سيڪشن:رسالا

 ڪتاب: مهراڻ 01/ 2014ع (محمد عثمان ڏيپلائي خاص نمبر)

باب:

صفحو:10

ڊاڪٽر قاضي خادم

 

 

 

اڌ صديءَکان مسلسل لکندڙ محمد عثمان ڏيپلائي

ڏيپلائي صاحب جي باري ۾ لکڻ ڪو سولو ڪم ناهي. هڪ اهڙو شخص، جيڪو گذريل اڌ صديءَ کان مسلسل لکندو رهيو هجي، تنهن جي ادبي توڙي ذاتي زندگيءَ جي ڪنهن به پهلوءَ تي لکڻ يا ڳالهائڻ هڪ ڏکيو ڪم آهي. هن جي انسان دوستيءَ جي باري ۾ لکجي يا حق گوئيءَ جي باري ۾؛ قوم پرستيءَ جي باري ۾ لکجي يا پيرن فقيرن جي ٺڳين ۽ ٺاهن خلاف قائم ڪيل محاذ جي باري ۾ لکجي يا وري هن جي ذاتي زندگيءَ جي باري ۾ لکجي، جيڪا سادگيءَ ۽ نهٺائيءَ جي هوبهو تصوير آهي. گهڻي پريشانيءَ کان بچڻ لاءِ اهو چوڻ مناسب ٿيندو ته ڏيپلائي صاحب ٽالسٽاءِ وانگر، پنهنجي عوام جي حقيقي زندگيءَ جا نقش چٽيا آهن ۽ ڪيترين تلخ حقيقتن کي بي نقاب ڪيو اٿس. هن واقعي قلم سان جهاد ڪيو آهي، جنهن جي سزا طور جيل جون هوائون به کائي آيو آهي ۽ هميشه جان جوکي جي انديشن ۾ به رهيو آهي.

سال کن اڳ مون ڏيپلائي صاحب کان هڪ انٽرويو به ورتو هو، پر ڇپجي ڪونه سگهيو. ان ۾ منهنجي هڪ سوال جي جواب ۾ هن پنهنجي مخصوص پراسرار مرڪ سان جواب ڏنو هو، ’ٻيلي، آءٌ ته بس هن وڏيرڪيءَ ۽ پيري مريديءَ جي خلاف آهيان ۽ لکان ٿو، پوءِ ان کي ڀلي کڻي ادب مڃيو يا نه.‘ حقيقت ۾ ڏيپلائي صاحب جي هر لکڻيءَ ۾ ان جملي جو عڪس صاف نظر ايندو.

ادبي ۽ سياسي تحريڪن جو پرجوش ڪارڪن ڏيپلائي، خلافت تحريڪ جا پمفليٽ لکڻ ۽ مختلف ڪتاب ترجمو ڪرڻ کان وٺي ’شيخ المشائخ‘ ۽
’انقلاب ايران‘ ڪتابن تائين هميشه سچ چوندو رهيو. هميشه وقت سان گڏ هليو ۽ وقت کي پاڻ سان گڏ هلايائين. نوجوانن جي صحبت ۾ ته نوجوان، پر ڪُراڙن جي صحبت ۾ به نوجوان، قرآن ۽ حديث جو ڄاڻو ۽ انقلاب جو علمبردار قدامت ۽ جدت جو حامي.

ڏيپلائي صاحب سان منهنجي واقفيت 1963ع ۾ حيدرآباد لا ڪاليج جي لان تي ٿي هئي، جڏهن ون يونٽ جي مخالفت زور ٿي چڪي هئي ۽ سنڌي عوام جي حقن لاءِ جدوجهد پنهنجي چوٽ تي پهچي ويئي هئي. ان دور ۾ منهنجي ادب ۾ نئين نئين داخلا هئي، پر حقيقت ۾ ڏيپلائي صاحب سان منهنجي ملاقات گهڻو اڳ سندس ڪتابن ۽ بيباڪ لکڻين جي رستي ٿي چڪي هئي. هن جا ڪتاب، جن جو مختصر ذڪر اڳيان ڪندس، هميشه کان منهنجي پسند ٿي رهيا هئا. سو هڪ ڏينهن لا ڪاليج جي لان تي چانهه پيئندي، ناصر مورائيءَ مون کي ڏيپلائي صاحب سان ملايو. پهرين ته آءٌ ڏاڍو مايوس ٿيس ته مار هيءُ ملان ٽائيپ شخص اهڙا انقلابي افسانا، ناول ۽ ڊراما ڪيئن ٿو لکي سگهي، پر جڏهن هڪ دفعو هو ڳالهين ۾ کُليو ته اکيون پٽجي ويون. پوءِ ته سنڌي ادبي سنگت جي هر گڏجاڻيءَ ۾ ۽ هر ادبي محفل ۾ بلڪ هر ادبي تحريڪ ۾ هن سان ملاقات ٿيندي رهي. هو هميشه اڳيان رهيو، ۽ منهنجي نظرن ۾ هيءُ اهو واحد اديب آهي، جنهن تحريڪن لاءِ چندو ڏيڻ کان ڪڏهن به نه ڪيٻايو. ڪابه گڏجاڻيءَ جي ڳالهه ڪبي ته هڪدم قميص جو آڳو مٿي ڪري وجهندو صدريءَ جي کيسي ۾ هٿ ۽ بنا پُڇي پنهنجوحصو ڪڍي رکندو تريءَ تي.

ڏيپلائيءَ صاحب جي هڪ ٻي خوبي به آهي، جيڪا صرف قريبي دوستن کي ئي معلوم آهي. ڪن ڪن ادبي جلسن ۽ گڏجاڻين ۾ ڏيپلائي صاحب هٿ ۾ پنو جهلي اهڙا افسانا به پڙهيا آهن، جيڪي ڪڏهن به ڪونه لکيا ويا. مون کي ان سلسلي ۾ هڪ مزيدار ڳالهه ياد آهي ته ايوبي دور جا ست صوبائي وزير هڪ دفعي حيدرآباد آيا. انهن مان ڪي ڪٿي هئا ته ڪي ڪٿي، پر انفرميشن منسٽر پريس ڪلب ۾ صحافين سان ملڻ آيو هو، اتي ڏيپلائي صاحب مطالبن جي هڪ لسٽ کڻي آيو هو ۽ جيئن پڙهڻ شروع ڪيائين، تيئن بجلي بند ٿي وئي پر ڏيپلائي صاحب مطالبا پڙهي پيش ڪندو رهيو. ان تي منسٽر کلي چيو ته ’مولانا ڪٿي اوندهه جو فائدو ته ڪونه پيو وٺين.‘ ٿيو ڇا هو جو ڏيپلائي صاحب جي هٿ ۾ ته حسبِ معمول اڇو پنو هو، سو هن کي بجلي جي ڪهڙي ضرورت، هو اڇو پنو کنيو پڙهندو رهيو.

اهڙي طريقي سان ٻين به ڪيترن هنڌن تي ان طرح سان لکيل مزيدار ڪهاڻيون پڙهي، ماڻهن کي حيران ڪري ڇڏيو هئائين.

ڏيپلائي صاحب جي باري ۾ ڳالهائڻ يا لکڻ مهل ڪنهن به خيال ۾ ٻه رايا ڪونه ٿا ٿي سگهن. جيڪڏهن مون کي چيو وڃي ته آءٌ سندن متعلق هڪ سٽ ۾ پنهنجي راءِ ڏيان ته آءٌ يقيناً چوان ته ”ڏيپلائي صاحب سماج جو هڪ بي ريا ۽ سچو نقاد آهي“. هن سٽ ۾ اڃا به جيڪو واڌارو ڪري سگهجي ٿو ته اهو آهي اکر ’بي ڊپو‘ جيڪو وڌائي ڇڏجي ته ٺيڪ لڳندو.

مون اڳي ئي چيو آهي ته ڏيپلائي صاحب کي آءٌ تڏهن کان سڃاڻان، جڏهن مون اڃا پورو پڙهڻ به شروع ڪونه ڪيو هو ۽ جڏهن کان پڙهڻ شروع ڪيم، تڏهن کان ته هن جا ڪتاب منهنجا بهترين ساٿي هئا. مون کي اها ته خبر ڪانه هوندي هئي ته پيرن فقيرن جون ٺڳيون، وڏيرن جون ڏاڍايون ۽ دولتمندن جون ارڏايون ڇا ٿينديون آهن، پر اُهي ڳالهيون وڻندڙ ضرور هيون. ڏڪار جي باري ۾ سندس لکيل ڊرامو ’ڏڪار‘ پڙهي، آفيسرن جي خراب حرڪتن ۽ بي ايمانين جي خلاف جيڪا نفرت پيدا ٿي، سا اڄ سوڌو دور ڪانه ٿي آهي. ’مرشد جي ٽنگ‘ ۽ ان قسم جون ٻيون ڪهاڻيون پڙهي، جيڪي اثر اسان ان وقت قبول ڪيا، سي اڄ سوڌو اسان جا رهبر آهن. اهي ئي اثرات آهن، جن جو اولڙو اسان جي اڄ جي قلمڪار ۽ لکيتن ۾ جابجا نظر ايندو.

ڏيپلائي صاحب جي لکڻين تي انفرادي طرح ڳالهائڻ ته منهنجي وس کان ٻاهر آهي، ڇو جو جيترو ڏيپلائي صاحب لکيو آهي، ان تي جيڪڏهن ڳالهائجي ته شايد ان لاءِ به سڄو سال ملهائڻو پوي. آءٌ سندن لکڻين جي اجتماعي تاثر جي باري ۾ چند لفظ چوندس. هيءُ سنڌ جو اهو اديب آهي، جنهن جون لکڻيون سنڌ جو آواز آهن؛ هن ڌرتيءَ جي چپيل ۽ چيڀاٽيل مظلوم هارين، ڪڙمين ۽ ڪاسبين سان صدين کان ٿيندڙ ظلمن جي خلاف ڀرپور آواز آهن. انهن ريتن ۽ رسمن جي خلاف احتجاج آهن، جيڪي مختلف وقتن ۽ مختلف نالن سان هن ڌرتيءَ جي وارثن تي مڙهيون ويون آهن، جن جو مقصد صرف هي آهي ته هڪ مخصوص طبقي جي مفادن جي حفاظت ٿي سگهي. جيئن ته ڏيپلائي صاحب خود سندن چوڻ مطابق جڏهن ٿر مان سنڌ جي شهري زندگيءَ ۾ داخل ٿيو ته کيس هر شيءِ ۽ هر ڳالهه نئين لڳي. سندس ماضيءَ جي ڳوٺاڻي ۽ مدي خارج سوچ جو ٽڪراءُ شهري زندگيءَ جي جديد سوچ سان ٿيو. بقول سندن پهريون دفعو ته کين سيڌو ڏسي به الٽي اچي وئي هئي. ان وقت يقيناً ڏيپلائي صاحب جا ڪي مذهبي ۽ سماجي نظريا هوندا، جن جو بنياد ڳوٺاڻي تهذيب جي قدرن تي ٻڌل هوندو. پاڻ ڳوٺن ۾ وڏيرن، پيرن، فقيرن ۽ سيٺين جي ظلمن ۽ اُرهه زوراين جو تماشو ڏسي چڪو هو ۽ مذهب جي باري ۾ جيڪو ذاتي مشاهدو ڪري چڪو هو، ان بابت ظاهر آهي هڪ مخصوص ڳوٺاڻي ماحول ۾ هن جا تاثرات ڇا هوندا: ليڪن پاڻ جڏهن شهر پهتو ته اتي سندس انهن ئي نظرين ۽ خيالن جو ٽڪراءُ، جديد نظرين ۽ قدرن سان ٿيو، جنهن سندن من ۾ مانڌاڻ پيدا ڪيو ۽ اهو سادو سودو محمد عثمان ميمڻ، ڏيپلائي صاحب بنجي ويو.

هن جي لکڻين ۾ پنهنجي ذات کان وڌيڪ ٻين جي ڏک سور جي ڳالهه ڪيل هئي، تنهنڪري اهي هڪدم قبول ڪيون ويون. هن جون لکڻيون ايتريون ته جلد قبول ٿيون، جو ان جو مثال ملڻ ممڪن ناهي. ’عبرت‘ جو ڪتابي سلسلو، ان وقت هندو- مسلم ڇڪتاڻ کي منهن ڏيڻ، سنڌ جي عوام ۾ سياسي شعور پيدا ڪرڻ ۽ استحصالي گروپ جو ڀانڊو ڦاڙڻ، سماجي اڻ برابريءَ وارين حالتن جي خلاف افسانا، ڊراما ۽ مضمون- مطلب ته ڪهڙي صنف هئي، جيڪا پنهنجي جذبات جي اظهار لاءِ ڏيپلائي صاحب استعمال نه ڪئي.

ڏيپلائي صاحب نه صرف هڪ وڏو اديب هو، بلڪه هو سنڌ جو هڪ جهونو ۽ بيباڪ صحافي به هو. مختلف دورن ۾ هومختلف رسالا ۽ اخبارون ڪڍندو رهيو.پوءِ انهن ۾ سچ لکڻ جي پاداش ۾ سزائون ڪاٽيائين، عتاب هيٺ رهيو، پر مجال آهي جو سائين سچ چوڻ کان مڙي. ’مسلمان‘،’عبرت‘،
’سنڌ ٽائيمز‘ مطلب ته ڪڏهن به خاموش نه رهيو.

