ارباب نيڪ محمد
محمد
عثمان ڏيپلائي ۽ جماعت اسلامي
1986ع ڌاري هفتيوار ”وينجهار“ حيدرآباد
وارن ”ٿر نمبر“ ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو ۽ عاجز کي حڪم
ڪيائون ته مواد اُماڻي ڏيو. پهرين فرصت ۾ ڏيپلائي
صاحب جي ڪتابن جي فهرست مرتب ڪئي سين، نوجوان
ذوالفقار درس(2) نوڪ
پلڪ درست ڪري رسالي ڏانهن اُماڻي ڏني، جيڪا نهايت
اهتمام سان اشاعت پذير ٿي. فهرست جي ميڙا چونڊيءَ
لاءِ ”لطيف نگر“ جو پنڌ به ڪرنو پيو هو، جتي
هاڪاري عالم محمد عمر ”معمور“ يوسفاڻيءَ(3) جي
رهائشگاهه آهي، اها مهرباني معمور مرحوم ڪئي هئي…
تحريري حوالي سان هن کان به اڳ 1980ع ڌاري
”منصوره“ (ٻاروچي باغ کان هالا- سعيدآباد نيشنل
هاءِ.وي ڪراس ڪري، اوڀر ڏانهن هلبو ته اڍائي ٽن
ڪلوميٽرن تي اها بستي ڏسڻ ۾ ايندي). ۾ اداره تعمير
ملت (رجسٽرڊ) جي ناظم اعليٰ ۽ هاڪاري عالم مولانا
جان محمد ڀٽو مرحوم کان ”ايشيا“(4) رسالي
لاءِ تفصيلي انٽرويو ڪرڻ جي سعادت مليم… ڀٽو صاحب
ڏيپلائي مرحوم سان گڏ رهيو هو. هڪ سوال جي جواب ۾
ارشاد فرمايائون ته ڏيپلائي بيحد ذهين ماڻهو هو.
مولانا مودوديءَ جا ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ڇپايا
هئائين… تحرير جي رواني ۽ بامفهوم ترجمي جي ڪري
پڙهندڙ ائين پيا ڀائيندا هئا گويا ڪتاب اردوءَ ۾
ناهي لکيو ويو، بلڪه مترجم جهڙوڪر نئون ڪتاب لکيو
هجي.
سال 2004ع ڌاري ماهوار ”ترجمان القرآن“
جي ”سيد مودودي نمبر“ لاءِ عاجز کان مواد گهريو
ويو… مواد ۾ لکيم: پهرين پهرين رسول بخش آخوند جي
سنڌي ترجمي سان سال 1939ع ڌاري خانبهادر محمد صديق
ميمڻ جي اداري ”مسلم ادبي سوسائٽي“ طرفان ڇپيو هو.
ان کان پوءِ چوڌري غلام محمد جي ڪوششن سان محمد
عثمان ڏيپلائي ۽ امر جليل جو سڳو چاچو قاضي
عبدالرزاق (جيڪو سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ ۾ فقهه
جو معلم هو) سيد مودوديءَ جو لٽريچر مطالعو ڪري،
جماعت اسلاميءَ ۾ شامل ٿيا. روئداد (جيڪا جماعت
اسلامي جي تاريخ آهي) جي ٽئين جلد ۾ لکيل آهي ته
الهه آباد واري اجتماع ۾ سنڌ مان ڏهاڪو کن رُڪن
شريڪ ٿيا هئا. دڪوها، ضلعي جالنڌر ۾ جنم وٺندڙ
چوڌري غلام محمد ”حلقہءِ سنڌ“ جي رپورٽ پيش ڪندي
چيو هو ته: ”مقامي سنڌي آباديءَ جا محور ۽ مصنف
قسم جا ٻه ماڻهو سنڌي دارالاشاعت جا ذميوار بڻايا
ويا آهن. ترجمي جو ڪم شروع ٿي چڪو آهي. ٽي ڪتاب
پريس ۾ پهچي چڪا آهن، (ڪتابن جي انگ کي ڪن مؤرخن
20 ڄاڻايو آهي ۽ ڪن 22، هيءُ عاجز آخرالذڪر سان
اتفاق ڪري ٿو) ماهوار رسالي جو به اهتمام ٿي چڪو
آهي.
(روئداد جماعت اسلامي (ڀاڱو ٽيون) مرتب نعيم
صديقي)
ڊاڪٽر عبدالجبار ”عابد لغاريءَ“ مٿي
ذڪر ڪيل منصوره مان فارغ التحصيل ٿيل اسڪالر آهي.
”سنڌ جا عالم، اديب ۽ شاعر“ جي نالي سان لکيل
پنهنجي ڪتاب جي صفحي نمبر 142 کان 147 تائين،
ڏيپلائيءَ صاحب جي ڪم جو جائزو وٺندي لکي ٿو:
”ڏيپلائي صاحب سنڌي ليکڪن ۾ اهو امتياز به رکي ٿو
ته سندس ڪتاب (ڏهاڪو کن) اردوءَ ۾ ترجمو ٿيا.
سانگهڙ ناول کي فڪشن هائوس لاهور وارن سندن دخترِ
نيڪ اختر جي ترجمي سان ڇاپيو آهي. عزيزالمطابع
بهاولپور مان حفيظ بهاولپوريءَ جي ترجمي سان غازي
صلاح الدين، غازي احمد شاهه ابدالي، نورِ توحيد،
شوڪت اسلام، عروجِ اسلام، فتح اسلام، سيرت محمديﷺ،
مجاهد مصر، اورنگريز عالمگير ۽ ٻيا ڪتاب شايع
ٿيا.“
ڏيپلائي مقصدي ادب سان دلچسپي رکندو هو. سمرقند جو
صوف (چار حصا) روسي ناول جو اختصار (سسيءَ نيزي
پاند) ڪوريا جي ڪنوار، مجاهد ڪشمير، انقلابِ
ايران، ريف جو مجاهد ۽ سوڊان جي سونهن ۾ تفريح کي
مقصد جي تابع بنايو اٿس. ڊاڪٽر عبدالجبار ”عابد“
لغاري اڳتي لکي ٿو:
مولانا مودوديءَ جا ڪتاب: (1) قرآني انقلاب، (2)
اسلامي پاڪستان، (3) اسلامي حڪومت، (4) اسلام جو
سياسي نظريو، (5) سلامتيءَ جو رستو، (6) خطباتِ
اسلام، (7) اسلام ۽ ايمان، (8) ڪلمي پاڪ جي حقيقت،
(9) جهاد جي حقيقت، (10) حج جي حقيقت، (11) حقيقتِ
اسلام، (12) روزي جي حقيقت، (13) دين جي
حقيقت،(14) زڪواة ۽ خيرات جي حقيقت، (15) سچو
ايمان، (16) عبادتون، (17) ڪلمو پاڪ، (18) مسلمان
ٿيڻ لاءِ علم جي ضرورت، (19) عورت، (20) نماز جي
حقيقت، (21) يارهان سورتون، (22) نماز رسول....
