ڊاڪٽر حميده کهڙو
ڏيپلائي- منهنجو
استاد
اهو صحيح آهي ته منهنجي ڏيپلائي صاحب سان ڪڏهن
ملاقات نه ٿي سگهي، پر تنهن هوندي به آءٌ چئي
سگهان ٿي ته آءٌ پاڻ کي ڏيپلائي جنريشن مان سمجهان
ٿي. اها جنريشن، جيڪا ڏيپلائي صاحب کان تمام گهڻي
متاثر ٿي.
اسان جي وقت ۾ ٽي درجا سنڌي پڙهڻ کان پوءِ
انگريزيءَ ۾ تعليم شروع ٿيندي هئي، سو مون به ٽي
درجا سنڌي ڪراچيءَ ۾ پڙهيا. اهي ڏيپلائي صاحب جا
ڪتاب هئا، جن اسان کي نه صرف سنڌي سيکاري، بلڪ
تاريخ پڻ پڙهائي ۽ اسلامي دنيا جو نظارو ڏيکاريو.
مان ته ائين به چونديس ته اڄ جو آءٌ تاريخدان بني
آهيان، سو به ڏيپلائي صاحب جي ڪتابن پڙهڻ ڪري! اهي
ڏيپلائي صاحب جا تاريخي ناول هئا، جن جي ڪري مون
کي تاريخ ۾ دلچسپي پيدا ٿي. سندس ڪتابن جو مطالعو
اسان لاءِ تمام وڏو تعليمي ۽ تربيتي عمل(Educative
Process) هو.
سندس ڪتاب تمام دلچسپ هوندا هئا. اسان ۾ ان وقت
تنقيدي صلاحيت ڪانه هئي، تنهنڪري مان اهو ته چئي
نه ٿي سگهان ته انهن ڪتابن جي سنڌي اعليٰ هئي يا
نه، پر اهو ضرور چونديس ته اسان انهن لکڻين جو هڪ
هڪ لفظ تمام شوق سان پڙهندا هئاسون. اتا ترڪ، انور
پاشا، نورِ توحيد، ڏاهري رنگ محل. هر قسم جا هر
موضوع تي ناول، اسان انهن جو ڏاڍي شوق سان انتظار
ڪندا هئاسون؛ تنهنڪري مان چئي سگهان ٿي ته مان ۽
منهنجي عمر جا گهڻائي سنڌي، انهيءَ تعليمي عمل مان
گذرياسون.
انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته پاڪستان موومينٽ هڪ
ليول تي ته سياستدان وڙهي رهيا هئا، ڪانفرنسن ۾
ميٽنگن ذريعي، پر اهو ڏيپلائي هو جنهن انهيءَ
تحريڪ کي عوام ۾ ايئن مقبول ڪيو هو، جو هر هڪ
نوجوان، هر هڪ ٻار، هرهڪ گهر انهيءَ کان متاثر
ٿيو. ڏيپلائيءَ جون لکڻيون هڪ دريءَ مثل هيون،
جنهن مان هنن دنيا کي ٿئي ڏٺو، جنهنڪري هنن ۾ جذبو
پيدا ٿيو ۽ سنڌ ۾ پاڪستان تحريڪ لاءِ هيڏي وڏي
تائيد پيدا ٿي.
مون کي انهيءَ ڳالهه جو بلڪل افسوس آهي، جو منهنجي
نظر ۾ ڏيپلائي صاحب لاءِ هيءَ (وڏي پئماني تي)
پهرين تقريب ٿي آهي. پاڪستان ٺهڻ کان پنجاهه سال
پوءِ، حالانڪ اسان سندس ڪتاب پاڪستان ٺهڻ کان گهڻو
اڳ پڙهندا هئاسون.
اها سنڌين جي گهڻين ڪوتاهين مان هڪ وڏي ڪوتاهي
آهي، جو پنهنجي وڏن ماڻهن، اديبن، عالمن ۽ ليڊرن
جو قدر ڪونه ڪندا آهيون. جيڪڏهن محمد علي ڏيپلائي
هيءَ ڪوشش نه ڪري ها ته ڏيپلائي صاحب کي اڃا به
وساري ويٺا هجون ها. اوهان جي مهرباني محمد علي
صاحب، جو اوهان پنهنجو فرض ادا ڪيو ۽ سنڌي قوم کي
ياد ڏياريوَ ته ڏيپلائي صاحب ان تي ڪيترا احسان
ڪيا آهن. هن نه رڳو سنڌي قوم کي سياسي طور اجاگر
ڪيو، پر پنهنجي تعليم، سنڌي زبان پڙهڻ ۽ تاريخ جي
ڄاڻ جو شوق پيدا ڪيو.....
اميد ته هيءُ سلسلو جاري رهندو ۽ ڏيپلائي صاحب کي
هر سال ياد ڪيو ويندو.
(ڏيپلائي صاحب جي ورسي تي 2001ع ۾ ڪيل تقرير)
حميد سنڌي
ڏورڻ گهڻو
ڏاکڙو
يادگيرين جي اَنبوهه
مان ڪي يادگيريون پاڻ ڪڏندي ٽپندي نڪري اينديون
آهن ۽ وڏي لاڏ ڪوڏ سان چونديون آهن ته هاڻ اسان جو
وارو آهي. ڪهڙي يادگيري ماضيءَ جي سُٺن ڏينهن سان
وابسته آهي، جيڪا مون کي هنن ڏنڀن جي ڏينهن کان
ڪجهه گهڙيون پناهه ڏئي سگهي ٿي. اُها منهنجي خاص
چونڊ هوندي آهي جو اُها مون کي سڪون ڏيندڙ به
هوندي آهي ۽ مان لکڻ لڳندو آهيان.
