سيد جو اُٺ
مٺي تعلقي ۾ هڪ ڳوٺ ”ٻورلي“ نالي آهي، اتي هڪ سيد
درويش ”محمود شاهه“ رحمت الله عليه نالي رهندو هو.
هن جو خدا پاڪ جي فضل ۾ وڏو ويساهه هو ۽ ان سان گڏ
هو سخي ۽ ديندار به هو.
هڪ دفعي هو هڪ ڀلي اٺ تي چڙهي اسلام ڪوٽ ويو ۽ ڪم
ڪار لاهي واپس موٽيو، ته اڌ واٽ ۾ هڪ ٽن چئن سون
مواڙن جي لڏ ڏٺائين.
مواڙا ڪاٺياواڙ طرف رهندا آهن، اهو ملڪ مينهن تي
آهي ۽ ڏڪار پوڻ تي هميشه ٿر ۽ سنڌ ۾ اچي پورهيو
ڪري گذران ڪندا آهن، (هميشه کان اهو قصو هلندو آيو
ٿي پر هينئر هندوستان ۽ پاڪستان جي جدا ٿيڻ تي،
اهو سلسلو بند ٿي ويو آهي)
مواڙن جي هيءَ لڏ بک کان بيتاب هئي، سندن رڙين تي
شاهه صاحب اُٺ جهليو ۽ کانئن پڇيائين ته رڙيون ڇا
جون آهن.
جواب مليو ته بک کان بلڪل بيتاب آهن. شاهه صاحب کي
مٿن قياس آيو، ڪجهه وقت هن ويچار ڪري آخر يڪايڪ
نوڪر کي چيو: اُٺ تان پاکڙو ۽ سامان لاهه.
نوڪر هڪ وڻ جي ڀر ۾ سامان لاٿوَ هاڻي شاهه صاحب
حڪم ڏنو ته مواڙن مان اُٺ ڏهه همراهه سڏي وٺ ۽ اُٺ
کي ڪهون.
نوڪر حيران ٿي چيو: ”حضور! هيءُ ڀلو ۽ بهترين اُٺ
اوهين ڪهايو ڪيئن ٿا؟“
پاڻ جواب ڏنائين ته: ”سوَن انسانن جي حياتي بچائڻ
لاءِ ڏسين نه ٿو ته هو ڪهڙا نه بيتاب آهن!“
”مگر حضور! انهي ئي اُٺ تي ان کڻي آڻي کين ڏيون؟“
نوڪر چيو:
”هنن جي حالت ڏس ته منٽ به سهي نه ٿا سگهن، ان
پاڻي کين پوءِ به پهچائي سگهون ٿا پر هن وقت اٺ
ڪهڻ بنا بنهه ڪو به رستو ڪونهي!“ پاڻ چيائين.
نوڪر وري چيو: ”مگر حضور! ههڙو قيمتي اُٺ، اوهان
جا مٿس پيار!“
پاڻ جواب ڏنائين ته: ”الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته لن
تنالوالبر حتيٰ لتفقوا مماتحبون: ”توهين تيستائين
نيڪ نه آهيو جيستائين دل گهري چيز الله تعاليٰ جي
راهه ۾ نه ڏيئو.“
اسان لاءِ هي موقعو بهترين امتحان آهي ۽ اسين اهو
وڃائڻ نٿا چاهيون، مهلون مردن کي هٿ اينديون آهن!“
”مگر سائين! پوءِ پاڻ ڳوٺ ڪيئن رسنداسون!“ نوڪر
وري چيو.
”جنهن الله هنن کي کاڌو رسايو، سو پاڻ کي ڳوٺ به
رسائيندو؟“ شاهه صاحب جواب ڏنو.
اُٺ ڪسجي مواڙن کي مليو، هنن ٽن ڏينهن جي بُکايلن
هيڪر ته ڍو ڪيو، باقي شاهه صاحب بي فڪر ٿي وڻ هيٺ
ڪپڙو وڇائي سمهي رهيو.
ويچارو نوڪر پريشان ويٺو هو، شاهه صاحب چيس:
”ڏينهن تتل آهي، سمهين نٿو؟“
”حضور! مون کي ته پهچڻ جي ڳڻتي آهي ۽ ٻي هيءَ ڳڻتي
اٿم ته اوهين ته ننڊ ڪري اٿي پيادا پنڌ پوندا پر
سامان جي سنڀال لاءِ ته مون کي هتي رهڻو پوندو!“
نوڪر چيو.
”چريا! تون سمجهين ٿو ته جنهن جي راهه ۾ اٺ ڏنو
اٿم سو مون کي پيادو گهر موڪليندو ڇا بيوقوف!؟ بي
فڪر ٿي سمهه، رب پاڪ جي قدرت ۾ يقين آهي ته اسين
ننڊ مان اٿنداسون ته اُٺ به پاکڙي پوڻ لاءِ تيار
ويٺو هوندو!“ شاهه صاحب کلندي چيو.
شاهه صاحب ته بي فڪر ٿي سمهي پيو، پر ڪمزور ايمان
واري نوڪر کي ننڊ اچيئي نه، آخر ... گهڻي دير بعد
هن کي ننڊ وٺي ويئي، دير سان ستو هو، ان ڪري ننڊ
به گهري آيس، مگر اڃان ڪچيءَ ننڊ ۾ هو، خواب ڏسي
رهيو هو ته شاهه صاحب کيس پيو چئي ته هاڻي هيءُ
پاکڙو ۽ سامان تون ڪلهي تي کڻ ۽ پاڻ جواب ٿو ڏيان
سائين مون کان ايترو سامان نه کڄندو.
اوچتو شاهه صاحب جي هڪل ٻڌائين: ”اڙي اُٿ چريا!
اٿي اٺ تي پاکڙو وجهي غاسيو ڪر!“
نوڪر ڇرڪ کائي جاڳي پيو. هن جون اکيون حيرت ۾ ڦاٽي
ويون. جڏهن ڏٺائين ته سامهون هڪ اٺ ويٺو هو، هو
بار بار اکيون ملي اٺ کي ڏسي رهيو هو.
