سيڪشن:رسالا

 ڪتاب: مهراڻ 01/ 2014ع (محمد عثمان ڏيپلائي خاص نمبر)

باب:

صفحو:22

ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ کهڙو

 

 

 

محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو شاهه لطيف جي ڪلام تي ڪيل ڪم

 

شاهه جو رسالو: ڏيپلائي محمد عثمان:

ڇاپو پهريون: دفتر لطيفي حيدرآباد، مارچ 1951ع، صفحا 306

ڇاپو ٻيو: شيخ غلام علي اينڊ سنز حيدرآباد، 1963ع، صفحا 446 (پاڪيٽ سائيز)

هيءُ رسالو 37 سُرن تي مشتمل آهي، جنهن جي سُر سسئي آبريءَ ۽ رامڪليءَ ۾ ٽيهه اکريون ۽ ڪاپائتيءَ ۾ مت پڻ ڏنل آهي، ڪل 3944 بيت ۽ 238 وايون آهن. رسالي ۾ هيٺيون خوبيون آهن:

§       جيترا به بيت هن رسالي ۾ آهن اوترا مجموعي طرح ٻئي ڪنهن به ڇاپي جي رسالي ۾ نه آهن.

§       مختلف پڙهڻين کان وڌيڪ موزون پڙهڻي اختيار ڪيل آهي.

§       بيت جي وچ ۾ جتي بيتن جي ضرورت آهي، اتي اڌ دم جي نشاني ڏنل آهي.

§       هر سُر نئين صفحي کان شروع ڪيل آهي.

§       هلڪي وزن جي هجڻ سبب پڙهڻ ۾ سولو آهي.

§       ڪي اکر جيڪي ٻين رسالن ۾ گڏي ڇپيل هئا، سي هن ۾ ڌار ڌار ڪيل آهن.

§       ڪٿي اُچارن ۾ به دُرستيون ڪيل آهن.

§       قيمت ٿوري رکيل آهي ته جيئن هر شخص خريد ڪري سگهي(1).“

هن رسالي ۾ مٿين خوبين سان گڏوگڏ ڊاڪٽر دائودپوٽي لکيو آهي ته:

’اهو گند جو ڍير آهي‘ ۽ کيس ’اصلي وڏو رسالو‘ چوڻ جو مطلب ۽ مقصد سمجهه ۾ نٿو اچي(2).“

رسالي جي اهميت ۽ ڏيپلائي صاحب جي لطيفيات سان رغبت ۽ ڪيل جانفشانيءَ بابت ڪريم بخش خالد جو هيءُ رايو معتبر لڳي ٿو ته:

”ڏيپلائي صاحب جا جوڙيل ٻئي رسالا، واپاري لحاظ سان وجود ۾ آيا، پهريون رسالو اداره دفتر لطيفي جي سهاري هيٺ شايع ٿيو ۽ ٻيو شيخ غلام علي ائنڊ سنز شايع ڪيو. انهن رسالن جي اشاعت وقت جي اهم ضرورت هئي ڇو ته سنڌي ٻولي ۽ ادب، ثقافتي يلغار ۽ نئين تعليمي پاليسي جي دٻاءَ سببان پُرآشوب دور مان گذري رهيو هو ۽ شاهه جي رسالي جي ڇپيل نسخن جي قيمت عام پهچ کان مٿي هئي، اهو صحيح آهي ته انهن ٻنهي ڇاپن ۾ ادبي تحقيق ۽ تنقيد واري پروگرام موجب وجود ۾ نه آئي آهي پر ادبي ماحول ۾ تحريڪ پيدا ڪرڻ ۽ سنڌي ٻوليءَ واري تحريڪ کي تقويت پهچائڻ ۽ تيز ڪرڻ ان جو مول مقصد هو. ڏيپلائي صاحب جو ذهن گهڻن تحريڪن جو آماجگاهه پئي رهيو ۽ هن لطيفي تحريڪ ۾ به پاڻ موکيو(3).“

ڏيپلائي صاحب مڪمل رسالي کان علاوه ننڍي سائيز وارو رسالو پڻ شايع ڪرايو، جنهن جي مٿان لکيل آهي- ”موجوده ملي سگهندڙ سڀني رسالن کان گهڻن بيتن وارو.“

ڏيپلائي صاحب جي ٻنهي رسالن جي وڏي خوبي اها آهي ته اهي گهٽ قيمت هئا ۽ عام ماڻهوءَ تائين شاهه جي ڪلام پهچائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيائون. پاڪيٽ سائيز رسالي جي ته اها خاص خوبي آهي جو سفر ۾ به سولائيءَ سان کڻي سگهجي ٿو.

2. شاهه جي رسالي جو رهبر، محمد عثمان ڏيپلائي

ڇاپو پهريون: 51-1950ع اسلاميه پرنٽنگ پريس حيدرآباد سنڌ، صفحا 86

هن ڪتاب ۾ گهڻي قدر شاهه ڀٽائيءَ بابت لکيو ويو آهي ۽ پڻ ٻين اسلامي نُڪتن تي به لکيو ويو آهي. جن نُڪتن تي لکيو ويو آهي، اهي هي آهن:

”ککر ۾ کڙو عرف شيطان جا دوست، انسان ۽ شيطان، خالص خدائي تعليم، لا اِلله اِلا الله، فيض جون منزلون، شيطان جي مريدن جو رستو، مون ائين ڇو لکيو؟ شيطان جي مريدن کي باهه لڳڻ، شيطان جي مريدن جا نمائندا، موحدن جي پريشاني، شيطاني تعليم 1، 2، 3 جو جواب، ڇا اولياء شريعت کان ٻاهر آهن. ڇا رسول الله ﷺ خدائپ جي دعويٰ ڪئي هئي؟ حافظ شاهه جي ڊول جي بدبوءِ، بهترين وڻج واپار.“

هن ڪتاب جي عرض حال ۾ ڏيپلائي صاحب لکي ٿو ته:

”ڪجهه عرصي کان رسالي عبرت ۾ شاهه جي رسالي جي انهن بيتن جو انتخاب شايع ٿيو جو خدا پاڪ ۽ رسول پاڪ ﷺ جي حڪمن ۽ تعليم جي قطعي خلاف هئا ۽ ڪن شيطانن، موالين اهي پنهنجي طرفان ٺاهي شاهه صاحب جي رسالي ۾ ملائي ڇڏيا، هن لاءِ ته خلق انهن کي شاهه جا بيت سمجهي، انهن جي پيروي ڪري شيطانيءَ ۾ وڃي پوي(4).“

اهو واضح ٿئي ٿو ته ڏيپلائي صاحب پيرن فقيرن جي ته خلاف هوئي سهي، پر الله جي ولين جي پڻ خلاف هو، شاهه جي رسالي ۾ جيڪي اهڙا بيت هئا جن ۾ ولين جي مدد پسجي پئي، سي به ڏيپلائي صاحب ڪڍي ڇڏيا هئا.