ورهين کان سانڍيل هيءُ ڪچو گهر ۽ سندس پناهه گاهه
اوچي. شايد هيءُ گهر ۽ پناهه گاهه هن شهر جي لاءِ
يادگار اهڃاڻ به آهي ڇو جو اُن ديوار تي هڪ اهڙي
تختي لڳل آهي جنهن تي هڪ تاريخي جملو لکيل آهي:
”اي اکين وارؤ عبرت حاصل ڪريو.“ هيءُ مون اُن وقت
پڙهيو جڏهن مان اڃا ڇوڪراڻي وهي مان ٻاهر نه نڪتو
هئس. وڏڙن سان گڏ پنهنجي سهڻي شهر جي اُنهي رستي
سان لانگهائو ٿيندو هئس جڏهن شام جا پاڇا اُنهي
وڏي جاءِ ۽ پناهه گاهه تي پوندا هئا، مان اُن هنڌ
بيهي اُتي تختي کي تڪيندو هئس. هڪ ڏينهن پنهنجي هڪ
وڏڙي کان پڇي ويٺس ته انهن اکرن جي معنيٰ ڇا آهي،
هن هلندي ٻڌايو ته اتي ڏيپلائي لائبريري آهي، جيڪا
سندس اخبار عبرت جي نالي سڏبي آهي. هُن جملي جي
معنيٰ به ٻڌائي. مان ڪي ڏينهن اُن جملي تي غور
ڪندو رهيس. ڪتابن جي شوق ۾ مان اُن جاءِ ۾ لنگهي
ويس هن ديوار پويان هڪ ڪمرو هو جنهن ۾ ٻه- ٽي ڪٻٽ
ڪتابن جا رکيل هئا، اُتي هڪ نوجوان ويٺو هو، جنهن
ٻڌايو ته ”هيءُ هڪ انقلابي اديب محمد عثمان
ڏيپلائي جي نانءُ ۽ سندس ڪتابن ۽ تحريرن تي مشتمل
لائبريري آهي، جي پڙهين ته ڏيانءِ.“
هن مون کان خرچي وارو آنو ورتو ۽ ڪتاب ڏنائين.
ائين مون کي اُهي ڪتاب پڙهڻ لاءِ مليا جن منهنجي
سوچ ۾ گهرائي ۽ گنڀيرائي آندي، ڪيتريون آنڪيون
ڀريم، اهو ياد نه اٿم پر انقلابي ادب پڙهڻ لاءِ ڪي
آنڪيون به ڀرڻيون پونديون، اها ڄاڻ نه هئم.
اڄ جڏهن ٽڪا ڏئي، ان ڏئي پڙهياسين ته آنڪيون ته
ڀرڻيون هيون، انهن اديبن جيڪي اياز چواڻي: ”پنهنجو
نور نچوئي ويا“ لاءِ سوين ٽڪا ڏجن آنڪيون ڀرجن ته
به ٿورو آهي. هي اديب اُهي هئا جيڪي خاڪشوري جو
پورهيو ڪندي لکڻ پڙهڻ سان جيءُ جڙي ادب جا پيغامبر
بڻيا. سنڌ ڌرتي اڻ ميا اهڙا ليکڪ، مفڪر ۽ دانشور
پيدا ڪيا، جن جي ڏنل خزاني کي سانڍيندي اسان
پونئرن جا وڃي ڪي حال ٿيا آهن. نه اُنهن اسان کي
وڻواند ڇڏيو نه اسين کين ڇڏڻ يا وسارڻ لاءِ تيار
آهيون. ڀلا محمد عثمان ڏيپلائي جهڙن عام ماڻهو مان
نسرندڙ گُل گونچ ڪڍڻ واري هن هستي کي ڪير وساري
سگهي ٿو. يا محمد عثمان ڏيپلائي جي فڪر کي ڪير مات
ڏئي سگهي ٿو. مون ڇوڪراڻي وهي کان ساڻس ۽ سندس
لکڻين سان جيئري ته گڏ گذاريو باقي ’مرڻ ناهي مون
وس‘ يا ’مُئي کان پوءِ سج اُڀري يا نه‘ ڇا چئجي
تنهنڪري ’جيئري جيڪي ڪجهه ڪجاءِ‘ وانگر ڏيپلائي
صاحب جون ڪيتريون ڳالهيون مون مور نه وساريون.
ڏيپلائي صاحب پنهنجي دور جو هڪ ويڙهاڪ ليکڪ هو.
هُو پنهنجي لکڻين وسيلي ڪڏهن پيرن، وڏيرن ۽ راجائن
مهاراجائن سان جنگ جوٽيندي رياستي ڏاڍ ڏمر خلاف
اُٿي بيهي ٿو ته ڪئين ڀيرا جيل ۾ وڃي ٿو. مون هن
کي هڪ جلوس جي قيادت ڪندي ڏٺو. هو مٿي اُگهاڙي
کوکر محلي کان منهنجي وڪالت واري آفيس ۽ زينت پريس
مان ٻين اديبن اديبائن جي رهبري ڪندي نمودار ٿي
اڳتي هلي ٿو ۽ ڪوهه نور سينما وٽان جلوس جي اڳواڻي
ڪندي هومسٽيڊ هال واري چاڙهي چڙهي قلعي جي داخلي
دروازي کان اندر داخل ٿئي ٿو. ساڻس گڏ بيگم زينت
چنا، زرينه بلوچ، تنوير عباسي، پروانو ڀٽي، امداد
حسيني، گرامي ۽ ٻيا سوين اديب گڏ هئا، جيڪي شيخ
اياز، پليجي، رشيد ڀٽي، حفيظ قريشي ۽ ٻين جي آزادي
لاءِ نعرا هڻي رهيا هئا. هي وڏو تاريخي جلوس هو،
جنهن اينٽي ون يونٽ جو اديبن، شاعرن، مفڪرن ۽
دانشورن جو وڏو محاذ کولي وڌو هو. هيءُ جلوس سنڌ
جي عظيم ويڙهاڪ سپہ سالار هوشو جي قبر تي سلامي
ڀري جنگ جوٽڻ جو وچن ڪرڻ آيو هو.
ڏيپلائي صاحب جي طبيعت ۾ هميشه هڪ عجيب جولان
رهيو، جنهن تحت هو سڄي عمر ماٺ ڪري نه ويٺو، سندس
من پسند ڪردار به هڪ سنڌ جو سپوت شهيد اعظم جنهن
سنڌ جي تاريخ جا ڪئين ورق اُٿلائي ڇڏيا، هو جنهن
انگريزن کي ٽوٽا چٻرائي ڇڏيا. ڏيپلائي صاحب هن
بلندپايه ڪردار پير صاحب پاڳاري جي شهادت عظميٰ کي
”سانگهڙ“ ناول ۾ سَون حُر مجاهدن سان سموئي هڪ
تاريخي معرڪو سرانجام ڏنو. مون کي ته ائين لڳندو
آهي ڄڻ ته ڏيپلائي صاحب پاڻ هڪ حُر جيان ميدانِ
جنگ ۾ وڙهي پيو ۽ تاريخ ۾ هو اَمر ٿي ويو آهي.