شاهه صاحب کلي چيس: ”ڏسين ڇا ٿو، وجهه پاکڙو نه؟“
مگر هن کي يقين ئي نه پيو اچي. سندس خيال ۾ ته هو
خواب ڏسي رهيو هو، پر شاهه صاحب وري چيس: ”بيوقوف!
خواب ناهي سچ آهي، اسان اٺ الله تعاليٰ جي راهه ۾
خيرات ڪيو ته هن سامهون بيٺل شخص کي به، الله
تعاليٰ من ۾ خيال وڌو ته اُٺ اسان کي خيرات ڪري،
هيءُ ته اٺ وٺي اسان جي ڳوٺ ٿئي آيو پر اسين کيس
رستي ۾ ئي ملي ويا سون، هو به پنڌ کان ڇُٽي پيو،
اُٿ غاسيو ڪر ۽ سدائين مولا پاڪ ۾ ڀروسو رکندو
رهه، جيڪي کيس ياد ڪن ٿا سي هن کي به ياد آهن!
(”مجاهد ايران“ (1948ع) تان ورتل)
ڀلي ولايت
(1)
رئيس رازق
ڏنو ته گهڻو ئي سيٺ ڦڳڻ مل کي دلاسا ڏئي، پر اڳيان
سهي ٽنگون ٽي، چوٿين ٺهي ئي ڪانه. اڄ هڪڙو پاڙو
لڏيو، سڀاڻي پنج پاڙا لڏيا ۽ پرينهن لاءِ ٻيا به
ڏهه تيار پيا ٿين، آس پاس ڀينگ ٿيندي وڃي. عرساڻي
صاحب جي چوڻ موجب ’انسان ويچارو آهي ماڙهوءَ جي
آچار‘، سو ماڙهو ڀلا سنگت ساٿ ۽ عزيزن قريبن بنا
ڪيئن ٿو رهي سگهي!
ٻئي طرف مهاجرن جي يورش، اڄ فلاڻي تي حملو ڪيائون،
اڄ فلاڻي جي جاءِ تي قبضو ڪيائون، اڄ فلاڻن کي
گهرن مان ڌڪي پاڻ ويهي رهيا، اهي حادثا به ٻڌڻ ۾
پئي آيا. وري مٿان ڪانگريسي ليڊرن جون صلاحون، چي
”لڏيو، نه ته صفا
خون ٿي ويندو، هندستان ۾ اوهان لاءِ موجون لڳيون
پيون آهن!“
سڀ ڳالهيون اچي پاڻ ۾ گڏيون. اهي رئيس رازق ڏني
خان جا دلاسا ئي هئا، جنهن ڪري سيٺ ڦڳڻ مل اپريل
1948ع تائين سنڌ ۾ رهي سگهيو، پر هاڻي ترسڻ مشڪل
هو. خاص ڪري زالن سان ته اهڙي ويڌن هئي، جو هو هڪ
ڏينهن رهڻ لاءِ به تيار نه هيون. ڀلا ڪاڏي وڃن،
ڪنهن سان ملن، مائٽياڻيون سڀ هليون ويون، مسلمانن
جي گهرن ۾ ويندي به کين پيو ڊپ ٿئي، هنن مورڳو
مڙسن کي تپائي کنيو، چي: اڄ هلو ته سڀان ٻيو ڏينهن
ٿئي.
پر ڦڳڻ مل ۽ بصر مل به ڪن سو ڪن ڇا، سندن ڪڻڪ جو
فصل بلڪل تيار هو، سونهري سنگ لهرون ڏئي رهيا هئا.
جيڪا ٻني ڏس، سا دولت جو درياءُ وهائي رهي هئي.
لاباري ۾ باقي ڪو هفتو وڃي بچيو هو، اهڙي دولت
ڇڏي، ڀلا هو ڪٿان ٿا هندستان وڃن؟ ۽ مٿان وري رئيسن جا
دلاسا، چي: ’متان ڀاڙي ٿيا
آهيو! اوهان
جي وار جو به ڪو نالو ڪونه وٺندو. هونئن
ته سدا ويٺا هجو، پر جي نه رهو، تڏهن به ڪڻڪ جي
بٽئي ڪري پوءِ ڀل خير سان روانا ٿيو.‘
(2)
”لوڪ لڏڻ ۾، چري اڏڻ ۾، ڀيڻ سشيلا! اوهين به مردن
کي نٿيون سمجهايو، ته جيسين پاڻ ڪڻڪن جي لاباري
لاءِ ترسندا، تيسين سندن به لابارو ٿي ويندو؟“
ڪمدار يوسف وڏو همدرد بنجي، سيٺياڻيءَ کي يڪساهيءَ
اها صلاح ڏئي ويو.
سيٺياڻيءَ گهٻرائجي چيو: ”ادا جُوسب! پوءِ اوهان
جي پاڙي ۾ به اسان کي خطرو آهي؟“
”ادي! اسين ته ٻارين ٻچين اوهان جا نيازمند آهيون،
اسان جي رت جو آخري ڦڙو به اوهان تان قربان آهي،
مهلون مڙسن تي اينديون آهن ۽ ڌڻي ڪندو ته، انهن
مهلن ۾ اوهين اسان جا ڌڙ، سسيءَ
کان ڌار ڏسندا،
پر پٺ ڪانه ڏينداسون. مگر ڀيڻ! ڇا ڪجي، هي ڪمبخت
پناهگير، جيڪي اوهان جي برخلاف صلاحون ڪري رهيا
آهن، سي ٻڌيو دل ڪنبيو وڃي. ڌڻيءَ در سدائين اها
دعا آهي ته شل اوهان جو وار ونگو نه ٿئي، اسان جي
رڳ رڳ اوهان جي احسانن ۾ ٻڌي پئي آهي. سڀان ڪالهه
ڪو نقصان پهتو يا ڌڻي نه ڪري، ڪن بدمعاشن اوهان
ڀيڻن جي لڄ تي حملو ڪيو ته دنيا چوندي ڀاڙين مان
ڪي به ڪو نه ٿيو!“ ڪمدار يڪساهي سڀ چئي ويو ۽ سندس
اکين ۾ به پاڻي اچي ويو.