علامه دائودپوٽي سان به اختلافن جو سلسلو هليس جو علامه صاحب ڏيپلائيءَ جي رسالي بابت گهٽ وڌ ڳالهايو جنهن جو ذڪر مٿي رسالي بابت لکندي ڪري آيا آهيون.

هن سلسلي ۾ محترم ڏيپلائي صاحب هن ڪتاب جي صفحي نمبر 12 تي لکي ٿو ته:

”سوال آهي ته مون ڇو ائين انهن بيتن جي اُپٽار ڪئي؟ ڇو ورهين جي هلندڙ رسالي تي اعتراض ڪيو؟ ڪهڙو ضرور پيو هو، انهيءَ اپٽار ڪرڻ جو؟ انهن سوالن جو جواب هي آهي ته حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ کي سنڌ جو هر مسلمان اولياء الله سمجهي ٿو ۽ سندس ڪيل دعويٰ ته ”بيت مَ ڀانئيج، هي آيتون آهين“. موجب سندس بيتن کي قرآني تعليم جو ترجمو سمجهندا آهن(5).“

3. مقالو شاهه جو سه آتشو:

محترم محمد عثمان ڏيپلائيءَ شاهه لطيف تي هڪ طويل مقالو ”شاهه جو سه آتشو“ جي عنوان سان لکيو جيڪو هفتيوار ”انسان“ ۾ ڇپيو. ڏيپلائي صاحب، شاهه لطيف جي ڪردارن کي ٽن معيارن تحت پرکيو آهي، اهي هي آهن: مجاز، حقيقت ۽ سياست، جن نُڪتن تي پاڻ قلم کنيو اٿائون، اهي آهن:

راءِ ڏياچ، عمر مارئي، ليلا چنيسر، نوري ڄام تماچي، مورڙو، جکرو، دين، لاکو، ڪاپائتيون، موکي، جوڳي، اُٺ ۽ چنڊ، ٻيڙيائتا، هير رانجهو، بيراڳ هندي، ڍول مارئي، سهڻي ميهار، سارنگ، بسنت، سسئي پنهون، مومل راڻو ۽ ڪيڏارو.

محترم ڏيپلائي صاحب هنن داستانن بابت لکي ٿو ته:

”شاهه صاحب پنهنجي رمزن جي اظهار لاءِ اهي سنڌي عوامي داستان چونڊيا آهن. جي اڳيئي مقبول عام و خاص آهن ۽ رهندا، آءٌ هنن داستانن جي وري به مختصر واقفيت ڏيئي، سندن طرزن جو تت ڏيان ٿو.“

ڏيپلائي صاحب اهڙي طرح شاهه جي رسالي ۾ موجود ڪردارن جو جائزو ورتو آهي ۽ ڀرپور طريقي سان نڀايو اٿس.

هن مقالي جي آخر ۾ پاڻ مجموعي طرح رايو ڏيندي لکي ٿو ته:

”شاهه صاحب جي ڪلام جو هيءُ مختصر جائزو آهي، اڃا ٻيا به ننڍڙا ننڍڙا ڪردار آهن. پر هن تمهيد جي روشنيءَ ۾ اهي سڀ ساڳيا سه آتشا بنجي وڃن ٿا. جيڪڏهن محبانِ وطن نوجوان، شاهه صاحب جي ڪلام مجاز نظام کي ٽنهي زاوين سان پڙهندا ويندا ته کين محسوس ٿيندو ته جهڙي اعجاز نمائي هن ڪلام ۾ ٿيل آهي، اهڙي دنيا جي ڪنهن به ٻئي شعر ۾ مشڪل ٿيل هوندي، اهوئي سبب آهي جو کيس هر عمر، هر طبيعت ۽ هر ذوق جو ماڻهو پڙهي ٿو ۽ ساڳيو لطف وٺي ٿو. ايتريقدر جو ٻارڙن جو پهرئين ڪتاب ۾ به شاهه جا بيت آهن ته ڪاليجن جي آخري ڪورس ۾ به شاهه جا. جيڪڏهن کيس جهنگ جا جهانگي جهونگارين ٿا ته پي ايڇ.ڊيءَ جا عالم فاضل به ساڳيءَ لطف سان آلاپين ٿا.

شاهه جي رسالي جو هيءُ اعجاز ڏيکاري ٿو ته سنڌي ٻولي ڪيڏي نه وسيع ۽ ڪيڏي نه شاهوڪار ۽ ڪهڙي نه اعليٰ پاين جي مڪمل ٻولي آهي، مگر اها اهلِ سنڌ جي ڪيڏي ته بدقسمتي آهي جو اهڙي عظيم ٻوليءَ کي رفته رفته نابود ڪرڻ جا پورا پورا پروگرام ٺهي رهيا آهن ۽ نه ايترو بلڪ انهن تي عمل به شروع ٿي چڪو آهي پر سندس وارث نهايت خاموشيءَ سان اهو سمورو تماشو نه فقط ڏسي رهيا آهن پر کين ڪوبه درد ڪونه ٿو ٿئي.“

4. انٽرويو:

انهيءَ کان علاوه ڏيپلائي صاحب مختلف موقعن تي انٽرويو به ڏنا جن ۾ مذهب جي پرچار ڪيل آهي ۽ گڏوگڏ شاهه لطيف بابت پڻ اظهار خيال ڪيو اٿس. هڪڙي انٽرويوءَ ۾ پاڻ هڪ سوال جو جواب ڏيندي لکن لکن ٿا:

”1946ع ڌاري هي اکر به لکي ويٺس ’شاهه ڀٽائيؒ  ٿوري علي وارو هو، جنهن ڪري سندس رسالي ۾ گمراهين جا انبار گڏ ٿيل آهن.‘ پر جيڪڏهن منهنجي انهن لفظن جي ترديد جي يورش ٿي، تڏهن صرف انهن ترديدن جا جواب لکڻ خاطر جو شاهه جي رسالي کي غور سان مطالعو ڪيم، ته پنهنجي گمراهيءَ ۽ اڻڄاڻائيءَ تي بيحد تاسف ٿيم(6).“

حوالا

1.             ڪارڪنان دفتر لطيفي، شاهه جو رسالو (ڏيپلائي)، دفتر لطيفي حيدرآباد، 1951ع، صفحو عروض حال.

