ٿر جا لوڪ گيت
(1) ورسارو
”ورسارو“ جي معنيٰ آهي
”وسڪارو“ يا ”سانوڻ“- ٿر
جي پرڳڻي جي آباديءَ جو سارو مدار برسات تي آهي، ۽
”وٺو ته ٿر، نه ته بر“ جي پهاڪي موجب برسات جي
موسم ۾ ٿر سڄو گلزار بنجي پوندو آهي: سندس آب و
هوا، سندس جهنگلي ميوا،
۽ خاص ڪري سائي گاهه جو کير، ڌونئرو، مکڻ، گيهه،
وڌيڪ لذيذ ٿيندا آهن. ٿر ۾ مکڻ مان گيهه ڪڍڻ وقت
انهيءَ ۾ اَن ضرور وجهندا آهن
۽ انهيءَ رڌل ان کي ”وسناڻ“ سڏيندا آهن، اهو به
انهن ڏينهن ۾ وڌيڪ لذيذ ٿيندو آهي، سانوڻ جي موسم
۾ کير گهڻو ٿيندو آهي. ان ڪري گهر گهر ۾کير جون
وڏيون ماٽيون ٿينديون آهن، عورتون جڏهن اسر جو اٿي
اهو کير ولوڙينديون آهن ۽ انهيءَ سان گڏ پنهنجا
پيار ڀريا گيت جهونگارينديون آهن، ته اهي سڀ آواز
ڏاڍا دل کي وڻندا آهن.
اهڙيءَ فضا ۾ سڀ چاهيندا آهن ته پرديس ۾ ويل موٽي
اچي هنن خوشين ۾ ساڻن شامل ٿين. ”ورسارو“ به انهن
گيتن مان هڪ گيت آهي، جو هيٺ ڏجي ٿو. هن گيت ۾ هڪ
”ماءُ“ جي تمنا ڏيکاريل آهي
ته سندس دور ديس جو مسافر پٽ تمام ترت پنهنجي ديس
واپس اچي.
ٻولي اصلوڪي ٿري يا ”ڍاٽڪي“ آهي، ان ڪري سندس سنڌي
ترجمو به ڏجي ٿو:
واٽڙيان تان ورسارو،
صاحبا!
مانڊيو،
مانهنجا مٺا!
تاهجو ڏيسلو وٺو،
تون ڏِسڙي
ماڻيو،
گهران نان نچ آويجو،
تاهجي تان نالي تان گهوريس،
تون اَ وو ته
ورسارو
ڀيڙو گهارسان!
سانڍڙي پلاڻي صاحبا!
اورهون موڪليو-
تاهجي تان ٻَنڙيءَ ٻج گهرايو،
مانهنجي
تان من جا ميولا!
تون آوو ته
چوماسو
ڀيڙو گهارسان!
لڪ تان چڙهي،
تاهجي ٻهينَلَ جووي
واٽڙي-
سَنيان!
اِت ڪو هووي مانهنجو موڀِي ويرو،
ته اورهون ميلهيا!
تاهجي تان ڏس تان گهوريس،
تون آوو ته ........
هجار هٿان رو،
تاهجي گورل رو گهاگهرو،
ڳچيءَ سونهي نو لکو هار،
مانهنجي ته سهاڳڻ را صاحبا!
تون آوو ته........
تاهجي تان ٻيليڙان نان
چڙهڻيون، لکي گهوڙلو،
مانهنجا
ته ڏسڙيءَ را ڏيولا!
تون آوو ته .......
تاهجي تان ٻيليڙان نان
اوتارو ڏيرائجو،
- اوتارو
هريئل باگ ۾،
مانهنجي ته سوڍيءَ را صاحبا!
تون آوو ته..........
تاهجي
تان ٻيليڙان نان
ڏاتڻيون ڏيوائجو،
- ڏاتڻيون
ڪڻيهر ڪام رو،
تاهجي تان نالي تان گهوريس!
تون آ وو ته............
تاهجي ته ٻيليڙان نان
جهيمڻيون ڏيوائجو،
- جهيمڻيون
گيور لا پِسي،
مانهنجا
تان مٺا ماڙهو!
تون آوو ته
ورسارو
ڀيڙو گهارسان! |
واٽن تي برسات،
پيارا!
ٿي آهي،
منهنجا مٺا!
تنهنجو ديسڙو وٺو آهي،
تون پرديسڙي مان ڪمائي ڪري،
نچ گهر ڏي اچي؛
تنهنجي ته نالي تان صدقي ٿيان،
تون اچ ته
سانوڻ
گڏجي گذاريون!
اُٺ پلاڻي، پيارا!
هيڏانهن موڪلج –
تنهجي ٻنيءَ ٻج گهرايوآهي،
منهنجي ته من جا ميوا!
تون اچ ته
چوماسو
گڏ جي گذاريون!
لڪ ته چڙهي
تنهنجي ڀينڙي ڏسي واٽڙي
(۽ ويندڙن کي چوي ته) سڄڻو!
اتي ڪو منهنجو وڏو ڀاءُ هجي،
ته اوري موڪلجوس!
تنهنجي ته (اچڻ واري) طرف تان صدقي ٿيان،
تون اچ ته..........
هزار هٿن جو (آهي يا هجڻ گهرجي)
تنهنجي ڪنوار جو گهاگهرو،
۽ سندس ڳچيءَ ۾ نولکو هار ٿو سونهي
منهنجي سهاڳڻ جا پيارا!
تون اچ ته.......
تنهنجي ته ساٿين کي
سواري ڏيارجي (يا ڏياربي)،
سواريءَ لاءِ لِکي
گهوڙا،
منهنجا ڏس جا ڏيئا!