هيءُ ادبي مجاهد، جڏهن”شيخ المشائخ“ لکي ٿو ته:
سندس ويڙهاڪ جندڙي وَرُ وَرُ جاڳي اُٿي ٿي. هو وري
وري جيل جيل پيو ڪري. مون کيس جيل ويندڙن لاءِ اَڻ
ميو پيار ڏٺو، جڏهن سنڌ يونيورسٽي جي وائيس
چانسيلر حسن علي عبدالرحمان تي ون يونٽي ڪمشنر
واري سرڪار ڏمري هئي، شاگردن جا هڻي مٿا ڦاڙي وڌا
هئائون، ”روح رهاڻ“ ۽ ڏيپلائي صاحب جا رسالا ماٺ
ڪري نه ويٺا هئا. رسول بخش پليجي جي مشهور ڪهاڻي
”اور گولي چل گئي“ ڇپجي چڪي هئي. مٿي چچريل ٻوٿ
سڄيل ڀنڊ وارن سان هي جيئرا ساهه جيڪي واڙيا ويا
هئا تڏهن مان پليجي صاحب سان گڏ سندن وڪيل هئس،
ڏيپلائي صاحب مون سان حال احوال اوريندي اياز جون
هيءُ سٽون آلاپيون:
سنڌڙي تنهنجي سينڌ ڏسي
رات ڀٽائي گهوٽ رُنو
پوءِ هُن هي بيت به جهونگاريو هو:
اوري اُڃ ته اُگهان تنهنجي ڳل تان
ڪيڏا ويل وَهي ويا تنهنجي ٻچڙن سان
ڌرتي ماءُ! متان پٽي پاراتو ڏئين!
ان وقت کيس ڳوڙها ڳاڙيندي ڏٺو هو. هو بهادر شخص
سنڌ جي نوجوان نسل جي نسل ڪشي ۽ بي حرمتي تي صدبار
افسوس ڪندو هو. شيخ اياز جي حيدرآباد نيڪالي واري
قدم خلاف هُن به لکيو هو. سندس اهڙا خط روح رهاڻ ۾
پڻ ڇپيا جيڪي سندس طبيعت ۾ جوش ۽ جولان واري طوفان
جو اظهار هو. اُن وقت به هن اياز جي هيءَ وائي
جهونگاري هئي، وائي جا ڪجهه بند هت ڏجن ٿا:
جي پنهنجو نور نچوئي ويا ۽ تنهنجي جوت جلائي ويا،
سي لڙڪ مٽي ۾ لوئي ويا پر ڇا ڇا موتي پائي ويا!
سي وڻ وڻ لوڏي واءُ ٿيا، سي پَن پَن ۾ پڙلاءُ ٿيا،
جي بن بن بين وڄائي ويا، جي تن من واري ڳائي ويا،
مون ڌرتي! تنهنجا ڌڱ ڏٺا، مون تن جا لويل لڱ ڏٺا،
جن وڙهندي وڙهندي جان ڏني، سي وارا وير وڄائي ويا.
هيءَ طويل وائي ڏيپلائي صاحب جي ويڙهاڪ ۽ مزاحمتي
اديب ۽ مفڪر هجڻ جو چٽو ثبوت آهي.
ڏيپلائي صاحب اياز جي هن وائي ۽ سراج جي ٻولي واري
مضمون جي ساراهه ۽ روح رهاڻ جي انقلابي ڪردار
متعلق مون ڏانهن هڪ خط لکيو جيڪو مارچ 1968ع واري
پرچي ۾ ڇپيو. هن اها وائي شيخ عبدالمجيد سنڌي کي
ڏيکاري هئي. سندس ٻيو خط هن وائي بابت ۽ جنائي خان
جي بدڙي تي لکيل خط اهي ڏيپلائي صاحب جي قلم کان
ڪير بچي سگهي ٿو سندس ڪيترن ادبي محاذن تي کليل
جنگ هڪ ڏانوَ آهي، جيڪو مزاحمتي سنڌي ادب جي تاريخ
جو وڏو ڀاڱو والاري ٿو.
مون کيس ويڙهاڪ اديبن پروفيسرن، اُستادن جي جيل
واري لاري سان گڏ هلندي ڏٺو، پوءِ ڪورٽ مان واپسي
۾ هن لاري کي پريس وٽ بيهاري ڇڏيو ۽ هن اسان الزام
هيٺ آيل بنگله ديشي قيدين ۽ پوليس وارن کي چانهه
پياري هئي، تڏهن به سندس غصي ۽ ڪاوڙ وچان چهرو
ڳاڙهو رتول هو. هيءُ محمد عثمان ڪو ٻيو ٿي لڳو. ان
محمد عثمان جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي جنهن ”عبرت“ ۽
”انسان“ جهڙا رسالا ڪڍيا، جن ۾ هن سماجي انصاف ۽
سياسي مسئلن تي دل کولي لکيو، هن انصاف ۽ ڪورٽن کي
موضوع بڻائي لکيو ته سندس ڪيتريون ڪهاڻيون جُلهه
ڪندڙ هيون ۽ اُنهن رڻ ٻاري ڏنو. ڏيپلائي صاحب جو
دور ادب ۾ ڪرب و بلا جو دور ليکبو آهي. سندس ون
يونٽ وارو تحريڪي دور سنڌ جي نوجوانن جي روح کي
جهنجهوڙي وڌو.
هو پاڻ به نوجوان ٿي پيو، مون کيس جشن روح رهاڻ ۾
اسٽيج تي گجندي ڏٺو. مون کيس هميشه اهي معرڪا
کلندي کلندي ماريندي ڏٺا. مون سندس چهري تي اُن
وقت هڪ اهڙي اطمينان ڏيندڙ روشني ڏٺي جڏهن هن جو
ڊرامو ”شاهدي“ ناٽڪ صدي جي ملهائڻ ويل اسٽيج تي
پيش ٿيو. هو بيماري سبب هيڻو ۽ ڪمزور هوندي به
هشاش بشاش ٿيو ويٺو هو. محمد علي ڏيپلائي سندس
ڊرامي جي وڊيو ٺاهي هئي. هن مون کي سڏي ڀاڪر پاتو
۽ چُمي ڏني ڇاڪاڻ جو کيس خبر هئي ته هن ڇهن ناٽڪن
کي اسٽيج تي آڻي ناٽڪ صدي ملهائڻ جو ٻين دوستن سان
گڏ مرڪزي ڪردار مان هيس. هن خيال کي جوڙڻ وارو ۽
شڪل ڏيڻ وارو عبدالله ميمڻ صاحب ان وقت جو ڪمشنر
حيدرآباد هو. هڪ ليکڪ هڪ ڊرامه نويس جا ڪردار جاڳي
اُٿيا هئا. هو سندس سامهون بيٺا هئا، ڏيپلائي صاحب
جڏهن منهنجي ڪم مان خوش ٿيندو هو ته سڏي جوش جذبي
وچان انعام ۽ شاباس طور مِٺي ڏئي ڇڏيندو هو. اڄ
سندس جهڙا باغ بهار ماڻهو، ولولي ۽ جذبي وارا
ماڻهو ڪاٿي ٿا گهڻو جيئرا رهن يا کين زماني جون
لُڪون ۽ جهڪون جيئرو رهڻ ڏين.