2.           دائودپوٽو، شاهه جي رسالي جو متن (خالد) نگران يوسف جمال اطلاعات کاتو، 1978ع، صفحو 52

3.           خالد، ڪريم بخش تبصرو، ماهوار پيغام ڪراچي، 1985ع، صفحو 101

4.           محمد عثمان ڏيپلائي شاهه جي رسالي جو رهبر، اسلاميه پرنٽنگ پريس حيدرآباد سنڌ، 51-1950ع، صفحو 3

5.            ايضاً ...............................................................، صفحو 12

6.           هفته وار ”انسان“ ڀٽائي نمبر.

انجنيئر شفيع محمد لاکو

 

محمد عثمان ڏيپلائي جو سنڌيءَ ۾

ترجمو ڪيل قرآن مجيد

 

محمد عثمان ڏيپلائي صاحب ان دور ۾ اميد جو ڏيو ٻاريو جڏهن هندو سازش تحت سنڌ جي مسلمانن ۾ نااميدي ۽ جهالت جا پڙدا ڏينهون ڏينهن گهرا ٿي رهيا هئا. اهو دور 20صدي جو اوائلي دور هو، جنهن ۾ سنڌي مسلمانن کي ايترو ته تعليم ۽ ترقيءَ کان پري رکيو ويو هو جو سنڌ جي مسلمانن کي ڄٽ سمجهيو ويندو هو ۽ اهي پاڻ کي واقعي جاهل سمجهندا هئا.

ان دور ۾ محمد عثمان ڏيپلائي صاحب غربت ۽ اڻهوند جي باوجود پنهنجي عزم ۽ ولولي جي زور تي، سنڌي ادب ۾ سه ماهي ڪتابي سلسلو شروع ڪيو ۽ ڏهاڪو کن سال مسلسل اسلامي تاريخي ناول شايع ڪندو رهيو. ان دور ۾ پاڻ ئي لکندڙ پاڻ ئي ڇپائيندڙ ۽ پاڻ ئي وڪڻندڙ رهيو.

ظاهر آهي ته اهڙي حالت ۾ جڏهن پڙهيل ڪڙهيل سنڌي فقط 4 سيڪڙو هجن، اهڙو مالي طور خساري جو ڪم فقط اهوئي شخص ڪري سگهي ٿو، جنهن دنوي خساري جو سودو آخرت تي رکيو هوندو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ڊاڪٽر حميده کهڙو ته ايتري تائين به چيو ته ڏيپلائي صاحب جي لکڻين جي ئي ڪري اسان سنڌي سکي ۽ ان وقت جي سنڌي مسلمانن ۾ خود اعتمادي ۽ خوداري جي لهر آندي.

سنڌ جو پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ جو جذبو به ڏيپلائي صاحب جي جاڳرتا مان حاصل ٿيو. حالانڪه اها ٻي ڳالهه آهي، ته سنڌ جنهن اسلامي جذبي سان ۽ جن اميدن سان پاڪستان ۾ شامل ٿي، اهي سڀ خواب ئي ثابت ٿيا. ڪنهن به ملڪ جي آزاديءَ مهل ٽن طبقن کي يا ته سزا ڏني ويندي آيا پوئتي ڌڪيو ويندو آهي. اهي آهن ڌرتيءَ جا غدار، جن طاقتن جي فوج ۾ شامل ٿي، مقامي آبادي تي ظلم ڪيو، اهي موقعي پرست، جن جنگ آزاديءَ وڙهڻ بدران انگريزن جا ڪمدار ٿي، سر ۽ خابنهادر جا خطاب وٺي مقامي ماڻهن کي دٻائي رکيو ۽ اهي آفيسر جن غاصبن جي نوڪري ڪئي، ليڪن ڪنهن سازش تحت، اهي ٽئي طبقا بجاءِ شرمندو ڪرڻ يا غداريءَ جي سزا ڏيڻ بدران سڄو اقتدار سندن حوالي ڪيو ۽ اڄ تائين به اهي ۽ انهن جو اولاد، سنڌ جي مفادن جو سودو ايوب خان، يحيٰ خان يا مشرف جي درٻار ۾ ڪندا رهيا ۽ ڊيولپمينٽ فنڊ به هڙپ ڪندا رهيا. اڄ به سنڌ انگريز نه پر انهن جي ڇاڙتن جي چنبي ۾ آهي، هت به ضرورت آهي ته Truth Committee قائم ڪئي وڃي ۽ سنڌ ڌرتيءَ کي حساب ڏنو وڃي.

اهي ته تاريخ جون ڳالهيون هيون، ليڪن محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو روشن ۽ لازوال ڪارنامو سندس سولي سنڌيءَ ۾ قرآن پاڪ جو ترجمو آهي، جنهن جي ان ترجمي تي اک 2012ع واري رمضان شريف ۾ پئي. آءٌ سندس سولي ترجمي مان ايترو ته متاثر ٿيس جو هڪدم هزار نسخا گهرائي، رمضان ۾ عام ماڻهن ۾ ورهايا، اهو سلسلو اڄ به جاري آهي.

سندس ترجمي ۾ حيرت انگيز طور سولائي آهي، ظاهر ته ڪنهن به لکڻي ۾ سولائي پيدا ڪرڻ نهايت مشڪل ڪم آهي ۽ صرف اهوئي شخص اهو ڪارنامو انجام ڏئي سگهي ٿو، جنهن جي عربيءَ تي گرفت سان گڏوگڏ طبيعت جي سادگي ۽ نوڙت هوندي، مثال طور سورة البقره آيات (99) وَلَقَدْ اَنْزَلْنَآ اِلَيْكَ اٰيٰتٍۢ بَيِّنٰتٍ ۚ وَمَا يَكْفُرُ بِهَآ اِلَّا الْفٰسِقُوْنَ    ترجمو: ”اي رسول! بيشڪ اسان توڏانهن صاف آيتون موڪليون آهن ۽ انهن جا اهي ئي منڪر ٿيندا جيڪي بدڪار آهن.“

توهان ڏسو ته سادن لفظن ۾ ڪيڏو نه مطلب چٽو ڪيو اٿن، ته بدڪار پنهنجي بدڪاري ڇڏڻ نٿا چاهين، ان لاءِ يا ته قرآن پاڪ جا منڪر ٿين يا آيتن جو پنهنجو مطلب ڪڍن. ٻئي هنڌ سورة الملڪ آيت 15 جو ترجمو ڪندي لکن ٿا ته:

”چؤ ته اهو آهي جنهن زمين کي توهان جي هلڻ لاءِ نرم بنايو، پوءِ انهن جي رستن تي هلو، ڦرو ۽ سندس رزق مان کائو ۽ اوهان کي انهيءَ ڏي موٽي وڃڻو آهي.“

هن قرآن پاڪ جي لفظ ” الارض دلولا“ ترجمو: ”نرم زمين“ ڪيو اٿن. جنهن جو مطلب آهي ته زمين اهڙن مادن مان ٺهيل آهي، جنهن کي کوٽي يا ڪٽي انسان آسانيءَ سان رستا يا سرنگون ٺاهي سگهي ٿو.