تون اچ ته ..........
تنهنجي ته ساٿين کي
اوطاق ڏيارجي،
- اوطاق
ساوڪ ڀرئي باغ ۾،
منهنجي شهزاديءَ جا پيارا!
تون اچ ته...........
تنهنجي ته ساٿين کي
ڏندڻ ڏياربو،
- ڏندڻ
ڪڻيهر (وڻ) جي ٽاريءَ جو،
- تنهنجي
ته نالي تان صدقي وڃان!
تون اچ ته ........
تنهنجي ته ساٿين کي کانو کارائبو،
- کاني
۾ گيهه مان ٺهيل چلا،
۽ لپسي، يا لپئي،
منهنجا ته مٺا ماڻهو!
تون اچ ته ........
سانوڻ
گڏجي گذاريون! |
(2) ڏورو
(تازي پرڻجي ويل ڪنوار جو اباڻن جي ياد ۾ ورلاپ)
پڳ تان ڄَهٻَڪي پولڙي،
گوري!
هينئڙي جهٻڪي هار
ڏورو!
ساچي هيم رو!
ماءُ ڀورايو اڱڻيون،
گوري!
ٻاٻلَ ڀورائي ريل،
ڏورو
ساچي هيم رو!
ساهيڙئين ڀورائي
سيمڙي،
گوري!
ويريو ٺيٽا ٺيٽ
ڏورو.......
ڏونگر چڙهي ڌيءَ جويڙو،
گوري
رهه گيو اباڻوڏور
ڏورو..........
اونچي کنوڻ کنوڙي،
گوري!
جهڙڦڙ وسن مينهن
ڏورو.........
ڀريا رڻ جا ٽوڀيا،
گوري!
ڀريو اباڻي رو ڏيس!
ڏورو..........
چوڏس پونم چانڊڻي،
گوري!
رَمَڻ جهڙي رات
ڏورو ...............
ٻيون ڪُليئي آهين، اوڏڙيون،
گوري!
هيڪڙي جيڏل ڏور
ڏورو
ساچي هيم رو! |
پيرن ۾ ته پولڙي (پيرن جو ٿري ڇلو) چمڪي ٿي،
سهڻي،
۽ سيني تي هار چمڪي ٿو،
ڌاڳو
سچي سون جو!
ماءُ اماڻيو اڱڻ،
سهڻي
بابي اماڻيو ڏهر-
ڌاڳو،
سچي سون جو!
ساهيڙين اماڻي سيم (چراگاهه)،
سهڻي،
۽ڀاءُ توڙ تائين هليو-
ڌاڳو...........
جبل تي چڙهي ڌيءَ ڏٺو،
سهڻي،
ته اباڻو ديس ته پري رهجي ويو-
ڌاڳو..............
مٿاهين کنوڻ چمڪي،
سهڻي،
جهڙ ڦڙ مينهن وسن ٿا-
ڌاڳو..............
رڻ جا ننڍڙا تلاءَ ڀريا،
سهڻي،
۽ اباڻن جو ڏيهه به ڀرجي ويو
ڌاڳو ..............
چوڏهينءَ پندرهينءَ تاريخ جي چانڊوڪي
سهڻي!
کيڏڻ جهڙي رات
ڌاڳو..........
ٻيون سڀ ويجهيون آهن،
سهڻي!
پر هڪڙي ساهيڙي پري آهي
ڌاڳو
سچي سون جو! |
(3) ڪاڳڙو
(ٿر ۾ ڪانگ کي ”ڪاڳ“ چوندا آهن ۽ پيار مان ”ڪاڳڙو“
ناري ۾ پرڻيل ڇوڪري
ڪانگ کي لنوندو
ڏسي ڳائي ٿي.)
ڪوٺيءَ مٿي ڪاڳڙو، لَنيو ڏي لاتين،
پڇي پاڙي وارئين، ”مام!
ڪاڳ ڪڄاڙو چوءِ؟“
ڙي ٻڙا ڪاڳڙا،
تو ن اڏامي وڃ،
آءٌ ويٺي
وس گهران،
پنهنجي وڳر ته شا ل وران!
اچي ميڙي اوجلي، جنهن ۾ لڳي ٿڌو واءُ
ڪتيان ويٺي چونئن ۾، آيم موڀي ڀاءُ:
ڙي ٻڙا ڪاڳڙا!......
ماکيءَ مٺي مصري، مٺو ماءُ وياءُ،
مٺي پرڏيهه سوکڙي، مٺو موڀي ڀاءُ،
ڙي ٻڙا ڪاڳڙا............
ماءُ ته مون کي موڪليو، وٽيءَ ۾ آمون،
آمون کاڌم پيٽ ۾ وٽيءَ جي نشاني،
ڙي ٻڙا ڪاڳڙا ........
اڇو ابيڇڻ ڇانڀ سين، مڪو منهنجي ماءُ،
مرڪي ڪنديس مٿي تي، او چٽيئين ڪوڏ منجهاءُ،
ڙي ٻڙ ڪاڳڙا .......
(مام = منهنجي
امڙي، چونئن = ڪنڊ،
موڀي = وڏو،
ابيڇڻ = بوڇڻ،
ڇانڀ = ڇاپو،
رڱ)
(4) وِندل
]”وندل“
نالي هڪ ڇوڪريءَ کي ڏائڻ سس ڪهي ڇڏيو، هن جو مڙس
پرديس مان آيو ۽ کيس نه ڏسي پڇا ڪري ٿو، پوءِ
جي گفتگو سڄي هن گيت ۾ چيل آهي. هو
اول ته ماءُ کي ”امان“ چوي ٿو، ۽ خونڻ ثابت ٿيڻ تي
چڙ مان کيس ”خونڻ ڪُتي“ ٿو سڏي. هي خيالي ورلاپ به
سس جي ستايل ڪنوار پاڻ ئي ڪري ٿي.[
هت جا ڇڏي هيم ننڍڙي، ڙي امان، امان!