پاڻ جماعت اسلامءَ کان متاثر ٿي اُن ۾ شامل ٿيو.
ان جي گڏجاڻين ۾ به شريڪ ٿيندو هو. ڊاڪٽر صاحب
صحيح بخاري (مترجم: دين محمد وفائي) قرآن پاڪ جا
ٻه سيپارا منظوم سنڌي ترجمي وارا (سنڌيڪار: حاجي
احمد ملاح) ۽ بندش پيل).
ڀُٽي صاحب وڌيڪ ٻڌايو ته: ” ڏيپلائي صاحب اُن
تربيتگاهه ۾ موجود هو جيڪا دريا خان مري، ۾ منعقد
ٿي هئي. اسان پارن قديم سنڌين سان احوال به پئي
اوريائين ته: ٻيلي! هاڻ پنهنجو هنن سان هلڻ ڏکيو
ٿي پيو آهي. چوڌري غلام محمد مرحوم به دريا خان
مريءَ ۾ لڏي اچي ويٺو هو… سيد اسماعيل گيلاني ۽
سيد صديق الحسن گيلاني به لڏي پلاڻي چوڌري صاحب جي
پاڙي ۾ سڪونت پذير ٿيا هئا. ”جالنڌر“ سندن وطن
مالوف هو. اول الذڪر اڳتي هلي ڪري جماعت اسلاميءَ
جو پنجاب پرڳڻي جو امير ٿيو ۽ آخرالذڪر مرڪزي
پارلياماني بورڊ جو چيئرمن سعد گيلانيءَ کي ادبي
دنيا جو به نگران بنايو ويو هو. حلقهءِ ادب
اسلامي، جماعت اسلاميءَ جي انجمن ترقي پسند مصنفين
هئي، جنهن کي آل انڊيا ڪميونسٽ پارٽي سرپرستي
فراهم ڪندي هئي. ”محسنِ انسانيت“ (ﷺ) ڪتاب، سيرت
پاڪ تي اردوءَ ۾ لکيل ڪتابن ۾ اهم جاءِ والاري ٿو.
سوڌيندڙ جو نالو آهي. ڏيپلائي صاحب اسعد گيلانيءَ
بدران نعيم صديقيءَ کي سان وڌيڪ ويجهو هو. ٽماهيءَ
”سيارهه“ جهڙو ضخيم رسالو چاليهارو سال نعيم
صديقيءَ جي ادارت ۾ ڇپجندو رهيو. ”سيارهه ڊائجسٽ“
جو جڳ مشهور ”سيرت نمبر“ به نعيم صديقيءَ جي
نگرانيءَ ۾ مرتب ٿيو هو.
ٽماهي ”سيارهه“ کي اڳتي هلي حفيظ الرحمان احسن جي
ادارت نصيب ٿي. ڏيپلائي صاحب جيان نعيم ۽ حفيظ به
نيٺ جماعتِ اسلاميءَ کان تڏهن ڌار ٿيا هئا، مولانا
مختار گل ۽ حڪيم سرو سهارڻپوريءَ سميت، جڏهن نوي
جي ڏهاڪي ۾ تڏهوڪي امير جماعت قاضي حسين احمد
”اسلامڪ فرنٽ“ جي نالي سان ڌار انتخابي فورم ٺاهڻ
جو فيصلو ڪيو هو… چوڌري غلام محمد کان پوءِ ٻئي
نمبر تي ڏيپلائي صاحب مولانا سيد وصي مظهر ندويءَ
کان گهڻو متاثر رهيو. ندوي صاحب، شاهه ولي الله
اورينٽل ڪاليج منصوره لڳ هالا جو پرنسپال رهيو.
عربي ادب جو هاڪارو اسڪالر ليکيو ويندو هو.
حيدرآباد جو ميئر به رهيو ته مرڪزي وزير مذهبي
امور پڻ، پر جماعت اسلاميءَ کي 1974ع ڌاري ڇڏي ڏنو
هئائين. پوءِ ڪئنيڊا منتقل ٿي ويو ۽ اُتي الهه
توآهر ڪيائين. سيشن ڪورٽ جي سامهون سندس جوڙايل
دانش گاهه هن وقت فقيري عبدالهادي ٿيٻي جهڙن دوستن
۽ سندس شاگردن جي نگرانيءَ ۾ علم جو نور عام ڪرڻ ۾
مگن آهي.
عبدالهادي فقير جا به ٽيهارو کن ڪتاب ڇپيل آهن ۽
موصوف حالِ حيات سنڌي دانشورن ۾ تحقيق ۽ تصنيف جي
حوالي سان معتبر نانءُ طور شمار ٿئي ٿو. ڪجهه سال
اڳ سنڌ اسلامڪ پبليڪيشن جي مدار المهام عبدالوحيد
قريشيءَ، ڏيپلائي صاحب جي سنڌيءَ ۾، ”دينيات“ جهڙو
مشهور ڪتاب زيور طبع سان آراسته ڪيو ته ڏيپلائي
صاحب جي لائق فرزند، سائين محمد علي ڏيپلائيءَ
ٿورو مڃڻ لاءِ قريشيءَ صاحب ڏانهن قدم رنجہ
فرمايائين. اپنائيت ۽ پنهنجائپ اکين مان عيان هئي.
