الحاج شاهنواز مسافر
محمد عثمان ڏيپلائي
عثمان جي ولادت ٿي ڏيپلي شهر ۾،
اڻويهه سؤ اَٺن جي ٿي خاص ڪنهن پهر ۾،
الله جي رضا ڄائو نيڪ ٻارُ ٿر ۾،
ڀيڻن ستن پيارو هر وقت هو نظر ۾،
اسڪول هو مٺي ۾ ست ڪوهه سو پري هو،
پڙهيو نه انگريزي محروم ان ڪري هو،
سنڌي لکي پڙهي هن درجا ئي ست پرايا،
عثمان پورا ارادا واپار ڏي وڌايا،
الفاظ هر زبان جا دل ساڻ هن هنڍايا،
ٿي پاس پو ادب ۾ سنڌي اديب آيا،
حالات جي مطابق ڪجهه سوچڻو پيو هو،
مطلب ته پيٽ خاطر ڪجهه لوچڻو پيو هو،
ٿر جي ڏُڪار هن کي هو ڏيپلو ڇڏايو،
واپار جي بهاني هو لاڙ منجهه آيو،
هوشيار کي زميندارن پاڻ وٽ رکايو،
اُت پنجويهه سال اُن ۾ هن پاڻ کي هلايو،
کپري، بدين، باغي ڪجهه ميرپور گذاري،
اخبار جي ڪڍڻ جي سوچي ڪئي تياري،
اخبار نانءَ ”فرحت آثار“ سان ڪڍيائين،
اخبار ڇا هئي پر هٿ ساڻ ٿي لکيائين،
سا دوستن اڳيان ويهي پاڻ ٿي پڙهيائين،
سي ٻول ٿي ڇپيائين جي ٻاهران ٻڌائين،
ان شوق مان وڌي ايڊيٽر وڏو ٿيو هو،
اخبار ڏانءَ ۾ ڪاريگر وڏو ٿيو هو،
مضمون هن اول ۾ اردوءَ ۾ لکيو هو،
اخبار سو ”منادي، دهليءَ ۾ ڇپيو هو،
سو خط ”حسن نظامي“ کي ڀي گهڻو وڻيو هو،
عثمان ان قدم کي احسان ۾ ڳڻيو هو،
عثمان کي لکڻ جو ان بعد شوق جاڳيو،
خوش ٿي حڪيم عبدالخالق به کيس ڇاپيو،
عثمان ”سنگدل شهزادي“ ڪتاب آندو،
ادبي اشاعتن کان هڪ پل رهيو نه واندو،
عملي جهاد خاطر هر وقت يار ماندو،
سچ جي شمع جلائي جڳ ۾ ڪيو سُجهاندو،
پيري خلاف هن جي ساري عمر بغاوت،
هن سنڌ کي ڏني آبِ حيات طاقت،
عبرت ڪڍي ڪيو تو آغاز ڏيپلائي،
توتي ته سنڌ کي آ اڄ ناز ڏيپلائي،
تو قوم لاءِ اُٿاريو آواز ڏيپلائي،
الله جو سچن تي آ راز ڏيپلائي،
تنهنجا ڪيل مڃي ٿو احسان هي ”مسافر“،
تنهنجي ئي ڪاوش سان هي سنڌ ٿي اُجاگر.
سرور نواز ٻگهيو
*
ڪير ٿو چئي ڏيپلائي وسريو!
سنڌ کان ڪاٿي ڀٽائي وسريو!
سنڌ جو خادم ڪوبه نه وسريو،
بلڙائي وسريو نه هالائي وسريو.
هڪ هڪ ڏاهو ياد اسان کي،
سيوهاڻي وسريو نه سنائي وسريو.
ڪهڙا ڪهڙا نانءُ کڻان مان،
ٽلٽيءَ وارو نه پاٽائي وسريو.
جنهن سان روح جا رشتا آهن،
ٽکڙائي وسريو نه ٽنڊاڻي وسريو.
شيخ ۽ سامي ياد اسان کي،
نه درازي وسريو نه گدائي وسريو.
ساري سنگت آ پياري سرور،
نه بخاري وسريو نه مورائي وسريو!
محمود يوسفاڻي
محمد عثمان ڏيپلائي- مردِ قلندر
(ڳالهه ٻولهه)
تازو هڪ ڊرامو ڏسڻ جو موقعو مليو هو، ان ۾ هڪ شخص
کي بيمار ڏيکاريو ويو هو، جنهن جي حالت تمام نازڪ
هئي ۽ کيس بروقت طبي امداد پهچائڻ جي سخت ضرورت
هئي. پر هن جا مائٽ انهيءَ ڪري علاج لاءِ تيار نه
هئا، جو کين سندن پِيرن ائين ڪرڻ کان منع ڪئي هئي.
پنهنجو تعويذ لکي کين ڏنو هئائين ته هيءُ بيمار کي
ٻڌي ڇڏيو، پاڻيهي ٺيڪ ٿي ويندو. پنهنجي مرشد ڪامل
تي يقين رکندڙ اٻوجهه ماڻهن هن ويچاري بيمار جو ڪو
به علاج نه ڪرايو ۽ رڳو مرشد جي ڏنل تعويذ تي
ڀروسو ڪندا ويٺا رهيا. هو ويچارو دم جو مريض
دانهون ڪندو رهيو. علاج لاءِ ٻاڏائيندو، نيٺ الله
کي پيارو به ٿي ويو، پر مرشد جي حڪم جي انحرافي نه
ڪرڻ وارن کيس ڪنهن به ڊاڪٽر تائين نه پهچايو.
مون جڏهن اهو ڊرامو ڏٺو ته مون کي ان ۾ حقيقت جو
وڏو عڪس نظر آيو هو، ڇاڪاڻ ته اسان جو معاشرو،
اهڙن واقعن سان ڀريو پيو آهي. علم جي ڪمي، اڻ
ڄاڻائي ۽ جهالت اسان جي ماڻهن کي زماني جي قدرن
کان گهڻو پري پئي رکيو آهي ۽ ماڻهن جي اهڙي
اڻڄاڻائيءَ ۽ اٻوجهائيءَ مان ٺڳ ۽ چالاڪ قسمن جي
ماڻهن سدائين فائدا ورتا آهن ۽ سندن استحصال ڪري،
کين لٽيو ۽ ڦريو آهي. اسان وٽ عقيدي جي ڪچن ماڻهن
جي ڪابه ڪمي ناهي. مٽيءَ ۽ پٿرن جي قبر کان وٺي
اوهان ۽ مون جهڙي ماڻهوءَ ۾ ته يقين رکندا، پر اُن
خدا تعاليٰ تي ايمان نه رکندا، جيڪو ئي ڪائنات جو
ڌڻي آهي ۽ هن سنسار جي سموري نظام کي هلائي ٿو.
منهنجي خيال ۾ اهڙو عقيدو رکندڙ ۽ هڪ بت پرست ۾ ڪو
به فرق نه آهي. ٽوڻا ڦيڻا، تعويذ ۽ ڳنڍيون سڀ
پنهنجو پاڻ کي دوکي ۾ وجهڻ جون ڳالهيون آهن، پر
جيئن ته اسان جي ماڻهن ۾ علم جي ڪمي ۽ اڻڄاڻائي
گهر ڪري وئي آهي، تنهنڪري قبر ۾ ئي هنن جو ايمان
هوندو آهي. ٻين ڳالهين ٻڌڻ کان ڄڻ هو ٻوڙا ۽ گونگا
ٿي پوندا آهن. پُٽ کپينِ ته وڃن پير جي چانئٺ چمڻ.
چون ته ’اولياء الله آهي، اسان جي مراد ضرور پوري
ڪندو.‘ کين ڪير سمجهائي ته توهان الله تعاليٰ ۾
ڀروسو ڇو نه ٿا رکو. سنڌ جي ماڻهن جي اهڙي
اٻوجهائيءَ جي ڪري اسان وٽ اولياء به گهڻا پيدا
پئي ٿيا آهن ته انهن جي مريدن ۾ به اضافو ٿيندو
رهيو آهي. مري ويل خدا جي نيڪ بزرگ کي ته ڇڏيو،
هتي جهالت جي حد اِها آهي جو جيئرن جاڳندن، ڏٽن
مٽن ماڻهن کي به اولياء کان گهٽ نه سمجهندا آهن،
پوءِ انهن جا ڪم کڻي ڪهڙا به هجن، پر اکيون پوري
ان ۾ ويساهه رکندا آهن.
پير پرستي، دراصل جاگيردانه نظام جي پيداوار آهي،
جنهن کي انگريز بيٺڪي راڄ به وڏي هٿي ڏني. انگريزن
معاشري ۾ اثر رسوخ رکندڙ ماڻهن کي پنهنجو ڪرڻ لاءِ
هنن کي جيڪي رعايتون ۽ مراعات ڏنيون، تن مان
جاگيرداريءَ به جنم ورتو ۽ پير پرستيءَ جو به
بنياد پيو. هنن پيرن جي حوصلي افزائي ڪئي ۽ کين
معاشري ۾ وڌيڪ اهميت ڏني ته جيئن سندن مريدن تي
اثر قائم هجي ۽ هو پيرن ۽ جاگيردارن ذريعي عوام جي
حمايت ڪندا رهن. هنن کي خبر هئي ته ماڻهو پيرن ۽
جاگيردارن ذريعي عوام جي حمايت ڪندا رهن. هنن کي
خبر هئي ته ماڻهو پيرن ۽ جاگيردارن جي اثر کان
ٻاهر نه ويندا، تنهنڪري جڏهن به بيٺڪي راڄ خلاف
آزاديءَ جي ڪا تحريڪ اٿي ته انگريزن سنڌ جي
جاگيردارن ۽ پيرن کي پنهنجو ڪيو ۽ هنن ذريعي
آزاديءَ جي هر تحريڪ کي ڪچلي ڇڏيو. پيرن ۽
جاگيردارن کي سياسي اهميت حاصل رهي ته هنن جي
مريدن ۽ پوئلڳن جو دائرو به وڌندو رهيو.
دولت ۽ سياسي حيثيت ملڻ ڪري، هنن کي خود پنهنجو
وجود برقرار رکڻ لاءِ اهڙا وس ڪرڻا پيا، جن سان
سندن حيثيت ۾ ڪمي نه اچي. هنن ڪڏهن به اهڙي ڳالهه
جي حوصلي افزائي نٿي ڪئي، جنهن سان ماڻهن ۾ تعليم
عام ٿئي ۽ سندن علم وڌي. اسڪولن قائم ٿيڻ جي هنن
مخالفت ڪئي. هنن درسگاهن جو بنياد وجهڻ نه ڏنو ۽
ماڻهو کي اُن جي عيوض پنهنجا دليل ٺاهي کين گمراهه
ڪيو ته اهڙيءَ طرح اوهان کي پنهنجي مذهب کان پري
رکيو ويندو.
اٻوجهه ماڻهو پيرن جي ڳالهين تي ڳنڍ ڏيئي ڇڏيندا
هئا ۽ پير پنهنجو پاسو ڳرو ڪندا ويا. وقت سان
گڏوگڏ جتي هنن جو دائرو وسيع ٿيندو ويو، اتي مرشدن
۽ مريدن جي به ڪا ڪمي نه رهي. جڏهن به ڪو خدا جو
نيڪ ٻانهو گذاري ويندو هو ته گهڻا ان جا مجاور ٿي
ويهي رهندا هئا ۽ اهڙيءَ طرح ان بزرگ جي قبر تي
ايندڙ اٻوجهه ماڻهن کي پيا ڦريندا هئا. مجاور جو
پنهنجو اخلاق اعليٰ کڻي نه هجي، پر هو جيئن ته ان
بزرگ جي قبر جو وارث سمجهيو ويندو هو، تنهنڪري
ويچارا سادا سودا ماڻهو، ان کي به ڪنهن پير مرشد
کان گهٽ نه سمجهندا هئا. هئڻ ته ائين گهربو هو ته
جيڪڏهن ڪو الله جو نيڪ ٻانهو گذاري وڃي ته ان جي
قبر تي مجاور ٿي ويهڻ وارو به اخلاق، تقويٰ ۽ علم
جي لحاظ کان اهڙو نيڪ هئڻ گهرجي ها، پر ائين نه
هو. پوءِ پيرن پنهنجي اثر رسوخ سان اهڙو قانون
وجود ۾ آندو، جنهن سان سجاده نشين ان جي اولاد يا
سندس ڪنهن مائٽ کي مقرر ڪيو ويندو آهي. مقصد هيءُ
هوندو آهي ته کين برتري حاصل رهي. اهو سجاده نشين
ان جو اهل آهي يا نه، تنهن سان ڪوبه مقصد نه رکيو
ويندو آهي. ويچارا الله جا نيڪ ٻانها ته آيا ئي
هئا زماني ۾ ماڻهن کي نئين واٽ ڏيکارڻ، توحيد جو
درس ڏيڻ ۽ کين جهالت جي اونداهيءَ مان ڪڍي نيڪ
راهه تي هلائڻ لاءِ، پر پوءِ انهن جي پوين سندن ان
درس کي آڏو آڻڻ بدران اهڙين روايتن کي جنم ڏنو، جن
سان ماڻهو انهن بزرگن جي مزارن کي پوڄڻ لڳي ويا.
ماڻهن کي هتان هتان جون روايتون ٻڌائي، پنهنجن
مريدن ۾ اضافو ڪندا ويا، ڇاڪاڻ ته اهڙيءَ طرح ئي
سندن ڀلو هو.
اڄ اسان جو سڄو ملڪ پيرن ۽ مريدن سان ڀريو پيو آهي
۽ معاشرو پير پرستيءَ ۾ ايتريقدر ته وڪوڙيل آهي،
جو ڪنهن کي به سنئين واٽ نظر نٿي اچي. معاشري مان
اهڙي جهالت جي پاڙ پٽڻ ۽ ماڻهن کي حق ۽ سچ جي واٽ
ٻڌائڻ وارا مجاهد جي حيثيت رکن ٿا ۽ اهي انهن پيرن
کان ڪئين درجا بلند مقام رکن ٿا، جيڪي پنهنجي مفاد
ڪارڻ ماڻهن کي گمراهه رکيو اچن.
اسان وٽ ڪن ٿورن ماڻهن پير پرستيءَ جي خلاف آواز
اٿاريو آهي يا ان جي خلاف ڪو جهاد کڙو ڪيو آهي. جن
مجاهدن هن ڳالهه خلاف آواز اٿاريو آهي، تن ۾ محترم
محمد عثمان ڏيپلائي سرفهرست آهي. هن جي زندگي هن
مقصد لاءِ وقف رهي آهي ته هو سنڌ جي ماڻهن کي پيرن
جي دولاب کان بچائي. مون هن ڀيري پنهنجي فيچر جو
موضوع اهو ئي مناسب سمجهيو ۽ هن ڏس ۾ مان محترم
محمد عثمان ڏيپلائيءَ سان وڃي مليس.
ڏيپلائي صاحب ڪنهن به تعارف جو محتاج نه آهي. سنڌي
ادب ۾ هو تمام وڏو مقام رکي ٿو. هن جا لکيل ڪتاب
سنڌ جي ننڍي وڏي ماڻهوءَ پڙهيا آهن، پاڻ گهڻو ڪري
توحيد جو درس ڏنو اٿس ۽ ماڻهن کي اجائي پير
پرستيءَ کان پاسو ڪرڻ جي تلقين ڪندو رهيو آهي. هن
جا ڪيترائي ناول به لکيل آهن، جن ۾ ڪونه جو درس ۽
پيغام ڏنل آهي.
مان ساڻس مليس ۽ کانئس مون جيڪو پهريون سوال ڪيو،
سو هيءُ هو ته اوهان ڪهڙي جذبي تحت پير پرستيءَ
خلاف لکڻ شروع ڪيو؟
ڏيپلائي صاحب چيو ته: ”مون محسوس ڪيو ته اسان جي
سنڌ ۾ پير پرستيءَ ماڻهن کي وڏو نقصان رسايو آهي.
ماڻهو گمراهه ٿي چڪا آهن، اُن ڪري، مون پير
پرستيءَ خلاف لکڻ شروع ڪيو. شروع شروع ۾ ننڍا ننڍا
ڪتاب ڪڍيم، جن ۾ مون سچين ڪهاڻين ۽ قصن ذريعي پيرن
جي ڍونگ جو پردو چاڪ ڪيو. مون ماڻهن کي ٻڌايو ته
جيڪي به ڪري الله ڪري ڪنهن انسان کي ڪهڙي طاقت
آهي، جو هو ڪنهن کي اولاد ڏئي يا ڪنهن مرندڙ کي
ڌاڳو وٽي ڏِئي جيئرو ڪري سگهي ٿو.“
مون چيو ته: اهڙن ڪتابن لکڻ جهڙو همت ڀريو قدم
کڻي، اوهان بيشڪ وڏو ڪم ڪيو آهي. پر مان سمجهان ٿو
ته ان جي ڪري اوهان کي تڪليفون به ڏاڍيون سهڻيون
پيون هونديون. پيرن جي مخالفت سٺي هوندو، اوهان کي
ڌمڪيون مليون هونديون، ڪيترن اوهان تي حملو ڪري،
اوهان کي نقصان رسائڻ جي به ڪوشش ڪئي هوندي؟
کلي چيائين: ”منهنجو اهو ايمان آهي ته زندگي ۽ موت
الله جي هٿ ۾ آهي، سو مون کي خوف نه ٿيندو آهي.
ڪيترا خط ايندا هئا، مون کي ڌمڪيون ڏيندا هئا،
گاريون ڏيندا هئا، ڪافر سڏيندا هئا، پر مون کي
ڪنهن جي به پرواهه نه هئي، ڇاڪاڻ جو موت جو هڪ
ڏينهن مقرر آهي ۽ مان ته ائين ٿو سمجهان ته جيئن
چوندا آهن ته ڪارو نانگ وير پاري ۽ وڏو نقصان
رسائي ٿو، تيئن مون هڪ هنڌ لکيو هو ته ’ڪارو نانگ
بيشڪ خطرناڪ آهي، پر مرشد ان کان به وڌيڪ خطرناڪ
آهن، ڇاڪاڻ ته نانگ ته رڳو ڏنگي ٿو، پر هيءُ مرشد
ته انسان جي دل ۽ دماغ به مفلوج ڪريو ڇڏين‘. مون
کي جتي ڌمڪيون ۽ گاريون ملنديون هيون، اتي ڪي
تعريف به ڪندا هئا. توحيد ۾ يقين رکندڙ مجاهد
منهنجي همت افزائي ڪندا هئا ۽ اهي محسوس ڪندا هئا
ته مان هڪ سٺي ڪاز لاءِ ڪم ڪري رهيو آهيان. مزي جي
ڳالهه ته پيرن ۽ مريدن خلاف جڏهن مون لکيو ته
ڪيترن اهو به چيو ’ڏيپلائي تون فنا ٿي ويندين.
مرشد جي بددعا سان تون ڪنگال ٿي ويندين‘. مون کي
ڏاڍي کل ايندي هئي ۽ خدا تعاليٰ جي فضل سان مون
ورهين تائين ڪاميابيءَ سان پنهنجو اشاعتي ادارو
هلايو، بلڪ پنهنجي ذاتي پريس به قائم ڪري ڇڏي، پر
ڪنهن به مرشد ۾ اها طاقت نه هئي، جو هو مون کي فنا
ڪري ڇڏي، ۽ جيڪڏهن مرشدن ۾ واقعي ڪا ٿوم آهي ۽ هو
اهڙي قوت رکن ٿا ته مان جو سندن خلاف بقول سندن
باطل بڪي رهيو هوس ته مون تي به ڪو شوڪارو پڙهي
هڻن ها. بس پوءِ ته سندن راهه تان هٽي وڃان ها.“
مون چيو ته: ڏيپلائي صاحب، اوهان کي جيڪي ڌمڪين
وارا خط ملندا هئا، سي انهن مرشدن وٽان به ايندا
هئا يا رڳو سندن مريدن جو روح مجروح ٿيندو هو؟
چيائين: ”اها به ڳالهه واهه جي ڪئي اٿوَ. مزي جي
ڳالهه آهي ته اها تڪليف رڳو مُريدن کي ٿيندي هئي.
سندن مرشد ڪڏهن به مون کي برو ڀلو نه چيو، ڇاڪاڻ
ته مان ڪنهن جو به نالو وٺي نه لکندو هوس. البته
جن واقعن ۽ ڳالهين جي نشاندهي ڪندو هوس، تن کي
پڙهي هو يقيناً اهو سمجهندا هوندا ته هيءُ جيڪي
لکي ٿو، سو شخصي اسان جي خلاف نٿو لکي، پنهنجو ڪاز
سمجهي ڪم ڪري رهيو آهي، ڀلي پيو ڪري!“
ڏيپلائي صاحب کان مون وڌيڪ پڇيو ته: اوهان کي پيرن
۽ مرشدن خلاف لکڻ جو خيال ته ٿيو ۽ اوهان اهو عزم
ڪيو ته مان هنن جا پول پڌرا ڪرڻ لاءِ ڪو اشاعتي
سلسلو شروع ڪريان، پر هن سڄي ڪم لاءِ ته وڏي
سرمائي جي ضرورت هوندي آهي. ڇا اوهان سرمائيدار
هئا يا اوهان کي ڪنهن سرنديءَ واري جي پٺ هئي؟
چيائين: ”ڳالهيون نڪتيون آهن ته هيءَ مزيدار ڳالهه
به ٻڌي ڇڏيو. اوهان کي اها تمام گهڻي حيرت ٿيندي
ته مون جڏهن ڪتابن شايع ڪرڻ لاءِ اداري جو بنياد
وڌو ته مون صرف پنجاهه روپين مان ڪتاب شايع ڪرڻ
سان ڪم شروع ڪيو. ڪنهن اشاعتي اداري جو بنياد
پنجاهه روپين مان وجهڻ ۽ وري ان کي ڪنهن وڏي
اشاعتي اداري جي درجي تائين پهچائڻ ڪا معمولي
ڳالهه نه آهي. مان پيرن مرشدن خلاف لکندو هوس ته
گهڻا اهو به چوندا هئا ته اهڙي بددعا لڳندس، جو
اُسرندو به ڪونه. پر پوءِ اوهان ڏٺو هوندو ته نه
صرف مون کي سنڌ اندر وڏي مقبوليت حاصل ٿي، منهنجي
لکڻين جو قدر ڪيو ويو، بلڪ منهنجو صرف پنجاهه
روپين جي رقم مان قائم ڪيل اشاعتي ادارو سنڌ جو هڪ
وڏو اشاعتي ادارو بڻجي ويو ۽ اڄ به ’اسلامي
دارالاشاعت‘ جي نالي سان ڪم ڪري رهيو آهي. هن
اداري جي پنهنجي عاليشان پرنٽنگ پريس به آهي. مان
ڪڏهن ڪڏهن بددعا ڏيندڙن تي ڏاڍو لکندو آهيان.
