سوچ - لوچ
محمد عثمان ڏيپلائي:
سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرس ۽ چيئرمين مخدوم
جميل الزمان جي هدايتن موجب ٽماهي ”مهراڻ“ جو ”محمد
عثمان ڏيپلائي خاص نمبر“ شايع
ڪيو ويو آهي، جيڪو توهان جي هٿن ۾ آهي. اها اسان
جي خوشقسمتي آهي جو محمد عثمان ڏيپلائيءَ سنڌ ۾
جنم ورتو، هُو هڪ عام ماڻهو هو، جنهن سنڌ جي عام
ماڻهوءَ جي ڏکن ۽ تڪليفن کي ويجهو کان ڏٺو ۽ عام
ماڻهوءَ جا مسئلا سندس مشاهدي ۾ آيا جن هن کي لکڻ
لاءِ اُتساهيو.
محمد عثمان ڏيپلائي گهڻ پهلوئي شخصيت هو، هُو
صحافي، اديب، شاعر ۽ نقاد طور گهڻن ئي محاذن تي
اٽل رهيو، هُو نه وڪيو نه ئي ڪو هن کي پنهنجي مشن
تان هٽائي سگهيو.
محمد عثمان ڏيپلائيءَ سڄي زندگي لکڻ کي ارپي
پنهنجي قلم کي ايمانداريءَ سان استعمال ڪيو ۽ سنڌ
مان اوڻاين جي خاتمي لاءِ ئي لکيو.
محمد عثمان ڏيپلائي هڪ سچو محب الوطن هو، هُن ڪڏهن
به مفادن کي ترجيح نه ڏني، پر سڄي زندگي عام
ماڻهوءَ جي مفادن لاءِ وڙهندو رهيو.
اهوئي سبب آهي جو محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي شخصيت
جا ڪيترائي پهلو هئا، ائين چوڻ ۾ وڌاءُ نه ٿيندو
ته هُو مزاحمتي ادب جو سرجيندڙ سرواڻ هو، سنڌ صدين
تائين محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي خدمتن کي ياد
رکندي.
ڏيپلائي صاحب جهڙن عالمن، اديبن ۽ اسڪالرن جا اسان
جي سماج تي انيڪ احسان آهن، جن پنهنجي لکڻين ۽
محنتن سان سنڌي سماج ۾ سجاڳي ۽ ترقيءَ لاءِ پاڻ
پتوڙيو.
سنڌ جي بزرگ اديب صحافي محمد عثمان ڏيپلائيءَ تي
ٽماهي ”مهراڻ“ جي هيءَ خاص شماري جي اشاعت سندس
خدمتن کي مڃتا ڏيڻ آهي.
اسان کي اميد آهي ته مهراڻ جو هيءُ خاص نمبر
پڙهندڙن توڙي محققن کي سندن تحقيق ۾ تمام گهڻو
مددگار ثابت ٿيندو.
ٿورا:
ٽماهي ”مهراڻ“ جي محمد عثمان ڏيپلائي خاص نمبر جي
اشاعت سنڌي ادبي بورڊ لاءِ پڻ وڏو اعزاز آهي. هن
خاص نمبر جي مواد کي سهيڙي پڙهندڙن تائين پهچائڻ ۾
ڏيپلائي صاحب جي فرزند محترم محمد علي ڏيپلائيءَ
صاحب جو ڀرپور سهڪار رهيو، بورڊ جي سيڪريٽري محترم
الهڏتو وگهيو صاحب طرفان هن خاص اشاعت جي سلسلي ۾
وقت بوقت رهنمائي حاصل رهي.
هن خاص نمبر جي اشاعت لاءِ پبليڪيشن ۽ ڪمپيوٽر
شعبي ڀرپور تعاون ڪيو آهي.
سنڌي ادبي بورڊ جو نئون بورڊ آف گورنرس:
سنڌ حڪومت جي تعليم ۽ خواندگي کاتي پاران سنڌي
ادبي بورڊ لاءِ نئين بورڊ آف گورنرس جو اعلان ڪيو
ويو آهي، ان سلسلي ۾ جاري ڪيل هڪ نوٽيفڪيشن نمبر So(G-III)E&L(SAB)9-7/07 تاريخ
12- مارچ 2014ع تحت بورڊ آف گورنرس جي تشڪيل ڏني
وئي آهي.
سنڌي ادبي بورڊ جا سمورا ڪارڪن نئين بورڊ آف
گورنرس جي آجيان ڪندي پنهنجي ڀرپور سهڪار جو يقين
ڏيارين ٿا، سنڌي ادبي بورڊ جي ڪارڪنن توڙي سنڌ جي
ادبي حلقن کي قوي اميد آهي ته نئون بورڊ آف گورنرس
سنڌي ادبي بورڊ، سنڌ جي تاريخ، سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ
جي ترقي ۽ بهتري لاءِ لاڀائتا فيصلا ڪندو.
ثمينه ميمڻ
ايڊيٽر (انچارج) ”مهراڻ“
محمد
علي ڏيپلائي
ڏيپلائي صاحب جو خاندان، فڪري سفر، سندس پريس،
مذهبي سوچ، توڪل، قناعت،
اولاد ڏانهن رويو، مطالع جو شوق،
نوجوان ٽهي ڏانهن رويو ۽ آخري سفر
سندس خاندان
ڏيپلائي صاحب جي ياداشتن مطابق، اٽڪل 500- 400
ورهيه اڳ، ”ويڌو“ نالي هڪ واڻيي، قادري پيرن جي هٿ
تي ڪلمو ڀريو هو، انهيءَ ڪري ڏيپلائي ميمڻن جو
شجرو ڳوليندي سورهين- سترهين پيڙهيءَ ۾ چوندا آهن
ته ”فلاڻو پٽ ويڌي جو- ويڌو پٽ واڻيي جو!“ ۽ بس.
شايد ”ويڌي“ جي مسلمان ٿيڻ تي سندس ٻيا ڀائر رنج
ٿيا هئا ۽ کيس روڪيندا هئا، پر هو اَموٽ بنجي
هيٺيون گيت ڳائيندو هو، جو اڃا تائين ميمڻن ۾
هلندو اچي:
”ڇوٿا واڻيو جهليو،
واڻيي کي نه پليو،
واڻيي تان وائي ڪلمي جي واري،
ڇوٿا واڻيو جهليو!
اڳ ئي پڙهندا هئاسون پوٿيون ٻيجا ٽپڻا،
هاڻي ني پڙهنداسون مٺڙو قرآن
ڇوٿا واڻيو جهليو!
اڳ ني کائيندا هئاسون گهيٽا، ٻيجا ٻڪرا،
هاڻي ني کائينداسون ڪڪڙ جو ٻوڙا،
ڇوٿا واڻيو جهليو!
هيرل واڻياڻي، ڀريندي پاڻي،
ڪورا مٽ مسيت جا-
ڇوٿا واڻيو جهليو!
ويڌوالائجي ڪٿي جو ويٺل هو، پر ڏيپلائي صاحب کي هن
گيت مان محسوس ٿيندو هو ته ويڌو ڪڇي هويا بنهه
لاڙي.
ڏيپلائي صاحب جو خيال هو ته شايد ٻه اڍائي سؤ
ورهيه اڳ ڏيپلائي ميمڻ يا انهن جا نُک ڀائي پنگريي
جي آس پاس ڪٿي رهندا هئا، شايد ”فقير جي
ڳوٺ“ ۾. پوءِ پراڻ ۾ ٻوڏ جو ايترو پاڻي آيو، جو
عمر ڪوٽ کان وٺي ”بند کوهه“ تائين هڪ ٿي ويو. ”بند
کوهه“ نندي شهر ۽ بدين جي وچ ۾ آهي ۽ اتي اڃا پاڻي
بيٺو آهي. اُن وقت امن جي جاءِ ٿَرُ هو، ان ڪري
انهن مان گهڻا ڀڄي ٿر آيا ۽ جيڪي رهجي ويا، سي
ٽنڊي باگي، ”خليفي قاسم جي ڳوٺ“ ”ٻهارا“ ۽ جهڏي
کان اُلهندي ”محراب جي ڳوٺ“ ۾ اچي رهيا. جيڪي ٿر ۾
آيا، سي ڳوٺن ۾ پکڙندا ويا ۽ وڃي چيلهار تائين
پهتا.
ڏيپلائي صاحب جي ياداشتن مطابق سندس ڏاڏو ”کاروڙي“
جي مقام ۾ رکيل آهي، جو ڏيپلي کان ٻه ڪوهن کن
اُتر ۾ آهي، شايد سندس بزرگ اتي اچي رهيا هئا.
ڀٽائي صاحب کاروڙي جو ذڪر ڪندي چوي ٿو:
”کاروڙيان کڻي، ويڙهي جهپ ويا.“
ڏيپلائي صاحب جو ساروڻين مطابق، کيس پنهنجي شجري
بابت هيٺين ڄاڻ آهي:
محمد عثمان ڏيپلائي ولد حبيب الله ولد ايلياس ولد
حبو ولد محمد ولد حبيب ولد عثمان.
ڏيپلائي صاحب جو تڙ ڏاڏو حُبو، پير سائين (پاڳاري)
جو مريد ٿيو، انهيءَ ڪري سندس لاڳاپو ڳوٺ ”ونگي“ ۽
”پانيلي“ وارن سان ٿيو. پوءِ ڏيپلي شهر جي آباد
ٿيڻ تي فقير پير بخش جي گهر جي اُتر طرف اچي گهر
ٺاهيائين. سمجهجي ٿو ته حبو سکيو هو. سندس
گهرواريءَ جو نالو ”فاطمه“ هو.
ڏيپلي شهر جي تاريخ بيان ڪندي ڏيپلائي صاحب ٻڌائي
ٿو ته ”ڏيپلو ۽ کيتلو ٻه ميگهواڙ ڀائر هئا، جن مان
ڏيپلي پنهنجو ڳوٺ ٺاهيو ۽ کيتلي وري ٻه ٽي ڪوهه
اُڀرندي طرف ڳوٺ ’کيتلاري‘ ٻڌو. ڏيپلي ۽ ٻين
ميگهواڙن جون قبرون، ڏيپلي جي ٿاڻي کان اُڀرندي
طرف هيون، پوءِ ٿاڻي جي وڌڻ سبب اهي ڊهي ويون ۽
ڏيپئي ميگهواڙ جو اولاد پڻ ختم ٿي ويو.“
ڏيپلائي صاحب جي معلومات مطابق، شايد سنه 1900ع
ڌاري ڪڇ جي رڻ مان ندي لنگهندي هئي، جنهن جي ڪناري
جي ويجهو ”ٻلهياريءَ“ جو شهر هو، جنهن ۾ ميرن جو
قلعو پڻ هو. پوءِ زلزلي سبب ندي ختم ٿي وئي ۽
ٻلهياريءَ جو شهر ويران ٿي ويو؛ انهيءَ ڪري ميرن
ڏيپلي جي شهر ۾ اچي ڪچو قلعو ٺاهيو، جنهن هنڌ کي
هينئر ”گڍ“ چون ٿا (’گڍ‘ غالبا ’ڳڙهه‘ جو مقامي
اچار آهي). انهيءَ جي اولهه طرف کوهه به ٺاهيو
هئائون، جو پوءِ لٽجي ويو. ڏيپلي ۾ ميمڻن جو
پهريون گهر هاشم جو هو، جو ميرن جو مودي هو، کيس
چوڌري به چوندا هئا.