ڏيپلائي پنهنجي زندگيءَ جي آخري گهڙين تائين لکندو رهيو. وڌندڙ عمر ۽ پيرسني به کانئس سندن حوصلو، اعليٰ ظرفي ۽ خوشطبعي نه ڦري سگهيون. ٿورو ئي وقت اڳ ايل.ايم.سيءَ ۾ هڪ تقريب ٿي، اتي محترمه مهتاب چنا حسبِ معمول انائونسمينٽ ڪري رهي هئي. پاڻ مون کي کلي چيائين: ’ڏس خادم، هيءَ ڇوڪري ساڳي مهتاب چنا جي ڪاپي پئي ڪري. پر هيءَ ٿوري سنهڙي آهي.‘ ان تي منهنجي ڀر ۾ ويٺل مهتاب چنا جي ڀيڻ چيس، ’مهتاب ئي آهي.‘ اهو ٻڌي پاڻ ڏاڍو خوش به ٿيو ۽ کليو به. پوءِ ته سڀني کي کلي کلي ٻڌائڻ لڳو ته: ’ڏسو، مون ڪهڙو چريائيءَ جو ڪم پئي ڪيو، اصل مهتاب تي به نقل جو شڪ ٿيم.‘

ائين هڪ دفعو پريس ڪلب ۾ فلم شو هلي رهيو هو. ڏيپلائي صاحب به آيو. اتي بدر جالندريءَ سان به گهڻي دل لڳي ڪندو هو. ساڻس گڏ الاهي ٻار هئا. مون چيومانس: ”سائين ٻار توهان کي به گهلي آيا.“ اهو ٻڌي پاڻ کلي چيائين: ”ڪين آءٌ ٻارن جي بهاني پاڻ ڏسڻ آيو آهيان.“ هن جي زندهه دلي آخري دم تائين قائم رهي. مون جڏهن سندن گهر جي اڱڻ ۾ سندن منهن ڏٺو ته مون کي ائين لڳو ڄڻ چوندو هجي ته: ”يار ٿوري ننڊ ڪريون، وري ٿا لکون ڪجهه، ڪنهن نه ڪنهن ظالم جي خلاف“.

سنڌيءَ ۾ جن اديبن تي ڏيپلائي صاحب جي لکڻين ۽ سوچ جو گهڻو اثر آهي،تن ۾ ڊاڪٽر نجم عباسيءَ جو نالو سرِفهرست آهي. هن ڏيپلائي صاحب جي جهاد جي جذبي کي اڳتي وڌايو  آهي. هن جي ڪهاڻين مان سنڌ جي مظلوم طبقي جي پگهر جي بوءِ اچي ٿي. هن به پيرن فقيرن، وڏيرن ۽ سرمائيدارن جي خلاف قلم کي استعمال ڪيو آهي.

ڪنهن سچ چيو هو: ’ڏيپلائي صاحب هڪ شخصيت نه، پر سنڌ جو نقشو هو.‘

ثُريا سوز ڏيپلائي

 

 

 

م.ع ڏيپلائي- هڪ مصلح

 

”ڏيپلائي“ سنڌ جو ڪُهنه مشق صحافي، ناول نويس، ڪهاڻي نويس، مضمون نويس ۽ ڊرامه نويس هو. سندس جنم 13- جون 1908ع تي ٿرپارڪر ضلعي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ”ڏيپلي“ ۾ هڪ غريب واپار حبيب الله ميمڻ جي گهر ٿيو. بقول ڏيپلائيءَ جي ته:

”سندس پيدائش کي به پيرن ۽ مرشدن جي دعائن جي طفيل سمجهيو ويو نه فقط اهو پر سندس زندگيءَ ۽ صحت لاءِ به مرشدن جي دعا ۽ رضا“ کي لازمي ٿي جاتو ويو. ڇاڪاڻ ته کانئس اڳ هڪ ڀاءُ ”محمد هارون“ نالي ڄائو پر اهو ننڍپڻ ۾ ئي وفات ڪري ويو، ۽ پوءِ ستن ڀينرن جي پيدائش بعد نيٺ سِڪي پِني، ننڍڙو ”محمد عثمان“ اميد جو ڪرڻو بنجي آيو هو.“

جيئن ته پاڻ شعور ۾ آيو، پنهنجي آس پاس پيري مرشديءَ جو ڄار پکڙيل ڏٺائين اُهو ڄار ٽوڙي اُن مان آزاد ٿيڻ بابت ڪجهه سوچڻ جو ته ڪو تصور ئي ڪونه هو، پر باوجود بيوس هجڻ جي محمد عثمان ٻين وانگر اِن ڄار کي رحمت ۽ نوازش سمجهڻ لاءِ اصل تيار ڪونه هو.

هر سال بدين جي ميڙي تي، قافلي جي صورت ۾ سئو کن اُٺن تي، ماڻهن کي ”دعا“ ۽ ”تعويذ ڏوري لاءِ ويندو ڏسي، کيس اِهو احساس ٿيندو هو ته اِهو سمورو عمل غلط آهي، بلڪه جهالت ۽ اڻ ڄاڻائي آهي.

اِن سموريءَ سوچ منجهس علم پرائڻ جو جاءِ وڌايو، ذهين ۽ هوشيار نه ننڍپڻ کان ئي هو، جنهن جو واضح ثبوت چوٿين درجي ۾ پڙهندي هٿ سان لکيل اخبار هئي، جنهن جو نالو پاڻ ”فرحتِ آثار“ رکيو هئائين.

اِها اخبار پاڻ سڄو هفتو هٿ سان لکندو هو ۽ اُن ۾ آکاڻيون توڙي ٻاراڻا چٽڪا، جيڪي اُٿي ويٺي ٻين کان ٻڌندو هو، سي گڏ ڪري، لکي، وري هم ڪلاسن دوستن کي پڙهي به پاڻ ٻڌائيندو هو.

هِن دور ۾ مائٽ يا استاد ڪوشش ڪندا آهن ته ٻار کي سندس ذوق يا پسند مطابق تعليم ڏجي، پر ڏيپلائيءَ جي ذوق جي پورائي لاءِ ڏيپلي شهر ۾ ڪوبه مناسب انتظام ڪونه هو. ڇهين درجي تائين ته ڏيپلي شهر ۾ پڙهيو ۽ سدائين پهريون نمبر ايندو رهيو، ان کان پوءِ پڙهڻ لاءِ ڏيپلي ۾ انتظام ڪونه هو. وڌيڪ پڙهڻ لاءِ ڏيپلي کان 20 ڪوهه پري، ”مٺي شهر“ وڃڻو پوندو هو. سندس اِها دَوُري، مائٽن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول يا گوارا نه هئي. ائين سندس ”سڪيلڌو“ هجڻ ۽ مائٽن جي اٻوجهائي کيس آڏي آئي ۽ پاڻ وڌيڪ پڙهڻ لاءِ مٺيءَ نه وڃي سگهيو.

اِن صورتحال تي افسوس ڪرڻ يا مايوس ٿيڻ جي بجاءِ ڏپيلائيءَ پنهنجو مطالعو جاري رکيو. سندس پڙهڻ جي رفتار تمام تيز هئي. ضخيم ترين ڪتاب به ٿوري وقت ۾ پڙهي وٺندو هو، پوءِ پيريءَ مرشديءَ خلاف جنهن ڪتاب سندس دل ۾ سخت نفرت پيدا ڪئي سو هو ”فردوس برين“ اِهو ڪتاب مولانا عبدالحليم ”شرر“ جو لکيل هو. ڏيپلائي کي اهو ڪتاب مولانا عبدالرحيم پڇميءَ پڙهايو، جيڪو مشهور مبلغ هو.

ان ڪتاب جي مطالعي وقت سندس عمر 14 چوڏهن سال هئي. اِهو سال 1922ع جو واقعو آهي. فقط چوڏهن سالن جي عمر ۾ اهڙن ڪتابن جو مطالعو ڪرڻ ۽ پوءِ جهالت، توهم پرستيءَ ۽ پير پرستيءَ خلاف ڪو اقدام کڻڻ لاءِ سوچي ته سگهجي ٿو، پر عملي طور تي ڪجهه ڪرڻ، ڪم از ڪم تنهن وقت ۾ ممڪن نه هو. معنيٰ ۾ ته اِن قسم جي انقلابي سوچ ۽ اقدام لاءِ هر دور ۾ تڪليفون ۽ اذيتون مقدر هونديون آهن.

”ڏيپلائي“ جنهن کي سندس لکڻين ”محمد عثمان“ مان ”ڏيپلائي“ بنايو، تنهن سمجهي سوچي، پنهنجي لاءِ اِها اڙانگي راهه منتخب ڪئي، جنهن ۾ ڏٺا ڏارا  ڏُک ۽ سُور هئا، پر هُو نڪو جهريو، نڪي جهڪيو، اُوچي ڳاٽ سان گڏ سندس قلم به اُوچو رهيو.

سندن ڪيتريون ئي اُملهه تحريرون، جن مان پڙهندڙن پرايو ۽ پرائيندا رهندا، اڄ به اسان وٽ موجود آهن. اڄ به ڪنهن گڏجاڻيءَ ۾ اسلامي تاريخي ناولن جو ذڪر نڪري، ڪُوڙن پيرن مرشدن جي پکيڙيل مڪر و فريب جي ڄار جي حقيقت واضح ٿئي، طنز و مزاج جي موضوعن تي لکيل ڪالمن جو ذڪر ڇڙي يا بيباڪ انداز ۾ لکيل ايڊيٽوريلن بابت ڳالهه ٻولهه ٿئي، تڏهن ”ڏيپلائيءَ“ جو نالو اَوَس ايندو آهي ۽ جنهن انداز سان، جن لفظن ۾ کيس خراج تحسين پيش ڪيو ويندو آهي، اُهو ڏسي ۽ ٻڌي بلڪل ائين محسوس ٿيندو آهي ته: ”ڏيپلائي زندهه آهي.“

اِها حقيقت بلڪل واضح آهي ته، جيڪي به انسان، پنهنجي ذات کان بالاتر ٿي، ٻين جي ڀلائي ۽ بهبودي سوچين ٿا، ۽ اِن ڏس ۾ ڪنهن به انداز ۾ ڪا وِک کڻي، منزلن کي آسان ۽ يقيني ڪن ٿا، سي يقيناً زنده رهن ٿا.

ڏيپلائيءَ پنهنجي تحريرن ذريعي، تاريڪيءَ ۽ جهالت ۾ گمراهه ٿيل ذهنن ۽ سجاڳيءَ جي جوت جلائي. جيستائين اُن جوت ذريعي سجاڳ ٿيل هڪ به اهڙو ذهن موجود آهي، جيڪو ٻين ذهنن کي سجاڳيءَ جو سڏ ڏيئي سگهي: ”ڏيپلائي زندهه رهندو.“

ڏيپلائيءَ جون لکڻيون پڙهڻ وارا بخوبي ڄاڻن ٿا ته ڏيپلائيءَ سدائين ٻين جي مفاد لاءِ لکيو.

سندس حساس ذهن هميشه ظلم خلاف احتجاج ڪيو ۽ اُهو احتجاج تحريرن وسيلي ظاهر ٿيو.

ڏيپلائيءَ ڪُوڙن مرشدن کي اٻوجهه عوام تي، اُنهن جي ذهنن تي ظلم ڪندو ڏٺو هو، تنهن نيٺ 1938ع ۾ مولانا عبدالحليم ”شرر“ جي لکيل ڪتاب ”فردوس برين“ جو ترجمو ”گلستان حسن“ جي نالي سان ڪيو. اِن ڪتاب جي ڇپجڻ سان ڄڻڪ طوفان اچي ويو. اِن ڪتاب ۾ مرشدن جي حقيقتن تان پردو کنيو ويو هو. توقع مطابق ”ڏيپلائيءَ جون مخالفتون ۽ دشمنيون شروع ٿي ويون. مخالفن ۽ مطلبين لاءِ ڄڻڪ هڪ باغيانه قدم هو جيڪو ڏيپلائيءَ پيريءَ مرشديءَ خلاف تحريري طور تي کنيو هو.

جيتوڻيڪ اهو ڪتاب ته پوءِ ضبط ٿي ويو پر ڏيپلائيءَ تحريرن جو هڪ سلسلو جاري ڪيو، جيڪي هن موضوع تي هُيون. نقلي ۽ مطلبي ماڻهن جي پکڙيل ڄار کي ڏيپلائيءَ مضمونن ۽ ڪتابن جي سلسلي ۾ تار تار ڪيو. هي مڪر و فريب ڪرڻ وارا ڪهڙا ڪهڙا طريقا آزمائيندا هئا، تن جو مجاهدانه انداز ۾ ذڪر ڪيائين ۽ اٽڪلن کي بي نقاب ڪيائين. سندس تحريرون مختلف ۽ ڇرڪائيندڙ عنوانن سان شايع ٿيڻ لڳيون. ”مرشد جي ڏاڙهيءَ“ کان وٺي ”مرشد جي ٽنگ“، ”مرشد جي ننهن“ ۽ ”مرشد جي ڌيءُ“ تائين لِکي وڃي پار پيو. اِنهن ڪتابن ۾ نقلي مرشدن جي ڪُڌن ڪرتوتن ۽ ڪراهيت آميز ڪردار کي مڪمل انداز سان واضح ڪيائين. 1938ع ۾ ڏيپلائيءَ مرشد ٽوڙ سلسلو شروع ڪيو سندس ڪتاب ۾ لکيل لفظ هن ريت آهن:

”اِها حقيقت آهي ته آدم کي ايندڙ دنيا ۾ مرشد جي مقابلي ۾ ڪي ٻيا رهزن ۽ ملڪ پيدا ڪونه ٿيا آهن.

اِهي مريدن کي اهڙا ڏٽا ٿا ڏين ته:

”اسين ڇُٽل تير موٽايون ٿا، هر مشڪل لاهيون ٿا، قيامت ۽ بهشت جون حورون ڏيارينداسون، اِن ڪري اسان جي هٿن ۾ بيجان لاشن وانگر ٿي رهو ۽ پنهنجو خواهه پنهنجن ٻچن جو تن، مَن ۽ ڌن اسان جي حوالي ڪندا رهو، نه ته اسين ڪاوڙجي، اهڙو قهر نازل ڪنداسون جو هميشه لاءِ اوهان جو خانو خراب ٿي ويندو.“ ۽ پوءِ ويچارا وسوڙيل مريد پنهنجو سڀڪجهه هِننِ رهزنن جي حوالي ڪندا رهن ٿا.“

مرشدن جي ڪيل هاڃن ۽ ظلمن جو ذڪر جن لفظن ۾ ڏيپلائيءَ ڪيو آهي سي پڙهي لِڱ ڪانڊارجيو وڃن. اِهي افسانوي نه پر حقيقي واقعات آهن، جن کي ڏيپلائيءَ بِلا خوف و خطر جي تحرير ڪيو.