چوندو آهيان ته مرشدن جي پِٽَ ته مون کي پاڻ سائو
ڪري ڇڏيو.“
ڏيپلائي صاحب چيو ته: ”سڀني پيرن، مرشدن جو ڪو هڪ
ئي ڍنگ هوندو هو ۽ نمونو سڀني جو جهڙوڪر هڪ پيو
هلي، مثال طور جيڪڏهن مان گهوٽڪيءَ جي ڪنهن مرشد
خلاف لکندو هوس ته گهوڙا ٻاڙيءَ مان مون کي ڌمڪيءَ
جو خط ملندو هو ته اوهان اسان جي پير جي خلاف لکيو
آهي. نالا ته مان ڏيندو ڪونه هوس، تنهنڪري هرڪو
پيو پاڻ ڏانهن سمجهندو هو. تنهن مان اندازو لڳايم
ته شايد سڀني جو نمونو ڪو اهو ساڳيو پيو هلي، جو
سڀڪو پاڻ ڏانهن ٿو ڀانئين!“
مون پڇيو: سائين، اوهان پنهنجن ڪتابن ۾ پيرن مرشدن
بابت جيڪي واقعا لکندا هئا، تن جي اوهان کي ڪيئن
خبر پوندي هئي؟
چيائين: ”ڪي مان ماڻهن کان ٻڌندو هوس، ڪي ته مون
ڏٺا به، سو لکي ڇڏيندو هوس، پر گهڻا ته ماڻهو به
لکي موڪليندا هئا.“
ڳالهين دوران مون ڏيپلائي صاحب کان پڇيو ته: اوهان
هيل تائين ڪل ڪيترا ڪتاب ڪڍيا آهن؟
ڏيپلائي صاحب ان جو نهايت تفصيلي جواب ڏنو ته:
”مون اوهان کي اڳ ۾ ٻڌايو آهي ته مون صرف پنجاهه
روپين سان ڪتابن شايع ڪرڻ جو ڪاروبار شروع ڪيو، ان
کان اڳ مان هڪ زميندار وٽ منشي هوندو هوس. لکڻ جو
شوق ته گهڻي وقت کان هو ۽ 1923ع ۾ منهنجو پهريون
مضمون شايع ٿيو هو. اشاعتي اداري جو بنياد ته وڌم
۽ خبر هئم ته سرمايو ضرور گهرجي، ڪا معمولي ڳالهه
ناهي، پر خدا جو شڪر آهي ته شروع شروع ۾ مون کي
ٿوري سا تڪليف ٿي، پر پوءِ ادارو پنهنجن پيرن تي
بيهندو ويو، بلڪ منهنجو گذر سفر به ان اداري تحت
ٿي رهيو.
مون هيستائين ڪل 128 ڪتاب لکيا آهن، جيڪي مون
مجاهدانه ڪارنامن بابت تاريخي واقعن تي لکيا آهن ۽
انهن واقعن کي ناول جي صورت ۾ پيش ڪيو آهي.“
ڏيپلائي صاحب وڌيڪ ٻڌايو ته: ”منهنجن ڪتابن ۽
ناولن کي تمان گهڻو پسند ڪيو ويندو هو ۽ ماڻهو هلي
اچي، سون جي تعداد ۾ خريد ڪري ويندا هئا.
منهنجو پهريون ۽ سڀ کان وڏو ڪتاب ’توحيد‘ هو، جيڪو
ماڻهن ۾ تمام گهڻو مقبول ٿيو ۽ اهو ڇهه سؤ کن صفحن
تي هو. تنهن کان پوءِ هاڻ وڏي ۾ وڏو ناول ’سانگهڙ‘
لکيو اٿم، جيڪو 650 صفحن تي آهي. ان ۾ ظاهريءَ طرح
ته حر مجاهدن جو ذڪر آهي، پر مون ان کي ’ون يونٽ‘
جي خلاف تحريڪ طور لکيو هو. پيرن مرشدن خلاف جيڪي
ڪتاب لکيم، انهن مان ڪهاڻين کي ڌار ڌار ننڍڙن
چوپڙين جي صورت ۾ به ڇپايم ته جيئن گهٽ قيمت هئڻ
سبب هر هنڌ پهچن ۽ گهڻي ۾ گهڻن ماڻهن کي فائدو رسي
سگهي. ٻن آنن يا چئن آنن کان مٿي قيمت نه رکندو
هوس. اُن جو نتيجو اهو نڪتو، جو اُهي ڪتاب گهر گهر
۾ پهچي ويا.
مون 128 ڪتابن کان علاوه 14، 15 تعليم کاتي جا
ڪتاب به لکيا آهن، جيڪي مون کي لکڻ لاءِ مليا هئا.
اهڙيءَ طرح اٽڪل 140 ڪتاب ٿين ٿا.“
مون چيو ته: تنهن جي معنيٰ ته سنڌي ادب ۾ مرزا
قليچ بيگ کان پوءِ وڌ ۾ وڌ ڪتاب لکڻ وارن ۾ اوهان
جو نالو اچي ٿو؟
ڏيپلائي صاحب ”ها“ ڪئي.
مون چيو: اوهان هفتيوار ’انسان‘ به ته ڪڍيو هو؟
ڏيپلائي صاحب چيو: ”هفتيوار ’انسان‘
جي بند ٿيڻ جو مون کي ڏاڍو ارمان آهي. مون کي
ڊڪلئريشن به ان وقت ۾ مليو هو، جڏهن ايوب خان جي
ڏينهن ۾ ڊڪلئريشن حاصل ڪرڻ وڏو معجزو سمجهيو ويندو
هو. مون کي اميد ڪانه هئي، پر ڊڪلئريشن مليو ته
مون کي ڏاڍي حيرت ٿي.“
مون چيو: اوهان اهو رسالو تمام بهترين نموني
هلائيندا هئا، ڏاڍو مقبول هو، خاص طور تي اوهان جا
ان ۾ بيباڪ آرٽيڪل، نرالا نظارا ۽ ٻي اوهان جي هر
تحرير جو ماڻهو قدر ڪندا هئا، پوءِ اهو رسالو بند
ڪيئن ٿيو؟
چيائين ته: ”انسان رسالو منهنجي ڪري نه، ان وقت جي
حڪومت جي ڏمر ڪري بند ٿيو. ڄاڻايائون ته سنڌين جي
پاس خاطري ڪري ٿو. سنڌين جي لاءِ لکي ٿو. آفيسر
غير سنڌي هئا، تن لکيو ته سنڌين کي سندن حقن لاءِ
يادگيري ڏياري ٿو. ماڻهن ۾ حڪومت خلاف بدگماني
پيدا ڪري ٿو، تنهنڪري هن کي بند ڪيو وڃي. رسالي کي
بند ڪرڻ جو جواز نه ملينِ ته بنا ڪنهن سبب ڄاڻائڻ
جي مون کي گرفتار ڪيائون. چاليهه ڏينهن جيل ۾
رکيائون ته ’انسان‘
پاڻهي بند ٿي ويو. پويان رسالو ڪير هلائي، مان جيل
۾ هوس، رسالو نڪري نه سگهيو ۽ پاڻ ئي بند ٿي ويو.“
مون چيو: هڪ ته اوهان کي بقول اوهان جي محض
’انسان‘ رسالي کي بند ڪرڻ خاطر جيل ۾ رکيو ويو، پر
اُن کان اڳ به ته اوهان کي گرفتار ڪيو ويو هو، ڇا
اهو ڪنهن پير مرشد جي دانهن تي؟
جواب ڏنائين: ”مون کي حيرت آهي ته مون کي ٽي ڀيرا
گرفتار ڪيو ويو، پر ڪوبه سبب نه ڄاڻايو ويو هو.
1953ع ۾ گرفتار ڪيائون، وري1958ع ۾ مون کي گرفتار
ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو.“
مون چيو: انسان رسالو هينئر وري نڪري ته مان
سمجهان ٿو، اڳي کان وڌيڪ هلي؟
چيائين: ”ها، هينئر جيڪر تمام گهڻو هلي، ڇاڪاڻ ته
ماڻهن وٽ پئسو به آهي ته منجهن ڪتاب ۽ رسالا پڙهڻ
جو شوق به وڌيو آهي. هينئر ماڻهن جو سياسي شعور به
وڌيو آهي. اڳ شاگرد گهڻو توجهه نه ڏيندا هئا، پر
هاڻ شاگردن ۾ اهڙن ڪتاب ڏانهن لاڙو وڌيو آهي.“
مون چيو: ڏيپلائي صاحب، اوهان پيرن مرشدن خلاف
لکيو ته اوهان کي هن ڪم ۾ ڪهڙي ڪاميابي حاصل ٿي؟
ڏيپلائي صاحب چيو: ”ڪهڙي قسم جي ڪاميابي؟ مون
ماڻهن کي مرشدن جي دولاب کان پاسو ڪرڻ جو درس ڏنو.
مان چاهيندو هوس ته ماڻهو مرشدن جي ڦندي کان
ڇوٽڪارو حاصل ڪن، نه ته اڃا به پٺتي رهجي ويندا.
مان چاهيندو هوس ته ماڻهو قرآن پاڪ پڙهن. مون کي
جتي ماڻهو گاريون لکندا هئا، اتي گهڻا خط اهڙا به
ايندا هئا، جن ۾ منهنجي هن قدم کي ساراهيو ويندو
هو. ڪي لکندا هئا ته اوهان حقيقتن تان پردو کڻي
اسان جون اکيون کولي ڇڏيون آهن، هاڻ ته مان ڪڏهن
به مرشدن جي چڪر ۾ نه ايندس، ڪي لکندا هئا ته مرشد
ٽنگ ڀڃندئي! پر ٽنگ ته ٺهيو، ڪنهن مرشد آڱوٺو به
ڪونه پٽيو.“ کلي چيائين: ”ساڳين آڱرين سان لکندو
رهيس. منهنجا ڪتاب وڏي تعداد ۾ هليا، گهڻي ۾ گهڻن
ماڻهن فيض پرايو. ڇا اها ڪاميابي وڏي ڪاميابي
ناهي؟“
مون چيو: بيشڪ اوهان سنڌي ادب جي جيڪا خدمت ڪئي
آهي، تاريخ ان کي ڪڏهن نه وساريندي. اوهان جي قلم
۾ هڪ عجيب اثر آهي. اوهان جهڙي تحرير هر ڪنهن جي
وس جي ڳالهه ناهي.
مون چيو: ڏيپلائي صاحب! اڳ ٻڌو هئوسين ته اوهان جي
لکيل تاريخي ناول ’سانگهڙ‘ تي فلم ٺهڻ واري آهي،
ان جو ڇا ٿيو؟
چيائين: ”هڪ ٻن ڊائريڪٽرن اهڙو ارادو ڏيکاريو هو،
پر ساڳئي وقت اهو به چيائون ته: وڏي خرچ واري
ٿيندي. تنهن کان پوءِ ڇا ٿيو، تنهن جي ڪابه خبر نه
آهي.“
مون چيو: ڏيپلائي صاحب! منهنجي تازو فلم ڊائريڪٽر
اي. ڪيو. پيرزادي سان ملاقات ٿي هئي. مون ساڻس
اوهان جي ’سانگهڙ‘ ناول جو ذڪر ڪيو ته چيو هئائين
ته: ”اها هڪ بهترين سنڌي فلم ٿي سگهي ٿي، پر فلم
ٺاهڻ جي اجازت نه ملي سگهي آهي. زندگي آهي ته مان
ان تي ضرور سنڌي فلم ٺاهيندس.“
آخر ۾ مون ڏيپلائي صاحب کي چيو ته اوهان جا ڪيترا
ڪتاب ته مون وٽ آهن، پر ڪي موجود نه آهن، ڀلائي
ڪري مون کي ڏيو ته جيئن مون وٽ اوهان جي ڪتاب جو
سيٽ مڪمل ٿي وڃي.
چيائين: ”اوهان وٽ جيترا منهنجا ڪتاب هوندا، اوترا
ته مون وٽ به نه آهن. اوهان کي حيرت ٿيندي ته
منهنجا لکيل ڪتاب خود مون وٽ موجود نه آهن.“ مون
کي اِن ڳالهه تي واقعي حيرت ٿي.
ڏيپلائي صاحب سان هن ڪچهريءَ ۾ مون سنڌي ادب ۾
سندن خدمتن تي تفصيلي گفتگو ڪئي ۽ هن صاحب سنڌي
ادب ۾ موجوده لاڙن تي تفصيلي روشني وڌي، جيڪو هڪ
جدا موضوع آهي، جنهن تي ڪنهن فرصت ۾ لکبو.
ڏيپلائي صاحب سنڌي ادب ۾ هڪ وڏو مقام رکي ٿو. سندس
ادبي خدمتن جو اعتراف هر ننڍو ۽ وڏو ڪندو آهي.
اسان جڏهن ننڍا هوندا هئاسين، تڏهن کان ڏيپلائي
صاحب جي تحريرن کي پڙهندا پيا اچون. اهڙيءَ طرح
ڏيپلائي صاحب جي تحرير ڪيترن لکندڙن جي رهنمائي
ڪئي آهي.
ڏيپلائي صاحب انهن شخصيتن مان آهي، جيڪي حق جو
آواز بڻجن ٿا، جيڪي ظلم ۽ ڏاڍ خلاف سينو ساهڻ
پنهنجو فرض سمجهن ٿا. هو پنهنجي قلم جي چهنب کان
تلوار جو ڪم وٺن ٿا. هنن جي قلم مان نڪتل هڪ هڪ
لفظ ڏاڍ ۽ ڏمر جي ديوار ۾ ڏارَ وجهيو ڇڏي. جيئن
سندس تحرير ماڻهن جي دلين تي نقش ٿيو وڃي، تيئن
منهنجي دل ۽ دماغ تي اهڙيءَ طرح نقش ٿي وئي آهي،
مون کي ورهين تائين ساڻس، اهڙي ٻيءَ ملاقات جي
جستجو رهندي.
(’روزانه هلال پاڪستان‘، ڪراچي 7- ڊسمبر 1975ع)
ننڍڙو ماڻهو- ننڍڙيون ڳالهيون
(1)
13-جون
سنه 1908ع صبح جو آءٌ ڳوٺ ڏيپلي جي هڪ غريب گهر ۾
ڄائس. جيئن ته منهنجون ان کان اڳ پنج ڀيڻون لڳو لڳ
ڄايون هيون، انڪري منهنجي پوڙهي ڏاڏي خوشيءَ کان
اهڙي بيتاب ٿي وئي، جو دانهون ڪري چوڻ لڳي ته:
”حبيب جي زال جو مون کي نالو ٻڌايو ته مبارڪون
ڏيانس!“
ڏيپلو، سنڌ جي ڏکڻ ۾ ٿر جو هڪ ڳوٺ آهي، جنهن جي
الهندي پاسي واري ڀٽ جي چوٽيءَ تي بيهجي ٿو ته ڪڇ
جي ڪاري ڏونگر جي چوٽي پيئي ڏسبي آهي.
هن کان پنج ميل ڏکڻ ’سارڻ‘ نالي سن
(لوڻ کاڻ) آهي، جنهن ۾ بلامبالغه ايترو گهڻو لوڻ
آهي، جو سڄي عمر پيو کوٽجي ته به نه کٽي، ڇو ته
ڪيترو به پيو کوٽبو آهي، ته به هڪڙي مينهن
(وسڪاري) پوڻ سان ئي اها کڏ وري لوڻ سان ڀرجي
ويندي هئي. هي لوڻ تمام عمدو آهي ۽ ڪراچيءَ جي لوڻ
کان سٺو آهي. ڏيپلي تعلقي خواهه مٺي تعلقي ۾ اهڙا
’سن‘ ٻيا به سوين آهن، پر گهڻن ۾ ته لوڻ ڪچو آهي،
ڪن ٿورن ۾ پڪو آهي ۽ انهن مان سارڻ جو تمام سٺو
آهي.
غريب هجي يا تونگر، مگر پُٽ جي سڪ سڀني کي رهي ٿي،
سو منهنجي ماءُ به هر هنڌ دعا گهرندي هئي ۽ باسون
باسيندي هئي. ان وقت ڏيپلي ۾ عاشورا وڏي طمطراق
سان ٿيندا هئا. جيئن ته عورتن ۾ پردو ڪونه هو،
انڪري عورتون به پِٽڻ (ماتم ڪرڻ) اينديون هيون ۽
وري انهن جي پِٽڻ جي زمين تپي نه وڃي، انڪري ٻيون
عورتون ۽ ڇوڪريون اتي پاڻي هارينديون هيون. منهنجي
ڀينرن به ٻين کي ڏسي اتي باس باسي هئي، ته ’امام
سڳورا! اسان کي ڀاءُ ڏي ته اسين هتي پاڻي
هارينديون سين‘. پوءِ پاڻ ته پاڻي هارينديون هيون،
پر جڏهن آءٌ ٿورو وڏو ٿيس ته مون کان به پاڻي
هارائينديون هيون ۽ مون کان ٻه ورهيه پوءِ منهنجو
ٻيو ڀاءُ هارون ڄائو، ان جي وڏي ٿيڻ تي، ان کان به
پاڻي هارائينديون هيون. (اهو اٺن سالن جي عمر ۾
وفات ڪري ويو.)
هڪ دفعو ڳوٺ ۾ هڪ سامي آيو، جنهن جي هٿ ڏسڻ جي علم
جي هاڪ هئي. منهنجي ماءُ ان کي هٿ ڏيکاريو. ان چيو
ته توکي پٽ لکيل ئي ڪونهي. وري روئي منهنجي پيءُ
کي چيائين: تون هٿ ڏيکاري اچ، منهنجو پيءُ اگرچه
پير صاحب پاڳاري جو مريد هو، پر گهڻو وهم پرست
ڪونه هو، تنهن هٿ ڏيکارڻ کان سواءِ اچي چيو ته
’ساميءَ چيو توکي ٻه پٽ لکيل آهن.‘
پيرپاڳاري صاحب جا مريد ٻارهن تڪن ۾ ورهايل هئا ۽
هر تڪ جو خليفو به پنهنجي سر اولياءُ هوندو هو.
اسان جي تڪ جو خليفو محمود شاهه ڳوٺ ٻورلي تعلقي
مٺيءَ ۾ رهندو هو. آخر منهنجي ماءُ ۽ پيءُ ويا
اُتي سوالي، حالانڪ آءٌ ته اُن وقت ٽيون مهينو پيٽ
۾ هوس، پر جڏهن ڇهن مهينن بعد آءٌ ڄائس، تڏهن ان
کي به شاهه صاحب جي ڪرامت سمجهيو ويو، ۽ جڏهن پنجن
سالن بعد پير صاحب پاڳارو ٻورليءَ آيو، تڏهن
منهنجا ماءُ پيءُ اسان ٻن ڀائرن کي به اتي وٺي
آيا. پوءِ جڏهن ٻيو ڀاءُ وفات ڪري ويو، ان بعد،
مون کي هڪ دفعو وٺي اتي ويا.
وقت گذرندي ويرم ڪونه ٿو ڪري، اڃا ڪالهوڻي ڪالهه
آهي، يعني اهو ئي 67 ورهيه اڳ، يادگيري اٿم ته
ڏيپلي ۾ پئي ويا ۽ بابو مون کي ڪلهي تي چاڙهي، گهر
جي ٻين ڀاتين سان گڏ ٻه ميل پري ٻاهراڙيءَ جي
ڳوٺڙي ’سڀڙي‘ ڏانهن پئي ويو. اتي جي گهڻي ڪيفيت
ياد نه اٿم. البت ايترو ياد اٿم ته ان وقت ايڏو ته
ڏڪار هو، جو اسين اتي رَٻ پيئندا هئاسون ۽ ٿورا ڪي
تمام سکيا ماڻهو ماني کائيندا هئا.
ياد اٿم، ته چئن پنجن سالن جي عمر ۾ منهنجي ڇهون
درجون پڙهندڙ سوٽ، مرحوم محمد سومار سان گڏ انهيءَ
پراڻي اسڪول ۾ پيو ويندو هوس، جتي پوءِ پهريائين
اسپتال ٺهي ۽ پوءِ بورڊنگ هائوس ۽ هاڻ يونين
ڪائونسل ۽ بجلي گهر آهي.
پنجن سالن جي عمر ۾ انهيءَ اسڪول ۾ وڃي ٻاراڻو
ڪلاس پڙهڻ لڳس، جو اڄ به ماشاءَ الله ساڳيءَ طرح
قائم آهي ۽ منجهس اڃا به ڪو اضافو ڪونه ٿيو آهي،
البت شهر جي مختلف پاڙن ۾ اُن جون برانچون ضرور
قائم ٿيون آهن.
پهريون استاد ته ماستر عبدالله مرحوم هو، جو
ٻاراڻي سان گڏ پنجون به پڙهائيندو هو ۽ مرحوم محمد
سومار ڪليڪٽر به ساڳئي ڪلاس ۾ پنجون پڙهندو هو؛ پر
اڳتي هلي جن استادن سان واسطو پيو، تن مان نهايت
ڳري هٿ وارو استاد پونم چند، ٻئي نمبر هٿ ۽
هارمونيم وارو ماستر رامجي مل، پورن تي ڪڏهن ڪڏهن
مار ڏيندڙ ماستر حاجي ابو طالب، وڏي علم ۽ مطالعي
وارو صوفي ماستر مرحوم عبدالرحيم، جو پورن تي مار
به ڏيندو هو ۽ پورن تي مهينو مهينو پهريون نمبر به
ڏيندو هو، نهايت سٺو پڙهائيندڙ ۽ مار ڏيئي وري
لطيفا ٻڌائي کلائيندڙ ماستر پيرمحمد، آريا سماج جو
پرزور مبلغ ماستر هيمراج ۽ آريا سماجي هوندي به
قرآن شريف جا رڪارڊ نهايت چاهه سان ٻڌندڙ ماستر
مولشنڪر وغيره وغيره پيا ياد پوندا آهن ۽ سائين
حاجي ابوطالب، ڊاڪٽر حاجي محمد صالح جي والد سان
ته سدائين پئي ملاقات ٿيندي آهي.
علم ۾ ريس ڏياريندڙ بلڪ پيروي ڪرائيندڙ دوست هو
قاضي حاجي علي محمد، جو اسان ٻنهي مان هڪ ئي پيو
پهريون نمبر کڻندو هو، هڪ ئي نموني جا ڪتابن ۽
اخبارن پڙهڻ جا شوق رکندا هئاسون ۽ آخر ته ڪلاسن ۾
ويهندي به هڪ ٻين کي ’روح راحت‘ ۽ ’فرحت آثار‘
نالي هفتيوار دستي اخبارون به ڪڍي پيا موڪليندا
هئاسون.
