استاد لغاري
محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو ترتيب ڏنل ”شاهه جو
رسالو“
1. شاهه جي شروعاتي ڇاپي رسالن بابت
شاهه جي رسالي جا ڇاپي نسخا، سن 1866ع کان
ڇپجڻ شروع ٿيا، جڏهن تاريخ ۾ پهريون ڀيرو، ڊاڪٽر
ارنيسٽ ٽرمپ صاحب، ڏيهي (سنڌي) مترجم جي مدد سان،
شاهه جو رسالو تيار ڪري، جرمني جي شهر لپزگ
(لپسيا) مان شايع ڪيو.
ان کان ترت پوءِ، يعني سال 1867ع ۾،
پهريون بمبئي ڇاپو، هندستان جي شهر بمبئي مان ڇپجي
پڌرو ٿيو. اها ڳالهه نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي ته جنهن
رسالي کي اسين ”بمبئي ڇاپو“ چئون ٿا، اهو ڪو هڪڙو
نسخو نه آهي. بمبئي مان مختلف وقتن تي، سن 1867ع
کان ، سن 1921ع تائين، 54 سالن جي عرصي ۾، 8 ڇاپي
نسخا ڇپجي پڌرا ٿيا. البت اُهي 8 ئي ڇاپا قلم
ذريعي، هٿن سان لکي، ليٿو پريس تي ڇاپيا ويندا
رهيا.
هندستان ۾، باقاعده پرنٽنگ پريس وارو
”شاهه جي رسالي“ جو ڇاپي نسخو، سن 1900ع ۾ شايع
ٿيو، جنهن کي اسين تارا چند شوڪيرام وارو ”سرڪاري
ڇاپو“ چئون ٿا. اهڙي طرح وري سال 1913ع ۾ شمس
العلماء مرزا قليچ بيگ وارو شاهه جي رسالي جو،
جامع ڇاپي نسخو ڇپجي پڌرو ٿيو.
جڏهن 1923ع ۾، ڊاڪٽر هوتچند مولچند
گربخشاڻي جومعنيٰ ۽ شرح سان ڀرپور، شاهه جي رسالي
جو پهريون جُلد شايع ٿيو، ته ان کي ڏسي، ٻين به
ڪيترن ئي عالمن، اديبن، قدردانن ۽ شاهه عبداللطيف
ڀٽائيءَ جي شيداين، شاهه جا رسالا ترتيب ڏيڻ شروع
ڪيا. انهن ۾ ڪي رسالا مڪمل ته ڪي وري چونڊ ڪلام تي
مشتمل هوندا هئا.
اهڙن مرتب نگارن ۾، پوڪرداس ٿانورداس،
مولوي محمد ابراهيم بختيارپوري، اُتم چند پيسو مل،
ڀوڄ راڄ پوڪرداس ڪالرو، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي،
حاجي محمد صديق ميمڻ، محمد بخش واصف، لعلو خواجه
هاشم، موتي رام رامواڻي، پروفيسر جهمٽ مل خوبچند
ڀاوناڻي، جهمٽ مل نارومل، سدارنگاڻي هرومل، هزاري
مل دلپت راءِ، فتح چند واسواڻي ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا.
1950ع وارو ڏهاڪو، شاهه جي رسالن جو،
سونهري دور سڏجي ٿو، ڇوجو هن هڪڙي ئي ڏهاڪي ۾، سنڌ
جي وڏن عالمن ۽ قدردانن، شاهه جي رسالي جا مڪمل
جُلد (وڏا ڇاپا) ترتيب ڏيئي شايع ڪرايا، جن ۾ غلام
محمد شاهواڻي (1950ع) محمد بخش واصف (1951) علامه
غلام مصطفيٰ قاسمي (1951ع) محمد عثمان ڏيپلائي
(1951ع) ۽ پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي (1958ع) جا نالا
قابلِ ذڪر آهن.
2. محمد عثمان ڏيپلائي وارو ترتيب ڏنل ”شاهه جو
رسالو“
هي نسخو محمد عثمان ڏيپلائي، سنڌ جي وڏي
۽ مشهور شهر حيدرآباد مان، 07 مارچ 1951ع ۾،
پهريون ڀيرو،”دفتر لطيفي“پاران ”قرآن پريس“ مان
ڇپائي پڌرو ڪيو. هي ڊبل ڪرائون سائيز رسالو، 308
صفحن تي آڌاريل آهي. 4112 بيتن ۽ 241 واين سميت،
هن رسالي ۾ ڪلام جو ڪُل ٽوٽل تعداد 4353 آهي.
محمد عثمان ڏيپلائي، سال 1963ع ۾، ٻيو
به ”شاهه جو رسالو“ ترتيب ڏيئي، ساڳي ”قرآن پريس“
حيدرآباد سنڌ مان شايع ڪيو هو، جنهن کي ”پاڪيٽ
سائيز“ رسالو سڏجي ٿو. 646 صفحن تي آڌاريل، هن
پاڪيٽ سائيز رسالي ۾، سُرن جو تعداد 33 آهي. جن ۾،
سُر بيراڳ هندي، سُر ڌناسري ۽ سُر هيررانجهو شامل
ناهن. سُر ”ڪلياڻ“ کان شروع ٿي، سُر ”ڍول مارو“ تي
مڪمل ٿيندڙ، هن پاڪيٽ سائيز رسالي ۾، 3734 بيتن ۽
217 واين سميت، ڪُل ٽوٽل شعرن جو تعداد 3951 آهي.
جيئن ته هتي (هن مقالي ۾) پاڪيٽ سائيز رسالي بابت
ذڪر نه پيو ڪيو وڃي، ان ڪري، تفصيلي روشني، سال
1951ع واري، وڏي رسالي تي وجهون ٿا.
مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته هي رسالو،
ڪنهن بمبئي ڇاپي، تارا چند شوڪيرام ۽ مرزا قليچ
بيگ صاحب واري نسخي کي سامهون رکي، ترتيب ڏنو ويو
آهي. جنهن ۾ سُرن جي ترتيب هوبهو مرزا قليچ بيگ جي
نسخي واري آهي. هن رسالي جو پهريون سُر ”ڪلياڻ“ ۽
آخري سُر ”بسنت بهار“ آهي. ابيات مثنوي (فارسي
ڪلام) کي الڳ نمبر ڏيئي، سُرن جو تعداد 37 ڏيکاريو
ويو آهي. هي فارسي بيت، حضرت مولانا جلال الدين
روميؒ جا چيل آهن، جيڪي حضرت شاهه عبداللطيف
ڀٽائيؒ جي محفل ۾ پڙهيا ويندا هئا. ڀٽائي صاحب
پنهنجي سفر ۾ هميشه ”قرآن پاڪ“ ميين شاهه ڪريم
بُلڙي واري جو رسالو ”بيان العارفين و تنبيه
الغافلين“ ۽ ”مثنوي رومي“ پاڻ سان گڏ کڻي هلندا
هئا، جنهن جو پاڻ مطالعو ڪندا رهندا هئا. ”ابيات
مثنوي“ يعني ”فارسي ڪلام“، اڪثر شاهه جي رسالن ۾،
سُر ”بيراڳ هندي“ ۾، گڏيل طور پڙهڻ لاءِ ملي ٿو.
ان ڪري، شاهه جي قلمي توڙي ڇاپي وارن ”گنج رسالن“
۾، سُرن جو تعداد 36 هوندو آهي.
محمد عثمان ڏيپلائي واري نسخي ۾، سُرن جو وچور هن
ريت ترتيب ڏنل آهي: 1. ڪلياڻ، 2. يمن ڪلياڻ، 3.
کنڀات، 4. سراڳ، 5. سامونڊي،
6. سهڻي، 7. سارنگ، 8. ڪيڏارو، 9. سسئي آبري،
10. معذوري، 11. ديسي، 12. ڪوهياري، 13. حُسيني،
14. سورٺ، 15. بيراڳ هندي، 16. ابيات مثنوي،
17. هير رانجهو، 18. بروو سنڌي، 19. مومل راڻو،
20. کاهوڙي، 21. رامڪلي،22. رپ، 23. ليلان چنيسر،
24. بلاول، 25. ڏهر، 26. ڪاپائتي، 27. پرڀات،
28. گهاتو، 29. شينهن ڪيڏارو، 30. آسا، 31. مارئي،
32. ڍول مارئي، 33. ڌناسري، 34. پورب، 35. ڪاموڏ،
36. ڪارايل ۽ 37. بسنت بهار.
هن رسالي ۾ شامل، هر هڪ سُر جي آخر ۾ ڏنل وائي جي
ٿلهه ڏيکارجي ٿي ته جيئن پڙهندڙ بخوبي سمجهي سگهن
ته هي، شاهه جي ڇاپي نسخن ۾ ”گنج ڪلام“ وارو ڇاپي
رسالو آهي.
(1) سُر ڪلياڻ: شيشه را پرڪن وار دار بيا، ص-6.
(2) سُر يمن ڪلياڻ: بي حجاج نه در آ، ازدر
ڪاشانهءِ ما، ص-19.
(3) سُر کنڀات: توڻي تڙين تون، يا الا! تو درتوءِ
نه ڇڏيان، ص- 24.
(4) سُر سراڳ: هي جي، هُوءِ جي لڪ، مون ماريندا
لڪ، ص-35.
(5) سُر سامونڊي: ڏک لاهيندم ڏونگر ووماءِ! ص-40.
(6) سُر سهڻي: جان جاڳان، تان نهين نال سڄڻ دي،
ص-59.
(7) سُر سارنگ: ملجان ملجان چوري چوري، اسان نُون
سڄڻ سانول ملجان، ص-67.
(8) سُر ڪيڏارو: امامن جو ڪريو ماتام، شهيدن جو
ڪريو ماتام، ص- 73.
(9) سُر سسئي آبري: ڪرها مَ ڪاهيو ميان ڪيچيا، ص-
89.
(10) سُر معذوري: هي گهايل هڏ گهوري، ڪيچي مون نه
سڱيڻا، ص-99.
(11) سُر ديسي: ڇوري ڇڏ مَ ڇپرين، ٻاروچل ٻانهي،
ص-113.
(12) سُر ڪوهياري: جنهن جي آهيان ڏونگر ڏوري،
ص-121.
