ڊاڪٽر غلام علي الانا
سنڌ جو امر اديب: محمد عثمان ڏيپلائي
1- اوائلي زندگي:
(الف) هيءُ بزرگ، 13- جون 1908ع تي، ٿرپارڪر جي هڪ
ننڍي شهر ’ڏيپلي‘ ۾ ڄائو. ’ڏيپلائي‘
تخلص اختيار ڪرڻ سان هن، ڏيپلي جهڙي هڪ ننڍڙي شهر،
پنهنجي خطي ۽ پنهنجي ڪٽنب کي سنڌ ۾ امر سڃاڻپ ڏيئي
ڇڏي، جنهن تي سڄيءَ سنڌ کي فخر آهي.
(ب) ڏيپلائي
صاحب کي قدرت، ننڍپڻ کان ئي نوازيو هو، ننڍپڻ کان
ئي هو نهايت ذهين هوندو هو، شروعاتي تعليم پنهنجي
ئي شهر ڏيپلي ۾، صرف ڇهين درجي تائين پڙهي سگهيو،
پوءِ پنهنجي پيءُ سان واپار ڪرڻ ۾ اُن جو ٻانهن
ٻيلي ٿيو، پر سندس پيءُ به ڪو ايڏو وڏو واپاري
ڪونه هو.
(ت) ڏيپلي
۾ ڪجهه عرصو واپار ڪرڻ کان پوءِ، هو ٿر ۾ ڏڪار
وارين حالتن کان تنگ اچي، سال 1924ع ۾ ڏيپلي کي
ڇڏي، واپار سانگي لاڙ طرف رخ ڪيو ۽ ٽنڊي باگي ۾
اچي واپار شروع ڪيائين، پر پوءِ واپار جو خيال
لاهي، خانگي ملازمت اختيار ڪيائين، ۽ زميندارن وٽ
منشي ٿي رهيو. خانگي نوڪرين جي سلسلي ۾ هو بدين،
عمرڪوٽ، کپري ۽ ميرپورخاص به ويو. ملازمت جو وڏو
عرصو، خانصاحب عطا محمد پليءَ وٽ رهيو، نوڪرين
دوران پنهنجين قدرتي صلاحيتن سبب هن ڪيتريون ئي
ٻوليون سکي ورتيون، انهن ۾ انگريزي، اردو، گجراتي،
هندي، عربي ۽ فارسي ٻوليون شامل هيون.
(ث) پنهنجيءَ
عمر جي پوئين زماني ۾ ڏيپلائي صاحب 1957ع ۾ اديب
عالم، اديب فاضل جا امتحان پاس ڪيا. 1968ع ۾، 60
سالن جي عمر ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. هن
بزرگ 7- فيبروري 1981ع ۾ وفات ڪئي.
(ج) ڏيپلائي
صاحب هڪ آدرشي انسان هو، ننڍي هوندي کان ئي هن جي
اندر ۾ جيڪو اديب موجود هو، تنهن کيس نيٺ ادبي
ميدان ۾ اچڻ تي مجبور ڪيو ۽ هو نيٺ سنڌ جو هڪ وڏو
اديب، صحافي، ناول نگار، ڊراما نگار، مضمون نگار،
نقاد، افسانه نگار، لطيف شناس ۽ سماج سڌار اديب جي
حيثيت ۾، سنڌ توڙي هند ۾ مشهور ٿي ويو. ايتريقدر
جو پنهنجيءَ زندگيءَ ۾ هن 200 کن ڪتاب لکيا، ۽ سنڌ
جي وڏي ۾ وڏي نثرنگار، شاعر، شمس العلماء مرزا
قليچ بيگ سان ڪلهو ملائي، بيهڻ جي صلاحيت جو مالڪ
بڻجي ويو. مرزا صاحب وانگر هن به ڪيترائي ڪتاب
ترجمو ڪيا ۽ ساڳئي وقت ڪيترائي ڪتاب طبع زاد به
لکيائين.
2- ادبي زندگي:
(الف) صحافت ۾ گهرڻ :
(i)
اڳ ۾ چيو ويو آهي ته ادبي شوق جيڪو ڏيپلائي صاحب
جي اندر ۾ ئي دٻيل هو، جيڪو پوءِ جلدي اُڀريو ۽
اُسريو، سندس ۽ ننڍپڻ ۾ ئي ظاهر ٿيو، اڃا پرائمري
اسڪول ۾ پڙهندو هو ته سال 1919ع ۾ ’فرحت آثار‘ جي
نالي سان دستي اخبار ڪڍي، پنهنجي ڪلاس جي شاگردن
کي پڙهائيندو هو.
(ii) ميرپور
خاص ۾ رهائش واري زماني ۾، 1938ع ۾، ’اسلاميه
دارالاشاعت‘ جي نالي سان هڪڙو ننڍڙو ادارو قائم
ڪيائين. مطالعي جي شوق ڏيپلائي صاحب کي آخر لکڻ جو
ڏانءُ ڏنو. سندس پهريون مضمون اردو زبان ۾، خواجه
حسن نظاميءَ جي رسالي مناديءَ ۾، سال 1924ع ۾
دهليءَ ۾ شايع ٿيو. دراصل اهو مضمون، سندس هڪ خط
جي صورت ۾ لکيل هو جيڪو هن خواجه حسن نظاميءَ
ڏانهن، محمد بن قاسم جي سوانح حيات بابت، منادي
رسالي ۾ شايع ٿيل ڪن غلطين جي درستين جي باري ۾
لکيو هو، پر خواجه حسن نظامي صاحب، سندس اهو خط
’منادي‘ رسالي ۾ شايع ڪري ڇڏيو. ڏيپلائي صاحب،
پنهنجي پهرئين مضمون جي شايع ٿيڻ تي ڏاڍو خوش ٿيو
۽ پوءِ ٻيا مضمون به لکيائين.
اُن زماني ۾، مولانا عبدالرزاق ۽ حڪيم عبدالخالق
’خليق‘ مورائي گڏجي ’ترقي‘ رسالو ڪڍندا هئا. حڪيم
عبدالخالق جي طرز تحرير ڏيپلائي صاحب تي گهرو اثر
ڪيو ۽ کيس انهيءَ طرز ۾ لکڻ جو شوق پيدا ٿيو. حڪيم
صاحب پوءِ ’علمي دنيا‘ جي نالي سان رسالو ڪڍيو.
اُنهيءَ رسالي ۾ ڏيپلائي صاحب جو پهريون افسانو،
’چنڊ سهڻو يا انسان‘ شايع ٿيو. انهيءَ همت
افزائيءَ کان پوءِ هن پنهنجو ٻيو افسانو، ’ڪتوبه
کاڌو، ڪُک به نه ڀري‘ لکيو. سندس اهو افسانو به،
’علمي دنيا‘. رسالي ۾، ’فريبي دنيا‘ جي بدلايل
عنوان سان شايع ڪيو ويو. اُن کان پوءِ ته کيس لکڻ
جي اهڙي لهر لڳي وَئي جو هُو اڳتي هلي ڪيترن ئي
ڪتابن جو مصنف بڻجي ويو.
پوءِ ادب ۽ صحافت سان لڳاءُ سبب، ڏيپلائي صاحب
1942ع ۾ مستقل طور حيدرآباد لڏي آيو ۽ ’اسلاميه
دارالاشاعت‘ اداري کي وڌايائين، ۽ اُن اداري طرفان
رسالا ۽ اخبارون ڪڍيائين، ۽ ساڳئي وقت ڪتابن جي
اشاعت جو سلسلو به شروع ڪيائين. هن اداري اڳتي
هلي، قرآن مجيد جي جلدن کان سواءِ 133 کن ٻيا ڪتاب
به شايع ڪيا. هن ئي اداري طرفان 1941ع ۾ ’عبرت‘ جي
نالي سان ماهوار اخبار شروع ڪيائين. انهيءَ ماهوار
اخبار کي پوءِ 1945ع ۾ هفتيوار اخبار ۾ تبديل
ڪيائين، ۽ پوءِ انهيءَ ساڳيءَ اخبار کي سال 1952ع
۾ روزانه اخبار طور جاري ڪيائين؛ پر پوءِ اڳتي هلي
مالي سگهه نه هئڻ سبب، اُهائي اخبار، 1958ع ۾
حيدرآباد جي قاضي ڀائرن (قاضي محمد اڪبر ۽ قاضي
عبدالمجيد ’عابد‘) کي وڪڻي ڇڏيائين، اهائي اخبار
اڄ، سنڌ جي اهم سنڌي اخبارن مان هڪ آهي.