’لڄ‘ جو لفظ ٻڌي مائي سشيلا ٿورو ۽ مائي پارپتي
گهڻو ڏڪي ويون. اهي واقعا سچ پچ ٿي رهيا هئا، ڪا
نئين ڳالهه ڪانه هئي. پارپتيءَ وڏو گهٽڪو کائي
پڇيو: ”ادا، پوءِ ڇا ڪجي؟“
”ادي! مال صدقو سر جو
۽ سر صدقو لڄ جو. ڏاها چوندا آهن ته ’ناڻو هٿ
ايندو، ٽاڻو هٿ ڪونه ايندو‘. في الحال هيءَ مهل ته
ٽاريو ۽ چار ڏينهن هندستان وڃي گذاريو، پوءِ جڏهن
’نينهن نيهاڻي، ڌرم ٺڪاڻي‘ ٿئي، تڏهن وري اچي وطن
جا وڻ وسائجو. اسين اوهان جي هرچيز کي ساهه سان
سنڀالينداسون، هڪڙو ڪک به هيڏانهن هوڏانهن نه
ٿيندو. جيئنس ڌڻي، مرنس چور، پنهنجي امانت اسان
کان باسلامت اچي وٺجو. اوهان جي فصل جا پئسا به
پائي پائيءَ تي اوهان کي هندستان موڪلي ڏينداسون.
پئسن موڪلڻ تي اڃا ڪابه منع ڪانهي، نڪا ٿيندي. ٻيو
به اوهان جي مرضي، آءٌ ته ڀيڻ وڃان ٿو ٻنين جي چڪر
تي.“
(3)
ٻنين کان ڦيرو کائيندو ڪمدار سڌو وڃي پهتو رئيس
وٽ، جنهن پڇيس ”ڏي خبر ڪمدار!“
”سائين خبرون مڙيئي خير جون آهن، مڙس مڙن ئي ڪونه
ٿا، اڄ ته رنن کي وڃي ڀِتو هئس، پر اڃا پييون
ويچار ڪن ۽ ڳڻتيون کائين. آءٌ سائين چوان ٿو
ته جيستائين هنن ڌوتي بندن تي هڪڙو حملو نه
ڪرائبو، تيسين مڙندا ڪونه!“
”پوءِ ڀلا اڄ ٿي وڃي نه!“
”حاضر سائين، پناهگيرن کي چار پئسا خرچي ڪرائبي،
ته ناٽڪ سٺو ڪري ڏيکاريندا.“
”اهو ڀلي، پر ذرا هوشياريءَ سان.“
”ڇُٽا آهيو سائين، ٿورو ويجهو بيهي اچي تماشو
ڏسجو!“
(4)
مانيءَ مهل ماين ته سيٺين کي گهڻو ئي تپايو.
سيٺيون چون ”بيفڪر
رهو، سڀ خير آهي، پناهگيرن جو هن پاسي زور بلڪل
ڪونهي، پاڻ تي رئيسن جو هٿ آهي، ان ڪري ڪوبه لهر
لوڏو ڪونهي. رئيس نه فقط پنهنجا دوست آهن، پر وڏو
ننگ مرشد جو آهي. سائين وڏن جي کين سخت پارت آهي،
ته اسان جي مريدن کي متان وڃڻ ڏنو اٿوَ.
سو پاڻ خدا ڪندو ته ڪڻڪ جو فصل کڻنداسون، پر پوءِ
به ويٺا هونداسون، اهي چار ڏينهن ڏکيا سکيا گذري
ويندا، پوءِ سڀ امن ٿي ويندو.“
ماني کائي سڀ سمهي پيا. اڃا اڌ رات ٿي ته ويهيءَ ۾
هڪ هلڙمچي ويو. ”نہیں چھوڑیںگے،
سالوں کو
آج کسی حالت
میں بھی
نہیں چھوڑیں گے،
بہت دن پاکستان کو لوٹا
ہے،
آج ضرور ان کو ٹھکانے لگائینگے!“
سيٺيون خواهه
مايون شور تي جاڳي پيا. سيٺين در کڻي بند ڪيا،
بندوقون جيڪي ٽي چار وٽن هيون، سي کڻي تيار ٿيا،
پر گهر اندر. مايون گهڻو ئي کين چون ته کُڏ تي
چڙهو، مورچن کي سنڀاليو، پر ايتري همت سيٺين کي به
ٿئي ئي نه. شور وڌندو پئي آيو. ڦڳڻ مل ته هوشيار
هو، پر بصر مل جي ڪمبخت ڌوتي هر هر پئي ڇُڙيو پئي.
شور جو نمونو اهڙو پئي معلوم ٿيو ته سوين ماڻهو
آهن. مايون ڏڪڻ ۽ گيتا گائتريءَ جو پاٺ ڪرڻ
لڳيون...... اوچتو ڪمدار جو آواز وڏي واڪي ٻڌڻ ۾
آيو، ”اڙي نه ڇڏيونِ، وٺونِ، مڙس ٿيو، کين اهڙي
سيکت ڏيو، جو جئپور، اجمير ياد اچي وڃينِ.“- ۽
انهيءَ آواز سان گڏ اول سنڌي هارين جا وڏا آواز
ٻڌڻ ۾ آيا، پوءِ سنڌين ۽ پناهگيرن جا گڏيل گوڙ، ۽
نيٺ..... ائين ئي معلوم ٿيڻ لڳو، ته پناهگير ڀڄي رهيا
آهن، ۽ ڀڄندي رڙيون ڪن پيا، ڪمدار جو لشڪر ڪامياب
ٿي رهيو آهي ۽ خوشيءَ مان
فتح جا نعرا لڳائي رهيو آهي.
هاڻي ڪمدار وڌي سيٺين جي در تي آيو، ۽ آواز ڏيڻ
لڳو، ”ڪيئن سيٺ صاحبو! خوش ته آهيو نه؟ مولا جي
مدد سان پناهگيرن کي اهڙي سيکت ڏني اٿئون، جو ياد
پيا ڪندا.“
هو هنن کي اهي مبارڪون ڏئي، وري وڃي رئيس وٽ پهتو
۽ کلي چيائينس، ”رئيس صاحب! هاڻي ٻيڙا پار آهن!“
(5)
جهيڙو ختم ٿيو، ڪمدار به واپس ٿيو، پر هاڻي وري
سيٺين ۽ سيٺياڻين جون نئون جهيڙو شروع ٿيو.