بردي، گرامي، گدائي، نياز، اياز جي لڏي جو هيءُ
مسافر اسان سان ڪيئن ”جيءُ اڙايم جتن سين“ وانگيان
اچي گڏيو ۽ پوءِ هلندي هلندي اسان کي جيئدان ڏئي
پنهنجي واٽ وٺي رَمندو رهيو. اڄ مون کي ان موقعي
تي گدائي جي نظم جو هيءُ بند ياد اچي ٿو، جڏهن مان
پاڻ کي اڪيلو پيو ڀانيان، سٿن جا سٿ ڪي لڏي ويا ڪي
ڇڏي ويا. چوڌاري ڏيپلائيءَ جي ديس ۾ ماٺ آهي:
اي همسفرو آواز ته ڏيو
هن ماٺ ۾ دل گهٻرائي ٿي
هيءُ ٻاٽ انڌيري کائي ٿي
اي همسفرو ڪجهه ڳالهايو
اڄ ڌرتي ماءُ پڪاري ٿي.
شهرن جا شهر اِها ٻاٽ اونداهي ڳڙڪائي وئي آ.
اُهي عبرت جي نگاهه جو سبق ۽ هدايت ڏيندڙ ديوارون
ڀُري ڏري پٽ پئجي چڪيون آهن. ڪاڏي ويون اُهي
ڏيپلائي صاحب واريون محرڪ لائبريريون! اڄ ڪتاب
پنهنجي پناهه گاهن کان محروم آهن، باب العلم جا
دروازا بند ٿي چڪا آهن، جيڪا علم جي صدا ٿر جي
ريگستان ۾ گونجي هئي، ڏيپلائي صاحب جهڙي شخص اها
صدا هنئي هئي، انهي اُميد تي شايد اڳتي هلي ٻڌجي ۽
سڻجي ڇاڪاڻ ته هن سڄي زندگي ويڙهاڪ جيان گذاري ۽
اُميد جي لاٽ سندس رهبري ڪئي پر هو سنڌ جي لاءِ
دعاگو رهيو. گدائي وانگر:
سمون ڪو اهڙو اچي، اهڙو اهتمام ٿئي
الاهي رسم محبت جهان ۾ عام ٿئي
سڀن دلين ۾ هجي شل نفاق کان نفرت
هميشه امن و محبت جو احترام ٿئي
اڄ سنڌ هڪ ٻئي ڏيپلائيءَ لاءِ واجهائي ٿي.
اهڙي اُميد سندس لائق جاکوڙي فرزند محمد علي
ڏيپلائيءَ مان به ڪري سگهجي ٿي. ڏيپلائي صاحب ۽
سندس همعصر مفڪر ساٿي سندس رهبري لاءِ ڪئين جهول
جهليو بيٺا آهن رڳو پورهئي ۽ محنت سان وک وڌائڻي
آهي.
شاهه چواڻي به ائين ئي آهي:
ڏور مَ ڏيئان ڌار، ڏورڻ گهڻو ڏاکڙو،
ڪوڙين لک هزار، ان اونداهي انڌا ڪيا.
سنڌي اديبن جو پُرامن احتجاجي جلوس
اپيل
سنڌ جي عظيم قومي شاعر شيخ اياز، سنڌي ادب جي عظيم
نقاد رسول بخش پليجي، سنڌ جي مشهور دانشور حفيظ
قريشي، سنڌ جي سپوت شاگردن ۽ انساني بنيادي حقن جي
حفاظت ڪندڙ محب وطن ماڻهن جي گرفتارين ۽ نظربندين
جي خلاف، پُرزور احتجاجي جلوس تاريخ 15- ڊسمبر
1968ع تي، صبح جو 11:00 بجي، مسٽر عبدالحميد ميمڻ
وڪيل (حميد سنڌي) جي آفيس، نزديڪ گورنمينٽ هاءِ
اسڪول حيدرآباد، لڳ ميونسپل ڊسپينسري وٽان شروع
ٿيندو، اسٽيشن روڊ ڏئي، اورينٽ هوٽل وٽان، ڊپٽي
ڪمشنر حيدرآباد جي رهائشگاهه وٽ ختم ٿيندو.
سنڌي زبان جي سڀني اديبن، اديبائن، عالمن ۽
دانشورن کي پُرزور اپيل ٿي ڪجي ته هو پنهنجي دلي
جذبات ۽ ڏک جي اظهار لاءِ مقرر تاريخ، وقت ۽ هنڌ
تي پهچي، اديب جي ضمير ۽ قلم جي آزاديءَ جي جدوجهد
لاءِ هن پُرامن احتجاجي جلوس ۾ شامل ٿين.
سنڌي اديبن، اديبائن، عالمن ۽ دانشورن جي برادري،
حيدرآباد
جاري ڪندڙ: ايڪشن ڪاميٽي،
1- بيگم
زينت عبدالله چنا
2- تنوير
عباسي
3- حميد
سنڌي
حبيب الله صديقي
ٿر
جو اڻٿڪ سماج سڌارڪ
(سائين
محمد عثمان حبيب الله ڏيپلائي)
ٿَرَ جي تاريخ جاگرافي:
تاريخ ۽ اُنهيءَ کان اڳ جو زمانو، ريگستان ۾ اچي
ملي ٿو، تاهم ٿر جو ماحول منفرد آهي جيڪو حقيقت کي
لِڪائي ٿو ڇڏي. ڀٽُون ڪجهه نه ٿيون ٻڌائن ۽ ٿَر
آڻِ مَڃَڻ وارو ناهي. هتان جا ماروئڙا پرعزم،
محنتي ۽ دلبر ماڻهو آهن. لطيف سائين سندن باري ۾
فرمائي ٿو ته:
مَٿَن ٽُٻَڪَ ٽُٻَڪِڙا، چڪَندڙا اَچَنِ،
کُڙيُون کيهه ڀَڪُليُون، پگهُر سِرَ پيرَنِ،
اِي وَڙَ ويڙيچَن، مون لوڏان ئي لکيا
(سُرمارئي)
هِنن مالوندو اوٺي مارن جي تاريخ، تهذيب ۽ ثقافت
تي جوڳي کوجنا نه ٿي آهي، جيتوڻيڪ مجموعي طور تي
راجسٿان، ٿر، ڪڇ، ڪاٺياواڙ، مارواڙ بابت خاص
معلومات ڪٺي ڪيل آهي. سنڌ جي ٿر ۾ نگرپارڪر ۽
آسپاس جي تاريخ جاگرافيءَ تي ڪجهه مواد موجود آهي
جيڪو ٻڌ، جين ۽ هندو مذهبن جي عبادتگاهن جي ڊهندڙ
قديم آثارن تي روشني وجهي ٿو: نگرپارڪر ريل ۽ روڊن
کان پري، ٿَرَ جي ڪنڊ ۾ هڪ قديم تاريخي ماڳ آهي،
اُتان چار ميل اُتر اولهه ۾ ڀوڏيسر، پارڪر جي
اُپٻيٽ جو مرڪز آهي، اُتي ئي قديم مندر قائم آهن ۽
ڪيئي تاريخي روايتون اُنهن سان وابسته آهن؛ جن جو
بنياد ماڻهن جو مذهب آهي. پارينگر جي قديم شهر جا
آثار ننگرپارڪر کان 15 ميل اُتر ۾ موجود آهن. هيءُ
هڪ تجارتي مرڪز هو، اُتان 14 ميل اُتر اولهه طرف
گوريءَ جو قديم مندر سنگ مرمر جو ٺهيل موجود آهي.