هن اخبار جو ’عبرت‘ نالو، ڏيپلائي صاحب مشهور ترڪي
اديب ۽ صحافي، ’نامق ڪمال‘ جي اخبار جي نالي تان
ورتو هئائين. هن اديب کي، سلطان عبدالحميد جي
آمريت جي خلاف بغاوت ڪرڻ ۽ ترڪ عوام کي جمهوريت
ملڻ جي مطالبي لاءِ ’وطن‘ جي عنوان سان هڪ ڊرامو
پڻ لکيو ۽ پوءِ ’عبرت‘ جي نالي سان اخبار ڪڍيائين.
پنهنجيءَ هن اخبار کي ڏيپلائي صاحب جاگيرداري ۽
ڪامورا شاهيءَ جي خاتمي ۽ ملڪ ۾ جمهوري انصاف جي
بحاليءَ جي عام مطالبي ۽ خاص ڪري سنڌ جي صوبائي
مختياريءَ واريءَ حيثيت ملڻ واري مطالبي سميت،
سڀني مسئلن تي عوام جي حقن جي ترجماني سخت انداز ۾
ڪئي.
(iii) ڏيپلائي
صاحب، 1953ع ۾ ماهوار
’انسان‘ رسالو ڪڍيو ۽ ساڳئي وقت ’اداره اسانيت‘ جي
نالي سان ٻيو ادارو به قائم ڪيو. سال 1959ع ۾
انسان رسالي کي هفتيوار رسالي جي صورت ۾ شايع ڪرڻ
شروع ڪيائين، پوءِ سال 1969ع ۾، ’سنڌ ٽائيمز‘ جي
نالي سان ٻي هفتيوار اخبار به جاري ڪيائين ۽
اهڙيءَ طرح ساڳئي سال ’ساڻيهه ڊائجسٽ‘ جي نالي سان
نئون رسالو به شروع ڪيائين. انهن رسالن ۽ اخبارن
ذريعي هن سنڌ جي ماڻهن ۾ وڏي ڄاگرتا آندي.
(ب) ناول نگار، ڊرامانگار، مضمون نگار ۽ افسانه
نگار جي حيثيت ۾:
(i) سنڌي
صحافت سان گڏ ڏيپلائي صاحب، ناول، ڊراما ۽ مضمون
پڻ لکيا. هن بيشمار سماجي ۽ تاريخي ناول لکيا.
انهن ناولن ۾ ’سانگهڙ‘،
’ڏاهري رنگ محل‘، ’غازي
انور پاشا‘،’سسي
نيزي پاند‘، ’جپاني
گڏي‘ کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي ناول لکيا. ناولن
۾، اسلامي تاريخ جي حوالي سان سندس پهريون ناول،
’سنگدل شهزادي‘ جي نالي سان شايع ڪيائين. سنڌي
ٻوليءَ ۾ اهڙا تاريخي ناول ٻيو ڪوبه اديب اڄ ڏينهن
تائين لکي نه سگهيو آهي.
ڏيپلائي صاحب ڪيترائي سماجي ڊراما پڻ لکيا، انهن
ڊرامن ذريعي هن، سنڌي سماج جي سڌاري لاءِ، سنڌ جي
ماڻهن کي پنهنجو پيغام ڏنو آهي. ڊرامن ۾ غيرت،
شاهدي، نجومي،
سجائي موڙي وغيره شامل آهن.
(ii) ڏيپلائي
صاحب، مضمون نويسيءَ جي سلسلي ۾ شروعات ننڍن ننڍن
مضمونن جي لکڻ سان ڪئي. پوءِ افسانا به لکيائين.
سندس پهريون
مضمون، مَناديءَ، جي نالي سان، شاگرديءَ واري
زماني ۾ لکيو هئائين. سندس اهو مضمون، سال 1924ع
۾، خواجه حسن نظاميءَ جي رسالي ’مناديءَ‘ ۾ دهليءَ
۾ ڇپيو. سندس پهريون افسانو، ’چنڊ سهڻو يا انسان‘
هو جيڪو 1926ع ۾ ’علمي دنيا‘ رسالي ۾ ڇپيو،
جيئن اڳ ۾ به چيو ويو آهي.
(iii) ڏيپلائي
صاحب جي ذهني ارتقا ۾، آريه سماجي هندن سان سندس
ادبي مقابلي وارو دور خاص اهميت رکي ٿو. اُن زماني
۾ آريه سماجي هندن طرفان، ڊزن کن اهڙا ناول شايع
ڪيا ويا،جن
۾ مسلمان بادشاهن جي خانگي ۽ ذاتي زندگين کي نهايت
ئي غلط ۽ گندي انداز ۾ پيش ڪيو ويو هو. اهڙن ناولن
مان ’مغل رنگ محل‘ ناول ۾ مغل بادشاهن جي اخلاقي
ڪردارن تي بريءَ طرح حملا ڪيا ويا هئا. هن ناول جي
شايع ٿيڻ سان مسلمانن ۾ هندن لاءِ وڏي نفرت واري
عمل پيدا ٿيڻ خطرو هو.
ڏيپلائي صاحب جيڪو اُن زماني ۾، ’مبلغ اسلام‘ ۽ ’محافظ
دين‘ طور پنهنجو قلم هلائي رهيو هو، تنهن
جي دل ۾ غيرت جو جذبو جاڳي اٿيو. هن مسلمان
بادشاهن جي توهين جي تلافيءَ ۾، هندو راجائن جا
پول پڌرا ڪيا. ’مغل رنگ محل‘ ناول جي جواب ۾
ڏيپلائي صاحب ’ڏاهري رنگ محل‘ جي نالي سان، ناول
لکيو. هن ناول سنڌ ۾ وڏي هلچل مچائي ڇڏي، اُن
وقت جي سرڪار، فساد کي دفع ڪرڻ لاءِ آخرڪار هن
ڪتاب تي بندش وڌي ۽ ان کي ضبطڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا.
اُن کان پوءِ ڏيپلائي صاحب وري ’ڪتي جو.......؟ (پٽ)‘
جي عنوان سان ٻيو ڪتاب لکيو. هن ڪتاب کي به سنڌ ۾
وڏي شهرت ملي. سنڌ جي مسلمانن طرفان، ڏيپلائي صاحب
کي گهڻو ساراهيو ويو. ان طرح سان ڏيپلائي صاحب جي
نالن کي هاڻي وسيع مارڪيٽ پڻ ملي.
(ج) ڏيپلائي صاحب کي علمي ۽ ادبي دنيا ۾ جيڪا شهرت
حاصل ٿي، سا
کيس اسلامي تاريخي ناولن جي اشاعت جي ڪري ٿي هئي.
شروع شروع ۾ کيس جاسوسي ناولن جي پڙهڻ جو گهڻو شوق
هوندو هو. اُن زماني ۾ مشهور ضخيم جاسوسي ناول،
’چندر ڪانتا‘ جمع ’ڀوتناٿ‘ هضم ڪرڻ جي حد تائين
پڙهيو هئائين ’بلئڪ جاسوس‘، ’شرلاڪ هومز‘۽ ’آريسن
لوپن‘ وارا جاسوسي ناول به سندس پسند جا ناول
هوندا هئا. اُن کان پوءِ مولانا شرر جا تاريخي
ناول پڙهيائين. پوءِ حڪيم عبدالخالق ’خليق‘ مورائيءَ جو
لکيل تاريخي ناول ’سندري‘ به پڙهيائين، ۽ پوءِ شوق
جاڳيس ته سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙا
اسلامي ناول گهڻي تعداد ۾ شايع ٿيڻ گهرجن. اُن
زماني ۾، مولانا شرر ۽ علامه راشد الخيريءَ جي ڪن
ناولن جا ترجما پڻ ٿيا، پر
اُهي سلسلا پوءِ جلدي بند ٿي ويا. اُن زماني ۾ ٻئي
طرف منشي صادق علي، نسيم حجازيءَ ۽ ايم- اسلم جا
ناول تيزيءَ سان شايع ٿي رهيا هئا، جن کي پڙهڻ،
ڏيپلائي صاحب جو محبوب مشغلو
هو.