ڏيپلائي صاحب جي ياداشتن مطابق سندس والد حبيب
الله هڪ غريب ۽ ننڍڙو واپاري هو ۽ ڏيپلي جي ڀرپاسي
واري ڳوٺ ”پانيلي“ طرف واپار ڪندو هو. پوءِ
ڏيپلائي صاحب جي ولادت بعد، هن ڏيپلي ۾ دڪان
کوليو، جو 13، 12 سالن ۾ ختم ٿي ويو، ڇو ته سندس
لاڳاپا گهڻو ڪري پانيليءَ سان پڻ قائم هئا ۽ هو
ٻنهي طرفن کي منهن ڏئي نه سگهندو هو. حبيب الله
سنه 51- 1950ع ڌاري حيدرآباد ۾ وفات ڪئي.
ڏيپلائي صاحب جي والده جو نالو ”تاج ٻائي“
هو. هن سنه 1945ع ڌاري ڏيپلي ۾ وفات ڪئي.
ڏيپلائي صاحب جا ڀائر ۽ ڀينر:
ڏيپلائي صاحب کي هڪ ڀاءُ هارون نالي هو، جنهن اٺن
ورهين جي عمر ۾ وفات ڪئي.
ڏيپلائي صاحب کي ست ڀيڻيون هيون، جن مان چار ته
ننڍي هوندي ئي فوت ٿي ويون، باقي ٽن ڀيڻن هرهڪ
”وسندي“، ”رحيمان“ ۽ ”حليمان“ جون شاديون سٺن گهرن
۾ ٿيون، کين جهجهو والاد ٿيو، جيڪو ماشاءَ الله
عزت وارو ۽ آسودو آهي.
ڏيپلائي صاحب جون شاديون:
ڏيپلائي صاحب ٻه شاديون ڪيون. پهرئين شادي صفيه
ٻائيءَ سان سنه 1925ع ڌاري ڪيائون. صفيه ٻائي جلد
ئي هڪ نياڻيءَ کي جنم ڏئي، 1927ع ڌاري وفات ڪري
وئي.
ٻي شادي ڏيپلائي صاحب، سڪينه ٻائيءَ سان سنه 1929ع
ڌاري ڪئي. سڪينه ٻائي آگسٽ 1974ع ۾ وفات ڪئي.
ڏيپلائي صاحب جو اولاد:
(الف) نياڻيون:
(1) ملڪه خانم: ڏيپلائي صاحب کي پهرئين گهر مان هڪ
نياڻي ملڪه خانم سنه 1930ع ڌاري ڄائي، جنهن آڪٽوبر
سن 2002ع تي وفات ڪئي. مرحومه ملڪه جو وڏو فرزند
پروفيسر ڊاڪٽر محمد علي، لياقت ميڊيڪل يونيورسٽيءَ
۾ بايو ڪيمسٽري ڊپارٽمينٽ جو انچارج پروفيسر رهيو.
سندس همشيره ڊاڪٽر زينت سنه 1997ع ۾ وفات ڪئي. کيس
ٻه فرزند فيضان ۽ رخمان ۽ هڪ نياڻي ڊاڪٽر فائزه.
(2) عائشه خانم: ٻئي گهر مان، سنه 1936ع ڌاري
ڄائي. کيس چار فرزند هرهڪ ڊاڪٽر محمود گل،
ليفٽيننٽ ڪمانڊر غلام الله، انجنيئر عرفان الله ۽
عمران الله آهن ۽ کيس 3 نياڻيون ڪلثوم، سعيده ۽
ساجده پڻ آهن کيس 3 نياڻيون ڪلثوم، سعيده ۽ ساجده
پڻ آهن.
(3) فاطمه فرحت: ٻئي گهر مان سنه 1938ع ڌاري ڄائي.
کيس چار فرزند انجنيئر محمد رفيق، رياض احمد،
ڊاڪٽر آفتاب احمد ۽ فهد آهن. انهيءَ کان علاوه کيس
چار نياڻيون- رضيه، افشين، شبانه ۽ فرزانه پڻ آهن.
(4) پروفيسر ڊاڪٽر نسيم اختر (ثريا سوز قاضي):
ڊاڪٽر ثريا سوز قاضي سنه 1945ع ۾ ڄائي. تازو
پنهنجي والد محمد عثمان ڏيپلائيءَ تي ڊاڪٽريٽ
ڪيائين. سندس پنج فرزند انجنيئر ظفر قاضي، انجنيئر
اظهر قاضي، ڊاڪٽر جاويد قاضي، انجنيئر محمود اقبال
۽ عدنان قاضي، ۽ ٻه نياڻيون ملڪه ۽ نغمه آهن.
(5) زينت ياسمين: زينت ياسمين سنه 1947ع ڌاري
ڄائي. بهبودي آبادي کاتي ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري رهي،
سندس ٻه فرزند عديل گل ۽ ذوالفقار علي ۽ ٻه
نياڻيون- حميرا ۽ سحرش نالي آهن.
(6) زرتاج: سنه 1949ع ڌاري ڄائي ۽ جلد ئي وفات ڪري
وئي.
(ب) فرزند:
(1) محمد هارون: سنه 1932ع ڌاري ڄائو ۽ صغير سنيءَ
۾ ئي وفات ڪري ويو.
(2) محمد صالح: سنه 1934ع ڌاري ڄائو ۽ صغيرسنيءَ ۾
ئي وفات ڪري ويو.
(3) محمد علي ڏيپلائي: آڪٽوبر 1940ع ۾ ڄائو.
آڪٽوبر 1966ع ۾ سي. ايس. ايس امتحان پاس ڪري اعليٰ
مرڪزي سروس ۾ داخل ٿيو. آڪٽوبر سنه 2000ع ۾ رٽائر
ٿيڻ کان پوءِ ’محمد عثمان ڏيپلائي ٽرسٽ‘ تحت
تعليمي، ثقافتي ۽ هنري مرڪز قائم ڪيو اٿس. کيس ٽي
نياڻيون ڊاڪٽر فرحانه، پروفيسر خالده رفيق، ۽
رفيعه رياض آهن. ٽيئي شادي شده ۽ وڏي عيال واريون
آهن.
(4) عبدالرحمان ڏيپلائي: جنوري 1946ع ۾ ڄائو.
اعليٰ تعليم يافته آهي. ديهي لوڪل گورنمينٽ کاتي ۾
اسسٽنٽ ڊائريڪٽر رهيو. کيس ٻه فرزند- محمد عثمان ۽
محمد صالح نالي ۽ چار نياڻيون سڪينه، زرمينه، عروج
۽ آمنه نالي آهن.
(5) ڊاڪٽر حبيب الرحمان: ڊسمبر سنه 1952ع ۾ ڄائو ۽
ننڍڙيءَ عمر ۾ ئي جنوري 1994ع ۾ وفات ڪري ويو. پاڻ
سنه 1970ع واري ’سنڌي ٻولي تحريڪ‘ ۾ لاله قادر ۽
ٻين رهنمائن سان بک هڙتال تي ويٺو ۽ گرفتار ڪيو
ويو. سندس اولاد ۾ هڪ فرزند هارون حبيب ۽ ٻه
نياڻيون عائشه ۽ بشريٰ شامل آهن.
فڪري
سفر
ڏيپلائي صاحب جي لکڻين مان خبر پوي ٿي ته سنه 43-
1942ع ڌاري هو مولانا ابوالاعليٰ مودوديءَ جي
لکڻين توڙي سندس ’حڪومت الاهيه‘ جي تصور کان تمام
گهڻو متاثر ٿيو هو. مولانا مودوديءَ جي خيالن جي
پرچار ۽ انهن جو ذڪر هُو پنهنجن ڪتابن ۽ هفتيوار
’عبرت‘ ۾ اڪثر ڪندو رهندو هو. هفتيوار ’عبرت‘ ۾
مودودي صاحب جي ليڪچرن ۽ مضمونن جا ترجما تمام
سهڻي تعارف سان شايع ٿيندا رهندا هئا.
انهيءَ دور ۾ ڏيپلائي صاحب جا ذاتي رابطا جماعت
اسلاميءَ جي اهم عهديدار چوڌري
غلام محمد سان تمام گهرا بلڪ برادرانه ٿي ويا.
ڏيپلائي صاحب جن سندس شخصيت ۽ اخلاق کان بيحد
متاثر هئا. مون کي ياد آهي ته اسان جي الهداد چنڊ
ڳوٺ ۾ رهائش واري دوري ۾ هو بابا وٽ اڪثر ايندو هو
۽ اسان وٽ اچي رهندو هو. اسان گهر جا ننڍا وڏا،
ٻار ٻچا سندس ڏاڍي چاڪري ۽ پذيرائي ڪندا هئاسين.
ڏيپلائي صاحب ذاتي پريس سنه 1948ع ۾ قائم ڪئي. اها
پريس ڄڻ ته جماعت اسلاميءَ واسطي مخصوص ٿي وئي.
ڏيپلائي صاحب هڪ ٻئي پٺيان ڌڙا ڌڙ مودودي صاحب جي
ڪتابن جا ترجما ڪندو ويو ۽ ڇپائي سنڌ ۾ ڦهلائيندو
ويو. ڪي ڪي پمفليٽ ته لکن جي تعداد ۾ ڇپيا ۽
ورهايا ويا. انهيءَ دور ۾ ٻين اسلامي ڪتابن کان
سواءِ مودودي صاحب جي 20 ڪتابن ۽ ڪتابڙن جا ترجما،
ڪتابي شڪل ۾ آندا ويا، جن ۾ هيٺيان قابل ذڪر آهن:
(1) قرآني انقلاب
(2) اسلام جو سياسي نظريو
(3) سلامتيءَ جو رستو
(4) ڪلمي پاڪ جي حقيقت
(5) خطبات اسلام
(6) اسلام ۽ ايمان
مودودي صاحب جي ڪتابن کان سواءِ جماعت اسلاميءَ جي
ٻين عالمن جا افسانا، ڊراما وغيره به ڏيپلائي صاحب
ترجمو ڪري ڇپيا. انهن ۾ نعيم صديقيءَ جو ڊرامو
’اسلام تي مقدمو‘ ۽ افسانو ’جوڙي‘ قابل ذڪر آهن.
فيبروري 1949ع ۾ ڇپيل ڪتاب ’اسلام تي مقدمو‘
انهيءَ سلسلي جي جهڙوڪر آخري ڪڙي هو.
ڏيپلائي صاحب گاڏي کاتي ۾ سلطان هوٽل لڳ جماعت
اسلاميءَ واسطي هڪ ڪتب خانو به قائم ڪيو، جنهن جا
پاڻ اعزازي مهتمم هئا. اڳتي هلي اهو دڪان (جيڪو
متروڪه ملڪيت هو) جماعت اسلاميءَ جي حوالي ڪيو
ويو.
پاڪستان جي شروعاتي ڏينهن تائين ڏيپلائي صاحب
حيدرآباد ۾ پڪي قلعي جي اوڀر واري طرف الهداد چنڊ
جي ڳوٺ ۾ رهندو هو. انهيءَ علائقي ۾ فساد ۽
بدامنيءَ جي ڪري پاڻ لڏي اسٽيشن روڊ تي زناني
اسپتال جي سامهون هڪ جاءِ ۾ رهائش پذير ٿيو. اها
جاءِ جماعت اسلاميءَ کي سنڌ ۾ پنهنجي ’مرڪزي آفيس‘
لاءِ تمام مناسب لڳي. هنن سنڌ يونيورسٽي (اولڊ
ڪئمپس) جي پاسي ۾ حڪيم شمس الدين واري گهٽيءَ ۾
هندن جي ڇڏيل هڪ جاءِ ڏئي، ڏيپلائي صاحب کان
’اسلامي تبليغ خاطر‘
اسٽيشن روڊ واري ڪاروباري لحاظ کان انتهائي اهم
جاءِ ڇڏائي. انهيءَ بلڊنگ ۾ ڪيترائي سال جماعت
اسلامي سنڌ جي ’مرڪزي آفيس‘ قائم رهي، پوءِ اها
جاءِ جماعت اسلاميءَ جي ڪنهن اڳواڻ جي حوالي ٿي!