جين ۽ هندو مذهبن جا عبادت گاهه هتان جي قديم
رهواسين جي مذهبي وابستگيءَ جو ثبوت آهن.
ڏيپلو:
ڏيپلي جو ماڳ انهن تاريخي ماڳن کان علاوه ٿر ۾ هڪ
اهم مقام آهي، جتي تاريخ پنهنجي ماقبل سان پيوسته
آهي: ڏيپلو نالو ڏيپو مينگواڙ پويان پيو، سو جڏهن
اُتي چونئرا ٺهرائي ڳوٺ ٻڌو هو. ڪڏهن ۽ ڇو جي باري
۾ ڪابه خبر نه آهي. البته ”ڏيپلي تعلقي جي تاريخ“
جو مصنف محمد عثمان اديب لکي ٿو ته: ”1800ع ڌاري (ميرپُورخاص
جي والي) مير ٺاري خان ڳوٺ ڏيپو مينگهواڙ ۾ گڍ
(ڪچو قلعو) ٺهرايو ۽ اُتي پنهنجو سپاهه رکيو.
اُنهيءَ قلعي جي اوڀر طرف 200 والن جي مفاصلي تي
هڪ ٻيو به ڪچو گڍ ٺهرايو، جيڪو ترت ئي گهڻين
برساتين سبب 1843ع (انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ) کان
اڳ، ڊهي ويو. اُتي واپاري قوم جا ميمڻ، لهاڻا ۽
ٻيا راڄ اچي رهيا. اُهو هڪ وڏو شهر ٺهي پيو، جنهن
جو نالو ڏيپلو مشهور ٿيو (ص 30).“
وڌيڪ لکي ٿو ته:
”ڏيپلي تعلقي جي اُتر طرف سنئون پَٽُ آهي......
باقي تعلقي جي ٿر واري ڀاڱي کي ٽن حصن ۾ ورهائجي
ٿو: ونگو، مهراڻو ۽ وَٽِ (ص 33، 34)
سائين محمد عثمان ڏيپلائي پڻ ڏيپلي جي تاريخ تي
روشني وڌي آهي (ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو: محمد
عثمان ڏيپلائي هڪ مطالعو ص 60 ( 2013) پهريون
ڏيپلائي ميمڻ چوڌري هاشم ميرن جو مودي هو. (ايضاً)
ڏيپلي شهر جي مشهوري هڪ سچي گيهه جي وافر فراهمي ۽
ٻي تعليم ۽ سماجي سڌارن سبب ٿي. ايماندار ميمڻ
واپارين ۾ اڻويهين صديءَ جي آخر ۽ ويهين صدي جي
شروعات ۾ ٽي معروف سماج سڌارڪ پيدا ٿيا. اُهي هئا:
(1) سائين ابوطالب (1895- 1983ع، (2) قاضي علي
محمد (1908- 1988 4- اپريل- مارچ) ۽ (3) سائين
محمد عثمان ڏيپلائي (13- جون 1908ع 7- فيبروري
1981ع) انهن هستين ڏيپلي مان علم جو ڏيو روشن ڪيو.
پهرئين پرائمري تعليم جو بنياد وڌو، ٻئي سماجي
ترقيءَ لاءِ پاڻ پتوڙيو، ۽ ٽئين پنهنجي قلم سان هڪ
ذهني انقلاب جو بنياد وڌو: هر تصنيف جي مٿان اردو
۾ هڪ قطعو لکندو هو:
یارب یہ
التجا ہے،
کرم تو اگر کرے
وہ بات دے قلم
کو، جو دل پر اثرکرے۔
۽ هوندو به ائين هو.
سائين محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو
قلمي جهاد
ڏيپلائي جا ناول، تاريخي، اصلاحي ۽ انقلابي سوچ پيدا
ڪندڙ آهن. هيءُ راقم الحروف سندس ممنون
آهي جو مطالعي جو شوق اُنهن ناولن پڙهڻ سان پيدا
ٿيو. اهڙو اعتراف سنڌ جي ٻين ليکڪن به ڪيو آهي.
دراصل هو هڪ انقلابي مفڪر هو ۽ پنهنجي
فڪر کي دلچسپ ناولن،ناٽڪن
۽ ڪثير اشاعتي مواد ذريعي بيان ڪندو هو.
انگريزن جي غلاميءَ واري دور کان پاڪستان جي
آزاديءَ واري دور تائين سندس لکيل ڪتابن مان ست
ڪتاب حڪومت وقت طرفان ضبط ڪيا ويا، ڇاڪاڻ ته اُهي
انقلابي جذبات ۽ خيالات اُڀاريندڙ هئا. ڪتابن جي
لسٽ هن طرح آهي:
(1) گُلستانِ حسن
(1939ع)
(2) ڏاهري
محل (1942ع)
(3) 1857ع
جي آزاديءَ جي جنگ (1957ع)
(4) غازي
انور پاشا (1957ع)
(5) جپاني
گُڏي (1957ع)
(6) امڙ
(ناول- 1957ع)
(7) شيخ
المشائخ (1975ع)
سندس آخري ڪتاب ”انقلاب ايران“ هو.
سائين محمد عثمان ڏيپلائي صحافت جي ميدان جو به
شهسوار هو. ڪيئي اخبارون، روزانه، هفتيوار ۽
ماهوار جاري ڪيائين. اهو ذوق اسڪولي زماني کان
لاحق هئس. فقط ڇهه درجا سنڌي پڙهي پاس ڪيا هئائين.
