڪڏهن ننڍو ٽهڪ ڏيئي، ڪنهن نه
ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ جو نقل کڻي ٻڌائيندا، جنهن کي
ٻڌي، حال کان بيخبر ۽ لاپرواهه سندس پاڻ جهڙي ئي
انهيءَ مستقبل جي خفتيءَ تي کل به اچي ويندي ۽
قياس به. ڏيپلائي صاحب جي حال کان اها لاپرواهي ۽
مستقبل ۾ اها محويت پنهنجي لاءِ نه، پر سدائين
پنهنجي ڪم جي حوالي سان ٻين جي ڀلائيءَ يعني عام
ڀلائيءَ لاءِ هوندي آهي. زندگيءَ ڏانهن سندس رَوشِ
مون کي ڪنهن ناٽڪ يا کيل جي اهڙي ائڪٽر يا ڪردار
جيان لڳندي آهي، جنهن کي اها هرگز پرواهه نه هوندي
آهي ته هو اسٽيج جي وچ تي، ڪنڊ ۾ يا پٺيان بيٺو
آهي، يا هن کي ڏسندڙن يا ٻڌندڙن کان ڪيتري واهه
واهه ملي رهي آهي، پر هو فقط پنهنجي سونپيل يا
پسند ڪيل ڪردار جي ادائگيءَ ۾ محوَ هوندو آهي.
ڏيپلائي صاحب زندگيءَ جي ناٽڪ ۾ پاڻ لاءِ ڪهڙو
ڪردار پسند ڪيو ۽ شروع کان يعني پنهنجي سن شعور
کان ۽ هيلتائين اهو ادا ڪندا آيا آهن، ان جي ڄاڻ
ضروري آهي ۽ پوءِ ئي چئي سگهبو ته پاڻ اهو ڪردار
پنهنجي وس آهر پاڻ کان پاسي ٿي ۽ ڌرتيءَ کان مٿڀرو
اُڀري ادا ڪندا آيا آهن يا نه- ۽ جي هائو ته ڪيتري
قدر. ڪو انسان ڪيتريءَ وٿ جو آهي، اُن جو ڪاٿو به
ائين زندگيءَ ۾ سندس ڪردار جي سڃاڻپ ۽ ان ڪردار جي
سندس ادائگيءَ جي نوع مان ئي ٿي سگهندو آهي؛ ۽ نه
ته ڪنهن انسان کي ڄاڻڻ ايترو ئي مشڪل آهي، جيترو
ٻيءَ ڪنهن اوچي کان اوچي غيب جي ڳالهه کي يا شيءِ
کي.
جيئن عام کيل ۾ تيئن زندگيءَ جي کيل ۾ به ماڻهوءَ
لاءِ فقط ٽي ڪردار ئي ادا ڪرڻ لاءِ موجود ٿين ٿا.
هيرو جو ڪردار، ولين جو ڪردار ۽ سائيڊ رول. سڄي
کيل جو مقصد آهي ته شيطان کي يعني بديءَ کي شڪست
اچي يا ڪم ازم ڪم اُن سان جنگ جاري رهي. اُن ۾ ٻئي
ڪردار يعني بديءَ جي دوستيءَ ۽ بديءَ جي دشمنيءَ
کان سواءِ ڪنهن تماشائيءَ جي رول جي ڪا گنجائش
ڪانه هوندي آهي ۽ هر ڪردار پنهنجيءَ جاءِ تي اهم
آهي ۽ اُن جي عظمت جو بنياد جيئن مٿي مون عرض ڪيو،
ان ڳالهه ۾ آهي ته اهو ڪيتريءَ ڪاميابيءَ سان ادا
ٿئي ٿو يا ڪيو وڃي ٿو.