محمد علي صاحب چيو ته: سيد مودوديءَ جي عالمگير
شهرت کان انڪار ڪرڻ جهالت آهي. خيال ڪنهن کي وڻن
يا نه وڻن، البت ويهين صديءَ دوران ننڍي کنڊ جيڪي
آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ناميارا ليکڪ پيدا ڪيا. مودودي
صاحب جو شمار، انهيءَ فهرست جي ابتدائي سٽن ۾
ٿيندو. ٻڌايائين ته: عربستان جي فلاڻي روڊ تي به
”مودودي شاهراهه“ وارو بورڊ آويزان آهي. عبدالوحيد
قريشيءَ جي اداري، علامه اميرالدين مهر جو
مرتب ڪيل ڪتاب ”شخصيات“ منصد ۽ شهود تي نروار ڪيو
آهي. جنهن ۾ ڦلودي جيسلمير ڄائو، ڍوري ناري ۾
نوجوانيءَ جا ڏاڪا چڙهندڙ اسڪالر ٻن صفحن تي
(222-221) ڏيپلائي تي مسبوط تبصرو ڪرڻ ۾ مگن نظر
اچي ٿو… باوجود فڪري نظري ”بُعدِ“ جي مهر سائين
پنهنجي ٿري ڀاءُ جي ڪم کي ڊاڪوءَ جي جنجر بجاءِ
ڊاڪٽر جي نشتر جيان ساراهيو آهي.
اسان جو استاد محمد يوسف آفندي، جيڪو ٿرپارڪر ۽
ڏيپلي مان 1970ع ۽ 1977ع وارين چونڊن ۾ قومي
اسيمبليءَ لاءِ اميدوار به هو… حاجي محمد صالح
وساڻ جي قائم ڪيل درسگاهه جيڪا ميرپورخاص لڳ جهڙٻي
دوڙ تي اڄ به موجود آهي، آفندي صاحب انهيءَ دانش
گاهه جو مهتمم هو ۽ ”مظلوم ماروئڙا“ نالي ڪتاب جو
مصنف پڻ. موصوف سالها سال مولانا خير محمد
نظاماڻيءَ جو سيڪريٽري رهيو. ڏيپلائي صاحب ۽
نظاماڻي صاحب جون قُربتون پيون بيان ڪندو هو:
نمازِ عاشقان ناهي،
وضو ۽ آب سان جائز،
هتي جو خون سان وهنجي،
سوئي باوضو آهي.
جهڙا ٻروچڪا بيت ٻڌي ڏيپلائي صاحب پيو نظاماڻي
مرحوم کي ”انقلابي شاعر“
ڪوٺيندو هو. فلسفي جو بحث شروع ٿيندو ته نظاماڻيءَ
ڳالهه کي هنن سٽن تي اچي کُٽائيندو هو.
شيشهءِ اوصاف مان ڏسجي وجود پاڪ پيو
آهي حيران ۽ پريشان،
فلسفي ڇو ذات ۾!
سوسن و سنبل ۾ تون،
گل ۾ تون گلشن ۾ تون،
تون نظر مون کي اچين پيو،
بلبلن جي لات ۾.
آفنديءَ مرحوم واريون معلومات سان لبريز رهاڻيون
به رمتيون ڀليون ٿيون ته اهو دور به پنهنجي اختتام
تي پهتو.
آن قدح بشڪست،
و آن ساقي نماند!
جس هجي، محمد علي ڏيپلائيءَ کي جنهن پنهنجي لاءِ…
الولد سرلابيه… وارا تاج ماڻي ورتا آهن. نه هيءُ
ماحول ڪتابي گهٽ ۽ ڇِت ڪُتائي وڌيڪ ٿو نظر اچي.
دور تھا اور گذر گیا،
نشہ تھا اور اُتر گیا،
اب وہ مقام ہے جہاں،
شکوہ اور بے رُخی نہیں!
(احسان دانش)
”نورِ توحيد“ جو انتساب ارباب حاجي الله جوڙيو
مرحوم ڏانهن آهي. حاجي صاحب اسان جي راڄ جو راڻو
هو، جنهن حاجي احمد ملاح صاحب جي جڳ پڌري منظوم
سنڌي ترجميءَ”نورالقرآن“
کي پنهنجي پاران ديده زيب زنداز ۾ ڇاپرائي في سبيل
الله ورهايو هو، اڄ سوڌو عبدالرئوف ۽ مولوي مشتاق
جي.
ڪتابت وارو سلسلو عربستان کان ويندي مهراڻ آرٽس
ڪائونسل تائين (ڪمشنر اي بي سومري صاحب جي
ايامڪاريءَ) اشاعت پذير ٿي رهيو آهي، پر پهريون ۽
ٻيو سيپارو ڏيپلائي صاحب پنهنجي اداري پاران ڇاپي
اهليان، سنڌ کي ”نورالقرآن“ جي گونا گونيت کان
واقف ڪرائي ڇڏيو هو.
ڏيپلائي صاحب جي ”عشق“ کي اظهارڻ لاءِ ”سخنِ
اعجاز“ جا اهي اکر اوڌر طور اوهان جي حوالي ڪجن
ٿا، جيڪي سندن جودت طبع جا ساکي آهن.
• اهڙا دام پيا دل کي وري، دلبر! اوهان جي ديد جا،
ديدن منهنجي دل دست ڪئي، ٻي سڀ وڄا مون کان وئي،
ويٺو واريان ورق نئي، هر هر ”حبل الوريد“ جا!
آخر ۾ ”ذي النورين“ جي نام نامي اسم گرامي ڏانهن
منسوب مهراڻ ماٿريءَ جي مانجهيءَ کي سندس هم دوستن
جا، جوڙيل مولود ٻڌائي هلون ٿا، لولي لوڻ ڏانهن.
سنڌ مدينو ساريو، پڙهي ڪلمون ۽ قرآن،
سچو ڏسي سردار کي، آندائين ايمان،
گهوريو گهوري جان، سيتل مٿان سنڌڙي،
(مولوي خيرمحمد نظاماڻي)
”مهراڻ“ جي خاص نمبر گويا ڪه:
اکين آرو ٻڌو اڄ پڻ،
اباڻا ياد آيا ڪي،
اُتر کُڻ کان کنوي کنوڻ،
کنوڻين کيل لايا ڪي!