ساڳي نموني سان سورة الانعام آيت 52 ۾ اَهْوَاۗءَكُمْ ترجمو: ”واهيات خيال“ ڪيو اٿن، آءٌ خود ان لفظ جي ترجمي ۾ منجهندو هئس ته ”اهوآء“ نفس جي خواهش کي به چئبو آهي، ليڪن واهيات خيال ان لفظ جو نهايت جامع ترجمو آهي.

آءٌ سمجهان ٿو ته هيءُ سليس ترجمو ٿوري گهڻي سنڌي پڙهيل لاءِ نهايت مفيد تحفو آهي. الله تعاليٰ ڏيپلائي صاحب ٻيا به وڏا ڪم ورتا کيس پنهنجي خاص رحمت ۾ رکي. نوراحمد ميمڻ فرمايو ته: ڏيپلائي صاحب پنهنجي نسلن کي آگهايون ڏئي، پنهنجو وارو وڄائي ويو ۽ هاڻي اسان تي فرض آهي ته سندس تسلسل کي اڳتي وڌايون.

علمي ڪتاب لکڻ هڪ حصو آهي، ان کي عوامي درسن رستي عوام ۾ پهچائڻ ٻيو حصو آهي، ليڪن ان ٻئي حصي تي ڄڻ ته معذوري طاري آهي ۽ وڏا وڏا علمي ڪم عوامي نه ٿي سگهيا آهن. ضروري آهي ته تعليم يافته طبقو قرآن پاڪ جي معنيٰ ۽ مفهوم تي عوامي درس ڪري، جيتوڻيڪ انهن کي عربي جي تجويد جي شد مد نه به هجي ڇو ته دنيا ۾ قرآن پاڪ جي تعليم، ان جي معنيٰ ۽ مفهوم رستي ڦهلجي رهي آهي نه ڪه مخارج ۽ تجويد رستي.

انگريزن ۾ به اسلام جا وڏا عالم پيدا ٿي چڪا آهن، ليڪن سندن زبان مان قرآن پاڪ جي هڪ به سورت صحيح تلفظ سان ادا نه ٿي سگهندي جو عربي، سندن مادري ٻولي نه آهي. الله تعاليٰ کان دعا آهي ته هنن بزرگن جي محنت کي عوام ۾ عام ڪرڻ جي اسان جهڙن ناڪارن کي توفيق ڏئي، آمين.

صنم لطيف ڪرٽيو


 

محمد عثمان ڏيپلائي- سنڌ جو بي ڊپو قلمڪار

 

سنڌ جي ٿر واري علائقي ۾ پوک، وُٺي تي ٿئي ٿي. هڪ چوڻي آهي ته: ”وسي ته ٿر، نه ته برئي بر“۔ ٿر مان ڪيترائي انمول ۽ عظيم انسان پيدا ٿيا آهن، انهن عظيم انسانن مان محمد عثمان  ڏيپلائي صاحب جو نالو نمايان نظر اچي ٿو.

محمد عثمان ڏيپلائي صاحب جو جنم هڪ غريب واپاريءَ، حبيب الله ميمڻ جي گهر ۾ ٿيو. سندس پيدائش 13 جون 1908ع ۾ ڏيپلي ۾ ٿي. پاڻ ستن ڀينرن جو اڪيلو ڀاءُ هو، پر انهن مان چار ڀينر ننڍي عمر ۾ ئي وفات ڪري ويون هيون. هُن پنهنجي ئي گهر مان سنڌي ڇهه درجا پاس ڪيا. پاڻ ننڍي هوندي کان ئي قابل ۽ ذهين هو. ان کان علاوه محنتي، سنڌ جو خيرخواهه، نيڪ نيت انسان هو. سندس تعليم نالي ۾ ٿوري هئي، پر سندن مطالعو وسيع هو، لکڻ جو ڏانءُ ته ڪو هن عظيم انسان کان سکي. 1957ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان اديب فاضل جو امتحان پاس ڪيائين. هن جو علم سان چاهه ۽ محبت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته:

”1962ع ۾ جڏهن پاڻ پُٽ ۽ ڏوهٽي سان گڏ ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو، تڏهن اِها خبر نهايت دلچسپ پيرائيي سان اخبار ۾ ڏنائون(1).“

ڏيپلائي صاحب جي قابليت مان واضح ٿي وڃي ٿي جو هن ننڍي عمر ۾ ”فرحتِ آثار“ نالي سان اخبار لکي.

ٿر ۾ وسڪارو ٿئي ته اتان جا رهاڪو خوش ۽ ٿر سڄو ئي سهڻو ٿي ويندو آهي، پر ڏڪار هوندو ته هر ماڻهو پريشان هوندو آهي. ڏيپلائي صاحب ڏکن، تڪليفن ۾ زندگي گذاري، پر هن هر حال ۾ قلم کي هٿان نه ڇڏيو، هونئن به ڏاهن جو چوڻ آهي ته ڏکن ۽ تڪليفن ۾ بهترين ادب سرجي سگهندو آهي. اهڙي طرح هن ارڏي انسان کان سور، سختيون، ڏک ۽ ڏولاوا سڀ وسري ويا. پاڻ پيري مريدي، وڏيرا شاهي ۽ ڪامورن جا مسڪين ماڻهن تي ٿيندڙ ظلم زيادتون ڏسي تماشائن وانگر خاموش ٿي نه ويٺو، بلڪ پنهنجي قلم کي تيز ترار وانگر وهايائين. انهن خلاف لکي عوام کي سُرت ۽ ساڃاهه پيدا ڪيائون.