هن جو والد صاحب سندس ننڍي عمر ۾ وفات ڪري ويو، ان
ڪري مائٽن جو وڌيڪ قرب هجڻ سبب، هو سنڌي چار درجا
پاس ڪرڻ بعد انگريزي پڙهڻ لاءِ ويهه ميل پري مٺي
شهر جي اي. وي اسڪول ۾ وڃي نه سگهيو ۽ مون کي وري
مائٽ پنجن ڀيڻن تان ڄميل هڪڙي ڀاءُ هجڻ سبب مٺيءَ
موڪلي نه سگهيا، ان طرح اسين انگريزي پڙهي نه
سگهياسون. (اگرچه مون ته 60 ورهيه جي عمر ۾ نيٺ
مئٽرڪ اچي پاس ڪيو ۽ قاضي صاحب پنهنجي گوناگون
واپاري زمينداري مشغولين سبب سبب ائين ڪري نه
سگهيو) مگر دوستيءَ جي ريس جي حالت اها هئي، جو
ٻارهن ورهين بعد واندي هجڻ بعد بعد پارسي پڙهڻ
لڳو، ته مون به پارسي پڙهي ۽ ڪجهه عربي پڙهياسين.
واندي رهڻ جو سبب اهو هو ته ان وقت بدقسمتيءَ سان
15 ورهين جي عمر ٿيڻ کان اڳ فائنل جو امتحان ڏئي
نه سگهبو هو. خوش قسمت ڏڏن کي اجازت هئي ته ڇهين
درجي مسلسل ناپاس ٿيڻ سبب ٻه سال وڌيڪ به اسڪول ۾
پڙهي ٿي سگهيا، پر اسين جي ان وقت جا صاحبن جي
خيال موجب بدقسمتيءَ سال 12 ورهين جي عمر ۾ پهرين
نمبرن ۾ ڇهون درجو پاس ڪري چڪا هئاسون، تن کي وڌيڪ
ڪلاسن ۾ ويهڻ جي ته ٺهيو، پر لائبريريءَ مان ڪتاب
کڻي پڙهڻ جي اجازت به ڏاڍي ڏکي ملندي هئي
هڪ سال پارسي پڙهڻ بعد پيءُ سان گڏ ٻهراڙيءَ ۾
ٻنين ۽ واپار لاءِ وڃڻ پئي ٿيو، پر انهيءَ وچ ۾
ٿوري گجراتي، هندي، انگريزي، گرمگي وغيره به
پڙهندو رهيس ۽ اردوءَ تي به چڱو عبور حاصل ٿي ويو.
ٿر کي ڏڪارَ ڇڏينِ ڪونه، ڏڪار پوڻ تي شاهوڪارن جو
ڌنڌو ته مورڳو زور سان کُلندو آهي، خاص ڪري مئل
ڍورن جي هڏن ۽ کلن جو، مهانگي لاءِ ميڙيل اَن کي
پنجن مان پندرهن ڪرڻ جو، پر غريب واپارين لاءِ ته
انهيءَ کان علاوه ٻيو ڪوبه چارو نه رهندو آهي ته
ڀر وارن شاداب تعلقن عمرڪوٽ، ڊگهڙي، ٽنڊي باگي ۽
بدين طرف وڃي ٻهراڙين ۾ واپار ڪن. اسين به غريب
هئاسون، ان ڪري ڪنهن سڃاڻپ سبب وڃي، تعلقي ٽنڊي
باگي جي هڪ ٻن ڳوٺن ۾ واپار ڪرڻ لڳاسون. 18 ورهين
جي عمر (1925ع) ۾ منهنجي شادي ٿي ۽ ڪجهه عرصي بعد
وري به ٿر ۾ ڏڪار پيو ۽ وري تعلقي ٽنڊي باگي ۾ جتي
واپار ڪندا هئاسون، اتي ٻوڏ جهڙا مينهن پيا، ان
ڪري مون کي بهرحال مجبور ٿي نوڪريءَ جو خيال ڪرڻو
پيو. آءٌ سنڌي فائنل ته پاس هوس ڪونه، انڪري
سرڪاري نوڪريءَ جو سوال ئي ڪونه پيدا ٿيو، پر
انهيءَ هوندي به هڪڙيءَ ميونسپالٽيءَ جي ناڪي
منشيءَ جي گهرج جو اشتهار ’الوحيد‘ اخبار ۾ ڏسي
کڻي راند طور درخواست ڪيم، حالانڪ اهو شهر ڏيپلي
کان ڪافي پري هو ۽ آءٌ فائنل پاس ڪونه هئس، پر
چيئرمئن صاحب کي منهنجا اکر اهڙا ته وڻيا، جو يڪدم
کڻي آرڊر ڏنائين.
ٺهي سنبري ويس اتي، واقفيت ته فقط اتي رهندڙ هڪ
پير صاحب سان هئي، سا به اڻ ڏٺي. وڃي وٽس لٿس،
پير صاحب حال احوال ورتا ۽ يڪدم چيائين، ”هيءَ
نوڪري توجهڙي مومن صفت جي وس جي حاجت ناهي، هتي جا
ميمبر ايڏا ته ’بدمعاش‘ آهن، جو پاڻ ۾ وڙهڻ سبب
ناڪي منشي به ٻاهران پيا گهرائينِ، سو تون ڀلا هنن
سان ڪيئن منهنجو ڏئي سگهندين!“
ڏاڍو وسو ٿي ويس. پاڻ منهنجي حالت ڏسي چيائين:
”هتي پگهار 18 روپيا آهي، تون ويهه روپيا پگهار
سان وڃ منهنجي مريد وڏيري فلاڻي وٽ، هيءَ منهنجي
چٺي وڃي ڏينس! (ان وقت ڪڻڪ ٻه روپيا مڻ هئي.)“
ٻيو ڪو چارو نه ڏسي لاچار اوڏانهن ويس، پر وڏيري
صاحب کي اهو گمان ٿيو، ته هن پاڻ وڃي پير صاحب کي
ستائي چٺي ورتي آهي، سو باوجود اڻ پڙهيل هجڻ جي به
درخواست لکائي، ان کي ڏسي چوڻ لڳو: ”اکر سٺا نه
آهن، ڏهه روپيا پگهار ڏينداسون، وڻيئي ترس، وڻيئي
واپس وڃ.“ (حالانڪ اڳتي هلي اهڙن ساڳين اکرن کي
پاڻ ’بنهه سٺا‘ به چيو هئائين) هاڻي آءٌ ڪريان سو
ڪريان ڇا، حيدرآباد مان ايندي بي فڪريءَ سان
ضروريات ورتم ۽ ڀاڙي کان وڌيڪ پئسا، سڀ کپائي
ڇڏيم، وري اها خبر به ڪانه رهي ته ميونسپالٽيءَ جي
جاءِ به اڃا خالي آهي يا نه، ان ڪري لاچار کڻي اها
قبول ڪيم ۽ پير صاحب کي احوال ڏنم. پر پير صاحب
ڪوبه جواب ڪونه ڏنو، نڪي ان کان ٻه مهينا کن پوءِ
اتي آيو، تڏهين به نه انهيءَ بابت ڪا ڳالهه
چوريائين، نڪي چورڻ تي ٻُڌڻ پسند ڪيائين.
وڏيري صاحب وٽ مون سوا چار مهينا گذاريا، هن ڪري،
جو باوجود سخت ڪوشش جي به، انهيءَ وچ ۾ ڳوٺ وڃڻ جي
موڪل نه ڏنائين. اتي جا خواه سڄيءَ زندگيءَ ۾ ٿيل
خاص ۽ مزيدار واقعا ته آءٌ پنهنجن مشاهدن ۾ لکندس.
پر وڏيري صاحب جڏهن محسوس ڪيو ته سندس ٻين سڀني
منشين کان آءٌ وڌيڪ علم وارو ۽ سندس خيال موجب وڌڪ
ايماندار آهيان؛ تڏهن قدردانيءَ جو ارادو ڪيائين.
پر هڪدم من وڌائڻ به وڏيرا شاهيءَ جي اصولن خلاف
آهي، اُن ڪري هن سوا چئن مهينن تائين ته پگهار
ڪونه وڌايو، پر وڃڻ وقت چيائين: ”هاڻ تنهنجو پگهار
پندرهن روپيا، پر واپس ضرور اچج.“
الائجي ڪهڙي خيال کان، وڃڻ وقت مون هڪ خط پير صاحب
کي به لکي ڇڏيو هو، پر پوءِ معلوم ٿيو ته پيرصاحب
جي هڪڙي ٻئي خاص مريد، جو مٿس ماڻهو ڏيارڻ جو بار
رکيو هو ۽ هن افسوس مان چيو هئس ته ماڻهو ته ڏاڍو
سٺو هٿ آيو هو، پر في الحال هٿان نڪري ويو آهي،
تون فڪر نه ڪر، اميد ته تمام جلد اهو توکي
ڏياريندس. سو منهنجي خط پهچڻ وقت جو اتفاق سان اهو
صاحب به اتي ويٺل هو، تنهن کي مبارڪ ڏئي چيائين ته
ماڻهو ملي ويو. پوءِ ٻنهي گڏجي خط لکيو، ته ويهه
روپيا پگهار، سال ۾ ٻه وڳا ڪپڙن جا ۽ ٻن دفعن جي
موڪل تي وڃڻ جو ڀاڙو، پگهار مقرر ڪجي ٿو، تون اچي
هتي نوڪريءَ تي چڙهه، ماني ۽ رهائش ته زميندارن ۾
از خود مفت ملندي آهي.
اهو خط ملڻ تي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ ٻه هفتا ڳوٺ رهي،
اوڏانهن هليو ويس. هو صاحب به منهنجي اچڻ تي ڏاڍو
خوش ٿيو، اتي جا خاص واقعا به مشاهدن جي صورت ۾
جدا لکندس.
معلوم ٿيو ته پهرئين وڏيري صاحب کي منهنجي وري نه
اچڻ تي سخت غصو آيو هو ۽ پوءِ ڪاوڙ مان الائجي ڇا
جو ڇا پيو ڳالهائيندو هو، پر عجب جهڙي ڳالهه، جو
ترت ئي نه فقط هو وفات ڪري ويو، پر ان بعد آءٌ جن
ٻن ٻين زميندارن وٽ رهيس، اهي به منهنجي وٽانئن
ڇڏڻ کان پوءِ سال سال اندر وفات ڪندا ويا.
آءٌ ڳوٺن ۽ زميندارن جا نالا ڄاڻي ٻجهي ڪونه ٿو
لکان، ڇو ته انهن ڳوٺن ۽ ڀرپاسي ٿيل دلچسپ واقعن
جا تذڪرا آءٌ ’مشاهدات‘ ۾ ڪندس، متان هنڌن جي
ڳالهه کلي پوي، ۽ انهن کي ڏُکي لڳي.
(2)
آءٌ هن زميندار وٽ ڇهه سال رهيس. ڪم جو ايڏو
قدردان، جو ’انجڻ‘ جو لقب ڏنائين. اعتماد جي اها
صورتحال، جو سندس بيگم جي خاص ڪمري جي ڪُنجي به
ٻاهر وڃڻ جي صورت ۾ مون وٽ رهندي هئي. ڇهن سالن ۾
جيڪو پگهار ڏنائين، سو مون هڪڙي ئي اهڙي ڪارنامي ۾
وصول ڪري ڏنو، جنهن سان منهنجو ڪوبه واسطو ڪو نه
هو. پر انهن سڀني ڳالهين هوندي به هن فقط هڪ دفعو
پنج روپيا پگهار وڌايو، ٻيو ٿيو ڀلو. لاچار ڪنهن
ٻئي زميندار وٽ کسڪي ويس، جو اگرچ نهايت سخت هو،
پر پگهار وڌائڻ جو ڪشاده دل. آءٌ هن وٽ ويهه ورهيه
رهيس ۽ پڇاڙيءَ ۾ پگهار وڃي پنج سؤ تي پهتو. اها
عجيب ڳالهه هئي، جو ان وٽ به مون هڪڙو ئي اهڙو
ڪارنامو ڪري ڏيکاريو، جو مون لاءِ لازم ڪونه هو،
پر هن کي سمورو پگهار وصول ٿي ويو. سندس فل ڊيوٽي
ڏيندي به مون سندس ئي نوڪري ڪندي سؤ کن ڪتاب ٺاهيا
۽ ڇپايا. هن ڪڏهن به منع ڪانه ڪئي، پر من وڌائڻ به
سندس اصول جي خلاف هو.
هر هنڌ مون هارين سان ظلم، ڪامورن جون رسايون،
بيڌڙڪ عيش ۽ ڪنوارين جا ولر ڏٺا. وڏن پهرن، اوچتين
چڪاسن ۽ دهشت دهمانن هوندي به فطري تقاضائن کي
سرنگهون هڻندي ڏٺم.
اها عجيب ڳالهه هئي، جو مون جنهن به زميندار کي
ڇڏيو، سو ٿوري وقت اندر ’انالله‘ ئي ٿي ويو ۽ مون
سان سٺو سلوڪ رکڻ لاءِ پونين کي پارتون ڪندو ويو.
اڄ تائين هنن وٽ مون لاءِ نيڪنامي آهي ۽ مون کي به
هنن لاءِ عزت. ٽيهه ورهيه مختلف صورتن ۾ هنن سان
وابسته هوندي به آءٌ هٿين خالي رهيس، نه ته عام
طرح اهڙن ڍنگن وٽ رهندي ماڻهو ملڪيتون ٺاهي ويندا
هئا، پر مون انهن ته ڇا، پر عاليشان پريس، ماهوار،
هفتيوار ۽ روزانين اخبارن هوندي به ڪا ڪمائي ڪانه
ڪئي، سواءِ نيڪناميءَ جي- ۽ اها ئي ڳالهه ميمڻڪي
اصول جي سخت خلاف هئي، ان ڪري ويجهن عزيزن لاءِ
حقارت جو باعث؛ مگر ٻيون جيڪي خدا پاڪ مون تي
نوازشون ڪيون، تن لاءِ آءٌ فخرمند ۽ هو حيران، ڇو
ته سندن نظر ۾ گهڻو پئسو ئي وڏي ۾ وڏي نعمت آهي،
چاهي موٽ ۾ پڇاڙي ڪهڙي به ڪِني ٿئي.
انهن سٺ پنجهٺ ورهين جا ڏٺل عبرتناڪ واقعا، سواءِ
ڪنهن کي بدنام ڪرڻ جي آءٌ افسانوي رنگ ۾ بيان ڪندو
رهندو آهيان ۽ ڪندو رهندس، چاهي ڪنهن کي به ناگوار
لڳن، پر نڪي ڪڇندا، نڪي پڇندا، پر اندر ۾ پيا
لڇندا ۽ ڪي ته کلندا به. هو چوندا آهن ته هن ملنگ
مڙس کي اسان سان نڪي ذاتي وير آهي، نه ڪنهن مطالف
جو هٿيو بنجي لکي ٿو. هن جي اصولن منجهه جيڪو به
ايندو آهي، ان کي لُڻي رکندو آهي، پوءِ چاهي ڪو
سندس ويجهو عزيز ڇو نه هجي.
(3)
قوت اراديءَ جا ڪرشما
آءٌ 1992ع ۾ لاڙ ۽ پوءِ ناري آيس. ٿر ۾ ماڻهو گهرن
۾ ڪتا رکن ڪونه، پر هتي ضروري آهن. مون کي هڪ ڏاهي
ڏس ڏنو ته جيڪڏهن همت رکي ڪُتي ڏانهن نه نهاربو،
نڪي ڳالهائبو ته ڪتو ڪجهه به نه ڪندو. مون ڪافي
هنڌن انهيءَ تي عمل ڪيو ۽ مون کي خونخوار ڪتن به
ڪجهه نه ڪيو. زميندارن وٽ هارين سان، مار واڙ طرف
فسادين سان ۽ پنهنجن ڪن اڙانگن عزيزن سان حق تي
هوندي، مون اهو تجربو ڪيو ۽ هر هنڌ ڪامياب رهيس.
مون اسلامي تاريخي ڪتابن جو سلسلو جاري ڪرڻ جو پڪو
ارادو ڪيو. موڙي فقط پنجاهه روپيا ۽ کوليم
’اسلاميه درالاشاعت‘، جنهن 133 ڪتاب، رسالا،
اخبارون ۽ قرآن شريف ڪڍيا، اڃا به هلي پئي، 42
ورهيه ٿيا آهن، کيس پنهنجي پريس به آهي.
مون کي عمر ڪوٽ ۾ خان صاحب عطا محمد پليءَ جي
اوطاق ۾ منٺار فقير جي پوٽي ٿاڌل جو گلاس موڪليو،
جو مون پيتو. اڌ ڪلاڪ بعد پڇيائين: ڪو مزو آيو.
مون چيو ڪهڙو؟ چيائين: هن ۾ ڀنگ هئي. مون چيو مون
کي ڪا خبر ڪانهي. وري رٽز هوٽل ۾ شيخ اياز مون مون
کي جنجر جو گلاس ڏنو، مون پيتو ۽ ڪلاڪ کن پوءِ به
وٽس هئس. حيران ٿي مون کان پڇيائين: تو کي نشو
ڪونه ٿيو؟. چيم جنجر ڪهڙو نشو ڪندي. کلي چيائين:
”جنجر ته ڪانه هئي. پر حيرت آهي.“ ان کان پوءِ مون
کي پڪ ٿي ته جيڪڏهن نشي لاءِ پاڻ کي اڳواٽ تيار نه
ڪبو ته نشو ڪونه ٿيندو. پوءِ هڪ دفعو رئيس ڪريم
بخش نظاماڻيءَ سان گڏ چانڊوڪيءَ ۾ ڪلاڪ کن ٻيڙيءَ
جو سفر ڪيوسون. شيخ اياز شراب ۾ چار حصا پاڻي
ملائي، مون کي چيو: ’اچي‘. مون چيو ”ڀلي اچي. توکي
ته خبر آهي، مون کي نشو نه ٿيندو.“ چيائين ”اهو
پيئڻ ٻيو هو، هيءُ شراب آهي“. مون چيو: ”مون کي
نشو نه ٿيندو.“ مون گلاس پيتو، نشو نه ٿيو. اڌ
ڪلاڪ بعد وري ٽي حصا پاڻي وجهي ڏنائين، نشو نه
ٿيو. آياسون اوطاق تي اتي وري ٻه حصا پاڻي ملائي
ڏنائين، مون کي نشو نه ٿيو. وري اڌو اڌ پاڻي ملائي
ڏنائين، پر مون کي نشو ڪونه ٿيو. انهيءَ تي خارن
مان بنا پاڻيءَ ڏنائين، مون کي نشو ته ڪونه ٿيو،
پر الٽي زوردار آئي ۽ شراب سڀ نڪري ويو. ڪجهه دير
بعد ٿوري ماني کائي سمهي رهيس. صبح جو اٿي غسل ڪري
نماز پڙهي ڀرپور نيرن ڪري، منهنجي پٽ عبدالرحمان
سان گڏ واپس روانو ٿيس، جو سموري سفر ۾ مون سان گڏ
هو. مون وري ڪڏهن شراب نه چکيو، پر مون کي يقين
آهي ته جنهن کي پڪ آهي ته مون کي نشو نه ٿيندو، ان
کي ٿيندو به ڪونه آهي.
4
تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه ...........
عمر اچي ستر سالن کي پهتي، پوري سال کان هلڪي فالج
۽ بلڊ پريشر جي بيمارين ۾ مبتلا آهيان، اهو گويا
نوٽيس آهي ته ’هاڻ ٽپڙ سنوار‘. درحقيقت نبوي عمر
ته 63 ورهيه آهي، باقي وڌيڪ جيڪا ٿي ملي، ساڄڻ
گريس (انعام) آهي: ’تون انهيءَ گريس کي سجايو ڪر.‘
چاليهه ورهيه ٿيا، جو پهريون ڪتاب ڪڍيم ۽ جڏهن ڏهن
ورهين جون ڪوششون ڪامياب ٿيون، ملڪ آزاد ٿيو، تڏهن
ڏاڍي خوشي ٿي ۽ هاڻ قوم کي سڌارڻ جو جدوجهد کي تيز
ڪيم. پر انسانيت جي دشمنن کي اهي ڪوششون نه آئڙيون
۽ بنا ڪنهن ڏوهه جي کڻي ٽيپ ۾ وڌائون. ننڍڙا ٻچڙا،
ملڪيت ڪانه، مگر ڪم ڪريم تي رکي، اهو وقت به سجايو
گذاريم، ۽ اتان ئي ’رساله انسان‘ جي جاري ڪرڻ جي
اڻ ٿيڻي اسڪيم کڻي آيس، پر ٻاهر نڪرڻ تي ڪن
انسانيت جي خيرخواهه نوجوانن ۽ بزرگن ’انسان‘
رسالي جاري ڪرڻ جي اجازت اهڙيءَ طرح ڏني، جو
انسانيت جي دشمنن جا طاق لڳي ويا، ۽ وري اهو پرچو
ننڍپڻ ۾ ئي ستين جي پچايل نونهال محمدعليءَ جي
همراهيءَ سان ايڏو ته سٺو نڪتو، جو اڄ به همراهه
انهن پراڻن پرچن کي ساهه سان سانڍين پيا. سندس
اشاعت جي انگ ۽ اثر وري به انسانيت جي دشمنن جا
وائيسر ڦيرائي ڇڏيا.
هنن کيس بند ڪرڻ لاءِ ٻيو ڪو چارو نه ڏٺو، سو مون
تي هڪ ڪوڙو ڪيس دائر ڪري بلڪل بيقاعدي چاليهه
ڏينهن ’سي ڪلاس‘ ۾ بند ڪيو ۽ ان طرح پرچو بند
ڪرائي، پوءِ به سڄا سارا چار سال ڦلهير ۾ ڦوڪون
ڏيڻ وانگر اهو بيجان مقدمو پئي گهليائون، جنهن کي
مرحوم ميان محمد ميمڻ وڪيل جي بنا فيءَ پيرويءَ
ڦوڪڻي وانگر ڦاڙي ڇڏيو. مگر سي ڪلاس جا چاليهه
ڏينهن به مون سجايا ڪيا ۽ قوم کي ’سانگهڙ‘ (ناول)
جهڙو تحفو پيش ڪيم. انهن ڏينهن ۾ عاليجناب پير
حسام الدين راشديءَ سان ملاقات ٿي. دشمن نهاريندو
آهي پيرن ڏي ۽ سڄڻ منهن ڏي. پير صاحب منهن ملول
ڏسي يڪدم پڇيو: ”ميان! خير ته آهي؟“ مون جواب ڏنو:
”آهي ته مڙيئي خير“. چيائين، ”پوءِ منهن ملول ڇو؟“
جواب ڏنم: ”ڪيس جي شنوائيءَ تان پيو اچان“.
پڇيائين: ”ڪيترا ڪيس آهن؟ ” جواب ڏنم: ”هڪڙو“.
”وڪيل جو خرچ ڇا آهي؟“
”وڪيل تمام سچو سڄڻ مفت پيروي ڪندر آهي.“ چيائين:
”پوءِ ڇا آهي، ميان! مون ۽ منهنجي ڀاءُ علي محمد
تي مختلف ضلعن ۾ ٻاونجاهه ڪيس هئا، پر اهو وقت به
گذري ويو.“ چيم: ”ڌنڌا تباهه، ڪاروبار جي حالت
خراب.“ پڇيائين: ”ڪڏهين فاقن جي نوبت به آئي آهي؟“
چيم: ”الحمدلله فاقي کان الله سائينءَ پناهه ڏني
آهي،“ ”پريس هلي پيئي؟“ جواب: ”رڙهي پيئي.“
چيائين: ”پوءِ ڪهڙو فڪر آهي؟“، ”ميان! اسان وٽ
ڀاڙو به ڪونه هوندو هو ۽ ٽي ٽي اچي پڪڙيندو هو.