ناهي راوَل ڌيءَ
ناهي سوداگر ننهن!
رات جي ويئي جنڊ تي، ڙي ابا، ابا!
سا وري نه موٽي!
شهزادي،
وندل ٻائي!
جنڊ جنڊ ڪري نهاريم، ڙي امان، امان!
ناهي.......
رات جا ويئي تڙ تي!.....
تڙ تڙ ڪري نهاريم .....
رات جا ويئي جيڏئين .......
هڪ هڪ ڪري نهاريم ........
رات جا ويئي مائٽين ........
گهر گهر ڪري نهاريم ........
(هاڻ گهر ۾ ڳولا
ڪري ٿو)
هت جي ڏٺم نوُرا گنگهرا، ڙي امان، امان!
تنهن نورڙي جَرُ ڇڏيو –
ناهي ........
(ماءُ خاموش آهي)
هيءَ جا ڏسان ٿو رت ترائي، ڙي امان، امان!
تنهن رتڙي گهاءُ ڪيو
ناهي ........
رات جو آيو ڪاسائيڙو، ڙي ابا، ابا!
تنهن ته ٻڪرڙو ڪٺو!
شهزادي،
وندل ٻائي!
ڪوڙ ٿي ڪرئين ڙي خونڻ ڪُتي!
تو ته ڪٺڙي ڪنوار
ناهي ..........
ايءَ ڇڏي ٻي آڻ، ڙي ابا، ابا!
ججها ڏيانس وڳا!
شهزادي،
وندل ٻائي!
جا تو نه سٺي پنهنجي، ڙي خونڻ ڪتي!
سا ڪئن سهندئين پرائي؟
ناهي راول ڌيءَ،
ناهي سوداگر نهن!
شهزادي،
وندل ٻائي!
(5) ڍاٽيڙو
سياري جي ٿڌيءَ ۽ خاموش
رات ۾ ٿر جي ڪنهن به ڏهر مان
لنگهبو، ته هڪ زوردار ۽ مٺڙي تانِ ٻڌڻ ۾ ايندي، جا
ميلن تائين پيئي ٻڌبي آهي. اها تانِ غريب ڌراڙن جو
”ڍاٽيڙو“ هوندو آهي، جنهن جو پس منظر هن خيالي
آکاڻيءَ تي ٻڌل آهي،
ته ٿر جي ڍٽ واري حصي جو ڪو ڍاٽيڙو (ٿري) لاباري
لاءِ ناري ۾ وڃي ٿو ۽ اتي ڄڻ ته ڪا وڏ گهراڻي
ڇوڪري مٿس عاشق ٿي ٿئي، ۽هن جا وارث کيس ڍڳي جي
چوريءَ جي ڪوڙي فرياد ۾ جيل ٿا اماڻين، پٺيان سندس
معشوقه فراق جا آلاپ ٿي ڪري . ”هيلو ڪو وري“ جي
معنيٰ آهي ”هڪ وار(هِن
سال) موٽي
اچي.“ ڪي وري انهيءَ بند بدران ”منج ڪو منجيو“
يعني ”موڪل ڪو سنيهو“ چوندا آهن. اهو گيت اصل ته
ايترو آهي، پر پوءِ هر ڪنهن حصي جا ڌڻار پنهنجي
پنهنجي گهرجن ۽ تمنائن موجب سدائين پيا ان ۾ اضافا
ڪندا آهن. جيڪڏهن اهي سمورا گڏ ڪجن ته شايد 3-4 سؤ بند
ٿي ويندا. ٿري پاڻ کي
”ٿري“
۽ ”ڍاٽي“
سڏيندا آهن، ۽ ناري ۽ لاڙ وارن کي ”سنڌي“.
سارو تان سيارو، مون گنديءَ ۾ گذاريو،
رليءَ جي رولاڪي ماريو، ڙي،
ڍاٽيڙا!
هيلو ڪو وري!
ٻيون تان پاڻياريون پاڻيءَ ٿيون ڀرين،
هڪڙي تان پاڻياري ڳوڙها ٿي ڳاڙي، ڙي،........
پٽَ جي پاڻياري، ڍَٽَ جو ڍاٽيڙو،
الستي انگڙو وريو، ڙي......
سايون تان ڪانئچون آءٌ سنڌين جون کانيان،
مون کي کٿيلو گوڏير وڻيو، ڙي .......
ڳاڙهيون تان کٽون آءٌ سنڌين جون کانيان،
مون کي واريءَ جو وڇاڻو وڻيو، ڙي .......
بگو تان ڍڳو، سو وڏيرن سندو،
موڙي منجهه مرندو ڏسان، ڙي،
ڍاٽيڙا!
هيلو ڪو وري!
(6) منڌيئڙو
(”منڌيئڙو“
يعني کير ولوڙڻ جو ”جهيرڻو“، جو ٿر جي هڪ وڻ جي
پاڙ مان ٺاهيندا آهن ۽ بيحد مضبوط ٿيندو آهي. هيءُ
گيت، گهڻو
ڪري عورتون وڏي ماٽي ولوڙڻ وقت ڳائينديون آهن ۽
اسر ويل اهو نهايت دلڪش معلوم ٿيندو آهي.)