(13) سُر حُسيني: ڪارون وس ڪيام ڙي هئي هئي وو، ص-
140.
(14) سُر سورٺ: ڪينو آکان، ڪوئي نه بتاوي بات، ص-
149.
(15) سُر بيراڳ هندي: درد نه جاني ڪوئي، لوڪ
بيگانه، ص- 155.
(16) سُر اُبيات مثنوي: ملڪا! ذڪر تو گويم، ڪ تو
پاڪي و خدائي، ص- 157.
(17) سُر هير رانجهو: وو رانجها هير بيراڳڻ هوئي،
ص- 161.
(18) سُر بروو سنڌي: هاڻ ايندو! هاڻ ايندو! منهنجو
سڄڻ سائين هاڻ ايندو، ص- 167.
(19) سُر مومل راڻو: ڏور وڃيو ڏينهن لائي، تنهن کي
ڪا ورائي ڙي، ص- 182.
(20) سُر کاهوڙي: جاڳي اکڙين، تو اوجاڳو نه ڪيو،
ص- 187.
(21) سُر رامڪلي: ڪڀي ڪرو ڦيري، ڪملا! ڳلي ميري،
ص- 209.
(22) سُررپ: ڏيهه وڻ ٿيا مئي کان ڏور، جاني! الو!
ص- 216.
(23) سُر ليلان چنيسر: مون تي وهر وري، وارو ڏيندم
ولهو، ص- 223.
(24) سُر بلاول: ڍڪ ڍڪيندو مون نه ڇڏيندو، ص- 229.
(25) سُر ڏهر: تون جو وڃين ڪيچ ڪهي، ص- 239.
(26) سُر ڪاپائتي: آئون جا ويندڙي پار پرين، ص-
242.
(27) سُر پرڀات: ڏيٺي سان ڏاتار، ٿي موچاري مڱڻي،
ص- 249.
(28) سُر گهاتو: هو جي ويامون هڻي، الله! ص- 151.
(29) سُر شينهن ڪيڏارو: آهي عاشقن کي، ڪاڙهو
منجهه ڪريز، ص- 252.
(30) سُرآسا: ڪِي انهي منجهه آهي، هُو جي جهونا
پسجن جهوپڙا، ص- 264.
(31) سُر مارئي: مون من ماروءَ جو، ماروءَ جو
منهنجو، ص- 288.
(32) سُر ڍول مارئي: مليو مارو مون کي، حيلن حالن
سان مليو، ص- 289.
(33) سُر ڌناسري: هر جا آهي هادي، پير پنهنجو پاڻ
سين، ص- 293.
(34) سُر پورب: ڪوا ڪان ڪان ڪندا، وهاڻيءَ وڻن ۾،
ص- 297.
(35) سُر ڪاموڏ: تنهن کي ڪير چوندو مي، اڙي اِي،
سمي جا سمنگهي، ص- 302.
(36) سُر ڪارايل: ڪوڙي راند، ڪوڙو چٽڪو، ص- 306.
(37) سُر بسنت بهار: اڄ سڄڻ گهر آيم جيڏيون، ص-
307.
3. رسالي جو تنقيدي پهلو
هن رسالي ۾ شامل پوري ڪلام تي، اعرابون
(زيرون - زبرون) ڪٿي به ڏنل نه آهن، گرامري
نشانين ۾ اڌ دم ( ، ) ۽ پوري دم ( . ) جو مڪمل
استعمال ٿيل آهي، ساڳي وانگر جيڪڏهن هر هڪ گهربل
جاءِ تي، عجب جي نشاني ( ! ) ۽ سواليه نشاني ( ؟ )
ڏني وڃي ها ته اِهو عمل پڻ سون تي سهاڳي جو ڪم
ڏيکاري ها. مثلا: هاءِ! هاءِ!، افسوس! اي اوٺيا!اي
ڄام پنهون! ڀلو جيڏيون! اي راڻا! نه ڄاڻان، ڪيئن
وڏوڙيين ولها!؟ وغيره.
جيڪڏهن شاهه جي رسالي جي مختلف ڇاپي نسخن
جو، تقابلي جائزو وٺجي ٿو ته، گرامري نشانين واري
ڪمزوري، مٿان کان هيٺ تائين، تسلسل سان جاري آهي.
فقط چار مرتب نگار / محقق اهڙا آهن، جن پنهنجي
پنهنجي ترتيب ڏنل رسالن ۾، گرامري نشانين ۽ اعرابن
جو پورو پورو حق ادا ڪيو. انهن ۾ ڊاڪٽر هوتچند
مولچند گربخشاڻي، غلام محمد شاهواڻي، پروفيسر
ڪلياڻ آڏواڻي ۽ علامه آءِ.آءِ قاضي جا نالا قابلِ
ذڪر آهن.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جهڙي عظيم محقق ۽
شارح جي ترتيب ڏنل 2009ع واري شاهه جي رسالي تي
نظر وجهبي ته ان نسخي ۾ به عجب جي نشاني ( ! ) ۽
سواليه نشاني ( ؟ ) کان سواءِ اڌ دم ( ، ) جو
استعمال بنهه گهٽ ٿيل آهي. اهڙي طرح مذڪوره محمد
عثمان ڏيپلائي وارو ترتيب ڏنل شاهه جو رسالو به
سواءِ مد ( آ ) جي باقي اعرابن کان وانجهيل نظر
اچي ٿو.
4. رسالي جو تعريفي پهلو
هي رسالو، شاهه جي رسالن ۾، گهڻي کان گهڻي
مواد وارو نسخو آهي. هن رسالي شايع ٿيڻ سان، سنڌ
۾، شاهه جي رسالن جي کوٽ پوري ٿيڻ ۾، ڪافي مدد
ملي. رسالي جي پهرين صفحي تي عرض حال ۾ جيڪي
خوبيون ڄاڻايل آهن، اُهي هيٺين ريت آهن:
· جيترا
به بيت هن رسالي ۾ آهن، اوترا مجموعي طرح، ٻئي
ڪنهن به ڇاپي جي رسالي ۾ ناهن.
· مختلف
پڙهڻين مان، وڌيڪ موزون پڙهڻي اختيار ڪيل آهي.
· بيت
جي وچ ۾، جتي بيهڻ جي ضرورت آهي، اُتي اڌ دم جي
نشاني ڏنل آهي.
· هر
ڪو سُر نئين صفحي کان شروع ڪيل آهي.
· هلڪي
وزن جي هجڻ سبب پڙهڻ ۾ سولو آهي.
· ڪي
اکر ٻين رسالن ۾، ٻه ٻه گڏي ڇپيل هئا، سي هن ۾ ڌار
ڌار ڪيل آهن.
· ڪن
اُچارن ۾ به درستيون ڪيل آهن.
· قيمت
ٿوري رکيل آهي ته جيئن هر شخص آساني سان خريد ڪري
سگهي ۽ هن نسخي ۾ پروف ريڊنگ جو پورو پورو حق ادا
ڪيل آهي.
5. رسالي بابت منهنجي ذاتي راءِ
37 سُرن تي آڌاريل، محمد عثمان ڏيپلائي
وارو هي نسخو، ڇاپي رسالن ۾، ”گنج رسالو“ شُمار
ڪيو وڃي ٿو. جنهن ۾، ڌاريو ڪلام جهجهي انداز ۾
شامل آهي.
علامه آءِ.آءِ قاضي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي،
جامع تحقيق مطابق ، شاهه جي مستند سُرن جو تعداد
29 آهي. ان ڪري 29 کان وڌيڪ سُرن واري، ڪنهن به
نسخي کي، جنهن ۾ شاهه کان سواءِ ٻين سالڪن، سگهڙن
۽ شاعرن جو ڪلام شامل هجي ٿو ته ان کي ”گنج“ رسالو
چئجي ٿو. البت ڪلياڻ آڏواڻي پنهنجي ترتيب ڏنل نسخي
۾، شاهه جي سُرن جو تعداد سُر ڪيڏاري سميت، 30
بيهاريو آهي.
ڪيترائي دوست ڪچهرين ۾، سُر ڪيڏاري بابت پڇندا رهن
ٿا، ته آءٌ چوندو آهيان، ”ادا! مون کي خبر نه آهي،
ڇو جو آءٌ شاهه جي ڪلام جو پارکو يا شاهه جي رسالي
جو محقق نه آهيان“. اصل ۾، اسان سُر ڪيڏاري کي،
تحقيقي نُڪتهء نظر سان گهٽ، پر عقيدت مندي واري
نُڪتهء نظر سان وڌيڪ ڏسندا آهيون. آءٌ چوندو آهيان
ته ”سُر ڪيڏارو، هڪ عظيم سُر آهي، پوءِ اُهو شاهه
جو چيل آهي، توڙي ڪنهن ٻئي جو. اهو لازمي ناهي ته
سُر ڪيڏاري کي، فقط لطيف واري عينڪ سان ئي ڏسجي ته
ڪيڏارو عظيم ٿي پوندو، نه ته نه ٿيندو. سُر ڪيڏارو
ڪالهه به عظيم سُر هو، اڄ به عظيم سُر آهي ۽ ڏينهن
قيامت تائين عظيم سُر ئي رهندو. اگر ڊاڪٽر بلوچ
صاحب وارو چشمو، استاد لغاريءَ کي پورو نٿو اچي ته
ان ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو ته ڪوئي قصور ڪونهي!“
جَنِ کي جِيائِين، پِريَنِ پاڻُ پَسائِيو،
تَـــنِ کي تِــيائِين، لِــيا
پـــائِــڻَ آئِـــيا.
(شاهه)
رسالي جي پهرين پني تي، برٽش ميوزيم ۾
رکيل، شاهه جي قلمي نسخي واري، حضرت شاهه
عبداللطيف ڀٽائيءَ جي خيالي تصوير ڇاپيل آهي. جنهن
۾، شاهه صاحب چاپئين ڏاڙهي مُبارڪ سان، وِڃڻو (هٿ
وارو پکو) کنيو، ڪنهن وڏي ڌيان ۾ ويٺل آهي. منهنجي
خيال اِها تصوير هن رسالي جي سونهن ۾ هڪ وڏو
واڌارو آهي.