سيٺياڻيون صاف صاف چوڻ لڳيون: ”اوهين مايا جا مڄو
آهيو، بي غيرت آهيو، اڄوڪو جهيڙو ته کڻي ٽريو، پر
سڀاڻي جيڪڏهن قضاڪار اهي مسلمان خود ئي کڻي حملو
ڪن، ته پوءِ مايا ڪهڙي ڪم ايندو؟ پر جيڪڏهن ڪجهه
به نه کڻي ٿئي، ته به سک جي ننڊ ته ڪري ڪانه
سگهنداسون. مال صدقو سر جو، ۽ سر صدقو لڄ جو،
اوهان کي لڄن خاطر سر قربان ڪرڻ جي همت ته اوئين
ئي ڪانهي، پر گهٽ ۾ گهٽ مايا جو موهه ته ڇڏيو.“
سيٺين جي سمجهه ۾ به هاڻي اها ڳالهه اچي وئي، پر
لاباري لاءِ تيار ڪڻڪ ڏسي دل هنن جي به وياڪل ٿيڻ
لڳي. هڪ پاسي ڪڻڪ جي ڪشش، پئي پاسي زالن جو زور،
آخر ڀائي بصرمل کي ڇڏيائون ڪڻڪ بٽائي ڪرڻ لاءِ ۽
پاڻ جو ٽپڙ کڻي ويا اسٽيشن تي، ته سڌو وڃي اجمير ۾
دم پٽيائون.
مگر رواني ٿيڻ کان اڳ پنهنجي سموري زمين جي بيزاري
رئيسن جي فائدي ۾ ڏئي ويا، ته زمين تي ڪسٽوڊين نه
قبضو ڪري.
اجمير ۾ وري سيٺين کي هڪ اهڙو عزيز مليو، جنهن جي
ڏٽن تي لڳي وڃي انڊور پهتا. اتي ٻه سئو روپيا
مهيني سان جاءِ ڀاڙي ڪري ٿانئيڪا ٿي ويٺا. ٽن چئن
ڏينهن بعد سندن حمايتيءَ سان ملڻ ويا، ته وڃي ڪي
ڌنڌا ڪريون، ته پتو پين ته سيٺ صاحب کي سمگلنگ جي
ڏوهه ۾ پوليس پڪڙي وئي ۽ ملڪيت به ضبط ٿي ويس.
ڏاڍا پريشان ٿي گهر موٽيا. مگر هاڻي فقط انهيءَ
آسري ۾ ويٺا هئا، ته اجهو ٿو بصرمل ڪڻڪ جا پيسا
آڻي، ته مٿان بصرمل به اچي ’رام ست‘ ڪيو. ڪپڙا
ميرا، اکيون ڏرا ڏنل! ”اڙي ڀائي توسان خير؟“ ته
اوڇنگار ڏئي جواب ڏنائين، چي: ’ڳالهه ئي نه پڇو،
پڪي خبر مليم ته پوليس اجهو ٿي مون کي پڪڙي، سو
بنا ڀاڙي ئي وڃي ريل ۾ چڙهيس. ڪهڙن سُورن سان هتي
پهتو آهيان، ان جو ذڪر ڪرڻ لاءِ زبان ئي ڪانه
اٿم.“
”اڙي پر پوءِ رئيس وٽ نٿي وئين؟“
”رئيس ئي ته پوليس سان بندوبست ڪيو هو، نه؟“
”نڪو چريا، ائين ڪيئن هوندو؟“ مائي سُشيلا زوردار
لفظن ۾ چيو. پوري گنڀيرتا سان بصرمل جواب ڏنو،
”ڀاڀي! ائين ئي هو، مون کي پڪيون خبرون مليون ته
پناهگيرن کان حملو به رئيس ئي ڪرايو هو، هاڻي
ملڪيت به سندن، ڀلي پيا موجون ڪن!“
”هاءِ گهوڙا! ڪلجڳ آهي گهور ڪلجڳ، جيڪو ’رازقڏنو‘
هميشه پاڻ کي منهنجو پُٽ سڏائيندو هو، جنهن کي مون
ئي ماڻهو بنايو، تنهن به اڄ ائين ڪيو!“ ڀائي ڦڳڻ
مل اهڙي ته درد مان دانهن ڪئي، جو دل ئي ٽُٽي پيس
۽ دير نه گذري ته دم ڏنائين!
(7)
رئيسن لاءِ هاڻي عيدون هيون، ڪڻڪ جي بٽئي ڪري پئسا
ڳنڍ ۾ ٻڌائون ۽ ڦُٽين جي ٻولڦ ڪري انهن مان به
هزارين روپيا هٿ ڪيائون، تمام وڏيون رشوتون ڏئي
زمينون پنهنجي کاتي ڪرائي ڇڏيائون.
وڏي رئيس وٽ پئسا گهڻا
ڏسي هڪ اهڙي دوست به اچي پاسو ڏنس، جو گهڻو ڪري هر
سال هوائي حج ڪندو هو. هن کيس اهڙا ڳلٿا ٻڌا، جو
سڀ کان اول هو پاڻ به ڀليءَ ولايت ڏانهن اُسهيو،
جيتوڻيڪ کيس سندس دوست جي انهن لفظن تي هرگز يقين
نٿي آيو ته ’مڪي شريف ۾ مال اهڙا سستا آهن، جو
مهاجر بنجي ويهي رهندين.‘ هن کي اهو تصور ئي نٿي
آيو، ته جنهن شرعي حڪومت ۾ چور جو هٿ ڪپجي، زنا جي
سزا سنگسار هجي، تنهن ۾ به ڪي آسان عيش هوندا. پر
جڏهن ’هزار روپيا مهيني حساب‘ جاءِ ڀاڙي ڪري ويٺا،
تڏهن اهڙين ته ڊگهين ڏاڙهين
اچي سلام ڀريا، جن وٽ قسمين قسمين مال موجود هئا-
۽ پوءِ نتيجو اهو ٿيو، جو رئيس صاحب هر سال هوائي
حج ڪرڻ لڳو. مگر نه فقط حج، بلڪ ساري مشرق وسطيٰ جا
سفر ڪري، پاڪ جاين جون زيارتون به حاصل ڪيائين.