سائينءَ ڪئڙو سُگار، منڌيئڙو گُڙڪي!
لٿو ڏيهه تان ڏڪار، منڌيئڙو گُڙڪي!
جنين رکيو ٻج لاءِ،
مَرِ وسي
لي ري،
تن جون تون آسيون
پڄاءِ !
منڌيئڙو گُڙڪي!
جنين رکيو لاڀ لاءِ،
مَرِ وسي لي ري،
تن جون تون ڪوٺيون ڊاهه!
منڌيئڙو گُڙڪي!
پکو کوڙيم پٽ تي، سٻر ساري ڀِت.....
اسان آسون
پنيون، گهر گهر ماٽيءَ ڇاهه.......
رزق ڏيئم رحمتي، ماٽيءَ ميهو کير..........
پٽ ته ڏيئيم جهنڊلو، جهجهي چوڻي سان.......
پُٽين ڀائرين ڀائٽين، هوئيم جوڙَ سَجوڙ.......
اڻ مڱيا مڱايئين
مَر وسي لي ري،
مڱين موڙ ٻڌاءِ!
منڌيئڙو گُڙڪي!
(سگار = سڪار،
مر وسي
لي ري = ڀل
ته وسي وٺي، ڇاهه = جهڻ،
ميهو = ماهيو.
مينهن جو، جهنڊلو =
گهاٽن وارن وارو، چوڻو =
رزق، عمر، اڻ مڱيا = جن
جو مڱڻو ٿيل نه هجي)
(7) جهالريو
(”جهالريو“ لفظ جي معنيٰ ڪنن جو هڪ زيور، جنهن کي
”جهالاريو“ به چوندا آهن. هيءُ سون
جو ۽ بيحد خوبصورت ٿيندو آهي. جو ڪن جي مٿئين
حصي ۾ پائبو آهي ته سڄو ڪن ڍڪجي ويندو آهي، پر ڳرو
هجڻ سبب هاڻي شهرن مان ان جو رواج گهڻو ڪري نڪري
ويو آهي.
هن بيت جي پهرينءَ تڪ ۾ ڄڻ ته ڀاءُ جي طرفان اهو
اظهار ڪيل آهي ته ”منهنجي کيٽ ۾ ٻُورُٿيو
آهي، عنقريب آءٌ تنهنجي لاءِ جهالريو ٺهرائي تحفي
طور کڻي ايندس.“ ۽ پوءِ ور ور ڏيئي اهو لفظ هن
لاءِ اچي ٿو، جو ڀيڻ کي ان تحفي جي تمنا آهي.)
کيڙيئي ري کيتر ۾
هون تان تيهرو گهڙائيسان هيل،
ملوڪ، جهالريو!
ڪيهو ويرو آيو، ٻيهنل، سيمڙئين؟
اوتان، سِيمَ ڪيوسِڻگار!
ملوڪ، جهالريو!
ڪيهو ويرو آيو، ٻيهنل، ريل ۾؟
اوتان، کوهه ڀريا کنڊ کير!
ملوڪ، جهالريو!
ڪيهو ويرو آيو، ٻيهنل،
کوهه تي؟
اوتان لاج مري پاڻيهار!
ملوڪ، جهالريو!
ڪاهي ري پاڻيهاري، تون لاج مري؟
هون تان وچِلي ٻانهياري رو وير!
ملوڪ، جهالريو!
ڪيهو ويرو آيو، ٻيهنل، جهانپئي؟
اوتان رڻِڪي ڀوري مينس!
ملوڪ، جهالريو
ڪاهي ري ڀوري مينس! رڻڪين؟
هُون تان (فلاڻي) ڏوجهارڻ رو وير!
ملوڪ، جهالريو!
ڪيهو ويرو آيو، ٻيهنل، آڱِڻي؟
اوتان ڇنڊيا عطر گلاب!
ملوڪ، جهالريو!
چاراڻي رو ڏيسي گهوڙلو،
اوتان ڏيسي گهڻا رنگ پاٺ!
ملوڪ، جهالريو! |
”کيڙيئي“ جي کيٽ ۾ ٻُورُ ٿيو
آهي،
هن سال آءٌ تنهنجو گهڙائيندس
سٺو، جهالريو!
هي ڪهڙو آيو آهي، ڀيڻ،
سيم (چراگاهه) ۾؟
جو سيم ئي کڻي سينگار ڪيو آهي!
سٺو، جهالريو!
هيءُ ڪهڙو
ڀاءُ آيو آهي ڀيڻ، ڏهر ۾؟
جو کوهه ئي کير کنڊ سان ڀرجي ويا آهن!
سٺو، جهالريو!
هيءُ ڪهڙو
ڀاءُ آيو آهي ڀيڻ، کوهه تي؟
جو پاڻياريون شرم ۾ ٻڏي وڃن ٿيون!
سٺو، جهالريو!
پاڻيهاري! تون لڄ ڇو ٿي مرين؟
آءُ ته هن وچ ۾ بيٺل ٻانهياريءَ جو ڀاءُ
آهيان!
(ڪو ڌاريون نه آهيان)
سٺو، جهالريو!
هيءُ ڪهڙو
ڀاءُ آيو آهي، ڀيڻ، گهر ۾؟
جو ڀوري مينهن ٿي ڍِڪي!
سٺو، جهالريو!
”اڙي ڀُوري مينهن! تون ڇو ٿيڍِڪين؟
آءُ ته فلاڻيءَ (نالو
ڀيڻ جو) کير ڏوهندڙ
جو ڀاءُ آهيان! (ڪو ڌاريو نه آهيان)“
سٺو، جهالريو!