(د) ڏيپلائي صاحب جڏهن ميرپور خاص ۾ هوندو هو، تڏهن
اُتي مولوي خير محمد نظاماڻيءَ سان سندس ملاقات
ٿيندي رهندي هئي. هڪ دفعي ڳالهين ڪندي سوچيائون ته
جيئن اردو ٻوليءَ ۾ مجاهدانه جذبي وارا اسلامي
تاريخي ناول شايع ٿي رهيا آهن تيئن سنڌي زبان ۾ پڻ
اهڙي قسم جا ناول شايع ٿيڻ گهرجن. مولوي
نظاماڻيءَ، ڏيپلائي صاحب کي چيو ته: ”ناول تون لک
۽ شايع ڪرائيندس مان“
انهيءَ فيصلي کان پوءِ ڏيپلائي صاحب پنهنجو پهريون
اسلامي ناول ’سنگدل شهزادي‘ لکيو. هن ناول جو
پلاٽ، منشي صادق صديقيءَ جي ناول، ’آرمينيا ڪا
چاند‘ تان کنيو هئائين، ۽ منشي صادق وري اهو پلاٽ،
عربي تاريخ ’فتوح العجم‘ تان کنيو هو. مولوي
خيرمحمد نظاماڻي، مالي مشڪلاتن سبب اهو ناول ڇپائي
نه سگهيو، ان ڪري ڏيپلائي صاحب پنهنجو اهو ناول
پاڻ، 1939ع ۾ ڇپايو. انهيءَ ناول جي شايع ٿيڻ کان پوءِ هن
سماهي ڪتابن جي سلسلي کي شروع ڪري ڇڏيو.
3- مذهبي خيالن وارو اديب هجڻ:
(الف) پنهنجي انٽرويو ۾ ڏيپلائي صاحب ٻڌايو ته
پنهنجيءَ اوائلي زندگيءَ ۾ هو انتهائي مذهبي خيالن
وارو شخص هوندو هو. هو، مهدي سوڊاني
جي اسلامي انقلابي تحريڪ کان گهڻو متاثر هوندو هو.
سندس تمنا هوندي هئي ته هندوستان ۾ به اسلامي
انقلاب برپا ٿئي ڇاڪاڻ ته هتي مولانا مودودي ئي
اسلامي انقلاب ۽ اسلامي معاشري جي ڳالهه ڪري رهيو
هو. هن پوءِ 1943ع ۾ جماعت اسلاميءَ جي رڪنيت
حاصل ڪئي ۽ سنڌ ۾ جماعت اسلاميءَ جو ميمبر
ٿيو. پهريون
ميمبر غلام محمد چوڌري هو. 1943ع ۾ ڏيپلائي
صاحب ’مهدي
سوڊانيءَ‘،
جي تحريڪ کان متاثر ٿي، ’سوڊاني
سونهن‘،
نالي ڪتاب لکيو. مهدي سوڊانيءَ جي اها تحريڪ،
انگريزن جي خلاف هئي. ڏيپلائي جي انٽرويو ۾ صفحي
229 تي ڄاڻايل آهي ته:
”مون کي ڊپ لڳو ته منهنجي انهيءَ ڪتاب جي اشاعت جي
ڪري حڪومت جو عتاب
نه نازل ٿئي، پر مولانا دين محمد وفائيءَ (سنڌي
صحافت جي بانيءَ) مون کي سمجهايو ته ڪجهه به نه
ٿيندو ڇاڪاڻ ته تون انگريزن جو ئي ڪم ڪري رهيو
آهين. هندو مسلمان درميان نفاق پيدا ڪري تون
انگريزن جي خلاف محاذ
ڪمزور ڪري رهيو آهين. واقعي ڪتاب خلاف ڪوبه قدم نه
کنيو ويو.
آءٌ 1920ع کان وٺي انگريزن جي خلاف هوس. البت هيءَ
ڳالهه مون کي نهايت ئي عجيب لڳي ته اسلامي انقلاب،
جو پرچار ڪري آءٌ انگريزن کي فائدو پهچائي رهيو
هوس. مون سنڌ ۾ مولانا مودوديءَ جي خيالن جي پرچار
لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪئي. سندس ’خطبات‘ جو سنڌيءَ ۾
ترجمو ڪري، اُن جون هڪ لک ڪاپيون، هڪ آني
في ڪاپيءَ جي حساب سان وڪرو ڪيم. اُن کان سواءِ،
مون ’دينيات‘،
’اسلامي
حڪومت ڪيئن
ٺهندي‘، ’اسلامي
انقلاب‘،
۽ مولانا مودوديءَ جي ٻين تحريرن جو سنڌيءَ ۾
ترجمو ڪري، اُنهن
جي اشاعت ۽ تقسيم جو انتظام ڪيو.“
(ص 229)
ڏيپلائي صاحب اڳتي ٻڌايو ته:
”آءٌ جيئن ته
پاڪستان جي قائم ٿيڻ جو حامي هوس ۽ جماعت اسلامي
پاڪستان جي قائم ٿيڻ جي خلاف هئي، انهيءَ ڪري مون
1948ع ۾، جماعت اسلاميءَ کان علحدگي اختيار ڪئي، ۽
1949ع ۾ قرآني اشاعت لاءِ، قرآن پريس، قائم ڪيم.
مون ميجر آفتاب جو شايع ڪيل ڪتاب، ’جديد معلومات
سائنس‘،
پڙهيو، انهيءَ
ڪتاب منهنجي دماغ کي چڪرائي
ڇڏيو. مون کي ڪائنات ۽ فطرت جي حقيقت جي باري ۾
پهريون دفعو علم حاصل ٿيو، ۽ پنهنجي تعصبات جو
احساس ٿيو. انهيءَ ئي سال مون گورڪيءَ جو ’ماءُ‘
(ناول) پڙهيو. انهيءَ ناول به منهنجي مٿان ڳوڙهو اثر ڪيو،
۽ مون کي احساس ٿيو ته انسان کي پنهنجي سماجي
غلاميءَ کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيتري نه ڪٺن
جدوجهد ڪرڻي پوي ٿي. انهن
ڪتابن جي مدد سان مون صحيح معنيٰ ۾ پهريون دفعو
انسانيت طرف قدم کنيو.“
4- قوم پرست خيالن وارو هئڻ:
(الف) ڏيپلائي صاحب کي قوم پرست هجڻ ۽ انهيءَ قسم
جا ڪتاب ۽ مضمون لکڻ سبب،1958ع ۾
ايوب خان جي مارشل لا واري زماني ۾ گرفتار ڪري
جيل موڪليو ويو. سندس ڪتاب ضبط ڪيا ويا. ’انسان‘ رسالي
جو ڊڪليئريشن منسوخ
ڪيو ويو. جيل ۾ ٻن ڳالهين جي ڪري سندس ذهن ۾ قوم
پرستيءَ واري جذبي ۾ وڌيڪ انقلاب آيو. هڪ ته 1961ع
۾حيدرآباد
جيل ۾، اُن زماني ۾ ڪيترن ئي حر مجاهدن سان سندس
ملاقات ٿي. جيل ۾ کيس پير پاڳاري، پير صبغت
الله شاهه جي وطن پرستيءَ ۽ وطن دوستيءَ لاءِ ڪيل
بهادريءَ ۽ ڏنل قربانيءَ جون بيشمار ڳالهيون
ٻڌايون ويون. انهيءَ ڪري ڏيپلائي صاحب، حُر تحريڪ
کان تمام گهڻو متاثر ٿيو. جيل ۾ ئي هن، ’سانگهڙ‘
ناول لکڻ جو ارادو ڪيو ۽ اُن لاءِ مواد گڏ ڪندو
رهيو.
ڏيپلائي صاحب جي قوم پرستيءَ واري رجحان طرف راغب
ٿيڻ جو ٻيو سبب به هن پاڻپنهنجي انٽرويو
۾ ٻڌايو هو. هن فرمايو ته:
”سال 1958ع ۾، لاهور جيل ۾ منهنجي
ملاقات مشهور قوم پرست مفڪر ۽ شاعر، فيض احمد فيض،
مرزا ابراهيم، دادا فيروزالدين منصور، دادا امير
حيدر، فضل الاهي قرباني خوشحال خان
خٽڪ
۽ ٻين ترقي پسند رهنمائن سان ٿي.