اُنهيءَ دوران پنهنجي هم ڪلاسي
دوست ۽ عزيز قاضي علي محمدسان
گڏجي ماهوار رسالا لکي ورهايائين: قاضي
علي محمد ”سودمند“
جي عنوان سان رسالو لکيو
ته محمد عثمان ”فرحت آثار“ جي نالي سان رسالو جاري
ڪيو هو. (سفر زندگي جو..... ص 47) اُنهن هٿ سان
لکيل رسالن ۾ نصيحت ڀريون آکاڻيون، ڏاهن جا قول
لٽڪا چٽڪا ۽ موضوعاتي مضمون شامل هوندا هئا جن
اُنهيءَ زماني ۾ ڏيپلائي شاگردن جي ذهني آبياري
ڪئي. ڏيپلائي
صاحب، روزگار
خاطر تعليم ڇڏي خانگي ملازمت ڪرڻ تي مجبور ٿيو، جيئن سنڌ
جو مشهور انقلابي
شاعر محمد ابراهيم منشي به شروع ۾ زميندارن جي منشيگيري
ڪندو هو. زميندارن
وٽ روزگار ڪرڻ ڪو
عيب ناهي ليڪن اندر جو عظيم انسان نيٺ نڪري نروار
ٿيڻو آهي، سو ٿيو. شروع ۾ هڪ زميندار جو منشي
هو سندس پگهار ڏههروپيا مهينو
هئي (ماهوار شهباز 1995ع،
ص 72) اداره
سازي ۽ اشاعتي جدوجهد نوڪري
مان ڪٺي ڪيل موڙي ڪُل پنجاهه روپين
سان 1938ع ۾ ميرپورخاص ۾ ”اسلاميه دارالاشاعت“
قائم ڪرڻ
سان ڪيائين.
شمشيرالحيدري مطابق اها رقم هن اُڌاري ورتي هئي. (ماهوار
شهباز حيدرآباد 1995ع ص 37) سندس ڪتاب ”سنگدل
شهزادي“ جيڪو سندس دوست مولوي خيرمحمد نظاماڻيءَ
جي خاطريءَ باوجود
ڇپجي نه سگهيو هو سو
هن دارالاشاعت طرفان شايع ڪيو ويو. 1942ع
۾ سائين محمد عثمان ڏيپلائي حيدرآباد ۾ سڪونت
اختيار ڪئي. اسلاميه دارالاشاعت ۽ اُن مان جاري
ٿيندڙ ”عبرت“ اخبار (اجراءِ
1941ع) حيدرآباد منتقل ٿيا، ۽
1945ع ۾ هاشمي پريس مان ڇپائي بند ڪري خرچ بچايو
ويو. پوءِ ته اشاعت جو هڪ اڻکٽ سلسلو
شروع ٿي ويو.
ماهوار عبرت ڪتابي سلسلو (1941ع) جاري رهيو ۽
1943ع ۾ اُن کي هفتيوار اخبار بنايو ويو. 1948ع ۾
قرآن پريس باقاعده اداره جي اشاعت ۽ ٻاهرين مليل
ڪم (job
printing) سرانجام
ڪرڻ جو ڪم شروع ڪيو. ڏيپلائي سائين اداره سازي طرف
مائل هو هن ٻه مزيد اداره قائم ڪيا: (1) اداره
لطيفي (1949ع)
۽ (2) اداره انسانيت (1952ع).
ٻئي سال 1953ع ۾ هفتيوار
عبرت روزانه اخبار طور شايع ٿيڻ شروع ٿي. 1957ع ۾
ماهوار ”انسان“ جاري ٿيو جيڪو 1959ع ۾ هفتيوار ڪيو
ويو. هن رسالي ۾ نئين نسل جي قلمڪارن جا مضمون،
ڊراما ۽ شاعري شايع ٿيندي هئي. هن راقم الحُروف جو
پهريون لکيل ڊرامو ”نئون دور“ انسان رسالي ۾ شايع
ٿيو ۽ مزيد لکڻ جي ترغيب ملي.
1969ع ۾ ڏيپلائي سائين ماهوار ”ساڻيهه ڊائجيسٽ“ ۽
روزاني ”سنڌ ٽائيمس“ جواجراء ڪيو.روزانه
عبرت اخبار 1958ع ۾ قاضي برادران کي وڪرو ڪري چڪو
هو. سندس
ڪتابن جو تعداد وڏو آهي. ذهني
انقلاب جي ڪوشش. ڏيپلائي
محمد عثمان جرئت ۽ انقلابي تحريڪ جو علمبردار بنجي
ويو هو، تنهنڪري مقتدر
سرڪاري ۽
خانگي حلقا سندس خلاف ٿي پيا: ڌمڪين ڀريا
خط ملڻ شروع ٿيا، جيڪي هو کِلي
ڦاڙي ڦٽو ڪندو هو. هُن جو پيغام ڏاڍ، پيري مريدي
۽ توهم پرستيءَ جي خلاف هو. جيڪو
سنڌ ۾ هنڌين ماڳين پکڙجي چڪو هو،هن
لطيف جي پيغام کي اڳتي وڌايو هو، جنهن
پنهنجي دور ۾ پيرن
فقيرن جي ڦندن
کي وائکو ڪري عام انساني
برادريءَ کي نروار ڪيو هو.
1942ع ۾ پاڪستان کان اڳ لکيل ناول ”ڏاهري رنگ
محل“ حڪومت
ضبط ڪيو، سندس ٻهاخبارون
هفتيوار ”انسان“ ۽ روزانه سنڌ ٽائيمس
بند ڪرايون ويون ۽ کيس ٽي
دفعا جيل وڃڻو پيو، 1958ع،
1961ع ۽
1973ع.
الاهي انعام:
سائين محمد عثمان ڏيپلائي پنهنجي زندگي قوم جي اصلاح
خاطر صرف ڪئي. الله تبارڪ وتعليٰ جي طرفان کيس
اولاد ۾ برڪت، فضيلت ۽ سماجي حيثيت عطا ڪئي. سندس
ڪٽنب جو شجره هن ريت آهي:
سائين محمد عثمان ولد حبيب الله ميمڻ
(1) نياڻي ملڪه خانم (جنم: 1926ع)
(2) فرزند محمد هارون (جنم: 1932ع) (3)
فرزند محمد صالح (جنم: 1934ع) (4)
نياڻي عائشه خانم
(جنم: 1936ع) (5)
نياڻي فاطمه فرحت (جنم: 1938ع)
(6)
فرزند
محمد علي ڏيپلائي (جنم: 1940ع) (7)
نياڻي ڊاڪٽر ثريا سوز (جنم: 1945ع) (8)
فرزند عبدالرحمٰن (جنم: 1946ع) (9)
نياڻي زينت ياسمين (جنم: 1947ع) (10)
نياڻي زرتاج(جنم: 1949ع) (11) ۽ فرزند
ڊاڪٽر حبيب الرحمٰن (جنم: 1952ع).