محترم ڏيپلائيءَ جي زندگي هيرو جي زندگي رهي آهي،
خاموش، پائدار ۽ لاڳيتي: پنهنجي اولاد لاءِ،
پنهنجي ڳوٺ ڏيپلي لاءِ، پنهنجي ضلعي ٿر لاءِ ۽
پنهنجن هم وطن لکن انسانن لاءِ ۽ پڻ انهن ٿورن پاڻ
جهڙن ’اڌ چرين اڌ سياڻن‘ شخصن لاءِ، جيڪي پاڻ کي
اديب چوائين ٿا. سندس اولاد پنهنجي سڄي ماڻهپي
لاءِ ۽ پنهنجي سڄي دنيوي مانَ ۽ مرتبي لاءِ پاڻ کي
سندن شڪرگذار سمجهي ٿو. ٿر جو ڏيپلو، سنڌ ۾ خاص
طرح تعليم ۽ عملداريءَ جي ميدان ۾ اڄ ايترو جو
اڳرو آهي، اُن ۾ ڏيپلائي صاحب جي ’همرچي‘ (’همراهه
اچو!‘) جي هوڪار ۽ پڻ سندن ذاتي مثال جو هڪ
رهنمائي رول رهيو آهي. سنڌ ۾ ته ’ڏيپلائي‘ يعني
’ڏيپلي وارو‘ اڄ فقط محترم محمد عثمان ڏيپلائي
صاحب جن پاڻ ئي سڏجن ٿا ۽ ڳڻجن ٿا.
اسين اڄ ٿر جي صحرائي فضا ۽ پڻ ٿر جي عام ماڻهن جي
مسڪينيءَ مانَ ۽ مريادا سان ايترا ته شناسا آهيون،
اُن ۾ ٿر جي ٻين عوام دوست ۽ محبِ وطن اديبن ۽
سماجي ڪارڪنن سان گڏ، ڏيپلائي صاحب جي خاص ادبي ۽
سماجي ڪوششن جو وڏو دخل رهيو آهي. سنڌ جي ذهني فضا
تي اڻ ڄاڻائيءَ، اٻوجهائيءَ ۽ ويساهه وسوڙپ جي
جيڪا ڪارٺ ڇانيل رهي آهي، اُن جي ڪوري ڪڍڻ ۽ صاف
ڪرڻ جي هلندڙ عمل ۾ ڏيپلائي صاحب جي قلمي فڪري
ڪوشش جو هڪ بنهه وڏو ۽ اتساهڪ رول رهيو آهي. سنڌ
جي اديبن لاءِ محترم ڏيپلائيءَ جي ڏاهپ ۽ نماڻائي،
همت ۽ حوصلو، سچائي ۽ سادگي، اورچائي ۽ محبت، اڄ
به هڪ وڏو مثال آهي. هن وقت هو هڪ ناچاڪ پيرسن
ماڻهو آهي، ٻه ڀيرا فالج جو حملو ٿيل اٿس، سندس هٿ
جي لکندڙ آڱرين ۾ ايترو ست نه رهيو آهي، تڏهن به
تازو پاڻ ’ايراني صورتحال‘ تي ناول لکيو اٿن.
نيڪيءَ ۽ بديءَ جي دائمي جنگ ۾، ڏيپلائي صاحب رڳو،
قلم کان ئي ڪم ڪونه ورتو آهي. سندن زبان، هن جهاد
۾ سندن قلم کان وڌيڪ مصروف ۽ مستعد رهي آهي. جيڪي
سندن ڪچهريءَ ۾ ويٺا آهن ۽ ويهندا رهن ٿا، انهن کي
معلوم آهي ته هو پنهنجي ڳالهين ۾ ڪوڙ، منافقيءَ ۽
مڪر جي خلاف، ڏهڪاءَ، ڏاڍ ۽ ظلم جي خلاف، ٽرڙائپ،
بي ايمانيءَ ۽ بد اعماليءَ جي خلاف ڪيتريءَ بي
ريائي ۽ بي ڊپائيءَ ۽ بي تڪلفيءَ سان ڳالهيون ڪندا
۽ ڳالهيون ٻڌندا، کلندا ۽ چٿرون ڪندا، نقل نظير ۽
ٽوٽڪا کڻندا ۽ ٻڌائيندا، ڳالهه ڳالهه تي
منجهائيندڙ سوال پڇندا ۽ ٽيڪا ٽپڻيون ڪندا رهندا