6. تجويزون
ضرورت هن ڳالهه جي آهي ته، محمد عثمان
ڏيپلائي واري ترتيب ڏنل، مذڪوره شاهه جي رسالي جو
ٻيو ايڊيشن شاندار نموني سان شايع ٿيڻ گهرجي، البت
ان کان اڳ ۾، (ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ دوران) اعرابن ۽
گرامري نشانين جو پورو پورو استعمال عمل ۾ آڻي، ان
بعد ئي رسالي جو ٻيو ايڊيشن آڻجي.
شاهه جي رسالي سان چاهه رکندڙ جي حيثيت ۾، اسان کي
اُن وقت بيحد گهڻو افسوس ٿيندو آهي، جڏهن بغير
پروف ريڊنگ ۽ غلطين درست ڪرڻ جي، شاهه جي رسالي جو
ڪوئي نسخو، ڌڙا ڌڙ (سال – سال ۾، وري وري نئون
ايڊيشن) شايع ٿي رهيو هوندو آهي. غلطين جي نشاندهي
ڪرڻ جي باوجود به، اگر ڪنهن پبلشر پاران ، ان طرف
ڌيان ئي نه ڏنو وڃي ته اهو عمل نه فقط رسالي جي
مرتب نگار سان ناانصافي هوندو آهي، بلڪه ايئن ڪرڻ
سان شاهه جي ڪلام ۽ پيغام جي به حق تلفي ٿئي ٿي.
دُعا آهي ته شال! محمد عثمان ڏيپلائي جي
ترتيب ڏنل شاهه جي رسالي جو، جيئن ئي ٻيو ايڊيشن
اچي ته اُن ۾ اعرابن ۽ گرامر جي نشانين جو، پورو
پورو حق ادا ڪيل هجي. آمين۔
مددي ڪتاب
1. شاهه جو رسالو: ڊاڪٽرارنيسٽ ٽرمپ صاحب وارو
ڇاپي نسخو، 1866ع
2. شاهه جو رسالو: بمبئي ڇاپو نمبر1، 1867ع
3. شاهه جو رسالو: تارا چند شوڪيرام وارو ڇاپي
نسخو، 1900ع
4. شاهه جو رسالو: مرزا قليچ بيگ وارو ڇاپي نسخو،
1913ع
5. شاهه جو رسالو: ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي
وارو ڇاپي نسخو، 1923ع
6. شاهه جو رسالو: محمد ابراهيم بختيارپوري
وارو ڇاپي نسخو، 1931ع
7. شاهه جو رسالو: غلام محمد شاهواڻي وارو ڇاپي
نسخو، 1950ع
8. شاهه جو رسالو: محمد بخش واصف وارو ڇاپي
نسخو، 1951ع
9. شاهه جو رسالو: علامه غلام مصطفيٰ قاسمي وارو
ڇاپي نسخو، 1951ع
10. شاهه جو رسالو: محمد عثمان ڏيپلائي وارو
ڇاپي نسخو، 1951ع
11. ڪامل جو ڪلام: پروفيسر جهمٽ مل خوبچند
ڀاوناڻي (ترتيب وار) 1954ع
12. شاهه جو رسالو: پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي وارو
ڇاپي نسخو، 1958ع
13. شاهه جو رسالو: علامه آءِ.آءِ.قاضي وارو ڇاپي
نسخو، 1961ع
14. شاهه جو رسالو: محمد عثمان ڏيپلائي وارو
(پاڪيٽ سائيز) ڇاپي نسخو، 1963ع
15. شاهه جو رسالو: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو
تحقيقي جُلد نمبر10، 1996ع
16. شاهه جو رسالو: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو
ڇاپي نسخو، 2009ع
17. سه ماهي مهراڻ: سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو،
2011/1-2ع
عبدالرحمان ڏيپلائي
منهنجو سائين
آءٌ پنهنجي سائينءَ جون ڪهڙيون ڳالهيون لکي،
ڪهڙيون لکان؟ ان لاءِ ته ڪي وڏا ڪتاب لکجن، ته به
ٿورا! منهنجو سائين نهايت ئي پرعزم ۽ حوصلي مند
انسان هو. کيس مون سان بي انتها پيار هو. هو مون
کان سواءِ، پاڻ کي ويڳاڻو ويڳاڻو محسوس ڪندو هو.
آءٌ 1966ع ۾ حيدرآباد جي هڪ مل ۾ ڪلارڪ مقرر ٿيس،
جو منهنجي والده مرحومه جو اسرار هوته آءٌ ڪا بهتر
نوڪري ڪريان. پر جيئن ته منهنجو ذهني لاڙو پريس ۽
صحافت سان هو، سو پنهنجي سائينءَ کي چيم ته ”بابا!
نوڪريءَ مان جند ڪيئن ڇڏايان، جيئن امان به نه
ڪاوڙجي ۽ جان به ڇٽي.“ ته ٽهڪ ڏيئي چيائين: ”اها
ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي، ٿورو مٿي ۾ ڪپهه وجهي اچجانءِ
۽ پنهنجي ماءُ اڳيان اچي کنگهجانءِ ۽ هوءَ ان جو
سبب پڇندي ته چئجانس ته: ’امان هن نوڪريءَ ۾ مون
کي ٽي. بي ٿي پوندي.‘ پوءِ بس مسئلو حل ٿي پوندو.“
سو مون بابا جي چوڻ تي عمل ڪيو ۽ امان چيو ته
”ابا، باهه ڏي انهي نوڪريءَ کي، شل تون بچين.“
هڪ دفعي آءٌ رستي تان سگريٽ پيئندو ٿي ويس ته رستي
تي بابا ۽ ڪريم بخش خالد (سندس دوست) ڏٺم، سو ڊپ
منجهان سگريٽ ڦٽي ڪري ڇڏيم. صبح جو منهنجي ننڍي
ڀيڻ مون وٽ آئي ۽ چيائين: ”ادا، بابو پيو سڏيئي.“
آءٌ ڳڻتيءَ ۾ پئجي ويس ته پڪ مار کائيندس، سو
ڊڄندو ڊڄندو بابا جي اڳيان ويس. بابا پڇيو ته:
”تون سگريٽ پيئندو آهين ڇا؟“ مو اول ته نهڪر ڪئي،
پر پاڻ چيائين ته: ”بابا، ڪوڙ نه ڳالهائجي.“ خير،
سو هائو ڪئي مانس، جنهن تي پاڻ نهايت ئي محبت ۾
چيائين ته:
”بابا! هاڻ تون جوان آهين، جي سگريٽ پيئين ته توکي
منع نه آهي، پر منهنجو فخر ۽ مان ٽُٽي ويندو، جو
منهنجي اولاد مان ڪوبه سگريٽ ڪونه ٿو پيئي. هاڻ هي
وٺ پنج روپيا ٽافين واسطي، جي ڪيڏيءَ مهل سگريٽ جي
ٻاڙ ٿيِئي ته ٽافي کائي ڇڏجانءِ!“
غالباً 1965ع ۾ اسان جي پريس ڪن بئنڪن وارن قرضن
سبب سيل ڪري ڇڏي ۽ مون کي ڊپ ٿيو ته اڄ بابا جو
هارٽ فيل ٿي ويو هوندو، يا بابا غم ۾ چريو ٿي پيو
هوندو، سو آءٌ شام جو 5 بجي مهل گهر ۾ ڊڄندو ڊڄندو
داخل ٿيس ۽ دل ۾ اهوئي هو ته امان روئندي هوندي ۽
بابا گذاري ويو هوندو... ڇا ڏسان ته بابا سائين
شال اوڍي ستل آهي، سو امان کان آهستي آهستي پڇيم
ته، ”بابا ڪيئن آهي؟“
”ٺيڪ آهي. ستو پيو آهي.“ ڪجهه دير بعد بابا به
جاڳيو. چيومانس ته ”بابا پنهنجي پريس ته بئنڪ وارا
سيل ڪري ويا آهن“، ته کلي چيائين:
”ها بابا خبر آهي. بابا، آءٌ هڪ زميندار وٽ ڏهن
روپين پگهار تي منشي هئس، الله پنهنجي نوازش ڪري،
اها پريس عطا ڪئي، هاڻ وري ڦري اٿس، سندس مرضي،
وري ڏيندو ته به سندس مرضي. هاڻ هي وٺ ڏهه روپيا
وڃي فلم ڏس.“
سال 1968ع ۾ هڪ نوڪريءَ ۾ هئس، پر صحافت ڏانهن
مائل طبيعت سبب استعيفا ڏيڻ چاهيم ته والده مرحومه
منهنجي ڀيڻ جي ذريعي خط لکيو ته: ”مون ٻڌو آهي ته
تون استعيفا ڏئي رهيو آهين، سو اڃا تنهنجي فلاڻي،
سؤٽ، فلاڻي ماسات کي نوڪري ڪانه ملي آهي. استعيفا
هرگز نه ڏج.“ پر بابا سائين کي جڏهن لکيم ته
”استعيفا ڏيڻ چاهيان ٿو“، تڏهن لکيائين ته:
”بي فڪر ٿي استعيفا ڏئي هليو اچ، پر پنهنجي ماءُ
کي ٻڌائجانءِ، ته آءٌ موڪل وٺي آيو آهيان، ۽ پوءِ
خوب پريس تي ۽ اخبار تي محنت ڪجانءِ ۽ پئسا ڪمائي
پنهنجي ماءُ کي ڏجانءِ، پوءِ ڀلي ٻڌائجانس ته
استعيفا ڏئي آيو آهيان.“
سال 1980ع منهنجي وڏي ڀاءُ مون کي سعودي عرب
گهرايو، ڪجهه مهينن بعد مون کي اتي جي هڪ اداري ۾
سٺي نوڪري ملي وئي، ته بابا مون کي مبارڪباد جو خط
لکيو، جنهن ۾ هي شعر لکيائين:
سرخرو رہتا ہے انساں ٹھوکریں کھانے کے بعد
رنگ لاتی ہے حنا،
پتھر پہ پِس جانے کے بعد۔
ان بعد جڏهن مون حج ڪيو ته پاڻ مبارڪباد جو خط
لکيائين ته:
”پيارا حاجي عبدالرحمان! اوهان جا حج تان موڪليل
ڦوٽو ڏسي دل ٺري پئي ۽ بي اختيار مولود جي هيءَ
مصرع زبان تي آئي ته:
”حاجي حج تان وريا، منهنجا نيڻ ٺريا
اديون منهنجي کلندي گهر آيا.“
۽ لکائين ته:
”انشاءَ الله ٻن سالن بعد پنهنجي بيگم سان گڏ ٻيو
حج به ڪندا. اوهان لاءِ دعاڳو آهيان ته سالياني
موڪل تي، اسان سان اچي ڪچهريون ڪندا.“
آءٌ بابا کي سعودي عرب مان سندس ذاتي خرچ لاءِ ٽي
سؤ روپيا مهينو موڪليندو هئس، پر سندس اخبار ۽
پريس لاءِ محبت جو اهو ثبوت ئي ڪافي آهي، جو پاڻ
لکيائين ته:
”يار عبدالرحمان! اڄ تنهنجا ٽي سئو روپيا مليا، نه
مس ۽ پني لاءِ پئسو ئي ڪونه هو، ڪمپوزنگم جام لڳي
پئي هئي. يڪدم مس ۽ پنو گهرائي ڪمپوز ٿيل مواد
ڇپرايم.“
پاڻ سعودي عرب ۾ هڪ خط ۾ لکيائين ته:
”پيارا عبدالرحمان! اوهان جو موڪليل پينون مليون،
نهايت ئي عاليشان آهن، هتي اصل ڪونه ٿيون ملن.