محمد عثمان ڏيپلائي پنهنجي لازوال لکڻين ذريعي عوام ۾ سجاڳي پيدا ڪري کين ڀرپور شعور ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن ۾ پاڻ سو سيڪڙو ڪامياب ٿيو. حميده کهڙو صاحبه پنهنجي هڪ مقالي ۾ سندن عظمت بيان ڪندي لکيو آهي:

”اهو صحيح آهي ته منهنجي ڏيپلائي صاحب سان ڪڏهن ملاقات نه ٿي سگهي، پر تنهن هوندي به آءٌ چئي سگهان ٿي ته آءٌ پاڻ کي ڏيپلائي جنريشن مان سمجهي ٿي، اها جنريشن، جيڪا ڏيپلائي صاحب کان متاثر ٿي.

اسان جي وقت ۾ ٽي درجا سنڌي پڙهڻ کان پوءِ انگريزيءَ ۾ تعليم شروع ٿيندي هئي، سو مون به ٽي درجا سنڌي ڪراچيءَ ۾ پڙهيا. اهي ڏيپلائي صاحب جا ڪتاب هئا، جن اسان کي نه صرف سنڌي سيکاري، بلڪه تاريخ پڻ پڙهائي ۽ اسلامي دنيا جو نظارو ڏيکاريو. مان ته ايئن به چونديس ته اڄ جو آءٌ تاريخدان بڻي آهيان، سو به ڏيپلائي صاحب جي ڪتابن پڙهڻ ڪري(2)!“

محمد عثمان ڏيپلائي صاحب گهڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ هو. هن گهڻين ئي صنفن تي تمام گهڻو لکيو سو سمورو سجايو ۽ سڦل ثابت ٿيو. هن جا افسانا، ڪهاڻيون، ڊراما يا ناول هر لکت لاجواب آهي. هر هڪ ڪتاب وڏي اهميت جو حامل آهي، سندس شخصيت جي باري ۾ شيخ عزيز صاحب لکي ٿو ته:

”... هو روزگار جي تلاش ۾ پنهنجي اباڻي گهر کي ڇڏي نڪتو ته لکڻ شروع ڪري ڏنائين. پوءِ نه صرف لکيائين، پر ايترو لکيائين جو سنڌيءَ ۾ بسيار نويس سڏجڻ لڳو(3).“

ڏيپلائي صاحب جڏهن لکڻ جي شروعات ڪئي ته هن سنڌي معاشري جو غور سان مشاهدو ڪري، ان مان بُراين جي پاڙ پٽڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي، خاص طور ٺڳ پيرن جا پرڪار وڏي جرئت ۽همت سان لکيائين.

هن ڏاهي انسان ڏيڍ سو کن ڪتاب لکيا، جن مان هر ڪتاب پنهنجو مَٽ پاڻ آهي. سندس لکڻين جو انداز، رنگ ۽ ڍنگ، منفرد آهي. سندس لکڻين ۾ توهم پرستي ۽ پير پرستيءَ کان نفرت جهلڪندي نظر اچي ٿي. ان جو اندازو انوکن عنوانن مان لڳائي سگهجي ٿو، جئين: ”مرشد جي ڏاڙهي“، ”مرشد جون ٽنگون“، ”مرشد جو ٻڪر“، ”مرشد جي پڳڙي“، ”کدڙيءَ جي گادي عرف مرشد“ وغيره سندس ٻولي تمام سادي سودي ۽ سلوڻي آهي. هن لکڻين ذريعي ماڻهن کي شعور ڏنو، اها هڪ وڏي خوبي آهي.

”سڀ کان وڏي خصوصيت، جيڪا ڏيپلائيءَ کي سنڌ جي مڙني شخصيتن تي امتياز ۽ فوقيت ٿي بخشي، سا آهي ڏيپلائيءَ جي پيري، مريدي ۽ مرشدي خلاف بغاوت ۽ مسلسل جهاد(4).“

ڏٺو وڃي ته ڏيپلائي صاحب جن جڏهن لکڻ شروع ڪيو ته اهو دور روايتي انداز ۾ لکڻ جو هو، پر هن انهن روايتن کي ٽوڙڻ جي ڳالهه ڪئي هڪ نئين انداز سان لکيو توڻي جو مخالف وڌي ويا پر هن مرد مجاهد ان ڳالهه جي پرواهه، نه ڪئي پاڻ لڳاتار لکندو رهيو. هن قلم کي اڃان به وڌيڪ تکو وهايو ۽ ڪيترائي ڪتاب لکيا. انهن ۾ هن ڪڙو سچ لکيو جيڪو مخالفن کي هضم نه ٿيو. سندن ڪيترائي ڪتاب ضبط ڪيا ويا جهڙوڪ: ”ڏاهري رنگ محل“ 1942ع ۾ شايع ٿيو. ان بابت ڊاڪٽر ثريا سوز ڏيپلائي صاحبه لکي ٿي ته:

”ڏيپلائي 1942ع ۾ پنهنجو گهر 2300 روپين ۾ وڪڻي ”ڏاهري رنگ محل“
ڇپايو ۽ اُهو ئي ڪتاب ضبط ٿيو(5).“

”ڏاهري رنگ محل“ کان علاوه سندن ٻيا هي ڪتاب به ضبط ڪيا ويا: ”جاپاني گڏي“، ”غازي انور پاشا“، ”شيخ المشائخ“ ۽ ”امڙ“ وغيره، نه صرف سندن ڪتابن تي پابندي مڙهي ويئي بلڪ هن اشراف ماڻهوءَ کي جيل ۾ به ڪيترائي دفعا اماڻيو ويو.

(1) لاهور جيل 1958ع

(2) 1961ع ۾ (جڏهن ڏيپلائي صاحب جن جو تاريخي ناول ”سانگهڙ“ منظرِ عام تي آيو)

(3) 1976ع ۾ سکر جيل اندر ”شيخ المشائخ“ لکيو.