هيءُ ڪهڙو
ڀاءُ آيو آهي، ڀيڻ، اڱڻ تي؟
جو ڄڻ ته عطر گلاب ڇنڊ جي ويا آهن!
سٺو، جهالريو!
هو سيڻن کي تحفي ۾ گهوڙو ڏيندو،
۽ ٻيا به گهڻيئي سٺا سامان ڏيندو!
سٺو، جهالريو! |
محمد عثمان ڏيپلائي
اردو يا سنڌي- يا اردو ۽ سنڌي؟
(هڪ خط، جو گهڻن جي ترجماني ڪري ٿو)
ايڊيٽر انسان!
اوهان پنهنجي تحرير جي وسيلي جيڪا ملڪ ۽ قوم جي
خذمت ڪئي آهي، ان کان آءٌ نهايت متاثر ٿيو آهيان.
اوهان جون انسانيت جا سبق سيکاريندڙ هدايتون، مون
کي نهايت پسند آهن، ليڪن اوهان جيڪا موجوده روش
سنڌين کي اردوءَ کان محروم رکڻ جي اختيار ڪئي آهي،
ان سان مون کي سخت اختلاف آهي ۽ آءٌ چاهيان ٿو ته
اوهان کي ڪجهه سمجهايان.
آءٌ هڪ پنجابي آهيان ۽ مون کي پنجابي ٻولي اهڙي ئي
پياري لڳي ٿي، جهڙي اوهان کي سنڌي: اسين سڀ پنهنجي
لکپڙهه اردوءَ ۾ ڪريون ٿا ۽ اسان کي جيڪو لطف
پنجابيءَ ۾ ڳالهائڻ مان ملي ٿو، سو اردوءَ مان نه،
مگر انهيءَ هوندي به اسين چاهيون ٿا ته جلد از
جلدي پوري ملڪ جي لکڻ پڙهڻ جي زبان اردو بنجي وڃي،
ڇاڪاڻ ته اها قوم ۾ يڪجهتي آڻي ٿي، انهيءَ ۾
لٽريچر آهي ۽ هڪڙي اها ئي چيز آهي، جا ساري ملڪ جي
عوام کي متحد ڪري ٿي ۽ مغربي پاڪستان ته ڇا، پر
مشرقي پاڪستان جي شين ۾ به اردو ئي مروج آهي ۽ پڻ
اردو زبان هن وقت ايڏيءَ وسعت سان پکڙيل آهي، جو
دنيا جو ڪوبه وڏو شهر اهڙو ناهي، جتي ڳالهائيندڙ
موجود نه هجن.
مغربي پاڪستان جي سڀني علائقن جي مادري زبان اگرچه
اردو نه آهي، پر سمورا علائقا اردوءَ ۾ تعليم هجڻ
تي متفق آهن. هڪڙو سنڌ علائقو ئي آهي، جنهن ۾
اوهان پارن غلط سوچيندڙن جي طفيل، اردو زبان ۾
تعليم وٺڻ جي خلاف تحريڪ هلي رهي آهي ۽ اٻوجهه
عوام کي اردوءَ خلاف ڀڙڪايو پيو وڃي.
ليڪن آءٌ اوهان کي چتاءُ ٿو ڏيان ته اوهان جون اهي
ڪوششون هرگز ڪامياب ڪونه ٿينديون. جڏهن مغربي
پاڪستان جا
اٽڪل اسي سيڪڙو باشندا اُنهيءَ تي متفق آهن، تڏهن
انهيءَ ئي زبان جي جيت ٿيندي، ۽ نتيجو اهو ٿيندو،
جو اوهين جيڪي پنج ست سال انهيءَ غلط ڪوشش ۾
رائيگان وڃائيندا، اوترا سال اوهان جو علائقو
پوئتي رهندو ۽ جڏهن ٻين سڀني علائقن جا باشندا
اردوءَ ۾ ڪافي مهارت حاصل ڪري ويندا، تڏهن اوهان
جي علائقي جا شاگرد ڀڳيءَ دل ۽ شڪست خورده دماغ
سان انهيءَ طرف رجوع ٿيندا ۽ پوءِ اهو سالن جو
فاصلو هميشه مٿن طاري رهندو. گويا ٻين لفظن ۾ ته
اوهين پنهنجي علائقي کي بلڪل انهيءَ منزل ڏي پيا
ڌڪيو، جڏهن علماءِ ڪرام پنهنجن معتقدن کي انگريزي
تعليم کان روڪيو هو، ۽ ان جو نتيجو اِهو ٿيو، جو
مسلمان هندن کان پنجويهه سال پوئتي رهجي ويا.
ان ڪري دوست! اوهين ياد رکو، ته اردوءَ، پنهنجو
مقام حاصل ڪري ورتو آهي، تعليمي ڪميشن متفقه طرح
اُن کي ساري مغربي پاڪستان لاءِ ذريعهء تعليم قرار
ڏئي ڇڏيو آهي، ان جي مخالفت مان ڪجهه به نه ورندو!
چراغي را ڪه ايزد برفروزد،
هر آن ڪوتف زند ريشش بسوزد.
اوهان جهڙا ساڳيا خيال اسان جي علائقي ۾ به ڪي
’ڪميونسٽ‘ پکيڙين پيا ۽ چاهين ٿا ته پنجابي زبان
کي سندن علائقي جي اسڪولي زبان بنايو وڃي، مگر
’اين خيال است ومحل است جنون‘، نڪي هنن کي ڪا وقعت
آهي، نڪي سندن رسالن ۽ ڪتابن کي. تعليم يافته عوام
پنجابي زبان کي ’غسلخاني جي زبان‘ ۽ ’بستر جي
زبان‘ سڏيندو آهي ۽ اها ڪڏهن به انهيءَ کان وڌيڪ
درجو حاصل ڪري نه سگهندي.