جيڪڏهن اوهين خدا پاڪ تي ڀروسو رکي، مڪمل ڪوشش سان
ڄمي رهندؤ ته انشاءَ الله تعاليٰ عادل ڪامل سنڌيءَ
جهڙي درجي تي پهچي ويندؤ. آمين! چاليهه سال اڳ آءٌ
ڏيپلي کان حيدرآباد آيس ته ان وقت ڏيپلي کان
حيدرآباد اچڻ هينئر جي حيدرآباد کان رياض پهچڻ
جهڙو ڏکيو هو. اهو سائو ملڪ آهي، خدا ڪندو ته سکيا
ٿي ويندؤ.“
بابا، جو مون کي آخري خط آيو، جنهن ۾ لکيائين ته:
”هينئر شهر ۾ قضيا ٿيا، ته به اتي ڪونه وڃي سگهيس،
آءٌ ايترو چاق نه آهيان، جيترو اوهان مون کي ڇڏيو
هو. صبح جو ٻه ٽي ڪلاڪ پريس تي ويندو آهيان، شام
جو وندر خاطر پريس ڪلب.
عمري بابت مون ازخود ڪونه لکيو هو، توهان فون تي
چيو هو، تڏهن مون لکيو ته ڀلي گهرايو، نه ته اهي
مڪا مدينا اسين هتي روز پيا ڏسون. کاڌو به آءٌ گهٽ
کائيندو آهيان، پيري وٺندي پئي وڃي، هينئر ايئر بس
لاهور لاءِ ٽن ڏينهن جي سير ۽ هلٽس هوٽل ۾ رهڻ جي
دعوت ڏنائون، پر آءٌ ڪونه ويس. هتي به پريس ڪلب
کان سواءِ ڪٿي به ڪونه ٿو وڃان.“
ڊاڪٽر علي نواز نظاماڻي
ٿڪيائي
ٿر ٿيل....
ڏيپلي ضلعي ٿرپارڪر ۾ 1908ع ۾ جنم وٺندڙ محمد
عثمان ڏيپلائي صاحب جن هڪ بيباڪ صحافي، اديب، ناول
نويس، ڪهاڻيڪار، ڊرامه نويس ۽ پبلشر ٿي گذريا آهن.
سندن تعليم ڇهه درجا سنڌي مس هئي پر پنهنجي ذهني
ڪوشش سان عربي، فارسي، اردو ۽ انگريزيءَ جي پڻ چڱي
ڄاڻ رکندا هئا.
سندن والد صاحب ننڍڙو واپاري هو. پاڻ به واپار
ڪيائون، منشيگيري به ڪيائون، سندن وڏي فرزند محمد
علي ڏيپلائيءَ جي بيماريءَ سبب حيدرآباد آيا، محمد
علي صحتياب ٿيو ۽ ڏيپلائي صاحب حيدرآباد جا ٿي
ويا.
ننڍيءَ وهيءَ کان لکڻ جو شوق هئن، حيدرآباد ۾
صحافت سان وابسته رهيا، پنهنجي پريس مان ماهوار
”انسان“ رسالو جاري ڪيائون، عبرت اخبار پهرئين
ماهوار، پوءِ هفتيوار ۽ آخر ۾ روزنامي ڪڍيائون،
ٻوليءَ جي هنگامن دوران ”دين ۽ ملڪ جي واڳ ڌڻين“
پريس کي ساڙي ڇڏيو، پر هو اٽل ارادي سان ڪم ڪندا
رهيا، سندن ڪيترائي ڪتاب ٻين ٻولين ۾ ترجمو ٿيا.
جيئن ته هو آزاد خيال هو ۽ جاري سياسي ۽ سماجي
حالتن جي خلاف رهيا، تنهنڪري سندن ڪيترائي ڪتاب
ضبط ٿيا ۽ ٽي دفعا جيل ياترائون به ڪرڻيون پين،
پهريون دفعو 1958ع (عمر 50 سال) ٻيو دفعو 1961ع
(عمر 53 سال) ٽيون دفعو 1977ع (عمر 65 سال) قيد ۽
بند سندن طبيعت جي لاڙي ۽ اٽل ارادي سبب هو نه ڪي
منشاءايزديءَ جي ڪري. ڪڏهن به ڊنا ڪونه، جهڪيا
ڪونه، هٽيا ڪونه، ڊڄن ها ته ٻئي دفعي قيد ڪيئن
ڪاٽين ها! شاهه لطيف سسئيءَ کي سُر حسينيءَ ۾ چون
ٿا:
سُهيو، سُکيو جندڙو، وڌئي ڄيري ۾ ڄاڻي!
ڏيپلائي صاحب پڻ سڀڪجهه ڄاڻي ٻُجهي سور پئي سَٺا،
بقول فيض احمد فيض:
قفس ہے بس
میں تمہارے،
تمہارے بس
میں نہیں:
چمن میں آتش
گل کے نکھار
کا موسم۔
صبا کی مست
خرامی تھ
کمند نہیں
اسیرِ دام نہیں ہے بہار
کا موسم!
سڄي ڄمار فرسوده
۽ مدي خارج نظام، يعني پيري مريدي ۽ مذهبي ڪٽرپڻي
جي خلاف رهيا. تنهنڪري تڪليفون سٺائون.
ڀانئن سا سنئين، جيئان جيءَ جوکو ٿئي
(ڪيڏارو)
پنهنجي مقصد ڏانهن وکون وڌائيندي ڪڏهن به ٿڪا
ڪونه!
ٿڪيائي ٿر ٿيل، چڙهه چڪيائي چوٽئين،
هلندي هوت پنهونءَ ڏي، ڀؤ مڙيوئي ڀيل،
اُٿي رائو ريل، ويٺن تان واري وري.
(آبري)
هن لاءِ ماٺ موت مثل هئي ۽ جدوجهد جياپي جو ڪارڻ:
جيئن اترڙا اورين، سامي تئن تئن سَنرا،
جتي پارو پواڙا ڪري، تتي سمرڻيون سورين،
عاشق عبداللطيف چئي، اونڌي ڪنڌ اورين،
جهوپڙا نه جوڙين، متان پوي وچ وصال کي.
(رام ڪلي)
جا جيئاري جوڳي کي، سا ماڻهن مصيبت،
سامين سُور صحت، جي پُوربيا پروڙيين!
(رام ڪلي)
سڄي ڄمار پنهنجي سوچ تي عمل ڪيائون، پنهنجا راهبر
پاڻ ٿيا، پاڻ انجمن هئا، ادارا هئا، ٻين لاءِ
مشعلِ راهه رهيا. سدائين پراُميد ۽ اميدون
ورهائيندڙ رهيا. شال ڌڻي تعاليٰ کين جنت نصيب ڪري.
محمد علي ڏيپلائي صاحب کي جس هجي، جيڪو پنهنجي
والد جي ٻاريل شمع کي روشن رکندو اچي ۽ ورسيون
ملهائيندو پيو اچي. اهڙن ماڻهن لاءِ فيض احمد فيض
چوي ٿو:
حلقہ کیسے بیٹھے رہو
اس شمع کو یارو
کچھ روشنی باقی تو
ہے،
ہرچند کہ کم ہے۔
(فيض)
رسول بخش گچيرائي
م.ع ڏيپلائي- سنڌ جو بيباڪ قلمڪار
سونهاري سنڌ جي سونهاري سنڌي ٻولي، پنهنجي زندهه
تاريخ رکي ٿي. قديم دور کان هيءَ ٻولي قائم آهي ۽
زندهه رهندي اچي ٿي ۽ انشاءَ الله باقي دنيا تائين
زندهه ۽ قائم رهندي. ڇو نه هن ڌرتي هر زماني ۾
اهڙا املهه ماڻڪ، ملوڪ، عالم ۽ اديب، شارح ۽ شارع،
ليکڪ ۽ مصنف، داناءَ ۽ دانشور، محقق ۽ مفڪر، ڏاها
۽ ڏات ڌڻي قلمڪار پيدا ڪيا جن پنهنجي ڌرتي ۽
ٻوليءَ سان بيحد محبت ڪئي ۽ پنهنجي پنهنجي دور ۾
تحقيق، تعليم، تبليغ ۽ عمل جي ذريعي نه صرف ان جي
قديم تاريخي مواد کي قلمبند ڪري محفوظ ڪيو بلڪ
نئين سوچ ۽ فڪر مطابق منجهس نواڻ ۽ واڌارو آڻي،
ترقي وٺرائي ۽ پاڻ پنهنجي زندگي پنهنجي ڌرتي ۽
ٻوليءَ کي سينگارڻ ۽ سنوارڻ، ترقي ۽ ترويج لاءِ
وقف ڪري ڇڏي. اهڙن قابل قلمڪارن مصنفن، مبلغن،
ڏاهن، اديبن، عالمن ۽ تاريخدانن ۾ محمد عثمان
ڏيپلائي جي شخصيت به نمايان نظر اچي ٿي.