”ڏيپلائي صاحب جون صحافتي ميدان ۾ ڪيل خدمتون به قابلِ ذڪر آهن، هن ڪي رسالا ۽ اخبارون جاري ڪيون ۽ ڪي ادارا پڻ قائم ڪيا، جن جو تفصيل ڪجهه هن ريت آهي:

·          ماهنامه عبرت (1941ع)

·          ماهوار عبرت جو ڪتابي سلسلو (1941ع)

·          هفتيوار عبرت (1943ع)

·          قرآن پريس (1948ع)

·          اداره لطيفي (1949ع)

·          اداره انسانيت (1952ع)

·          روزاني عبرت (1953ع)

·          ماهوار انسان (1957ع)

·          رسالو هفتيوار انسان (1959ع)

·          ماهنامه ساڻيهه ڊائجيسٽ (1969ع)

·          روزانه سنڌ ٽائيمس (1969ع)

عبرت 1958ع ۾ قاضي برادران کي وڪرو ڪري ڏنائين جا اڄ تائين شايع ٿيندي پئي اچي ۽ اڄ هڪ نامور اخبار به آهي ۽ عبرت گروپ آف پبليڪيسن هڪ ادارو آهي، جيڪو اشاعتن جو هڪ ذريعو بنجي ويو آهي(6).“

انهن مان ”انسان“ رسالي ۽ ”سنڌ ٽائمس“
اخبار تي به ٻين ڪتابن وانگر پابندي لڳائي ويئي هئي، ان کان سواءِ قرآن پريس ۽ اسلاميه دارالاشاعت کي باهه ڏئي ساڙيو ويو، ايڏو مالي نقصان ٿيو پر پوءِ به هن هار نه مڃي.

هونئن ته ڏيپلائي صاحب جي هر تصنيف قابلِ قدر آهي، پر سندن تيار ڪيل ”شاهه جو رسالو“ خاص اهميت رکي ٿو. شاهه سائين جي حوالي کان گهڻو وقت اڳ تحقيق ٿيندي رهي آهي. سڀ کان پهرين رسالو ”گنج“ آهي جيڪو 1207هه ۾ لکجي مڪمل ٿيو. جرمني جي اسڪالر ارنيسٽ ٽرمپ 1866ع ۾ جرمني جي شهر ”لپسيا“ مان ”شاهه جو رسالو“ شايع ڪرايو. ارنيسٽ ٽرمپ کان پوءِ 1867ع ۾ قاضي ابراهيم بمبيءَ مان ليٿو پريس ”شاهه جو رسالو“ ڇپايو. ان کان پوءِ تعيلم کاتي پاران سنه 1900ع ۾ موجوده لپي ۾ ”شاهه جو رسالو“ شايع ڪرايو.  ارنيسٽ ٽرمپ کان پوءِ 1867ع ۾ قاضي ابراهيم بمبئيءَ مان ليٿو پريس ”شاهه جو رسالو“ ڇپايو. ان کان پوءِ تعليم کاتي پاران سنه 1900ع ۾ موجوده لِپيءَ ۾ ”شاهه جو رسالو“ شايع ڪرايو. بعد ۾ مرزا قليچ بيگ، ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڪلياڻ آڏواڻي، غلام محمد شاهواڻي، مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي، عثمان علي انصاري، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ ٻانهي خان شيخ جا تيار ڪيل رسالا شايع ٿيا.

محمد عثمان ڏيپلائي صاحب پاڪيٽ سائيز ”شاهه جو رسالو“ 1963ع ۾ شيخ غلام علي سنز حيدرآباد مان شايع ڪرايو. هڪ ڊگهي عرصي کان پوءِ ٻيهر 2009ع ۾ مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور مان شايع ٿيو. هيءُ رسالو 34 سرن تي مبني آهي. شاهه جا رسالا ته تمام گهڻا آيا آهن. پر هيءُ پهريون پاڪيٽ سائيز گهڻن بيتن وارو ۽ گهٽ قيمت وارو پهريون رسالو آهي.

”اصلي وڏو مڪمل شاهه جو رسالو ’سڀني رسالن کان گهڻن بيتن وارو‘، محمد عثمان ڏيپلائي پنهنجي قرآن پريس حيدرآباد مان ڇپايو، سرورق تي اشاعت جي تاريخ ’7- مارچ 1951ع‘ ڇاپي وئي. بعد ۾ ’پاڪيٽ سائيز شاهه جو رسالو‘ و عامي بيتن جي گهڻائي سان، سنه 1963ع ۾ ڇاپايائين(7).“

 ڏيپلائي صاحب جن هن شاهه جي رسالي ۾ ڪجهه اهڙا سُر آهن، جيڪي ٻين عام رسالن ۾ نٿا ملن جيئن: سينهن ڪيڏارو هيءُ سُر سورهن 16 بيتن تي مبني آهي. بسنت بهار هِن سُر ۾ يارهن بيت ۽ هڪ وائي شامل آهي. هڪ ٽيهه اکري ان کان علاوه ڍول مارئي سُر شامل آهي، جنهن ۾ سورنهن بيت ۽ ٻه وايون ملن ٿيون.

شاهه سائينءَ جي انهن سُرن تي محقق متفق نه آهن، اهي سُر شاهه جا آهن يا نه؟ اهو هڪ الڳ بحث آهي، اهي کڻي شاهه سائينءَ جا نه به هجن، پر پراڻن قلمي نسخن ۾ موجود آهن. تنهنڪري ڏيپلائي صاحب اهو رسالي جو ڪلام محفوظ ڪرڻ ضروري سمجهيو.

بهرحال محمد عثمان ڏيپلائي صاحب اڻ ڳڻين خوبين جو مالڪ هو، گهٽ پئسن تي وڏيرن ۽ زميندارن وٽ نوڪري ڪيائون، زندگي ڏک سک ۾ گذاريائون، پر سنڌي ادب کي پنهنجي تصنيفات سان شاهوڪار ڪندو رهيو. هڪ سماج سڌارڪ وارو فرض نڀائيندي. سنڌي ادب کي مالا مال ڪري 7- فيبروري 1981ع ۾ هِن فاني جهان کي ڇڏي وڃي بقا واري بستيءَ ۾ آرامي ٿيو.

حوالا

(1) ڊاڪٽر ثريا سوز ڏيپلائي، محمد عثمان ڏيپلائي ۽ سنڌي سماج تي سندن اثر، ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ، ڪراچي 2010ع، ص 35.

(2) مرتب- تاج جويو، محمد عثمان ڏيپلائي، سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم، حيدرآباد سنڌ 2003ع، ص 358.

(3) ساڳيو، ص: 369.

(4) ساڳيو، ص: 324.

(5) ڊاڪٽر ثريا سوز ڏيپلائي، محمد عثمان ڏيپلائي ۽ سنڌي سماج تي سندن اثر، ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ، ڪراچي 2010ع، ص: 88.

(6) ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، محمد عثمان ڏيپلائي- هڪ مطالعو، ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ، ڪراچي 2013ع ص: 40-39.