بسترو نه هوندو هو ۽ سِر سيراندي ڪري سمهندا
هئاسون. تنهنجي پريس چالو آهي، ڪيس هڪ، سو به
ڦوڪڻي وانگر ڦاٽي پوندو، تون لکڻ ڇاپڻ کي بند نه
ڪر، الله مالڪ آهي، پيو هلائيندو.“
ڪيس ترت لهي ويو ۽ اڃا هڪ ڪتابڙو ’بقول اياز‘ مس
ڪڍيم، ته مٿان وري ڪتابن جي گودام تي حملو ڪري
سمورو لٽي ويا ۽ اهڙي حالت بڻايائون، جو وري ڪجهه
اشاعت جي طاقت نه رهي. پر انهيءَ حال سان به
جدوجهد جاري رهي، تان جو ’سنڌ ٽائيمس‘ ڪڍڻ ۾
ڪامياب ٿي ويس ۽ نهايت بي سرو سامانيءَ سان به ان
کي ايڏيءَ ڪاميابيءَ سان هلايم، جو انسانيت جي
دشمنن جا اوساڻ اهڙا خطا ٿيا، جو اول پريس کي باهه
ڏئي سڀ ڪجهه تباهه ڪيائون، پوءِ وري اڳتي هلي
اخبار سان گڏ پريس کي به ٻه مهينا بند ڪرائي،
منجهانئس بي انتها چوريون ڪرايائون: ته به پاڻ
سنڀالي هڪ ڪتاب ’شيخ المشائخ‘ ڪڍيم، ته شرڪ ۽ وهم
جي ٺيڪيدارن جي دل دماغ کي اهڙو ته ٽانڊو لڳو، جو
وري به جيل ۾ ۽ ڪتاب ضبط ۽ پوءِ وري سڄو سال
بيماري.
پر، ’تون جي پهڻ پٻ جا، ته لگُ منهنجا لوهه‘،
وانگر اڃا لائق ۽ قابل ڊاڪٽر حاجي محمد صالح جي بي
مثال علاج سان ڪجهه فرحت ٿي ئي مس ته بستري تان ئي
ماهوار ’ساڻيهه ڊائجسٽ‘ جو نئون دؤر شروع ڪري ڏنم
۽ جيڪو وقت قدرت کان ملي ٿو، سو سجايو ڪرڻ شروع
ڪيم.
جيئن جيئن تپي ڏينهن، تيئن تيئن تاڻي پنڌ ۾،
ڪو اڳانجهو نينهن، ٻانڀڻ کي ٻروچ جو!
چاليهه ورهيه اڳ به توڪل ڪئي هئي ۽ هينئر به ساڳي
آهي. اڳ به دوستن جو تعاون پئي رهندو آيو آهي،
اميد اٿم ته هاڻ به رهندو ۽ اسين سڀ گڏجي منزل
مقصود ڏي ائين وک وڌائيندا رهنداسون، جيئن شاههؒ
جو فرمودو آهي ته:
’ڀاياڻي ٿي ڀور، پٺيءَ ڪيچين ڪڪرا!‘
نه فقط ايترو، پر منهنجو وهم ٽوڙ ۽ دماغ روشن ڪندڙ
ڪتاب ’انسان جي تاريخ‘ به گڏو گڏ شايع ڪري وڌم ۽
ٻين چونڊ ڪتابن کي به وري ڇاپڻ جو پروگرام پيو
رکان. عزيز خير خواهي طور صلاحون پيا ڏيندا ته
ايڏا جنجال نه پال، متان صحت تي برو اثر نه پوي،
منهنجو کين اهو ئي جواب آهي ته:
’وڏا طالع تن جا، جي مارڳ منجهه مرن!‘
۽ پوءِ به سڀ اهو ضرور چوندا ته:
جان جان هئي جيئري، ورچي نه ويٺي،
وڃي ڀون پيٺي، ساريندي کي سڄڻين!
(شاهه)
(’ساڻيهه ڊائجسٽ‘، اپريل 1978ع)
چنڊ سهڻو يا انسان
(م.ع ڏيپلائيءَ جو پهريون افسانو)
بهار جي موسم هئي، دلپسند هير پئي لڳي، چوڏهينءَ
جو چنڊ کِڙيو بيٺو هو. هڪ عباسي بادشاهه پنهنجي
پياري راڻيءَ سان گڏ پلنگ تي محل ۾ ويٺل هو. ٻئي
پاڻ ۾ محبت ڀريون ڳالهيون ڪري رهيا هئا.
بادشاهه، راڻيءَ جي ڪنڌ ۾ ڳراٽڙي وجهي چيو: ”پياري
راڻي اڄ رات ڪهڙي نه خوشگوار ۽ دل کي سيبائيندڙ
آهي! ڏس ته ڪهڙي نه فرحت ڏيندڙ هير پيئي لڳي!
چوڏهينءَ جو چنڊ پنهنجي من موهيندڙ روشنائيءَ سان
زمين کي منور ڪري رهيو آهي. سندس روشنائي ڪهڙي نه
عجيب آهي. انهي خالق جي قدرت تان قربان، جنهن هن
کي بنايو آهي.“
بادشاهه چنڊ، ڏانهن ٽڪٽڪي لڳائي ڏسي رهيو هو. گهڻو
وقت ڏسي وري راڻي ڏانهن نظر ڪيائين، جنهن جي سونهن
به سهائي رات ۾ قهر برپا ڪري رهي هئي. بادشاهه
پيار سان سندس ڳل تي ٿڦڪي هڻي چيو: ”راڻي! تون
سهڻي يا چنڊ؟“ راڻيءَ ناز مان سندس ٻانهن تي مٿو
رکي چيو: ”پيارا! آءٌ“.
يڪدم بادشاهه جو چهرو غصي مان لعل ٿي ويو. هن تکي
آواز ۾ چيو: ”ڇا تون ؟ تون چنڊ کان سهڻي آهين؟ هن
خدائي نور کان، جو ساري عالم کي منور ڪري رهيو
آهي، تون هڪ خاڪي انسان جو هڪ غليظ قطري مان پيدا
ٿيل آهي، سونهن ۾ وڌيڪ آهين؟ راڻي! حڪومت جي نشي
توکي اهڙي غرور ۽ تڪبر ۾ وجهي ڇڏيو آهي جو خدائي
نور افروز عالم کان به پاڻ کي وڌيڪ پيئي سمجهين؟
مون کي ٻڌاءِ ته تو ۾ سونهن آهي ڪهڙي؟ ياد رکه هن
وقت کان چوويهن پهرن جي عرصي اندر جيڪڏهن تو پاڻ
کي چنڊ کان سهڻي ثابت نه ڪري ڏيکاريو، ته توکي ٽي
طلاقون آهن!“
بادشاهه غصي ۾ لال ٿي، اٿي هليو ويو.
راڻي متحير ٿي ويئي، هن کي پنهنجي بت جي به خبر نه
رهي. ڇا مان ڇا ٿي ويو. ڪهڙي نه محبت ۽ پيار جي
عالم ۾، هي ٻئي محوَ ٿي ويل هئا. اوچتو هن تي ڪهڙي
قهر جي بجلي ڪڙڪي! يا ته هو محبت ڀريل مٺيون مٺيون
ڳالهيون يا هي قهر آميز لفظ! سندس ناز ڀريل لفظن
جو نتيجو ڪهڙو نه خوفناڪ نڪتو! هوءَ سوچڻ لڳي ته
ڇا ڪنهن طرح آءٌ چنڊ کان پاڻ کي سهڻي ثابت ڪري
سگهان ٿي؟ اصل نه! ڪنهن به طرح نه! ته پوءِ انهيءَ
جو نتيجو؟ اف! نتيجو اهو ئي ظاهر ٿيندو ته اڄ کان
ٽن ڏينهن بعد نه آءٌ بادشاهه جي، نه بادشاهه
منهنجو! بام عروج تان قعر پستي ۾! خلق ۾ ڪيئن نه
خراب ۽ خوار ٿينديس، ڪا به اهڙي تدبير ڪانهي، جنهن
سان هيءَ مشڪل حل ٿي سگهي! هن جي اکين مان زار زار
ڳوڙها ڪرڻ لڳا. هن
کان کاڌو پيتو حرام ٿي ويو. هوءَ يقين سمجهڻ لڳي
ته اڄ کان ٽن ڏينهن بعد هي عيش عشرت ۽ ملڪه جو لقب
مون لاءِ ائين ئي ثابت ٿيندو ته:
”خواب تها جو کچهه که ديکها جو سنا افسانه تها.“
هڪ ڏينهن گذريو، ٻيو ڏينهن، آخر ٽيون ڏينهن به ظهر
جو وقت لنگهي ويو. غم ۽ فڪر ۾ ڀريل راڻيءَ کي هڪ
هنڌ آرام نه هو، ڪنهن مهل ڪٿي ٿي ويٺي، ته ڪنهن
مهل ڪٿي.
ايتري ۾ عصر جو وقت اچي ٿيو. راڻي دريءَ تي منهن
رکيو ويٺي هئي، هن کي اها خبر نه رهي ته آءٌ ڪيئن
ويٺي آهيان. اکين مان گرم گرم ڳوڙها پئي ڪريا. هڪ
راهه روهه فقير اتان اچي لنگهيو، فقير پنهنجي
خيالن ۾ محوَ هو ته مٿس ڳوڙهو اچي ڪريو. دل ۾
چيائين هيءُ گرم پاڻي ڪهڙو؟ مٿي کڻي نگاهه ڪري ته
هڪ حسين نازنين اهڙا گرم ڳوڙها پيئي وهائي. فقير
سمجهيو ته هيءَ ملڪه ئي آهي. حيران ٿي چوڻ لڳو:
”اي ملڪ عاليه! تون ۽ هي گرم ڳوڙها؟ هيءُ ڪهڙو عجب
ٿو ڏسان!؟“ راڻي پنهنجي ئي پريشانيءَ ۾ محوَ هئي،
اهو خيال به نه ڪيائين ته ڪو ڌاريو ماڻهو مون کي
ڏسي ۽ ڳالهائي رهيو آهي. ٿڌي آهه ڀري چيائين:
”فقير مون تي جا مصيبت پيئي آهي، انهي جو ڪو علاج
ئي ڪونهي. اڄ رات هي محلات عيش عشرت مون لاءِ سڀ
بيگانه ٿيندا. پنهنجي زبون حال تي گرم لڙڪ نه
وهايان ته ٻيو ڇا ڪريان؟“
”ملڪ اهو وري ڪئَن؟“ فقير متعجب ٿي چيو: راڻيءَ
جواب ڏنو ته: ”بادشاهه محبت ڀريل ڳالهيون ڪندي
پڇيو ته چنڊ سهڻو يا تون؟ مون به ناز مان جواب ڏنو
ته آءٌ. بادشاهه غصي ۾ لعل ٿي چيو ته ٽن ڏينهن
اندر ائين ثابت ڪري نه ڏيکاريئي، ته توکي ٽي
طلاقون آهن. اڄ ٽيون ڏينهن آهي ۽ مون لاءِ ملڪه جو
خطاب ماڻڻ جو آخرين ڏينهن آهي. آهه! مون نٿي
سمجهيو ته چنڊ جي سهائي مون لاءِ عالم اونداهون
ڪندي!“ راڻيءَ روئيندي چيو.
”ملڪه! پوءِ انهي جو ڇا ٿيو؟ هيءَ به ڪا غم ۽ فڪر
جهڙي ڳالهه آهي! ڇا تون چنڊ کان سهڻي نه آهين؟“
فقير کلي چيو.
”مان؟ مان ڪيئَن چنڊ کان سهڻي آهيان؟“
راڻيءَ حيرت مان چيو.
”ڌيءَ! بس انهيءَ خسيس ڳالهه جي ويچار ۾ تو کڻي
پنهنجا برا حال ڪيا آهن! ڇڏ انهيءَ پريشان حاليءَ
کي، اٿي خوش خورم ٿي ويهه. ممڪن نه آهي جو تون
ملڪه مان مطلقه سڏجي سگهين. تون فقط ايترو ڪر جو
بادشاهه کي چئو ته اڄ سانجهيءَ نماز وقت مسجد ۾
فلاڻن پارن هڪ فقير ايندو، انهيءَ کي امام ڪجو!
اميد آهي ته سانجهي نماز پڙهي هو سڌو توکي اچي
پرچائيندو ۽ تون به منجهانئس ٽن ڏينهن جي فڪر ۽
پريشانيءَ جون ناز ۽ ماڻن سان ڪسرون ڪڍج!“ فقير
مرڪي چيو.
فقير هليو ويو. راڻي حيران ٿي ويئي ڇا سچ پچ مون
تان هيءَ قيامت خيز مصيبت ٽري ويندي؟ ڇا آءٌ
ساڳيءَ طرح بادشاهه جي پياري راڻي ٿي رهنديس؟ ڇا
هيءُ فقير مون لاءِ فرشته رحمت غيب مان آيو آهي؟
هن جي اميد جي ڪوماڻل مکڙي وري به ڪجهه کلڻ لڳي.
هن پنهنجا پريشان حال درست ڪيا ۽ بادشاهه کي
گهرايائين.
بادشاهه هي ٽيئي ڏينهن راڻيءَ ڏي نه آيو هو. هن
ائين ئي سمجهيو ته راڻيءَ شايد مون کي آخرين وصيت
ڪرڻ لاءِ گهرايو آهي ۽ يقين سمجهيائين ته هوءَ
تمام پريشان حال هوندي مگر روبرو ٿيڻ تي خلاف اميد
هن راڻيءَ کي هار سينگار وغيره ۾ ٺهيل ڏٺو. ”راڻي
مون کي ڇا لاءِ گهرايو اٿيئي؟“ بادشاهه پڇيو.
راڻيءَ اطمينان سان چيو: ”حضور، منهنجي قسمت ۾ اها
ذلت لکيل هئي جو سائين جن مون کي هڪ خسيس ڳالهه
تان جيڪا عالم محبت ۾ منهنجي زبان مان نڪتي، مون
کي ڀتر وانگر اڇلائي ڇڏيو! خير، ٿي سا ٿي، انهي
بابت آءٌ اوهان کي ڪابه شڪايت ڪانه ٿي ڪريان. هاڻي
مهرباني ڪري منهنجو هڪ خسيس عرض قبول ڪندا ته اڄ
سانجهي نماز وقت مسجد ۾ هنن پارن سان هڪ درويش
ايندو، انهيءَ کي امام ڪجو. بس، مون کي وڌيڪ ڪجهه
چوڻو ڪونهي، منهنجي قسمت مون ساڻ!“
جيئن راڻيءَ چيو: تيئن بادشاهه سانجهيءَ نماز وقت
انهيءَ درويش کي نماز پڙهائڻ جو حڪم ڏٺو. فقير وڌي
اڳتي ٿيو. ڪي ماڻهو دل ۾ رنج ٿيا ته هڪ ڦاٽل ڪپڙن
واري کي بادشاهه امام ڇو ڪيو، خصوصاً دستوري امام
صاحب ته بلڪل رنج ٿيو.
فقير الحمد بعد سوره والعين شروع ڪئي جنهن ۾ لقد
خلقنا انسان في احسن تقويم (بيشڪ اسان انسان کي
تمام سهڻي انداز ۾ پيدا ڪيو آهي) بدران لقد خلقنا
القمر في احسن تقويم (بيشڪ اسان چنڊ کي تمام سهڻي
انداز ۾ پيدا ڪيو آهي) پڙهڻ لڳو. جماعتي نهايت بي
صبرا ٿيا. اڃا سلام مس ورايائين ته چوطرف اعتراضن
جي ڀرمار شروع ٿي. ڪو چوي ته بادشاهه سلامت زور
آور آهي جو هن کي کڻي امام ڪيو اٿس، جنهن کي ڪا
خبر ڪانهي، ڪو چوي ته نماز ڀڄي پيئي ڪو ڪئن پيو
چوي ته ڪو ڪيئن.
اصلوڪي امام صاحب يڪدم وڌي چيس: ”اڙي فقير تو نماز
ڪيئن پڙهائي؟ هوش ۾ آهين يا خطا آهين؟ نشو ورتو
اٿيئي ڇا؟“ فقير نهايت تحمل سان چيو: ”صاحب! مون
ڪهڙي خطا ڪئي؟“
”اڃا پڇين ٿو ته مون ڪهڙي خطا ڪئي؟ تو خلقنا
الانسا بدران خلقنا القمر پڙهيو؟ پوءِ نماز ڀڄي نه
پيئي؟“ امام ڪاوڙجي چيو.
”سائين منهنجا! حضور عليه الصلوات والسلام جن
فرمايو آهي ته الناس عليٰ دين ملو ڪهم (ماڻهو
پنهنجي بادشاهن جي دين تي هوندا آهن) جڏهن بادشاهه
سلامت جو اهو حڪم آهي تڏهن لاچار مون اُهو بجا
آندو.“
بادشاهه دانهن ڪري چيو ته: ”مون ڪڏهن اهو حڪم
ڏنو؟“
فقير ”ڇا توهان اهو حڪم ڪو نه ڏنو؟“
”مون توکي نماز پڙهائڻ جو حڪم ڏنو يا چيو ته قرآن
شريف کي ڦيرائي پڙهه؟“ بادشاهه چيو.
”تڏهن ڇا توهان جو اهو عقيدو ڪونهي ته الله تعاليٰ
چنڊ کي تمام سهڻي نموني تي خلقيو آهي؟“
”نه!“ بادشاهه وراڻيو.
”ڇا، توهان جو اهو ئي مطلب آهي ته الله تعاليٰ
پنهنجي فرمائڻ موجب، انسان کي ئي تمام سهڻو خلقيو
آهي؟“ فقير پڇيس.
”هائو.“ بادشاهه چيو.
”جناب عالي! تڏهن غريب راڻيءَ کي ڇو اچي ورتو
اٿوَ، ته چنڊ توکان سهڻو آهي، جنهن جو ٽن ڏينهن
کان ان پاڻي حرام آهي!“ فقير چيس:
بادشاهه جون اکيون کُلي پيون! هو هيئن چئي فقير جي
پيرن تي ڪري پيو ته: ”بيشڪ انسان، چنڊ کان سهڻو
آهي، ۽ انسان ئي اشرف المخلوقات آهي!“
محمد عثمان ڏيپلائي
شاهدي
(هڪ ايڪٽ جو ناٽڪ)
ڪردار
رئيس محمد احسن خان: مدعي
قربان علي شاهه: شاهد
ايم اي ماجد: مدعيءَ جو وڪيل
فيروز: مدعيءَ جي وڪيل جو
منشي
شاهد علي خان: مدعا عليه
سرفراز حسين: مدعا عليه جو وڪيل
ان کان سواءِ جج، نائڪ، حاضرين وغيره
زمانو ۽ جڳهه:
انگريزن وارو ۽ پڻ هاڻوڪو، سنڌ ۾ جتي ڪٿي.
*****
(ڪورٽ جي ورانڊي ۾ رئيس محمد احسن خان ۽ سندس وڪيل
ويٺا کل ڀوڳ ڪن. اندران منشي فيروز گهٻرايل حالت ۾
اچي ٿو).
منشي: حضور! ظلم ٿي ويو!
وڪيل: ڪهڙو ظلم؟
منشي: حضور! جج صاحب ٻي شنوائي ڏيڻ کان انڪار ڪيو.
چوي ٿو ته ”شاهد نه آيا هوندا ته دعوا ڊسمس ڪندس.
وڪيل: (کلي) اوهه! ڳالهه به اها؟
رئيس: (گهٻرائجي) سائين! توهين ته کِلو پيا،
هوڏانهن دعوا ڊسمس ٿيندي؟
وڪيل: دعوا ڊسمس ٿيندي، جو اڳيان ٻار آهن!
رئيس: پر سائين! شاهد ته ڪوبه ڪونه آيو آهي!
وڪيل: (مرڪي) ڪير ٿو چوي؟
رئيس: سائين مدعي ته آءٌ آهيان نه!
وڪيل: پر وڪيل به ته مان آهيان نه؟ (مرڪي) ڪڍ ويهه
روپيا! (رئيس حيرانيءَ مان ويهه روپيا ڪڍي ڏئيس
ٿو)
وڪيل: (منشيءَ کي) شاهه صاحب کي سڏي وٺ.
(منشي، قربان علي شاهه کي وٺي اچي ٿو)
وڪيل: شاهه صاحب! (نوٽ ڏيئي) هي اٿوَ خرچي: بس
سمجهي وڃو! (رئيس محمد احسن کي) رئيس، هي وٺو
اوهان جو شاهد!
(نائڪ پڪاري ٿو)
نائڪ: رئيس محمد احسن خان مدعي حاضر آهي؟ (3 دفعا
پڪاري ٿو)
شاهد علي خان مدعا عليه حاضر آهي (3 دفعا پڪاري
ٿو)
(شاهد علي خان جو وڪيل، سرفراز حسين خوش ٿيندو
اندر وڃي ٿو. قربان علي شاهه به يڪدم اندر وڃي
ڪورٽ کي سلام ڪري، شاهدن جي پڃري وٽ بيهي ٿو.)
رئيس: نهايت (گهٻرايل حالت ۾) جناب! هن کي ڪجهه
سمجهايو ته ها؟
وڪيل: (مرڪي) سمجهائڻ جي ضرورت ئي ڪانهي.
رئيس: پر سائين! هن کي اکين ڏٺو شاهد بنائڻو هو.
سو بنا سمجهائڻ جي ڪيئن ”شاهدي“ ڏيندو؟
وڪيل: (مرڪي) رئيس صاحب! توهان اندر هلي رنگ ڏسو.
هاڻي هلو اندر دير ٿي ٿئي.
(ٻئي اندر وڃن ٿا، وڪيل ڪورٽ کي سلام ڪري اڳيان
اٿي ٿو بيهي.)
وڪيل: ڪورٽ سڳوريءَ کي معلوم آهي، ته هيءَ پنجن
هزارن روپين جي دعوا، رئيس احسان علي خان مرحوم
تي، رئيس محمد احسن خان جي ڪيل آهي، ۽ جيئن ته
رئيس صاحب فوت ٿي ويل آهي، ان ڪري ان جو نابالغ پٽ
شاهد علي خان سندس وارث جي حيثيت ۾ آهي...
جج: مگر انهيءَ ڊيگهه جو ڪهڙو ضرور؟ توهان پنهنجو
شاهد پيش ڪريو.
وڪيل: حاضر جناب! اسان جو شاهد نمبر پهريون، سيد
قرعان علي شاهه، پڃري وٽ بيٺل آهي. پيش ٿيڻ جي
اجازت ملي.
جج: اجازت آهي.