اهڙي ڏاهي انسان، ادب جي افق تي چمڪندڙ روشن
مينار، ڏات ۽ ڏاهپ جي نه وسامجندڙ ڏِيَئي، سنڌي
ٻوليءَ جي سينگاريندڙ سرواڻ، جاکوڙي ۽ جهد ڪندڙ
جوان محمد عثمان ڏيپلائي جهڙي ادبي اڳواڻ تي لکڻ
مون جهڙي ادنيٰ، ادب جي شاگرد جي ڇا مجال آهي ليڪن
مٿس لکندڙن جي لسٽ ۾ پنهنجو نالو ڳڻائڻ خاطر سندس
سوانح حيات ۽ ادبي خدمتن تي مختصر روشني وجهڻ جي
ڪوشش ڪريان ٿو، اُميد ته سندس ادبي دربار ۾ قبول
پوندي!
سنڌ جي بيباڪ ۽ دلير قلمڪار، سنڌي علم و ادب
خدمتگار، ڪيترن ئي ڪتابن جي ليکڪ ۽ مصنف محمد
عثمان ڏيپلائيءَ جو جنم 13- جُونِ 1908ع تي
ٿرپارڪر ضلعي جي شهر ڏيپلي جي ٿڌڙي ۽ ڏَيَّا واري
زمين (مٽيءَ) تي، ميمڻ ذات جي هڪ غريب گهراڻي ۾
ٿيو. اڳتي هلي پنهنجي جنم واري شهر ڏيپلي جي نالي
پٺيان محمد عثمان ڏيپلائي جي نالي سان شهرت ماڻي.
سندس ابتدائي شاعر تخلص ”شائق“ هو.
ڏيپلائي صاحب ڏيپلي ۾ ئي ابتدائي تعليم ورتي، اتي
ئي 7 درجا سنڌيءَ جا پڙهيا جيئن ته ان وقت ڏيپلو
هڪ ننڍو ڳوٺ هو جتي انگريزي تعليم نه هئي ۽ پاڻ 7
ڀينرن ۾ اڪيلو ڀاءُ هو، ان ڪري کيس پنهنجي ڳوٺ کان
ٻاهر سندس مائٽن انگريزي پڙهڻ لاءِ نه موڪليو.
محمد عثمان ڏيپلائي صاحب هڪ مولوي صاحب وٽ فارسي
پڙهيو، پوءِ گجراتي، هندي، گرمکي (لپي)، اردو،
عربي ۽ ڪجهه انگريزي به سکي ورتي. ۽ پنهنجي شوق،
ذهانت ۽ مطالعي جي ذريعي سنڌي، فارسي، اردو، عربي،
هندي، گُرمکي (لپي) ۽ گجراتي تي چڱي مهارت به حاصل
ڪري ورتي. گذرمعاش لاءِ واپار ڪيائين، ليڪن ان مان
پورائي نه ٿيڻ جي ڪري (يا ڪو نقصان پوڻ جي ڪري ؟)
پاڻ واپار ڇڏي ڏنو ۽ زميندارن وٽ نوڪري ڪرڻ لڳو ۽
اٽڪل 30 سال زميندارن جي ملازمت هيٺ رهيو. ان
سلسلي ۾ پاڻ ٽنڊي باگي، بدين، کپري، ميرپورخاص ۽
عمرڪوٽ جي مختلف زميندارن وٽ ملازمت ڪئي.
ڏيپلائي صاحب کي پهريائين اخبارن پڙهڻ ۽ ڪهاڻين
پڙهڻ جو ڏاڍو شوق پيدا ٿيو. ان وقت قاضي عبدالخالق
مورائي المعروف ”خليق مورائي
”ترقي“ رسالو ڪڍندو هو جنهن کي پاڻ پسند ڪندو هو ۽
ان کي شوق سان پڙهندو هو. اهڙي طرح کيس مضمون
نويسيءَ ۾ دلچسپي پيدا ٿي ۽ خليق مورائي جي هڪ ٻئي
رسالي ”علمي دنيا“ ۾ سندس پهريون افسانو. ”چنڊ
سهڻو يا انسان“ 1930ع ۾ ڇپيو. اڳتي هلي ٻيو افسانو
”ڪتوبه کاڌو- ڪُکِ به نه ڀري“ لکيائين جيڪو پوءِ
بدليل عنوان ”فريبي دنيا“ جي نالي سان ساڳئي رسالي
”علمي دنيا“ ۾ ڇپيو. 1934ع ۾ ڏيپلائي صاحب جي،
خليق مورائيءَ سان حيدرآباد ۾ ملاقات ٿي ۽ مورائي
صاحب جي چوڻ تي ”قرآني دعائون“ مسلم ادبي سوسائٽي
ذريعي شايع ڪرايائين. خليق مورائي جو ناول
”سندري“، بعد ۾ عبدالحليم شرر، راشدالخيري، منشي
صادق، نسيم حجازي ۽ ايم.اسم جا ناول پڙهيائين،
اهڙي طرح ”سندري“ ناول ۽ ٻين ناولن کان متاثر ٿي
مولوي خيرمحمد نظاماڻيءَ جي صلاح سان ناول ”سنگدل
شهزادي“ لکيو، جنهن جي رٿا منشي صادق جي ڪتاب
”آرمينا کا چاند“ تان ورتل هئي. هيءُ ناول سندس
پهريون ناول هو جيڪو 1938ع ۾ شايع ٿيو.
هن پوءِ، اول ”اسلاميه دارالاشاعت“ گهر جو سامان
وڪڻي ميرپورخاص قائم ڪيو، پوءِ 1942ع ۾ هيءُ
ميرپور خاص کان حيدرآباد آيو. 1948ع ۾ پنهنجي پريس
کوليائين. هن تي مولانا مودودي به اثر انداز نظر
اچي ٿو ۽ هن جماعت اسلاميءَ کي زور وٺرائڻ لاءِ به
ڪوشش ڪئي ليڪن جلدي 1949ع ۾ هيءُ ترقي پسند ادب ۽
اديبن جي اثر هيٺ اچي، ان جو مطالعو ڪيو ۽
سرمائيداري نظام توڙي مذهبي انتها پسنديءَ جي خلاف
ٿي بيٺو ۽ اٻوجهه عوام کي ٺڳيندڙ ڍونگي مذهبي
ماڻهن، پيرن ۽ مرشدن جي خلاف لکيائين ۽ ساڳئي وقت
انسانيت جي نالي ۾ نوان ڪتاب ۽ مضمون لکڻ شروع
ڪيائين. ان سلسلي ۾ ”چار داڻا“ ۽ ”ماڻهو ۽ ڌرتي“
ڪتاب شايع ڪيائين ۽ انهن کان سواءِ ”ڏکڻ کان سج ٿو
اڀري“، ”ڪورٽ ناٽڪ“، ”ڏڪار ناٽڪ“ ۽ ”امڙ“ وغيره
ڪتاب لکيائين.
هن هڪ طرف مذهبي ڪتاب ڇپايا آهن ته ٻئي طرف ترقي
پسند ادب ۽ حب الوطنيءَ ڪتاب به لکيا آهن: ”جپاني
گڏي“، ”1857ع وارو بلوه“ ۽ ”غازي انور پاشا“ وغيره
ڪتاب، ان سلسلي جون ڪڙيون آهن. کانئس (ڏيپلائي
صاحب کان) جڏهن هڪ ڀيري سوال ڪيو ويو ته توهان جي
شروعاتي دور جي لکڻين ۾ مذهب تي گهڻو زور ڏنل آهي
۽ بعد ۾ ترقي پسنديءَ تي ته: چيائين ته پهريان
مذهبي جُنُون هو ۽ بلڪل ان وقت هڪ وڏي اسلامي
اسڪالر علامه آفتاب حسن جو لکيل ڪتاب ”جديد
معلومات سائنس“ پڙهندي ڄڻ هڪ شاڪ لڳم ۽ ارتقائي
نظريي مطابق ڄاڻ مليم ته انسان ڪيئن پيدا ٿيو آهي.