سندس هڪ ڪتاب ”مرشد جي ڌيءُ“ مان اقتباس پيش ڪجي ٿو:

”هلڪڙي روشنائيءَ ۽ مرشد ۽ اَٺ ڏهه ماڻهو ويٺ اهئا. جن اڳيان ڪافي نقدي، سون ۽ جواهر پيل هئا. مرشد جي سڄي کٻي ٻه زبردست خليفا ويٺل هئا، جي ڏسڻ ۾ وڏا رهزن پئي لڳا. هُنن ئي اِهو مال غنيمت آندو هو. مرشد اُنهيءَ مان ته حصو ورهايو، پر اُنهن وري سندس اڄوڪي مليل نذراني مان وڌيڪ حصي جي تقاضا ڪئي. اڄ اتفاق سان نذرانو به بيحد گهڻو ٿيو هو، اِن ڪري مرشد ٽال مٽول پئي ڪئي. رهزنن مان هڪڙي گنڀير آواز ۾ چيو:

’ڏس ساٿي. تون هتي اڪيلو آئين، اسين تنهنجا رفيق بڻياسون، تنهنجون ڪرامتون مشهور ڪيوسين ۽ توکي ماڻهن وٽ مقبول ڪيوسين. تنهنجي اشارن تي جان جوکن ۾ وجهي، وڏا وڏا ڌاڙا هڻي اچون ٿا ۽ بلڪل ايمانداريءَ سان سمورو مال تو وٽ پيش ڪريون ٿا. پوءِ تون اڄ اسان سان ڪُپت ڇو ٿو ڪرين؟“

اِن جو جواب مرشد ڪهڙو ۽ ڪيئن ڏنو، سو ملاحظه فرمائيندا:

”جلال مان اکيون ڳاڙهيون ڪري مرشد چيو:

اڇا اڄ توکي به ايڏي جرات ٿي؟ پنهنجي اصليت کي صفا وساري ڇڏيئه؟... ڇهن ڪارتوسن وارو ريوالور ڏيکاري مرشد سڀني کي مخاطب ٿي چوڻ لڳو.

اِهو نه وساريو ته اوهين سڀ بيحد محتاج ۽ پريشان هوا، اِهو منهنجو ئي ڪرم آهي، جو اڄ اوهين مُڇون وٽي پهلوان بنيا وتو، ائين نه سمجهو ته منهنجا ساٿي رڳو اوهان آهيو، ياد رکو. اڄ ”فقير، جو ڪاروبار گهڻو پکڙي چڪو آهي. فقير چاهي ته پل جو پل ۾ سندس ٻيا جان نثار اوهان کي جتي به هجو، اُتي ڳترا ڳترا ڪري ڇڏين.“

اِها ته هئي مرشدن جي مال چورائڻ ۽ مريدن کي ڦرڻ جي حقيقت پر مرشد ”مال“ سان گڏ ”جان“ جو نذرانو به وصول ڪندا آهن. اُهو ”جان“ جو نذرانو به محض پنهنجي ”پکيءَ جنهن اُٺ“ جي رفتار برقرار رکڻ لاءِ مرشد ته حاصل ڪري وٺي ٿو، پر هڪ بيوس ماءُ ڪيئن ٿي دانهون ڪري، تنهنجي عڪاسي ڏيپلائيءَ هِنن لفظن ذريعي ڪئي آهي، ملاحظه ڪندا:

”مرشد حڪم ڪيو ته پکيءَ جي رات ڪيئن خالي وڃي، جيڪو به نڌڻڪو هٿ اچي، اُن کي ختم ڪريو. سو منهنجي ابهم ٻالڪ کي پڪڙي، ڪُهي اُن جي کوپڙي ڪاڙهي، اُٺ کي پياري ڇڏيائون ۽ ڌڙ الائي ڪاڏي ڪري ڇڏيائون.“

”مرشد جو اُٺَ“ ۾ ڏيپلائي، اُٺ ۽ اُن جي تيز رفتاريءَ جو ذڪر ڪري ٿو. مرشد کي اُٺ جي تيز رفتاري برقرار رکڻ لاءِ هڪ جوڳي، ٻين مصالن سان گڏ تازي انساني کوپڙي روزانه ڪاڙهي پيارڻ جو ڏس ڏي ٿو. روزانه کوپڙي ته قبرستان مان تازي پوريل لاش جي هٿ اچي ويندي هئي، پر هڪ رات لاش جي کوپڙي چورائيندي، مرشد جا ماڻهو پڪڙجي پون ٿا ۽ کوپڙي حاصل ٿي نه سگهي، اِهو معلوم ٿيڻ کان پوءِ مرشد حڪم ڪري ٿو ته تازي لاش جي نه سهي، پر جيئري ماڻهوءَ کي ڪُهي، لاش ڪري، کوپڙي حاصل ڪري، جوڳيءَ جي ڏس  موجب مصالن سان گڏ ڪاڙهي، اُٺ کي پياري وڃي. مرشد جي حڪم جي پوئواري ٿي ۽ بيواهه زال جو اِڪلوتو پُٽ ڪسجي ويو.

اهي هئا مرشدن جا قهر، جن کي ڏيپلائيءَ ظاهر ڪيو.

اِن دوران کيس اهڙن مرشدن طرفان نه فقط ڌمڪيون ڏنيون ويون، پر عملي طور تي پڻ بي تحاشا اذيتون ڏنيون ويون، جن ۾ ڪوڙن مقدمن ذريعي ڏنل ذهني ۽ مالي تڪليفون شامل آهن. پر سندس قلم جيڪو ڪمائڻ، لاءِ نه بلڪه ”ڪفر ٽوڙڻ“ لاءِ هليو هو، سو ”مرشد ٽوڙ“ سلسلي جي صورت ۾ هلندو ئي رهيو.

مرشدن بابت سندس راءِ ڪهڙي هئي سا سندس لفظن ۾ ئي پيش ڪجي ٿي. پاڻ چيو به اٿس ”مرشديءَ کي آءٌ پوري انسان ذات لاءِ ڪاري نانگ کان وڌيڪ زهريلو ۽ خطرناڪ سمجهان ٿو. ڇو ته ڪاري نانگ کي خطرناڪ سمجهي هر ڪو اُن کان پاسو ڪندو آهي، جڏهن ته اُهو جسم کي مفلوج ڪندو آهي. پر مرشدي ته دماغ کي ايڏو مفلوج ڪري ڇڏي ٿي، جو اُنهن جو گناهه به باطن ۾ ”ثواب“ پيو نظر ايندو آهي ۽ مريد خود به پيا اِها تبليغ ڪندا آهن.“ اهڙن مريدن کي ڏيپلائي سجاڳ ڪيو، ان جو اعتراف اُهي مرشد پاڻ به ڪن ٿا. جن کان ڏيپلائيءَ سندن مريد ڦيريا.

ان سلسلي ۾ ڏيپلائي زباني طور تي، توڙي تحريري طور تي پنهنجي مخصوص انداز ۾ ٻڌائيندو هو ته: ”مون ڪڏهن به ڪنهن سان ذاتي بغض ڪونه رکيو ۽ نڪوئي ڪو واقعو ڪنهن شهر يا شخصيت سان سڌو سنئون منسوب ڪيو، پر مضمون جي اشاعت کان پوءِ هڪدم مخلتف شهرن ۽  ڳوٺن مان ڌمڪيون ۽ دڙڪا ملندا هئا ته ”تو اسان جي مرشد بابت لکيو آهي. اسين توکي ڪونه ڇڏينداسون.“

ڏيپلائيءَ جي چوڻ مطابق ته:

”اِهو ڏسي آءٌ سمجهندو هئس ته غالباً هر شهر ۽ هر ڳوٺ ۾ واقعات ۽ حالت هڪ جهڙا آهن، جو مختلف شهرن ۽ مختلف ڳوٺن جا مرشد يا سندن مريد، تحرير ڪيل واقعي کي پاڻ سان منسوب ڪن ٿا.“

جڏهن مرشدن ۽ سندن مُريدن ڏٺو ته ڏيپلائيءَ تي سختين، سُورن ۽ ٻين تڪيلفن مُرڳو ئي اُبتو اثر ڪيو آهي ۽ سندس قلم ويتر بيباڪ ٿيندو ٿو وڃي، تڏهن هُنن عام نفسياتي طريقي تحت کيس اهي ڌمڪيون به ڏنيون ته:

”اسان جي مرشدن جي پِٽ توکي تباهه ڪري ڇڏيندي، برباد ٿي ويندين ۽ جن هٿن سان اهڙيون ڳالهيون لکين ٿو، سي ڀڄي پوندئي.“

پر اُنهن مرشدن ۽ مريدن ڏٺو ته مرشد جي پِٽ، ڏيپلائيءَ کي مورڳوئي آباد ۽ آسودو ڪري ڇڏيو. سندس هٿ به سلامت رهيا ۽ وڌ کان وڌ لکندا رهيا ۽ سندن اعمالن کي ظاهر ڪندا رهيا.

اِنهن مڪار مرشدن ۽ فريبي پيرن عام ماڻهن تي ته ظلم ۽ فريب جو ڄار پکيڙيو، پر پنهنجي اولاد کي به ڪونه بخشيو، حق بخشائڻ ۽ قلندر جو روپ ڏيئي هندوري ۾ وهارڻ به انهن جي ڪرتوتن ۾ شامل آهي. انهن سمورين بڇڙاين خلاف ڏيپلائيءَ قلم هلايو.

”مرشد جي ڪڪي“ نالي ڪتاب ۾ ڏيپلائي ڪڪيءَ جو بعاوت ڪردار پيش ڪندي لکي ٿو:

”مان قلندر ڪونه ٿينديس، مون کي ڪهڙي گتي پيئي آهي جو قلندر ٿيان؟“

”پوءِ هندورو ڀلي خالي رهي؟“

”خالي ڇو ٿو رهي؟ بسترا، طول وهاڻا رکي ڇڏيو مشهور ائين ڪري ڇڏيو ته قلندر پهريون خود پنهنجي سر تشريف پيو فرمائي. ڀُوڪ مريدياڻيون اِتي به پيون کيسا ختم ڪنديون.“

نذراني حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪي مرشد نياڻين کي حق بخشارائي وهاري ڇڏين ٿا، يا هندوري نشين، ڪري نذرانا حاصل ڪن ٿا، تِن جي اولاد مان ئي ڪونه ڪو بغاوت ڪندي پُر زور احتجاج ڪندو آهي. مرشد جي ڪڪيءَ نالي ڪتاب ۾  ڏيپلائي اهڙو باغي ڪردار پيش ڪري، گويا پنهنجي اِن آرزو جو اظهار ڪيو ۽ نئين انداز سان مسئلي جو حل به ٻڌايو ۽ وقت ثابت ڪيو ته اهو حل ناممڪن ڪونه هو. هر ظالم جي پنهنجي ماحول ۾ ئي ڪونه ڪو ظلم خلاف آواز اٿاريندو آهي. ظلم خلاف آواز اٿارڻ وارو مرشد جو پنهنجو اولاد به ٿي سگهي ٿو، ڏيپلائيءَ کي سندس تحريرن باعث هر ڪو سڃاڻي هُن لڙڪ ڏنا ته مُرڪ به ڏني، چهڪ ڏنا ته ٽهڪ به ڏنا. ڪٿي سنجيدگي ڪٿي رنجيدگي ڪٿي طنز ته ڪٿي مزاج. مزاحيه انداز ۾ وڏي ڳالهه به چئي ويندو، سندس مخصوص مزاحيه انداز ”مرشد جي ڏاڙهي“ نالي ڪتاب ۾ نمايان آهي.

مرشد جي ڏاڙهيءَ جو وار فصل کي ڀلو ڪري سگهي ٿو، اِها ڳالهه معلوم ٿيڻ کان پوءِ، هر ڪو مريد ”وار“ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪري ٿو. مرشد ته ”وار“ خوشيءَ ۽ خلوص مان ڏيندو رهيو پر ڏاڙهي ڏينهن ڏينهن تي ”ڇڊي“ ٿيڻ لڳي، نتيجي طور مرشد، جسم جي ننڍن وارن جي ملاوٽ ڪرڻ شروع ڪئي ۽ روبرو وار پٽي ڏيڻ کان ڪيٻائڻ لڳو، پر هڪڙي مريدياڻي وڌيڪ ”ذهين“ هئي، تنهن همت ڪري قدم وڌايو اِن جي وڌايل قدم جي وضاحت ڪندي ڏيپلائي لکي ٿو:

”هونئن ته مرشد ڏاڙهيءَ مان سچو پچو وار پٽڻ تي ناراض ٿيندو هو، پر جيڪڏهن ڪا زال وڌي، پيرين پئي، ڏاڙهي سونهاريءَ کي چمي ڏيئي وار پٽيندي، ته ناراض ڪونه ٿيندو.“

پهرين ته مرشد اِها پنهنجي خوشقسمتي سمجهي جو مريدياڻي، پيرين پئي، چُمي ڏيئي، ڏاڙهي مان وار پٽي.

پر پوءِ بدقسمتيءَ ائين آئي جو سڄي ڳوٺ جي مريدياڻين هڪ ئي وقت ۾ صلاح ڪري ڏاڙهيءَ تي مارو ڪيو. مرشد جي ڏاڙهي ته منٽن ۾ وئي پٽجي، پر مرشد جي پاڙ به اُن ڳوٺ مان پٽجي ويئي. سو ڪڏهين ڪڏهين مريدن جي خاص نيازمندي به مرشدن لاءِ مصيبت بنجيو وڃي.

حقيقت ۾ اها هڪ قسم جي تنبيهه هئي، جيڪا ڏيپلائيءَ پنهنجي مخصوص انداز ۾ مرشدن کي ڏني.