ڏيپلائي واري ڪيفيت طاري ڪري ڇڏي آهي، چڱو خدا
حافظ
حضرت محمد مصطفيٰ، اي شاهِه عالم الوداع،
سردار سڀني سيدا،
اي شاهه عالم الوداع.
بيوس وطن وريو وڃان، بُت بيقراريءَ کان ڀڃان
آهيم اکين کي اُڃ اڃان، اي شاهه عالم الوداع،
منهنجو ٻهر ٻيڙو ڪجانءِ موٽي سندم ميڙو ڪجانءِ،
’احمد‘ احد ڀيڙو ڪجانءِ، اي شاهه عالم الوداع.
ڪلا پرڪاش
’سانگهڙ‘:
هڪ لافاني تخليق
سنڌي ادب جي نامور اديب ۽ پارکو، ڀاءُ قمر شهباز
’سانگهڙ‘ ناول جي منڍ ۾ سنڌ جي عظيم انسان ۽ اعليٰ
اديب محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو تعارف ڪرائيندي لکيو
آهي:
”سنڌي ادب ۾ خاص طور ۽ سنڌي معاشري ۾ عام طور اهڙو
مثال ڪو ورلو ملندو، جنهن ۾ هڪ سادي سودي ۽ بي سرو
سامان انسان ايتري جدوجهد ٻن هٿن ۽ هنيانءَ جي ڏڍ
تي ڪئي هجي.“
هيءَ سٽ دل تي گهرو اثر ٿي ڪري. شاهه سهڻيءَ کي
چيو هو:
گهڙو ڀڳو ته گهوريو، تان ڪي تر هنيان!
اسان جو ڏيپلائي صاحب به سنڌي ادب جي سهڻي هو،
جيڪو ڪڙڪاٽ ڪندڙ درياء ۾ هنئين جي ڏڊ تي ٽپيو هو.
هن جهڙا جنوني انسان ئي قوم جي قسمت ڦيرائيندا
آهن. پنهنجي اولاد ۽ عيال لاءِ ممڪن آهي هو گهڻو
ڪجهه ڪري نه سگهيو هجي، جيئن مون کي شخصي طرح ڄاڻ
آهي ته هن پاڻ ۽ سندس ڪٽنب ڪافي غربت ۾ جاليو.
قوم، سجاڳيءَ لاءِ ڪن ادڀت انسانن کان قربانيون
گهرندي آهي.
مون ’سانگهڙ‘ ناول ٻيهر پڙهيو گذريل مهيني، پهريون
دفعو 25 سال اڳ پڙهيو هوم. اندر ۾ اها ئي هلچل
هئي، جيڪا پهريون دفعو پڙهڻ سان متي هئي. نه رڳو
ڪتاب جو تاثر نه مٽيو آهي، پر ڪي لفظ ’وطن يا ڪفن‘
۽ ’هڪ ڏينهن جي شينهن جي زندگي سؤ ورهين جي گدڙ جي
حياتيءَ کان هزار دفعا بهتر آهي.‘ 25 سال بعد به
دل تي اڪريل هئا.
هن ناول جي موضوع آهي اها اتهاسڪ جنگ، جيڪا سنڌ
ڄاون سنڌ ڌرتيءَ جي آزادي لاءِ لڙي، حق ۽ انصاف
لاءِ لڙي. اهي سنڌ ڄاوا سورهيه، تصور جي تخليق نه
آهن، بلڪ اتهاسڪ حقيقي ڪردار آهن. پير صاحب پاڳارو
۽ سندس مريد غازي، جن کي حرن جو نالو ڏئي عذاب ڏنا
ويا، ڦاسي تي لٽڪايو ويو، پوءِ به هو زالين مردين،
ٻارني ٻچين غازي تحريڪ جاري رکندا آيا.
پير صاحب پاڳاري ۽ حرن کي سنڌ جي تاريخ ۾ جائز
مقام حاصل هجي، ان لاءِ ڏيپلائي صاحب گهڻي جاکوڙ
ڪري هوبهو حقيقتون پيش ڪيون آهن. هنن جي تنظيم ۽
ڪاررواين کي اهڙي نموني قلمبند ڪيو ويو آهي، گويا
ليکڪ پاڻ ’غازي تحريڪ‘ جو حصو هو. هنن جا احوال
پڙهي اکين مان آب ڪري ٿو پوي، لڱ ڪانڊارجي ٿا وڃن.
هو پڙهيل ڳڙهيل نه هئا، ڪا ڪميونزم يا سوشلزم هنن
جي فيلسوفي نه هئي. هنن جي نجي پنهنجي فيلسوفي
هئي: ڌرتي ازم، سنڌ ڌرتيءَ سان محبت ۽ وفاداري هو
سندن مقصد. شاعر شيخ اياز جي وائي:
سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو،
سهندو ڪير ميار!
زبان سان نه، پنهنجي خون سان ڳائي ويا! ’سانگهڙ‘
پڙهي رهي هيس ته هڪ ساٿي ليکڪ چيو ’ناول تمام سٺو
آهي، پر ٽيڪنڪ اهو ئي پراڻو‘. مون کيس وراڻيو
’ڪنهن مال (matter)
کي رومال (Technic/style)
جي ضرورت ئي نه هوندي آهي. هيءُ ناول ڪنهن ٽيڪنڪ
جو محتاج نه آهي.‘
’سانگهڙ‘ جو چوٿون ڇاپو ڇپيو آهي. مون کي وشواس
آهي، هيءُ ناول بار بار پڇبو ۽ ڇپجڻ گهرجي. هر دور
۾ هي ناول هر سنڌي لائبرريءَ ۽ ادبي اداري ۾ موجود
هئڻ گهرجي ته جيئن هر پيڙهيءَ جو ماڻهو محمد
عثماني ڏيپلائيءَ جهڙي ادبي شخصيت کان واقف ٿئي ۽
’سانگهڙ‘ پڙهي اوچي ڳاٽ چوي ته: ”اسين شينهن جو
اولاد آهيون.“
نثار بزمي
سنڌي
زبان جو سمونڊ
سنڌيءَ زبان جو تڪڙو ليکڪ، محمد عثمان ڏيپلائي
الله کي پيارو ٿي ويو. بظاهر هن جو جسم اسان کان
هميشه لاءِ جدا ٿي ويو، مگر هن جو اسم اسان جي
دلين تي اُڪريل آهي. اهو تيسين نه ڊهندو، جيسين
اسين پاڻ نه ڊاهينداسين.