مون کي انهن جي خيالات ۽ جدوجهد تمام گهڻو متاثر
ڪيو.“
(ص 230).
ڏيپلائي صاحب انهيءَ ساڳئي انٽرويو ۾ اڳتي ٻڌايو
ته:
”منهنجي جدوجهد، انسانيت ۽ انسانن جي بنيادي حقن
لاءِ آهي.“ (ص 23)
(ب) ڏيپلائي صاحب، اديب ته ننڍپڻ کان ئي هو. سندس
لکيل ناول، ڊراما، مضمون ۽ افسانا، سنڌي سماج جي
نفسياتي مطالعي جي سلسلي ۾ وڏو سرمايو آهن. هو ترقي
پسند ۽ وطن دوست اديب نه هو پر پنهنجي ترقي پسند
هجڻ جو ثبوت هن صرف وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪري ۽
ٻٽاڪ هڻي ته ڏنو،
پر اُن جو ثبوت هُن، ادبي جدوجهد ذريعي ڏنو.
انهيءَ سلسلي ۾ سندس ترجمو ڪيل ناول، جهڙوڪ: ’امڙ‘، ’سسي
نيزي پاند‘، ’جپاني گڏي‘ ۽ ٻين ناولن کان سواءِ
سندس طبع زاد ناول ’سانگهڙ‘
۾ ڏنو.
منهنجي نظر ۾، مرحوم محمد عثمان ڏيپلائي، پنهنجي
دور جو هڪ وڏو اديب، مفڪر ۽ آدرشي انسان هو. جنهن
تي سنڌ جي سندس همعصر وڏن وڏن اديبن، شاعرن، نقاد
۽ مفڪرن پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو آهي. اهڙين
شخصيتن ۾ سائين جي.ايم.سيد،
پير علي محمد
شاهه راشدي، محمد ابراهيم جو يو، مولانا غلام محمد
گرامي، شيخ اياز، رشيد ڀٽي، شمشيرالحيدري ۽ ٻيا به
ڪيترائي اديب، شاعر ۽ نقاد شامل هئا. ڏيپلائي صاحب
جي علمي، ادبي،
سياسي ۽ سماجي زندگيءَ جي خذمتن
جي باري ۾ محترم تاج جويي، ’انسان
دوست اديب ۽ بيباڪ صحافي: محمد عثمان ڏيپلائي‘ جي
عنوان واري ڪتاب ۾ اظهار ڪيو آهي، ۽ ڏيپلائي صاحب
جي ڪيل خذمتن کي آشنا ڪيو اٿس.
(ت) ڏيپلائي صاحب هاڻي ترقي پسند، وطن پرست ۽
انسان دوست خيالن وارو اديب بڻجي چڪو هو. هن کي
پنهنجي وطن ۽ اُن جي ماڻهن لاءِ محبت جاڳي ۽ هن
پنهنجي وطن جي سرزمين کي شاد ۽ آباد ڏسڻ ٿي چاهيو.
هن’اداره انسانيت‘ قائم ڪيو، ۽ اُن جي ذريعي انسان
۽ انسانيت جي معياري قدرن کي عام ڪرڻ جو عزم ڪيو
هو. اُن سلسلي ۾ هن ماهوار رسالو ’انسان‘ جاري
ڪيو، ۽ ڪيترائي بهترين ڪتاب به هن اداري ذريعي
شايع ڪيائين.
’سلسله انسانيت، پاران ڇپايل ڪتاب،
منفرد معيار وارا هوندا هئا. اُنهن ڪتابن ۾ ’چار
داڻا‘ ’ماڻهو ۽ ڌرتي‘، ’آمريڪي شاعر‘۽ ’ڏکڻ
مان ٿو سج اُڀري‘
جهڙا بهترين ڪتاب، سنڌي ادب ۾ هڪ نمايان هئا.
ڏيپلائي صاحب هڪ طرف اسلاميه دارالاشاعت
ذريعي، سنڌ جي ماڻهن کي مذهب جي صحيح
سمجهاڻي ڏيئي رهيو هو ته ٻئي طرف اداره انسانيت جي
ذريعي عالمگير انساني قدرن جي بهترين اصولن جي
تبليغ ڪري رهيو هو، ۽ نئين طرف سنڌ ۾ ادبي ۽ سياسي
بيداريءَ جا ڪارڻ پيدا ڪري رهيو هو. وطن
دوستيءَ واري جذبي وچان هن ’جپاني گڏي‘، ’1857ع واري
آزادي جي جنگ‘ ۽
’غازي انور پاشا‘ جهڙا معياري
ناول لکيا جن پڙهندڙن جي ذهنن ۾ قومي غيرت ۽
آزاديءَ لاءِ جذبو جاڳايو.
(ث) انهيءَ زماني ۾ هن، ’لطيف پبليڪيشن‘
جي نالي سان هڪ ادارو قائم ڪيو. ڏيپلائي صاحب جو
ڪمال اهو هو جو هو ساڳئي وقت ايترا سارا ادارا
هلائي رهيو هو، ۽ هرهڪ اداري طرفان ڪيترائي ڪتاب،
باقاعدگيءَ سان لکندو
به رهيو ۽ اُنهن کي ڇپائيندو به رهيو. اهڙي ذهن
وارو ’زود نويس‘
۽ ’بسيار نويس‘،
اديب ۽ نقاد شايد ئي ڪو ٻيو هجي.
ڏيپلائي صاحب جا ويجها دوست ۽ اديب چوندا آهن ته
هُو ايتري قدر ته زود نويس
هو، جو
هڪ اسٽيشن کان ٻيءَ اسٽيشن تائين، هڪ
ناول لکي وٺندو هو. شمشيرالحيدريءَ چواڻي ته:
”کيس قليچ دوران چئجي يا علامه راشدالخيريءَ جو
مثال، ڪيتروئي هُل بکيڙو ڇو نه هجي، ڏيپلائي
صاحب جي خيالن ۾ ڪو رولو نه پوندو، کانئس
قلم ۽ ڪاغذ کسي وٺو، هُو اوهان کي پنهنجيءَ لکيت
جو ثبوت ضرور ڏيندو. هو بنا لکي، لکيو
پڙهڻ، سان اوهان کي يقين ڏياري سگهي ٿو ته هُو هڪ
مرتبو پنهنجي سوچي ورتل مضمون کي بروقت ڪاغذ تي
درج ڪرڻ جو محتاج نه آهي. ڪيترائي مرتبا هو وڏين
وڏين اسٽيجن
تي پنهنجا لکيل ڊگها سارا مقالا ۽ ناٽڪ پڙهي چڪو
آهي، ۽ پوءِ پتو پيو آهي ته سمورا ڪاغذ ڪورا هئا،
جن کي اُٿلائي
پٿلائيپڙهي
رهيو هو.! اهڙيءَ خصوصيت وارو اديب، مون دنيا ۾
ڪنهن به ڪانفرنس ۽ سيمينار
۾ ڪونه ڏٺو.“
(ج) ’نور توحيد‘ ڪتاب جي پيش لفظ ۾، محترم محمد
علي ڏيپلائي لکي ٿو:
”شمشيرالحيدري لکي ٿو ته سڀ کان وڏي خصوصيت جيڪا
ڏيپلائي صاحب کي سنڌي جي مڙني شخصيتن تي امتياز ۽
فوقيت بخشي ٿي، سا
آهي سندس پيريءَ مرشديءَ خلاف بغاوت ۽ مسلسل جهاد.“
(ص 17)
حقيقت ۾، محمد علي ڏيپلائي صاحب خود ڄاڻي
ٿو ته ڏيپلائي صاحب انهن پيرن ۽ مرشدن جي خلاف
ڪجهه به نه لکيو، جن پنهنجيءَ زندگيءَ ۾، انسان
ذات جي بي انتها خذمت ڪئي. هن اهڙن پيرن ۽ مرشدن
جي ته تعريف ۾ ئي لکيو هو. مثال طور پنهنجي ناول
’سانگهڙ‘ ۾ هن، پير سائين پاڳاري، پير صبغت
الله شاهه راشديءَ کي شخصيت، وطن دوستيءَ وطن
پرستيءَ ۽ انسان دوستيءَ جا
سهڻن لفظن ۾ ڳڻ ڳڻايا آهن.