وقت جو به عجيب نظام آهي، جماعت اسلامي جهڙي سنڌ ۽
سنڌي دشمن پارٽيءَ کي سنڌ ۾ پاڙ پختي ڪرائڻ جو صلو
ڏيپلائي صاحب کي ڏاڍو عبرتناڪ مليو. 1972ع وارن
لساني فسادن ۾ ڏيپلائي صاحب جي ’قرآن پريس‘ ۽
’اسلاميه پرنٽنگ پريس‘ جماعت اسلاميءَ جي ئي ڇاڙتن
جون ٽارگيٽ ٿيون. انهن پريسن کي باهه ڏئي ڏيپلائي
صاحب کي مالي نقصان کان سواءِ اتي موجود نهايت اهم
رڪارڊ کي تلف ڪيو ويو.
ڏيپلائي صاحب جي ’سياسي نظريي‘ جي شروعات ’مسلم
اُمت‘ جي تصور سان ٿي. هيءُ تصور سندس ذهن تي سنه
1934ع کان سنه 50- 1949ع تائين مڪمل طرح حاوي
رهيو. انهيءَ وچ ۾ ان ۾ صرف ان حد تائين ترميم يا
تبديلي آئي، جو هندي مسلمانن لاءِ هُو هڪ ڌار ملڪ
’پاڪستان‘ لاءِ مڪمل طور تي سهمت ٿي رهيو، جو سندس
خيال ۾ ’عالمي مسلم اُمت‘ لاءِ پاڪستان جو ٺهڻ
ضروري هو. سندس سوچ هئي ته مسلمانن بشمول سنڌي
مسلمانن جي راه نجات، اسلامي حڪومت جي قيام ۾ مضمر
هئي. انهيءَ سوچ ۾ هو ايڏو ته پختو هو، جو جماعت
اسلاميءَ جي ’مسلم اُمت‘ واري سوچ جو ڪٽر حامي هجڻ
جي باوجود هو ’پاڪستان تحريڪ‘، ’محمد علي جناح‘ ۽
’مسلم ليگ‘ جي تمام گهڻي حمايت ڪندو رهيو. اُن
وقت اسلامي جذبي سان سرشار ڏيپلائيءَ جي اڳيان
صوبائي، قومي ۽ لساني مسئلن جي ڪابه اهميت ڪانه
هئي. پاڪستان ٺهڻ شرط سنڌ تي جيڪا پناهگيرن جي
يلغار ٿي ۽ جنهن تي سنڌ جي سجاڳ مقامي ماڻهن طرفان
جيڪي احتجاج ٿي ڪيا ويا، سي ڏيپلائي صاحب جي نظر ۾
نه صرف غيرضروري هئا، بلڪ اهي غير اسلامي ۽ غير
اخلاقي پڻ هئا. هفتيوار عبرت، مؤرخه 7. 10. 1947ع
۾ پاڻ لکي ٿو:
”سنڌ جا مسلمانو دل ڪشادي رکو! هندستان جي مسلمانن
تي ڪافرن جيڪي ڪلور ڪيا آهن، تن جو ذڪر ڪرڻ جي قلم
کي طاقت ڪانهي..... هنن جو ڏوهه ڪهڙو؟ صرف هيءَ ته
هو’لا الہ الا الله محمد رسول الله‘ چون ٿا.
”اهڙيءَ حالت ۾ ڪئين مسلمان بلڪل بريءَ حالت ۾ سنڌ
۾ وارد ٿيا، حڪومت سنڌ کين پناهه ڏني ۽ هنن اهڙي
همدردي ڪئي، جهڙي هڪ مسلم حڪومت کي ڪرڻ گهرجي!“
سنڌ حڪومت ۽ سنڌين جي اهڙي همدرديءَ واري رويي جي
مخالفت ڪندڙ سجاڳ ۽ باشعور سنڌين جي مخالفت ڪندي،
اُن وقت لکيائين ته:
”مگر ڪيتري قدر نه افسوس جهڙي ڳالهه آهي، جو اهڙي
مظلوميت هيٺ آيلن سان به ڪن صاحبن کي همدردي ته
ڪانهي، بلڪ اُلٽو نفرت آهي ۽ هو تحريرن خواهن
تقريرن رستي مسلمانن کي هنن کان نفرت ڏيندا رهن
ٿا. انا الله وانا اليہ راجعون!“
سنڌ جي مسلمانن کي اهو ٻڌائيندي ته هو انهن غير
سنڌين جي طفيل ئي اڄ زندهه آهن، هندي مسلمانن سان
پنجاب، دهلي، پٽيالا، ڀرتپور، جوڌپور، جئپور، الور
۽ ٻين هندو رياستن ۾ ڪيل ظلمن جي اُپٽار ڪندي، هو
سنڌي مسلمانن کي خبردار ٿو ڪري ته:
”دوستو! سنڌ جا مسلمان ڀائرو! جيڪڏهن پاڪستان جو
ٽڪرو جدا نه ٿئي ها ته اوهين سنڌ جا مسلمان به اهي
ئي ساڳيون حالتون ڏسو ها، کڻي هڪدم نه، ته به وڌ ۾
وڌ سال ٻن جي اندر، مگر اهي حالتون ضرور ٿين ها.
لال جا پوڄاري توهان جي ڪوس ضرور ڪن ها!....
هو پناهه گيرن کي سنڌ ۾ خوشدليءَ سان وسائڻ جي
اهيمت جو احساس ڏياريندي، ۽ انهيءَ ڪم کي ثواب
ڄاڻائيندي لکي ٿو:
”مسلمانو، ياد رکو، مظلومن جي پناهه سنڌ کان سواءِ
ٻئي هنڌ بلڪل ڪانهي. هو ته سنڌ ۾ ئي ايندا ۽ ضرور
ايندا. توهان خوامخواهه پنهنجو ثواب ڇو ٿا وڃايو،
جو هنن سان همدردي ڪرڻ ۾ ئي توهان کي حاصل ٿئي
ها!“
پر ڏيپلائي صاحب کي ترت ئي انهيءَ
’اسلامي ثواب‘ جي حقيقت جي خبر پئجي وئي. سندس
’اسلامي حڪومت‘ ۽ ’مسلم امت‘ وارا خواب چڪنا چور
ٿي ويا. نون آيل ’مسلمان ڀائرن‘ ۽ مرڪز ۽ لاهور ۾
ويٺل ’برادران يوسف‘ جي مسلسل غاصبانه عملن،
ڏيپلائي صاحب کي ڄڻ ته اگهور ننڊ مان ڌونڌاڙي
جاڳايو. نئين سفر بابت پاڻ لکي ٿو:
”شروع کان مذهبين جي چڪر ۾ اچڻ سبب منهنجو اهو ئي
تصور هو ته ’مسلم ہیں هم
وطنہے، سارا
جهان همارا‘ ۽ ’ان تازه خدائون مين بڑا سب سے وطن ہے‘.
ان ڪري، مون کي وطن (سنڌ) سان ڪابه محبت ڪانه هئي.
پر پاڪستان بڻجڻ بعد جڏهن سڀ کان اول ڪراچي سنڌ
کان کسي وئي، ۽ پوءِ سنڌ جي زمينن، جائدادن،
نوڪرين، واپار، تعليم، ادب ۽ زبان تي غير ملڪي،
غير سنڌي ڀائرن جون ’برادران يوسف‘ واريون بدنيت
نظرون اٿيون، جي اڳتي هلي ’عظيم پنجاب‘ عرف ’ون
يونٽ‘ جي روپ ۾ نروار ٿيون، تڏهن منهنجي ذهن کي
سخت صدمو پهتو!
پنهنجي فڪري ارتقا جي سفر جو ذڪر ڪندي اڳتي لکي
ٿو:
”جڏهن انهيءَ احساس سان سمورن اسلامي ملڪن ۽
پاڪستان جي باهمي تعلقات، وچ مشرق جي موجوده حالات
۽ مشرق مغرب جي بين الاقوامي صورتحال جو جائزو
ورتم، تڏهن هن حقيقت کي سڀ کان اهم ۽ ضروري محسوس
ڪيم ته سڀ کان اول آهي ’پنهنجو وجود، ان بعد
پنهنجو گهر ۽ وطن، ان کان پوءِ ئي وڌيڪ ڳالهيون
سوچي سگهجن ٿيون. جنهن انسان کي پنهنجي تڏي سان
محبت نه آهي، اهو سامين، ڪهيرين، گرگلن ۽ واگهڙين
وانگي سدائين رولو رهي ٿو ۽ ان لاءِ هن دنيا ۾
ڪوبه صحيح ٺڪاڻو نه آهي!“
پنهنجي ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي ڏيپلائي صاحب چئي
ٿو:
”آءٌ پوري يقين سان محسوس ڪريان ٿو ته سنڌ جي
باشندن سان هن وقت پاڪستان ۾ بلڪل اهڙوئي ظلم روا
رکيو ويو آهي، جهڙو جپانين چينين سان ڪيو، فلسطين
وارن سان يهودين ڪيو، فرينچ، الجيريا وارن سان ڪري
رهيا آهن، ۽ انگريز، ڏکڻ آفريقا وارن سان ڪري رهيا
آهن ۽ ڪجهه عرصو اڳ آئرلئنڊ ۽ ڪئناڊا وارن سان
ڪيائون ٿي. پر جپانين، چينين کان ۽ ڏکڻ آفريقا،
آئرلئنڊ ۽ ڪئناڊا وارا انگريزن کان ۽ الجيريا جا
مظلوم، فرينچن کان جهاد ڪري، پنهنجي جند ڇڏائي
رهيا آهن. ليڪن سنڌ جي حالات کي ٿو ڏسجي ته سيءُ
ٿو وٺي: خدانخواسته جيڪڏهن اهائي غفلت اڃا ڪجهه
وقت قائم رهي ته اسان جو حال به فلسطين جهڙو بنجي
ويندا!“
هڪ ٻئي هنڌ لکي ٿو:
”اڄ ون يونٽ ٿيڻ سبب اسان جو صوبو ڊبل غلاميءَ جي
شڪنجي ۾ پيڙجي رهيو آهي. اسان جي ٽيهن پنجٽيهن
سالن جي جدوجهد سموري اڪارٿ ٿي چڪي آهي. جيڪڏهن
موجوده صورتحال مسلسل رهي، ته اهو ڏينهن پري ناهي،
جڏهن سنڌي صرف ڪاٺيون کڻندڙ ۽ پاڻي ڀريندڙ وڃي
بچندا! ان ڪري سنڌي قوم کي هن خوفناڪ تباهيءَ جي
غار ۾ ڪرڻ کان بچائڻ لاءِ نهايت ضروري آهي، ته سنڌ
جي ٻچي ٻچي کي اهو احساس ڏياريو وڃي ۽ ايندڙ مصيبت
کان خبردار ڪيو وڃي!“
ڏيهي ۽ پرڏيهي صورتحال جي مٿينءَ ريت جائزي ۽
تجزئي کان پوءِ هو سنڌي اديبن ۽ اڳواڻن کي سجاڳيءَ
جو سڏ ۽ عمل جي راهه ڏسيندي لکي ٿو:
”هر ڪنهن دورانديش اديب ۽ اڳواڻ کي گهرجي ته هو
قوم کي خوب سجاڳ ڪري ۽ ان کي پنهنجي وطن جي محبت ۾
اهڙو ته سرشار ڪري، جو ان کي ڪوبه ڀنڀلائي نه
سگهي!“
پنهنجي سوچ جو برملا اظهار ڪندي چوي ٿو ته:
”اسان لاءِ ڪوبه ڀائيچارو سواءِ ’سنڌيت‘ جي نه اڳ
مفيد هو نه هاڻ!“
ايوبي مارشل لا لڳڻ شرط آڪٽوبر سنه 1958ع جي آخر
ڌاري ڏيپلائي صاحب کي حيدربخش جتوئي، سوڀي
گيانچنداڻي، قاضي فيض محمد ۽ ٻين قومي ڪارڪنن سان
گڏ جيل ۾ رکيو ويو. ڪجهه وقت حيدرآباد جيل ۾ رکڻ
کان پوءِ ٻين سان گڏ کيس شاهي قلعي لاهور ڏانهن
اماڻيو ويو. کيس آزاد ڪرائڻ جي سعي ڪندي سندس هڪ
ويجهو عزيز قاضي احمد وڪيل صاحب لاهور ۾ اولهه
پاڪستان جي هوم سيڪريٽري ابونصر سان مليو ۽ کيس
چيائين ته ’ڏيپلائي صاحب هڪ غريب ۽ شريف ٻچڙيوال
انسان آهي. کيس هروڀرو بند ڪيو ويو آهي‘. جواب ۾
هوم سيڪريٽريءَ جيڪي چيو، تنهن قاضي صاحب جا ڪپاٽ
کولي ڇڏيا. قاضي صاحب جي اپيل جي جواب ۾ هوم
سيڪريٽريءَ باهه ٿي چيو:
”آپ اس شخص کو غريب اور شريف انسان کھتے ھین يه
تو انتهائي خطرناک آدمي ہےیہ
تو سندہ کان
بهاشاني ھے!“
قاضي صاحب جي چوڻ مطابق هو ويو ته هو ڏيپلائي صاحب
کي آزاد ڪرائڻ، مگر کيس اچي ڊپ کنيو ته متان کيس
نه گرفتار ڪن!