ڪل يارهن ٻار 5 فرزند 6 نياڻيون، ڪي صغير سنيءَ ۾
گذاري ويا: فرزند محمد هارون ۽ محمد صالح نياڻي
زرتاج ننڍي عمر ۾ وارو وڄائي ويا، جيئن
ڊاڪٽر حبيب الرحمان (1952ع-
1994ع)
جنهن سنڌي ٻولي تحريڪ ۾ جيل ڪاٽيو، سندس
اولاد هارون حبيب ۽ ٻه نياڻيون عائشه ۽ بشريٰ حال
حيات آهن. هن راقم الحروف جي
دعا سلام جو تعلق
سائين ڏيپلائي مرحوم جي هڪ نياڻي مرحوم ڀيڻ ڊاڪٽر
ثريا سوز ڏيپلائي (اصل نالو پروفيسر ڊاڪٽر نسيم
اختر) ۽
هڪ فرزند ڀاءُ محمد علي ڏيپلائي سان پيدا ٿيو ۽ ٻنهي
جي اعليٰ
انسانيت ۽ فهم وفراست کان متاثر ٿيو. هڪ پروفيسر
ٿي ٻيو اعليٰ سرڪاري
خدمات تي مامور
ٿيو. سوچيم:
یہ
فیضانِ
پدر ہے یا
کہ مدرسہ کی کرامت
ہے
سکھائے کس
نے اسماعیل
کو آداب فرز ندی۔
سائين محمد عثمان ڏيپلائي جي تربيت ۽ شخصيت جو اثر
سندس اولاد تي نمايان رهيو ۽ اهو سندس پوٽاڻ ۽
ڏوهٽاڻ ۾ جاري آهي: نياڻي ملڪه خانم (2002ع-
1926ع)
جو وڏو فرزند پروفيسر ڊاڪٽر محمدعلي، لياقت
يونيورسٽي آف ميڊيڪل ۽ هيلٿ سائنسز ۾
بايو ڪميسٽري ڊپارٽمينٽ جو چيئرمين آهي
۽ سندس نياڻي ڊاڪٽر زينت (متوفي: 1997ع)
جا ٻه فرزند:فيضان
۽ رحمان ساڳي راهه جا راهي آهن.
ٻي نياڻي فاطمه فرحت جو اولاد 4 پٽ ۽ 4 نياڻيون پڻ
ماشاءالله
هن ڏيپلائي خاندان جا روشن ستارا آهن. ٽين
نياڻي ڊاڪٽر ثريا سوز مرحومه خود
سائين محمد عثمان ڏيپلائي جي خدمات تي پي.ايڇ.ڊي
ڪئي. سندس پنج فرزند ۽ ٻه نياڻيون علم جي شمع روشن
رکندا اچن ٿا. چوٿين
نياڻي زينت ياسمين ايڊيشنل سيڪريٽري حڪومت سنڌ جي
عهدي کي رسي ۽ پنهنجي ٻن فرزندن: عديل
گُل ۽ ذوالفقار علي ۽ ٻن نياڻين
حميرا ۽ سحرش جي پرورش خانداني روايت مطابق ڪئي
آهي.
پنجن فرزندن مان ٻه صغيرسنيءَ ۾
گذاري ويا، هڪ نسبتاً ننڍي
عمر ۾ فوت ٿيو، باقي
ٻه فرزند، رب حياتي ڏئين حال حيات آهن، اُنهن
مان ادو عبدالرحمان ڏيپلائي سرڪاري ملازمت مان اسسٽنٽ
ڊائريڪٽري
جي عهدي تان رٽاير ٿيو ۽ سندس گهرواري قابل
ڊاڪٽرياڻي آهي. پنهنجي ٻن فرزندن ۽ چئن نياڻين جي
ساڳي ريت پرورش ڪري رهيا آهن.
برادرم محمد علي ڏيپلائي پنهنجي والد صاحب جو نعم البدل
نظر اچي ٿو: ڏيپلائي فائونڊيشن
۽ ڪثيراشاعت ذريعي ذهني انقلاب جو پيغام پهچائي
رهيو آهي. فرزنديءَ جا آداب پوري ريت ادا ڪري رهيو
آهي.
سائين محمد عثمان ڏيپلائي پاڻ ستن ڀيڻن جو اڪيلو
ڀاءُ هو. ننڍو ڀاءُ هارون 8 ورهين جي عمر ۾ گذاري
ويو. ستن ڀيڻن مان چار ڀينر پڻ
ننڍائپ ۾ گذاري ويون. باقي ٽي ڀيڻون، مسمات وسندي، رحيمان
۽ حليمان اولادي ٿيون. سندس جهجهو اولاد آسودو ۽
باحيثيت آهي. (ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، محمد عثمان
ڏيپلائي هڪ مطالعو ثقافت کاتو سنڌ، 2013ع ، ص 60،
61)
ڏيپلائي سائين جو والد بزرگوار سندس
ياداشتن مطابق هڪ غريب ننڍڙو واپاري هو جيڪو
ٻهراڙي ۾ واپار ڪندو هو. سندس ولادت بعد ڏيپلي ۾
دڪان کوليائين جيڪو 12 سالن ۾ پوروٿي
ويو. ان وقت ڏيپلائي صاحب جي
عمر 13 سال هئي، پوءِ
ٽن ڀينرن ۽ ماءُ پيءُ جو
گذر سفر ڪيئن هليو، نو عمر محمد
عثمان صاحب کي
ضرور ان جو فڪر رهيو هوندو. پوءِ سندس شادي ٿي.
اهو سال 1925ع هو. سال 1927ع ۾ صفيه ٻائي هڪ ڌيءَ
ملڪه خانم کي جنم ڏئي گذاري وئي. ٽن سالن بعد
1930ع ۾ مسمات سڪينه ٻائيءَ سان شادي ڪيائين. هيءَ
سندس ٻي شادي هئي. باقي
سڀ اولاد اُنهي ٻي گهر واريءَ مان پيدا ٿيو.