اهڙيءَ طرح ڏيپلائي صاحب، اسماعيلي عقيدي
مرشد ۽ امام سلطان محمد شاهه، آغا خان ٽئين جي
1957ع ۾ وفات وقت، هن
بزرگ جي، ننڍي کنڊ
جي هر طبقي، هر قوم ۽ هر ذات جي ماڻهن جي ڪيل
علمي، ادبي، ثقافتي ۽ سياسي توڙي سماجي خذمتن ۽
انسان دوستيءَ جي جذبي خاطر ۽ سندن جاءِ نشين،
شاهه ڪريم الحسيني، آغا خان چوٿين جي ساراهه ۾،
انسان رسالي جو آغا خان نمبر ڪڍيو، ۽ اُن نمبر جي
سر ورق تي،
شاهه ڪريم الحسينيءَ جي تصوير به ڇاپي ۽ تعريفي
ڪلمات به لکيا. انهيءَ کان اڳ 1950ع ۾ هفته وار
عبرت جي ڪور تي سر سلطان آغا خان جي تصوير به
ڏنائين.
حقيقت ۾ ڏيپلائي صاحب، انهن نقلي پيرن ۽ مرشدن جي
خلاف لکيو، جن
سنڌ جي اٻوجهه ماڻهن کي سندن ڪوڙين ڪرامتن جي
ڳالهين ذريعي ڦريو ۽ گمراهه ڪيو. ڏيپلائي
صاحب، اهڙن پيرن ۽ مرشدن جي انهن ڪوڙين ڪرامتن تان
پردو کنيو آهي. اُن سلسلي ۾ هن ’مرشد جي ڏاڙهي‘، ’مرشد
جي ٽنگ‘، ’مرشد جي
نهن‘ ۽ اهڙا ٻيا ڪيئي ناول لکيا، ۽ اُنهن نقلي
پيرن جي ڪڌن ڪرتوتن
۽ نفرت جهڙن ڪردارن
کي نمايان ڪيو آهي.
’سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم‘ پاران ڇپايل ڪتاب ۾،
ڏيپلائي صاحب جي ڇپيل انٽرويو ۾، صفحي 225 تي،
ڏيپلائي صاحب چيو هو ته:
”جيئن ته مان پيرن جي خلاف هئس، تنهن
ڪري مون حسن بن صباح جي باري ۾ جيڪو ڪجهه غلط سلط
پڙهيو هو، اُن جي بنياد تي هيءُ (گلستان
حسن) ڪتاب لکيم
جيڪو نهايت ئي
گندو ڪتاب هو. مون کي اسماعيلي عالم، هاشم لالوءَ سمجهايو
ته هيءُ ڪتاب
حقيقت تي ٻڌل ناهي
۽ اهڙيون حرڪتون ڪري تون انگريز سامراجين کي فائدو
پهچائي رهيو آهين. مون ساڻس واعدو ڪيو ته آءٌ
انهيءَ ڪتاب کي ٻيهر شايع نه ڪندس.
بيگم الانا (پيار علي الانا جي والده) ........
جيڪا اُن وقت اسيمبليءَ جي ميمبر هئي، تنهن
انهيءَ تي سخت احتجاج ڪيو ۽ پابندي وجهڙائي.“
(ص 225)
(ح) ناولن کان سواءِ ڏيپلائي صاحب ڪيترائي ڊراما
پڻ لکيا، اڳ
۾ ڏيپلائي صاحب جي قوم پرست، وطن دوست ۾ انسان
دوست هجڻ جي باري ۾ ذڪر
ڪيو ويو آهي. منهنجي نظر ۾ قوم پرستيءَ ۽ وطن
دوستيءَ جي سلسلي ۾، ڏيپلائي صاحب جي خدمتن کان
وڌيڪ عملي مظاهري جو ٻيو ڪو مثال ملي ئي نٿو سگهي، جنهن
۾ هن پنهنجي هڙان ۽
وڙان، سنڌي ٻوليءَ جي بي مثال خدمت ڪئي.
سال 1958ع ۾، جنرل ايوب خان طرفان مارشل لا لڳائڻ
کان پوءِ فوراً ڪيتريون
ئي ڪميشنونجوڙيون
ويون، اُنهن
مان هڪ ڪميشن ’نئشنل ايجوڪيشن ڪميشن‘ هئي.
هن ڪميشن کي پاڪستان ۾ تعليمي سڌارا آڻڻ لاءِ
سفارشون ڪرڻيون هيون، هن
ڪميشن کي عام طور شريف ڪميشن، به چوندا آهن. هن
ڪميشن طرفان پاڪستان ۾ ذريعه تعليم لاءِ پنهنجين
سفارشن ۾ ڄاڻايو ته ’سڄي ملڪ ۾ اردو ٻوليءَ کي
تعليم جو ذريعو بنايو وڃي. اُن سلسلي ۾ ملڪ ۾
تعليم جو يڪسان طريقو رائج ڪرڻ لاءِ، هن ڪميشن،
سنڌي ٻوليءَ کي آئنده صرف ڪلاس ٽئين تائين تعليم
جو ذريعو مقرر ڪري، اُن جي پراڻي حيثيت، يعني بي-
اي تائين تعليم جو ذريعو هئڻ واري حيثيت ختم ڪئي
وڃي. ايوب خان جي حڪومت، شريف ڪميشن جي اها سفارش
منظور ڪري، اهڙا احڪام جاري ڪيا.
ايوب خان سرڪار جي انهيءَ فيصلي تي سنڌ ۾ باهه ٻري
وَئي. هر ڳوٺ، ۽ هر شهر جا ماڻهو، سنڌي ٻوليءَ جي
بچاء ۽ بقا لاءِ روڊن تي نڪري آيا. انهيءَ سلسلي ۾
حيدرآباد ۾، سنڌ جي نمائنده اديبن ۽ شاعرن جي
گڏجاڻي ٿي، انهيءَ
گڏجاڻيءَ ۾، مخدوم امير احمد جي صدارت هيٺ سنڌي
ٻوليءَ کي بچائڻ ۽ اُن سلسلي ۾ تحريڪ هلائڻ لاءِ
’سنڌي زبان سوسائٽي‘ قائم
ڪئي وَئي. اُن تحريڪ هلائڻ لاءِ، سوسائٽيءَ طرفان
پنج رڪني ڪميٽي جوڙي وَئي. اُنهيءَ ڪميٽيءَ جا
ميمبر هئا: مخدوم امير احمد، چيئرمن، مسٽر محمد ميمڻ (ڪارو)
وڪيل ميمبر، سيد سردار علي شاهه، ميمبر ۽ مولانا
غلام محمد گرامي ميمبر ۽ سوسائٽيءَ جو سيڪريٽري،
مرحوم مقبول ڀٽي. ٻن ميٽنگن کان پوءِ، اُن وقت
نوجوان ڪارڪنن جي زور ڀرڻ تي، مقبول ڀٽي صاحب کان
استعيفا
وٺي، مون کي (ڊاڪٽر غلام علي الانا) سيڪريٽري
چونڊيو ويو. هن
ڪميٽيءَ طرفان هلچل هلائڻ لاءِ ٻين پروگرامن سان
گڏ، سڄيءَ سنڌ ۾ جاڳرتا آڻڻ ۽ حڪومت کي پنهنجي
فيصلي واپس وٺڻ لاءِ، سڄيءَ سنڌ مان روزانه هزارن جي تعداد
۾ پوسٽ رڪارڊ ۽ ٽيليگرام موڪلڻ جو سلسلو شروع ڪيو
ويو. انهيءَ فيصلي تي عملي قدم کڻڻ لاءِ نوجوانن
جو هڪ گروهه تيار ٿيو، جن سڄيءَ سنڌ ۾ پنهنجا
ڪارڪن مقرر ڪيا، اُنهن
نوجوانن ۾، محترم محمد علي ڏيپلائي، جمال رند،
سڪندر عباسي، مير محمد قريشي ۽ ڪي ٻيا به ساٿي هئا
جن جا نالا هاڻي مون کي ياد نه آهن.