ورهاڱي کان اڳ واري دور ۾ ڏيپلائي صاحب جي نظر ۾
انگريز ۽ هندو ئي مسلم معاشري جي ترقيءَ ۽ باعزت
زندگيءَ جا بنيادي دشمن هئا. انهيءَ ٽولي ۾ شرڪ کي
جاري ڪرڻ وارا مڪار نام نهاد مرشد به شامل هئا.
انهيءَ ڪري سندس علمي ۽ قلمي جهاد جو رخ انهن ٽولن
ڏانهن ئي هو. پر ورهاڱي کان پوءِ سماجي مسئلن نئون
رخ ورتو. انگريزن ۽ هندن جي وڃڻ کان پوءِ سماجي
مسئلن جي نئين سر تجزيي ۽ ڇنڊڇاڻ جي ضرورت هئي. هڪ
هنڌ ڏيپلائي صاحب پنهنجي نئين سوچ ۽ ذهني تبديليءَ
جي عمل جو ذڪر ڏاڍي سهڻي انداز ۾ هينئن ٿو ڪري:
”اها سنه 1949ع جي ڳالهه آهي. ريلوي اسٽيشن جي بوڪ
اسٽال تي هڪ خوبصورت وڏو ڪتاب ڇپجي آيل پيو هو.
مون انهيءَ کي هٿ ۾ کڻي ڏٺو. وڏن شاهي اکرن ۾ ان
تي (اردوءَ ۾) ’مان‘ (امڙ) لکيل هو ۽ هيٺان ’مئڪسم
گورڪي‘.
جماعت اسلاميءَ سان لهه وچڙ رکندي، ’مئڪسم
گورڪيءَ‘ بابت ڪافي نفرت انگيز لفظ پڙهيا هئم،
انڪري دينداريءَ جي تقاضا اهائي هئي ته اهڙي
’واهيات‘ ماڻهوءَ جو ناول نه پڙهجي. مگر ڪتاب جو
سهڻو ڪَورُ انهيءَ کي ڏسڻ جي ترغيب ڏياري رهيو هو.
ٿورو کولي ڏٺومانس ته هنن لفظن تي نظر پيئي:
’غربت، بک ۽ بيماري محنت منجهان به عوام کي ته
اهوئي حاصل ٿئي ٿو! اهي ٽي لعنتون اسان جو اخلاق
بگاڙي رهيو آهن ۽ اسان کي چوري ڪرڻ سيکارين ٿيون.
مگر دولتمند عيش ۽ عشرت جي حياتي گذارين ٿا.
انهيءَ لاءِ ته اسين پوليس، حاڪمن ۽ سپاهين جا
تابع رهون، سندن گهيري ۾ سِسڪندا رهون. سڀ اسان جي
خلاف آهن، هر چيز اسان جي مخالف آهي، سموري دنيا
اسان جي دشمن آهي! اسين سخت محنت سان پنهنجيون
حياتيون چچري رهيا آهيون، اسين ته گندگيءَ ۽
بدبوءِ ۾ پناهه وٺون ٿا، پر ٻيا مسرت جي زندگي
گذارين ٿا ۽ اسان جي محنت سان موجون ماڻين ٿا. هو
اسان کي زنجيرن ۾ جڪڙيل ڪتن وانگر رکن ٿا، اسان کي
اڻڄاڻ ۽ جاهل رکن ٿا. اسان ڪجهه نه ٿا ڄاڻون ۽ اها
اڻڄاڻائي اسان کي ڊپ ۾ ڀريل رکي ٿي. اسين ڊڄون ٿا.
اسان جي زندگي هڪ ڀيانڪ سپنو آهي! هنن اسان کي
قاتل زهر کارايو آهي. هي اسان جو رت پي رهيا آهن.
رت پي پي اُلٽيون ڪري رهيا آهن. حرص ۽ هوس جا غلام
شيطانو، اوهين ئي ٻڌايو، ڇا هي سچ نه آهي!؟......‘
ڳالهه ته دل سان پئي لڳي. جيڪي لفظ پڙهڻ ۾ آيا، ڪي
ڪُوڙا ته ڪونه هئا. پورهئي وارن کي (ڪنهن هيڪڙ
ٻيڪڙ کان سواءِ) واقعي اهي ئي ڳالهيون حاصل آهن.
جيڏانهن نظر ڪجي ٿي، اوڏانهن اهائي ساڳي ڳالهه پئي
ڏسجي! ٻئي طرف رشوت، سمگلنگ، بلئڪ، جوئا، وياج ۽
ٺڳي وغيره ڪندڙ ئي خوب ڪمائين ٿا، بي انداز ميڙين
ٿا، بيدرديءَ سان لٽائين ۽ طرح طرح جي جسماني ۽
دماغي زنجيرن سان عوام کي جڪڙيل ڪتن وانگر رکن ٿا،
اڻڄاڻ ۽ جاهل رکن ٿا.......
منهنجي دل ۾ سوال اُٿيو: ’ڇا هي ڪتاب اسان جي ملڪ
جي باري ۾ ئي لکيل آهي؟‘ مون وري ڪتاب کي ڏٺو، نه،
هيءُ ته روس بابت آهي. هن ۾ يوڪرين جون ڳالهيون
آهن....... پر ڪهڙي زماني جو روس؟ اڄوڪو روس نه-
’بي دين‘،’ڪميونسٽن‘ جي روس جو ذڪر هن ۾ بلڪل ڪونه
هو- بلڪ سنه 1904ع جا حالات لکيل هئا، جڏهن روس تي
هڪ ديندار (مسيحي) بادشاهه جي حڪومت هئي؛ جنهن کي
’خدا جو پاڇو‘ سڏيو ويندو هو، جنهن جي حڪومت مذهبي
حڪومت ليکي ويندي هئي. هر ڳالهه، هر ڪم خدا جي
نالي سان شروع ڪيو ويندو هو........! ڪتاب جا ڪجهه
وڌيڪ ورق به ورايم، مگر جتان ٿي پڙهيم، اُتان ائين
پئي لڳو ته هي حالات ته ڄڻ اسان جي پنهنجي ملڪ جا
آهن. نالن جي ٿوري ڦيرگهير ڪئي وڃي ته ڄڻ هتي جا
پيا لڳن! اسٽال تي سڄو ڪتاب پڙهڻ ممڪن ڪونه هو، ان
ڪري لاچار خريد ڪري گهر اچي پڙهيم. سندس مطالعي
مون کي محو ڪري ڇڏيو ۽ لڳاتار کيس پڙهڻ لڳس. ڪتاب
وڏو هو، ان ڪري پڙهڻ ۾ ڪافي وقت لڳو. مگر اها
حقيقت هئي ته جيسين پڙهي پورو نه ڪيم، آرام نه
آيو....... ۽ پڙهڻ بعد انهيءَ ڪتاب جيڪي تاثر
ڇڏيا، سي انهن رفيقن کي پويءَ طرح معلوم هوندا،
جيڪي منهنجن ڪتابن کي شروع کان پڙهن ٿا ۽ کين
معلوم هوندو ته منهنجن ڪتابن جي لکڻي سنه 1948ع
تائين ٻي آهي ۽ سنه 1949ع کان ٻي!“
ڏيپلائيءَ جي پريس
ڏيپلائيءَ صاحب جي ڪتابن جي اشاعت سنه 1934ع ۾
’قرآني دعائون‘ ڪتاب سان شروع ٿي. اهو ڪتاب سنڌي
مسلم ادبي سوسائٽي ڇپايو. انهيءَ کان پوءِ سنه
1947ع تائين سندن ڪتاب مختلف پريسن ۾ ڇپبا رهيا،
جن ۾ آفتاب پريس، هاشمي پريس وغيره قابل ذڪر آهن.
پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سندن ذاتي پريس حيدرآباد ۾
اسٽيشن روڊ تي، اُلهندي ڪچي ۾، سينٽرل بئنڪ آف
انڊيا (هاڻي حبيب بئنڪ) جي سامهون، ’اسلاميه
پرنٽنگ پريس‘ جي نالي سان قائم ٿي. اها پريس
پاڪستان کان اڳ ’سک ٽريڪٽ سوسائٽي‘ سان وابسته
هئي. ورهاڱي جي لڏ پلاڻ کان پوءِ اهو دڪان ۽ پريس
’متروڪه ڪسٽوڊين کاتي‘ جي حوالي آئي. مرحوم
عبدالله چنا صاحب، جيڪو اُن وقت غالباً حيدرآباد
جو ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ هو، دڪان ڏيپلائي صاحب کي
عارضي طور مسواڙ تي الاٽ ڪيو، ۽ ڇپائيءَ جي مشين،
ٽائيپ وغيره مقرر ڪيل قيمت تي ڏيپلائي صاحب خريد
ڪيون. اهڙيءَ ريت هڪ اهڙي اداري جو وجود آيو، جيڪو
ايندڙ ٽيهارو سال سنڌ جي ادبي ۽ سياسي سرگرمين جو
مرڪز رهيو ۽ اسان جي تاريخ جو حصو بنجي ويو.
پريس جي بنيادي سامان ۾ ڇپائيءَ لاءِ هڪ ننڍڙي
ٽريڊل مشين شامل هئي، جنهن تي ننڍڙي ڪتابي سائيز
جا چار صفحا ڇپجي سگهندا هئا. پاور لائين نه هجڻ
ڪري اها مشين ٻن ماڻهن جي مدد سان هلندي هئي.