هو قلم جو ڌڻي هو، هو جادوگر هو، صحرا جو سرهو گل
هو، جنهن جي سرهاڻ سان وڻ وڻ واسيل هو. هن پنهنجو
رتُ ۽ ستُ ولوڙي، ڪيئي ڪتاب لکيا، جن اسان جي مرده
۽ موڳين دلين کي بهارَ جي پهرئين گل جهڙو تازو ڪري
ڇڏيو. هو پهاڙ هو، هماليه جيان بلند ۽ بيباڪ، وقت
جا تيز طوفان به هن کي جهنجهوڙي نه سگهيا. هن حق
جا هوڪا هنيا. قدرت جا ڪم نيارا آهن، ڪنهن پئي
ڄاتو ته ڏيپلي مان هڪ لاٽ روشن ٿي، ساريءَ سنڌ جون
ڳليون جرڪائي ڇڏيندي.
هو سنڌڙيءَ جي وارياسي مٽيءَ جو آلو چاڻو هو. هو
سمنڊ جيان وسيع ۽ ويڪرو هو. هو سراپا انقلاب هو.
هو باغي هو سماجي جي ڪوڙهين، برين ۽ بڇڙين رسمن
جو. هو ميمڻ هو، هو محمد عثمان هو، مگر حقيقت هيءَ
آهي ته هو رڳو ’ڏيپلائي‘ هو.
سنڌ جي اٻوجهن، اياڻن ۽ سادن سانگيئڙن کي هن
سچائيءَ جا سبق ڏنا. وهمن ۽ وسوسن جي بيٺل ۽
ٻوڙيندڙ پاڻيءَ جي ڍنڍ مان هن ڪيئي تاري سُڪيءَ تي
آندا. هو انقلاب جو پيغمبر هو. هن سماجي براين ۽
بڇڙين خلاف بغاوت جو اعلان ڪيو. سندن جدوجهد جهاد
کان گهٽ نه هئي. هن سوين اهڙا ڪتاب لکيا، جن سڄيءَ
سنڌ ۾ عجيب هلچل مچائي ڇڏي. هن پنهنجي سڄي ڄمار
علم ادب جي ڦلواڙين ۾ گذاري. ادب جي راهه تي هن
سنگ ميل کوڙيا. عذابن عقوبتن جي وچ ۾ رهي به هُو
مرڪندو رهيو. سندس پريس ضبط ڪئي وئي، کيس طرح طرح
جون اذتيون ڏنيون ويون، مگر سندس ارادا ڪمزور ٿي
نه سگهيا. زندان جون ديوارون به سندن ڏيل ڏڪائي نه
سگهيون. حالات جو هن شخص پوريءَ جوانمرديءَ سان
مقابلو ڪيو. هن جي قلم کي ڪوبه روڪي نه سگهيو. هن
جي گرم جذبي کي ڪو ٿڌو ڪري نه سگهيو.
بي عمل پيرن ۽ ٻهروپي مرشدن خلاف ڏيپلائي مرحموم
هڪ طوفان کڙو ڪري ڇڏيو. ’مرشد جي ڏاڙهي‘ ۽ اهڙي
قسم جا ٻيا ڪتاب تير بهدف ثابت ٿيا. هو ٻرندڙ جبل
هو ’گورنر جو ٽوپلو‘ هجي يا ’نورجهان جو پٽ‘، ٺٽي
جا ڏاڙهون‘، هجن يا ’ڪانگريسي ناٽڪ‘، مطلب ته
ڏيپلائيءَ جو هر لکيل ڪتاب ڪرامت جو ڪرشمو هو.
مرحوم جي تحرير ۾ مزاح به گهڻي ڀاڱي شامل هوندو
هو. اهڙو عجيب نڪته دان، بدله سنج ۽ بيباڪ اهلِ
قلم، سنڌ کي مشڪل سان مليو هو. اها جاءِ ڀرڻ لاءِ
سنڌي قلم صدين تائين اوسيئڙو ڪڍندو.
هونئن ته ڏيپلائي مري ويو آهي. ائين کڻي هوندو،
مگر پڪ اٿم ته هو مري ڪونه ويو آهي. پنهنجيءَ دنيا
۾ هو زندهه آهي. تيسائين زندهه رهندو، جيستائين
سنڌ ۽ سنڌي سالم ۽ سلامت هوندا. هو مري نه ويو
آهي، ڏسان ٿو هاڻي به لکي ٿو ويٺو: ڪو افسانو، ڪا
ڪهاڻي. اهڙا هيرا ۽ جواهر مرندا نه آهن، پر امر ٿي
ويندا آهن.