اهڙو ئي ساڳيو حال سنڌيءَ جو ٿي رهيو آهي ۽ ٿيندو.
فقط اوهان جهڙا چند نا عاقبت انديش خواهه مخواهه
انهيءَ مدت کي اينگهائي پنهنجي علائقي کي ناحق
پوئتي پيا هٽائين!
اوهان جو هڪ پنجابي دوست
جواب:
آءٌ پنهنجي پنجابي دوست جو شڪر گذار آهيان، جو هن
کليو کلايو پنهنجا خيال ظاهر ڪيا، جي فقط هن اڪيلي
جا نه آهن، مگر اها سندس سڀني همخيالن دوستن جي
ترجماني آهي ۽ هنن مان ڪي اهي اهي خيال فرداً
فرداً پنهنجي سنڌي دوستن وٽ ظاهر به ڪن پيا. مون
کي خوشي آهي جو ڪهڙي به سبب اهي خيال يڪجا طرح
عوام اڳيان آيا، جن جي روشنيءَ ۾ جيڪي اسان جا
تاثرات آهن، سي عوام توڙي ڄاڻوئن اڳيان اچن ٿا،
هاڻي اهي فيصلو ڪندا.
سڀ کان پهرين ته آءٌ اوهان جي انهيءَ غلط فهميءَ
کي دفع ڪرڻ چاهيان ٿو ته اسين ڪي اردوءَ جا مخالف
يا دشمن آهيون. بلاشبه اردو زبان لڳو لڳ ٻن سون
سالن جي ڪوششن سان هينئر دنيا ۾ هڪ چڱو مقام حاصل
ڪري وئي آهي، ۽ نه فقط پاڪستان ۾، پر هندستان ۾ به
اها ’هندي‘ جي نالي ۾ خوب ڳالهائڻ ۽ لکڻ ۾ اچي ٿي
۽ هندستان خواهه پاڪستان ۾ ڪنهن به شهر ۾، توڙي
ريلوي ۾، هن زبان ڄاڻڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبه چارو
ڪونهي.
مگر آءٌ توهان کي ٻڌايان ٿو، ته نڪي سنڌي اردوءَ
جا مخالف آهن، نڪي هو هن کان نفرت ڪن ٿا، نڪي هو
اردوءَ کان پري رهن ٿا. سنڌين پنهنجي لاءِ پاڪستان
کان به ڪافي عرصو اڳ چوٿين درجي کان اردو پڙهائڻ
اڳيئي مقرر ڪري ڇڏيو آهي، هو اردو ڪتاب ۽ رسالا
پڙهن ٿا، اردو گانا ٻڌن ۽ ڳائين ٿا، ۽ اهو بلڪل
غلط آهي ته هُو ڪو اردوءَ کان نفرت رکن ٿا. سنڌين
جي هو پڙهيل گهر اوهان کي ڪونه ڪو اردو ڪتاب يا
رسالو ڏسڻ ۾ ايندو ۽ ريڊيو ۽ رڪارڊن جي طفيل شهرن
ته ڇا، پر ٻاهراڙين ۾ به اردو گانا ڳائيندڙ ماڻهو
اوهان کي ملندا ۽ ٻيو ته ٺهيو، پر مهاجرن جي ڦهلڻ
سبب ڪافي هنڌن تي سنڌي هاري به اردو چڱيءَ طرح
ڳالهائي ڄاڻن ٿا. جيڪڏهن اسان کي اردوءَ کان نفرت
هجي ها، ته اسان ۾ اردو ايتري قدر پکڙيل نه هجي
ها.
ان ڪري دوست! اوهان اهو بلڪل غلط سمجهيو آهي ته
اسين اردوءَ جا مخالف آهيون، بلڪ هڪ شاعر قول
وانگر:
من نمي گويم ڪ علم مغربي حاصل مڪن
ليڪ از حالات مشرق خويش را غافل مڪن
اسين اردوءَ کي حاصل ڪري رهيا آهيون ۽ ڪندا
رهنداسيون. اسين متفق آهيون ته ڀلي پرائمري تعليم
کان مٿي اردو لازمي هجي، مگر انهيءَ کان اڳ اها
لازمي ڪرڻ جو تجربو اسان هڪ نه ٻه، بلڪ سڄا سارا
پنڌرهن سال پرائي، آزمائي ڏٺو آهي ته انهيءَ مان
ڪجهه به نٿو وري. جيڪڏهن اهو آزمايل نسخو هينئر
طاقت وسيلي وري آزمائبو ته اسان جي ٻارن جي ذهن تي
اهڙو ته ٻوجهه پوندو، جو هو بجاءِ ترقي ڪرڻ جي
مورڳو ڪِرڻ لڳندا ۽ جنهن کي اوهين ترقي ٿا چئو، سا
هنن لاءِ اهڙو ته تنزل آڻيندي، جو ان جو علاج ڪرڻ
۾ به ورهيه لڳندا ۽ پڻ انهيءَ سان گڏوگڏ اسان به
تيار ڪونه آهيون، جا پينگهي کان قبر تائين اسان جو
ساٿ ڏئي ٿي، جنهن ۾ اسين پنهنجي خيالات ۽ جذبن جو
اظهار اهڙيءَ طرح سان ڪري سگهون ٿا، جو ڪنهن ٻيءَ
زبان ۾ ممڪن ناهي، ۽ اهو سنڌ ۾ رهندڙ غير سنڌين
لاءِ به بلڪل مفيد ٿيندو. جيڪڏهن هنن لاءِ پڻ
پرائمري تعليم کان مٿي سنڌي لازمي قرار ڏني وڃي،
ڇاڪاڻ ته هنن جو ڪم به هر وقت سنڌين سان پوي ٿو،
ان ڪري خود هنن لاءِ به اهو مفيد آهي، ته هو سنڌي
سکن، جنهن مان کين ڪافي آساني ٿيندي ۽ هونئن به
دانشمندن جو قول آهي ته جيڪو ماڻهو جيتريون ٻوليون
ڄاڻي ٿو، اهو اوترن ماڻهن برابر آهي.