چوندا آهن ته هر وڏي ماڻهو جي ڪاميابيءَ ۾
هڪ سگهڙ عورت
جو هٿ هوندو آهي، سائين
محمد عثمان ڏيپلائي جي ڪامياب زندگيءَ ۾ هن جي
سگهڙ زال جو هٿ نظر اچي ٿو: ٽي
دفعا جيل ويو ته گهر
جو خرچ ۽ ٻارن جي تعليم جو ذمو جيجي سڪينه ٻائيءَ
نڀاهيو
۽ ڪڏهن وَرَ کي ائين نه چيائين ته اسان جون
تڪليفون تنهنجي ڪارگذارين سبب آهن. انهيءَ
وفاشعاري، صبر، ڪفايت ۽
قنايت جو اثر اولاد تي به پيو جو اُهي صالح ۽
باصلاحيت انسان بنجي ويا. برادرم محمد علي ڏيپلائي
ٻڌائيندو آهي ته ڪيئن سندس والده گهر ۾ شيون ٺاهي
وڪرو ڪندي هئي ۽ هو غريبيءَ ۾ به خوشحال زندگي
گذاريندا هئا.
ڏيپلي ۾ هن خاندان جي بودوباش ڏيپلائي ميمڻن
جي جدامجد حبو ولد
محمد ميمڻ کان شروع ٿي. هو
سکيو ستابو ماڻهو هو ۽ سندس گهرواري فاطمه، جيجي
سڪينه ٻائي وانگر هڪ سگهڙ زال هئي. خاندان
جو شجره نسب سائين محمد عثمان ڏيپلائي جي ياداشت
مطابق هن ريت آهي: ”محمد
عثمان ولد حبيب الله ولد الياس ولد حبو ولد محمد
ولد حبيب ولد عثمان......“ اصل هندو لهاڻا واپاري
هئا. چار پنج صديون اڳ ”ويڌو“ نالي هڪ واڻيي، قادري
پيرن جي هٿ تي ڪلمو پڙهيو. (محمد علي ڏيپلائي،
ڏيپلائي صاحب جو خاندان،...... ڊاڪٽر عبدالجبار
جوڻيجو، ايضاً، ص
58).
ٿَرَ ۽ ٿرپارڪر ۾ اسلام جي تبليغ جي تاريخ مثبت
آهي. شيخ يوسف جيلاني، خواجه معين الدين چشتي غوث
بهاءُ الدين زڪريا ملتاني
۽ سندس خليفن هتي هندو ۽ راجپوت
قبيلن کي مشرف بالاسلام
ڪيو. جديد دور ۾، سائين
محمد عثمان ڏيپلائي اسلامي اشاعتن ذريعي انهي
روايت کي زندهه
رکيو. مولانا قاضي عبدالرزاق جي معيت ۾ قرآن شريف
جو سنڌي ترجمو ڪيائين جيڪو اپريل 2006ع ۾ بين
الاقوامي اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد
ڇپرايو آهي.
مسلڪ ۽ نظريا:
سائين محمد عثمان ڏيپلائي جو مسلڪ انسان دوستي هو. اقوام
متحده طرفان 10- ڊسمبر
1948ع تي بنيادي
انساني حقوق جو پڌرنامو جاري ٿيو ته هن هڪدم
انهيءَ جو سنڌي ترجمو ڪري شايع ڪيو. هو بنيادي
طور تي پڪو مسلمان هو. 1946ع ۾ ”قرآني خزانو“ لکي
شايع ڪيائين. هو اسلامي عقائد بابت 1932ع کان
مسلسل لکندو رهيو. سندس
ڪتاب مطلبالقرآن (1932ع)،
نور توحيد (1941ع)،
”ڪفر ناس بجواب ستيارٿ پرڪاش (1943ع)،
شوڪت اسلام (1944ع)،
ان کان اڳ عروج اسلام (1940ع)
۽ بعد ۾ سيرت محمدي (1948ع)
سندس اسلامي عقائد سان وابستگيءَ پڪي
ثابتي آهن. تاهم 1961ع ۾ لکيل ”تاريخ
انسان“سبب مٿس
ڪفر جو الزام لڳو.
پيري مريدي خلاف هلايل سندس تحريڪ سبب روايتي
اسلامي حلقا اڳ ئي سندس خلاف هئا. شيخ عزيز لکي ٿو
ته:
”هو پڪي مسلمان وانگر بدعيتن جي خلاف هو ۽ هن اهڙن
پيرن فقيرن جي خلاف تحريڪ هالائي جيڪي ماڻهن جي
رهبري ڪرڻ بدران اُنهن کي گمراهي ۾ ڌڪي ڇڏيندا
آهن. ڪيترينئي
مخالفتن جي باوجود هن انهي مسلڪ کي ترڪ نه ڪيو ۽
اهڙي طرح ڪيئي مسلمانن کي سچ جي راهه تي آڻڻ ۾
ڪامياب ٿي ويو.“ (ماهوار شهباز حيدرآباد اپريل
1995ع ص 21، 22)
سندس وفات
بعد 11- فيبروري
1981ع تي ڪوٺايل تعزيتي گڏجاڻي ۾ سنڌ جي ڏاهي
سائين محمد ابراهيم جويي جيڪا
تقرير ڪئي، اُنهيءَ ۾
چيائين:
”مون اڳي هڪ موقعي تي پنهنجي دوست ۽ ساٿي محترم ۽
مهربان حق آشنا ۽ انسان دوست محمد عثمان ڏيپلائي
مرحوم جي زندگي جي اهڙيءَ سڪرمي ۽ سڦلتا بابت هڪ
مضمون پڙهيو (هو) (ايضاً-
ص 25) اهو مضمون 6- سيپٽمبر
1979ع تي سنڌ گرئجوئيٽس ائسوسيئيشن طرفان
”ڏيپلائي“ سان ملهايل ”ادبي شام“ جي موقعي تي
پڙهيو ويو هو. انهيءَ مضمون ۾ سائين محمد ابراهيم
جويو چيو ته:
”محترم محمد عثمان ڏيپلائي کي جيئن آءٌ سڃاڻان
تيئن منهنجي نظر ۾ هو ٻين جي لاءِ جيئڻ جي اهڙي
اُمنگ ۽ مستقبل جي بهتري لاءِ اهڙي اُدم جو هڪ
مثال آهي ....... مون کين پنهنجي مفاد کان گهڻو
لاپرواهه ۽ سندن دل مستقبل جي
اُميدن سان سدائين
پريل ڏٺي
آهي.“ (ايضاً-
ص 27)
اهو هو اسان جو ٿر جو اڻٿڪ سماج سڌارڪ عالم، اديب، صحافي،
مصنف ۽ محقق مرحوم سائين محمد عثمان ڏيپلائي. |