هوڇهه مهينا اُنهن پاڪ سفرن ۾ گذاريندو هو، باقي
ڇهه مهينا واپس پنهنجي وطن ۾ اچي فصلن جي پيدائش
هٿ ڪري واپس ڀليءَ ولايت ڏي هليو ويندو هو؛ ۽
سدائين اهي ذڪر پيو ڪندو هو ته ”يار! دنيا جي ڌنڌن
ڦاسائي وڌو آهيان، نه ته جيڪر هڪ ڏينهن به ’ڀليءَ
ولايت‘ کان پيرُ ٻاهر نه رکان.“
سيٺين جا انڊور مان بار بار دردناڪ خط پئي آيا.
هنن هر ڪنهن خط ۾ اهي لفظ پئي لکيا ته اسان کي
اهڙي به طاقت ڪانهي، جو ڀاڙو ڪري ايستائين پهچون،
انڪري وڏن ڏي ڏسو، پنهنجي ننڍپڻ جي فلاڻين فلاڻين
ڳالهين کي ياد ڪريو، مرشدن جي ننگ کي ياد ڪريو،
اسان کي پنهنجو حق سمجهي نه، پر خيرات طور من ڪجهه
موڪليو. پر هنن خطن رئيسن کي بجاءِ قياس اچڻ جي
وڌيڪ خوشي پئي ڏني، ۽ ڪجهه عرصي بعد جڏهن سندن خط
اچڻ به بند ٿي ويا، تڏهن ته رئيسن کي پڪ ٿي ته
هاڻي سڀ فاقن ۾ مري ويا ۽ جيڪي ڦٻيو سو ’هذا من
فضل ربي‘ جي حيثيت ۾ بي فڪر ٿي هضم ڪرڻ گهرجي.
(8)
وڏي ڪچهري لڳي پئي هئي، رئيس ڏاڍي فخر سان ’ڀليءَ
ولايت‘ جا سفرناما بيان ڪري رهيو هو. هو پاڪستان
جي سمورين مشڪلاتن جو حل اهوئي ٻڌائي رهيو هو ته
’هتي به ڪو ابن سعود وانگر بادشاهه بنايو وڃي، جو
نج اسلامي حڪومت قائم ڪري، پوءِ اهڙيءَ سڳوريءَ
حڪومت تي الله تعاليٰ به پنهنجي فضل جون بارشون
بلڪل ائين ڪندو، جيئن سعودي عرب تي ڪيائين؛ يعني
زمين جا خزانا کولي ڏيندو، هتي به پيٽرول نڪرندا،
وڏيون پيدائشون ٿينديون، درياهن جا بندوبست ٺيڪ نه
هوندا، ته برساتون جام پونديون، مطلب ته اسلامي
حڪومت قائم ٿيڻ سان آسمان پنهنجا خزانا هيٺ
موڪليندو ۽ زمين پنهنجا خزانا اوڳاريندي.......‘
ته اوچتو ڀائي بصرمل ۽ سندس ننڍو ڀاءُ مسٽر
ڄيٺانند ايم. اي، ايل. ايل. بي اچي وارد ٿيا، ساڻن
گڏ ٻه هٿيار بند پوليس وارا به هئا.
”اي واهه ڀائي بصرمل! جيئن بنا موڪلائي ڀڄي وئين،
تيئن وري نڪو خط نڪو پٽ، نڪو اچڻ نڪو وڃڻ!“ رئيس
جي اندر ۾ ته وڏي آنڌ مانڌ هئي، پر ظاهر ۾ وڏا ٽهڪ
ڏئي، ڀاڪر پائي مليو.
”سائين خط پٽ گهڻيئي لکيا هئاسون، پر سائين جن
شايد ’ڀليءَ ولايت‘ ويل هئا، ان ڪري ڪو جواب سوال
ڪونه ٿي مليو. اسان جي سائين، اُتي
ڏاڍي بري حالت هئي، اهڙو پئسو ڪونه بچيوسون، جو
سنکيو وٺي
کائون. پر پوءِ ڌڻي مالڪ، جو هر ڪنهن کي سنڀالي
ٿو، تنهن مهر ڪئي، جاءِ جي مالڪ کي ايترو قياس
آيو، جنهن ڀائيواري ڏني. ڌڻيءَ برڪت وڌي، تمام سٺو
رزق ڏنائين. ڇوڪرو به پڙهي پيو، کيس ججي ملي وئي،
پر اها غلامي ڇڏي آزاد وڪالت ڪرڻ لڳو. ان مان به
گهڻيئي ڪمائي ٿئي ٿي، پر (شوڪارو ڀري) وطن اسان کي
ڪڏهن به نه وسريو، ان ڪري هاڻي اتي جي سڀ ملڪيت
وڪڻي اچي ’نئين ڪراچي‘ عرف ’سنڌونگر‘ (ڪنڊلا بندر)
وسايو اٿئون. وري سهروردي
صاحب سان به سٺا تعلقات پيدا ڪري ويا آهيون، ان
ڪري ان جي سفارش سان اسان کي حفاظت لاءِ پوليس به
ملي آهي، هاڻي اچي اوهان جو سلام ڀريو اٿئون، ٻيو
سڀ خير.“
”کپي به خير، پر چريا، پوليس جو ڪهڙو ضرور آهي
(کِلي) اسين پاڻ اوهان جي پوليس ڪين آهيون!“
”اوهان جا ته ٻچا آهيون سائين، اوهان ئي ته اسان
جا رئيس آهيو، اوهان ئي ته اسان جي ملڪيت پناهگيرن
وٽ پهچڻ کان بچائي پئي سنڀالي آهي. ملڪيت جو ڪليم
اسان به وڌو آهي، ڪجهه سرڪار ائڊوانس طور مدد به
ڪئي آهي، پر ڪليم اڃا ويريفاءِ ڪونه ٿي سگهيو آهي،
جو اوهان جي فائدي ۾ بيزاري لکي ڏنل هئي. جيتوڻيڪ
اها بيزاري اڃا ڪسٽوڊين ڪنفرم به ڪانه ڪئي آهي، پر
ته به رڪارڊ ۾ کٽراڳ پيو هلي. اسان به ڪراچيءَ جو
هڪ ناميارو بئريسٽر وڪيل ڪيو آهي، هاڻي رڳو سائين
جن اها مهرباني ڪن، جو ڪسٽوڊين وٽ اهو بيان هلي
ڏين، ته ’بيزاري‘ فقط نالي ماتر هئي، ۽ ملڪيت اسان
وٽ امانت هئي.“
(9)
راوي روايت ٿا ڪن، ته رئيس صاحب جيئن ئي اهي اکر
ٻڌا، تيئن هڪ دردناڪ نموني جي ’هاءِ!‘ چئي ڪِري
پيو. هوش ۾ اچڻ بعد چرين وانگر ’هاءِ ڀلي ولايت‘،
’گهوڙا ڙي ٻنيون‘، ’هنن واڻين کي دفعي ڪريو، نه ته
مون کي ماري وجهندا‘ وغيره اکر چوڻ لڳو، ۽ آخر وڃي
گدوءَ جي حوالي ٿيو. ڪافي علاجن بعد نيٺ ايترو چاڪ
ٿيو آهي، جو بلڪل خاموش رهندو آهي ۽ ڪنهن ڪنهن مهل
ٿڌو شوڪارو ڀري پيو چوندو آهي، ’هاءِ! ڀلي ولايت!‘
محمد عثمان ڏيپلائي
مهربان خوني
هن کي آيل ڏسي، آءٌ بسترو ڇنڊڻ لڳس ته مٿس ويهي ڪا
رهاڻ ڪريون. ٻيو ڀلا جيل ۾ ڪا ڪرسي، ڪو کٽولو يا
منجي ڪٿان آئي!