آهن. ڳالهه مان ڳالهه ڪڍڻ ته ڪو کانئن سکي. ٻئي جي
ڳالهه ٻڌندي ٻڌندي، کين اهڙي ڪانئين تز ۽ تِکي
ڳالهه ياد اچي وئي ته اتي جو اُتي، ٻارن وانگر
آڱوٺي ۽ آڱر جو ڇلو ٺاهي ويهي رهندا ته متان اها
وسري نه وڃي. وقتي، پاڻ ئي ڳالهائيندي ڳالهائيندي،
اُتي جو اُتي پنهنجي قميص جي ڪنڊ ۾ ڳنڍ ٻڌي
ڇڏيندا. هوڏانهن اڳئين جي ڳالهه ٿي نه آهي يا سندن
پنهنجي هڪڙي ڳالهه ختم ٿي نه آهي، ۽ هيڏانهن اهو
آڱرين جو ڇَلو کُليو نه آهي ۽ قميص جي ڳنڍ ڇڙي نه
آهي. بس ڪجهه کنگهڪار، ڪجهه نڙيءَ جي صفائي، ڪجهه
ٽهڪ ٻڌبو ۽ ڏيپلائي صاحب جي اصلي سون جهڙي صاف ۽
املهه ڪا ڳالهه، ڪو ٽوٽڪو ۽ ڪو نئون نقل نظير شروع
ٿي ويندو. ويجهڙائيءَ ۾ منهنجي اها شديد خواهش رهي
آهي ته ننڍڙو ڪو ٽيپ رڪارڊر منهنجي ڪارائيءَ ۾ ٻڌل
يا کيسي ۾ پيل هجي ۽ ڏيپلائي صاحب جون اُهي ڳالهين
مان اُٿندڙ اڻکٽ ڳالهيون ائين رڪارڊ ڪري ڇڏيان، جو
کين خبر به نه پوي. رڳو تنهن ڏينهن آءٌ ۽ ڏيپلائي
صاحب اڪيلا ويٺا هئاسين ته ڪنهن ريت ڪو گدڙ جو نقل
ڇڙي پيو.... پوءِ ته ڏيپلائي صاحب گدڙ جا ايترا
نقل ۽ ٽوٽڪا ٻڌايا، جو دل ۾ آيم ته ڪنهن تازه دم
ننڍيءَ ٽهي جي ليکڪ کي چوان ته هڪڙي ڪنهن وڏي ڪتاب
جي ترتيب هٿ ۾ کڻي، جنهن ۾ سنڌي سماج جي لوڪ ڏاهپ،
جيڪا ائين گدڙ کي لوڪ ڪردار بڻائي بيان ڪئي وئي
آهي، اُها اُن ۾ جمع ٿئي ۽ هميشه لاءِ محفوظ ٿي
وڃي....... ته ڏيپلائي صاحب جي چهري ۽ سندن زباني
ڳالهه ٻولهه به بديءَ جي خلاف سندن جيون سنگرام جو
هڪ عملي اظهار آهي، ۽ جن سندن اُهي ڇرڪائيندڙ ۽
سرت ۽ ساڃهه ڏيندڙ ڳالهيون ٻڌيون آهن، اُهي ئي اُن
جو قدر ڪري سگهندا.
مون ڏيپلائيءَ صاحب جي ادب جو يا ذاتي ڪردار جو
مطالعو ڪيو آهي، ته مون کي ائين ڏسڻ ۾ آيو آهي ته،
سواءِ سندن ابتدائي تصنيفي دور جي، جنهن کي پاڻ ئي
پنهنجو ’جاهليت جو دور‘ سڏيو ۽ پڻ لکيو اٿن،
زندگيءَ جي منچ تي ڏيپلائي صاحب جي سامهون بديءَ
جا چار زندهه نشان يا ڪردار رهيا آهن ۽ اهي هي
آهن: اوهان کي، اسان کي، سڀني کي انهن جا نالا
معلوم هجڻ گهرجن، ڇو ته پوءِ ئي، سنڌ جي حوالي
سان، ڏيپلائي صاحب جي سورميائي ڪردار کي اسين
سمجهي سگهنداسين. ڏيپلائيءَ جي آڏو اُهي چار ولين