”مرشدن جون ٽنگون“ ۾ به ڏاڍي وڻندڙ ۽ مزاحيه انداز ۾ مريدن جي محبت جو ذڪر ڪيو اٿس. پاڻ لکي ٿو ته:

”هاڻ مرشد آيو ته صديق پنهنجي گهر ۾ رهايس، قاسم به اچڻ لڳو، پر صديق سمجهڻ لڳو ته اصل خليفو آءٌ آهيان، قاسم کي ايترو اچڻ نه گهرجي، قاسم وري اڳرائي ڪري مرشد کي سمهڻ وقت زور ڏيڻ لڳو. اهو ڏسي صديق ڪوشش ڪري کانئس اڳ زور ڏيڻ لڳو، مگر صورتحال اها ٿيڻ لڳي جو بعضي بعضي زورن تان پاڻ ۾ تڪرار ٿيڻ لڳو ٿي. هيءُ حال ڏسي مرشد فيصلو ڪيو ته ”ساڄي ٽنگ صديق جي حوالي ۽ کاٻي ٽنگ قاسم جي حوالي“ انهيءَ ڪري هاڻي تڪرار دفع ٿي ويو ۽ هر ڪو پنهنجي ٽنگ کي زور ڏيڻ لڳو جيڪڏهن ڪنهن مهل هڪڙو موجود نه هوندو هو ته ٻيو فقط پنهنجي ٽنگ کي زور ڏيندو هو ۽ تيتر ٻيو به اچي ويندو هو، ايستائين ته قصو ٺيڪ هليو.“ پر ڏيپلائي پنهنجي انداز سان مسئلي سان گڏ اُن جو حل به ٻڌائي ٿو، تنهن وڌيڪ لکيو ته ”اِن وچ ۾ طيب نالي هڪ ڇوڪرو جيڪو پڙهيل آهي سو اچي وڃي ٿو ته جاچ ڪري مرشد جي سيني مان نڪتل نور جي تجلين ۽ ”قلبي ذڪر“ جو راز پروڙي وٺي ٿو کيس اها ٽارچ نظر اچي ويندي آهي، جنهن مان نور جا تجلا نڪرندا هئا. اِهو ڏسي کيس ڏاڍي چڙ آئي ۽ خار لڳا، تنهن ڳوٺائين جي نفسيات کي خيال ۾ رکي هڪ تجويز سوچي، جنهن تي عمل ڪرائڻ سان مرشد مان جند ڇڏائڻ ممڪن ٿي سگهي ٿي، طيب ڇا ڪيو جو قاسم سان همدردي ڪندي پنهنجي ڏک جو اظهار هِن ريت ڪيائين:

”ادا مرشد سڳوري جو سڀ کان اول واقف تون ٿيو هئين.“ قاسم جواب ڏنو: ”هائو برابر.“

طيب چيو: ”مگر انهيءَ هوندي به وڏو خليفو صديق بنجي ويو آهي، پر اڄ جيڪا ڳالهه آءٌ ڏسي آيو آهيان، سا ته ڏاڍي دکدائڪ آهي.“

قاسم ٿورو تِکو ٿي چيو:  ”اُها ڪهڙي؟“

طيب چيس ته: ”اچ ته ڏيکاريان!“ سو پاڻ سان وٺي ويس پير صاحب جي لانڍيءَ وٽ دروازي مان ليئو پائي ڏٺائون ته مرشد صاحب پاسو ورائي ستو پيو آهي ۽ هڪڙي ٽنگ ٻيءَ ٽنگ مٿي اٿس. طيب افسوس جهڙو منهن ڪري چيس ”ڏسين ٿو؟ هاڻي صديق جي ٽنگ تنهنجي ٽنگ مٿان ليٽي پئي آهي، ڄڻ تنهنجي ڪا عزت ئي ڪانهي!“ هي ٻڌڻ شرط قاسم کي چڙ وٺي ويئي، هٿ ۾ ڪوڏر هئس، جهٽ پٽ ڳن ڪڍي ”تنهنجي ته وٺي ڪري...“ چئي ٺڪاءُ ڪرايائين صديق واري ٽنگ کي، جي ”ههڙي تهڙي، تون هاڻ اهڙي آڪڙ ۾ آهين، جو منهنجي ٽنگ مٿان ٿي سمهين؟“ مرشد سڳورو خوفناڪ رڙ ڪري اُٿيو، ته ايتري ۾ صديق به اچي پهتو، طيب جهٽ قاسم کي چيو ته ”قاسم ڀڄ صديق خليفو اچي ويو آهي، هن کي ضرور ڪاوڙ ايندي جو تو سندس ٽنگ کي ڪوڏر جو ڳن هڻي ڪڍيو آهي.“ قاسم ته ڇا ڀڄندو، پر صديق جي هٿ ۾ وري ڪهاڙي هئي، اُن کي اهڙا خار آيا جو ڳن جو پٺيون پاسو زور سان قاسم واري ٽنگ کي هڻي ڪڍيائين چي: ”ڀلا ڪر مقابلو، مرشد جو قسم، هاڻي جي منهنجي ٽنگ تي هٿ کنيئه ته تو واري ٽنگ کي هِن ڪهاڙيءَ سان ڳترا ڳترا ڪري ڇڏيندس!“ طيب جي تجويز ڪارائتي ثابت ٿي ۽ مرشد سڳورو ڀڄي وڃي جهنگ ۾ ڪنهن ڪڙيئي وٽ ڪريو ۽ هاءِ هاءِ ڪري چوڻ لڳو ته:

”هنن جي مرشدي ته گهڻي آرام واري پر ٽنگون ڪير ڀڃائي؟“

اِها هئي مريدن جي محبت، جنهن جو اظهار ڏيپلائيءَ جي مخصوص مزاحيه انداز ۾ ٿيل هو. ڏيپلائي جي مرشد ٽوڙ سلسلي بابت شمشيرالحيدري سندس سوانح ۾ لکي ٿو:

”سڀ کان وڏي خصوصيت جيڪا ڏيپلائيءَ کي مڙني شخصيتن تي امتياز ۽ فوقيت بخشي ٿي، سا آهي ڏيپلائيءَ جي پيري مرشديءَ خلاف بغاوت ۽ مسلسل جهاد هِن مجاهد جي سڄي ڄمار اِنهيءَ جدوجهد ۾ گذري آهي. سچ پچ ته سندس هِن ڪارنامي کي جيڪڏهن اسين ”آبِ حيات“ جي جوءِ جاري ڪرڻ جي استعاري سان ڀيٽيون ۽ ياد ڪريون ته اِهو بلڪل بجا ٿيندو.“

چوندا آهن ته ميمڻ ذات واپاري ذهن رکندڙ آهي، نفع کان سواءِ گُم ٿيل ٻار به موٽائي نه کڻي. اِها ڳالهه ڏيپلائيءَ سان به لاڳو ڪري سگهجي ٿي. سندس ڪيل واپار مان کيس سجاڳ ذهن مليا، ان کان بهتر نفعو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو؟

البته اِهو الزام ڏيپلائيءَ تي به هڻي سگهجي ٿو ته مرشدن جي خلاف لکندي لکندي، مُريدن کي کانئس باغي ڪندي، همراهه پنهنجا ايترا مريد ٺاهي ويو آهي جو شمار ئي ڪونهي. بيشڪ واپار ڪرڻ جو ڏانءُ هئس. ڏيپلائيءَ آب حيات جي جُوءِ جاري ڪئي، هاڻ ضرورت آهي ته اِهو ”آبِ حيات“ روان آهي.

منهنجو مطلب اُنهيءَ مرشد توڙي سلسلي جي ٻيهر اشاعت سان آهي، جنهن جي غالباً اڳي کان به اڳري ضرورت آهي. نيڪيءَ ۽ بديءَ جو ازلي ساٿ آهي. بديءَ جي بُت کي ڀڃڻ لاءِ لازمي آهي ته نيڪيءَ لاءِ نوان نوان قدم کڄندا رهن. ان عمل لاءِ لازمي آهي ته انسانن کي انسانن جي غلاميءَ کان خاص طور تي ذهني غلاميءَ کان آزاد ڪرائڻ لاءِ ڪوششون ڪجن. ڇو ته ان کان وڌ ڪا نيڪي ڪونهي.

ڏيپلائيءَ جون تحريرون گواهه آهن ته سندس هر لفظ انسانيت جو پرچار ڪندڙ هو. هُو نه غلامي پسند ڪندو هو، نه غلام ۽ اهائي انسانيت جو معراج پڻ آهي.

شوڪت حسين شورو

 

 

       اونڌاهيءَ ۾ لاٽ- ڏيپلائي

 

رچرڊ برٽن سنڌ کيUnhappy Valley يا ڏکويل ماٿري سڏيو آهي- اها ڏکويل ماٿري جيڪا تاريخ جو ڳچ عرصو غلاميءَ جي بار هيٺان دٻيل ۽ ڌارين جي ڦرلٽ جو شڪار رهي آهي، اتي دٻايل، ستايل ۽ هيسيل ماڻهن ۾ غلاماڻي ذهنيت جي عناصر جو هجڻ تعجب خيز ڳالهه ڪانهي. تعجب جي ڳالهه اها آهي ته اهڙي مئل، مردار ۽ جاهل معاشري ۾ ڪڏهن ڪو اهڙو باهمت ۽ بهادر ماڻهو پيدا ٿي پوي جيڪو پنهنجي ذهن تان صدين جي غلاماڻي ذهنيت ۽ جهالت جاچڙهيل تهه لاهي ڦٽا ڪري- ۽ چوڏس پکڙيل ٻاٽ اونڌاهيءَ ۾ ٻين کي روشنيءَ جي تروري ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪري محمد عثمان ڏيپلائي انهن ڳاڻ ڳڻين سنڌين مان هڪڙو آهي.

هُو پنهنجن مشاهدن ۽ تجربن مان سمجهي ويو هو ته غلاماڻي ذهنيت سبباب سنڌين ۾ جيڪي خرابيون پيدا ٿيل آهن تن ۾ پيري مرشدي به هڪڙي وڏي برائي آهي. ان برائي جي تجربي جي شروعات سندس ڄمڻ کان اڳ ئي ٿي چڪي هئي. کائنس اڳ هن جو پنج ڀيڻون لڳو لڳ ڄميل هيون. انڪري سندس ماءُ پٽ جي سڪ ۾ هرهنڌ دعا گهرندي هئي ۽ باسون باسيندي هئي. محمد عثمان ڏيپلائي پنهنجي آتم ڪٿا ”ننڍڙو ماڻهو- ننڍڙيون ڳالهيون“ ۾ لکيو آهي ته ”منهنجو پيءُ پير صاحب پاڳاري جو مريد هو. هن جا مريد ٻارهن تڪن ۾ ورهايل هئا ۽ هر تڪ جو خليفو به پنهنجي سر اولياءُ هوندو هو. اسان جي تڪ جو خليفو محمود شاهه ڳوٺ ٻورلي تعلقي مٺيءَ ۾ رهندو هو. آخر منهنجي ماءُ ۽ پيءُ ويا اتي سوالي ٿي. حالانڪ آئون ته ان وقت ٽيون مهينو پيٽ ۾ هئس، پر جڏهن ڇهن مهينن بعد آئون ڄائس، تڏهن به ان کي شاهه صاحب جي ڪرامت سمجهيو ويو.....“

ان ڪرامت سان منسوب ٿيل محمد عثمان ڏيپلائي جڏهن حقيقتن کي ڄاتو ته هن اهڙين ڪوڙين ڪرامتن ۽ معجزن جي ڪوڙن خالقن پيرن ۽ مرشد جي خلاف جهاد جو جهنڊو هٿ ۾ کنيو ۽ سچ جو نعرو هنيو. اهو عجيب اتفاق آهي ته ان وقت سنڌ جي اونڌاهي دور ۾- جيڪو اچ به ڪنهن حد تائين قائم آهي- ٻه اهڙا مجاهد پيدا ٿيا جن سنڌ ۾ موجود فرعونن ۽ ابوجهلن سان مهاڏو اٽڪايو. ٿر ۾ محمد عثمان ڏيپلائي ۽ لاڙ ۾ حاجي  احمد ملاح ٻه اهڙيون شخصيتون هيون جن غربت ۽ بي سرو ساماني جي باوجود وڏي همت ۽ بهادري سان حق ۽ سچائي جي ڳالهه ڪئي ۽ سنڌي ماڻهن جي جهالت، ڪوڙن عقيدن، وهمن وسوسن ۽ بدعتن کي دور ڪرڻ جي لاءِ جهاد ڪيو.

سنڌي معاشرو ان بيٺل پاڻيءَ جي تلاءُ وانگر هو جيڪو ڌپ ڪري ويو هو ۽ ان جي مٿان سينور ڄمي ويو هو. محمد عثمان ڏيپلائي پيرن مرشدن جي خلاف جيڪي ڪتابڙا لکيا تن ان بيٺل پاڻيءَ جي تلاءُ ۾ ولوڙ پيدا ڪري ڇڏي. انهن ڪتابڙن ۾ ٽٽ شاهه، دستگير جي ٻارهين راضي شاهه جي روڪ، رڍ بيبي، شاهه جي ڏگري، قلندر جو هندورو، نانگي شاهه جو ڪنڊو، نڀاڳي مريدياڻي، ڪاوڙيل مريدياڻي، نٿ جو حج، سيد جو اٺ، سيد ۽ ڪنڀر، مرشد جي ڪهاڙي، کدڙيءَ جي گدي عرف مرشد جي ڪڪي، مرشد جو اٺ، مرشد جو ٻڪر، مرشد جون ٽنگون، مرشد جي ڏاڙهي، مرشد جي ڌيءُ، مرشد جو چاليهو، مرشد جو حج، مرشد جو گهوڙو، مرشد جي پڳڙي جهڙيون ڪيئي ڪهاڻيون لکي پيرن مرشدن جا ڪرتوت ۽ وکا پڌرا ڪيا.