اسان جي ٽيم ٽنڊي محمد کان چندي
وٺڻ جو
سلسلو شروع ڪيو. ماڻهن دل کولي چندو ڏنو، ان چندي
مان روزانه
هزارين پوسٽ ڪارڊ خريد ڪيا ويندا هئا ۽ ٽيليگرام
موڪلڻ شروع ڪيا ويا. پوسٽ ڪارڊن وارو مضمون
شمشيرالحيدريءَ لکيو ۽ مرحوم ڏيپلائي صاحب،
پنهنجيءَ پريس مان، پنهنجا ڇپجندڙ سڀ ڪتاب روڪائي،
ڪارڊن جي ڇپائيءَ جو فيصلو ڪيو. مرحوم ڏيپلائي
صاحب، مهيني کن تائين، انهن ڪارڊن جي ڇپائي جاري
رکي پر اُن لاءِ قومي قربانيءَ خاطر هڪ پئسو به نه
ورتائين، منهنجي
خيال ۾ هڪ غريب صحافي ۽ اُڌارا پئسا وٺي ڪتاب
ڇاپيندڙ اديب، پنهنجي ٻوليءَ لاءِ هن کان وڌيڪ ٻي
ڪهڙي قرباني ڏيئي سگهي ٿو!
6- ’سانگهڙ‘ ناول
جي باري ۾ راءِ:
(الف) منهنجو مقالو ڪافي ڊگهو ٿي ويو آهي پر
چاهيان ٿو ته ڏيپلائي صاحب جي ناول ’سانگهڙ‘ جي
باري ۾ ڪجهه ضرور لکان. ڏيپلائي صاحب پاڻ پنهنجي
ناول جي باري ۾ پنهنجي انٽرويو ۾ فرمايو آهي:
”هيءُ ناول
حرتحريڪ ۽ پير صبغت
الله شاهه راشديءَ، پير پاڳاري جي باري ۾ آهي.
هيءُ حقيقتن تي مبني ناول آهي، پر مون اُن کي
دلچسپ بنائڻ لاءِ افسانوي انداز ۾ لکيو آهي. عورتن
جا ورتل انٽرويو مون کي وليداد نالي هڪ شخص کان
حاصل ٿيا، پر حر مردن جا انٽرويو حاصل نه ٿي
سگهيا، ليڪن 1961ع ۾، حيدرآباد ۾ مون سان گڏ ڪجهه حُر قيدي
هئا، مون
اُنهن سان تفصيلي
گفتگو ڪري حقيقتون قلمبند ڪيون. انگريز ڪمشنر
لئمبرڪ، حر تحريڪ جي باري ۾ ’دي ٽيررسٽ‘
عنوان سان، انگريزيءَ ۾ هڪ ڪتاب لکيو هو، ليڪن
هو انهيءَ تحريڪ کي سمجهي نه سگهيو هو. انگريز حرن
کي صرف ڌاڙيل سمجهندا هئا، جڏهن ته اُهي انگريز
سامراج جي بالادستيءَ خلاف ۽ سنڌ جي آزاديءَ لاءِ
وڙهي رهيا هئا. مون پنهنجي ناول ۾ انهيءَ حريت
پسنديءَ جي عنصر کي اُجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.“
(ب) ڏيپلائي صاحب جو هيءُ
ناول، سنڌ جي ديس واسين جي انگريزن جي خلاف
سرفروشيءَ جي هڪ تاريخ آهي، جنهن
۾ سنڌ جي جان نثار
حر مجاهدن سان گڏ سندن جان نثار عورتن پڻ پنهنجيءَ
همت ۽ بهادريءَ جو مظاهر ڪيو هو. اهڙي قسم جي سر
فروشيءَ جو تصور، مغرب جي
سڌريل ۽ تعليم يافته عورتن ۾ به ڪري نٿو سگهجي،
جهڙيءَ سرفروشيءَ جو مثال حر
مجاهدن ۽ سندن عورتن پيش ڪيو هو. حرمجاهدن جي
انهيءَ مزاحمتي تحريڪ ۾ جاسوسيءَ جو به هڪ منظم
’نيٽ ورڪ‘ موجود هو، جنهن ۾ عورتن قابلِ ذڪر
۽ اهم ڪردار ادا ڪيو هو. انهن عورتن جي اهڙيءَ
ڪارڪردگيءَ جو تفصيلي ذڪر هن ناول ۾ جاء بجاء نظر
اچي ٿو.
(ت) هيءُ هڪ سماجي، انقلابي، تاريخ ۽ نظرياتي ناول
آهي. فني لحاظ کان به هيءُ هڪ سٺو ناول چئي سگهجي
ٿو. هيءُ ناول، سنڌ جي انهيءَ زبردست انقلابي هلچل
۽ حالتن تي مشتمل آهي جيڪي 1938ع
کان وٺي 1947ع تائين نهايت ئي زور ۽ شور سان هلندڙ
هيون.
هن تحريڪ ۾ انگريزن ۽ سندن ڇاڙتن طرفان ويهارو
هزار سنڌي مجاهد شهيد ڪيا ويا، هڪ لک کن قيدي
ٿيا،
پنج لک کن
دربدر ٿيا ۽
هڪ ارب روپين کان به وڌيڪ قيمتن جون
سندن ملڪيتون لُٽيون
ويون.
بهادر سنڌي مجاهدن، انهيءَ جي جواب ۾ ’وطن يا ڪفن‘
جو نعرو لڳائي، انگريزن جي فوج ۽ پوليس جا هزارين
ماڻهو ماريا ۽ ڪافي مالِ غنيمت
هٿ ڪيو. هن ناول ۾ ڏيپلائي صاحب، انگريزن جي دور
جي پوين ڏهن سالن جي حڪومت جو نقشو چٽيو آهي ۽
معلوم ٿو ٿئي ته انگريزن جي راڄ جي پوئين عرصي ۾
وڏي افراتفري، وحشانيت
۽ انڌيرنگري هئي.
هن ناول ۾ ڏيپلائي صاحب، لڙڪ ۽ مرڪ، ٽهڪ ۽ چهڪ،
حيرت ۽ عبرت، غم ۽ غصي، جوش ۽ جذبي، محبت ۽ وحشت،
عقل ۽ عشق، حب الوطني ۽ غداريءَ جا عجيب و غريب
نظارا چٽيا آهن.
حاصل مطلب ته ڏيپلائي صاحب جهڙي امر اديب ۽ مفڪر
جي هر ناول جو جائزو وٺي، هن بزرگ اديب جي ادبي
معيار کي نئين سر پرکڻ جي ضرورت آهي. اهو تحقيقي ۽
تنقيدي ڪم ڪير ڪندو، اهو هڪ اهم سوال آهي، جنهن
جو جواب مون وٽ نه آهي.
حوالا
1- الانا،
غلام علي، ڊاڪٽر: سنڌي نثر جي تاريخ، حيدرآباد:
زيب ادبي مدڪز،
2- تاج
جويو؛ 2003ع، انسان دوست اديب ۽ بيباڪ صحافي: محمد
عثمان ڏيپلائي، حيدرآباد: سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم، ص،
ص 25- 48، ص 225، 230، 231، 483، 485 ۽ 485
3- خادم
حسين چانڊيو: 2005- 2004ع، ماروجي ملير جا،
حيدرآباد: گنج بخش ڪتاب گهر، ص ص 635- 637
4- نورافروز،
ڊاڪٽر: 2010ع، ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ناول جي اوسر،
ڪراچي: شيخ شوڪت علي ائنڊ سنز، ص ص 427- 432.
جمال ابڙو
ڏيپلائي
هڪ املهه انسان
اڄڪلهه جا نوجوان ليکڪ، بلڪ پختا ليکڪ به دانهن ٿا
ڪن ته کين سهولتون ميسر ناهن، کين معاوضو نٿو ملي،
سندن رڌڻو نٿو هلي. کين مڃتا ڪانه ٿي ملي، سندن
لکڻين کي نه ڪوئي پرنٽر ٿو ملي، نه پبلشر، نه
ڊسٽريبوٽر. جي هڙان وڙان خرچ ڪري ڪتاب ڇپايون ته
ڍڳ لڳا گهر ۾ پيا آهن، ڪو مفت ۾ کڻڻ وارو ڪونهي،
ائين هو هٿرادو محرومين جا دفتر کولي ويهي ٿا رهن.