ڊاڪٽر نور افروز خواجه
محمد
عثمان ڏيپلائي- هڪ گهڻ پاسائين شخصيت
محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو نالو ڪنهن به تعارف جو
محتاج نه آهي. سنڌ جو هر ننڍو وڏو فرد، پڙهيل
لکيل، عالم فاضل، اديب شاعر، مذهبي رهنما کيس عزت
و احترام سان ياد ڪندا رهن ٿا. پاڻ هڪ نئين سوچ ۽
نئون فڪر رکندڙ، خودار، خود اعتماد، سچو، کرو،
دلير ۽ بي باڪ شخصيت جو مالڪ هو. هو سنڌ ۽ سنڌي
قوم جو همدرد ۽ هڏ ڏوکي سنڌي معاشري ۾ ٿيندڙ ظلم،
ڏاڍ ۽ هر برائيءَ خلاف لکندو رهندو هو. سنڌ جي
سياسي، سماجي توڙي معاشي مسئلن کي ختم ڪرڻ ۽ عام
ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات جاکوڙ به
ڪندو رهندو هو. هن سنڌ جي مسلم معاشري جي اصلاح
لاءِ اهم قدم کڻي، عوام مان وهم، وسوسا، ڊپ ۽ خوف
ختم ڪري، انهن ۾ همت، سجاڳي ۽ دليري پيدا ڪري
سماجي ڄؤرن، ملن مولوين، پيرن فقيرن، زميندارن،
ڪامورن ۽ وياج خورن جي ظلمن ۽ ڏاڍاين جو مقابلو
ڪرڻ جو طريقو به سيکاريو. رشيد ڀٽي صاحب، سندن
باري ۾ بجا فرمايو آهي ته:
”ڏيپلائي معاشري جي هر دور جي خامي ۽ اوڻائيءَ
خلاف جهاد ڪيو، هر نئين فلسفي ۽ فڪر کي خوبين سميت
پنهنجو ڪيو. هن جو ذهن هميشه انساني ارتقا جو
آماجگاهه رهيو.“ (ص 344، ماڻڪ موتي تنظيم).
ڏيپلائي صاحب سنڌ جي هڪ مشهور علمي، ادبي ۽ سماجي
شخصيت هو. هو ٿرپارڪر ضلعي جي ننڍي وستيءَ ڏيپلي ۾
13 جون 1908ع ۾ پيدا ٿيو هو، پرائمري تعليم اتان
ئي حاصل ڪيائين. ننڍي هوندي کان ئي ذهين هئڻ ڪري
هميشه ڪلاس ۾ پهريون ۽ ٻيو نمبر کڻندو هو. آکاڻين
پڙهڻ ۽ لکڻ سان ته ننڍپڻ کان ئي نينهن هوندو هوس،
سندس انهيءَ شوق جي ڪري چوٿين درجي ۾ پڙهندي هڪ
هفتيوار اخبار ”فرحت آثار“ ڪڍيائين. جنهن ۾
پنهنجون ڪهاڻيون شايع ڪندو هو. ٿر ۾ ڏڪار پوڻ ڪري،
روزگار جي تلاش ۾ پهرين ٽنڊي باگي آيو، جتي هڪ
زميندار وٽ منشي ٿي رهيو. اتي کيس اخبارن، رسالن ۽
ڪتابن پڙهڻ جو سٺو موقعو مليو. حالانڪ پاڻ سنڌيءَ
جا صرف ست درجا پاس ڪيل هو، پر عربي، فارسي،
انگريزي، اردو، هندي ۽ گرمکي تي عبور حاصل هئس.
1942ع ۾ حيدرآباد آيو، پنهنجي ماهوار رساله ”عبرت“
کي هفته وار ڪيائين، 1948ع پنهنجي پريس ”اسلاميه
پرنٽنگ پريس“ جي نالي قائم ڪيائين.
ڏيپلائي صاحب جيئن ته هڪ نئون نظريو رکندڙ اديب
هو. بلڪه هو ته بذات خود هڪ وڏو ادارو هو. هو
پنهنجي دور جو هڪ وڏو عالم، فاضل، مذهبي رهبر ۽
رهنما سان گڏوگڏ هڪ وڏو ۽ بهترين ناول نويس، ناٽڪ
نويس، مضمون نويس، افسانه نگار، نقاد، صحافي ۽ هڪ
سٺو شاعر پڻ هو. هن لطيفيات، لسانيات، شخصيات،
نفسيات، دينيات ۽ طنز و مزاج جي حوالي سان تمام
گهڻو ڪم ڪيو آهي. کيس سنڌي ادب ۾ هڪ اهم مقام حاصل
آهي. تاج جويو سندس انهيءَ علمي پورهئي کي مرزا
قليچ بيگ کان پوءِ ٻئي نمبر تي آڻي ٿو. ڏيپلائي
صاحب جا وفات وقت ڏيڍ سؤ کان به وڌيڪ ڇپيل ڪتاب،
ڪيترائي مضمون، مقالا ۽ ايڊيٽوريل شايع هئا ۽ ان
کان سواءِ سندس ڪيترائي اڻ ڇپيل ڪتاب، مضمون ترجمو
ڪيل ڪتاب ۽ مضمون، ايڊيٽوريل، خط، پمفليٽ وغيره
ڇڏيا جيڪي سندس اولاد ۽ مختلف ادارا وقت بوقت شايع
ڪرائيندا رهن ٿا.
ڏيپلائي صاحب جي دليرانه ۽ مجاهدانه زندگيءَ تي
سوچڻ سان وڏي تاريخي جدوجهد جو منظر، اکين اڳيان
اچي ٿو، جنهن ۾ سنڌ جو اٻوجهه ۽ ستايل عوام، آهستي
آهستي هر قسم جي شخصي، خانداني ۽ طبقاتي دٻاءَ جي
زور کي ٽوڙيندي، مڃتا ۽ عقيدت جي انهن بُتن کي
پڃندي، وهم ۽ ويساهه جي مڪار ۽ فريب مان نڪرندي،
ڪاميابيءَ سان انسانيت ۽ زندگيءَ جي لاهن چاڙهن کي
پار ڪندي نظر اچي ٿو. سندس انهيءَ عمل کي سنڌي
عوام قبول ڪري چڪو آهي. سنڌ جي خوشحاليءَ جي
انهيءَ جدوجهد ۾ هو هڪ ترجمان جي حيثيت ۾، هڪ
گهڻگهري جي حيثيت ۾، هڪ فرد، هڪ جماعت، هڪ شخصيت
نه پر هڪ رهبر، هڪ سماج سڌار بزرگ ۽ هڪ نظريو رهيو
آهي.