هي آهن: هڪڙو پير، ٻيو ملو، ٽيون زميندار ۽
شاهوڪار، ۽ چوٿون ڪامورو. بلڪل انهيءَ ترتيب سان ۽
ان ۾ يعني اُن ترتيب ۾ ڏيپلائي صاحب سان البت
اختلاف جي گنجائش سا ٿي سگهي ٿي- ۽ سنڌ ۾ سنڌي
سماج جي سموري نڀاڳ ۽ ناڪاميءَ لاءِ پڻ انهيءَ
چونڪڙا وارا اُهي چار ذميدار رهيا آهن. ڏيپلائي
صاحب جي قلم ۽ زبان جي سموري قوت، سندن افسانا،
ناول، ناٽڪ ۽ ٻيا علمي ڪتاب ۽ مضمون، جن جو رڳو
شمار ۽ نالن جو تفصيل ئي ڪو هن موقعي تي اسان کي
ٻڌائي ها ته به چڱو: يعني ڏيپلائي صاحب جي سموري
تصنيفي ڪاوش ۽ ڪوشش، سنڌ جي انسانن کي انهن چئن
نوڙن مان ڇڏائڻ ۽ آزاد ڪرائڻ ۾ مصروف رهي آهي، ۽
سنڌ جو انسان چئوکنڀو ٻڌل به انهن چئن نوڙن ۾ آهي
۽ اهي ئي چار سنڌ جي مظلوم ۽ محڪوم سماج لاءِ
سموري قوت ۽ سموري اقتدار جا مالڪ آهن، ۽ ڇاڪاڻ ته
خود اُهي پاڻ به ڪن ٻين جا غلام ۽ محتاج آهن،
انهيءَ ڪري هڪ پاسي بزدل، بي عزت ۽ ويچارا به آهن-
يعني پنهنجن آقائن جي اڳيان، جن جا ڇاڙتا، ڪمدار ۽
چغل بڻجي کين جيئڻو پوي ٿو، ۽ ٻئي پاسي هو پاڻ
ڪٺور، بيحِس ۽ طاقتور آهن، ڇو ته سندن هٿن ۾ نوڙ
آهن، پنهنجي هم وطن ۽ هم قوم هيڻن ۽ زبان هوندي بي
زبان گگدامن کي ٻڌي رکڻ لاءِ. اهڙن اکين ڍڪيل،
اڻٽر، بي همت ۽ بيڪار پر نوڙ هٿن ۾ کڻي گهمندڙ،
بکين ۽ خونخوار چئن وليني ڪردارن سان وڙهڻ، هڪ وڏو
بي غرضيءَ ۽ بلند نگاهيءَ جو ڪم آهي، ۽ سواءِ
اُنهن جي، جيڪي پاڻ کان پاسي ٿيڻ ۽ ڌرتيءَ کان مٿي
اُٿڻ جو اُمنگ رکن ٿا ۽ عمل ڄاڻن ٿا، ٻئي ڪنهن جي
وس جي ڳالهه ناهي.
انسان جي واقعي عظمت هيءَ آهي ته هو پنهنجي مفاد
سان گڏ بلڪ اُن کان پهريائين ۽ اُن کان وڌيڪ ٻئي
جي مفاد کي اهم سمجهي ۽ اُن جو خيال ڪري ۽ ٻيو ته
فوري ۽ وقتي مفاد کي دور واري ۽ دائمي مفاد تي
قربان ڪري- ۽ انهيءَ ڪري ئي پهريائين مون چيو هو
ته آءٌ پنهنجي بزرگ ۽ پياري دوست ۽ ساٿيءَ محترم
محمد عثمان ڏيپلائيءَ کي جيئن سڃاڻان ٿو، تيئن
منهنجي نظرن ۾ هو ٻين لاءِ جيئڻ جي اهڙي اُمنگ ۽
مستقبل جي سرخروئيءَ لاءِ اهڙي اُدم جو هڪ نمايان
مثال آهي، ۽ اُن لاءِ آءٌ کين سلام ڪريان ٿو.“
هتي منهنجو 6- سيپٽمبر 1979ع تي پڙهيل اُهو مضمون
پورو ٿيو.
ڏيپلائي مرحوم، تحقيق هڪ پربهار شخصيت جو مالڪ هو.