شڪوه شڪايت جا انبار، الائي ڪهڙا ڪهڙا روئڻا پيا
روئن، ڪُڇي ڪير؟
ڪير چوي ته ڀائو! هي سُور ته سکائون آهن، جي جهولي
پائي جهلڻا آهن. جي مٺائيءَ کي ڪڙائي ٿا سمجهو ته
هن پِڙ ۾ پير ڇو ٿا پايو؟ هت ته رڳو آهن ڪنڊا ئي
ڪنڊا.
ڪنڊا مون پيرن ۾ توڻي لک لڳن،
آڱر آڱوٺي نه مري، ڇِپون پيرَ ڇِنن،
ويندي ڏانهن پرين، جتي جات نه پائيان!
جبل ماري جک، جو آڏو آريجن کي،
توڻي لڪن لک، سڀ لنگهينديس سڪ سين!
لطيف سائينءَ جي اهڙن سبقن کان پوءِ، باقي ڪجهه
چوڻ جي نه ضرورت آهي، نه گنجائش، ته پوءِ جواب به
لطيف سائينءَ جو ٻڌي ڇڏيو ته:
لڳي جن لوري، ڏونگر سي ڏورينديون.
سڀ ننگيون ٿي نڪرو، لالچ ڇڏي لوڀ،
لڪن ساڻ لطيف چئي منڌ جهيڙي ۽ جهري.
لڪن لوساٽي، سا سيج چڙهندي سسئي.
هاڻي لطيف سائينءَ جي هن ڪسوٽيءَ تي محمد عثمان
ڏيپلائيءَ کي پرکيو، نج سون جيان جرڪا ڏئي ظاهر
ٿيندو. ٿر جي واريءَ جي ڀٽن مان هڪ ڏورانهن ڳوٺ
ڏيپلي مان، هڪ نينگر سنڌيءَ جا ست درجا پڙهي،
ڳاڙهي گل جيان ڦٽي نڪري ٿو. کيس نه آفيسري حاصل
ڪرڻ جي محرومي آهي، نه اڇا ڪپڙا پهرڻ جي، نه
يونيورسٽيءَ جي ڪئنٽين تي ڪنهن سهڻيءَ ڇوڪري سان
ويهي چانهه پيئڻ ۽ پيسٽري کائڻ جي، نه ڊگرين حاصل
ڪرڻ جي، نه بنگلي ۾ رهڻ ۽ ڪار ۾ گهمڻ جي. انهن
سڀني لوازمات نه هجڻ جي باوجود هو نه اڻڄاڻ آهي،
نه اڪيلو آهي، نه ڪو وري ڪي آڏا ترڇا لڪ هن کي
روڪين ٿا يا رنڊڪ وجهن ٿا: ڇاڪاڻ ته هن وٽ وڏو
مطالعو، ’سُور پريان جا ساڻ مون‘ آهي، اهڙو ملهه
ماڻهو اڄاڻ ۽ اڪيلو ته ناهي، پر سُورن کي سڏي پيو.
کيس لوري آهي ته ماروئڙن جي، جهانگيئڙن جي پورهيتن
۽ هارين نارين جي، پيو سئن هڻي ته: ’مرڻ مون سين
آءٌ، ته پُٺيءَ تو پنڌ ڪريان‘، ’ڏکي، ڏک وسار، سيج
ڦٽي ڪر سسئي‘؛ ڏک، ڏکيءَ ڏڍ؛ ’موٽي مران نه ماءُ،
موٽڻ کان اڳي مران.‘ سندس اها سڌ پوري ٿي. عمر جي
آخري گهڙيءَ تائين جهيڙيندو آيو، ماٺ ڪري نه ويٺو،
پونيرن ۾ به اها لاٽ ٻاري ويو، سندس اولاد (پُٽ ۽
نياڻيون) به ورچي ڪونه ويٺا آهن.
شاهه سائين جنهن کي سُور يا لوري ٿو چوي، سو آهي:
مقصد ۽ جذبو. جن وٽ اها وٿ ڪانهي، سي ڀلي ويهي
روئن يا رستن تي بيهي رڙيون ڪن.
ڏيپلائي صاحب، سُور سُکائون ڪري جهليا، جن کيس
جذبو به ڏنو، مقصد به ڏنو ته امنگ به ڏنو. هو
پنهنجيءَ جند ۾ انجمن بڻجي ويو. جهڙوڪر ڪرشمو،
ليکڪ به پاڻ، پرنٽر به پاڻ، پبلشر به پاڻ ۽
ڊسٽريبيوٽر به پاڻ. ڊسٽريبيوٽر به اهڙو انوکو، جو
سنڌ ۾ شايد ئي ڪو اهڙو گهر هجي، جنهن ۾ ڏيپلائي
صاحب جا ڪتاب يا لکڻيون نه هجن. اهڙيون ڪرشمه ساز
هستيون قومن کي جيئاري وينديون آهن.
جنين منهن مڻي، آءٌ نه جيئندي ان ري. (شاهه)
(ماهوار ’سوجهرو‘ اپريل 2002ع)
(2)
... ڏيپلائي صاحب عجيب ڀل مانسيءَ جو پتلو هو.
تمام مذهبي ۽ پڪو مسلمان هوندي به جيئن ته هن جي
دل ۾ غريب عوام لاءِ ڀرپور همدردي هئي ۽ هاري ۽
پورهيت جو ڀلو چاهيائين ٿي، هو نيڪ نيتيءَ ۽ پوري
اخلاص سان کاٻي ڌرجي عوامي تحريڪن جو حامي بڻجي
ويو. طعنا مهڻا به مليس، پر هيءُ مرد مجاهد
لاپرواهي ۽ لاغرضيءَ سان نروار ٿي بيهي رهيو، ۽
سرڪاري عتاب ۽ مالي نقصان جي پرواهه به نه ڪيائين.
ڏيپلائي صاحب جو هڪ واقعو ياد ٿو اچيم، جيڪو
ڏيپلائي صاحب جي سچائيءَ، مخلصيءَ، دليريءَ ۽ بي
نيازيءَ جو لکت ۾ اڻمٽ ثبوت آهي. هي اسان جي عوامي
سياسي تحريڪ جون لڪل ۽ ڳجهيون ڳالهيون آهن، پر
ورهيه لنگهي ويا آهن، هاڻ ڪوڀؤ ڀولو نه آهي.
ڪامريڊ عبدالقادر کوکر ۽ حيدربخش جتوئي ’پارٽيءَ‘
جا تمام مخلص ۽ متحرڪ ڪارڪن هئا، جن پنهنجي سڄي
حياتي، ڪيريئر ۽ دنياوي ويجهه کي قربان ڪري پاڻ کي
هارين جي حقن حاصل ڪرڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏيو هو.
ٿيو ائين جو جتوئي جيل ۾ بند ٿي ويو. ڪامريڊ
عبدالقادر وري رڄ چڱو مڙس، نرم مزاج ۽ اختلاف راءِ
کي ريٽڻ وارو ماڻهو. انهيءَ صورت حال جو فائدو
وٺي، هاري پارٽيءَ جي ڪن جوشيلن، حقيقت ۾ پاڻ
هُرتڙن، پارٽيءَ اندر ڏنڊا انقلاب ذريعي اٿل پٿل
آڻي قبضو ڪري ڇڏيو ۽ حيدربخش جتوئيءَ ۽ ڪامريڊ
عبدالقادر کي نظرانداز ڪري، پنهنجا من پسند صدر،
جنرل سيڪريٽري ۽ ٻيا عهديدار چونڊي بالم ٿي ويهي
رهيا. مولوي
نذير حسين جتوئي به ساڻن شامل هو ۽ عهدو به قبول
ڪيو هئائين.