(”شاهد نمبر پهريون“ جي لفظن تي رئيس ڪجهه
گهٻرائجي وڪيل ڏي ڏسي ٿو، مگر وڪيل کي ڪوبه خيال
ڪونهي، انهيءَ تي هو وري منشيءَ سان سرپر ڪري ٿو.)
رئيس: منشي صاحب! ٻيو شاهد ڀلا ڪير آهي.
منشي: ٻيو ڇا لاءِ؟
رئيس: هي جو وڪيل صاحب چيو ته ”شاهد نمبر پهريون“
سو؟
منشي: انهيءَ جي معنيٰ اها، ته ڪورٽ سڳوريءَ کي
جيترا شاهد کپن اوترا ڏبا.
رئيس: (وائڙو ٿي) پر اهي آهن ڪٿي؟
منشي: رئيس صاحب! ڪورٽ هن هڪڙي سان ئي مس منهن
ڏيئي سگهندي، ٻئي جي ضرورت پوي ئي ڇو ٿي...
(انهيءَ وچ ۾ شاهه صاحب کنگهڪار ڪري، تمام اطمينان
سان پڃري ۾ بيهي ٿو، مدعا عليه جو وڪيل خوش ٿي
مرڪي ٿو)
ناظر: (شاهه کي) نالو ڇا اٿيئي؟
شاهد: قربان علي شاهه.
ناظر: ولد؟
شاهد: حضرت سيد سبحان علي شاهه وارثي، چشتي،
قادري، قدس الله سره العزيز.
ناظر: هڪڙو اکر چؤ؟ ايڏو ڊگهو نالو ڪيئن لکبو؟
شاهد: جناب! نالو ته هڪڙو ئي آهي، بزرگن جو احترام
ڪرڻ هر ڪنهن حلاليءَ جو اولين فرض آهي.
ناظر: مگر ڇا ڇا لکان؟
شاهد: توهين نوان آهيو. نه ته هتي هرڪو شخص سائين
وڏي جي نام اسم گراميءَ کان واقف آهي.
جج: (تڪڙ مان) ميان! لِک ”سبحان علي شاهه“.
ناظر: ڪلمو پڙهه!
(شاهه صاحب، نهايت مخرج سان ڪلمه شهادت پڙهي ٿو).
ناظر: چؤ ته ”خدا کي حاظر ناظر ڄاڻي سچ چوندس.“
شاهد: آءٌ الله پاڪ جل جلالہ عم نواله کي حاضر
ناظر ڄاڻان ٿو، ۽ بلڪل سچ چوندس.
ناظر: ڪوڙ نه ڳالهائيندس.
شاهد: ڪوڙ کان الله تعاليٰ اسان جي خاندان کي
پناهه ڏني آهي.
(مدعيءَ جو وڪيل ساڻس مخاطب ٿئي ٿو).
وڪيل: شاهه صاحب! توهان مدعي رئيس محمد احسن خان
کي سڃاڻو؟
شاهد: ها معمولي طرح، هو اسان جي مرحوم و مغفور
دوست رئيس احسان علي خان، خدا بخشيس، جي واقفن مان
هڪ آهي.
وڪيل: هونئن اوهان سان ذاتي دوست ڪانه اٿس؟
شاهد: نه سائين، اسين مولائي مڙس، وڏن ماڻهن سان
دوستي رکون ئي ڪونه!
وڪيل: پوءِ رئيس احسان علي خان سان ڪيئن دوستي
هئوَ؟
شاهد: (کلي) رئيس مرحوم به ڪو وڏو ماڻهو هو؟ اڙي
سائين، هو ته مسڪينن ۽ اڀرن جو يار هو، غريبن جو
غمگسار هو؛ هن کي مولا پاڪ ڏيندو هو ته هو ان کي
غريبن جي امانت سمجهندو هو.
وڪيل: چڱو، ته ڀلا هن رئيس محمد احسن کان پنج هزار
رپيا اُڌارا ورتا هئا؟
شاهد: ها سائين، هو غريبن جي مدد لاءِ ڪنهن کان به
پئسا اڌاري طور وٺڻ ۾ عار ڪونه سمجهندو هو.
وڪيل: توهان روبرو پئسا وٺندي ڏٺا؟
شاهد: ڳڻي ته رئيس محمد احسن رهيو هو. هو مولائي
مڙس اهڙن چچين مارڻ مان ڪونه ڄاڻندو هو. هن وٺي
کڻي کيسي ۾ وڌا.
وڪيل: (جج کي) بس جناب! مون کي ايترو ئي پيش ڪرڻو
آهي.
جج: (مدعا عليه جي وڪيل کي) آڏي پڇا اٿو؟
وڪيل: ها حضور!
جج: چڱو پڇو!
وڪيل: (کنگهڪار ڪري، مرڪي) شاهه صاحب! توهان ڪڏهن
جيل کاڌو آهي؟
شاهد: صاحب! اڄڪلهه ملڪ جو ڪهڙو چڱو مڙس ۽ سڌاري
جي چاهنا رکندڙ اهڙو آهي جنهن جيل نه کاڌو هجي؟ هي
پير ڏسو، هي مير ڏسو، هي وزير ڏسو، هي ليڊر ڏسو،
هي ديش ڀڳت ڏسو، هي محبان وطن ڏسو، هي شيواڌاري
ڏسو، هي خادم خلق ڏسو، سڀ پيا جيل ۾ وڃن: منهنجي
خيال موجب ته اهو شخص قوم جي خدمت ۾ اڃان پڪو ئي
نه ٿيو آهي جنهن جيل نه کاڌو هجي؛ ان ڪري ته حضرت
سيد العارفين ڀٽائي گهوٽ رحمة الله عليه فرمايو
آهي ته:
اڃا تو منجهاءُ، ڪک ڇتي رک نڪري...
ناظر: اڙي ميان بس ڪر! ڪورٽ ڪا بيتن ۽ ليڪچرن لاءِ
نه آهي!
شاهد: حاضر سائين!
وڪيل: ڀلا توهان ملڪ جي ڪهڙيءَ خذمت ۾ جيل کاڌو؟
شاهد: (فخر سان) آءٌ ته شاهديءَ جي قانون کي نهايت
ناقص سمجهان ٿو؛ انهيءَ جي اصلاح جي ڪوشش ۾ جيل
مليو هو، پر اپيل ۾ منهنجي ئي فتح ٿي.
وڪيل: (ڪورٽ کي) جناب! هي ڪوڙ ٿو ڳالهائي، هن کي
ڪوڙيءَ شاهديءَ سبب جيل مليو هو، ان ڪري هن جي
شاهدي وزنائتي ناهي.
جج: توهين انهيءَ ڪورٽ جا نقل وٺي پيش ڪريو ته
ڪورٽ غور ڪندي، پر هينئر شاهدي ته رد ڪري ڪانه
سگهبي.
وڪيل: چڱو حضور! (شاهه کي) اوهين مرحوم احسان علي
خان کي سڃاڻندا هئا؟
شاهد: واهه سائين، سڃاڻڻ جي به ڪا ڳالهه آهي؟ خدا
مرحوم کي جنت نصيب ڪري، اسين ته بادام جي ٻن ڦارن
وانگر هڪ جان ٻه جسم هئاسون. نه هُن کي ڪڏهن مون
کان سواءِ قرار هو، نه مون کي!
وڪيل: ڀلا سندس عمر گهڻي هئي؟
شاهد: اهائي ٻه ٽي ويهون!
وڪيل: اهو ”ٻه ٽي ويهون“ چوڻ سان ڪم نه هلندو، صاف
ٻڌايو ته هو گهڻن ورهين جو هو؟
شاهد: اها ورهين جي پوري خبر ته اسڪول ماستر يا
آدمشماريءَ وارن کي هوندي: ٻهراڙيءَ ۾، ماڻهو
پنهنجي عمر جي ئي داخلا ڪونه رکن، حضور!
وڪيل: ڀلا پوڙهو هو يا جوان؟
شاهد: عمر جي لحاظ کان ته پوڙهو ڪونه هو، پر اڪثر
صحت خراب هجڻ سبب وڏو پيو معلوم ٿيندو هو.
وڪيل: وار اڇا هئس يا ڪارا؟
شاهه: نزلي سبب وار اڇا ٿيل هئس، پر جڏهن ڪيس
لڳائيندو هو تڏهن جهڙو جوان!
وڪيل: رنگ ڳورو هوس يا ڪارو؟
شاهد: هو بلڪل عمدي ڳوري رنگ جو هو، پر پوين ڏينهن
۾ بيماريءَ جي دور سبب مڙس البت ڪاراٽجي ويو هو.
وڪيل: ڊگهو هو يا بندرو؟
شاهد: نڪي تمام ڊگهو ۽ نڪي تمام بندرو بس پوري
پُني قد جو هو. بيماريءَ کان ڪمر ڪجهه جهڪيل هئس،
سو جڏهن سنئون نئون ٿي هلندو هو، تڏهن ڪجهه مڙيئي
ڊگهو پيو ڏسبو هو: ۽ جي جهڪي هلندو هو ته بندرو
پيو ڀانئبو هو.
وڪيل: (تکو ٿي) سوال جو جواب صاف ڇو نٿا ڏيو! اهو
ڇا، ”پوڙهو به هو ته جوان به هو، ڳورو به سانورو
به، ڊگهو به، بندرو به، وار اڇا به هئس ته ڪارا
به“: ڀلا انهيءَ مان صورت جو ڪهڙو پتو پوندو؟
شاهد: (نهايت نرميءَ سان) خانصاحب! رنج ڇو ٿا ٿيو!
ڪا هڪ ڏينهن جي ملاقات هجي ته انهيءَ ڏينهن جي خاص
خبر ٻڌايان، ورهين جا ورهيه رات ڏينهن جي سنگت
رهي؛ پوءِ جهڙين حالتن ۾ ڏٺم اهڙين ئي حالتن ۾
ٻڌايان ٿو؛ مون کي ڪورٽ سڳوريءَ جي احترام ۾ صاف
سچ ڳالهائڻو آهي، ڪو ڪوڙ ته ڪونه ويهي گهڙيندس!
(ڪورٽ ۾ هلڪو ٽهڪڙو مچي ٿو وڃي، جج صاحب ميز تي
مترڪو هڻي ”آرڊر“ چوڻ ٿو فرمائي).
وڪيل: ڀلا رئيس مرحوم کي ڏاڙهي هئي؟
شاهد: هو هڪ قلندر طبيعت وارو مولائي مڙس هو؛ آيس
پور ته سڀئي وار چٽ، ڪڏهن آئي موج ته ڏاڙهي خواهه
زلف ائين وڌائيندو هو جهڙو خضر صورت!
وڪيل: اجائي بڪواس جو ضرور ڪونهي؛ فقط هائو يا نه
جو جواب ڏي؛ اسان کي ساريءَ دنيا جي قصن ۽ آکاڻين
جي گهرج ڪانهي.
مدعيءَ جو وڪيل: (ڪورٽ کي) حضور!
شاهد: حاضر جناب! اڳتي حڪم موجب انهن ٻن اکرن ۾ ئي
جواب عرض ڪندس.
وڪيل: احسان علي خان مرحوم ڪٿي رهندو هو؟
شاهد: جي ها!
وڪيل: اهو ”جي ها“ ڪهڙو! آءٌ پڇان ٿو ”ڪٿي رهندو
هو؟“ چي ”جي ها“ اهو به جواب آهي؟
شاهد: سائينءَ جن ئي ته فرمايو هو ته ”جواب ۾ فقط
هائو يا نه چئج، فضول بڪواس نه ڪج“ آخر سائين جن
جو به حڪم ته ضرور مڃڻو آهي.
وڪيل: مون ڪو هر ڪنهن سوال لاءِ اهي ٻه اکر ٿوروئي
چيا هئا، خير هاڻي ٻڌاءِ ته ڪٿي رهندو هو؟
شاهد: پنهنجي جاءِ ۾.
وڪيل: (چڙي) لاحول ولا قوت، اڙي ميان! شهر ۾ رهندو
هو يا ٻهراڙيءَ ۾؟
شاهد: ڪڏهن شهر ۾، ڪڏهن ٻهراڙيءَ ۾.
وڪيل: ٻهراڙيءَ ۾ سندس جاءِ ڪهڙي طرف کي سامهون
هئي؟ اوهين ته اتي به ويندا پيا هئا نه؟
شاهد: جي ها، حضور! سدائين پيو ويندو هوس.
وڪيل: اصل سوال ته اوهين کائي ويا؛ مون سدائين وڃڻ
لاءِ ڪونه پڇيو؛ پڇيم ته سندس ٻهراڙيءَ واري جاءِ
ڪهڙي طرف کي سامهون هئي؟
شاهد: (مرڪي) طرف؟ اي سائين! پاڻ شهرين جو مٿو
ٻهراڙيءَ ۾ گهڻو ڪري ڦِريل هوندو آهي، مو کي نڪو
اتي ڪڏهن طرف جو پورو پتو پيو، نه ڪا ضرورت هيم جو
کڻي ڪنهن کان پڇان يا ويهي غور ڪريان.
وڪيل: اهي روپيا هن ڇا لاءِ ورتا هئا؟
شاهد: ضرورت لاءِ ٻيو ڇا لاءِ؟
وڪيل: ڪهڙي ضرورت؟ اهڙي ڪا خاص ضرورت اچي پيئي هئس
ڇا، جو قرض کان سواءِ ڪم نٿي هلي سگهيس!
شاهد: هو هڪ دلير مولائي مڙس هو، هن لاءِ خاص ۽
عام ضرورتون هڪجهڙيون هونديو هيون؛ هو پاڻ وٽ ٻه
چار هزار روپيا رکڻ به ضروري سمجهندو هو.
وڪيل: هُن اهي پئسا ڪڏهن ورتا هئا؟
شاهد: جڏهن ضرورت پيس.
وڪيل: انهيءَ کي گهڻا ڏينهن ٿيا؟
شاهد: هڪ سال ۾ ٽي سؤ پنجهٺ ڏينهن ٿين ٿا، هاڻي
حساب ڪرڻ ۽ سڀ ڏينهن جوڙ ڏيڻ، اهو ته ذرا مشڪل ڪم
آهي.
وڪيل: آءٌ اوهان کان ڏينهن ڪونه ٿو پڇان، سال ٿو
پڇان.
شاهد: جيڪي دستاويز ڏسڻ موجب ٿيندا، سي هوندا.
وڪيل: ته صاف کڻي چئو ته مون کي ياد ناهي.
شاهد: خير ياد ته مون کي پنهنجون ته ڇا، پر منهنجي
عمر وارن سڀني صاحبن جي ننڍپڻ جون به ڳالهيون آهن،
پر مطلب اهو آهي ته لکڻ پڙهڻ ڇڏئي ڪي ورهيه ٿيا.
هاڻي اهي سڀ حساب ليکا ته ياد رکڻ واپارين جا ڪم
آهن.
(گهڙيال جا ٺڪاءُ ٿين ٿا، وڪيل گهٻرائجي تڪڙ
مان اهو سوال ڇڏيو، ٻيو سوال ٿو ڪري.)
وڪيل: (فخر مان) ڪيئن جناب! اوهين احسان علي خان
مرحوم جا دلي دوست هئا، ورهين جا ورهيه گڏ رهندا
هئا، تنهنڪري سندس اکر ته ضرور چڱيءَ طرح سڃاڻندا
هوندؤ؟
شاهد: (مرڪي) اهو ته مرحوم جو خاص ڪمال هو، جنهن
تي هو بجا فخر ڪندو هو: جناب هو نهايت خوشخط ۽
قسمين قسمين طرز تحرير جو واقف هو: قلم ته ايترو
ضابطو هوس جو هڪڙا اکر ٻين سان ملي ئي نه سگهندا
هئا.
جج: (ڪڪ ٿي) ڪيئن اڃا به اٿو ڪو سوال يا ڪريون
رسيس؟
وڪيل: (گهٻرائجي) جي بس حضور! باقي صرف هڪ سوال
(شاهه کي) ها، شاهه صاحب، اهو ته ٻڌايو ته اوهان
جي دلي دوست، مرحوم احسان علي ان وفات ڪهڙي
بيماريءَ ۾ ڪئي؟
شاهد: (اوڇنگارون ڏيئي) هاءِ هاءِ، وڪيل! اهوئي ته
سور اسان محبن کي سدائين پيو کائي! جناب مرحوم جي
علاج ۾ ڪابه ڪوتاهي ڪانه ڪئي سون، حڪيم، ويد،
ڊاڪٽر، سڀني جو علاج ڪيوسون؛ پر افسوس! اصل مرض جو
پتو ڪنهن کي به ڪونه لڳو. بس، ڪنهن ڪهڙي بيماري
پئي چئي ته ڪنهن ڪهڙي. هاءِ هاءِ! جڏهن قضا ٿي اچي
تڏهن ويڄ به وائڙا ٿيو وڃن. ڀلا ڦڪيون ڪيئن فرق
ڪن، جي امر نه ٿئي انهن کي؟ (”لڙڪ“ اگهي) جناب
وڪيل صاحب! سچ ته مرحوم کي موت جي بيماري هئي!
هاءِ هاءِ، مرحوم!
گهڙيال جو ٺڪاءُ ٿيو. ڪورٽ رسيس لاءِ اٿي ويئي،
وڪيل وائڙن وانگر نهارڻ لڳي ٿو؛ رئيس ۽ سندس وڪيل
مرڪندا ٻاهر نڪتا. قربان علي شاهه عجز ۽ نماڻائيءَ
مان ڪنڌ جهڪائي، ٻاهر نڪري ٿو. رئيس کيس ڀاڪر
پائي، ڏهن جو نوٽ ٻيو به ڏئي ٿو؛ هو سلام ڪري
اطمينان سان وڃي ٿو.
محمد عثمان ڏيپلائي
سجائي موڙي
پردو پهريون (لنڊن)
(هڪ خانگي بنگلي ۾ ڏهاڪو نوجوان کِل ڀوڳ ڪري، دل
وندرائي رهيا آهن. هڪ نوجوان مجيد ڳائي ٿو):
گانو مجيد (طرز – ساون ڪي نظاري هَين)
چوطرف بهاري آهه – آها آها!
موجن خوشين ۾ - آها هاهاها! خلقت ساري آهه
ڇا خوب گلن جي خوشبو – لاتيون بلبل جون – آها هاها
ها
ڪوئل جي ڪُو ڪُو!
پرنور فضا آهي- موج ڀريا بادل! آها ها ها ها!
مخمور هوا آهي!
ڏي جام ڀري ساقي – دنيا عقبا کان- آها ها ها ها!
بي فڪر ڪري ساقي!
سڀيئي شاباس! شاباس! دوست مجيد! گانو ته خوب
ٻڌاءِ! معلوم ٿو ٿئي ته تنهنجي دل نهايت خوش آهي!
مجيد: بلڪل خوش! مون کي ڪنهن به ڳالهه جي ڪمي
ڪانهي، صحت سٺي اٿم، ذهن سٺو اٿم. جيڪي خرچ گهران
ٿو سو چاچو موڪلي ٿو. ٿوري وقت ۾ آءِ. سي. ايس جو
امتحان ڏيئي پنهنجي وطن وڃي ڪليڪٽر ٿيندس. (ٽهڪ
ڏيئي) ها ها ها! ڪهڙو نه مزو! دوستو! سالن کن کان
پوءِ هي اوهان جو مجيد ڪليڪٽر صاحب بهادر هوندو!
آلفورڊ: شل تنهنجي چمن ۾ سدائين بهار هجي.
گلبرٽ: وطن وڃي اسان کي وساري ڇڏيندين؟
مجيد: بلڪل نه! هرگز نه! ڇا منهنجا پيارا دوست مون
کان وسرندا؟ اهي ته هرگز منهنجي دل تي نقش هوندا.
(نوڪر اچي ٿو)
مجيد: بواءِ! ڇا آهي؟
نوڪر: حضور! ٻاهر تار وارو بيٺو آهي.
مجيد: تار وارو! (نوڪر کي) چڱو اچڻ ڏينس.
(تار وارو اچي ٿو. صحي ڏيئي تار وٺي ٿو)
هينري: هندستان جي تار هوندي؟
مجيد: او يس!(کِلي) ٻڌايو ڇا هوندو؟
آلفورڊ: (ٽهڪ ڏيئي) هوندي ڪا خوشخبري!
گلبرٽ: (ٽهڪ ڏيئي) يا شايد مني آرڊر!
مجيد: (خوشي مان) ٺيڪ آهي! (تار کولي پڙهي ٿو،
سندس منهن سائو ٿي وڃي ٿو، هو هاءِ ڪري ڪِري پوي
ٿو. سڀ گهٻرائجي اٿن ٿا).
هينري: ضرور ڪا خراب تار آهي!
گلبرٽ: (تار پڙهي ٿو) تنهنجو چاچو مري ويو.
(آلفورڊ مجيد کي پاڻي جا ڇنڊا هڻي ٿو، هو هوش ۾
اچي ٿو)
مجيد: هاءِ، خدايا! هيءُ ڇا ٿيو!
يوجين: دوست! ايترو فڪر ڇو ٿو ڪرين! هر انسان تي
موت ضرور اچڻو آهي! ڌڻي جي رضا تي صبر ڪرڻ گهرجي!
مجيد: هاءِ ڪيئن صبرڪريان! دوستو! توهان کي ڪهڙي
خبر ته منهنجي اميد جو گلشن هيءَ تار پڙهي برباد
ٿي ويو! مون کي منهنجو چاچو ئي خرچ موڪليندو هو،
هاڻي خرچ جو ڪهڙو بلو ٿيندو!
هينري: مگر سندس پٽ ته هوندا؟
مجيد: سندس پٽ فيروز! توبهه! هو ته پهرئين درجي جو
لوفر آهي، رنڊين کي ڏيڻ لاءِ هن وٽ سڀ ڪجهه آهي.
مگر هاءِ! مون کي مدد ڪرڻ لاءِ هن کان هڪ پائي به
نه پڄندي! آه! خدايا ڪاڏي وڃان! هن پرديس ۾ ڪنهن
کان سهارو طلبيان! (وري ڪِري پوي ٿو).
(پردو ڪِري ٿو)
پردو ٻيون – ڪراچي
(سيٺ يعقوب آرام ڪرسي تي ليٽيل آهي. منشي اخبار
پڙهي رهيو آهي).
منشي: سکر جو ڪليڪٽر سر لانگمن مقرر ٿيو آهي ۽
دادوءَ جو مسٽر جارج! سنڌ مدرسه لاءِ ٻاهرئين
پرنسپل جي گهرج آهي.
سيٺ: آه! ڇو نه اسان وٽ اهي ڌاريا آفيسر ايندا
انهن کي اعليٰ تعليم کان محروم ڪندڙ به درحقيقت ته
اسين آهيون. اسين جيڪڏهن قوم جي ذهين نوجوانن کي
خرچ ڏيون ته ڇو نه جيڪر هو بهترين آفيسر ثابت ٿين
(ٿورو سوچي) بيشڪ اسان جو ئي ڏوهه آهي.
(نوڪر اچي ٿو).