”هون هون، ويچارڙيءَ کي مار ته نه!“ هن رڙ ڪئي.
منهنجو هٿ رڪجي ويو، ۽ حيرت مان ڏانهس نهارڻ لڳس.
منهنجي اکين اڳيان اهو شخص بيٺو هو، جنهن نهايت
بيدرديءَ سان ڪيترائي خون ڪيا هئا. اڄ کيس
ماڪوڙيءَ تي ڪهل اچي رهي هئي، ۽ آهستگيءَ سان کيس
بستري تان کڻي، پريان اڇلائي ڇڏيائين.
هو بستري تي اچي ويٺو ته مون مُرڪي چيو، ”هي جي
هيترا سارا خون ڪيئي، هيترن انسانن جو رت وهايئي،
تڏهن ڪا ڪهل ڪانه آيئي، ۽ هينئر ماڪوڙيءَ تي به ٿو
مهر ڪرين؟“
سنجيدو ٿي، هن منهنجي منهن ۾ نهاري چيو، ”مون جيڪي
خون ڪيا آهن، تن مان ڪو هڪڙو به اهڙو ٻڌائيندين،
جو ’ناحق‘ ڪيو هجيم؟“
مون هن جي گفتي تان ڇرڪ ڀريو ۽ سوچ ۾ پئجي ويس. هن
وري چيو، ”ڀلي ويچار ڪري ڏس. منهنجن گهڻن ئي خونن
جي توکي پوري پوري خبر آهي. چڱيءَ طرح ويچار ڪري،
مون کي هڪڙو به اهڙو خون ٻڌاءِ، جنهن ۾ مون ڪنهن
کي بيگناهه ماريو هجي.“
هو ويهي رهيو، ۽ آءٌ ويچار ڪرڻ لڳس.
* * * * *
”ادا خانو، اهو تنهنجو وڙ ناهي، جو غريبن جي ٻارن
۾ اکيون وجهين.“ هن نماڻو ٿي، نوجوان وڏيري کي
چيو.
”وڏو آيو آهي ٻارن ٻچن وارو! بس، اسين هارياڻين
ڏانهن نهاريون به نه، ته جيئن وڻين تيئن پيون ڪن؟“
”رئيس! اوهان کي پنهنجي ملڪيت سنڀالڻ جو پورو
اختيار آهي، پر هيئن راهون جهلي، کين کنگهڪارون
ڪرڻ، اهو اشرافن لاءِ مناسب ناهي.“
”هل ڙي، هل اشراف جا پٽ! وڏو معتبر بڻجي آيو آهي
نصيحتون ڪرڻ.“
”ڏس، سائين، اسين اوهان جا ٻچا آهيون، پورهيو
ڪريون ٿا، جنهن مان اوهين به کائو ٿا.“
”ها ها! اسان کي هي ويچارا ٿا کارائين! منهن ته
ڏسوس، هيءُ آيو آهي اسان کي روزي ڏيڻ! داڻا اسين
ڏيون، ڪپڙا اسين ڏيون، ٻيو به روز روز سوال، ۽ وري
ٽيڳر ته ڏسو!“
”تڪابي ٿا ڏيو، ڪا خيرات ڪانه ٿا ڏيو، فصل تي
ڏيڍوڻا ٻيڻا ڪري ٿا وصول ڪريو؛ ان تي اسين ڪُڇون
به ڪونه، پر انهيءَ ۾ عزتون ڏيڻ لاءِ ته ٻڌل ڪين
آهيون.“
”هاڻي بڪ بڪ ڦٽي ڪر، نه ته لاهيانءِ نه لاک!“
وڏيري جو پارو چڙهي ويو هو، ۽ هن ساڻس وڌيڪ بحث
ڪرڻ مناسب ڪونه سمجهيو، خاموشيءَ سان وڃي ڪم تي
چڙهيو، ۽ صبح جو وڏيري صاحب کي رپورٽ ملي ته هن جي
جهوپڙي خالي پيئي آهي.
* * * * *
”ڇو ڙي! ڀڄڻ وقت قرض به لاهي ڪونه ويو آهين؟“
”مون وٽ ڪهڙي ملڪيت هئي، جنهن مان قرض لاهيان؟ ڪڻڪ
جو نمبر پڪو بيٺو آهي، وونئڻ جا ٻه نمبر ڀلا
اُڀريل آهن، انهن مان به تنهنجو قرض ڪونه لهندو!؟“
”سو ڪي ڀڄندڙن جون به ونڊيون ٿينديون آهن ڇا؟ يا
اشراف ٿي هلي واپس ويهه، يا اهو جيڪو نئون رئيس
’هٿ ڪيو‘ اٿيئي، ان کان پئسا کڻي ڏي.“
”وڏيرا صاحب، لفظ ڪجهه ڌيان سان ڳالهاءِ. اسان کي
تو وٽ به پورهيو ڪرڻو، هُتي به پورهيو ڪرڻو، پر سڀ
کان اول آهي عزت!“
”بلي بلي! ٿئي ٿو وڏيرن جو هاري، ۽ ڳولي ٿو عزتون!