پارٽيءَ فيصلو ڪيو ته انهيءَ صورتحال جو ٽوڙ ڪيو
وڃي. انهيءَ ڪم لاءِ تاج محمد ابڙي ۽ مون کي
ذميواري سونپي وئي. پتو ئي نه پوي ته ڇا ڪجي. هنن
يارن ڇا ڪيو هو، جو اخبارن ۾ خبرون ڇپائي، پاڻ
عهدن تي قابض ٿي ويهي رهيا. تاج محمد ابڙو تمام
ذهين ماڻهو هو، سو حل ڪڍي آيو. چيائين ته هاري
ڪميٽيءَ جي ميٽنگ ۽ ڪاروائيءَ جا من پسند فيصلا
لکي ’هاري حقدار‘ ۾ ڇپائي ٿا ڇڏيون! انهيءَ جڙتو
ميٽنگ جي ڪاروائي، بحث مباحثا ۽ سوال جواب اهڙي
نموني لکياسون، جو سود پود سچ ٿي لڳو. ’هاري
حقدار‘ جو پرچو ڇپائڻ لاءِ حيدرآباد هاري آفيس
وڃڻو هو. ڏهه پندرهن روپيا مون کي ۽ پندرهن روپيا
تاج محمد ابڙي کي، ريل جي ٿرڊ ڪلاس گاڏيءَ ۾ چڙهي
پياسون.......
...... مان ۽ تاج ٻئي ڏينهن جي حڪمت عملي جوڙڻ ۾
لڳي وياسون. تاج محمد ابڙو چوي ته ڪو مسئلو ئي
ڪونهي، سڀاڻي هلنداسون هاري حقدار پريس، اُتي
فلاڻا فلاڻا منهنجا واقف آهن، بس، مواد ڪمپوز ڪري
هڪ ڏينهن ۾ پرچو ڪڍي ڏيندا. تاج محمد ابڙو ڏاڍو
خوش فهم ماڻهو هو. تاج محمد ڇا، هر ڪميونسٽ اهڙو
هوندو هو!
.... صبح جو تاج محمد ۽ مان نيراني نڪري پياسون.
ڀيڙيوسين پنڌ کي، اچي گاڏي کاتي ۾ هاري حقدار پريس
تي پهتاسون. پريس کي تالو لڳو پيو هو. ٻڌايائون ته
گورنمينٽ بندش وجهي ڇڏي آهي، سو نالو به نه
کڻو!.... پرچو ڪڍڻ ضروري هو.... مون کي محترم
ڏيپلائي سُجهي آيو. انهيءَ جي پريس به کوکر محلي ۾
هئي، جتان عبرت اخبار ڪڍندو هو. واٽ ويندي تاج
محمد ڪجهه نااُميدي مان چيو ته ”انهيءَ ملان مان
ڇا ورندو!“
الائي ڇو، منهنجي دل ۾ يقين هو ته ڪم ٿيندو ته
ڏيپلائيءَ مان، نه ته به صحيح دڳ لائيندو....
ڏيپلائي صاحب مرحوم، الله سائين جنت ۾ جايون ڏئيس،
سڌو سنئون، پر خلوص، هڏڏوکي، غريبن جو همدرد،
چڱائيءَ جو پتلو ۽ وڏي ڳالهه ته عوام جي ڀلي خاطر
پنهنجو نقصان سهڻ وارو ماڻهو هو. وضع دار به هو،
يعني ڊاج ڏيڻ، اندرين هڻڻ وارو ماڻهو نه هو. عام
زبان ۾ چوندا آهن گشو هڻڻ ۽ راهه تان ٿيڙڻ،
ڏيپلائي صاحب ۾ اهڙي بوءِ به ڪانه هئي. جهڙو اندر
تهڙو ٻاهر.
.... جڏهن احوال ٻڌايو سونس ۽ مدد لاءِ چيوسونس ته
بنا لِلي چپيءَ جي صاف انڪار ڪيائين. چي: اهو بلڪل
غيرقانوني ڪم آهي. اخبار رڳو اُتي ڇپجي سگهي ٿي،
جتان سرڪاري طرح ڇپائي پڌري ڪئي وڃي. تاج محمد مون
ڏانهن منهن ڪري چيو ”ابا ٻڌئي؟“ پر مون آسرو ڪونه
لاٿو، مون کي ڏيپلائي صاحب جي چڱائيءَ تي پورو
پورو ويساهه هو. چيومانس ڏيپلائي صاحب ڪا واٽ ڪڍي
ڏيو. گنڀير ٿي چيائين ته: ”توهان کي اها به خبر
ڪانهي ته هاري حقدار پريس توڙي هاري حقدار اخبار
تي بندش پيل آهي! اول ته اها بندش لهرايو، پوءِ
ڇپائيءَ جي ڳالهه ڪريو....“
تاج محمد بي دليو ٿي ويو. چيائين: ”ٺِڪر ملان مان
ڇا ورندو، اسان کي پِٽائي ويو!“ ڏيپلائي صاحب جهڙي
مخلص ماڻهوءَ لاءِ اهڙا لفظ مون کي نامناسب
لڳا.....
.....مون کي خبر هئي ته اي.ڊي هو
نذر محمد ٽڳڙ، جو تمام يار ويس ۽ فيض وارو
تجربيڪار ۽ قابل آفيسر هو..... چيائين بندش ته
ڪونه لاهيندس، پر رڳو هڪڙو پرچو ڪڍڻ ڏيندس، سو به
بندش پوڻ واري تاريخ کان هڪ ٻه ڏينهن اڳ واري
تاريخ ۾، پر حڪومت خلاف ڪجهه به نه لکندؤ..... ٽڳڙ
صاحب دير ئي ڪانه ڪئي، ڪلارڪ گهرائي هڪ ۽ آخري
پرچو ڪڍڻ جو اجازت نامو ٽائيپ ڪرائي، صحيح ڪري،
مهر هڻي ڏنائين.... پوءِ آياسين ڏيپلائي صاحب وٽ،
کيس اجازت نامو ڏيکاريوسين..... پر اخبار ڇپڻ کان
صاف انڪار ڪيائين. چي: قاعدو آهي ته اخبار رڳو
اُتي ڇپبي، جتان شايع ٿئي ٿي..... منٿ ڪئي سونس ته
ڪو ڳٿو ڪڍ! اُٿيو، وڃي ’هاري حقدار‘ جو پرچو کڻي
آيو. پوءِ وري انهيءَ ماپ ۾ رنگ جو خالي پنو کڻي
آيو، چيائين هن خالي پني تي هاري حقدار اخبار جي
ڪنهن به سب ايڊيٽر، ڪمپوزر، يا ڪارندي کان لکرائي
اچو ته هي پرچو هاري حقدار پريس ۾ ڇاپيو ويو. اهو
ڪم ڪري اچو ته پوءِ مان ٿو اخبار ڇاپي ڏيانوَ!
... اسان ڍڪ ٻه آرام ڪري، گهربل ماڻهوءَ جي گهر
پهتاسون. چمڪندڙ اکين سان وڏي اُڪير سان اچي تاج
محمد سان مليو..... ڇوڪين، نيٺ ته پارٽيءَ جو
ڪارڪن هو..... خالي پني تي اُتي ئي لکي ڏيڻ لاءِ
تيار هو. چيوسونس ته بهتر اهو آهي ته ڏيپلائي صاحب
جي روبرو لکي ڏئي.
ٻئي ڏينهن عبرت آفيس پهتاسون ته اهو شخص اڳي ئي
ويٺو هو. ڏيپلائي صاحب هن کان خالي پرچي تي لکائي
ورتو ته هي پرچو هاري حقدار پريس مان ڇپائي پڌرو
ڪيو ويو.
واهه ڏيپلائي صاحب واهه! دڳ به لاتائين، قانوني
تحفظ به ڏنائين ۽ ڪم جو ذمو به کنيائين، محض انسان
دوستيءَ خاطر. چيائين ته شام تائين جيترا پرچا چئو
ڪڍي ڏيانوَ. چيوسون، پنج سئو، چيائين هيترا پئسا
لڳندا. پئسا ته اسان وٽ هئا ڪونه، سو مون ۽ تاج
محمد صلاح ڪري چيو ته ٻه سؤ پرچا. ڏيپلائي صاحب
چيو ته ڪو خاص فرق ڪونه پوندو. توهان کان رڳو پني
جا پئسا ٿو وٺان. مزدوري ۽ منافعو ڪونه ٿو وٺان.
هڪڙو ته ڏيپلائي ٻيو ميمڻ، سو ائين چوي. تعجب خيز
ڳالهه هئي. پر محترم محمد عثمان ڏيپلائي جي متي ۽
ضمير بلڪل مختلف هئا..... ڏيپلائي صاحب جي صدقي،
سستي ۾ ڇٽاسون!
(جمال ابڙي صاحب جي ’آتم ڪٿا‘ تان ورتل) |