(7) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، شاهه جو رسالو (جلد پهريون)، شاهه عبداللطيف ثقافتي مرڪز ڪاميٽي، ڀٽ شاهه 1410هه/ 1989ع، ص:81.

مختيار احمد ملاح

 

 

 

 

محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي ناول نگاري

 

سڀني ادبي صنفن ۾ ناول کي سماج سان سلهاڙيل ۽ وڌيڪ ويجهو سمجهيو ويندو آهي جو ان ۾ سماجي رشتن ۽ رواجن جو چِٽ چٽيل هوندو آهي. نئين پيڙهيءَ جي سوچ جي انداز ۽ پراڻي پيڙهيءَ سان اُن جو ٽڪراءُ ٻڌبو آهي؛ روايتن جي ٽُٽڻ ۽ نين رسمن ۽ رواجن جي آرنڀ ٿيڻ جا آثار نظر ايندا آهن، مستقبل جا سپنا ساڀيا ٿيڻ ۾ ويساهه ڄمندو آهي؛ ۽ من اندر جا ولوڙ وائکا ٿيندا آهن. زندگي انهيءَ سموري ڀڃ ڊاهه جي عمل مان گذرندي پنهنجو دڳ وٺي روان دوان رهندي آهي. اهو سمورو ڪائناتي سڀاءُ جو لقاءُ آهي، جنهن ۾ ناول جو ميٽر هلندو رهندو آهي.

سنڌي علم و ادب ۾ ناول جي صنف نه صرف انگريز دور ۾ آئي، پر انگريزي علم و ادب جي اثر هيٺ بلڪ ائين کڻي چئجي ته انگريزن جي آشيرواد سان آئي. 1843ع ۾ جڏهن انگريزن سنڌ کي فتح ڪيو ته هتي آهستي آهستي انگريزي زبان ۽ ادب جو استعمال عام ٿيڻ لڳو. اهڙي طرح ان سنڌي ادب کي پڻ متاثر ڪيو. سنڌي اديبن جا انگريزن ۽ سندن علم و ادب سان مراسم وڌڻ لڳا. سنڌ جا لوڪ قصا، رومانوي داستان، سورهين جون بهادريون، بادشاهي عشق اڳ ئي سنڌ ۾ مشهور هئا. انهن مان ڪيترائي شاعري ۽ نثر ۾ لکجي به چڪا هئا. سنڌي ادب ۾ ناول جو هيءُ شروعاتي دور، انهيءَ ڪري به اهم آهي، جو هن دور ۾ سنڌي ناول هڪ ڪامياب صنف طور سنڌي زبان جي ليکڪن توڙي پڙهندڙن ۾ پنهنجون پاڙون پُختيون ڪيون.

ناول لکندڙن ۾ هندو ۽ مسلمان اديبن جو گڏيل سهڪار هو، پر هندو اديبن جو ڪردار اڳرو هو، مسلم ناول نگارن ۾ شمس العلماء مرزا قليچ بيگ ۽ محمد عثمان ڏيپلائي گهڻي ۾ گهڻا ناول لکيا. جنهن کان پوءِ مير علي نواز خان، غلام احمد نظامي، قاضي عبدالرزاق مورائي، محمد صديق ميمڻ، محمد صديق مسافر، لطف الله بدوي ۽ ڪي ٻيا شامل هئا. هندو ناول نگارن ۾ ديوان پريتم داس، ديوان ڪوڙومل، لعلچند امرڏنومل،، ڀيرومل مهرچند، صاحب سنگهه چندا سنگهه، ڊاڪٽر گربخشاڻي، نانڪرام ڌرمداس، شيوڪ ڀوڄراج، ڄيٺانند ٿڌومل، پرمانند ميوارام، پروفيسر موٽومل، تولارام گڏواڻي، ميلارام واسواڻي، پروفيسر نارائڻ ڀمڀاڻي، سڳن آهوجا، پروفيسر رام پنجواڻي، ڄيٺانند لعلواڻي، آسانند مامتوراءِ، ديو سڀاڻي، گلي سدارنگاڻي، ليلارام ولايتراءِ، گوبند مالهي، جڳت آڏواڻي، ايم.آر مائيداساڻي، چوهڙمل، اندرا هميراڻي ۽ ٻيا ڪيترائي شامل آهن.

محمد عثمان ڏيپلائي نه صرف بهترين ڪهاڻيڪار ۽ ڊراما نويس هو، پر ڪيترن سٺن ناولن جو ليکڪ ۽ مترجم به هو. هن ڪيترائي شاهڪار ناول لکيا. ڏيپلائي صاحب ڪيترن مذهبي ۽ تاريخي ناول هندو ليکڪن جي جواب ۾ لکيا. محمد عثمان ڏيپلائي پنهنجي تاريخي ناولن جي وضاحت ڪندي لکيو آهي ته:

”مسلمان پنهنجي تاريخ کان اڻواقف هجڻ سبب بزدليءَ جي ڪُن ۾ غرق ٿيندا ٿا وڃن، ان ڪري مون خدا پاڪ تي ڀروسو رکي اسلامي تاريخي ناولن جو سلسلو شروع ڪيو، جنهن ۾ غافل مسلمانن جون دليون خوب بيدار ڪيون ۽ هو بزدليءَ جو اُٿاهه ڪُن مان نڪري پاڻ کي شينهن جو اولاد سمجهڻ لڳا آهن.“

رشيد ڀٽي لکيو آهي ته:

”ان وقت ڏيپلائي مرحوم سنڌي پڙهندڙن لاءِ هڪ جنون (Craze) هو. سندس تاريخي ناول سنڌ جي مسجدن ۾ رات جي نماز بعد باجماعت پڙهيا ويندا هئا.“

ڪريم بخش خالد مطابق:

”هڪ طرف جيئن مرزا قليچ بيگ مرحوم جي ناولن، ملڪ ۾ پنگتي سڌارن ۽تمدني جاڳرتا جو مثبت ڪم ڪيو، اهڙي طرح ڏيپلائي مرحوم جي ناولن، مسلمانن ۾ سياسي بيداري پيدا ڪئي. عقيدن جي اصلاح ڪئي ۽ آزادي جي سُتل جذبي کي اهڙو جاڳايو، جو پاڪستان جي تحريڪ ۾ سنڌ جو حصو سرس ٿي پيو.“