محمد عثمان ڏيپلائي وٽ نڪا ڌن دولت هئي، نه سياسي اثر رسوخ هو. هن پيري مرشديءَ جي خلاف جهاد نه ڪنهن پارٽيءَ جي پيلٽفارم تان شروع ڪيو ۽ نه هن ليڊري چمڪائڻ لاءِ چار ماڻهو گڏ ڪري تحريڪ هلائي. ڏيپلائي پنهنجي ذات ۾ پاڻ تحريڪ هو. پٺ ۽ مٺ کان سواءِ به مڙس ماڻهو هو. مسڪيني حال هوندي به هٿين خالي ڪونه هو. هن هن جي هٿ ۾ قلم جي طاقت هئي جنهن وسيلي هن جهاد ڪيو. کيس پيرن مرشدن، سيٺين ۽ وڏيرن، سياستدانن ۽ ڪامورن سان ڪا ذاتي دشمني ڪانه هئي. هن جي سڄي جدوجهد عام سنڌي ماڻهوءَ جي جهالت کي ختم ڪرڻ جي لاءِ هئي. اهو جهاد اڳتي هلي سنڌي قوم جي سياسي ۽ معاشي حقن حاصل ڪرڻ ۾ تبديل ٿي ويو. هن جي جدوجهد ۾ هاڻي وسعت پيدا ٿي چڪي هئي. ان هوندي به کيس ان ڳالهه جو احساس هميشه رهيو ته سنڌ ۾ جهالت کي قائم رکڻ جي لاءِ جيڪي بديءَ جون قوتون آهن تن ۾ اول نمبر جو ولين پير آهي.

سنڌ جي ڏاهي بزرگ محمد ابراهيم جويي لکيو آهي ته ”زندگيءَ جي منچ تي ڏيپلائي صاحب جي سامهون بديءَ جا چار زنده نشان يا ڪردار رهيا آهن ۽ اهي آهن: هڪڙو پير، ٻيو ملئون، ٽيون زميندار ۽ شاهوڪار ۽ چوٿون ڪامورو ۽ سنڌ ۾ سنڌي سماج جي سموري نڀاڳ ۽ ناڪاميءَ لاءِ پڻ انهيءَ چونڪڙيءَ وارا اهي چار ذميدار رهيا آهن. ڏيپلائي صاحب جي قلم ۽ زبان جي سموري قوت، سندن افسانا، ناٽڪ ۽ ٻيا علمي ڪتاب ۽ مضمون سنڌ جي انسانن کي انهن چئن نوڙن مان ڇڏائڻ ۽ آزاد ڪرائڻ ۾ مصروف رهي آهي....“

محمد ابراهيم جويي جن چئن نوڙن جو ذڪر ڪيو آهي تن مان ڏيپلائي صاحب اوليت پيري مرشدي کي ڏني آهي. هن 1972ع ۾ يوسف شاهين کي ڏنل هڪ يادگار انٽرويو ۾ چيو آهي ته ”مرشديءَ کي آئون پوري انسان ذات لاءِ ڪاري نانگ کان به وڌيڪ زهريلو سمجهان ٿو ڇو ته اهو نانگ فقط جسم کي مفلوج ڪري ٿو ۽ مرشدي دماغ کي. ان کان سواءِ ڪاري نانگ کي خطرناڪ سمجهي، ان کان پاسو ڪيو آهي، پر مرشدي دماغ کي ايڏو مفلوج ٿي ڪري، جو انهن جو گناهه به باطن ۾ ثواب پيو نظر ايندو آهي.“

سنڌ ۾ پيرن جا پرڪار هر ماڻهوءَ کي سجهن ٿا، انهن جو ذاتي ڪردار ۽ سندن افعال ڪيترا بڇڙا آهن، سي به ڪنهن کان ڳجها ڪونه آهن. انهن جو روزگار آهي اٻوجهه مريدن کي ڦرڻ. ويتر پنهنجي اثر رسوخ کي وڌائڻ جي لاءِ سياست جي ميدان ۾ اچي سنڌي قوم جي جائز حقن کي وڪڻي، غداري جي عيوض انعام اڪرام وٺڻ ۽ مفاد پرستي ۾ هنن کي ڪو عار محسوس ڪونه ٿو ٿئي. سنڌ جي نه رڳو عام پر پڙهيل لکيل ماڻهن جي اکين تي ڪاريون پٽيون ٻڌيون پيون آهن ۽ ذهنن تي اهڙا تالا لڳا پيا آهن جو کين اهي حرڪتون نظر ئي ڪونه ٿيون اچن.

ماڻهن جي بند ٿيل ذهنن کي کولڻ جي ان جدوجهد مان ڏيپلائي صاحب پاڻ به ڪو ايڏو مطمئن ڪونه هو، جيئن ان ساڳئي انٽرويو ۾ اعتراف ڪيو اٿس ته ”مون خواهه ٻين تمام گهڻن شخصن جي پرزور ڪوشش بعد به مرشديءَ تي صرف اٺ آنا اثر پيو آهي. پر اٺ آنا عوام اڃا به ساڳئي مرض ۾ گرفتار آهي، بلڪ خوش فهميءَ کي بنهه پري ڪريان ته شايد اهو اثر اٺ آنا نه بلڪ چار آنا به مس ٿيو هجي. ڇو ته موجوده معاشي نظام سبب انسان اهڙو ته پريشانين ۾ ڀريل آهي جو ’مرشديءَ جي مدد‘ ۾ ڦاسڻ کان سواءِ ڄڻ ته ڪوبه چارو ڪونه اٿس ۽ انهن ۾ نه فقط جاهل بلڪ  ڪي تمام وڏا جديد تعليم يافته به ڦاٿل آهن. بهرحال مصداق:

ڪم ڪرڻ کان ٿيندس ڪڪ مور ڪين،

جي مئيس ته به مون کي چوندا آفرين.“

ڏيپلائي صاحب کي سچي به صد آفرينون هجن. هن سنڌي ماڻهن کي سجاڳ ڪرڻ، منجهن سماجي ۽ سياسي شعور پيدا ڪرڻ جي جاکوڙ ڪئي، پر سنڌي قوم جي بدنصيبي جيڪا صدين کان هلندي اچي ان جي ختم ٿيڻ جا آثار پري پري تائين به نظر ڪونه ٿا اچن. اهڙين حالتن ۾ محمد عثمان ڏيپلائي جهڙن ماڻهن جو پيدا ٿيڻ به هڪ وڏي غنيمت آهي ۽ سنڌ جي بند، سڙيل ۽ ٻوساٽيل ماحول ۾ تازي هوا جو جهوٽو آهي.

رسول بخش پليجو

 

 

                هُن جون ڪهڙيون ڳالهيون ڪجن....

(ناول ”ماءُ“ تي لکيل ٻه اکر)

دنيا جا اڪثر نالي وارا ڀلا ماڻهو اديب، فنڪار، دانشور، مفڪر، سائنسدان فقط ان ڳالهه سان واسطو رکندا پئي رهيا آهن ۽ هاڻي به رکن ٿا ته ڳالهه ڍِلي نه پر ڀلي ۾ ڀلي ڪري ڇڏجي. باقي پوءِ جن محروم ۽ مظلوم ماڻهن جي فائدي جي ڳالهه آهي، اهي ان تي عمل ڪري سگهن ٿا يا نه، کين ڪو فائدو ٿئي ٿو يا نقصان، سو کٽي هر ڪنهن جو نصيب!

ارسطو، ٽئگور، ليو ٽالسٽاءِ، برنارڊشا ۽ شيخ اياز کان ٿيندي، اهو لڏو ائين ئي ڪم ڪندو رهيو آهي ۽ هاڻ به ائين پيو ڪري- پنهنجي دلپسند ۽ ڏانءَ واري ڪم سان ڪم ۽ پنهنجي مقرر حدن اندر ڪم، انهن دائرن کان نڪرڻ جو لاچار ڪونهي. اهوئي سبب هو جو عوام جا آسمان جي بلندين کي ڇهندڙ ٽالسٽاءِ ۽ ٽئگور جهڙا ڀلوڙ مڙس پنهنجي دؤر جي انقلابي وطن دوست جدوجهدن کي لاتعلقي بلڪ بيزاريءَ جي نظرن سان ڏسندا رهندا هئا.

ٻئي طرف عظيم فرينچ اديب ۽ دانشور روسو ۽ والٽيئر بنيادي طرح سماجي انقلاب جا گهورا هئا. هنن جو بنيادي مقصد رڳو عظيم اديب يا دانشور ٿيڻ نه پر فرانس بلڪ سڄي يورپ ۾ سماجي انقلاب آڻڻ هو. ان بعد اهو دؤر آيو جنهن ۾ ماڻهو عالم، اديب، دانشور بنجڻ لاءِ انقلابي ڳالهيون نه ڪندا هئا پر سماجي انقلاب آڻڻ لاءِ علمي، ادبي، فني ۽ ثقافتي هٿيار گهڙيندا ٺاهيندا ۽ ڪتب آڻيندا هئا ۽ دنيا جي چوٽيءَ جا فنڪار، اديب، دانشور، مفڪر ۽ فنڪار بنجي ويندا هئا.

هن جڳ مشهور ناول ”ماءُ“ جو ليکڪ گورڪي، ڏيپلائي صاحب وانگر مسڪين ۽ پورهيت گهر جو ماڻهو هو. ادبي شرفا جي لڏي مان نه هو. هو پورهيت عوام جو اهڙو محسن ۽ خيرخواهه ڪونه هو جيڪو رڳو نيڪ صلاحون ڏيندڙ مفڪر ۽ دانشور هجي. هو خود عوام منجهان هو، پورهيت هو، جدوجهد ڪندڙ سرگرم ڪارڪن ۽ ويڙهو هو. لينن سندس هن ڪتاب ”ماءُ“ تي تبصرا ڪيا آهن. هو جيڪو بنيادي طرح هڪڙي جڳ مشهور انقلابي بولشويڪ پارٽيءَ جو سرواڻ هو، تنهن هيءُ ناول رڳو ماڻهن جي پڙهڻ ۽ وندر لاءِ نه لکيو هو/آهي. پر محروم ۽ مظلوم عوام جي ايامن کان هلندڙ حقن ۽ وسيلن جي جنگ وڙهڻ ۽ جيتڻ لاءِ هڪڙي هٿيار طور گهڙيو ۽ ٺاهيو آهي.

توهان محروم ۽ مظلوم سنڌ جا پڙهندڙ هيءُ ناول بار بار پڙهي معلوم ڪريو ته منجهس ڇا ڇا ناهي؟ اوهان جي اندر ۾ انقلابي اُڌمن اُٿارڻ کان وڌيڪ توهان کي انقلاب آڻڻ ۽ پنهنجي قوم جو نصيب سنوارڻ جا ڪهڙا گهيڙ ۽ گهاٽ ٿو ڏسي. غور سان پڙهڻ وارن کي ترت معلوم ٿي ويندو ته هيءُ عظيم ۽ تاريخ ساز ناول ڄڻ ته جنگ جو حڪم آهي. روءِ زمين جي انسانن کي روزِ ازل کان يرغمال بنائي ويٺل ڦورو ۽ سفاڪ ذهني، ثقافتي، فڪري، سياسي، اقتصادي، سماجي نظام خلاف توڙ تائين وڙهڻ ۽ آخري فتح ماڻڻ تائين سرويچ جي هن لازوال سٽ مطابق وڙهڻ: ”اُٿو ته جنگ جوٽيون حرامخور بي شوم سان، وڏو پيو انقلاب اچي وڏي ڪنهن ڌام ڌوم سان.“

هن ڪتاب جو ترجمو ڪندڙ محمد عثمان ڏيپلائي صاحب جون ڪهڙيون ڳالهيون ڪجن! سولي عام فهم سنڌي ٻوليءَ کي ڪتب آڻي، ڪن حدن اندر هن سنڌ ۾ عوامي سطح جو هڪڙو نسورو ذهني انقلاب آڻي ڇڏيو. سندس خصوصيتن ۾ هيءَ ڳالهه به شامل آهي، هو انهن ميمڻ حضرات منجهان هو جن بابت صحيح يا غلط پر عام طرح سمجهيو ويندو آهي، ته سندن ڪل ڪائنات صرف پنهنجو نفعو نقصان هوندو آهي. فائنل به پاس ڪري نه سگهيو. وڏي ۾ وڏو عهدو ۽ سو به پرائيويٽ، اهو ماڻيائين جو ڪن زميندار صاحبن جو منشي ٿيو. ان هوندي به عوامي قومي ضرورتن هيٺ پاڻ کي پنهنجي محدود دنيا جو اهڙو وڏو اديب ۽ دانشور، قومي ويڙهو ۽ سرواڻ بنائي ڇڏيائين، جنهن کي سنڌ جي ڪن چونڊ سڄاڻ سرواڻن ۽ محسنن مثلاً حسن علي آفندي، شيخ عبدالمجيد سنڌي، رئيس غلام محمد ڀرڳڙي، حيدر بخش جتوئي، ڊاڪٽر دائودپوٽي، محمد ابراهيم جويي ۽ ڪن ٻين جي سٿ جو ساٿي سمجهڻ گهرجي.

پاڻ ۾ الاهي بحث مباحثا به ٿيندا هئا. ڪڏهن ڪن مسئلن مثلاً بزمِ صوفياء سنڌ جي باري ۾ جنهن جو جي.ايم.سيد صاحب صدر ۽ آءٌ سيڪريٽري هئس. سخت اختلاف به ٿيندا هئا پر مڙس هر دؤر ۾ مڙس ئي رهيو. ترقي ڪري سرڪار درٻار ۾ جڳهه ڪونه ٺاهيائين. سنڌ جي علمي، ادبي ۽ عوامي سياسي جدوجهد جو ڪنڌ هيٺ ٿيڻ ڪونه ڏنائين.

مون کي ياد آهي ته ننڍي هوندي پڙهندو پيو هئس ته امان مون کي مارون به ڏيندي هئي، ڀائيندي به هئي ۽ مون کان سندس خاص خاص ڪم به ڪرائيندي هئي. چوندي هئي: ”ابا علي اڪبر (ادا وڏو) ننڊ جو ڳهليو آهي، رات جو مال چورائڻ لاءِ چور ايندا ته سڏ ڪري بيهي رهنديس ته اُٿندو ئي ڪونه. تون سچيت آهين. تون سڏ سان اُٿيو بيهيو رهين.“

بابا تپيدار هو. جڏهن ڪڏهن نوڪريءَ مان سسپينڊ ٿيندو هو ته مون کي موڪليندي هئي ته وڃي مرشد سان تعويذ ڪرائي اچ. مرشد پاڻ ۽ سندس سڄو گهر مون کي الاهي ڀائيندا هئا. نسورو قرب ۽ شفقت جو مجسمو هو ۽ انهن ڳالهين جي بلڪل ابتڙ هو، جن جو ڏيپلائي صاحب پير پرستيءَ جي حوالي سان اڪثر ذڪر پئي ڪيو.