پئسا پهچائي وڃ، نه ته چڱائي ڪانه ٿيندءِ.“
۽ پوءِ، هو روز روز گهوڙي تي چڙهي هن جي گهر اچڻ
لڳو.
”جانو، اڙي اوجانو، نڪر ٻاهر، پئسا ڇڏاءِ!“
”ادا، ڀاڻهين ته ٻنيءَ تي ويو آهي.“ مائيءَ
نماڻيءَ سان جواب ڏنو.
”ادا ٻدا مان آءٌ ڪونه ڄاڻان. مڙسهين کي چئجانءِ
ته پئسا پهچائي وڃي، نه ته انهيءَ ڀوريءَ ۽ انهيءَ
ڌونئريءَ جو کير ٻيا ڌڻي پيئندا!“
هن جي اها روزاني کيتي، ۽ زال جون روزاني مڙس وٽ
دانهون: چي ’ماربو گهر ته اچي، پر پراين ٻنين مان
به گهوڙو ڊوڙائيندو اچيو رسي! چي، ’ماٺ ڪري، ماڻا
ڇڏي، اچي واپس اسان وٽ ويهو، نه ته اها مينهن، اها
ڍڳي ۽ اهي ڍڳا، سڀ قرض ۾ هڻائي ويندو سانوَ.‘
* * * * *
”وڏيرا صاحب! بيهه اتي، اڄ مون سان ٻه اکر ضرور
صفا ڪري وڃ.“ جانوءَ وڏيري صاحب جي گهوڙي جي واڳ
مان جهلي چيو.
اڄ وڏيري سان گڏ ڪو ڪمدار ڪارائو ڪونه هو. جانوءَ
به سندس گهوڙو اهڙيءَ طرح روڪيو هو، جتي ويجهيءَ
ڇڪ ۾ ماڻهو ڇيڻو ڪونه هو. وڏيري لاءِ هينئر ٻه
رستا هئا يا ته ڪنهن نموني مٺو ڳالهائي جند ڇڏائي،
يا ته وري دهمان ۽ دڙڪا ڏئي، آڪڙ شاڪڙ ڏيکاري، ۽
اهڙو گوڙ شور ڪري، جو انهن آوازن تي ٻيا هاري
ٻنيءَ مان نڪري اچن. پر هن مال مست پويون رستو
پسند ڪيو. جواني ديواني، بت ۾ طاقت، گهر ۾ دولت،
وڏي هلندي، هڪڙي ٽڪي جي هاريءَ اڳيان نماڻو ٿيڻ ته
هن سکيو ئي ڪونه هو. سو، وڏي رعب سان ڪڙڪو ڪري
چيائين، ”هٽي پري ٿيءُ! ڳالهائڻو اٿيئي ته اوطاق
تي اچي ڳالهاءِ.“
۽ هن گهوڙي کي وڌڻ لاءِ واڳ کي ڇٻي ڏني، پر گهوڙو
ڪيئن وڌي: جانوءَ هن جي ٻي واڳ به مضبوط پڪڙي ورتي
۽ چيائين، ”وڏيرا صاحب، اڄ وڃڻ ڪونه ڏيندوسانءِ!
تو منهنجي زال جي حياتي وههُ ڪري ڏني آهي، توکي
قرض وٺڻو آهي ته مون کان وٺ، پر تون آخر منهنجن
ٻارن کي ڇو ٿو ستائين؟“
وڏيري گهوڙي کي زوردار اڙي هنئي، ۽ واڳ کي به اهڙي
زور سان ڇٻي ڏني، جو اُها ته جانوءَ جي هٿن مان
نڪري وئي، پر گهوڙي جو وات به رتو رت ٿي پيو.
گهوڙو بيتاب ٿي جانوءَ مٿي چڙهي ويو، پر جانوءَ
پاڻ بچائي وڏيري جي پير ۾ اهڙو ته مضبوط هٿ وڌو،
جو گهوڙو ته نڪري ويو ۽ وڏيري اچي زمين تي ڦهڪو
ڪيو. هن جو منهن لال ٿي ويو. سندس هٿ بي اختيار
پستول ڏانهن وڌيو. هيءُ ڏسي، جانوءَ به ڪهاڙيءَ کي
سندس هٿ ڏانهن سڌو ڪيو. هن جو ارادو انهيءَ هٿ تي
وار ڪرڻ جو هو، جو پستول ڏانهن وڌيو هو؛ پر وڏيري
به تيزيءَ سان ٻيو هٿ کڻي ڪهاڙيءَ ۾ وڌو ۽ ان کي
مضبوط پڪڙي، جهٽ ڏئي پستول ڪڍي ورتائين. هاڻي
جانوءَ کي سوچڻ لاءِ ڪو وقت ئي ڪونه رهيو هو:
ڪهاڙيءَ کي پوري زور سان سندس هٿ مان ڇڏائي، وٺي
جو کڻي زپ ڪرايائين ته هوڏانهن وڏيري جي گولي گُسي
وئي، ۽ هيڏانهن پاڻ وڃي زمين تي ڦهڪو ڪيائين. پوءِ
هُن ٻي گولي هلائي، ۽ هن ٻيو وار ڪيو:
’ڇا هن اهو خون ناحق ڪيو هو؟‘
* * * * *
آءٌ وري ٻي ماجرا سوچڻ لڳس:
جوانيءَ جي موٽ، جسم صحتمند، مال دولت اڪيچار؛ پُٽ
ڪوبه نه، مٿان وري زال به ٻه جوان ڌيئون ڇڏي پرلوڪ
راهي ٿي وئي؛ زمين پنهنجي، ڳوٺ پنهنجو، هلندي
پنهنجي، ۽ مٿان وري دادي ليکراج وارو شوق، ته اوڙو
پاڙو ڪيئن سهي سگهي؟ جتي روز موج ڀرين مجلسن ۾
جهمريون پائيندي اهي آلاپ اٿن:
آهيان پاڻ الله، عشقين ٿو عبد سڏايان.