اڳئين پاسي مستري ڪاغذ وجهندو هو ۽ گڏوگڏ مشين جو
پيڊل پير سان هلائيندو هو. هڪ مزدور مشين کي پوئين
طرف کان هٿن جو زور ڏيندو هو اهڙي طريقي، سڄي
ڏينهن جي ڇِڪ ڇِڪان کان پوءِ ٻه ٽي هزار پنا ڇپجي
سگهندا هئا. پاور لائين تي هلندڙ مَشينن کي ان
زماني ۾ ’اليڪٽرڪ پريس‘
چيو ويندو هو ۽ اهڙي پريس ڪنهن وٽ هئڻ تمام وڏي
ڳالهه سمجهي ويندي هئي اهڙيءَ پريس ۾ ڇپيل ڪتابن
وغيره تي آخر ۾ اها ڳالهه فخر سان واضح ڪئي ويندي
هئي ته: ’هيءُ ڪتاب ’فلاڻي اليڪٽرڪ پريس‘ ۾ چپيو.‘
حيدرآباد ۾ سُجهيم ٿو ته مسلمانن جون ’هاشمي پريس‘
۽ ’آفتاب پريس‘ بجليءَ تي هلنديون هيون.
ظاهر آهي اهڙي سست رفتار پريس، ڏيپلائي صاحب جهڙي
برق رفتار ليکڪ جو ساٿ نه ٿي ڏئي سگهي، سو پريس
لاءِ انڊسٽريل ٿري فيزڪنيڪشن لاءِ ڪوشش شروع ٿي.
خبر پئي ته شهر جي آباديءَ ۾ اوچتي اضافي جي ڪري
حيدرآباد پاور هائوس ۾ وڌيڪ لوڊ ڏيڻ جي گنجائش
بلڪل ڪانه هئي: پر جڏهن کين ٻڌايو ويو ته اهو هڪ
’اسلامي ادارو‘ آهي ۽ ٻين اسلامي ڪتابن کان سواءِ
انهيءَ ۾ جديد طرز سان ’قرآن شريف‘ ڇپجڻ جو به
پروگرام آهي، تڏهن گهربل سهوليتن جو بندوبست ڪري
ڏنائون.
جلدئي وڏي سائيز جي بامحاوره سنڌي ترجمي واري
’قرآن شريف‘ جي ڇپائيءَ جا سانباها ٿيا. انهيءَ
مقصد واسطي وڏي ’سيلنڊر مشين‘ آندي وئي، جنهن جو
نالو ’قرآن پريس‘ رکيو ويو.
اهڙيءَ طرح ’اسلاميه پرنٽنگ پريس‘ ۽
’قرآن پريس‘ يا ٻين لفظن ۾ ’ڏيپلائيءَ جي پريس‘ جو
وجود پيو. رحيم بخش ’هوش‘ نالي پنجاب کان آيل
ڪمپازيٽر هن پريس جو مئنيجر هو.
ڊسمبر 1948ع ۾ انهيءَ پريس ۾ پهريون ڀيرو
ڏيپلائيءَ صاحب جو ڪتاب ’سيرت محمدي‘ ڇپيو، جلد ئي
ٻين ڪتابن کان علاوه ٽائيپ ۽ بلاڪن ۾ بامحاوره
سنڌي ترجمي سان قرآن شريف پڻ شايع ٿيو.
ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ادب ۽ صحافت ۾ هيڪر ته وڏي
ماٺار اچي وئي هئي، ’ڏيپلائيءَ جي پريس‘ انهيءَ
ماٺار کي ختم ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. ’ڏيپلائي
پريس‘ هڪ وڏي اداري جي حيثيت ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو.
ڏيپلائي صاحب جي ڪتابن کان سواءِ، اُن اداري ۾
هيٺيان اهم رسالا، ۽ ڪتاب سلسلا ڇپجندا هئا:
(الف) ڏيپلائيءَ جا سلسلا ۽ رسالا:
(1) هفتيوار ۽ روزاني ’عبرت‘
(2) ماهوار انسان (سنڌي) ۽ ماهوار
’انسان‘ (اردو)
(3) هفتيوار ’انسان‘
(4) ماهوار ’ساڻيهه ڊائجيسٽ
(5) ساڻيهه ڊائجيسٽ
(ب) ٻيا رسالا/ سلسلا ۽ ڪتاب:
(1) رسالا ’الرحيم‘: ايڊيٽر علامه غلام مصطفيٰ
قاسمي
(2) رسالو ’پيغام‘: ايڊيٽر ’مولوي‘ عبدالواحد
آريسر
(3) رسالو ’بادل‘: ايڊيٽر جان محمد نوناري
(4) رسالو ’روح ادب‘: ايڊيٽر محمد خان غني
(5) رسالو ’سهڻي‘: ايڊيٽر طارق اشرف
(6) رسالو
’پرهه ڦُٽي‘: ايڊيٽر قاسم شاد/ ابن حيات پنهور
(7) ماهوار ’رهبر ڊائجسٽ‘: ايڊيٽر عبدالجبار’عابد‘
لغاري
(8) جماعت اسلاميءَ/ مولانا مودوديءَ جا ويهارو کن
ڪتاب
(9) سنڌي ادبي بورڊ جا ڪيترائي ڪتاب
رسالن، ڪتابي سلسلن ۽ ڪتابن کان سواءِ ’ڏيپلائي
پريس‘ ۾ ڏيپلائي صاحب ڪيترائي ادارا قائم ڪيا،
جهڙوڪ:
(1) اداره لطيفي: هن اداري ’شاهه جو رسالو‘ ڇاپيو،
جنهن جي خصوصيت اها هئي، جو انهيءَ ۾ لطيف سرڪار
ڏانهن منسوب ڪيل گهڻي ۾ گهڻا بيت ۽ سُر شامل ڪري
محفوظ ڪيا ويا. اڳتي هلي شاهه سائينءَ جي ڪلام جي
جديد رنگ ۾ تشريح تي مبني جي. ايم. سيد صاحب جي
تصنيف ’پيغام لطيف‘ شايع ڪرڻ جو شرف پڻ هن اداري
کي حاصل ٿيو. هن اداري ’شاهه جو رسالو‘ پاڪيٽ
سائيز پڻ ڇپايو.
(ب) اداره انسانيت:
هن اداري تحت جديد ترقي پسند ادب جي اصلوڪن ۽
ترجمي ٿيل شهپارن جي اشاعت ٿي، جن ۾ ’چار داڻا‘،
’ڪنول ڪلي‘، ’آمريڪي شاعر‘،’سسي نيزي پاند‘، ’راحت
ڀري زندگي‘، ’چمڪندڙ زندگي‘، مئڪسم گورڪيءَ جي
ناول جو سنڌي ترجمو ’امڙ‘، پرل بڪ جي ناول جو سنڌي
ترجمو ’جاپاني گڏي‘ ۽ ’انسان جي تاريخ‘ وغيره شامل
آهن.
مٿين اشاعتي ڪارنامن کان سواءِ ڏيپلائيءَ جي پريس
جو اهم ۽ تاريخي ڪردار، سنڌ جي قومي ۽ سماجي
تحريڪن جي پشت پناهي هو.سنه 1950ع کان سنه 1980ع
تائين اٽڪل ٽيهن سالن جي عرصي دوران هيءُ ادارو
سنڌ جي ترقي پسند مجاهدن، قومي ڪارڪنن، قوم
پرستيءَ جي تحريڪن، سنڌي ٻوليءَ ۽ ڪلچر کي ڌارين
جي اڻکٽ حملن کان بچائڻ جو مرڪز ٿي پيو هو. ڪافي
عرصو ابتدائي دور ۾ سنڌي ادبي سنگت جون هفتيوار
گڏجاڻيون پڻ هتي ٿيڻ لڳيون. انهيءَ سلسلي جا ڪتاب،
پمفليٽ ۽ اخبارون، ظاهري توڙي لڪ ڇپ ۾ هتان شايع
ٿيندا هئا، گهڻو ڪري نه واپس ملندڙ اوڌر تي!
انهيءَ سلسلي ۾ محترم جمال ابڙو، هڪ واقعو ڏاڍي
دلچسپ نموني ۾ سندس ڪتاب ’ايندو نه وري هي وڻجارو‘
۾ بيان ٿو ڪري:
”ڏيپلائي صاحب جو هڪ ٻيو واقعو ياد ٿو اچيم، جيڪو
ڏيپلائي صاحب جي سچائيءَ، مخلصيءَ، دليريءَ ۽ بي
نيازيءَ جو اڻمٽ رڪارڊي ثبوت آهي......
ڪامريڊ عبدالقادر کوکر ۽ حيدربخش جتوئي، پارٽيءَ
جا تمام مخلص ۽ متحرڪ ڪارڪن هئا، جن پنهنجي سڄي
حياتي، ڪيريئر ۽ دنياوي واڌ ويجهه کي قربان ڪري،
پاڻ کي هارين جي حقن حاصل ڪرڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏيو
هو. ٿيو ائين جو حيدربخش جتوئي جيل ۾ واڙجي ويو.
ڪامريڊ عبدالقادر وري رڄ چڱو مڙس، نرم مزاج.
انهيءَ صورتحال جو فائدو وٺي، هاري پارٽيءَ جي ڪن
جوشيلن (حقيقت ۾ پاڻ هُرتڙن) پارٽيءَ اندر ڏنڊا
انقلاف ذريعي اٿل پٿل آڻي قبضو ڪري ڇڏيو.... ۽
پنهنجا من پسند صدر، سيڪريٽري ۽ ٻيا عهديدار چونڊي
بالم ٿي ويهي رهيا. مولوي نذير حسين جتوئي به ساڻن
شامل هو ۽ عهدو به قبول ڪيو هئائين. پارٽيءَ فيصلو
ڪيو ته انهيءَ صورتحال جو ٽوڙ ڪيو وڃي.....انهيءَ
ڪم لاءِ تاج محمد ابڙي ۽ مون کي ذميواري سونپي
وئي...... پتو ئي نه پوي ته ڇا ڪجي..... تاج محمد
تمام ذهين ماڻهو هو، سو حل ڪڍي آيو. چيائين ته
هاري ڪميٽيءَ جي ميٽنگ ۽ ڪاروائيءَ جا من پسند
فيصلا لکي ’هاري حقدار‘ اخبارن ۾ ڇپائي ٿا ڇڏيون.‘
سوجمال ابڙو ۽ تاج محمد ابڙو، حيدرآباد روانا
ٿيا..... رُلي پني ’هاري حقدار پريس‘ تي پهتا، پر
انهيءَ تي گورنمينٽ بندش هڻي، تالو هڻائي ڇڏيو هو.
اهڙي وقت ۾ کين محمد عثمان ڏيپلائي سُجهي آيو، پر
تاج محمد ابڙي کي مڙيئي ڪجهه نااُميدي هئي ته
انهيءَ مُلان مان ڇا ورندو! جمال صاحب جو وري خيال
هو:
”الائي ڇو، پر پراڻي صدين کان آزمايل قدرن تي مان
ويساه رکان ٿو ۽ ڏيپلائي مرحوم، الله جنت ۾ جايون
ڏيندس، سڌو سنئون، پُرخلوص، هڏڏوکي، غريبن جو
همدرد، چڱائيءَ جو پتلو ۽ وڏي ڳالهه ته عوام جي
ڀلي خاطر پنهنجو نقصان سهڻ وارو ماڻهو هو- وضع دار
به هو يعني ڊاج ڏيڻ، اندرين هڻڻ وارو ماڻهو نه هو.
عام زبان ۾ چوندا آهن، گشو هڻڻ ۽ راهه تان ٿيڙڻ،
ڏيپلائي صاحب ۾ اهڙي بوءِ به ڪانه هئي، جهڙو اندر
تهڙو ٻاهر!“
مختصراً، ڏيپلائي صاحب جي مشوري تي هو اول اي. ڊي.