هڪڙي ڀيري مون کي اڳيان ويهاري چيائين: ”ابا هڪڙو ڪم ڪج، محمد عثمان ڏيپلائيءَ جا ڪتاب نه پڙهندو ڪر…“ چيم ڪجهه ڪونه پر مون کي دلي افسوس ٿيو ته آءٌ ان نصيحت تي عمل ڪري نه سگهندس. ڏيپلائي صاحب جي ڪتابن اسان جي پنهنجائيءَ واري ڳوٺاڻي فقري موجب منهنجا
”کنڌا کڻي ڇڏيا“ هئا. سڄي عمر منجهانئس ”جند ڪانه ڇٽي“. هاڻ به نٿي ڇٽي! ڏيپلائي صاحب جهڙن ماڻهن تي نه رڳو مون کي پر سڄيءَ سنڌ کي فخر آهي ۽ رهندو.

يوسف لغاري

 

 

 

              سامي سج وڙاء

(ڏيپلائي صاحب جي ياد ۾)

ضلعو ٿرپارڪر جيڪو اڳ ۾ ميرپورخاص، عمرڪوٽ سانگهڙ جي ڪجهه حصي تي مشتمل هو، هاڻ رڳو ٿرپارڪر، ٿر، ريگستان واري علائقي تي مشتمل آهي. موجوده ٿرپارڪر ۾ هندو ۽ مسلم آبادي ذري گهٽ برابر آهي، انهي ريگستان جي علائقي جا ڪي شهر- ننگر پارڪر، اسلام ڪوٽ، مٺي ۽ ڏيپلو مشهور آهن.

هر ڪنهن شهر جي پنهنجي پنهنجي سڃاڻپ آهي. ننگرپارڪر ڪارونجهر جي ڪري، يا مسڪين جهان خان کوسي جي ڪري، ته وري ڏيپلو سائين محمد عثمان ڏيپلائي جي نالي سان منسوب آهي. دادو جي پاٽ شهر وانگر ڏيپلو به هاڻ رڳو ڪن غريب غربن جي وسندي وڃي بچيو آهي، پر ڏيپلي جي رهندڙن پنهنجي شناخت ڏيپلائي جي نالي سان قائم رکي آهي، اها ايڏي عجيب ڳالهه ناهي.

اسان وٽ شڪارپوري، خيرپوري، مورائي وغيره سڀ ماڻهو پنهنجي شناخت شهرن جي نالي سان ڪرائيندا آهن پر جيڪڏهن ڪنهن ادب سان گَهري تعلق رکندڙ يا سياسي شعور رکندڙ، قوم پرستي، ترقي پسند، باشعور ماڻهو سان تعارف ڪرائيندي ٻڌائيندو ته هو ڏيپلو جو رهواسي آهي ته هڪدم جواب ملندو ها ادا خبر آهي عثمان ڏيپلائي وارو شهر!

ائين چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو ته ڏيپلي شهر جي شناخت محمد عثمان ڏيپلائي جي نالي سان وڌيڪ آهي.

ايڏي وڏي شخصيت تي لکڻ لاءِ تمام وڏي مطالعي، ڄاڻ، ادب، سياست، ان وقت جي مُلڪي حالتن، قومي سجاڳي جي ڄاڻ کان سواءِ سندس متعلق لکڻ مڙئي خريدارن ۾ نالو لکائڻ واري روايت ٿيندي، آءٌ ته پاڻ کي ان حيثيت جو اهل نٿو سمجهان ته سائين ڏيپلائي صاحب سان لکڻ ۾ انصاف ڪري سگهندس، پر سائين جو قرض اسان تي به آهي، شايد مان پنهنجي قرض واري حصي مان ڪجهه گهٽتائي ڪري سگهان، بس جيڪي ڪجهه سمجهي سگهيو آهيان سو انصاف، ايمانداري ۽ سچائيءَ سان پنهنجي احساسن کي لکڻي جي روپ ۾ ڏيپلائي صاحب سان واقفيت به عجيب طريقي سان ٿي، 60 جي شروعاتي ڏهاڪي ۾ تعليم خاطر ميرپورخاص آيس، ٿرپارڪر جي هڪ مَهان شخصيت ڪامريڊ غلام محمد لغاري سان مائٽي هجڻ ڪري ساڻس ملڻ ٿيندو هو، سندس ڪچهرين ۾ هميشه ترقي پسند، سنڌ دوست عوام دوست ماڻهن جون خبرون هونديون هيون، انهي ئي وقت سائين محمد عثمان ڏيپلائي صاحب سان پرپٺ واقفيت ٿي، سندس رسالو ۽ ٻيون لکڻيون ڪامريڊ وٽ حاضر هونديون هيون. اسان به اُتي ”انسان“ رسالي کي پڙهي پنهنجي شعور ۾ اضافو ڪيو. سمجهان ٿو ته مون جهڙا ڪيترائي قومي ڪارڪن ان دور ۾ ڏيپلائي صاحب جي لکڻين کان متاثر ٿيا هوندا! ان بعد 60 جي آخري ڏهاڪي جي سالن ۾ حيدرآباد اچڻ ٿيو ته سائين محمد عثمان ڏيپلائي صاحب سان روبرو ملاقات ٿي، سندس پيار ۽ خلوص ته تنهن وقت ڏٺوسين ۽ محسوس ڪيوسين، جڏهن 4- مارچ واري واقعي کان پوءِ اسان جي مدد ۽ همت افزائي ڪرڻ ۾ اڳيان رهيو. سندس اِهي لفظ اڃا به ياد اٿم ته ”پڪ اٿم ته ايندڙ نسل سنڌ جي حفاظت ڪندو“ بس انهي پاٻوهه ۽ محبت ڀرئي انعام تي موجود قومي ڪارڪنن ۾ جيڪا همت ۽ حوصلو پيدا ٿيو، جنهن جي ڪري اسان جهڙن قومي ڪارڪنن مان مايوسي پري ٿيندي نظر آئي.

ڏيپلائي صاحب جي شخصيت تمام گهڻ رخي رهي آهي. سندس هر رُخ تي لکڻ لاءِ سندس دوست، احباب، ساڻس گڏ رهڻ وارا ئي لکي سگهن ٿا، پر مون هڪ معتقد جي حيثيت ۾ سندس ڪجهه رخ محسوس ڪيا آهن، انهن کي پڙهندڙن جي اڳيان آڻڻ ضروري سمجهان ٿو.

ڏيپلائي صاحب جو مذهبي لاڙو عجيب قسم جو هو، شروعاتي دور ۾ هندو- مسلم ڇڪتاڻ ۾ ڪردار به خالصاً مذهبي قسم جو هوس، سنڌي مسلمان ۽ سنڌي هندو قومي جنگ جي بجاءِ مذهبي جنگ ۾ شامل ٿي ويا. سنڌي هندو جيئن ته اقتصادي طور مضبوط سنڌي مسلمانن تي غالب هُئا، انڪري سنڌ جي سياسي حالتن تي به سندن گِرفت مضبوط هئي. اهڙين حالتن ۾ سنڌ مذهبي جنگ ۾ شامل ٿي ويئي ۽ ڏيپلائي صاحب هندو مذهبي انتهاپسندي جي آڏو بيهي رهيو. ان سلسلي ۾ ڪيترائي ڪتاب، ڊرامه، ناٽڪ ۽ هجوناما لکڻا پيس، نڪي وڏيرن، نڪي هندو آفيسر شاهي جي اڳيان جهُڪيو، ائين سنڌي مسلمانن ۾ سياسي سجاڳي ۽ سماجي سجاڳيءَ لاءِ پاڻ جفاڪشي سان جدوجهد ڪندو رهيو. اِهو ان ڪري به لازمي هو ته ان وقت سنڌي هاري مسلمان وڏيري هندو سيٺئي جي اتحاد ۾ پيڙهيل هو. نه کيس تعليم حاصل ڪيل هئي، نه وري ڪا سندس اقتصادي حالت بهتر هئي. عام ماڻهو وڏي آزار ۾ هو. ان ڪري لازمي هو ته انهي مذهبي جنگ کي عام ماڻهو جي فائدي لاءِ وڙهجي. سندس انهي دور جون لکڻيون به انهيءَ سماج سڌاري ۽ عوامي شعور آڻڻ لاءِ هُيون. پاڻ ذاتي مفاد کان تمام مٿڀرو ٿي پنهنجو عوامي ڪردار ادا ڪندا رهيو. سندس مذهبي رنگ به خدا جي وحدانيت ۾ رچيل هئو. مذهب کي ڪنهنجي فائدي يا پنهنجي فائدي لاءِ استعمال نه ڪيائون، نڪي مفتي سڏايائون. نڪي سياسي رهنما، ليڪن هڪ سماج سڌارڪ ۽ حق گو ليکڪ ٿي ماڻهن اڳيان پيش ٿيو!

سندن ٻيو رخ پيري مُريدي خلاف هو، انهي بدعت کي سنڌ جي ماڻهن لاءِ مصيبت ۽ غلامي جو ڪارڻ سمجهندو هو، ان وقت جي حالتن مطابق سنڌي ماڻهو، توهم پرستي، پير پرستي، درگاهن، قبرن جي پوڄا، پيرن ۽ وڏيرن جي اثر ۾ هُئا، پيرن ۽ مُلن جي وڇايل ڄار ۾ ماڻهو ڦاٿل هئا، ڦٿڪڻ به سندن وَسَ ۾ ڪونه هو، بي وَسي ۽ بي حَسيءَ جي حالتن ۾ رڳو تعويذ، ڦيڻي توڙي مُلن ۽ پيرن جي دعائن تي ڀروسو ڪيو ويٺا هئا. اهڙين حالتن ۾ زميندار، جاگيردار، قبيلائي رسمن، پيرن جي ڦيڻن ۽ دعائن خلاف جنگ ڪرڻ پنهنجي سَر تان آسرو کڻڻ برابر هو، سائين ڏيپلائي صاحب جَس لهڻي جنهن پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي ان لعنت ۽ بيماريءَ خلاف جدوجهد ڪئي، صعوبتون ۽ مشڪلاتون برداشت ڪيائون پر پنهنجي عوامي ڀلائي جي عقيدي تي ڄمي بيٺا رهيا، ان دور تي نظر وجهبي ته ڪوبه اهڙو شناس ماڻهو نظر نٿو اچي جنهن پيريءَ جي خلاف ڪو آواز اُٿاريو هجي.

ڏيپلائي صاحب جو ٽيون رخ سنڌ جي ڏتڙيل ماڻهن، هارين غريبن، مسڪينن سان همدردي جو هو. سنڌ جي هارين سان زميندارن جي ويل، ڏاڍائي، جبري پورهيو، وڏيرن جا فيصلا، سزائون ڏيڻ، اِهو عام رواج هو. وڏيرا شاهي پنهنجي عروج تي هئي، بٽئي جو چوٿون حصو هاري کي ملندو هو سو به سالن کان پوءِ ڪو حساب ڪتاب ٿيندو هو. بيگر وٺڻ ته ڄڻ شرعي طور جائز هئي، هاري ويچاري ڪڏهن به ٽي وقت چُلهه نه ٻاري، سندس ٻار اسڪول يا مدرسي جو منهن به ڪونه ڏسي سگهندا هئا، بيماري سيماري ۾ علاج ته پري جي ڳالهه، پر مٿي جي سور جي گوريءَ لاءِ به پيا سڪندا هئا، ان ۾ وڌاءُ نه ٿيندو ته ان وقت جو هاري غلامي جي زنجير ۾ جڪڙيل بي سهارا، بي يار و مددگار هو، وڏيري ۽ زميندار قبائلي طاقت، برادري جو زور، دولت جو دٻدٻو، روزي جو مالڪ، صوبيدار جمعدار آفيسر شاهي جي پٺڀرائي، ملان پير سندس هٿ ۾ هوندا هئا. اهڙي آپيشاهي طاقت سان ڪير اٽڪي. سائين محمد عثمان ڏيپلائي صاحب وَر کُنجي انهي ميدان ۾ ڪاهي پيو. انهي آپيشاهي طاقتن جي خلاف، دانهيئين، ناٽڪ لکيائين، ڪهاڻيون لکيائين، وڏيرن جي عتاب مان گذريو، جيل ياترائون ڪيائين ليڪن هڪ ساعت لاءِ به ان مقدس انساني حقن جي فرض جي بجا آوري کان پاسيرو نه ٿيا اڄ جي حالتن ۾ جڏهن انساني حقن جون جماعتون، ڪارڪن، عدالتون سياسي ڪارڪن هارين جو پارٽيون جدوجهد ۾ آهن، گڏجي ڪري به ايترو ڪجهه نه ڪري سگهيون آهن جيترو ڪجهه ڏيپلائي صاحب پنهنجي لکڻين جي ذريعي عام ماڻهو ۾ شعور پيدا ڪيو، ان لاءِ هو موجوده نسل ۽ ايندڙ نسل جي سياسي، سماجي تاريخ کيس سڀ کان مٿانهون مقام ڏيندي.