سنڌي معاشرو ڪيترن ئي مسئلن سان ڀريو پيو آهي. علم
جي ڪمي ۽ ناخواندگي، اڻ ڄاڻائي، جهالت، سنڌ جي
ماڻهن کي زماني جي قدرن کان گهڻو پري پئي رکيو آهي
۽ سنڌي ماڻهن جي اهڙي اٻوجهائي ۽ اڻ ڄاڻائيءَ مان
فريبي، ٺڳ ۽ چالاڪ قسم جا ماڻهو سدائين فائدو حاصل
ڪندا رهيا آهن ۽ سندن استحصال ڪري کين ڦريندا ۽
لٽيندا رهيا آهن. عقيدي جي ڪچن ماڻهن، مٽيءَ ۽
پٿرن جي قبرن کان وٺي، عام ماڻهن تي ڀروسو ۽ يقين
ڪيو آهي، پر پنهنجي خدا تي گهڻو ايمان ۽ يقين نه
رکيو آهي. جيڪو هن سڄي ڪائنات جو ۽ هر ذري پرزي جو
خالق ۽ مالڪ آهي. ان کي ڇڏي ڪوڙن تعويذن، ٽوڻن
ڦيڻن ۽ ڳنڍين، ڌاڳن تي يقين ڪري پاڻ کي ڦرايو ۽
لٽايو آهي. انهيءَ خلاف ڏيپلائي صاحب وڏو جهاد
ڪيو. هن ملن ۽ مولوين جي ڌوڪي، فريب، ٺڳي ۽
چالاڪيءَ، پير پرستي ۽ قبر پرستيءَ خلاف ڪيترائي
ڪتاب ۽ مضمون لکيا آهن.
هن سنڌ جي هارين نارين ۽ مزدورن سان زميندارن،
وڏيرن ۽ڪارخانيدارن جي ڪيل ظلم خلاف ڪيترائي مضمون
۽ ڪتاب لکيا آهن. هن معاشري جي براين ۽ خرابين جي
خلاف مسلسل جدوجهد ۾، نه صرف قلم کان ڪم ورتو پر
سندس زبان به هن جهاد ۾ مصروف رهي. هو ڪوڙ،
منافقيءَ، مڪر، ٺڳيءَ، ڏاڍ، ظلم، بي ايماني ۽
بداعمالي جي خلاف نهايت ئي بي ريائيءَ ۽ بي
ڊپائيءَ سان ڳالهائيندو ۽ لکندو رهندو هو. کيس
نئين نسل سان نه صرف قلبي لڳاءُ هو، پر هو انهن کي
آئيندي جي اهميت کان واقفيت ۽ ايندڙ خوف ۽ خطرن
کان آگاهي ڏيندو رهندو هو. هو اهو چڱيءَ طرح
ڄاڻندو هو ته اُهي ئي هن قوم جي مستقبل جا معمار ۽
نمائندا آهن. پاڻ سنڌ جي هر ادبي ۽ قومي رجحان ۾
نئين نسل جي نمائندگيءَ کي ترجيح ڏني هئي. هن
هميشه پاڻ کان ننڍن جي همراهي ۽ هم خياليءَ کي
پنهنجي لاءِ فخر ڄاتو هو.
ڏيپلائي صاحب سنڌيءَ ۾ ڪيترائي اسلامي تاريخي،
قومي ۽ مذهبي ناول لکيا. حقيقت ۾ ناول لکڻ جو مقصد
هن جي آڏو صرف پنهنجي مشن جي تبليغ ۽ قوم جي اصلاح
هو. هن تاريخي ناول جي فن کي سنڌيءَ ۾ فروغ ڏنو.
شروع ۾ هن ترجمن تي اڪتفا ڪئي، پر پوءِ پنهنجي
تخليقي قوت کان ڪم وٺندي، تقريباً ٻه ڊزن کن
طبعزاد ناول لکيا ۽ ڪيترائي ناول ترجمو به ڪيائين.
سندس اهم ناولن ۾ سانگهڙ، انقلاب ايران، مينا
بازار، نور توحيد، ڏاهري رنگ محل، امڙ (ترجمو)
انور پاشا وغيره مثالي ناول آهن. انهن ناولن ۾
سانگهڙ اهم مقام حاصل ڪيو آهي. سندس ناولن تي کيس
رائٽرز گلڊ ۽ ٻين ادارن طرفان انعام پڻ مليا آهن.
ڏيپلائي صاحب جو ناول ”سانگهڙ“ حر تحريڪ جي باري
۾، حرن جي بهادري، همت، جرئت وارن ڪارنامن، جن ۾
مردن سان گڏ عورتن جي بهادريءَ جا مثال به پيش ڪيل
آهن، سان گڏ پير صبغت الله راشدي پير پاڳاري
ثانيءَ جي جدوجهد جي باري ۾ لکيل آهي. هيءُ ناول
حقيقي ۽ سچن واقعن تي مبني آهي. سندس هن ناول لکڻ
جو خاص مقصد سنڌي مجاهدن جي ڪارنامن ۽ مسلمانن جي
روايتي واقعن ۽ مسئلن کان ماڻهن کي متعارف ڪرائڻ
هو. ڏيپلائي صاحب هن نئين رنگ ۽ ڍنگ سان لکيل ناول
بابت لکي ٿو ته:
”منهنجو هي پهريون اوريجنل ناول آهي، جو سنڌ جي
عوامي حالات تي مشتمل آهي ۽ انهن چاليهن ڏينهن ۾
لکيل آهي، جي مون حيدرآباد سينٽرل جيل جي سي ڪلاس
۾ گذاريا... هن ناول ۾ اوهان کي لڙڪ ۽ مرڪ، ٽهڪ ۽
چهڪ، حيرت ۽ عبرت، غم ۽ غصو، جوش ۽ هوش، محبت ۽
وحشت، فرض ۽ عزازت، رحم ۽قهر، عقل ۽ عشق، حب
الوطني ۽ غداري وغيره نظر ايندا.“
سندس لکيل هن ناول جو ڀرپور تاثر ئي هن ناول کي هڪ
شاهڪار بنائي ڇڏيو. پروفيسر هيرو شيوڪاڻي پنهنجي
مضمون، ”سنڌي ڪٿا ساهتيه ۽ سنڌي جيون“ ۾ هن ناول
بابت لکي ٿو ته:
”ڏيپلائيءَ سنڌي جيون جي هن، انيڪ امڪاني قوتن سان
ڀريل داستان کي پوري ميزان، صحيح تاريخي مفهوم ۽
گهري ڇيد ۽ ڪٿ سان پنهنجي شاهي ناول سانگهڙ ۾ پيش
ڪيو آهي. هي ناول لاشڪ اڄ تائين سنڌيءَ جو هڪڙو ئي
ضخيم ناول آهي.“
اهڙيءَ ريت ڏيپلائي صاحب سنڌيءَ ۾ ڪيترائي ناٽڪ به
لکيا آهن. سندس ناٽڪن ۾ مذهبي ڪٽرپڻي، پيري مريدي
۽ ٻين موضوعن تي لکيل آهن، سندس اهم ناٽڪن ۾ غيرت
عرف نورجهان جو پٽ، نجومي، سجائي موڙي، آزاد چونڊ،
ڪورٽ، شاهدي، ڏڪار، ڪانگريس، ڄار وغيره شامل آهن.