ايم نذر محمد ٽڳڙ وٽ ويا، جنهن قانوني نزاڪتن کي
سامهون رکندي، بندش پوڻ واري تاريخ کان هڪ ٻه
ڏينهن اڳ واري تاريخ ۾ هڪ پرچو، جنهن ۾ حڪومت خلاف
ڪجهه به نه لکيل هجي، ڪڍڻ جي اجازت ڏني. اڃا به هڪ
اڌ ٻي فني رڪاوٽ هئي، جنهن کي ڏيپلائي صاحب جي
مشوري سان دُور ڪيو ويو. آخرڪار گهربل مواد سان
ڏيپلائي صاحب جي پريس مان محض ڪاغذ جي قيمت ڏئي،
پرچا ڇپارائي، راتو واه سڄيءَ سنڌ جي اهم شهرن ۾
ورهائي، حيدربخش جتوئيءَ کي صدر چونڊائي ڇڏيائون!
ايوبي دور ۾ ويهاريل تعليمي ڪميشن (شريف ڪميشن)
ذريعي سنڌي ٻوليءَ جي تعليمي حيثيت ختم ڪري ڄڻ ته
انهيءَ جي وجود کي ختم ڪرڻ جا سانباها ٿيا. سنڌ
سجي سراپا احتجاج ٿي پئي، سنڌ جي تعليمي ماهرن ۽
دانشورن ’شريف ڪميشن‘ جي سفارش کي رد ڪرائڻ لاءِ
’سنڌي ٻولي سوسائٽي‘ ٺاهي، انهيءَ ذريعي پنهنجن
خيالن جو اظهار ۽ احتجاج شروع ڪيو. سوسائٽيءَ ۾ سڀ
نامور اديب ۽ دانشور، هر قسم جي ذاتي ۽ نظرياتي
اختلافن کي وساري شامل ٿيا. سوسائٽيءَ جي
اسٽيشنري، پمفليٽ وغيره ڏيپلائي پريس ۾ ڇپيا. ٻين
ڳالهين کان سواءِ سنڌي عوام کي انهيءَ تحريڪ ۾
شامل ڪرڻ ۽ سندن احتجاج کي پاڪستان جي ان وقت جي
صدر (ايوب خان) تائين پهچائڻ لاءِ پوسٽ ڪارڊن تي
ڇپيل خط جو اجراء ڪيو ويو. انهيءَ پوسٽ ڪارڊ ۾ هن
ريت مواد لکيو ويو:
”پيارا صدر، السلام عليڪم!
آءٌ آزاد پاڪستان جو هڪ معزز شهري آهيان. اوهان جي
مقرر ڪيل ’قومي تعليمي ڪميشن‘ طرفان ظاهر ٿيل
رپورٽ جي ڪن فقرن بابت آءٌ پنهنجي راءِ اوهان جي
نيڪ غور لاءِ پيش ڪرڻ چاهيان ٿو. تازو جناب وزير
تعليم طرفان پڻ اهڙن مشورن جي خير مقدم جو اظهار
اخبارن ۾ آيل آهي، جنهن جي پيش نظر، مون کي يقين
آهي ته ڪميشن جي سفارشن کي عام راءِ جي روشنيءَ ۾
عمل هيٺ آندو ويندو.
ڪميشن جي رپورٽ ۾، حيدرآباد ۽ خيرپور ڊويزنن لاءِ
ابتدائي ڇهين درجي کان تعليم جو واحد ذريعو اردوءَ
کي ٺهرائڻ جي سفارش ڪيل آهي، جا هر طرح غلط ۽
غيرمعقول آهي. تعليمي نفسيات توڙي لسانيات جي
عالمي نظريي مطابق، تعليم جو ذريعو ’مادري زبان‘
کي تسليم ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن ڪميشن جي هن غلط
تجويز کي عمل ۾ آندو ويندو ته پاڪستان جي اڌ ڪروڙ
سنڌي ڳالهائيندڙ باشندن کي فائدي بجاءِ نقصان
پهچندو. سنڌ جي علم ادب، ثقافت ۽ تعليم جو اهو
نقصان، مجموعي طرح پاڪستان جو قومي نقصان آهي.
سنڌي شاگردن لاءِ ذريعهء تعليم ’سنڌي زبان‘ هجڻ
ضروري آهي. سنڌ جي باشندن پاڪستان جي تاريخ ۾
شاندار خدمتون ادا ڪيون آهن. منهنجي زوردار استدعا
آهي ته هن باري ۾ اوهين ذاتي طرح دلچسپي وٺي،
تعليمي ڪميشن جي غلط تجويز جي اصلاح ڪري، سنڌي
علائقي جون بهترين همدرديون حاصل ڪندا. پاڪستان
زندهه باهه.
هڪ وفادار پاڪستاني
جناب فيلڊ مارشل، محمدايوب خان،
صدر پاڪستان،
راولپنڊي
مٿيان پوسٽ ڪارڊ هزارن جي تعداد ۾ لکارائي، صحيحون
ڪرائي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان راولپنڊيءَ روانا ڪرايا
ويا. انهيءَ پوسٽ ڪارڊ جي ڇپائيءَ جو اعزاز پڻ
ڏيپلائيءَ جي پريس کي آهي. ون يونٽ بابت چوڌري
محمد عليءَ جي ٺاهيل ’خفيه دستاويز‘ جو سنڌي ترجمو
به ڏيپلائيءَ جي پريس ۾ ڇپيو.
ڏيپلائيءَ جي پريس ڪيترن سنڌي اديبن ۽ صحافين جي
روزگار جي وسيلن ۽ ’تربيتي مرڪز‘ جو ڪم ڏنو. انهن
دوستن ۾ پروانو ڀٽي، حسن علي نذير، سراج الحق
ميمڻ، عبدالحق عظيم، ابن حيات پنهور، مولانا غلام
محمد گرامي، احمد خان آصف مصراڻي وغيره شامل آهن.
ادبي، قومي، ثقافتي ۽ ترقي پسند تحريڪن جو مرڪز
هجڻ ڪري، ڏيپلائيءَ جي پريس، سنڌ ۽ سنڌ دشمنن جي
اکين ۾ ڪنڊي وانگر چڀڻ لڳي. ان ڪري، ڏيپلائيءَ جي
پريس ۽ اخبارن کي چٿڻ جا منصوبا شروع ڪيا ويا.
ڊاڪٽر قاضي خادم پنهنجي ساروڻين ۾ ٻڌائي ٿو ته:
”ان وقت (1954ع ڌاري) اها پريس عام ماڻهن سان گڏ
سي.آءِ.ڊي وارن وٽ به ڏاڍي مشهور هئي، تنهنڪري هو
اسان کان لڪ ڇُپ ۾ اچي پڇاڻو ڪندا هئا ۽ پڇندا
هئا، ملڪ ٽوڙڻ لاءِ ڏيپلائي صاحب جو ڪم ڪٿي پهتو
آهي؟ گاڏي کاتي ۾ رهندڙ هڪ سي.آءِ.ڊي وارو ميٺ
ميٺاج سان اهڙا ڀولا ڀالا سوال ڪندو هو جو اسان ڪي
اديب پنهنجون اُبتيون سبتيون ڳالهيون به ٻڌائي
ويندا هئاسين، جن جا پوءِ اُگرا نتيجا ڏسڻا پوندا
هئا. ايوبي مارشل لا جو دور هو، ون يونٽ اڳي ئي
ڪاري ڪڪر جيان سنڌ جي نصيب تي ڇانيل هو، مٿان سنڌي
ٻوليءَ جي پاڙ پٽڻ لاءِ بدنام ”شريف ڪميشن“ سنڌين
جي خون کي ٽهڪائي ڇڏيو هو ۽ خاص ڪري اديبن جون ته
ننڊون حرام ڪري ڇڏيون هئائون. اديبن جي سرواڻ ۾
محمد عثمان ڏيپلائي جو نالو هر هنڌ مشهور هوندو
هو، تنهنڪري انهن ڏينهن ۾ جيڪو به اديب يا ساڃهه
وند ريشم گليءَ مان چاهي پکا پير چاڙهيءَ، حبيب
بئنڪ واري گهٽيءَ مان، هيٺ لهندوئي مس هو ته رپورٽ
ٿيندي هئي ته فلاڻي فلاڻي وقت فلاڻو فلاڻو ماڻهو
محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي پريس تي آيو ۽ ملڪ جي
خلاف سازشن ۾ حصو ورتائين.“
ون يونٽ جي شروعاتي دور ۾ ’عبرت‘ جي سخت لکڻين تي
اول ڌمڪيون مليون، پوءِ اشتهار ۽ ڪاغذي ڪوٽائون
ختم ڪيون ويون. ايوبي مارشل لا لڳندي ئي ڏيپلائي
صاحب کي حيدربخش جتوئي، ڪامريڊ سوڀي ۽ قاضي فيض
محمد وغيره سان گڏ گرفتار ڪري، اول حيدرآباد
سينٽرل جيل، پوءِ لاهور جي ’شاهي قلعي‘ ڏانهن
اُماڻيو ويو. خاندان ۽ ٻارن ٻچن کي تڪليفن اچڻ سان
گڏ پريس جو ڪاروبار تباهه ٿي ويو. 1961ع ۾ سنڌي
زبان جي ڪامياب ترين هفتيوار رسالي ’انسان‘ تي
بندش وڌي وئي. ڏيپلائيءَ کي ملڪ دشمنيءَ جي الزام
۾ گرفتار ڪيو ويو. 1965ع ۾ ڪو آپريٽو قرضن جي آڙ ۾
پريس کي سيل ڪيو ويو ۽ نيلام ڪرڻ جو ڪوشش ڪئي وئي.
1972ع وارن لساني فسادن ۾ جماعت اسلاميءَ جي
متعصبين هٿان پريس کي باهه لڳارائي، مالي نقصان
سان گڏ قيمتي رڪارڊ تلف ڪيو ويو. پريس جي گدام جو
غير قانوني قبضو هڪ پناهگير کي ڏيڻ خاطر تالو ٽوڙي
منجهس پيل پني جو اسٽاڪ، ڪتاب، ۽ ناياب ڪتابن جي
لائبريريءَ کي لٽيو ويو. 1976ع ۾ پير ابراهيم جان
’خليل‘ سرهنديءَ جي، جي.ايم.سيد
خلاف لکيل ڪتاب ’سنڌ سونهاريءَ‘ جي جواب ۾ ڪتاب
’شيخ المشائخ‘ لکڻ جي پاداش ۾، کيس هڪ دفعو وري
گرفتار ڪري سخت گرميءَ ۾ سکر جيل ۾ رکيو ويو.
پر اهي سڀ قهري ڪاروايون، ڏيپلائيءَ جي پريس کي
ختم ڪري نه سگهيون ۽ نه ئي ڏيپلائيءَ جي عزم کي
لوڏي سگهيون. ڏيپلائي صاحب جيستائين جيئرو رهيو،
جنگ جاري رکندو آيو.
سندس وفات کان پوءِ پريس جي رجسٽريشن ختم ڪئي وئي.
سندس وڏا فرزند سرڪاري ملازم هجڻ ۽ ملڪ کان ٻاهر
هجڻ ڪري نئون اجازت نامو وٺڻ کان قاصر رهيا. جلد
ئي سندس ننڍو فرزند حبيب الرحمان ڊاڪٽر ٿيو ۽ والد
جي وصيعت مطابق پريس واري دڪان ۾ ڪلينڪ کوليائين.