آپيبازي ۽ نراسائي، هن جي ڪوهين ويجهو به ڪڏهن
ڪانه آئي. پوين ڏينهن ۾ آءٌ اڪثر ساڻس گڏبو هوس ۽
جيتوڻيڪ سندن شگفته طبيعت مان اهائي تازگي پئي
بکندي هئي، پر سندن ضعف جو خيال رکندي، آءٌ کين
ڳالهائڻ جي گهڻي تڪليف ڏيڻ کان عذر ڪندو هئس. ڪجهه
سندن ٽوٽڪا ۽ پُرلطف گفتا ۽ ڳالهين هلندي ٻڌايل
شعر لکندو به ويندو هئس. هڪڙو اردو شعر پاڻ مون کي
پنهنجي آخري ڏينهن ۾ ٻڌايائون، جنهن ته مون کي نشي
جا کيپ ڏئي ڇڏيا ۽ رستي پنڌ، سُتي ويٺي ڪيئي ڏينهن
پيو اُن کي وري وري چوندو ۽ جهونگاريندو هئس. اهو
شعر انساني اُمنگ ۽ اڌمي جي اٿاهه ۽ اکٽ اَنيڪتا
بابت آهي. شعر آهي:
لکھی جائیگی کتابِ
دل کی تفسیریں بہت،
ہوں گی اے خوابِ
جوانی تیری تعبیریں بہت
ٻيو شعر جيڪو به مون کي کانئن بنهه پوئين ملاقات ۾
مليو، ۽ پوءِ اڪثر پاڻ اهو پڙهندا هئا، سو عظيم
مقصد لاءِ ۽ اعليٰ عشق جي راهه ۾ انسان جي پرشوق
سرفروشيءَ بابت آهي. شعر آهي ته:
چڑھا
منصور سولی پر
پکارا پریم
والوں کو
یہ
اُس کی بام
کا زینہ
ہے،
کہ آئے جس
کاجی چاھے!
هن شعر کان پوءِ ڏيپلائي مرحوم هر ڀيري لطيف
سائينءَ جو هيءُ بيت پڙهندو هو ۽ پڙهندي دلِ ڀڄي
پوندي هئس ۽ اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي اينديون هيس:
تون جي ڪالهه مئي، ته ڪالهه ئي گڏينءَ پرينءَ کي
ڪڏهن ڪانه سُئي، ته ڪا سگهي گڏي سڄڻين!
هڪڙو نظم، جيڪو جديد سنڌي شعر جي هڪ لافاني تخليق
آهي، اهو به آءٌ ڏيپلائي مرحوم جي ياد جي هن موقعي
تي پڙهي ٻڌائڻ گهران ٿو، ڇو ته هيءُ نظم کين ڏاڍو
وڻندو هو ۽ وقت بوقت پاڻ اُهو پڙهندو هئا. ڪيترائي
ڀيرا هيءُ نظم پڙهندي پاڻ مون کي ٻڌائندا هئا ته
ڪنهن موقعي تي هيءُ نظم پاڻ مرحوم شيخ عبدالمجيد
سنڌيءَ کي سندن پيرسنيءَ ۾ پڙهي ٻڌايو هئائون، ته
شيخ صاحب جي دل تي اُن جو اهڙو دل ڀِڄائيندڙ اثر
ٿيو هو، جو سندن اکين مان ڳوڙها زارو قطار وهي
نڪتا هئا! هيءُ نظم ڏيپلائي مرحوم پنهنجي زندگيءَ
جي آخري لکيل ۽ ڇپايل ڪتاب ’انقلاب ايران‘ ۾ به
آندو آهي. نظم انهن مسيحي صفت انسانن بابت آهي،
جيڪي فوري سک قربان ڪري ۽ ذاتي مفاد پسنديءَ کان
مٿي اُڀري، دائمي چڱائيءَ ۽ ٻين جي خير ۽ ڀلائيءَ
لاءِ زندگيءَ جا ڏينهن گذاري، هن دنيا ۾ پنهنجي
وارو وڄائي ويا. نظم شيخ اياز جو رچيل آهي:
جي پنهنجو نور نچوئي ويا ۽ تُنهنجي جوت جلائي ويا،
سي لڙڪ مٽيءَ ۾ لوئي ويا، پر ڇا ڇا موتي پائي ويا!
سي وڻ وڻ لوڏي واءُ ٿيا، سي پن پن ۾ پڙلاءُ ٿيا،
جي بن بن بين وڄائي ويا، جي تن من واري ڳائي ويا.
مون ڌرتي تنهنجا ڌڱ ڏٺا، مون تن جا لويل لڱ ڏٺا،
جن وڙهندي وڙهندي جان ڏني، سي وارا وير وڄائي ويا.