ساڳئي وقت گورڪي جي ڪتاب (مڌر) يعني ماءُ جو اردو
ترجمو پڙهيم ۽ مسٽر ابراهيم جويي صاحب ۽ حيدربخش
جتوئي صاحب جي سنگت جو اثر ٿيڻ ڪري منهنجي سوچ جو
انداز بدلجي ويو پر سورنهن کان ٻٽيهه آنا سوچ جو
انداز تڏهن تبديل ٿيو جڏهن ون يونٽ ٺهيو. ان کان
اڳ هيءُ پاڻ کي پهريان انسان پوءِ مسلمان ۽ ان بعد
سنڌي سمجهندو هو ليڪن ون يونٽ ٺهڻ بعد ٿيندڙ ظلمن
۽ فسادن جي ڪري هو پاڻ کي اول به سنڌي ته آخر به
سنڌي سمجهندو هو ۽ جڏهن کانئس پڇيو ويندو هو ته
توهان کي ڪهڙي قسم جا عالم ۽ اديب پسند هوندا آهن
ته پاڻ چوندا هو ته ”سنڌيت جي پرچار ڪندڙ سڀ عالم
۽ اديب پسند آهن.“
ڏيپلائي صاحب جي نياڻي ثريا ”سوز“
ڏيپلائي، جنهن جو اصل نالو نسيم هو. جيڪا خود به
هڪ شاعره، ڪهاڻيڪار، ناول نگار، ڊرامه نويس ۽ محقق
هئي. سندس ادبي ڪاوشن ۾ ”چمڪندڙ سج“ ڪهاڻيون ۽
”نيڻن ننڊ“ ناول شامل آهن ۽ هن پنهنجي والد محمد
عثمان ڏيپلائي ۽ ناول نگاري جي موضوع تي ڊاڪٽريٽ
به ڪئي هئي سا چوندي هئي ته: منهنجو والد بزرگوار
چوندو هو ته:
”سچو اديب اهو آهي جيڪو عام جي ڀلائيءَ جو مقصد
اڳيان رکي سوچي ۽ خاص کي پڻ سوچڻ لاءِ آماده ڪري ۽
مفاد پرستي سندس فطرت ۾ هرگز شامل نه هجي؟“
ثريا سوز ڏيپلائي چوندي هئي ته:
”منهنجي والد بزرگوار جي کٽ تي ڪتابن جو ڍير هوندو
هو. سدائين سچ لکندو هو ۽ لکڻ جي شروعات خليق
مورائيءَ جي تحريرن کان متاثر ٿي هڪ افسانو ’چنڊ
سهڻو يا انسان‘ لکي ڪيائين.“
ثريا سوز مطابق والد بزرگوار جن چوندا هئا ته:
”ڪو به انسان نڀاڳو يا منحوس نه آهي، نڪو ڪنهن
تڪليف يا ڏک ۾ سندس راءِ يا مرضي شامل آهي. قدرت
طرفان جيڪي سندس لاءِ بهتر آهي اهو ئي ٿئي ٿو؟“
ثريا سوز (نسيم) هڪ ورسيءَ دوران چيو هو ته:
”بابا سائين هڪ ڏئي جي مثل هو جيڪو زندگيءَ جي وڏن
وڏن طوفانن ۾ به نه وسامجي سگهيو. هن کي مرڻ قبول
هوندو هو ڀر جهڪڻ نه. هن پهريون ڪتاب ’قرآني
دعائون‘ ۽ آخري ڪتاب ’انقلابِ ايران‘
لکيو هو.“
ڏيپلائي صاحب جي پاڪدامن رهڻ جو سبب:
محمد عثمان ڏيپلائي صاحب جن جو چوڻ هوندو هو ته
ساري زندگي پاڪدامن رهڻ جو سبب منهنجي محبت ۽ غيرت
هئي، اهو هن طرح جو منهنجو ننڍي هوندي ئي مڱڻو ٿيل
هو ۽ ان ننگ جي محبت ۽ غيرت جي ڪري پنهنجي
پاڪدامنيءَ کي قائم رکيم ڇو ته آءٌ سوچيندو هوس ته
جيڪڏهن ڪنهن ڏي نظربد ڪندس ته سڀاڻي منهنجي ننگ ڏي
به ڪو بدنظر ڪري سگهي ٿو! بيشڪ خدائي فيصلو قرآن
پاڪ ۾ به اهو ئي آيل آهي ته نيڪ عورتون نيڪ مردن
لاءِ آهن ۽ بدڪار عورتون بدڪار مردن لاءِ آهن.
ڪاش! جيڪڏهن هرهڪ انسان ان قرآني فيصلي تي هلي
جنهن تي محمد عثمان ڏيپلائي هليو ته هوند اسان جو
پورو معاشرو پاڪ ۽ صاف ٿي وڃي ۽ اهڙي طرح اسان ان
ظابطه اخلاق جي ڪري نهايت بلند مقام تي پهچي وڃون.
محمد عثمان ڏيپلائي جي هن عمل مان سڀ ڪنهن کي سبق
حاصل ڪرڻ گهرجي. هيءَ زندگيءَ جو هڪ اعليٰ عمل آهي
جيڪو هر عالم، اديب ۽ دانشوار لاءِ اولين حيثيت
رکي ٿو ۽ حقيقت ۾ اهڙي ئي باعمل عالم، اديب، شاعر
۽ دانشور جي تصنيف ۽ شاعري معاشري لاءِ فائديمند ۽
پر اثر هوندي آهي. ڏيپلائي صاحب جو نوجوانن لاءِ
پيغام هوندو هو ته: ”نوجوان پاڻ ۾ مستقل مزاجي ۽
مسلسل جدوجهد جو جذبو پيدا ڪن ۽ پاڻ ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ
جون صلاحيتون پيدا ڪن.“
ڏيپلائي صاحب گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ هو. هيءُ سنڌ
جو نالي وارو اديب، دانشور، صحافي، محقق، ناول
نگار، ترجمه نگار، ڪهاڻيڪار، افسانه نگار، مضمون
يونس، پبلشر ۽ گهڻو ڪجهه هو. هن پنهنجي قلم جي
ذريعي ڏتڙيل ماڻهن سان پيار ڪيو. هن حالات سان
نهايت دليري ۽ بيباڪيءَ سان منهن ڏنو. هيءُ
انتهائي معتبر ۽ داناء شخص هو. انگريز خواهه ايوب
خان جي آمريت کيس جُهڪائي نه سگهي. هيءُ هڪ باهمت
انسان هو. هن آفيسرن، اميرن، پيرن ۽ وڏيرن تي ايڏو
دليريءَ سان لکيو، جنهن جو مثال ملڻ سنڌي ادب ۾
مشڪل آهي. هيءُ مسلسل جدوجهد ۾ يقين رکندڙ مهان
شخصيت هو. هن جي قول ۽ فعل ۾ هڪجهڙائي هئي. سندس
جهاد جي سفر ۾ سندس مختلف ذهني منزلون رهيون آهن.
ڪڏهن ڪڏهن پاڻ به گمراهيءَ ۾ گهلجي ويل نظر اچي ٿو
پر ڪنهن به منزل تي هو صدف (۽ حقيقت) جي ڳولا ۽
خلوص جي واٽ کان پري نه رهيو آهي. هو وڏيءَ دل سان
پنهنجين غلطين کي ئي ميساريندو، منزل به منزل اڳتي
ايندو رهيو آهي. هيءُ ايترو ته حوصله مند ۽ حوصلو
ڏياريندڙ انسان هو جو جڏهن سندس اولاد محمد علي،
ثريا ۽ فاطمہ جي شادي ٿي رهي هئي ته ان وقت پاڻ
نظر بند هو، باوجود ڏيپلائي صاحب جي نظر بنديءَ جي
والده سڪينہ ڏيپلائي پنهنجن ٽنهي ٻچن کي پرڻائي
ڇڏيو. ان شادي ۾ ڏيپلائي صاحب کي ڪجهه وقت جي لاءِ
گهر اچڻ جي اجازت ملي ته گهر پهچي پنهنجي نياڻين
کي چيائين ته کلنديون مشڪنديون وڃو ۽ کلندي مشڪندي
اچو. هن نه خود رنو ۽ نه وري پنهنجن ٻچن کي روئڻ
ڏنو، مشڪل ترين وقت ۾ به خود حوصلي سان رهڻ ۽ ٻين
کي به حوصلو ڏيڻ جي هدايت ڪندو رهيو، ان کان سواءِ
ڪم ۽ صرف ڪم ڪرڻ به ان جو اصول هو.
هن ڪجهه وقت شاعري به ڪئي.
ڏيپلائي صاحب لکڻ ۽ پڙهڻ جو ايترو ته تيز هوندو هو
جو سندس جي باري ۾ جِي.ايم.سيد چوندو هو ته:
”ڏيپلائي صاحب لاءِ لکڻ ايترو ئي لازم آهي جيترو
هڪ تندرست ماڻهو لاءِ پاڻي پيئڻ.“
ڏيپلائي صاحب ون يونٽ بعد حب الوطنيءَ جي رنگ ۾
رڱجي ويو، هڪ هنڌ لکي ٿو ته:
”سنڌ جي باشندان سان هن وقت پاڪستان ۾ اهڙو ظلم
روا رکيو ويو آهي جهڙو جپانين. چينين سان ڪيو هو،
فلسطينن تي يهودين ڪيو ۽ فرينچين الجيريا ۾ ڪيو.“
هن هڪ طرف مذهبي ڪتاب ڇپايا آهن ته ٻئي طرف ترقي
پسند ادب ۽ حب الوطنيءَ تي ڪتاب لکيا. ”جپاني
گڏي“، ”1857ع وارو بلوو“، ”غازي انور پاشا“ وغيره
ڪتاب، سندس انهيءَ سلسلي جون ڪڙيون آهن. ڪجهه وقت
هيءُ حر تحريڪ کي پُراسرار قومي تحريڪ ثابت ڪرڻ
لاءِ ڪتابن لکڻ پٺيان لڳو رهيو. هن پوءِ نيشلزم ۽
سوشلزم ڏانهن به لاڙو کاڌو. ڏيپلائي صاحب ڏاڍو بي
ڊپو ۽ بهادر هو ۽ حق جو ڪلمو ڪنهن به وڏي ماڻهوءَ
کي منهن تي چوڻ کان نه ڪيٻائيندو هو. 1976ع جي هڪ
ڳالهه آهي ته ڏيپلائي صاحب، پيرن جي خلاف ڪتاب
”شيخ المشائخ“ لکيو ۽ ڇپايو ته سنڌ حڪومت جي
سربراهه (جيڪو انهن پيرن جو مريد هو) کيس جيل ۾
سِي ڪلاس ۾ رکيو.
محمد عثمان ڏيپلائيءَ جون علمي ۽ ادبي خدمتون:
ڏيپلائي صاحب ادب جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي ۽
مقصدي ۽ فائديمند ادب تخليق ڪيو. سندس ڪتاب ڏيڍ سؤ
کان مٿي ٿيندا ۽ پاڻ پنج سؤ کان وڌيڪ مضمون لکي،
مضمون نگاريءَ ۾ بهترين واڌارو آندو. سندن پهريون
مضمون اردو رسالي
”مناديءَ“ ۾ ڇپيو هو. سندس مضمونن جي ٻولي نهايت
عام فهم، سليس ۽ منفرد هئي، آتم ڪهاڻي ۽ خط
نويسيءَ کان لطيفيات، نفسيات، تاريخ، لسانيات ۽
اسلاميات جي حوالي سان اهم ڪم ڪيائون. سندس ادبي
خطن جيڪي پاڻ غلام مرتضيٰ شاهه (جِي.ايم.سيد)، شيخ
اياز، محمد ابراهيم جويي، طارق اشرف ۽ ٻين اديبن
کي لکيا آهن، سي وڏي اهميت جا حامل آهن، انهن ۾
اردو ۽ فارسي شعر موقعي جي مناسبت ۽ برجستائيءَ
سان استعمال ٿيل آهن. لطيفي شعرن سان سندس وڏي
دلچسپي ۽ محبت ۽ عقيدت هئي. پاڻ شاهه صاحب جو مڪمل
رسالو ۽ ٻيو پاڪيٽ سائيز ۾ لکيائون.