جيئن اڳ بيان ڪيو ويو آهي، اهو دڪان هندن جو ڇڏيل
۽ متروڪ ملڪيت هو. 59- 1958ع ۾ ايوب گورنمينٽ
متروڪ ملڪيتن کي مستقل بنياد تي الاٽ ڪرڻ شروع
ڪيو. قانون اهڙو ٺاهيو ويو، جو سنڌين کي اهي
ملڪيتون ملڻ تقريباً ناممڪن ٿي پيو. ڏيپلائي صاحب
به پريس جي دڪان خريد ڪرڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي،
پناهگير ڪليمنٽ کي هر طرح سان آڇون ڪيون ويون، پر
لا حاصل. هڪ طويل قانوني جنگ شروع ٿي. مرحوم
ايڊوڪيٽ نعمت الله قريشيءَ تقريباً 30 سال قصي کي
اينگهايو، پرپناهگير ڪليمنٽ ڪنهن به قيمت وٺڻ کان
نابري واري. آخر 1988ع ۾ قبضو ڇڏيو ويو. رهي نام
الله ڪا!
قناعت:
بابا جهڙا قانع ۽ خود ڪفيل به ڪي ٿورا هوندا. صابر
هجڻ هڪ پيغمبرانه خصلت آهي. بيشڪ صابرين جو وڏو
درجو آهي، پر صبر جو تعلق تڪليف ۽ محروميءَ جي
احساس سان آهي. صابر اُن شخص کي چئبو آهي، جيڪو
تڪليف ۽ محروميءَ کي محسوس ڪرڻ جي باوجود انهيءَ
کي الله تعاليٰ طرفان آزمائش سمجهي، سڪون سان
برداشت ڪري. پر جنهن واسطي هوند اڻهوند، سچائي ۽
فراواني، راحت ۽ رنج، سفر ۽ سڪوت ۾ ڪوبه فرق نه
هجي، جيڪو جيل کي قدرت طرفان ”سانگهڙ“ (ناول) لکڻ
جو موقعو سمجهي، اهڙي شخص کي ڇا چئجي؟ جهڙي به
ماني ملي بسم الله، جڏهن به ملي ماشاءالله، بسترو
مليو ته ٺيڪ، نه مليو ته خير! پئسو آهي ته
ضرورتمندن تي بنا هٻڪ خرچ ڪرڻ، نه آهي ته ٺهيو.
سندس زندگي آرام، آسائش، هوند، اڻهوند ۽ ڏک سُک جي
تصور کان تقريباً خالي هوندي هئي. البت ٻين جي ڏکن
تي بي انتها ڏک، غم ۽ غصو، ٻين جي خوشيءَ تي دلي
طور تي خوش، ٻين جي ترقيءَ ۽ خوشحاليءَ لاءِ هر
وقت هر قدم کڻڻ لاءِ بيتاب. ذاتي دشمنيءَ جو به
سندس فلسفهء زندگيءَ ۾ ڪو تصور ڪونه هو. ڪنهن سان
جنگ ڪرڻي، ته به ٻين مظلومن خاطر يا ڪنهن اجتماعي
اصول خاطر. اهڙن موقعن تي ذاتي دوستن کي ڪابه
اهميت ڪانه هوندي هئي. ميرن، پيرن، خوجن، مختلف
مذهبي ۽ سماجي گروهن سان اصولي جهاد هوندي به ساڻن
ذاتي طور تي بي انتها پُرخلوص تعلقات. اهڙا مثال
ڪيترائي ملندا، جو اصولي طور تي مخالف دوستن جون
اخبارون ۽ ڪتاب (جن ۾ والد صاحب واسطي سخت ۽ اڻ
سهائيندڙ لفظ به شامل هوندا هئا) اسان جي پريس ۾
ڇپبا هئا. دوستن جون گاريون ۽ بحث مباحثا به پيا
هلندا هئا ته وري کاڌي پيتي جون دعوتون ۽ چانهه جا
دور به جاري. ڪمپازيٽر ۽ ٻيا ورڪر اهي نظارا حيرت
سان پيا ڏسندا هئا ته فلاڻو سيد سڳورو پريان ته
وات مان گجي وهائيندو، ڏيپلائي صاحب کي گاريون
ڏيندو پيو اچي، پر سندس اخبار يا ڪتاب ڏيپلائي
صاحب جي نگرانيءَ هيٺ، سندس ئي پريس ۾ پيو ڇپجي،
ماني گڏ پئي کائجي ۽ چانهه به گڏ پيئڻ لازم!
نوجوان ٽهي ڏانهن رويو:
نوجوان ٽهيءَ لاءِ بابا کان وڌيڪ شايد ئي ڪو
همٿائيندو شخص هوندو. ڪافي عرصو ملڪ کان ٻاهر رهڻ
ڪري مون کي والد صاحب جي آخري زماني بابت گهڻي
واقفيت نه هئي. آگسٽ 1980ع ۾ واپسيءَ تي اهو ڏسي
حيران ٿي ويس ته مرحوم وٽ سڄو ڏينهن گهر توڙي پريس
تي نوجوانن ۽ جوانن جا ميڙا لڳل هوندا هئا. فالج
جي حملن ڪري والد صاحب کي ڳالهائڻ ۾ ڪافي اٽڪ ۽
تڪليف ٿيندي هئي ۽ سندس اڪثر لفظ سمجهه ۾ مشڪل
ايندا هئا، خاص ڪري نئين ماڻهوءَ واسطي سندس
ڳالهين ۾ ربط تلاش ڪرڻ ڪجهه ڏکيرو معاملو هوندو
هو، پر تنهن هوندي به نوجوانن جا وٽس ميڙا لڳل
هوندا هئا. پراڻا سنڌي، نوان سنڌي، مسلمان، غير
مسلمان، هم خيال مختلف الخيال، مطلب ته مڙس ۾ خبر
ناهي ڪهڙي مڻيا هئي، جو پنهنجا پرايا، ننڍا وڏا
سندس چڳ وڍيا چاڪر ٿي رهندا هئا. سڄي عمر پيريءَ
مريديءَ خلاف جهاد ڪيائين، پر پڇاڙيءَ ۾ وري پاڻ
اچي مرشديءَ جي درجي تي پهتو.
مطالعي جي عادت:
مطالعو ۽ مسلسل مطالعو، سندس زندگيءَ ۾ عبادت جو
درجو رکندو هو. اُٿندي ويهندي، کائيندي پيئندي،
سفر ۾، ريل ۾، جيل ۾، شاديءَ ۾، غميءَ ۾، مطلب ته
ڪهڙو به موقعو هجي، هڪ منٽ به هٿ ٿي آيس ته مطالعو
شروع ڪتابن، رسالن ۽ اخبارن خريد ڪرڻ جو جنون،
پئسا هجن نه هجن، پر تازي اخبار، رسالو يا ڪو نئون
ڪتاب ضرور ۽ بنا دير جي وٺبو، انهيءَ حد تائين ته
’بابا فلاڻو ڪتاب ته اڳيئي ورتل آهي ۽ ٻئي هفتي
ڪراچيءَ مان ايندي کنيو ايندس‘، ته چوندو ته ”ايڏو
انتظار ڪير ڪري!“ رسالا ڪتاب وٺندو، پڙهندو ۽
دوستن ۽ اوڙي پاڙي ۾ ورهائيندو. جيترا ڪتاب بابا
خريد ڪيا، اُهي جيڪڏهن محفوظ ڪجن ها ته ڪم از سنڌ
جي حد تائين اسان وٽ جيڪر وڏي ۾ وڏي لائبريري هجي
ها. پر دوستن، واقفڪارن، اوڙي پاڙي وارن انهيءَ
وهندڙ درياءَ مان خوب اُڃون اُجهايون. سندس ذاتي
خرچن جي لسٽ ۾ سڀ کان پهريون خرچ ڪتابن جو هوندو
هو. ٻين ضروري ڪمن واسطي پئسا هجن نه هجن، پر
ڪتابن ۽ اخبارن جي خريداري هر حال ۾ ضرور ڪرڻي،
حتاڪه ضروري دوائن، ويندي کاڌي خوراڪ لاءِ ڏنل رقم
جي تصرف اول ڪتابن تي ٿيندو هو. گهر ۾ روزانو ڪم
از ڪم 6، 7 اخبارون اينديون هيون. هر اردو، سنڌي
هفتيوار توڙي ماهوار رسالو ۽ ڊائجسٽ ۽ انهن ٻولين
۾ ڇپجندڙ هر ڪا پبليڪيشن باقاعدگيءَ سان گهر ۾
آڻبي هئي. هتي اهو ذڪر ڪرڻ پنهنجو فرض ٿو سمجهان
ته بابا جي جاري ڪيل ’عبرت‘ جڏهن کان قاضي برادران
طرفان شايع ٿي آهي، اُن ڏينهن کان اڄ تائين بنا
ناغي جي تحفتاً اسان وٽ ايندي رهندي آهي. سندن اها
شفقت والد صاحب جي وفات کان پوءِ به جاري آهي.
اهڙي وضعداريءَ جا مثال به گهٽ ملندا.
مذهبي سوچ:
بابا جي مذهبي سوچ جو معاملو گهڻن سطحي نظر وارن
وٽ منجهيل ۽ ڪڏهن ڪڏهن قابل اعتراض پئي رهيو آهي.
هن مختصر مضمون ۾ سندس مذهبي ۽ ذهني ارتقا جو
جائزو ۽ تجزيو ڪرڻ ممڪن نه آهي، پر ابو بن ادهم جو
قصو شايد بابا جي نظريه زندگي ۽ پڻ مذهبي عقيدي جي
ترجماني ڪري سگهي. ابو بن ادهم بابت مشهور آهي ته
خواب ۾ کيس هڪ فرشتي ٻڌايو ته هو اهڙن ماڻهن جي
فهرست ٺاهي رهيو آهي، جيڪي خدا کي چاهيندا آهن.
ابو بن ادهم کانئس پڇيو ته ڇا انهيءَ فهرست ۾ سندس
نالو شامل آهي! فرشتي جي ناڪار تي ابو بن ادهم کيس
عرض ڪيو ته سندس نالو اهڙن ماڻهن جي فهرست ۾ شامل
ڪيو وڃي، جيڪي خدا جي مخلوق کي چاهين ٿا. ٻيءَ رات
خواب ۾ ساڳيو فرشتو ڏٺائين ۽ کانئس پڇيائين ته ڇا
سندس نالو انهيءَ فهرست ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جيڪي
خدا جي مخلوق کي چاهين ٿا؟ فرشتي مُرڪي جواب ڏنس
ته تنهنجو نالو هاڻ اُنهن خوش نصيبن ۾ شامل آهي،
جن کي الله تعاليٰ خود چاهي ٿو! اهڙو معاملو والد
صاحب سان به هو. سندس زندگيءَ جو بنيادي نظريو
انسانذات جي ڀلائي ۽ آزادي هو. مختلف علمي ۽ ذهني
ارتقائي دورن ۾ کيس جنهن به رستي اهو بنيادي مقصد
حاصل ڪرڻ ممڪن لڳو، هو اُهو رستو بلڪل صاف نيت سان
اختيار ڪيو، ڪنهن زماني ۾ والد صاحب ٺيٺ ملو هوندو
هو. شريعت جي هر حڪم جي پيروي ڪرڻ ۽ ٻين کي اهڙي
پيرويءَ لاءِ تلقين ڪرڻ سندس محبوب مشغلو هوندو
هو. زندگيءَ جو عملي تجزيو ڪندي ۽ مختلف طبقن جي
عملي زندگيءَ جو مشاهدو ڪندي، هو عرفان جي اهڙي
درجي تي پهتو، جنهن جي ماهيت کي سمجهڻ ’ڊگري زده‘
۽ ڪتابي علم جي ڪيڙن جي وس جي ڳالهه نه آهي. مون
کي اڪثر چوندو هو ته قرآن شريف ۾ الله تعاليٰ ٻن
قسمن جي بندن جو ذڪر ڪيو آهي: مومن ۽ مقرب، مومن
اُهي آهن، جن جو علم ۽ عمل شرعي حڪمن جي پابنديءَ
تائين محدود آهي، پر مقرب اهي آهن جيڪي خدا جي
مخلوق جي محبت ۽ خدمت جي ڪري الله تعاليٰ جي قريب
آهن، پاڻ اڪثر کلي چوندا هئا ته ”بابا اسان مقرب
آهيون، مومنن جي درجي کان مٿي، ڇاڪاڻ ته اسان مذهب
جي روح ۽ اصل مقصد کي سمجهون ٿا“ يعني:
روزا، نمازون، اي پڻ چڱو ڪم،
اوڪو ٻيو فهم، جنهن سان پسجي پرينءَ کي.