مون اڻ ٿيڻا انسان ڏٺا، مون سوريءَ تي سومار ڏٺا،
اي ڌرتي! ڇا ڇا ڪونڌر ها، جي پنهنجا ڪنڌ ڪپائي
ويا!
مون ويندي تن جا پير ڏٺا، مون ڇا ڇا مڙس مٿير ڏٺا!
جي ڪيئي سج اُڀاري ويا، جي ڪيئي سج سمائي ويا.
مون ڪاتيءَ هيٺيان ڪنڌ ڏٺا، مون ساڻا ساڻا سنڌ
ڏٺا،
مون ڇا ڇا مائيءَ لال ڏٺا، جي لوئيءَ لڄ بچائي
ويا!
سي جيءَ جيارا ماڻهو ها، سي سڀ کان پيارا ماڻهو
ها،
جن ساهه ڏئي، ويساهه ڏنو، جي دل ۾ دود دُکائي ويا.
ڪلهه رات مسافر آيا ها، جن پنهنجا جيءَ جلايا ها،
ٿي ڇاڇا ڄَرُ ڪا ڄاڻ ڪري! هو ڪيڏا مچ مچائي ويا.
ڇاڇا نه وسيهر- ونگ هيا! پر نانگا يار نسنگ هيا!
جي تنهنجو روپ نکاري ويا، جي تنهنجي سينڌ سجائي
ويا.
ڇا نعرا ها، ڇا نينهن هيا! هو مڙس هيا يا شينهن
هيا!
جي ڏونگر- ڏيل ڏڪائي ويا، گجگوڙ ڪري گرمائي ويا.
آ ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه مڻيا، پر مون کي اهڙا
مڙس وڻيا،
جي سارو جڳ جرڪائي ويا، پر پنهنجو پاڻ ڀلائي ويا.
جن پاسو ورتو ڪوڙ ڪنان، هي مڙس نه ويندا مور منان،
جن واڪي واڪي وس ڪيا، جي سارو سچ ٻڌائي ويا.
هو بادل بادل آيا ها، جن جل ٿل ڀال ڀلايا ها،
اي کيت کِڙو، اوشال ٽڙو! هو پنهنجا مينهن وسائي
ويا.
ويا پريت ڏئي هو پاڻيارا، اڄ ڪينجهر تن جا
ڪاڻيارا،
ڇا راڱا تن سان رُڃ ڪيا، جي تنهنجِي اُڃ اجهائي
ويا!
هو پيار- پتنگا کامي ويا، ۽ ڪيڏو دور اُڏامي ويا!
پر تنهنجي منهنجي ڏيئي ۾، هو پنهنجي جوت سمائي
ويا.
اڄ ڇوهه انهن جا ڇوليءَ ۾، اڄ ٻول انهن جا ٻوليءَ
۾،
اي ڌرتي؟ تنهنجي جهوليءَ ۾، جي سورهيه سُيس ڇپائي
ويا.
هي چوٽيءَ چوٽيءَ تي مشعل! هي جهوليءَ جهوليءَ ۾
گل ڦل،
ويا سانول ڇاڇا سڳ ڇڏي! ڇا جندڙيءَ کي جرڪائي ويا!
ڇا سمجهن تن کي جيءَ جڏي، آ تن جي ڳوڙهي ڳالهه
وڏي،
ها ڇا ڇا ارڏا ڪنڌ، اڏي! جي توکي ميندي لائي ويا.
هي برهه به ڪوئي بڙ آهي! ڇا جانٺي اُن جي جڙ آهي!
مون اُن ۾ ڪيئي ڏار ڏٺا، جي ڇانوَ ڪري، من ڀائي
ويا.
اي آري! تنهنجي اَڍ هئي، پر ڏونگر ڏاڍا ڏاڍ ڪيا!
هي تنهنجا پيارا پيرا ها، جي پنهنجو پنڌ پڄائي
ويا.
ڪيئن توکي ڪاري ٻاٽ مڃان، ٿي چڻنگ ڪري چمڪاٽ اڃان،
آ ٽم ٽم ٽم ٽم لاٽ اڃان، جا جوڳي ڪالهه جلائي ويا.
هيءَ جانِ ته اچڻي وڃڻي آ، پر مرندي مات نه مڃڻي
آ،
مون اهڙا سَوَ سانونت ڏٺا، جي پنهنجو هٺ هلائي
ويا.