مذهبي ادب:
ڏيپلائي صاحب 1942ع ۾ هڪ اسلامي اشاعت گهر قائم
ڪيو هو، جنهن مان خاص ڪري اسلامي ڪتاب ڇپرائيندو
هو. هن ڪافي مذهبي ڪتاب ترجمو ۽ تاليف ڪيا. خاص
ڪري قرآن مجيد جو ترجمو ۽ ان کان سواءِ مولانا
مودوديءَ جا به ڪيترائي ڪتاب ترجمو ڪيائين. هن
اٽڪل ٽيهارو کن ڪتاب ٻيا به مذهبي لکيا آهن جيڪي
جهاد، حج، روزي، زڪواة ۽ ڪلمي جي باري ۾ آهن.
افسانوي ادب:
اديب جيئن ته حساس طبيعت جو هوندو آهي، ان صورت ۾
هو پنهنجي آسپاس جي حالتن ۽ ماحول کان وڌيڪ متاثر
ٿيندو آهي ۽ پنهنجي سوچ ۽ اٽل ارادي سان ماحول ۽
سماج جي اوڻاين ۽ چڱاين کي وائکو ڪندو آهي.
ڏيپلائي صاحب سڀ کان پهريون افسانو
”چنڊ سهڻو يا انسان“ لکيو. سندس افسانوي ادب ۾ سڀ
کان وڏي خصوصيت اها آهي ته هن ڍونگي مرشدن جي خلاف
بغاوت ڪئي ۽ مسلسل قلمي جهاد ڪيو ۽ هنن جي پويان
هٿ ڌوئي پٺيان پيو جو سندن ٻانهن ڪنڌ، ڪياڙي، چلم،
ٽوپي ۽ ڪهاڙي وغيره تي به قلم کنيائين. هن بي حساب
افسانا لکيا آهن، جن جا 14 مجموعا ٻڌايا وڃن ٿا.
بهرحال افسانن جي تعداد متعلق ڏيپلائي صاحب 24
مارچ 1975ع تي ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو ڏي هڪ خط
لکيائين جنهن ۾ ڄاڻايائين ته:
”منهنجي ڏهاڪو افسانن جي مجموعي
”گلشن عبرت“ تي 1945ع ۾ بورڊ آف سنڌي لٽريچر پاران
انعام ڏنو ويو. ان کان پوءِ 1952ع ۾ پنجاهه کن ٻيا
به افسانا لکيا ۽ انهن جو مجموعو ”گلستانِ عبرت“
به ڇپيو هو. ان کان پوءِ پنجاهه کان وڌيڪ ٻيا به
افسانا لکيا هئا، بهرحال سڀ گڏي سوا سؤ (125) کن
افسانا ٿيندا، جن مان هڪ سؤ کن افسانه نقلي مرشدن
تي ۽ باقي 25 عوامي ٿيندا.“
اها هئي 1975ع جي ڳالهه جڏهن ته پاڻ ان کانپوءِ 6
سال وڌيڪ زندهه رهيو ۽ انهن ڇهن سالن ۾ به هن
افسانا لکيا هئا. جن کي سهيڙي ڇپائڻ گهرجي. سندس
افسانا پڙهڻ سان اڻ برابريءَ واري نظام لاءِ سخت
نفرت پيدا ٿئي ٿي. هو هٿرادو ٺاهيل قاعدن ۽ اصولن
کان نفرت ڪري ٿو ۽ انسانيت ۽ ان جي گهُرجن کي
اهميت ڏئي ٿو. سندس نظر ۾ انسانيت سمورن اصولن کان
اُتم آهي. هن جي نظر ۾ دولت اهم آهي پر انسانيت تي
خرچ ڪرڻ لاءِ نه، ۽ ڪي انسانن کي نابود ڪرڻ لاءِ.
هن جا افسانا زندگي بخشين ٿا ۽ زندگي بهتر انداز ۾
گذارڻ لاءِ حوصلو بخشين ٿا، هنن ۾ انسانن جي ڀلائي
لاءِ پيغام ملي ٿو جيڪو پاڻ عملي طور ڪري ٿو ٻين
کي به اهو ئي ڏس ڏئي ٿو.
ناول نويسي:
ڏيپلائي صاحب لکڻ جي شروعات ورهاڱي کان گهڻو اڳ
ڪئي. پاڻ پهريون ناول مولانا عبدالحليم شور جي
ناولن کان مثاثر ٿي 1938ع ۾ ”سنگدل شهزادي“ شايع
ڪيو هو. پوءِ ڪيترائي عبدالحليم شرر جا ناول
ترجمو ڪيائين. ورهاڱي کان اڳ هن ڪجهه ناول هندن
جي ناولن جي رد عمل ۾ لکيا هئا. جيڪي هنن مسلم
سورمن خلاف لکيا هئا. ڏيپلائي صاحب کين جواب ۾
شاندار تاريخي ناول لکيا هئا. ڏيپلائي صاحب سنڌي
ادب ۾ بهترين ناول نگارن ۾ شامل ٿئي ٿو. هيءُ تمام
گهڻا ناول لکندڙ هو. هيءُ اهو دور هو جنهن ۾ ننڍي
کنڊ جي آزاديءَ جي تحريڪ عروج تي هئي. ان دور ۾
ڏيپلائي جا ناول برسات وانگر وسي رهيا هئا. ڇو ته
هيءُ لکڻ جو ايترو تيز هو جو جڏهن به قلم ۽ ڪاغذ
کڻي لکندو هو ته قلم بيهندو هرگز نه هو. هن کي
ڪنهن به ڪتاب وغيره کي ڏسڻ جي ضرورت نه هوندي هئي.
هن جو مطالعو تمام وسيع هو ۽ پڙهڻ جو به تيز هو،
سندس حافظو ايترو تيز هو جو جيڪو پڙهندو هو سوهن
کي ياد ٿي ويندو هو، ان ڪري ڪنهن ڳالهه جو ڪو
حوالو ڏيندو هو، ته هوياد ئي لکي ڇڏيندو هو ۽ وري
ڪتاب ڏانهن رجوع نه ٿيندو. شايد اهو ئي سبب هو جو
پاڻ لائبرري نه رکي سگهيو سندس پڙهيل ڪتاب ماڻهو
اڪثر ڪري کڻي ويندا هئا.
ڏيپلائي جا اُهي تاريخي، سياسي ۽ سماجي ناول پڙهڻ
سان وارڪانڊارجي ويندا هئا. کيس جذبات نگاري ۽
منظرنگاري ۾ ملڪو حاصل هو. طبعزاد ناولن ۾ سندس
ڪوبه ثاني ۽ مٽ نه هو. جيئن ته ناول زندگيءَ جي
مڪمل عڪاسي ڪري ٿو ۽ ناول نگار لاءِ زندگيءَ جا سڀ
رخ اهم هوندا آهن. ناول ۾ ڪهاڻيءَ جو موضوع، پلاٽ
ڪردار نگاري، منظرنگاري ۽ واقعات تمام آهم جزا
هوندا آهن. ناول ۾ ڪجهه داستان گوئي به اچي وڃي ٿي
۽ ڏيپلائي صاحب کي داستان گوئي ۾ به ملڪو حاصل هو.
هن تاريخي ناول بي حساب لکيا جيڪو حقيقت ۾ نهايت
مشڪل مرحلو آهي.
سندس مشهور ناولن ۾”سانگهڙ“،
”نورِ توحيد“، ”فتح اسپين“، ”عصمت جي قيمت“، ”حور
بغداد“، ”آخري اُميد“ ”ڏاهري رنگ محل“، ”گلستان
حسن“، ”جپاني گڏي“، ”غازي انور پاشا“، ”1857ع واري
آزادي جي جنگ“، ”مينار بازار“ ۽ ”ماءُ“ آهن.
ڪجهه ناولن جو جائزو:
(1) سانگهڙ: هيءُ
هڪ تاريخي ۽ انقلابي ناول آهي ۽ سڀني ناولن ۾ خاص
اهميت رکي ٿو. ڏيپلائيءَ هيءُ ناول، سنڌ جي نهايت
عظيم سپوت، دورانديش ۽ مجاهد سيد صبغت الله شاهه
راشدي ثاني عرف ”پير پاڳارو“ جي سنڌ ڌرتي جي
آزاديءَ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندڙ ۽ سندس ”حرتحريڪ“
جي اهميت ۽ ان جي ڪردار کي تمام سٺي نموني پيش ڪيو
آهي.
(2) ڏاهري
رنگ محل:
هيءُ ناول ڏيپلائيءَ، هندن طرفان ڇپايل ناول ”محل
رنگ محل“ جي جواب ۾ لکيو. ”مغل رنگ محل“ ناول ۾
مغل شهنشاهن جي اخلاقي ڪردارن تي ڪِريل حملا ڪيا
ويا هئا، ان جي جواب ۾ هندن جي راجائن جا ڏاهري
رنگ محل ناول ۾ پول پڌرا ڪيا ويا. هيءُ ناول ضبط
ڪيو ويو
(3) گلستانِ
حسن:
هيءُ ناول مولانا عبدالحليم شرر جي ناول ”فردوس
برين“ تان ورتل هو. هن ناول ۾ فدائي تحريڪ جي باني
حسن صباح ڏانهن منسوب ڪيل زمين تي ٺاهيل بهشت ۽
هلاڪو خان هٿان سندس تباهيءَ جو ذڪر بيان ٿيل
آهي. هيءُ ناول به ضبط ڪيو ويو.
(4) جپاني
گڏي:
جپاني گڏي ناول 1957ع ۾ شايع ٿيو. هيءُ ناول، نوبل
انعام کٽندڙ آمريڪي مصنف پرل.ايس.بڪ جي ناول "The
Dragon Seed" تان
اخذ ڪيل آهي، جنهن کي مقامي رنگ ۾ ڀريو ويو آهي.
هن ۾ سنڌي قومپرستيءَ کي جاڳائڻ جي اهميت تي زور
ڏنل آهي. هيءُ به ضبط ڪيو ويو.
(5) غازي
انور پاشا:
هن ناول ۾ احوال انور پاشا غازي جو آهي ليڪن ان جي
پس منظر ۾ ڏيپلائي صاحب وطن پرستي ۽ قومپرستي جي
تبليغ ڪري ٿو.