اسان جي زبان هر طرح مڪمل آهي، ۽ دنيا جي سٺين
زبانن مان هڪ آهي. هن کي پنهنجي ٽائيپ آهي، پنهنجو
لٽريچر آهي، هن ۾ اهو بي بها ادب آهي، جنهن کي
دنيا جي نامور مصنفن به واکاڻيو آهي.
اسان هن ٻوٽي جي پوري آبياري ڪئي آهي ۽ اسان هن کي
ڪنهن حملي آور جي دست بُرد کان محفوظ رکيو آهي.
اسان هن کي ان وقت به بچائي رکيو، جڏهن انگريزن
طرفان ڀر وارن علائقن: بلوچستان، پنجاب، سرحد ۾
سرڪاري طرح اردو هلي رهي هئي.
مگر اڄ جڏهن اسان جو ملڪ آزاد آهي، اڄ جڏهن دنيا
جي هر ٽڪري ۽ هر طبقي ۾ علاقائي ٻولين جي قائميءَ،
بلڪ ترقيءَ جو به حق تسليم ٿي چڪو آهي، اسين اهو
ڪيئن قبول ڪري ٿا سگهون ته اسان جي پياري مڪمل ۽
ترقي يافته زبان کي نگهوسار ڪري ڇڏجي. فصل بهار ۾
گلن کي نکرڻ کان روڪي ڇڏجي.
سنڌي زبان ته اها ’حقيقت‘ آهي، جا ڀارت جي سوا في
هزار ماڻهن جي زبان هجڻ جي باوجود به ڀارت هن کي
حقيقت مڃي ويو آهي، باوجود انهيءَ جي، جو هن جا
ڳالهائيندڙ سڄي ڀارت ۾ ڪڻو ڪڻو ڪري اُڇلايا ويا
آهن، ۽ ڪنهن به هڪ هنڌ هو اڪثريت جو درجو نٿا رکن؛
مگر انهيءَ هوندي به اتي جا سنڌي نه پنهنجي زبان
کي بچائي وڃن؛ پر اسين مغربي پاڪستان جا سنڌي جي
پنهنجي ئي علائقي ۾، جتي هو ڪنهن به حالت ۾ اسي
سيڪڙو کان گهٽ ناهن، اتي هڪدم هن جي فنا جي
دستاويز تي ڪيئن ٿا صادر ڪري سگهن!
آءٌ اهو به مڃي نٿو سگهان، ته مغربي پاڪستان جي
رڳي هڪڙي سنڌ علائقي ۾ تعليم مادري زبان ۾ ڏني وڃي
ٿي، بلڪ خود تعليمي ڪميشن به گواهه آهي ته پختون
علائقي ۾ به پهريان پنج درجا پختون يا پشتو ٻوليءَ
۾ پڙهايا وڃن ٿا.
جيڪڏهن اوهين پنجابي، باوجود انهيءَ جي جو اها ٽن
ڪروڙن جي زبان آهي ۽ ان ۾ به چڱو موچارو لٽريچر
آهي، منجهس وڌڻ ويجهڻ جون پوروين صلاحيتون آهن، ان
کي فنا ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو، ته اوهان جي مرضي.
اگرچه شايد خود اوهان کي به خبر ناهي ته پنجابي
زبان جو اجڙيل ٻوٽو به نوان گونج ڪڍي رهيو آهي ۽
اهي ڏينهن پري ناهن، جڏهن اُهو به هڪ شاداب ۽
شادڪام درخت بنبو، جنهن کي ڪا به طاقت روڪي نه
سگهندي. مگر بهرحال اسين ته پنهنجي پياريءَ زبان
کي پنهنجن هٿن سان فنا ڪرڻ نه ڏينداسون، ۽ ڪوبه
سمجهندڙ شخص پاڙيسريءَ کي آپ گهات ڪندو ڏسي، ان جي
ريس ۾ پاڻ به آپ گهات لاءِ تيار نه ٿيندو.
تعليمي ڪميشن جي رپورٽ تيار ڪرڻ لاءِ هڪ به سنڌي
ڪونه کنيو ويو هو، ان ڪري سنڌي اهو بجا طور تي چئي
سگهن ٿا ته اها رپورٽ اسان جي نڪا پاس ڪيل آهي،
نڪا پسند ڪيل. ۽ نڪي اسين انهيءَ کي زوريءَ قبول
ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. جيڪڏهن سنڌ يونيورسٽي انهيءَ
رپورٽ جي زير اثر سنڌي ٻوليءَ کي ذريعه تعليم ڪري
قبول نه ڪندي ته اسين شايد، نيڪ نيتيءَ سان جدا
’سنڌي يونيورسٽي‘ ٺاهينداسون. ٿي سگهي ٿو ته سرڪار
چند روز انهيءَ کي تسليم نه ڪري، مگر جيڪڏهن اسان
۾ استقلال هوندو، ته سرڪار کيس نيٺ ضرور تسليم
ڪندي، ڇاڪاڻ ته اهو اسان جو جائز حق آهي، جو
يقيناً هر ڪا عدالت به قبول ڪندي! بالڪل ائين،
جيئن ڪافي ورهيه جامعه مليه دهليءَ جي سَندن کي
تسليم نٿي ڪيو ويو، پر آخرڪار اهو وقت آيو، جو نه
فقط اهي سَندون تسليم ٿيون، بلڪ جامعه مليه جي
پڙهيلن کي زياده عزت ملڻ لڳي!