نوڪر: حضور! حضرت پير فيض شاهه جن آيا آهن.
سيٺ: اچڻ ڏينس.
(پير صاحب اچي ٿو، سيٺ کيس ملي ٿو)
پير صاحب: (ويهي) ڪيئن سيٺ صاحب خوش ته آهيو!
سيٺ: شڪر آهي جناب!
پير صاحب: (مرڪي) هن سال ته وڏا وڏا نفعا ٿيا
اٿوَ!
سيٺ: ڌڻيءَ جي مهرباني آهي.
پير صاحب: ڇو نه مهرباني ٿيندي، ڏاڏي سڳوري جي
اوهان کي دعا ناهي؟ ها، پر سيٺ صاحب! اسان جي
نذراني ۾ دير ڇو ٿي آهي؟ اڳي ته هر سال هن کان اڳ
پهچائي ڏيندا هئا. توهان کي خبر آهي ته سائين وڏن
جو ڏهاڙو قريب آهي، ضرور لنگر جو خرچ گهرجي.
سيٺ: جي ها، پر انهن ڏهاڙن ۽ لنگرن مان ڪهڙو مقصد
حاصل ٿو ٿئي؟
پير صاحب: مقصد؟ مقصد انهن جا سڀ حاصل ٿين ٿا جي
نيڪ مراد رکي روضي شريف تي اچن ٿا!
سيٺ: بيشڪ سڀ مقصد حاصل ٿيا جو روز بروز وڌيڪ ذليل
ٿيندا وڃون ٿا!
پير صاحب: الاجي توهان کي ڇا ٿيو آهي. خير (مرڪي)
مون کي ترت واپس وڃڻو آهي جو شيخ سعد الله وٽ دعوت
اٿم. توهين دستوري نذرانو عطا ڪريو ۽ وڌيڪ نفعن جي
شڪريه ۾ ڪجهه وڌيڪ به!
سيٺ: حاضر سائين! (منشيءَ کي) منشيءَ چار آنا
سائينءَ کي آڻي ڏي!
پير صاحب: (کِلي) يعني اڳي ٻه سئو هاڻي چار سئو.
شاباس بابا! ڏاڏو سائين اڃا به گنج ڏيندءِ!
سيٺ: اوهان جو ڏاڏو سائين آهي گنج اڳو پوءِ توهان
کي سڌا ڇو نٿو موڪلي، ڇو پنندا وتو؟
پير: (غضبناڪ ٿي) اسين پنون ٿا؟ اسين اوهان جا
محتاج آهيون؟ سيٺ هوش جاءِ اٿيئي؟ هيءَ ته اسان جي
ٻني آهي! هيءَ ته اسان جي مهرباني آهي جو چاليهو
وٺي اوهان جو مال پاڪ ڪري، وڏن کان پني، منجهس
برڪت وجهي ڏيون ٿا!
سيٺ: اسان کي اها مهرباني ڪانه کپي، اسان کي اها
برڪت ڏيڻ بدران ڀلي پاڻ کي وڃي ڏيو!
پير: (گهور ڪري) ڇا تون به وهابي ٿي ويو آهين؟ ڇا
اسان کي نذرانه ڏيڻ کان انڪار ٿو ڪرين؟
سيٺ: جي ها! هاڻي منهنجون اکيون کليون آهن. آءٌ
اوهان کي نذرانن ڏيڻ بدران قوم جي نوجوانن کي
سڌاريندس، انهن کي مدد ڏيئي کين اعليٰ تعليم
ڏياريندس ته هو حڪومت جون واڳون وٺي قوم کي
سڌارين.
پير: (باهه ٿي) چڱو تڏهن تو کي نذرانه ڏيڻ کان
انڪار آهي؟
سيٺ: چار آنا چٽيءَ جا کپن ته حاضر آهن!
پير: (جلال مان) ته هوندءِ به وٽيئي اهي چار آنا!
ڏاڏو سائين ڪندو ته هيءَ دولت پن جا اڱر ٿي
ويندءِ! اهو غرور لهي ويندءِ! اهو جسم ڪنڊا ٿي
ويندءِ!
سيٺ: (کلي) مون کي توهان جي انهي ڏاڏي جي پرواهه
ڪانهي، جنهن جا پوٽا پنندا وتن! رزق روزي، صحت
مرض، عزت ذلت، سڀ انهي پروردگار جي هٿ ۾ آهي جو
ساري جهان جو مالڪ آهي!
(پير ڪاوڙ ۾ دڙا هڻندو وڃي ٿو)
سيٺ: (منشيءَ کي) سڀني وڏين انگريزي ۽ ديسي اخبارن
کي نوٽيس موڪل ته جيڪي قوم جا نوجوان اعليٰ تعليم
جا شائق هجن تن کي پوري پوري مدد ڏني ويندي!
]پردو
ڪِري ٿو[
پردو ٽيون- لنڊن
]مجيد
وائڙن وانگر بازار ۾ ڦري رهيو آهي. ڪپڙا ڦاٽل اٿس
۽ ٿڪجي هڪ هنڌ وهي ٿو[
مجيد: هاءِ! خدايا ڪاڏي وڃان، ڪٿان به مدد نٿي
ملي. يار دوست سڀ منهن ڦيرائي ويا. مڪان واري مڪان
مان ڌڪي ڪڍيو. ڳوٺان مدد ملڻ جي ڪابه اميد ڪانهي،
سُڪي روٽي کائڻ سان به ٻه چار ڏينهن مس گذرندا،
ڪيئن ڪريان! هن پرديس ۾ ڪاڏي وڃان. (آسمان ڏي ڏسي)
خدايا تو کان سواءِ ٻيو ڪو اجهو ڪونهي.
]ڳائي
ٿو[
لطف سان لاهه هيءَ تڪليف تنگي يا خدا منهنجي
ڪريس در تي سندءِ دانا نه توري واه ڪا منهنجي
ڪريان دک درد جا ڇا داستان تو وٽ بيان باري
مڙيئي معلوم تو کي آهه، موليٰ ماجرا منهنجي
نه ڪا اميد باقي آشنائن ۽ عزيزن ۾
مٽي منهڙو مڙيئي مشفق ڏِسي حالت ويا منهنجي
ڪڪر ڪارا ڏسان چؤطرف ڪوئي سوجهرو ناهي
مگر تنهنجي اڳيان مشڪ نه مالڪ مدعا منهنجي
بنائج بخت بدتر کي وري بهتر خداوندا
قبولج ڪرم سان قادر نماڻي التجا منهنجي
]خوانچه
وارو هوڪو ڏيندو اچي ٿو[
مجيد: اڙي او ڊبل روٽي وارا! هڪ ڊبل روٽي ته
ڏجانءِ!
خوانچه وارو: حاضر جناب!
(ڇٻو زمين تي رکي روٽي ڪڍي ٿو)
مجيد: اڙي ننڍي ڏي.
خوانچه وارو: حضور! هيءَ بالڪل عمدي آهي. هڪ ته ڇا
پر ٻه به هضم ڪري سگهبيون. خاص ڪري مکڻ ۽ ڪباب
سان!
مجيد: مکڻ ۽ ڪباب سان، ڪمبخت! هتي جان اچي چپن تي
بيٺي آهي. چوويهن پهرن ۾ هڪ ويلو سڪو ٽڪر به مس ٿو
ملي سو هن کي مکڻ۽ ڪباب ياد پيا آهن! اڙي ننڍي ڏي!
خوانچه وارو: جيئن اوهان جي مرضي.
(پاپونيئر اخبار جو پنو ڦاڙي انهيءَ ۾ ڊبل روٽي
ويڙهي ڏئي ٿو. مجيد اها رکي کائي رهيو آهي. اوچتو
اکرن تي نظر پويس ٿي).
مجيد: هان! هي ڇا! گهرجن اهي هندستاني نوجوان جي
اعليٰ تعليم حاصل ڪري قوم جو شان مٿي ڪن. کين
ڪشادي دل سان مدد ڏني ويندي!“
”سيٺ يعقوب ڪراچي“
ڇا ڪراچي وارو سيٺ يعقوب! اڙي اهو ڪروڙ پتي! پيرن
۽ مُلن جو رانديڪو! ڀلا انهي کي ڪيئن اهڙا خيال
پيا! نه نه اها ڪا مسخري هوندي! پر.... ههڙين وڏين
اخبارن ۾ مسخريءَ جا نوٽيس ڪيئن وجهايا
هوندائين؟... ڇا تڏهن هي سچ آهي؟ اسان جي قوم جا
دولتمند هاڻي قاروني دولت کي ”سجائي موڙي“ ٿا
بنائين؟ ڇا خدا تعاليٰ هي رستو مون بيواهه لاءِ
کوليو آهي؟ ڀلا لکانس هوائي خط! (مٿي تي هٿ هڻي)
نه ڙي ڪمبخت مجيد! تنهنجا اهڙا ڀاڳ ڪٿان! پر نه!
هو مالڪ هڪ گهٽي بند ٿو ڪري ته سوَ ٿو کولي، ان جي
رحم و ڪرم مان مايوس ٿيڻ ڪفر آهي! بس ڪريانس ٿو
درخواست!
]پردو
ڪِري ٿو[
پردو چوٿون- ڪراچي
(سيٺ يعقوب آفيس ۾ ويٺو آهي. منشي به سامهون ڪاغذ
کڻي بيٺل آهي).
سيٺ: منشي! ڪي درخواستون آيل آهن؟
منشي: جي ها حضور!
(مولوي رفيق الدين اچي ٿو)
مولوي: السلام عليڪم و رحمة الله
سيٺ: و عليڪم السلام- اچو مولوي صاحب!
مولوي: ڪيئن سيٺ صاحب طبيعت ته خوش آهي؟
سيٺ: الحمدالله! ڪيئن اچڻ ٿيو؟
مولوي: بس جيئن دستور موجب مدرسي جي امداد ڏيندا
آهيو تيئن هن سال ڪانه ڏني اٿوَ.
سيٺ: ٺيڪ آهي. اها امداد اوهين شاگردن جي ڪهڙن
ڪهڙن خرچن ۾ ڪم آڻيندا آهيو؟
مولوي: بس شاگردن يا اسان کي ڪو ڪتاب وغيره گهربل
ٿيندو آهي ته انهي مان وٺبو آهي؟
سيٺ: ۽ سندن ماني؟
مولوي: اها ته فقر ڪري کائيندا آهن.
سيٺ: يعني شروع کان ئي پنڻ سکندا آهن، پوءِ سڄي
عمر اهو پنڻ هلندو ايندو آهي!
مولوي: (اکيون ڪڍي) پنڻ؟ اهو پنڻ آهي؟ طالبن جي
فقر کي پنڻ ٿا سڏيو؟
سيٺ: ٻيو پنڻ کي سِڱ ٿيندا آهن؟ اهو عام موالين
وانگر ٽڪر ڇڏائڻ پنڻ نه آهي، تڏهن ٻيو ڇا آهي؟
مولوي: سيٺ صاحب! ڪجهه هوش ڪريو! فقر جا مبارڪ
ٽڪرا ئي انسان کي علم نصيب ڪرائين ٿا. اسان ته
شاهوڪارن کي به اهي کارائيندا آهيون ته سندن ذهن
وڌي!
سيٺ: مبارڪ ٽڪرا ۽ ذهن وڌڻ! ڀلا رسول الله ﷺ جن جي
هن حديث جي ڪهڙي معنيٰ آهي ”الفقر سواد الوجه في
الدارين!“
مولوي: انهي جي معنيٰ برابر اها آهي ته فقر ٻنهي
جهانن جي ڪارمُنهائي آهي، پر اهو عام گداگرن وارو
فقر، اسان جي فقر لاءِ ارشاد آهي ته ”الفقر فخري“
يعني فقر منهنجو فخر آهي.
سيٺ: هان! اهو فقر جو رسول الله ﷺ جن جو فخر هو سو
اهو در در تان ٽڪر پنڻ هو؟ ڇا پاڻ به ائين ڪندا
هئا؟ ٻڌايو ته سهي ته پاڻ يا سندن صحابين ڪڏهن
ڪنهن کان سوال ڪيو؟ اهو سچ آهي ته سندن پيٽ مبارڪ
تي پٿر ٻڌل هوندا هئا؟ پر سوال نه ڪندا هئا!
(مولوي ڪنڌ هيٺ ڪري چپ بيٺو آهي)
سيٺ: شرم اچڻ گهرجي. انهي طرح ماڻهن کي برغلائڻ
تان!
مولوي: خير سيٺ صاحب، اسان کي امداد ڏيو ته وڃون.
سيٺ: امداد؟ انهيءَ لاءِ ته اهڙا پينو تيار ٿين جن
جي هر وعظ بعد چندي جو سوال نڪري؟ جن کي پنهنجو
ڪو روزگار نه هجي؟ جن جو گذران ڪوڙين فتوائن ۽
نيڪالين تي هجي؟ ڇا اوهان کان اهڙا عالم تيار نٿا
ٿين جي عربي سان دنيوي علمن جا به ماهر هجن ۽ برسر
روزگار هجن؟
مولوي: اڳي ته اهڙن مدرسن جو ڪو رواج ڪونهي!
سيٺ: هاڻي قوم جون اکيون کليون آهن. ترت ئي اهڙا
ڪي نيڪبخت نڪرندا جي ديني علم سان گڏ دنيائي علم ۽
هنر جا اسڪول کوليندا.
مولوي: پوءِ ڇا توهان کي عربي علم لاءِ قدر ۽ عزت
ناهي؟
سيٺ: بيشڪ آهي ۽ هميشه رهندي، عربي اسان جي محترم
۽ پياري زبان آهي، هوءَ اسان لاءِ فخر آهي پر انهي
جي تحصيل ڪري پينو،جهيڙاڪار، آمين ۽ الحمدالله جا
جهڳڙا ڪندڙ پيدا ڪرڻ نٿو گهران. اسان کي اهڙي عربي
يونيورسٽي کپي جا انهي پياريءَ زبان سان دنيائي
علم ۽ هنر به سيکاري ۽ روزگار لائق ڪري.
مولوي: دنيائي علم يعني انگريزي؟ توبهه! توبهه!
نصار جي زبان! سخت گناهه جو ڪم آهي!
سيٺ: اوهين اهو ”سخت گناهه“ ”سخت گناهه“ ڪندا رهو
۽ مسلمان وڏن عهدن کان محروم رهي موچڙا کائيندا
وتن. (هٿ ٻڌي) مولوي صاحب معاف ڪريو، مون وٽ چندو
ناهي!
مولوي: (شور ڪري) اڃا اسان جي فتوائن جو واقف نه
ٿيو آهين. اسين اهي آهيون جو هڪڙي واڻئي ناس جي
دٻلي مفت نه ڏني ته ماڻهن کي تنبيهه ڪئي سون ته هي
واڻيو وهابي ٿي ويو آهي، کانئس ڪوبه واپار نه وٺي!
نتيجو اهو ٿيو جو ڪوبه سندس دڪان تي نه آيو. وري
جڏهن توبهه ڪيائين تڏهن اها منع لاٿيسون. سو سيٺ
صاحب! توکي اسان سان وير رکڻ سان چڱائي حاصل ڪانه
ٿيندي!
سيٺ: ڪفر جي فتوا ڪڍندؤنه؟ پرواهه ناهي! موليٰ
پاڪ اسان جي نيت ڄاڻي ٿو! اهو پناهه ڏيندو!
(مولوي صاحب به دڙا هڻندو وڃي ٿو)
سيٺ: منشي! درخواستون پيش ڪر.
منشي: (هڪ درخواست کڻي) جناب! هي مسلم گرلس اسڪول
حيدرآباد جي اپيل آهي جنهن ۾ ڇوڪرين کي پرده اندر
مئٽرڪ تائين تعليم ڏجي ۽ ديني ارڪانن مان به واقف
ڪجي ٿو. کين نماز روزه ۽ پرده جي سختيءَ سان پابند
ڪرائجي ٿو ۽ ڪابه بي برقعه ماسترياڻي اسڪول ۾ پير
پائي نٿي سگهي!
سيٺ: نهايت بهتر، اهو اسڪول مسلمانان سنڌ لاءِ فخر
آهي. چڱو، پنج هزار ساليانه!
منشي: هي قرآن شريف جا سبق آهن جي سيٺ بي. ايم.
صالح جن ڪراچيءَ مان شايع ڪري مفت ورهائين ٿا.
سيٺ: نهايت عمدو ڪم آهي. چڱو، هڪ هزار روپيه
موڪلي کين لک ته اهڙي هر ڪنهن کي مفت ڏيڻ بدران
شاهوڪارن کي قيمت تي ۽ غريبن، مسجدن ۽ ملا اسڪولن
کي مفت ڏيو ته چڱو ٿيندو. اسين وقت بوقت مدد ڪندا
رهنداسون.
منشي: هي شاهه صاحب علي اڪبر شاهه ميهڙائي جي عربي
يونيورسٽي جي رٿ آهي.
سيٺ: تمام چڱو، کين لکو ته اسان هر طرح سندن مدد
ڪنداسون.
منشي: هي آنربل پير الاهي بخش صاحب تعليمي وزير
صاحب سنڌ سرڪار جو ليٽر آهي ته اسين سنڌ ۾ بالغن
جي تعليم جو سرشتو جاري ڪرڻ چاهيون ٿا. سڀني قوم
جي خيرخواهن جي همدردي گهرجي.
سيٺ: نهايت بهتر، نهايت بهتر، سنڌ جي اٻوجهن لاءِ
هيءَ تعليم نهايت ضروري آهي. ٻيو نه ته صحيح وجهڻ
سکي من آڱوٺي هڻڻ کان ڇٽڻ، بيشڪ سنڌ بلڪل خوشنصيب
آهي جو کيس ههڙو اولو العزم وزير نصيب ٿيو آهي.
کيس عرضداشت لک ته مان روبرو حاضر ٿي هر طرح
همدردي ڪندس.
منشي: هي ٻين ٽن شاگردن جون درخواستون آهن جي
ڊاڪٽري، انجنيئري ۽ ايگريڪلچر تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ
ولايت وڃڻ چاهين ٿا.
سيٺ: کين لِک ته تيار ٿي ڪراچي مان روانا ٿيو. کين
ڪافي مدد ڏني ويندي.
منشي: هن طالب العلم مئٽرڪ سان گڏ عربيءَ جي تحصيل
ڪئي آهي. وڌيڪ تعليم ۽ تجربي لاءِ ترڪيءَ ۽ مصر
وڃڻ چاهي ٿو.
سيٺ: لکينس ته هتان ٿيندو وڃي. کيس گهربل خرچ
ملندو.
منشي: هيءَ مسٽر عبدالمجيد جي ولائت مان درخواست
آهي ته هو آءِ.سي.ايس پڙهڻ لاءِ ويل آهي، پٺيان
سندس چاچو جو سڀ خرچ موڪليندو هوس سو فوت ٿي ويو ۽
هو خرچ کان سواءِ نهايت پريشان آهي، مدد جي ضرورت
اٿس.
سيٺ: (بلڪل پريشان ٿي) هان! ڇا چيءِ؟ قوم جو هڪ
اميد ڀريو نوجوان لنڊن جهڙي عظيم الشان شهر ۾ بي
خرچ آهي؟ آه! هن جي ڪهڙي حالت هوندي؟ منشي اُٿ
هڪدم! بلڪل هڪدم! کيس هوائي تار رستي هزار روپيا
موڪل ۽ پوءِ مون کي امپيريل بئنڪ تي ڏهن هزارن جو
چيڪ وٺي روانو ڪجانس! بس دير نه ڪر!
(اٿن ٿا، پردو ڪِري ٿو.)
*
پردو پنجون، حيدرآباد
(مسٽر ايم.اي مجيد صاحب آءِ.سي.ايس ڪرسي تي چروٽ
پي رهيو آهي. اڳيان ميز ۽ انهي جي چوڌاري چار پنج
ڪرسيون پيل آهن)
صاحب: ڪهڙي نه عمدي زندگي! هر قسم جون نعمتون ميسر
هر ڪا راحت موجود، ڪليڪٽري به عجيب چيز آهي، ۽
چانس جو به ڪم آهي فقط ڇهه مهينا اسسٽنٽ ڪليڪٽر ته
هڪدم پڪو ڪليڪٽر!
(گهنٽي وڄائي ٿو. پٽيوالو سلام ڪري اچي بيهي ٿو)
پٽيوالو: جي حضور!
مسٽر مجيد: ٻاهر ڪير ڪير آهي!
پٽيوالا: حضور ڌوٻي، حجام، سيٺ ٽيڪچند ۽ ٻه شاگرد،
ٻه زميندار.
صاحب: شاگرد ۽ زميندار ڇا لاءِ آيل آهن؟
پٽيوالو: حضور شاگرد ته ڪجهه امداد جي آسري آيل
آهن.
صاحب: چوين ته اسان نه ڏيئي سگهنداسون، اسان کي
پنهنجا خرچ آهن.
پٽيوالو: ۽ زميندار پاڻ ۾ راڄوڻي صلح ڪرڻ چاهين
ٿا، حضور جن جي هٿان اهو بهتر ٿي سگهندو.
صاحب: چوين ته اسان کي انهن ڳالهين لاءِ وقت
ڪونهي، اسان کي سرڪاري ڪم گهڻا آهن. حجام کي موڪل.
(حجام)
حجام: سلام حضور!
صاحب: سلام! تو اسان جي بٽريل کان ٻه روپيا ڇو نه
ورتا؟
حجام: حضور! ٻه روپيا مهيني جا ڪيئن وٺان؟ اڳيان
صاحب مهيني ۾ ٽيهه ٽيهه روپيا ڏيندا هئا!
صاحب: عام ماڻهن کان گهڻو ملندو اٿيئي؟
حجام: اي حضور! عام ته چار آنا في سنوارت ڏيندا
آهن پر حضور جو شان اعليٰ آهي، حضور زماني جا حاڪم
آهن!
صاحب: مگر اسان عام سنوارت روزانه پاڻ لاهيندا
آهيون. هر هفتي مڪمل سنوارت بابت مهيني جا توکي هڪ
روپيا بدران ٻه روپيا ڏيون ٿا، توکي قبول نه هجن
ته آئنده ٻئي کي هڪ رپيو ڏينداسون.
حجام: حضور!
صاحب: چڱو بس وڃ ٻاهر! نوڪر! ڌوٻي کي موڪل.
(ڌوٻي اچي ٿو. سلام ڪري بيهي ٿو)
صاحب: ڪاريگر! اسان جو ڪوٽ ڪيئن گم ٿيو؟
ڌوٻي: حضور! بس واهه ۾ وهي هليو ويو!
صاحب: پوءِ ڳولا ڪانه ڪئي؟
ڌوٻي: حضور! ڦليلي درياءَ سان ڪو آءٌ پهچي سگهندس
جنهن ۾ ماڻهو ئي ٻڏيو وڃن. اڳ به اهڙي طرح اڳين
صاحبن جا ڪپڙا گم ٿيندا هئا، پوءِ حضور انهن کي ڇا
ڪري سگهبو؟ حضور کي ڪهڙي پرواهه آهي!