ڏيپلائي صاحب سان ايتريون خاص ملاقاتون ته ڪونه ٿيون. ساڻس ڪتابن اخبارن ذريعي ته گهڻي واقفيت رهي، پر ساڻس الڳ ملاقاتن ۽ ڪچهرين جو وقت تڏهن مليو جڏهن پاڻ ميرپورخاص جي عدالتن ۾ پنهنجين لکڻين جي ڪري جوابدار جي حيثيت سان اچڻ شروع ڪيائين، مان ان وقت وڪيل هئس، کيس ان وقت ڪو وڪيل به ڪونه ملي رهيو هو جو سندس پيروي ڪري. سندس مائٽ به وڏا وڪيل هئا پر خبر ناهي ڪهڙن سببن جي ڪري انهن کي وڪيل نه ڪيائين، نه ڪي مون پڇڻ مناسب سمجهيو. سڌو پُڇا ڪندي اچي مون مسڪين تي وڙ ڪيائيون، مٿس ٻه فوجداري ڪيس هئا ۽ هڪ سول دعويٰ به هئي. هڪ ڪيس SDMصاحب وٽ هو ته ٻيو ڪيس وري محترم رٽائرڊ جسٽس قيصر احمد حامدي صاحب وٽ هو. جيڪو صاحب ان وقت PCS پاس ڪري ڊسٽرڪٽ سي.ايس.پي ڇڏي ARM اچي ٿيو هو، نهايت ئي ايماندار نوجوان پنج وقت نمازي هو. سندس ڪورٽ به ڪليڪٽوريٽ جي روڊ جي ساڄي پاسي تي هئي. جڏهن به شنوائي هوندي هئي، مخالف وڪيل اسان جو ڪامريڊ دوست روچيرام هوندو هو. تمام سينيئر وڪيل هوندو هو، ڏيپلائي صاحب جو به دوست هوندو هو. هڪڙو ڪيس پير ابراهيم جان سرهندي طرفان سندن خلاف لکڻين تي هوندو هو ته ٻيو ڪيس وري لواري واري حج جي سلسلي ۾ لکڻ تي هوندو هو. جيترو ياد ٿو پويم ته ٻئي ڪيس ۾ ساڻس ٻيو جوابدار حاجي محمد صديق ملاح سان حضرت مولانا حاجي احمد ملاح صاحب جو فرزند هو، جنهن مون کي تحفي طور ۾ قرآن شريف جو منظوم سنڌي ترجمو ڏنو هو. اسان ڪامريڊ ماڻهو سنڌ ۾ قرآن مجيد جو ترجمو پڙهي ڪري ڏاڍا خوش ٿياسين. جيترو ياد ٿو پويم ته انهي ڪيس ۾ فريادي مير نبي بخش خان ٽالپر ٽنڊي جان محمد وارو هو جيڪو لواري شريف جو مُريد هو. بس نهايت ئي مالدار ۽ گهڻ سَهو مڙس هو، پر مُريد به پڪو هو، بس سندس حمايتي جتي به ڏسندا هئا ته پيا ڀڙڪندا ۽ ڏند ڪرٽيندا هئا، شنوائي واري ڏينهن ته خبر ناهي ته ڪهڙي ملامت ڪندا هوندا، پر شڪر آهي ته ان وقت ڏيپلائي صاحب ۽ صديق ملاح سائين سان گڏ اسان جهڙا به شريڪ ملامت هوندا هئا.

هڪ دفعي ڏيپلائي صاحب سان ائين ئي ڳالهين ڪندي پڇيومانس ته سائين ڪو ٺاهه وغيره ٿي سگهندو، جيڪڏهن اوهان جي مرضي هجي ته مخالف وڪيل سان ڳالهايان جيڪو اوهان جو به معزز دوست آهي ته اسان جو به ڌنڌي ڀائي آهي. حالانڪ اهڙي ٺاهه جي ڳالهه مخالف وڪيل وٽان آئي هئي پر مون مناسب نه سمجهيو ته سندس اجازت ۽ صلاح کان سواءِ ڳالهه کي اڳتي وڌائجي. ان ڪري پاڻمرادو ڏيپلائي صاحب کان پُڇيم، پهرئين دفعي کلي جواب ڏنائين ته پنهنجي اُڇلايل ٿُڪ ٿوروئي چٽبي آهي! جيڪي ڪجهه لکيو اٿم سچ ۽ ايمانداريءَ سان لکيو اٿم، پوءِ جيڪڏهن شائسته يا ناشائسته ڳالهه آهي ته پاڻهي عدالت فيصلو ڪندي، سچ تي ڪابه ڳالهه ٻولهه يا ٺاهه ٺوهه نه ٿيندو آهي جيڪي ڪجهه ٿيو، پيا مُنهن ڏينداسين، ان وقت ڪنهن جي چوڻي ياد آئي ته Compromise is Half Truth صُلح اڌ سچ آهي باقي... سائين اڌ سچ تي صلح ڪرڻ لاءِ تيار نه هو، خير ٿيو.

هڪ دفعي ڏيپلائي صاحب ڪورٽ ۾ نه اچي سگهيو نڪي اسان کي به ڪو اهڙو نه اچڻ جو اطلاع ڏنائين، انتظار ڪرڻ بعد سندس حاضري جي معاف ڪرڻ جي درخواست ڏنم ته ڏيپلائي صاحب Unavoidable circumstances جي ڪري حاضر نه ٿي سگهيو آهي، حاضري معاف ڪئي وڃي. حاضري ته معاف ٿي، پر سائين به ڪٿان اچي نڪتو، يڪدم وڃي اڳ جهليم، ٻڌايومانس ته سائين اسان ته اوهان جي حاضري معاف ڪرائي چڪا آهيون، سبب جو پڇيائين ته ٻڌايومانس Unavoidable circumstances ڏيپلائي صاحب اچي کل ۾ ٻڏو، پاڻ ته سدائين سدا بهار شخصيت هو سو انهيءَ سدا بهاري جو فائدو وٺندي چيائين ته ڌرين سان به انصاف ۾ دير رڳو انهيءَ Unavoidable circumstances جي ڪري پيئي ٿئي بس اڄ خبر پيئي ته هن ملڪ ۾ جهان خان ڇو زور آهي.

ساماري جي پير ابراهيم جان سرهندي به ظلم ٻاري ڏنو هو جيڪو همراهه ڪولهڻ ڀيلڻ يا ڪنهن هندو کي زوري يا ڌوتاري کڻي اچي ته بس ٻئي ڏينهن مسلمانيءَ جو سرٽيفڪيٽ، راڌا، رحيمان ٿي ويئي، سيڪنڊن ۾ مسلمان ٿيڻ جو رڪارڊ قائم ٿيڻ لڳو، هر جمعي تي خطبي ۾ ذري گهٽ ڪنهن نه ڪنهن ڪامريڊ يا ڪنهن هندو جي حمايت ڪرڻ يا Quak ملان جي مخالفت ڪئي ناهي ته ڪافر ٿيو ناهي. بس ڪافر ۽ مسلمان بنائڻ جي انڊسٽري نظر آئي. ’اڳ مٽيارين جو موت ويندي جي ويرم‘ هوندو هو ته هاڻ وري اچي پير صاحب جو ڳوٺ ٿيو، اهڙي بدعت ڪٿي ٿو ڏيپلائي جهڙو مومن، حق گو برداشت ڪري سگهي، اچي ناول ۽ ڪهاڻيون لکيائين ته ’شيخ المشائخ‘ جهڙا تنقيدي ۽ اصلاحي لکڻيون لکيائين، سنڌي ماڻهن کي مذهب جي اصل حقيقت کان واقف ڪيائين ته ٻئي پاسي هٿ ٺوڪ مُلن، پنڊت، ڀوپي جي بدمعاشين کان واقفيت ڏنائين.

اهڙو معاشرو جتي رڳو جنن، ڀوتن، پرين ۽ ازغيبي ازالن جون رسمون رواج ۽ ڪوڙا عقيدا هجن اُتي ايڏو جهاد ڪرڻ ڪٿي ٿو برداشت ٿي سگهي. بس ڏيپلائي صاحب اچي ڪورٽ ۾ جوابدار ٿيو. هڪ پاسي فوجداري ڪيس ته عالمن جي هتڪ عزت جو ڪيس هر لکڻي ته صاف ئي صاف هجونامو هجي. PPC مطابق defamation جو ڪيس ثابت پيو ٿئي، بس ان هوندي به سچ تان هٿ ڪرڻ لاءِ تيار نه، نيٺ اسان جهڙن وڪيلن به وڃي قانون سندس حمايت ۾ ڳولي لڌو ته سچ ڳالهائڻ ۽ لکڻ ڪنهن جي هتڪ عزت جي ذمري ۾ نٿو اچي.

ڏيپلائي صاحب اڳ پَڪي تي چڙهيل، وڌيڪ وٺجي ويو. بس چوي ته لغاري صاحب ڪيس هلي ته ڀل اِهي وڏا پير به اچي عدالت ۾ شاهدي لاءِ حاضر ٿين ته آڏي پڇا ۾ سڀ حقيقتون عوام آڏو اينديون ۽ هڪ وڏو سچ ظاهر ٿي پوندو. ماڻهن کي به خبر پوي ته مون ڪوڙ لکيو آهي يا ڪنهن جي عزت گهٽائي آهي يا ماڻهن جي ڀلائي ۽ ڄاڻ لاءِ سچ لکيو آهي. هر شنوائي تي سندس زور هجي ته شاهد ڪونه ٿا وڃن ۽ ڪيس هلي ڪونه ٿو. بس ائين ئي شنوايون هلنديون رهيون، فريادي ڌر جا شاهد نه آيا، ڪجهه عرصي بعد ڪيس ختم ٿيا ۽ ڏيپلائي صاحب جي جند آزاد ٿي.

اڄ جڏهن آءٌ ڪجهه لکي رهيو آهيان، ان وقت تائين مون کي ڪابه اهڙي سدا بهار شخصيت نظر ڪانه ٿي اچي جيڪا ٽهڪڙن ۽ ٽوٽڪن جي ذريعي ماڻهن جي اصلاح ڪري، کين انهي وهم پرستي، وڏيرا شاهي جي، بي انصافي، مذهب جي غلط استعمال جي خلاف ڳالهين ۽ ڳالهين ۾ سمجهاڻي ڏيئي سگهي. ان لاءِ هن ٻهراڙي ۾ ٽوٽڪن کي استعمال ڪيو. پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ کي ٽهڪڙن جي ذريعي انهي برائيءَ کان واقف ڪيائين. اُهي ٽوٽڪا نه رڳو پڙهندڙ ٻڌندڙ جي دل دماغ جي نقش ٿيا، پر جنهن ٻڌا تنهن اڳتي پهچايا، ٿر جي لڪڙ تار وانگي ڪلاڪن ۾ ڪٿي جو ڪٿي پهچي ويندا هئا، مون کي ’انسان‘ رسالي ۾ مُلن جي باري ۾ هڪ ٽوٽڪو اڃا به ياد آهي، ڏيپلائي صاحب ان ٽوٽڪي کي ڪجهه هن ريت بيان ڪيو:

”ڪنهن ڳوٺڙي ۾ هڪ همراهه مُلان ٿيو، مسجد ۾ اذان ڏيندو هو، همراهه اڇا ڪپڙا پايو وتندو هو بنا ڪمائڻ جي ڳوٺ جي گهرن مان آيل سٺا سٺا کاڌا کايو مچندو ويندو هو، ننڍڙن کٿابين سان پيو ويچارين عورتن کي نياپا موڪليندو هو. ڪٿي پيشگوئي ڪندو هو ته هن گهر ۾ جن جو اثر آهي، پوءِ ٽوڻن ڦيڻن جي ذريعي پيو ڏوڪڙ ڦريندو هو. هڪڙي ڏينهن ڪنهن خيال خاطر صبح جي اذان وقت کان اڳ ڏيئي ڇڏيائين، ڪو ديوان به معمول مطابق، صبح جو اذان ٻڌي حاجت جي خيال سان ويندو هو، انهي معمول مطابق لوٽو کنيو ۽ هليو جهنگ ڏانهن، ملان به ڏٺو ته ديوان گهر ڪونهي، سو انهيءَ گهر ۾ وڃي پهتو، ديوان جڏهن اڌ رستي ۾ پهتو ته ڪنهن پڇيس ته: ”ديوان هن وقت ڪيڏانهن پيا وڃو، اڃا ته صبح ڪونه ٿيو آهي، خير ته آهي ڪو پيٽ ۾ سور وغيره ته ڪونهي؟ ديوان کي جو وقت ٻڌايائين ته ديوان لوٽو کڻي واپس وريو، گهر اچي ته ملان کي ڏٺائين، مُلان هو ٿلهو متارو، ڊپ ۾ ڀت ٽپي ڀڄي ويو، صبح جو فيصلو آيو ڳوٺ جي چڱي مڙس وٽ، ملان کي ملي ڳوٺ نيڪالي، پنجن ڏهن سالن کان پوءِ انهي ديوان کي مُلان ڪنهن ٻئي شهر ۾ ملي ويو، ديوان پڇيس: مُلان ڪا شادي ٻادي ڪئي اٿئي يا اڃا ٻانگن تي گذارو آهي؟“

اهڙي قسم جي ٽوٽڪن سان پيو مُلن جون کلون لاهيندو هو، جنهن اهو ٽوٽڪو پڙهيو، ٻڌو تنهن سڄي ڳوٺ کي ٻڌايو. 60 جي ڏهاڪي جو هيءُ ٽوٽڪو اڃان تائين دل تي نقش آهي. اهڙي بهادريءَ ۽ اهڙي سچائيءَ سان ڪير ٿو هڪ مذهبي انتهاپسنديءَ جي ملڪ ۾ ٺڳ مُلن يا پيرن جي خلاف لکي سگهي، اڄ جي ڏيپلائي هجي ها ته شايد ايتري انتهاپسندي نه وڌي ها.

ڀوپن ۽ پنڊتن جي لاءِ به ڪيترائي دفعا لکيائين ته ڪيترائي ناٽڪ پڌرا ڪيائين ته ڪيئن غريب ماڻهن جي عقيدن ۽ وهمن جو فائدو وٺي ڀڀ ڀرين ٿا.