ڏس! باک ڀليري آئي آ، ڏس! سنڌ مٿان سَرهائي آ!
ڇو تن جي لاءِ ’اياز‘ رُنين، جي مارو ماڳ مٽائي
ويا!
سو اسان کي روئڻو ڪونهي، ڏيپلائيءَ جهڙين زندگين
تي روئڻو ناهي. مون کي يقين آهي ته ڏيپلائيءَ مئو
ناهي، هو جيئرو آهي. هن جو ڪم، هن جا پيرا، هن جا
اسان جي مٽيءَ ۾ لويل لڙڪ، موتين جهڙا، هن جا اسان
جي دل ۾ دُکيل درد، هن جا اسان کي ٻڌايل سچ، هن جا
اسان جي جل ٿل تي وسايل مينهن، هن جي جلايل جوت،
جيڪا اسان وٽ جيسين اسان جي سنڌي ٻولي زندهه آهي،
سدا چمڪندڙ لاٽ جيان ٽم ٽم ٻرندي رهندي، ۽ هن جون
اسان جي هن مائيدار مائيتي ٻوليءَ ۾ اسان وٽ ڇڏيل
ڳالهيون ۽ امر ٻولَ، هن جي اسان کي ڏنل اها سڄي
دَين، اسان وٽ سدا موجود رهندي. بت يا جسم ڪا شيءِ
ڪانهي.... مٽي آهي، جا وري به مٽيءَ سان وڃي ٿي
ملي ۽ مٽي ٿيو وڃي...... پر......
هي چوٽيءَ چوٽيءَ تي مشعل! هي جهولي جهوليءَ ۾ گل
ڦل!
ويا سانول ڇا ڇا سڳ ڇڏي، ڇا جندڙيءَ کي جرڪائي
ويا!
اهي مشعل، اهي گل ڦل، اِهي سون ورنا سڳ، جيڪي اسان
جي زندگين کي اجارڻ وارا آهن، اُهي اسان وٽ اسان
جو سرمايو آهن، اسان جو ورثو آهن. اسان جي اصل مٽي
اِها آهي، جنهن ۾ اسان جون پاڙون بيٺل آهن. اسان
جي وڏن به اهائي املهه مٽي اسان وٽ ڇڏي، اسين پاڻ
به پنهنجن پونيرن لاءِ اهائي ڪجهه ڇڏي سگهنداسين ۽
انهن جا پويان به انهيءَ ئي اکنڊ جوت جي ڪا تازي
چڻنگ ٻاري، پنهنجن پونيرن لاءِ ڇڏيندا..... ۽
انساني تهذيب جي وڌندڙ اکٽ اجالي کي وڌيڪ ۽ وڌيڪ
جرڪائڻ لاءِ، ائين اسين پنهنجي حصي جي اُها ئي
جيءَ جيار امر جوت آڻيندا رهنداسين: ڇو ته بني نوع
انسان جي هن وسيع مانڊاڻ ۽ گوناگون تهذيبي تجمل ۾
اسان جو، اسان جي سنڌ جو، ۽ اسان جي سنڌي تهذيب
جو، جيڪو حصو ۽ جيڪو ڪردار آهي، سو اسان کي ئي ادا
ڪرڻو آهي ۽ اُهو اسان کان سواءِ ٻيو ڪو ادا ڪري ئي
نٿو سگهي.
اسان کي پنهنجن عظيم بزرگن، ڏيپلائيءَ جهڙن مٿير
مڙسن، ڪونڌرن، ساههَ سيبائيندڙ ماڻهن ۽ جوڳيئڙن جي
حيات ۽ موت کي انهيءَ معنيٰ ۾ ڏسڻو، پرکڻو ۽
پنهنجي پنهنجي پيش قدميءَ لاءِ نشانِ راهه بڻائڻو
آهي!
شال اسان کي انهيءَ پرک، انهيءَ پسند ۽ انهيءَ
پيرويءَ جي سُرت ۽ سگهه نصيب ٿيندي رهي.
ڏيپلائي مرحوم جي ياد، ڏيپلائي مرحوم سان عقيدت ۽
هن جي ڪم سان پيارُ ۽ وفاداري، اسان کان بس اِهوئي
گهري ٿِي. |