(شاهه)
اولاد ڏانهن رويو:
مون کي توڙي ٻين ڀائرن ڀينرن کي بابا ڪڏهن به ڪنهن
خاص تعليم، پيشي يا طريقه زندگيءَ لاءِ راغب يا
مجبور نه ڪيو، اسان سڀني کي پنهنجي تعليم حاصل
ڪرڻ، زندگيءَ جي تعمير ڪرڻ، مقصد حيات جي تعين ڪرڻ
جي مڪمل آزادي هئي. بابا اگرچه اسان جي فيصلن تي
سڌيءَ طرح اثرانداز نه ٿيندو هو، پر انهن فيصلن تي
عمل ڪرڻ جي سلسلي ۾ هر قسم جي همت افزائي ڪندو هو
۽ خرچ وغيره دل کولي ڪندو هو. اسان مان ڪنهن به
ڪڏهن به ڪيتري به رقم کانئس گهري، هجڻ جي حالت ۾
بنا هٻڪ ڏيندو هو، ڪڏهن به خرچ جو سبب نه پڇيائين
۽ نه ئي ڪا ٽيڪا ٽپڻي ڪندو هو. ڇا ٿا پڙهون، ڪيئن
ٿا پڙهون، ڪنهن سان ٿا ملون، ڪير ٿو اچي، انهيءَ
سلسلي ۾ سندس ڪوبه دخل يا پڇا نه هوندي هئي. البت
جن ماڻهن جي زندگيءَ کان متاثر هوندو هو، اڻ سڌيءَ
طرح انهن جو ذڪر ڪري انهن جي زندگيءَ کي مثالي
قرار ڏيندو هو. اهڙيءَ طرح لاشعوري طور تي اهي
شخصيتون، اسان جي ذهن ۾ آئيڊيل جو روپ اختيار ڪري
ويون. منهنجي سرڪاري نوڪري اختيار ڪرڻ کان پوءِ
اڪثر ڪيپٽن عثمان علي عيساڻي ۽ ڊاڪٽر سڄڻ ميمڻ جا
مثال ڏيندو رهندو هو. جيئن ذڪر ڪيو اٿم، بابا
طرفان اسان کي ڪنهن به شغل يا ڪم نه منع نه هوندي
هئي. البت هڪ دفعو ڪنهن خاص موڊ ۾ مون کي نصيحت
ڪيائين ته ”بابا، دنيا ۾ جيڪي وڻيئي سو ڪج، پر
تماڪ کان پاسو ڪج، جو اهڙي غليظ ۽ خراب عادت ٻي
ڪابه نه آهي.“ ۽ سچ پچ آهي به ائين، جنهن شخص
انهيءَ بنيادي خرابيءَ کان پاسو ڪيو، تنهن جي ٻين
وڌيڪ قبيح ۽ غليظ عادتن جي چڪر ۾ اچڻ جا امڪان
البت گهٽ هوندا آهن.
کيس پنهنجن ۽ پراون جا ڏاڍا ڏنگ لڳا، پر ڪڏهن ملول
نه ٿيو ۽ نه ئي شڪايت ڪيائين. 1972ع ۾ جڏهن ڪن
پيرن ۽ مريدن جي مهربانيءَ سان مون کي مارشل لا
ريگيوليشن 114 تحت جبري طور تي رٽائر ڪيو ويو،
تڏهن به کيس حڪومت لاءِ ڪا شڪايت نه ٿي. البته
ايترو سو ضرور چيائين ته ڪهڙا نه نادان آهن، جو هڪ
نوجوان آفيسر کي چونڊي، ٽريننگ ڏئي، ڪم جو بنائي،
پوءِ نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيو اٿن، گويا سرڪار جو
سمورو خرچ اجايو ويو! ٻيو دفعو ستر ورهين جي عمر ۾
’شيخ المشائخ‘ ڪتاب لکڻ تي جڏهن پنهنجن جي نوازش
سان کيس سخت اونهاري ۾ سکر جيل ۾ اماڻيو ويو، تڏهن
افسوس ان ڳالهه تي ٿيس ته اڳ ته غيرن جي حڪومت ۾
گرفتار ٿيو هو، هاڻ پنهنجن جي ظلم جي شڪايت ڪنهن
سان ڪجي!
آخري سفر:
طويل بيماريءَ جو دور جنهن همٿ ۽ بي نيازيءَ سان
هن شخص گذاريو، سو به هڪ عجيب قصو آهي. 1975ع کان
وفات تائين، مٿس فالج جا ٽي چار حملا ٿيا. هر دفعي
ڊاڪٽر سندس صحتياب(Recover) ٿيڻ
کان نااُميدي ڏيکاري ۽ هر دفعي بابا سندن خدشن کي
پنهنجي بي پايان خوداعتماديءَ سان ختم ڪري ڇڏيو.
پنهنجي معمولات کي آخري ڏينهن تائين برقرار
رکيائين ۽ زندگيءَ ۾ مڪمل ۽ ڀرپور دلچسپي قائم
رکندو آيو. نظر جي ڪمزوريءَ جي باوجود بي حساب
مطالعو جاري رکڻ، هٿن ۾ نستائي ۽ لرزش جي باوجود
’انقلاب ايران‘ جهڙا ناول لکڻ، مالي پريشانين جي
باوجود ’سنڌ ٽائيمز‘ ۽ ’ساڻيهه ڊائجسٽ‘ کي زندهه
رکڻ، هر کاڌو پيتو شوق سان واپرائڻ ۽ ذوق سان ادبي
محفلن ۾ شريڪ ٿيڻ، هر نئين فلم ضرور ڏسڻ، آئي وئي
سان ڪچهري ڪرڻ، پريس ڪلب تي باقاعدي وڃڻ، پريس تي
محفلون مچائڻ، گهر تي ايندڙن سان ڪچهريون ڪرڻ،
مطلب ته جوانن کان وڌيڪ جوان ۽ جيئرن کان وڌيڪ
جيئرو هوندو هو.
2- فيبروريءَ تي صبح جو طبيعت ناساز هجڻ جي باوجود
اسان کي منع ڪندي، پنهنجي ڏوهٽي کي چئي رڪشا
گهرائي پريس تي ويو. ٻنپهرن جو موٽي آيو ته سندس
طبيعت بيحد خراب هئي. شام تائين سندس ڳالهائڻ
تقريباً ختم ٿي ويو. هوش حواس به ڪي نالي ماتر
هئس. ڊاڪٽر عالماڻي صاحب کي وٺي آياسون، جنهن
دوائون ڏنيون ۽ مڪمل آرام جي هدايت ڪيائين. رات
خير سان گذري، صبح جو نيم بيهوشيءَ جي حالت ۾ ڪنهن
کي ٻڌائڻ کان سواءِ باٿ روم ڏانهن وڃڻ جي ڪوشش
ڪيائين، پر اتي پير تِرڪي پيس، کيس واپس بستري تي
آندو ويو، پر اهڙي بيهوشيءَ جي حالت ۾ به ٻين کي
پنهنجي اوگهڙ ڏيکارڻ کان نٽائيندو رهيو. پوءِ
اشارن ۾ چيائين ته کيس ڪوٽ ۽ ٽوپي وغيره پارائي
وڃي. هٿ ۾ لڪڻ کڻي پنهنجي ننڍي ڏوهٽي کي رڪشا آڻڻ
لاءِ اشارو ڪيائين، جيئن پريس تي وڃجي. سندس اهي
سڀ حرڪتون غير ارادي هيون، جو هوش نه هجڻ برابر
هئن. ڪجهه دير کان پوءِ معمول مطابق ’عبرت‘ اخبار
گهرايائون. اها به بيهوشيءَ جي عالم ۾ هٿ ۾ پڙهڻ
جي نموني سان جهلي، اُٿلائي پُٿلائي پوءِ چيائون
ته هاڻ ٻي اخبار يعني ’جنگ‘ ڏيو، مطلب ته بيهوشيءَ
جي عالم ۾ پنهنجي روزاني معمول وارا سمورا ڪم
سرانجام پئي ڏنائون. ڪجهه دير کان پوءِ سندن
ڳالهائڻ صفا ختم ٿي ويو ۽ حالت وڌيڪ بگڙڻ لڳي.
12:00 وڳي ڌاري پروفيسر عظيم کي گهرايو ويو، جنهن
هڪدم ايمرجنسي وارڊ ۾ داخلا واسطي چيو. 12:00 کان
3:00 بجي تائين حيدرآباد ۾ ڪنهن به هنڌان
ايمبولينس جو بندوبست ٿي نه سگهيو، آخر ڪمشنر صاحب
جي ذاتي ڪوشش کان پوءِ مسين مسين ايمبولينس جو
بندوبست ٿيو ۽ وڃي اسپتال پهتاسون.
اسپتال ۾ نيم غنودگيءَ جي عالم ۾ کيسي ڏانهن اشارو
ڪيائون، ڏسڻ تي معلوم ٿيو ته ڪجهه چيڪ پيل هئا.
پوءِ وڏي ڪوششن ۽ اشارن سان ٻڌايائين ته انهن پئسن
جي ورهاست ڪيئن ٿيندي. سموري ورهاست پريس ۽ ملازمن
لاءِ چيائين. مسلسل ٽي ڏينهن بيهوشيءَ جي عالم کان
پوءِ 7- فيبروري تي تقريباً 1:25 بجي آرام ۽ سڪون
سان پنهنجي رب ڏانهن راهي ٿيو.
توڪل:
مون پنهنجي زندگيءَ ۾ بابا جهڙو توڪلي ماڻهو نه
ڏٺو، ماڻهو سندس مذهبي خيالن بابت ڇا به چوندا
هجن، پر الله تعاليٰ جي وجود ۽ سندس رحمت ۾ جيترو
ناقابل شڪست اعتماد ۽ ڀروسو، هن شخص کي هو، اوترو
ورلي ڪنهن ٻئي کي هوندو. زبان سان الله الله چوڻ ۽
توڪل رکڻ ٻي ڳالهه آهي، پر عملي طرح ڪامل توڪل رکڻ
جي سعادت ڪن ڪن کي نصيب ٿئي ٿي. والد صاحب سڄي عمر
غريبن ۽ مظلومن جي فڪر ۾ فنا رهيو. پنهنجن ٻچن ۽
خاندان جي ٻين فردن جو معاملو، هن مڪمل طرح الله
تعاليٰ تي ڇڏيو، ۽ انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته
الله تعاليٰ سندن يقين رائگان وڃڻ نه ڏنو. اڄ
الحمدالله سندس سمورو اولاد نهايت خوش و خورم ۽
باعزت زندگي گذاري رهيو آهي.
|