صاحب: چڱو، تنهنجي هيءَ ۽ آئنده ڌوئاڻي ضبط آهي
جيستائين ڪوٽ جي قيمت وصول نه ٿئي.
ڌوٻي: هاءِ حضور! ائين ته آءٌ مري ويندس! اڳيان
صاحب ته ائين نه ڪندا هئا!
صاحب: مگر مان ڪندس!
ڌوٻي: حضور! مان اڃا به ڳولا ڪري رهيو آهيان اميد
ته هٿ اچي ويندو!
صاحب: ٺيڪ آهي. هاڻي ڇو نه هٿ ايندو، چڱو وڃ.
پٽيوالا سيٺ کي موڪل.
(سيٺ سلام ڪري بيهي ٿو)
صاحب: سيٺ صاحب اسان اگهه جاچيو آهي ته تون اسان
کان ڏيڍوڻ وٺين ٿو، انهي ڪري هي بل به ڪٽ ڪبو ۽
آئنده توکان سيڌو نه وٺبو.
سيٺ: اي حجور غريب پرور! حجور کي ڪهڙي پرواهه آهي،
اڳين شاحبن مان ته ڪنهن اهڙو گشو نه ڪيو!
صاحب: مگر اسان ڪنداسون، حق ڏيو ۽ حق وٺو، چڱو وڃ
ٻاهر! (وڃي ٿو)
صاحب: (پنهنجي منهن) اهڙي طرح ڪفايت نه ڪبي ته سيٺ
يعقوب جا يارنهن هزار ڪيئن گڏ ٿيندا! مون انهي ڪري
شاديءَ کان به انڪار ڪيو آهي. منهنجو پهريون ڪم
آهي سيٺ جا پئسا ادا ڪرڻ ۽ پوءِ شادي ڪري آرام ۽
راحت سان وقت گذارڻ!
(پردو ڪِري ٿو)
*
پردو ڇهون، ڪراچي
(سيٺ يعقوب ڪرسيءَ تي ويٺو آهي. نوڪر هڪ وزيٽنگ
ڪارڊ کڻي اچي ميز تي رکي ٿو)
سيٺ: (ڪارڊ ڏسي) ايم.اي مجيد! آءِ.سي.ايس! ڪليڪٽر
حيدرآباد! مون کي ته سندس واقفيت جي يادگيري ناهي!
ڪهڙو ڪم اٿس؟ چڱو موڪلينس.
(مجيد صاحب اندر اچي ٿو)
صاحب: گڊ مارننگ سيٺ صاحب.
سيٺ: وعليڪم السلام! اچو ڪليڪٽر صاحب (هٿ ملائي
ٿو) وهو! (صاحب وهي ٿو) ڪيئن طبيعت ته خوش اٿو؟
صاحب: ويري گڊ!توهان خوش آهيو؟
سيٺ: شڪر آهي! هان مسٽر مجيد صاحب! ڪيئن تشريف
فرمائي اٿوَ؟
صاحب: (مرڪي) توهان جون مهربانيون ادا ڪرڻ.
سيٺ: مهربانيون؟ اهي ڪهڙيون؟
صاحب: (مرڪي) توهان کي ياد نه آهن؟
سيٺ: جي نه! مون کي توهان سان واقفيت جي به
يادگيري نه آهي!
صاحب: (کِلي) مان اهو ساڳيو مجيد آهيان، جنهن کي
آءِ.سي.ايس جي خرچ لاءِ توهان يارهن هزار روپيا
موڪليا هئا.
سيٺ: (کِلي) اوهو! مسٽر عبدالمجيد صاحب! بلڪل چڱو!
تڏهن توهان امتحان پاس ڪرڻ بعد هاڻي ڪليڪٽر آهيو،
ڏاڍو چڱو ٿيو. شڪر! شڪر! بيشڪ مسلمانن کي هينئر
ترت چانس ملي ٿي پر جي هو پڙهن به! هان مجيد صاحب!
هاڻي ته خوش باش آهيو نه؟ وقت سٺو پيو گذري نه؟
صاحب: جي ها جناب انهي وقت سٺي گذرڻ سبب ته هي بار
ادا ڪرڻ آيو آهيان. (چيڪ اڳيان رکيس ٿو).
سيٺ: (چيڪ ڏسي) هي ڇا! يارهن هزارن جو چيڪ! (کلي)
ها ها ها! دوست اهو واپس پاڻ وٽ رک! سيٺ يعقوب
واپس وٺڻ جي ارادي سان امداد نه ڏيندو آهي بلڪ قوم
جي بااميد فردن جي مدد پنهنجو فرض سمجهندو آهي.
رکي ڇڏيو! واپس کيسي ۾ رکو! ڪنهن نيڪ ڪم ۾ لڳايو!
صحب: (چيڪ کيسي ۾ وجهي) سيٺ صاحب! توهان جي سخا ۽
درياءَ دلي تي آفرين هجي.
سيٺ: (ڪنڌ هلائي) انهي تعريف جي ڪابه ضرورت
ڪانهي... مگر هان ڪليڪٽر صاحب! اوهان جي عهدي شروع
ٿئي گهڻو عرصو ٿيو آهي؟
صاحب: ٻه سال جناب!
سيٺ: مان پڇي سگهان ٿو ته توهان انهن ٻن سالن ۾
قوم جي بهتريءَ لاءِ ڇا ڇا ڪيو آهي؟ توهان ڪيترين
بيڪارن کي روزگار ۾ لڳايو آهي؟ ڪيترن محتاجن کي
امدادون ڪيون اٿوَ؟ ڪيترن فضول خرچ انسانن کي
سڌاريو اٿوَ؟ ڪيترن ضدين جا جهيڙا ٽاريا اٿوَ؟
ڪيترن بيواهن کي رستي لڳايو اٿوَ؟ (زور ڏيئي) خاص
ڪري، ڪيترن ماڻهن ۾ سڌاري ۽ قوم کي بهتر بنائڻ جو
شوق پيدا ڪيو اٿوَ؟ (صاحب چپ ڪري ڪنڌ هيٺ ڪري ٿو)
سيٺ: (خشڪ ٿي) ڪڇو ڇو نٿا ڪليڪٽر صاحب!
صاحب: (ڪنڌ هيٺ ڪري) جناب! ڪم جي گهڻائي سبب مون
کي فرصت ئي ڪانه ٿي ٿئي.
سيٺ: ڪم جي گهڻائي! مان سمجهي نٿو سگهان ته اهڙي
ڪهڙي افراتفري اچي پيدا ٿي آهي جو توهين صبح جو
ڇهين بجي کان رات جو 12 بجي تائين ڪم ئي ڪم ۾ لڳا
رهو ٿا!... ٺيڪ آهي، انهي ڪم جي گهڻائي سبب ئي ته
اوهين بدن ۾ ڏٻرا ٿي ويا آهيو!
(صاحب پنهنجي ڀريل بدن کي ڏسي ڪنڌ هيٺ ڪري ٿو چوي
ٿو)
صاحب: جناب! درحقيقت ڳالهه هيئن آهي ته آءٌ پنهنجي
خانگي فڪرات سبب انهن ڪمن ڏي توجه ئي نه ڪري سگهيو
آهيان!
سيٺ: (غصي مان) هان! هي ڇا ٻڌي رهيو آهيان. ڇا تو
انهن ڪمن ڏي توجه ئي نه ڪئي آهي! تون ڪتن وانگر
فقط پنهنجو پيٽ پالڻ ۾ مشغول آهين؟ او خدا! مون
پنهنجي موڙي نڪمي خرچ ڪئي ۽ بلڪل نڪمي! او جهنگلي
جانور! توکي پنهنجو لنڊن وارو وقت ياد نه آيو ته
ڪيئن بيڪسي جي حالت ۾ هئين ۽ تو وري عروج تي پهچڻ
بعد اهڙو ڪوبه بيڪس ڳولي نه لڌو جنهن کي بيڪسيءَ
جي اوڙاهه مان ٻاهر ڪڍين؟ تف آهي اهڙي زندگيءَ تي،
جا ڪنهن انسان کي سڌارڻ ۾ صرف نه ٿئي!
مجيد: (اکين ۾ پاڻي آڻي) بس سيٺ صاحب! وڌيڪ نه
چئو، توهان جو هڪ هڪ لفظ منهنجي دل تي تير و نشتر
جو ڪم ڏيئي رهيو آهي، واقعي آءٌ ڪتو بنجي پنهنجو
ئي پيٽ پالڻ ۾ لڳي ويس، واقعي مون پنهنجي قوم جو
زبردست گناهه ڪيو آهي ۽ انهي گناهه جو ڪفارو اهو
ئي آهي ته آئنده منهنجو وار وار قوم جي بهبوديءَ
جي مشغول رهندو!
سيٺ: (خوش ٿي کيس ڀاڪر پائي) سچ؟ منهنجا نوجوان
دوست! تو سچ پچ اهو پڪو عهد ڪيو آهي؟ خدا تنهنجي
عهد ۾ برڪت وجهي! اڄ آءٌ پنهنجي موڙي سجائي
سمجهندس! هان هان بلڪل سجائي! جيڪڏهن منهنجي
موڙيءَ رڳو هڪ اهڙو ماڻهو پيدا ڪيو جنهن کي ساري
ضلع جي انسانن تي ضابطو هجي ۽ هو انهن کي سڌارڻ جو
پڪو عهد ڪري، ته اهڙي سجائي موڙي ٻي ٿي ئي نٿي
سگهي (کنگهي) منهنجا نوجوان دوست! اسان جو نڌڻڪو،
محتاج ملڪ اوهان نوجانن ڏانهن ئي اکيون کڻي
واجهائي رهيو آهي، اسان جا فرد تعيلم نه هجڻ سبب
طرحين طرحين مصيبتن ۾ مبتلا آهن. دولت هنن وٽ
ڪانهي ته اخلاق به ڪونهن، هو روزبروز ذلت جي اٿاهه
سمنڊ ۾ وڌيڪ غرق ٿيندا ٿا وڃن، پوءِ ڪهڙو نه دک
جهڙي ڳالهه چئبي جو قوم جو جيڪو فرد سڌري طاقتور
ٿئي سو قوم ڏي ڪابه توجه نه ڪري. منهنجا دوست
جيڪڏهن خدا تعاليٰ توکي هيڏو اقبال نه ڏيئي، ڪو
مزور بنائي ها ته تون ڪجهه ڪڇي نه سگهين ها. هاڻي
پنهنجي مالڪ جو شڪر ڪر ۽ پاڻ کي خلق جو خادم سمجهي
خلق جو سڌارو ڪر، هنن کي تعليم ڏي، هنن جا اخلاق
سڌار، هنن مان جهيڙا جهڳڙا ڪڍ، هنن جا بُرا ڪم
روڪ، هنن ۾ نيڪيءَ جو چاهه پيدا ڪر، توکي ته ڌڻيءَ
قوت به عطا ڪئي آهي، تون ٺلهن وعدن بدران عملي ڪم
ڪري سگهين ٿو، تون خلق سڌارڻ جو خيال ڪرين ته سال
اندر سندن خيالات ئي عجيب بنائي سگهين ٿو. سڀ کان
وڏي ڳالهه ته اهڙا ماڻهو پيدا ڪر جي تو وانگر قوم
جي بهتريءَ جي اون رکن.
مجيد: (اٿي) چڱو سيٺ صاحب! هاڻي آءٌ موڪلايان ٿو،
يقين رکجو ته اوهان جو لفظ لفظ منهنجي دل تي نقش
آهي ۽ منهنجي آئنده ملاقات ڪنڌ هيٺ ڪرڻ واري نه
هوندي، بلڪ انشاءَ الله تعاليٰ آءٌ اوچي ڪنڌ
ڳالهائي سگهندس!
سيٺ: (اٿي هٿ ۾ ٿ ملائي) شاباس منهنجا بااقبال
دوست! خدا تعاليٰ توکي ڪامياب ڪري ۽ تنهنجو اقبال
وڌائي! (مجيد وڃي ٿو)
سيٺ: (کلي) هنن بلند اقبال نوجوانن کي ائين نه
سڌاربو ته ڀلا ڪي هي سڌرندا! الحمد الله! جو هيءَ
موڙي ته سجائي ٿي!
(پردو ڪِري ٿو)
(چونڊ ائڪٽر نڪري ڳائين ٿا)
خلق جي خدمت ڪرڻ اسان جو مقصود آهه!
نا ته دنيا ۾ اچڻ اي دوستو بي سود آهه!
ڇا ڪبو اقبال ۽ آسودگيءَ کي جيڪڏهن،
قوم ذلت ۾ ڪريل ۽ فرد ڪو خوشنود آهه!
عيش ۾ ڌن کي لٽي ۽ قوم لئه ڪجهه نا ڪري
سچ ته دولتمند سو قارون ۽ نمرود آهه!
قوم ۾ اخلاق ناهي، اتفاق ۽ علم ناهه
اوج و عزت جو عزم ناپيد ۽ نابود آهه!
اي وڏي اقبال وارؤ! قوم جو ڪريو خيال
ڌن لفنگن ۾ لٽڻ ايءَ ڪا سخا ۽ جود آهه!
قوم جي حالت ڏسي، سينو سڙي ٿئڙو ڪباب
هي نه گانو آهه يارو، دل جگر جو دود آهه!
ڪونڍير
]ٿر
۾ برسات پوڻ تي جهنگ ۾ ترت ئي ’پپون‘ ۽ ’ڪونڍير‘
اُڀرندا آهن، اهي سنڌ جي ٻئي حصي ۾ ڪونه ٿيندا
آهن، جنهن ڪري کين ’ٿر جا ميوا‘ سڏيندا آهن.
’ڪونڍير‘ جي ول جو نالو ’ڦڙسي‘ چئبو آهي، ان جي
پاڙ ۾ پٽاٽي وانگر ڪونڍير ٿيندو آهي. مجازي طرح،
سُهڻن ۽ اڀريل ڳلن واري ٻار کي ’ڪونڊير‘ چئبو آهي.
هن افساني ڪونڍير جهڙن ٻارن جو به ذڪر آهي، جي
سماجي بندشن سبب پنهنجو ’ڪونڍير پڻو‘ ختم ڪري ويا.[
(1)
”راجو! راجو! مون ڪونڍير لڌو!“
”ڪٿي، ڪٿي؟“
”اجهو هيءُ، ڦڙسي به وڏي اٿس.“
راجوءَ جهٽ
هڻي ڪونڍير کسي ورتس. هيري اُتاولو ٿي چيو:
”اڙي هي ڇا ٿي ڪرين؟“
”کاوان، ٿي، ٻيو ڇا ٿي ڪريان؟“
”پر لڌو ته مون هو، نه؟
”واهه! پاڻ ٻئي گڏ ڪين آهيو؟“
”گڏ آهيون ته پوءِ اڌو
اڌ ٿيندو نه؟“
”ڦڙسي ڀلي تون کڻ، مون کي ڪونڍير وڻندا آهن!“
”واهه واهه! ٻين کي ڄڻ ته وڻن ئي ڪونه!“
”وڻن ته سڀني کي، پر ڪن کي ڪا شيءِ گهڻي وڻي،
ڪن کي ٿوري.“
”چڱو چڱو، تڏهن اڄ اهو فيصلو ٿيو، ته ڪونڍير سڀ
تنهنجا ۽ ڦڙسيون سڀ منهنجيون!“
”۽ پِپون اڌو اڌ!“ راجوءَ کلي چيو.
”بيشڪ!“ هيري وراڻيو!
راجو ۽ هيرو ٻئي هڪ ڳوٺ جا هئا. راجو هئي ٺڪرياڻي،
اُن ڪري نالو هئس راج ڪنور، پر ٻار ته ايڏو نالي
ڳنهي ڪونه سگهندا هئا، ان ڪري چوندا هئس تاجو؛ ۽
هيرو هو ميگهواڙ. ٺڪر ۽ ميگهواڙ هڪ ٻئي کان پري
رهندا آهن، پر ٻار ويچارا معصوم، انهن کي اها ڪل
ڪانه هئي، نڪو قدرت کان اها ڳالهه سکي آيا هئا، هو
ته آزاديءَ سان پيا راند روند ڪندا هئا.
(2)
”راجو! راجو!
اڄ ڪونڍيرن جو ڍڳ هٿ ڪري آيو آهيان.“
”ڪٿي ڪٿي! اڙي ڏي مون کي“!
”وٺ! تنهنجي لاءِ ته آندا اٿم!“
’ٺڙاڪ! ٺڙاڪ!‘
غريب هيري جا ماشا ئي بتال ٿي ويا. هو راجوءَ جي
پلؤ ۾
ڪونڍير وجهي رهيو هو، ته هن جي ماءُ الائي ڪٿان
اچي پهتي ۽ ٻه ٿڦڙون وهائي ڪڍيائينس، ”ڍيڍ جا ٻچا!
تون ٺڪرياڻيءَ کي ٿو پنهنجون هٿ لڳل شيون ڏين!“
هن جي رڙ نڪري وئي، اڃا ڏانهس نهاريان ئي مس ته
وري ٻي ٿڦڙ لڳس ۽ ٺڪرياڻيءَ چيس:”نڪر
هتان حرام خور! وري ڪڏهن اسان جي گهر آيو آهين يا
راجوءَ سان ڳالهائيندو ڏٺو اٿمانءِ ته ساهه ڪڍي
ڇڏيندي سانءِ!“
هيرو روئيندو اُٿي ڀڳو، ٿوروئي
اڳتي ويو ته ماڻس ڏسي ورتس، ”صدقي وڃان ٻچڙي تان،
توکي ڪنهن ماريو؟“
”راجوءَ جي ماءُ“.
”راجوءَ جي ماءُ! ڇو ڀلا؟“
”الائجي ڇو!“
”الائجي ڇو؟ ضرور ڪو سبب ته هوندو نه؟“
”سبب ته ڪوبه ڪونه هو، مون اڄ گهڻا ڪونڍير آندا
هئا، سي راجوءَ کي پئي ڏنم ته ڦهڪو ٿي ويو.“
”مون سمجهيو، پُٽ! هوءَ ڀلا
تنهنجي هٿ جي شيءِ ڪيئن کائيندي؟“
”ڇو امان؟ منهنجا هٿ ته صفا آهن، راجوءَ جهڙا!“
”راجوءَ جهڙا ڀلا ڪٿان ٿي سگهندا؟ هو راجپوت، پاڻ
اڇوت!“
”نه نه، ڀڳوان جو سُنهن، بلڪل هن جهڙا آهن، اصل
ذري جيترو فرق به ڪونهي!“
”تون فرق نٿو ڏسين، پر ڀڳوان ڏسي پيو.“
”ڀڳوان جون اکيون وري ٻئي قسم جون آهن ڇا؟“
”چپ چپ! ڀڳوان جي نالي ائين بي ادبيءَ سان نه
ڳالهائبو آهي، هو سموري جو
ڌڻي آهي، هو سڀني کي پالي نپائي ۽ خلقي ٿو.“
”پوءِ ڀلا اهڙو مالڪ ڪيئن فرق ڏسندو هوندو؟“
”فرق ڏٺو اٿس، تڏهن ته هنن کي اوچي جات بنايو اٿس
۽ پاڻ کي نيچ جات.“
”ڇو ڀلا؟ اسان کي نيچ ڇو بنايائين؟ اسان ڪهڙو گناهه
ڪيو؟“
”پُٽ! دنيا ۾ سڀيئي اوچ ته ٿي ڪونه سگهندا، ضرور
ڪي نيچ هوندا، تڏهن ته دنيا جو چرخو هلي سگهندو.
ڏس کڻي،
پساهه ته اسان سڀني ساهوارن ۾ هڪ جهڙو آهي، پوءِ
ڪي ڍور آهن، ڪي ماڻهو آهن، ڪي پکي آهن، اها
ته ڀڳوان جي جوڙ آهي، اهو به سندس شڪر آهي، جو
اسان کي ماڻهو بنايائين. حيوان ٿيون ها، ته ڪيترو
نه دُکي هجون ها!“
”مگر هينئر وري ڪي گهٽ دُکي آهيون ڇا؟ جهڙي مار
حيوانن کي ملندي آهي،
اهڙي
ساڳي مون کي به راجوءَ جي ماءُ ڏني آهي.........
بلڪل حيوانن وانگر...... اوچتو ئي اوچتو ڦهه ڦهه
ٿي وئي.......“
هو وري به اوڇنگارون ڏيڻ لڳو. ماڻس ڳراٽڙي پائي
گهر وٺي
ويس ۽ گهر وڃي چڱيءَ طرح سمجهايائينس ته سندن ۽
ٺڪرن وچ ۾ ڪهڙا ويڇا هجڻ گهرجن ۽ کيس هنن جا ڪهڙا
ادب بجا آڻڻ گهرجن.
(3)
سندن ڳوٺ ۾ اسڪول کليو، ڪجهه عرصي بعد هيرو به
پڙهڻ لڳو. جڏهن چوٿون درجو پاس ڪيائين، تڏهن اڇوت
هجڻ سبب ازخود اسڪالر شپ مليس ۽ هو وڃي اي. وي
اسڪول ۾ داخل ٿيو.
جيستائين هو پنهنجي ڳوٺ ۾ موجود هو، تيستائين ته
ڪڏهن پري کان هڪ ٻئي کي ڏسندا هئا ۽ ڳالهائيندا به
هئا، پر هاڻي جڏهن هيرو ٻاهر هليو ويو، تڏهن راجو
ڏاڍي دُکي ٿيڻ لڳي. هن کي ائين ئي پئي محسوس ٿيو
ته ڄڻ
سڄي
ڳوٺ ۾ ڪا پهر ئي ڪانهي. نه هوءَ شاعر هئي، نه بلند
خيال، پر سندس طبيعت فطري طرح ڄڻ
ته ڪنهن شاعر جي هنن خيالن جو اظهار ڪري رهي هئي
ته:
سڃو توڙي شهر سارو، اچي مون سک نه ڪٿ ساعت،
ڀُڻان رت رات ڏينهن رُئندو، رهاشت ٿي مون رندن
سان.
کيس جڏهن به وجهه ملندو هو، تڏهن هيري جي ماءُ کان
اهو ضرور وڃي پڇندي هئي ته ”هيري کان ڪو ماڻهو
آيو!“، ”هيري جي ڪا خبر پيئي؟“ ”آهي ته چڱو ڀلو
نه؟“، ”ڀلا هو ڪڏهن ايندو؟“، ”ڀلا هو ڪيترو وقت
پڙهندو رهندو؟“
هيري جي وڃڻ بعد پهريون سانوڻ آيو، هن جي دل چاهيو
ته اڄ وري به هيرو هتي هجي. هوءَ هاڻي ڪجهه وڏي ٿي
هئي، تنهنڪري اهو ته خاص طرح اِمڪان ڪونه هو، ته
هو گڏجي گهمي سگهن ها، تڏهن به سندس اکيون اداسي
هيون ته هن موهيندڙ موسم ۾ من گهرئي ماڻهوءَ جو
درشن ڪري دل کي ٺارين. پر جڏهن هيري جي ماءُ ٻڌايس
ته ”ششماهي امتحان لاءِ صاحب اچڻو آهي، ان ڪري في
الحال سندس اچڻ جو امڪان ڪونهي.“ تڏهني هوءَ وسي
ٿي ويئي ۽ پوءِ کاڻي وتندي هئي.