بهشت دلاسو، دوزخ دڙڪو.
کيڏڻ دي دن چار، کيڏي کيڏاڙا تون عشق جي بازي!
اتي ڀلا چئني طرفن کان جوان ۽ جوانڙيون اچي ڪٺا نه
ٿيندا ته ٻيو ڇا ٿيندو. هن ”شغل“ کي بند ڪرڻ جون
ڪوششون گهڻيئي ٿيون، پر سڀ بيسود. چڱن مڙسن،
آفيسرن توڙي پوليس ٻوٽو ڪونه ٻاريو نيٺ ڪڪ ٿي، آس
پاس جا ڏهه پندرنهن غيرتمند، سرن جا آسرا لاهي،
ائين اوچتو اچي ڪڙڪيا، جو ڪنهن کي ڀڄڻ جي واهه به
ڪانه ملي. سڄي اڏي کي باهه ڏني وئي. پوءِ ڪي وڍجي
مئا ۽ ڪي جلي مئا. پوليس وارن جڏهن اهو اچي ڏٺو ته
سير سون جا ڳري ويا آهن، لکن جا نوٽ جلي ويا آهن،
تڏهن آڏي اُبتي جاچ پوري ڪري هليا ويا.
’ڀلا اهي به ناحقي خون هئا؟‘
* * * * *
منهنجي اکين اڳيان ٽيون نقشو ڦرڻ لڳو.
تپيدار، ڦري زميندار ٿيو، ۽ ڏسندي ڏسندي اهڙو ته
زور وٺي ويو، جو ويجهيءَ ڇڪ جي سڀ زمين قبضي ۾ ڪري
ويو، ڪا قيمت سان، ته ڪا مقاطعن سان. هاڻي ته
اهڙيءَ منزل تي به اچي رسيو، جو هڪ غريب جا ڏهه
نمبر سندس اسٽيٽ جي وچ ۾ اچي ويا، ته اُهي به
ماڳهين زوريءَ ڦٻائي ويو- نه قيمت، نه مقاطعو. هن
غريب هر ڪنهن کي ستايو، هر ڪنهن کي منٿون ڪيون،
راڄن وٽ فرياد ڪيا، ڪامورن وٽ ڪُوڪون ڪيون، پر
سندس ڪنهن به ڪانه ٻڌي. هاڻي ته الٽو اهي حڪم به
مليس ته جنهن نمبر ۾ تو گهر ٺهرايو آهي، سو سرڪاري
ناقبولي آهي: ٻچا وٺي، اباڻا ڪک ڇڏي ڀڄي وڃ، نه ته
ڄڻ ٻچو مارائي ڇڏيندوساءِ. جڏهن سڀ طرف کان مايوس
ٿيو، تڏهن هن اسم الله جو وجهي اچي جانوءَ جو در
جهليو. ”گهوريس الله جي نالي تان“ چئي، هو يڪي سر،
ڪهاڙيءَ کي چُمي ڏئي، اٿي هن سان گڏ نڪتو. ۽ صاحب
پستول ٻڌيو، ڳجهيءَ بندوق وارو لڪڻ هٿ ۾ کڻيو،
ماڻهن هٿان نهايت بيدرديءَ سان هن جو گهر پيو خالي
ڪرائي. چي، ”ڊاهيو ڀيڻسان جو گهر، ڀڃوس ٺڪر ٺوٻر!
حرامي، سرڪاري زمين ۾ دخل ڪريو ويٺو آهي!“- ۽ هن
جي زال پئي منٿون ڪيون: ”سائين رڳو منهنجي مڙس کي
اچڻ ڏي!“
نئين وڏيري صاحب مائيءَ کي زوردار لت هڻي چيو،
”پري ٿي، لونڊي!....“ بس، جانو هاڻي سهي نه
سگهيو، ۽ رومڙ ڪري، وٺي جو واجھٽ ڪرايائينس ته پڙ
تي پورو. ڀلا هجي ڪنهن کي جوءِ، رن ڪرائڻي ۽ ٻچا
يتيم ڪرائڻا، ته اچي جانوءَ جي ڪهاڙيءَ کي سامهون!
هو للڪارڻ لڳو. جانوءَ جي ڪهاڙيءَ کي هرڪو سڃاڻندو
هو. سڀ ڪمدار ڪاراوا کسڪڻ لڳا. جانوءَ سٽ پائي،
ڪمدار کي کڻي ڏاڙهيءَ مان جهليو، ۽ گهلي سندس نئين
وڏيري جي لاش تي ڪيرايائينس. خود ڪمدار جي ڪهاڙي
رت سان لٿڙي، کنڀي کڻي ٻڌائينس، ۽ اعلان ڪيائين ته
’جنهن به هن کي ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ مون کي ٻڌائڻ
لاءِ شاهدي ڏني، ته ان جو جڻ ٻچو ڪُهائيندس.‘
ماڻهو اڳيئي هن پڇ ڍائي زميندار ۽ سندس ٽيڳر واري
ڪمدار کان بيزار هئا، تن مان ڪنهن به جانوءَ خلاف
شاهدي ڪانه ڏني، ۽ ڪمدار ٽيپ کائي ويو.
”ڇا، اهو خون به ناحق هو؟“
* * * * *
”ڪيئن، اچيئي ٿي ڪا ڳالهه خيال ۾؟ اڙي، جانوءَ جو
هڪڙو ڌڪ به ناحق جو لهي نه سگهندين! جانوءَ جا
توکي ته اڃا ٿورا خون معلوم آهن، گهڻيئي ڪيا اٿم،
۽ انشاءَ الله ڪندو رهندس: پر رب جي درٻار ۾ انهن
تي به مرڪندو ويندس. اهي سڀ هيڻا منهنجا همراهه
هوندا، جن تي سدائين پئي ڪهل ڪئي اٿم!“ هن منهنجي
ڪلهي تي هٿ هڻي، مرڪندي چيو، ۽ آءٌ هن وڏي خونيءَ،
منڊڪائيندڙ ماڪوڙيءَ ۽ ڀرسان پيل ناول ’چترليکا‘
ڏينهن نهاري رهيو هوس. (ٽماهي ’مهراڻ‘، 2- 1962ع) |