ڏيپلائي صاحب جي ناولن جي لسٽ طويل آهي، سندس ناولن جو پهريون دور ”سنگدل شهزادي، سال 1938ع ۾ شروع ٿيو. هيءُ ناول سنڌي عوام ۾ بيحد مقبول ٿيو ۽ ٿوري ئي عرصي ۾ انهيءَ جا چار ايڊيشن ڇاپي ۾ آيا. 2013ع ۾ اڪيڊميءَ ۽ انهيءَ جو جديد انداز ۾ نئون ڇاپو آندو آهي، اهو اوائلي دور تقريباً 1943ع تائين هليو. بنيادي موضوع ڪانگريس جي اهنساء واري پاليسيءَ جي خلاف مسلمانن کي پنهنجو شاندار ماضي ياد ڏياري کين جهاد ۽ پاڪستان لاءِ تيار ڪرڻو هو. هڪ ٻئي پويان انهيءَ ۾ ڪيترائي ناول شايع ٿيا جن ۾ هوشربا نازنين، روم جي راڻي، جنگ ترڪ و جرمن، نازنين سمرتا، ايراني شهزادي، دختر اسلام، فتح يرموڪ، چين جو چنڊ، غازي صلاح الدين، وغيره شامل آهن. انهن مان ڪيترائي ناول نئين سر ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيا آهن.

انهيءَ دور ۾ متعصبي هندوئن طرفان مسلمانن جي دل آزاريءَ سان ڀريل متواتر ناول آهن، جن ۾ وير درگاداس، مغل رنگ محل، وير ڪماري وغيره شامل هئا. انهن جي ردِعمل ۾ ڏيپلائي صاحب هندستان تي مسلمان بادشاهن جي فتوحات ۽ اعليٰ ڪردار جي اُپٽار ڪندي ڪيترائي ناول آندا جن ۾ ”ڏاهري رنگ محل“، ”فتح پاڪستان“، ”ڪاشيءَ جا پاپڙ“،”گمراهه مسافر“، ”سومناٿ جي سندري“، ”ڪارا ڪافر“، ”ڪتي جو“ وغيره نمايان هئا.

انهيءَ دور ۾ ڪي ناول خاص طور تي قابلِ ذڪر آهن، جيڪي پنهنجي موضوع جي لحاظ کان ڪافي حد تائين بنهه مختلف هئا، انهن ۾ خاصي طور تي ”نورِ توحيد“ ۽ ”گلستان حسن“ شامل آهن. ”نورِ توحيد“ اٺن حصن تي مشتمل هو. جنهن ۾ نبوت جي ابتدائي دور کان مديني حجرت ۽ اتي اسلامي حڪومت قائم ٿيڻ تائين جا احوال ڏنل آهن، پر اهم ۽ بنيادي موضوع حضور اڪرم ﷺ جن جي حياتي جي اُپٽار آهي،. پر ڪتاب جيڪو منفرد حيثيت جو مالڪ هو سو هو- ”گلستان حسن“ جنهن جو موضوع شرڪ ۽ پير پرستيءَ جو رد هو. اهو ڪتاب اڳتي هلي ضبط ٿيو.

انهيءَ دور ۾ 1945ع ڌاري ڏيپلائي صاحب جي ناولن ۾ قوم پرستيءَ ۽ قومي آزاديءَ جا موضوع به داخل ٿيا، اهو ناول ”مصطفيٰ ڪمال“ ۽ ”ٽيپو سلطان“ هئا.

ورهاڱي کان پوءِ جلدئي ڏيپلائي صاحب جي لکڻين ۾ وڏي تبديلي آئي، سندس موضوع به تبديل ٿيا. ان دور جو اهم ناول ”سمرقند جو صوف“ هو، جو چئن حصن تي مشتمل هو، منجهس بخارا جي عوام جي امير بخارا کان آزاديءَ جي تحريڪ جو ذڪر آهي. ”مجاهد ڪشمير“ ۾ ڪشميرين جي جنگ آزاديءَ جو احوال آهي.

ترت ون يونٽ ٺهيو، جنهن خلاف عوام کي جدوجهد ڪرڻ لاءِ آڀاراڻ جي سلسلي ۾ ڏيپلائي سلسليوار ”1857ع جي آزاديءَ جي جنگ“، ”انور پاشا“، ”جپاني گُڏي“ ۽ ”امڙ“ سرجيا جيڪي سمورا ضبط ٿيا ۽ ڏيپلائي صاحب کي انهن جي پاداش ۾ نظربند پڻ ڪيو ويو. انهيءَ دور ۾ سندس معرڪته الآرا ناول ”سانگهڙ“ پڻ آيو، جنهن جو اردوءَ ۾ پڻ ترجمو سندن نياڻيءَ ڊاڪٽر ثريا سوز ڪيو. سندن آخري ناول ”انقلاب ايران“ جنهن ۾ شهنشاهت خلاف آيت الله خميني جي آندل انقلاب جي اُپٽار ٿيل آهي.

ڏيپلائي صاحب جا ڪيترائي ناول اردوءَ ۾ ترجمو پڻ ٿيا جن ۾ ”نورِ توحيد“، ”شوڪت اسلام“، ”عروج اسلام“، ”غازي صلاح الدين“،
”غازي احمد شاهه ابدالي“، ”اورنگزيب عالمگير“
۽ ”سانگهڙ“ وغيره شامل آهن.

ڏيپلائي صاحب جي ٻن ناولن ”سانگهڙ“
۽ ”انقلاب ايران“ کي پاڪستان رائيٽرز گلڊ طرفان بهترين سنڌي ناول طور انعام پڻ مليو.


* ڏيپلائي محمد عثمان 1908ع ۾ پيدا ٿيو، هڪ وڏو علمي ادبي جاکوڙ ڪندڙ انسان هو، اشاعتي سلسلي جي ذريعن هن اٿاهه جاڳرتا پيدا ڪئي ۽ سماجي براين جي خلاف جهاد سان گڏ، سياسي سجاڳي ۽ صحيح ديني تعليم عام ڪئي. هو ڪامياب افسانه نويس وڏو ناول نگار ۽ ٿوري گهڻي شاعري ڪندو هو. لطيفيات ۾ نه صرف شاهه جا رسالا ڪڍيائين ۽ پر شاهه لطيف بابت لکيل ٻيا ڪتاب پڻ ڇپيائين، جن ۾ پيغام لطيف جي.ايم.سيد، شاهه جا گُم ٿيل بيت: شيخ محمد سومار ۽ شاهه جي رسالي جو رهبر شايع ڪيائين. سنڌي ادب ۽ ثقافت جو هيءُ جاکوڙي سال 1981ع ۾ وفات ڪري ويو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org