سنڌ جيڪا ان وقت وڏيرا شاهي ۽ جاگيرداري جي عتاب ۾ هئي، هاري مسڪين جو ڪو حساب ڪتاب نه ٿيندو هو، ٻارهوئي پيو ڪوڏر هڻندو هو، پر کائڻ لاءِ ٽي وقت ماني به نصيب ڪونه ٿيندي هئي، نڪي پائڻ لاءِ ڪو پورو ڪپڙو، مٿان وري بيگر جي چٽي، ڪڏهن تپيدار جي بيگر ته ڪڏهن داروغي جي، صوبيدار جي ته ڪڏهن وري سائين پير صاحب جي زيارت لاءِ اچڻ تي بيگر. ڳوٺ ۾ شادي غمي، ناچ گاني جي محفل، جتي به وڏيري ۽ زميندار رئيس کي پنهنجي آڪڙ ڏيکارڻي آهي ته غريب جو پگهر ضرور وهي. اهڙين حالتن ۾ وري مُلن جون فتوائون ته بابا الله جنهن کي ڏئي! بس وڏيري کي رب ڏنو آهي، وغيره وغيره. صوبيدار ۽ جمعدار جو رعب وڏيري وس ته غريب ڇا ڪُڇندو. ان وقت جيڪڏهن ڪا تحريڪ هئي ته ترقي پسند پارٽيون، ڪميونسٽ پارٽي، وطن دوست ڌريون، جن ۾ حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ غلام محمد لغاري، سوڀوگيانچنداڻي جهڙا ڪجهه حق گو هئا جن عذاب کاڌا. جَس هجي ڏيپلائي صاحب کي جنهن نه رڳو انهي ڏکئي وقت ۾ حق جي تبليغ ڪئي، پر پنهنجي لکڻين ۾ انهي ڏتڙيل طبقي لاءِ ناٽڪ، ڪهاڻيون، ٽوٽڪا لکندو پيش ڪندو رهيو، سندس ڪجهه ڪهاڻين جا ڪردار اهڙا ته حقيقي آهن جو معاشري ۾ وڏيرن، پيرن، جاگيردارن، مُلن جون ڪيل زيادتيون ائين ئي محسوس ڪن ٿا، جيئن ساڻن ٿيون هجن، ٻئي جي درد کي اهڙي نموني پيش ڪرڻ نه رڳو ادبي صنف جو هڪ نمونو آهي، پر سياسي سماجي انقلاب لاءِ عام ماڻهن سان عام ماڻهن جي ٻوليءَ ۾ سندن درد جو هڪ اظهار آهي.

سندس هڪ افساني ”مهربان خوني“ ۾ وڏيري ڪڙمي جي ڊائلاگن مان محسوس ٿئي ٿو. ”ادا خانو اهو تنهن جو وڙ ناهي جو غريبن جي ٻارن ۾ اکيون وجهين، نوجوان (هاري) وڏيري کي چيو: ”وڏو آيو آهي ٻارن ٻچن وارو، بس اسان هارياڻين ڏانهن نهاريون به نه، ته جيئن وڻين تيئن پيون ڪن؟“

انهن چئن سٽن ۾ وڏيري جي طاقت ۽ غريب جي پنهنجي عزت جي حيثيت جي خبر پئجي وڃي ٿي، اُرهه زورائي ۽ بي ڪسي ۽ بيوسيءَ جي اهڙي چٽسالي ۽ منظرڪشي ته ڏيپلائي صاحب کان سواءِ ٻيو ڪوبه ڪونه ٿو ڪري سگهي، نه رڳو پر پڙهندڙ جيڪا همدردي غريب ۽ بيوس هاري لاءِ هڪ ظالم جي خلاف نفرت محسوس ڪري ٿو اُن ظلم جي خلاف سوچڻ تي مجبور ٿئي ٿو، ان کان وڌيڪ ان افساني ۽ لکڻي کي ڪهڙي مڃتا ملندي، زندگيءَ ۾ مختصر ڪهاڻيون ۽ مختصر افسانا پڙهياسين، پر جيڪي اثر ڏيپلائي صاحب جي لکڻين ڇڏيا ۽ انهن پڙهندڙ جي ذهن کي تبديل ڪري ڇڏيو، سچ کي ائين ظاهر ڪرڻ نه صرف بهادري آهي پر هڪ ادب جي فن جو اعليٰ مثال آهي.

اڃا به اڳتي جڏهن غريب جي همت ۽ غيرت جي ڳالهه ڪري ٿو ته هيئن چوي ٿو:

”وڏيرا صاحب! بيهه اِتي، اڄ مون سان ٻه اکر ضرور صاف ڪري وڃ.“

انهن چند اکرن ۾ ڪمال جي غيرت، عزت، بهادري ۽ اتفاق جي تقاضا کي بيان ڪيو ويو آهي، هڪ ٻي لاچار ۽ ڏتڙيل ماريل هاري جي زبان مان حڪم نامون اهو به مالڪ لاءِ ”بيهه اِتي“ يعني اڳتي لڪير نه ٽپڻي آهي، پر اکر (وڏيري جي زيادتي) صاف ڪري وڃ (سبب ٻڌائي وڃ يعني فيصلو ڪري وڃ) هاري جي خود اعتمادي جي انتها آهي، بس ائين ئي ڪنهن ڏتڙيل ۽ بي وس ماڻهو کي همت ڏياري سگهجي ٿي!

ڏيپلائي صاحب کي پڪو مسلمان ته سڏي سگهجي ٿو پر انتهاپسند نه! انسان دوست مسلمان سڏي سگهجي ٿو، کيس مذهب جي بنياد تي نسل پرستيءَ جو دشمن سڏي سگهجي ٿو. وطن دوست ۽ قوم پرست سڏي سگهجي ٿو، سندس مسلمانن، وطن پرستي ۽ انسان دوستي لاءِ حق گوئي ۽ ايمانداري لاءِ ڪم آندائين.

مسلمان وڏيرن جيڪي هندو واڻين جون رکيل امانتون ڦٻايون، انهن تي عيش ڪيائون، واپس اچڻ وارن هندوئن سان جيڪا هلت ڪيائون انهن کي نندڻ لاءِ ’ڀلي ولايت‘ جهڙا افسانا لکيائون، ٻڌايائون ته ڪيئن هڪڙي پاسي همراهه زيادتن جي پويان ڪاهيو وتي ته ٻئي پاسي ڪيئن غريبن جا حق، هارين جا حق، هندو ماڻهن جون ملڪيتون ڦٻائيندو وتي، انهن جي اهڙي ته لاک لاٿي اٿس جو نڪي نڪ ڇڏيو اٿس، نڪي چَپ. انسان دوستي، مذهب جي بنياد تي قومن کي ورهائڻ جي نفي ان کان وڌيڪ ڪهڙي طرح ڪري سگهجي ٿي!

وطن پرستي ۽ قوم پرستي جي ڳالهه نڪتي آهي ته ڪجهه سائينءَ ڏيپلائي صاحب جي وطن دوستيءَ تي به لکڻ ضروري سمجهان ٿو. اهو زمانو جڏهن ڪراچي سنڌ کان جدا ڪئي وڃي. مذهب کي پاڪستان جي قيام جو بنياد بنايو ويو هجي، سنڌ جو جاگيردار ڪلاس اسيمبلي ۾ نمائندگي ڪندو هجي، اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ وطن ۽ قوم کي وڪڻڻ لاءِ تيار هجن، ملڪ ۾ بيوروڪريسي جو راڄ هجي، اها بيروڪريسي به U.P ۽ C.P جي، جنهن لاءِ سنڌي کي ڏسڻ جهڙو ڪافر کي ڏسڻ برابر هجي. ڪراچي جدا ٿي وڃي مرڪز حوالي ٿي، باقي سنڌ حيدرآباد ريجن ۽ سکر ريجن پيئي سڏجي. لفافي تي ايڊريس ۾ حيدرآباد سنڌ لکيو ناهي ته ڄڻ نانگ تي پير پيو، سنڌي ٻولي کي آفيسن ۽ شهرن مان نيڪالي مليل هجي، تقرير ۽ تحرير جي آزادي نه هجي، ملڪ ۾ اخبار رسالو نه هجي، مارشل لا لاڳو ٿي وڃي، سيفٽي ايڪٽ ۽ ايم.پي.او، مارشل لا ريگوليشن جهڙا ڪارا قانون هجن، سياسي پارٽيون ڳوليون نه لڀن جيڪي هجن سي ايوب خان، ون يونٽ زندهه باد جو ورد ڪنديون هجن، اهڙي بيداد نگري جتي جهان خان جو راڄ هجي ۽ عدالتون آمرن کي سرٽيفڪيٽ ڏينديون وتن. 17 گريڊ جي SDM کي، 7 سال سزا ڏيڻ جا اختيار هجن، عطاءُ الله مينگل کي SDM ست سال سزا ڏئي، قاضي فيض محمد ڪامريڊ، غلام محمد لغاري، شاهي قلعو لاهور جون نظربنديون ڏسي آيا هجن، انهن حالتن ۾ اچي وري سنڌ، جيئي سنڌ، هاري مزدور، جي ڳالهه ڪري وطن کي وهم پرستي، ملائيت پنڊتن کان نجات ڏيارڻ لاءِ لکي، پتوڙي عدالتن ۾ چالان ٿئي، سورهيائي انهيءَ کي چئبو آهي، ڀير تي ڏونڪو انهي کي چئبو آهي، ڏيپلائي صاحب اهڙو ڀير تي ڏونڪو سرعام ظاهر ظهور هنيو، اياز هجي، جي.ايم.سيد هجي، شاگردن جي تحريڪ هجي، ووٽرن جون لسٽون هجن، ڏيپلائي صاحب پاڻ ملهايو، سڀني جڳهن تي سڀني وقتن تي، سنڌ ۽ سنڌين سان شامل رهيو، ڪڏهن ڪافر سڏائڻو ڪڏهن وهابي سڏائڻو، ڪڏهن لادين ۽ بي دين جا خطاب مليس، پر وطن پرستي ۽ ترقي پسندي قوتن جو ساٿ نه ڇڏيائين. ادبي دنيا ۾ ته انهن تحريڪن جي سرواڻي ڪيائين، اُهو ڪجهه لکيائين جيڪي روشن خيالي، قوم پرستي ۽ وطن دوستيءَ لاءِ لکي سگهبو آهي.

ون يونٽ جو ٺهڻ سنڌين جي وطن ۽ قوم جي شناخت کي ختم ڪرڻ جي برابر هو، سندن بي وسي تي لکي ٿو ته:

”سنڌي وڏيرن جو هلندي اِها هئي جو ان وقت جو وزير خوراڪ مير علي احمد خان ٽالپر ٻوڏن جي هيبتناڪ وقت به خود حيدرآباد شهر ۾ هو، ته به خاص پنهنجي تڪ جي ماڻهن کي ڪارڊ تي ڪڻڪ جو داڻو به ڏياري نه سگهيو ۽ هو رپئي سير اَن وٺي رهيا هئا، بيوسيءَ جو اهڙو به ڪو ٻيو مثال!“

ٻئي هنڌ لکي ٿو ته:

”اُها سنڌ جنهن جي اسيمبلي پاڪستان جو ٺهراءُ پاس ڪيو، ان جو سؤ سيڪڙو ماڻهو پاڪستان جا وفادار هجن سا سنڌ ٿي غدار ۽ اُهي شخص جيڪي وطن کي غيرن اڳيان وڪڻندي نٿا گُسن سي ٿيا وفادار!“

تعليمي ڪميشن جنهن تي هيٺ سنڌي ٻولي کي تعليمي ادارن کان نيڪالي ڏني ويئي، ان جي مخالفت نه صرف زباني پر ايڊيٽوريل لکي ڪيائين. سنڌي ٻوليءَ جي حمايت ۾ لکي ٿو ته: ”ڪميشن جي رپورٽ کان پوءِ جيڪو ”سنڌي عوام ۾ سنڌي جي قتل عام جو خطرو اُٿيو آهي سو بجا آهي.“ ٻولي تي وار کي ٻولي جو ڪوس سمجهي ٿو.

ڏيپلائي صاحب هڪ همه گير شخصيت هو، سندس ڪهڙي صنف تي لکجي، روشن خيالي، انسانيت، وطن پرستي، مزاح، وحدانيت، ترقي پسندي ڏيپلائي صاحب لاءِ ائين چئجي ته انهن سڀني جو مجموعو هو، هڪ گلدستو هو، جنهن ۾ سڀ گل شامل هئا.

تاريخ نويسي جي شعبي ۾ ڪمال هئس جاپاني گُڏي، ’1857ع جي آزادي جي جنگ‘ يا
”سانگهڙ“ ناول سڀني ۾ پنهنجي انسانيت وطن پرستي کي اُجاگر ڪيائين. سندس مڪالما به ته اهڙا اثرائتا هئا جو پڙهڻ سان دل دماغ جو حصو بنجي ويندا هئا، ”سانگهڙ“ ناول ۾ ته قوم کي جاڳائڻ ۽ همت ڏيڻ لاءِ جيڪي لفظ ڪم آندا اٿس، سندس ئي ڪمال آهي، مثلاً:

”جيئجي ته شينهن وانگر، مرجي ته شينهن وانگر“.

”ڳوهه کي کُٽي کڻي ته شڪارين جا گهر ڳولي.“

عوامي ماڻهن جي ڪردار کي چٽسالي ڪري اهڙو ته رنگين ٺاهيائين جو اڄ به سنڌين جي جوانمردي، وطن دوستي آزادي سان محبت لاءِ سانگهڙ ناول جو حوالو ڏنو وڃي ٿو. بچو بادشاهه هجي يا گلو گورنر، سڀني سان نڀايائين، نه رڳو مردن جي ڪردار کي پر انهن عورتن جو ڪردار به واضح ڪيائين جن جا تازا ڄاول ٻار کانئن جدا ڪيا ويا، ان هوندي به ڪنڌ ڪونه جهڪايائون.

مان ته سندس انهي ڳراٽڙيءَ کي نٿو وساري سگهان جيڪا هن مون کي 1967ع جي واقعي کان پوءِ آزاد ٿيڻ وقت پاتي هئي، سندس فرزند عبدالرحمٰن سان ته گهڻو واسطو شاگردي جي وقت به رهيو ۽ سندس وڏي فرزند محمد علي ڏيپلائي سان به يونيورسٽيءَ جي وقت کان شناسائي آهي.

سائين وطن جو سچو سپاهي، ادبي لڏي جو شهسوار، وحدانيت جو علمبردار، توهم پسند عقيدي جو دشمن، پنهنجي سر لشڪر ۽ پاڻ ڪمانڊر ٿي جنگ لڙندو رهيو. پاڻ نڀائي ويو ۽ ٻين لاءِ به مثال ڇڏي ويو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org