(6) نورِ
توحيد:
هيءُ ناول، هڪ منفرد ناول آهي، جنهن ۾ فخرِ
انسانيت حضوراڪرم ﷺ جن جي زندگي، تحريڪن، اصلاح ۽
سڌاري لاءِ ڪيل ڪوششن کي شاندار نموني پيش ڪيو ويو
آهي.
هن ناول جي شروعات هڪ نياڻيءَ جي جيئري ئي دفن ٿيڻ
سان شروع ٿئي ٿي ۽ خاتمو حضورﷺ ۽ خدا پاڪ جي حڪم
مڃڻ لاءِ خلق خدا جي تلقين ڪرڻ ۽ ڪاميابي ماڻڻ سان
ٿئي ٿو ۽ ان کان سواءِ هن ناول ۾ سنڌ جي وڏيرڪين
روايتن تي ڦٽڪار پڻ ڪئي وئي آهي.
(7) ماءُ:
هيءُ ناول، اصل روسي ناول نگار: مئڪسم گورڪيءَ جي
مشهور انقلابي ناول"Mother" جو
ترجمو آهي.
محمد عثمان ڏيپلائي مشهور ناٽڪ نويس:
ورهاڱي توڙي بعد سنڌي ڊرامي ۽ ناٽڪ جي عمارت اڏڻ ۾
ڏيپلائيءَ جو تمام وڏو هٿ هو. سندس لکيل ڊرامن ۽
ناٽڪن ۾ به ناولن ۽ افسانن وانگر طنزيه رنگ،
اسلامي ۽ تاريخي موضوع، سماجي برايون، ميرن ۽ پيرن
خلاف بغاوت جو رجحان ملي ٿو. ڏيپلائي صاحب جا
ڊراما ۽ ناٽڪ طبعزاد هوندي سنڌي ماحول ۽ سماج جي
چڱيءَ طرح خبر ڏين ٿا، جنهن ۾ سنڌ جا نهايت اهم
مسئلا پيش ڪيل آهن. سندس ڊرامن ۾ آسان ۽ سادي ٻولي
۽ ننڍا ننڍا مڪالمه آهن. سندس پهريون ڊرامو ”غيرت
عرف نورجهان جو پٽ“ هڪ تاريخي ڊرامو هو. جو 1941ع
۾ شايع ٿيو. سندس ڊرامن ۽ ناٽڪن ۾ ”ڪورٽ ناٽڪ“
”آزاد چنڊ“، ”ڏڪار“، ”سجائي موڙي،“
”ڪانگريس“، ”پئنچاتي پدمڻي“ ”اسلام تي مقدمو“، ”بي
وقتي ٻانگ“ ۽ ”شاهدي“ مشهور آهن. شاهدي ڊرامو
هندستان ۾ اسٽيج تي پيش ٿيو ۽ سنڌ جي ناٽڪ ۽ ڊرامه
نويسيءَ جي ”صد ساله جشن“ ۾ اسٽيج ڪيو ويو.
ڏيپلائي صاحب جي ڊرامن جي سڀ کان اهم خوبي اها آهي
ته هو پنهنجن ڪردارن کان بيباڪ گفتگو ڪرائي ٿو.
صحافت:
ڏيپلائي صاحب گهڻو لکندڙ ۽ گهڻو پڙهندڙ بي باڪ
صحافي هو. هن پنهنجي قلم سان مسلسل جهاد ڪيو. کيس
انگريز سرڪار کان پوءِ پنجابي سنڌ جا غاصب لڳا، جن
ون يونٽ جي آڙ ۾ سنڌ کي ڳڙڪائڻ ٿي چاهيو. عبرت
اخبار جو باني به پاڻ ئي آهي، جنهن ۾ ون يونٽ جي
خلاف تمام سٺو لکيائين. سنڌي زبان کي جيارڻ ۽ قائم
رکڻ لاءِ بيحد جدوجهد ڪيائين ”شريف تعليمي ڪميشن“
جي خلاف سندس لکيل ايڊيٽوريل اهم حيثيت رکن ٿا.
”مادري زبان جي تعليم جي حق ۾“، ”عظيم پنجاب جو
نذرانو“، ”هيبتناڪ انڪشاف“ ۽ ”سنڌ جون رڙيون“ سندس
اهڙا لکيل ايڊيٽوريل هئا جن اخبارن ۾ هل چل مچائي
ڇڏي. غلام رباني آگري جي چواڻي، ته ٽن شخصيتن سڄي
عمر سنڌ سنڌ ڪئي، انهن ۾ هڪ غلام مرتضيٰ سيد
(جي.ايم.سيد)، حيدربخش جتوئي ۽ محمد عثمان ڏيپلائي
آهن. هن سڀ کان پهريائين حيدرآباد اچي پنهنجي هڪ
پريس کولي ۽ 1941ع ۾ سنڌ جي وڏي اخبار عبرت هڪ
رسالي جي صورت ۾ جاري ڪئي. ڏيپلائي صاحب جي ادارت
هيٺ هڪ هفتيوار رسالو ”انسان“ پڻ نڪرندو هو. جنهن
جي 3- مئي 1959ع واري پرچي کي ”شهيد انسانيت نمبر“
ڪري ڪڍيو هو. جنهن جي ٽائيٽل تي ابراهيم لنڪن جي
تصوير هئي. ابراهيم لنڪن جو چوڻ هو ته:
”جهڙي طرح سان آءٌ ڪنهن جو غلام بنجڻ پسند نه ٿو
ڪريان ته اهڙي طرح ڪنهن ٻئي کي غلام بنائڻ به پسند
نه ٿو ڪريان.“
هيءُ هڪ سچو ۽ ايماندار صحافي هو. هن صحافتي دنيا
جو پورو پورو حق ادا ڪيو. هن پاڻ کي نقصان ۾
وجهندي ۽ سمجهندي به پنهنجي زندگي ادب ۽ صحافت
لاءِ وقف ڪري ڇڏي. سندس مزاج ۾ سنڌي چوڻي مطابق:
”جيڪا دل ۾ سا چپن تي“ جهڙي ڳالهه هئي. اهو ئي سبب
آهي جو سندس سچائي ۽ حق بيان ڪرڻ جي ڪري سندس
رسالو ”انسان“ ۽ ٻين ڪيترين لکين تي پابندي وڌي
وئي. سندس سوچ ۽ فڪر جي ڪري ئي اڄ پريس آزاد آهي ۽
ڪاميابيءَ جو قلعو فتح ڪري ورتو آهي. جيڪڏهن هو
زندهه هجي ها ته پريس جي ترقي ۽ آزادي ڏسي ڏاڍو
خوش ٿئي ها. ڏيپلائي صاحب ڪيترن ئي اخبارن ۽ رسالن
جو ايڊيٽر رهيو ۽ مالڪ پڻ رهيو. هن ”عبرت“ ۽
”انسان“ کان پوءِ ”سنڌ ٽائيمس“ اخبار پڻ جاري ڪئي.
هن ڪيئن رسالا ۽ ڊائجسٽون شايع ڪري، سنڌي ادب کي
زينت بخشيائين. هن بهادر ۽ نڊر صحافيءَ پنهنجي
پريس همت ۽ بي باڪي سان ٽيهه سال هلائي.
ڏيپلائي صاحب پنهنجي عمر جي آخري حصي ۾ به لکڻ
پڙهڻ ۾ رڌل رهي ٿو ۽ همت سان ڪم ڪندو نظر اچي ٿو.
پاڻ لکي ٿو ته:
”منهنجي عمر جا 70 سال گذري چڪا آهن، فالج ۽ بلڊ
پريشر جو مريض ٿي چڪو آهيان. عزيزن چيو ته آرام
ڪر! چيم ته ويهي موت جو انتظار ڪريان!؟ موت اچڻو
هوندو ته آرام ڪندي به ايندو (ته ڪم ڪندي به
ايندو) ۽ ڇو نه باقي بونس واري زندگيءَ مان به
فائدو وٺان.“
ان جذبي تحت نئين انداز سان ساڻيهه رسالو شايع
ڪرايائين.
ڏيپلائي صاحب لکي ٿو ته ان ئي وقت جڏهن هڪ سؤ صفحن
ٿي مشتمل رسالو ڪڍيم ته سعودي عرب کان وڏي پٽ محمد
علي خط لکيو ۽ عبدالرحمٰن به چيو ته: ”بابا هاڻي
ته ذرا صحت جو خيال ڪيو؟“ مون چيو ته هي ته منهنجي
صحت لاءِ ٽانڪ آهي جو مون کي زندهه رکيو اچي. ورنه
منهنجا ڪئين ساٿي راهه رباني وٺي ويا.
ڏيپلائي صاحب جيڪو ادب تخليق ڪيو آهي سو نه صرف
پنهنجي وقت جي سماجي شعور جي اوجر ۽ واڌاري جون
ضرورتون پوريون ٿو ڪري پر اهو مستقبل جي عوام جي
شعور ۽ ڏاهپ جي اوسر جو ذريعو به ثابت ٿيندو.
ڏيپلي جي هن سنڌي ادب جي شهنشاهه ڪئين ادبي فن
پاره لکي، سنڌي ادب جي جهولي ڀري ڇڏي آهي:
هي چوٽيءَ چوٽيءَ تي مشڪل، هي جهوليءَ جهوليءَ ۾
گل ڦل،
ويا سانول ڇا ڇا سڳ ڇڏي، ڇا جندڙيءَ کي جرڪائي
ويا.
آخر ۾ سندس نياڻي ڊاڪٽر نسيم المعروف ثريا سوز
ڏيپلائي، جنهن جي ڊاڪٽريٽ جي ڊگريءَ جو موضوع هو-
”محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي شخصيت ۽ تحريرن جو سنڌ
جي سماجي ۽ ادبي زندگيءَ تي اثر؟“ تنهن جي سٽن تي
مضمون جي پڄاڻي ڪريان ٿو:
”اَي نسيم ٻڌان ٿي آواز آشنا
دل جي ڌڙڪن ۾ آهي ڪير پوشيده
جي راهن ۾ آهي انڌيرو ته ڇا ٿيو،
اسين داغ دل جا، جلائي ٿا ڏسون!“ |