اهڙيءَ طرح ڪيترا ورهيه گذري ويا، هيرو هاڻي اي.
وي اسڪول جي پڙهائي پوري ڪري، وري ميرپورخاص طرف
هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيو.
غريب ماڻهو، تعليم مهانگي، ۽ ان سان گڏ سفيد پوشي
به ڪرڻي ٿي پئي. فري بورڊرشپ ۽ اسڪالرشپ گڏجي به
هن وٽ ايترو پئسو پاڇي نٿي ٿي سگهيو، جو هو ڳوٺ
گهڻو اچي سگهي، ان ڪري پنهنجون ڪيتريون ئي
وئڪيشنون ۽ موڪلون به ڳوٺ ۾ گذاري نه سگهيو، بلڪ
هو ڪوشش ڪندو هو ته وئڪيشن جي وقت ۾ به ڪو اهڙو
پورهيو هٿ اچي وڃي، جنهن مان چار پئسا پيدا ٿي
سگهن. البت..... جڏهن ڪا وئڪيشن سانوڻ ۾ ايندي هئي
ته ڪنهن به طرح هو ڳوٺ ضرور ويندو هو.
(4)
اڄ هو ڪيترن ئي مهينن بعد ڳوٺ ڏي موٽيو
هو، سانوڻ جي موسم ته هئي، پر مينهن جو ڪو به پتو
ڪونه هو، سڄو ملڪ بيابان لڳو پيو هو، لُڪن جا
ڪڙڪاٽ هئا، وڻ ٽڻ انهيءَ ڄيري ۾ ٻراٽجي ويا هئا،
پر اهڙي ڦڙي ڪانه ٿي پيئي، جا پياسي زمين کي ڪجهه
سيراب ڪري. اهڙيءَ دل ڏکوئيندڙ موسم ۾ هن کي ڳوٺ
اچڻ تي ڪا خوش ڪانه ٿئي
ٿي، پر اڳيان مئٽرڪ جو
امتحان هو،
جنهن تي سندس سڄيءَ زندگيءَ جو مدار هو، جيڪڏهن
ڪنهن به ڪوتاهيءَ سبب هو ان ۾ ناپاس ٿئي ها، ته
پوءِ جهڙو ڌوٻيءَ جو ڪتو، نه گهر جو نه گهاٽ جو،
وڌيڪ پڙهي هو نه سگهي ها ۽ سواءِ ٻهراڙيءَ جي
ماستريءَ جي سندس ڪوبه ٺڪاڻو نه هجي ها، پر
هي اهي ڏينهن هئا، جڏهن ٻهراڙيءَ جي ماستري به
سواءِ سفارشن جي هٿ نٿي آئي. انهيءَ مستقبل کي
مقابل ڏسي، هن جو خيال هو، ته هڪ دفعو پوڙهيءَ
ماءُ جي آسيس ۽ ڳوٺ وارن جا محبت ڀريا ٻول هٿ ڪري
اچان، پوءِ امتحان ڏيڻ تائين واپس ڪونه موٽندس.
مگر جڏهن رستي جو نظارو ڏٺائين، تڏهن هانوُ ئي
ڇڄي پيس. جيڏانهن ٿي ڏٺائين، اوڏانهن ڳجهن جا
لامارا هئا، ٿوري ٿوري مفاصلي تي کيس مئل ڍورن جا
ڍونڍ پئي ڏسڻ ۾ آيا. ڳوٺن ۾ ڀينگ لڳي پئي هئي، ۽
جڏهن هو پنهنجي ڳوٺ پهتو، تڏهن سندس ماءُ کي به
رڳو هن ڪري موجود ڏٺائين، جو هوءَ سندس چٺي پهچڻ
سبب ترسيل هئي، نه ته ڪڏهوڪو
لاڙ هلي وڃي ها
۽ وڃي ڪو پورهيو پال ڪري
پيٽ ڀري ها. سڄي ڳوٺ ۾ ڪُڪڙوڪون
لڳي پئي هئي، سواءِ ٺڪرن جي پاڙي جي ٻيا پاڙا ئي
پورا ٿيا پيا هئا، سڀ لاڙ ڏي نڪري ويا هئا ۽ جڏهن
هن ماءُ کان راجوءَ جي خيرعافيت پڇي، تڏهن هن چيس
ته ”خبر ڪانهي، اتان ڪو ماڻهو ويجهيءَ ۾ ڪونه آيو
آهي.“
”اُتان ڪو ماڻهو؟ ويجهيءَ ۾؟ ڇو ڀلا؟ راجو هتي
ڪانهي ڇا؟ ٺڪر ماڻهو ته ڏک بک ۾ به پورهئي تي ڪونه
ويندا آهن، نه؟“
”جي ها، هو عزت وارا آهن، ٻاهرين وٽ پورهئي کان
هنن کي عار آهي..... پر ڏڪار ورهيه.... مال مري
ويو.... ضرور کاڌو ته کپي نه؟“
”ها، ماڻس ضرور اتي هوندي، ڪا ڌيءَ جي در تي ڪانه
وڃي ويهندي!“
هيري بلڪل وائڙو ٿي چيو، ”امان! آءٌ ته
تنهنجي ڳالهه کي سمجهان ئي نٿو، ڀلا گذر پيدا ڪرڻ
لاءِ رڳي راجو ٻاهر وئي آهي ڇا؟..... وري ڌيءَ جو
در ڪهڙو؟“
ماڻس جواب ڏنو، ”شايد توکي اها خبر ئي ڪانهي، ته
مائٽن تنگ ٿي پنهنجي ڌيءَ کي باگي ٽنڊي ڏانهن
پرڻائي ڇڏيو آهي.“
هيري تي اول ته ڄڻ ڪا ڇِپ ڪري پئي، پر ترت ئي پاڻ
سنڀالي چيائين، ”اوهه! مون سمجهيو، هي عزت وارا
ماڻهو پورهيو ڪونه ڪن، باقي نياڻيون وڪڻڻ ۾ بي
عزتي ڪانه سمجهن، ڀلا ڪير آهي اهو خوش نصيب؟“
”چون ٿا ڪو وڏيرو آهي.“
”وڏيرو؟ مسلمان وڏيرو!“
”ڇو، اها ڪا نئين ڳالهه آهي ڇا؟ ٺڪر ته هميشه
مسلمان وڏيرن کي سڱ ڏيندا آهن.“
”ڀلا نالو ڇا اٿس؟ ڪٿي جو آهي؟“
”نالو؟ علڻ خان اٿس.....“
هيري کان ڇرڪ نڪري ويو، ”هو علڻ خان ته پوڙهو ڀپ
آهي، نه؟“
”ها، ساٺيڪو ورهين جو آهي، پر ان جو ڇا ٿيو، کهي
سٺي اٿس، ڏاڙهيءَ کي ڪيس لڳايو هئائين، ته جوان
پئي لڳو، وڏو ماڻهو ساٺو تئن پاٺو، ماڻهو سٺا آهن،
ڏاڍا پئسي وارا آهن، سڄي ڳوٺ ۾ چڱي سخا ڪيائون
ڪجهه مون کي به ملي پيو....“
ماڻس ڳالهه ڪندي رهي، پر هيرو ڄڻ ته خيالن جي
درياءَ ۾ ٻُڏي ويو هو: ’سٺ ورهين جو پوڙهو، سورهن ورهين جي
ڪنوار..... هي عزت وارا ماڻهو آهن، پورهئي کي عيب ڄاڻندا
آهن، ۽ ههڙي انڌير کي ڪو عيب نه!‘
(5)
پوري سال کان پوءِ سانوڻ آيو هو، اڄ سُڪل ملڪ سائو
ٿي ويو هو. اڄ گذريل سال جي سخت پياسي زمين سرسبز
۽ شاداب ٿي هئي. اڄ سڄي سال جا ڀٽڪي ويل وري وطن
تي موٽي رهيا هئا. اڄ ’هيرو‘ نه، بلڪ ’ماستر
هيرومل‘، پنهنجي ڳوٺ موڪل تي اچي رهيو هو. نوڪريون
ته ڏاڍيون مهانگيون هيون، پر هن نمبر کڻي مئٽرڪ
پاس ڪيو هو، ان ڪري ستن سيٺين کي ستائڻ بعد هن کي
مونسپل اسڪول ۾ ماستري ملي وئي هئي، ۽ ان سان گڏ
هو بي.اي به پڙهي رهيو هو. اڄ هن جي غريب بيوهه
ماءُ به پرديس مان پورهيا ڪري واپس ديس آئي هئي، ۽
اچي پنهنجي پُٽ سان ملي.
اداسي ماءُ جي ڀاڪر مان نڪرڻ بعد هن مشڪندي پڇيو: ”امان!
راجو به سانوڻ ملهائڻ لاءِ آئي هوندي؟“ ٿڌو شوڪارو
ڀري ماڻس چيو، ”ابا! راجو ويچاري حيدرآباد ۾ آهي،
نه!“
”حيدرآباد ۾! ڇو ڀلا؟“
”ويچاري بيمار آهي،..... چون ٿا ته کيس ’سنڌ‘ جي
هوا ڀانءِ ڪانه ٿي پوي، ٻارڙو به مئل ڄائو
هئائين.“
”پوءِ ڀلا هتي نٿي هوا مٽائڻ آئي!“
”پٽڙا! هتي ڪيئن اچي، هوءَ کانگهاري ۾ رت جي نُگري
بيماري ٿي اٿس نه، چون ٿا ته حيدرآباد ۾ ڪو سٺو
ڊاڪٽر آهي، اهو علاج ٿو ڪريس.“
هيري جي اکين مان لڙڪ وهڻ لڳا، هو ڪجهه به ڪونه
ڪڇيو، هو ڪنهن سان به ڪونه مليو، لڳو لڳ ٽي ڏينهن
جهنگ جي حوالي هو ۽ پوءِ ماءُ کي حيرانيءَ ۾ ڇڏي
واپس هليو ويو.
(6)
”ڊاڪٽر صاحب! مون کي ڪجهه خلاصو عرضو ڪرڻو آهي!“
اڪيلائي ۾ پهچي ڊاڪٽر چمنداس هڪ سفيد پوش جنٽلمين
نوجوان کان پڇيو، ”ڇا نالو اٿوَ؟“
”هرو!“
”ڇا ڪندا آهيو؟“
”ماستر آهيان ۽ بي. اي پڙهندو آهيان.“
”اجائي محنت نه ڪريو، متان بيماري زور نه وٺي
وڃي!“
”جي! آءٌ بيمار ڪونه آهيان.“
”بيمار ڪونه آهيو، پوءِ مون وٽ ڇالاءِ آيا آهيو؟“
”ٻڌو اٿم ته اوهين بيمارن جا نهايت همدرد آهيو.“
”اهو ته ظاهر آهي، هڪ ڊاڪٽر جو ڪم ئي آهي بيمارن
سان همدردي ڪرڻ!“
”مگر سڀ ڊاڪٽر هڪ جهڙا نه هوندا آهن، ٻڌو اٿم ته
اوهين مهاتما گانڌيءَ جا خاص ڀڳت به آهيو.“
”مهاتما جيءَ جو ڀلا ڪير ڀڳت نه هوندو، پر ها، مون
کي سندس سڌانتن ۾ پرو وشواس آهي!“
”مهاتما کي ته اڇوتن سان محبت آهي نه؟“
”اڇوت نه، پر ’هري جن‘ چؤ!
”جي ها، هري جن، ان ڪري اوهان کي به هريجن سان
ضرور محبت هوندي؟“
”ضرور، بلڪل چڱيءَ طرح!“
”۽ اوهين به سندن هٿ لڳل چيز کي پليت نه سمجهندا
هوندؤ!“
”بلڪل نه، بشرطيڪ اهي هٿ صفا هجن!“
”منهنجي هٿن بابت ڪهڙو خيال اٿوَ؟“
”تون ته پڙهيل ڳڙهيل آهين، تو کان مون کي ڪو ڇيپ
ڪونهي!“
”شڪر آهي!“ هيري وڏو شوڪارو ڀري ٿيلهي مان هڪ هڙ
ڪڍي سندس اڳيان رکي. ڊاڪٽر پڇيو ”هن ۾ ڇا آهي؟“
”هن ۾ ڪونڍير آهن.“
”ڪونڍير ڇا؟“
”ٿر جو هڪ جهنگلي ميوو آهي، جو سانوڻ ۾ ٿيندو
آهي.“
”ڏسون ڀلا تنهنجي ٿر جو ميوو!“ ڊاڪٽر
مشڪي چيو. هيري هڙ کولي. ”هي ته جهڙا پٽاٽا!“
ڊاڪٽر ٽهڪ ڏنو.
”جي ها، پٽاٽا به اول جاوا جا جهنگلي ميوا هئا،
پوءِ ولنديزي گولين کين شهري بنائي ڇڏيو، مگر
ڊاڪٽر صاحب هي اڃا نڪي شهرين جي ورچڙهيا آهن، نڪي
شهري بنيا آهن ۽ نڪي شهرين کي شايد وڻندا!“
ڊاڪٽر ٽهڪ ڏئي چيو، ”شهرين کي نه وڻندا، ته پوءِ
ڇالاءِ شهرين وٽ آندا اٿئي؟“
”هي شهرين لاءِ نه آهن، ڊاڪٽر صاحب!“
”پوءِ تڏهين؟“
سنجيدو ٿي هيري چيو، ”هي هڪ جهنگلي جهرڪيءَ لاءِ
آهن، جنهن کي بُلبل بنائي وڪرو ڪيو ويو آهي. هن کي
سوداگر جو پڃرو راس نه آيو ۽ هاڻي اوهان جي مريضه
آهي!“
”اوهه مون
سمجهيو، هوءَ جيڪا وڏيري علڻ خان جي ٿرياڻي بيگم
آهي، تون اُن جو ذڪر ٿو ڪرين، نه؟“
”جي ها! ڊاڪٽر صاحب!“
”ويچاري ڏاڍي دکي آهي، نارنگيون ۽ موسميون
ڍڳ لڳيون پيون هونديون آهن، پر هوءَ گهٽ کائيندي
آهي. سڄو ڏينهن پئي ڪڪرن کي ڏسندي آهي، ۽ مينهن
پوندا آهن، ته انهن سان گڏ پاڻ به پئي لڙڪ لاڙيندي
آهي، وڏيري صاحب جي مٿس ڏاڍي دل آهي، چوي: ’ڊاڪٽر!
وڻيئي سو خرچ ڪر، پر هن نازنين کي بچاءِ‘، مگر ڀلا
آءٌ ڇا ڪريان، سلهه جو علاج ته منهنجي هٿ ۾ آهي،
پر اندر جي اُداسيءَ کي آءٌ ڇاٿو ڪري سگهان؟ ڪلهه
ته ڪڪ ٿي چيم، ”ڀلا وٺي وڃوس. ٿر، اُتي جي هوا
کارايوس“- ته چون: ”چريا آهيو ڇا، اُتي جهنگ ۾ وڃي
سندس لاش رکايون، جتي نڪو ڊاڪٽر نڪا اسپتال، نه
فروٽ، نه.....“
”ٺيڪ آهي، ڊاڪٽر صاحب! هو به صحيح آهن، هنن کي ته
ٿر جي بس ايتري ئي خبر آهي، ته اتي جي سونهن زور
آهي ۽ سستي آهي،....... پر خير، توهين ٻين فروٽن
سان گڏ هيءُ به هن کي پهچايو..... مگر.... مگر
ڊاڪٽر صاحب!..... آءٌ اوهان کي مهاتماجيءَ جو
واسطو وجهي چوان ٿو، ته مهرباني ڪري اهو ڪنهن کي
به نه ٻڌائجو ته هي ڪنهن آندا، نه ته ..... نه ته
معلوم اٿو، ته اڇوتن جي هٿن کي پليت سمجهڻ ۾ هندو
مسلمان ٻئي متفق آهن!“
”ڇُٽو آهين مسٽر، مون کي سڀ خبر آهي، جيڪا قوم پاڻ
کي نه سڌاريندي آهي، تنهن جي هر هنڌ اها سزا آهي،
نه رڳو هند ۾، پر آمريڪا ۾ توڙي نيپال ۽ ڪينيا ۾!“
(7)
”ڪيئن آهين ڌيءَ؟“ ڊاڪٽر راج ڪنور کان پُڇيو.
”شڪر آهي سائين، پيئي تڳان!“ راج ڪنور نهايت
اداسيءَ مان جواب ڏنو. هوءَ پلنگ تي پيئي هئي،
سندس جسم اڪ جي ڪاٺي بنجي ويو هو. سندس ڪونڍيرن
جهڙا ڳل، سُڪل ٽوهه وانگر سراٽجي ويا هئا. ڊاڪٽر
پاٻوهه مان پڇيس: ”موسميون
کائين ٿي، نه؟“
”جيتريون وڻن ٿيون، تن ۾ گهٽايان ڪانه ٿي!“
”ڀلا اجهو هيءُ ميوو
به کائي ڏس!“
ڊاڪٽر ڳنڍ کولي اڳيان رکيس.
”اوهه، ڪونڍير هي ڪٿان آيا، ڊاڪٽر صاحب؟ هن
عاليشان شهر ۾ هيءُ جهنگل
جو گند ڪيئن
اچي پهتو؟“
راجو بي اختيار کين چمڻ لڳي ۽ لڙڪن سان پسائڻ لڳي.
هن هڪ هٿ ۾ کنيو. ڊاڪٽر ڪپ کڻي ڏنس. هن مرڪي چيو،
”ڊاڪٽر صاحب! هي پٽاٽا نه آهن!“
بسترو پري ڪري پلنگ جي نواڙ سان هن ڪونڍير کي گٺو،
اندران سفيد مغز نڪتو ۽ هن ان کي ڏاڍيءَ محبت سان
کائڻ شروع ڪيو. هوءَ بي اختيار ٻه ٽي کائي وئي ۽
پوءِ اوچتو ڇرڪ ڀري چيائين، ”آڻڻ وارو ڪٿي؟“
”تون سمجهين ٿي، ته ڪنهن آندا هوندا؟“
”ڇو نٿي سمجهان“، گنڀير ٿي هن چيو، ”ياد اٿم ته
ڪنهن کي منهنجي ڪونڍيرن سان قرب جي پوري ڄاڻ آهي.“
”ته پوءِ ڇو ٿي پڇين؟ ڪونڍير کائڻا اٿئي يا
کسائڻا؟“
”بلڪل صحيح آهيو، ڊاڪٽر صاحب!“ هن ساڳيءَ
گنڀيرتائيءَ سان چيو: ”جيستائين
هي سماج قائم آهي، تيستائين اهي دوائون به ائين ئي
لڪائي کائڻيون پونديون.... ڊاڪٽر صاحب! آڻڻ واري
کي ٻڌائج، ته ’مون کي دوا پهتي، ۽ هاڻي جيڪو ڪم
نارنگين ۽ موسمين کان نه ٿي سگهيو، سو ’ڪونڍير‘
ڪندا، تون منهنجي ڳڻتي ڇڏي وڃي پڙهه ۽ پنهنجي ذات
۾ به گهڻي ۾ گهڻي تعليم ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪر. اها
تعليم ئي آهي، جا اڳتي هلي اسان ۾ پيل ويڇا دور
ڪندي، ۽ ’انسان‘ سان پيار ڪرڻ ڏيندي. باقي رهيس
آءٌ، سو مون جهڙيون ڪئين ’اڇو تپڻي‘ جي آسٿان تي
قربان ٿي چڪيون هونديون، هڪڙيءَ جو وڌيڪ اضافو ڪا
وڏي ڳالهه ڪانه ٿيندي!“
(8)
”راجوءَ جي هن پيغام تي ڊاڪٽر کي اول ته اکين ۾
پاڻي آيو، سو يڪدم گنڀير ٿي چيائين، ”تون سمجهين
ٿي ته تون هن بيماريءَ مان چڙهي ڪانه سگهندينءَ؟“
”گهڻو ڪري، ڇو ته بيماريءَ اندر ۾ وڃي گُهر ڪيو
آهي، اها اُتان نڪرڻ محال
آهي.“
”ٺيڪ آهي“، وري به ساڳيءَ بلڪ محڪم گنڀيرتا سان
ڊاڪٽر چيو، ”مطلب ته ترت يا ڪجهه عرصي ۾ مرڻ جي ته
پڪ اٿيئي نه؟“
”ها، اهو ته ظاهر آهي.“
”جيڪڏهن اهو ظاهر آهي ته پوءِ تون باقي زندگي وڌيڪ
سجائي ڇو نه ٿي ڪرين؟“
”وڌيڪ سجائي ڪريان، سا مون کي ته ڪابه خبر ڪانه ٿي
پوي.“
”۽ جي خبر پويئي ته جيڪر ڪرين؟“
”جي ها، ڇو نه!“
”ايتري همت ڌاري سگهندينءَ؟“
”همت!“ ٽهڪ ڏئي راجوءَ چيو، ”اِها همت ڪانه ٿا ڏسو
ته جيڪي ڏينهن ڏاتار ڏنا آهن، سي مٺا ڪري پيئي
ڀوڳيان!“
”اها ته ’همت‘ ڪانه آهي“، ڊاڪٽر تمام سٻاجهڙي آواز
۾ چيو، ”ڌيءَ! اها همت ناهي، بلڪ ’صبر‘ آهي. اهڙو
صبر ته ڪُتا به ڪري سگهندا آهن، جن کي ڪيترو به
پيو ماربو ڪُٽبو آهي، ته به در تي پيا هوندا آهن،
۽ جيڪي ملندو اٿن،
ان تي وقت پيا گذاريندا آهن. ’همت‘ آهي زندگيءَ
سان جنگ جوٽڻ جو نالو، جيڪڏهن توکي اها پڪ آهي ته
باقي چار ڏينهن دنيا ۾ آهين، ته پوءِ اهي چار
ڏينهن بستري تي پاسا ڦيرائيندي گذارڻ بدران
’زندگيءَ سان جنگ ڪرڻ‘ ۾ ڇو نٿي گذارين؟“
”ٻڌايو ڊاڪٽر صاحب!“ راجوءَ جي چهري تي ڪجهه جوش
جا آثار ڏسڻ ۾ آيا. هن اٿي ويهي چيو، ”ڊاڪٽر صاحب!
مرڻ کان مٿي ٻي تڪليف ڪانهي، ان لاءِ تيار ٿيڻ بعد
ٻي ڪهڙي ڳالهه آهي، جنهن کان ڊڄنديس؟ مون کي فقط
انهيءَ جنگ ڪرڻ جي اٽڪل ڪانه ٿي اچي، سا جيڪڏهن
اوهين سيکاريو، ته آءٌ وڙهڻ
لاءِ تيار آهيان!“
(ماهوار ’انسان‘ جنوري
1957ع) |