ڏيپلائي هڪ وڏو مزاح نگار به هو، سندس لکيل ناولن،
ناٽڪن، مضمونن، افسانن، ايڊيٽوريلن ۾ سندس طنز و
مزاج جي اهميت ڄاڻي سگهجي ٿي.
ڏيپلائي صاحب ڪيترائي افسانه به لکيا آهن جن ۾ خاص
طور تي ”مرشد جون ٽنگون“، ”مرشد جو گهوڙو“، ”مرشد
جي ڏاڙهي“، ”آخري سبق“، ”مسلمان بادشاهه“، ”نٿ جو
حج“ وغيره مجموعا شايع ٿيل آهن. ائين ئي ڏيپلائي
صاحب هڪ ماهر ۽ ڄاڻو نقاد به هو. سندس شاهه جي
رسالي جي شرح، شيخ اياز جي ڪتاب، ڀونئر ڀري آڪاس
جو جائزو ۽ شيخ المشائخ وغيره اهم ڪتاب آهن. سندس
وڏو ڪارنامو ”شاهه جو رسالو“ کي ترتيب ڏيڻ آهي.
پاڻ هڪ صحافي جي حيثيت ۾ سچو، کرو ۽ بيباڪ صحافي
هو. هن پنهنجين اخبارن ۽ رسالن جي ذريعي سنڌ ۾ وڏو
تحرڪ پيدا ڪيو هو. مضمون نگار جي حيثيت ۾ کيس
موضوع تي گرفت هئي. سندس لکيل مضمونن جي ٻولي
سگهاري، طرز ادا دلڪش ۽ رواني هوندي هئي. سندس
مضمونن جا موضوع سنڌ جي سماجي، معاشي حالتن کان
علاوه مذهبي موضوعن تي پڻ هئا جيڪي سماهي مهراڻ،
ماهوار نئين زندگي، هفتيوار انسان وغيره ۾ شامل
هئا. پاڻ پنهنجن دوستن، عالمن، اديبن کي خطن وسيلي
معلومات ڏيندو رهندو هو خاص طور تي محمد ابراهيم
جويو، ڪريم بخش نظاماڻي وغيره ڏانهن لکيل خطن مان
سندس خط نگاري جي نرالي طرز جي ڄاڻ ٿئي ٿي.
ڏيپلائي صاحب گهڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ هو. سندس
باري ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا پنهنجي خيالات هن ريت
پيش ٿو ڪري:
”هن دور ۾ ڏيپلائي صاحب جو قلم به تيز هليو، هن
صاحب ڪيترائي ناول ۾ ٻيا ڪتاب لکيا. زندهه اديبن ۾
ڏيپلائي صاحب جيترا ڪتاب اڃا تائين ڪوبه لکي ڪونه
سگهيو آهي.“
سندس مشاهدو تمام اونهو هوندو هو. سندس لکيل
مضمون، جيل جا مشاهدا مان سندس مشاهده نگاري جي
خوبي ڄاڻي سگهجي ٿي. سندس لاءِ چيو وڃي ٿو ته
”بسيار
نويس ليکڪ هو.“ هن ادب جي جنهن به صنف تي لکيو،
معياري لکيو. سندس ڪيترائي اسلامي ڪتاب به نهايت
ئي سهڻي انداز ۾ لکيل آهن. پاڻ مختلف تاريخ جا
ڪتاب مثلاً: انسان جي تاريخ، دنيا جي تاريخ،
هندستان جي اسلامي تاريخ ۽ فتوحات اسلام وغيره
لکيا آهن. ديني ڪتابن کان سواءِ هن قرآن شريف جو
بامحاوره سنڌيءَ ۾ ترجمو به ڪيو آهي، جيڪو سندس
زندگيءَ جو اهم ڪارنامو شمار ڪيو وڃي ٿو. پاڻ
نفسيات جي موضوع تي چمڪندڙ زندگي، راحت ڀري زندگي
وغيره مقالا لکيا ۽ ترجمو ڪيا.
لسانيات ۾ سنڌي استاد ۽ اردو استاد دينيات ۾ قرآني
۽ دعائون، صداقت القرآن، پنج سورتون ۽ تعليم
القرآن وغيره ۽ شخصيات ۾ سيرت محمدي، سيرت حيدر،
سيرت الفاطمه، شهيد ڪربلا، سيرت امام حسين، شاهه
جيلان وغيره کان علاوه نوان جمهوري حق، لوممبا جي
شهادت، هڪ هيبتناڪ انڪشاف وغيره موضوعن تي مختلف
اخبارن ۽ رسالن ۾ ايڊيٽوريل وغيره به لکندو رهيو.
ڏيپلائي صاحب هڪ ئي وقت حب الوطني جو مينار هو، ته
هيڻن جو همراهه به هو، ظلم ۽ ڏاڍ لاءِ ڏهڪاءُ هو،
هو سچو پورهيت ۽ اديب به هو. نثري ادب جو سرواڻ
هو، ته هڪ سٺو شاعر به هو. سندس شاعري مختلف
اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيل آهي. اهڙيون عظيم
هستيون پنهنجي ادب ۽ پنهنجي ملڪ بلڪ دنيا ۾ هميشه
زندهه جاودان رهنديون آهن. سندن نالو هميشه روشن
رهندو آهي. |