انهيءَ کان پوءِ اسين اوهان کي به هڪ ڌوڪي مان ڪڍڻ
چاهيون ٿا. اردو اڃا تائين به اهڙي مڪمل زبان ڪانه
بنجي سگهي آهي، جنهن ۾ سائنس وغيره جي تعليم ڏني
وڃي. اڄ به مخصوص علمي اصطلاحن جا اردوءَ ۾ ترجما
ڪين ڪيا ويا آهن، بلڪ انهن جي جاءَ تي عربي لفظ ئي
رکيا ويا آهن، ۽ انهن لفظن کان ته انگريزي لفظ
پڙهڻ نه فقط وڌيڪ آسان آهن، بلڪ اڳتي لاءِ به
ڪارائتا ٿيندا، پر جيڪڏهن اوهان کي هروڀرو انهن
لفظن تي ضد آهي ته به اهي جهڙا اردوءَ ۾ فٽ ٿي
سگهن ٿا، اهڙائي سنڌيءَ ۾، اُن ڪري جيڪڏهن هروڀرو
انگريزيءَ کي ذبح ڪرڻو آهي ته اهو جهڙو اردو
ڪاتيءَ سان ٿي سگهي ٿو، اهڙو ئي سنڌي ڪاتيءَ سان
به!
دوست!
دنيا اڄ اُتي ناهي، جتي سؤ ورهيه اڳ هئي. اڄ جڏهن
آفريقا جا وحشي ۽ ڄٽ شيدي به پنهنجي حڪومت جا مالڪ
پاڻ آهن، جڏهن سندين ٻولين کي به فروغ حاصل ٿي
رهيو آهي. اڄ جڏهن ’ناگا‘ جهڙيون قطعي جهنگلي
قومون به آزاد ناگا لئنڊ ۽ ناگا يونيورسٽيءَ جا
مطالبا ڪري رهيون آهن، اڄ جڏهن اسرائيل ۾ ’عبراني
يونيورسٽي‘ پوري اوج عروج سان هلي رهي آهي، تڏهن
اهو ناممڪن آهي، ته سنڌ ۾ به ڪا ’سنڌي يونيورسٽي‘
نه هجي ۽ پڻ اهو به ناممڪن آهي جو اڳتي هلي پنجاب
۾ ڪا پنجابي يونيورسٽي، پختون علائقي ۾ ڪا پختون
يونيورسٽي ۽ بلوچستان ۾ ڪا بلوچي يونيورسٽي ته
کلن. اها فطري تقاضا آهي ۽ اهو فطري حق آهي، جنهن
کي سموري مهذب دنيا تسليم ڪري چڪي آهي، جيڪڏهن ڪي
چند اُٻهرا انهيءَ کي نه مڃيندا، ته به يقين رکندا
ته:
سنڌي زبان، زندهه زبان آهي،
سنڌي زندهه هئي،
سنڌي زندهه آهي،
۽ سنڌي زندهه رهندي،
جيستائين آسمان ۽ زمين زندهه آهن!
- ۽ ڪنهن کي به طاقت ناهي، جو ههڙيءَ مڪمل زبان کي
فنا ڪري سگهي.
جيڪي شخص اهڙيون بيسود (بيهوده) ڪوششون ڪندا،
يقيناً اهي پاڻ ئي فنا ٿي ويندا، ڇاڪاڻ ته سندن
اهي ڪوششون ’باطل‘ آهن ۽ بمصداق ’ان الباطل ڪان
زهوقا‘، باطل ته آهي ئي فنا ٿيڻ لائق!
توهان کي اها حقيقت هڪڙن سولن لفظن ۾ به سمجهايان
ٿو، جو اوهان کي ياد ناهي ته خود ’مشرقي پاڪستان‘
۾ به اُردوءَ کي زوريءَ ڇانئڻ لاءِ ڪيڏيون ڪوششون
ڪيون ويون هيون ۽ اتي به بنگاليءَ کي فنا ڪرڻ لاءِ
ڪهڙا ڪهڙا قدم کنيا ويا هئا؟ پوءِ انهن جو نتيجو؟
ڇا اوهان اهو اکين سان ڪونه ڏٺو، ٻيو ته ٺهيو، پر
علامه سيد سليمان ندويءَ جهڙي عظيم شخصيت جي به
اتي اهڙي ته سخت بي عزتي ڪئي وئي، جو هو جيئن اتان
آيو، تيئن سندس دل ٽٽل رهي ۽ جلدي ئي وفات ڪري
ويو!
علامه وفات ڪئي ۽ بنگالي نه فقط برقرار رهي، بلڪ
پاڪستان جي هڪ عظيم زبان بنجي وئي. اهو ڇو؟
اڄ جڏهن اوهين مغربي پاڪستان جي اتحاد لاءِ اردو
زبان ضروري ٿا سمجهو، تڏهن اُن وقت سچي پاڪستان جي
اتحاد لاءِ اردوءَ کي ضروري نٿي سمجهيو ويو ڇا؟
مگر صورتحال ثابت ڪيو ته اها حقيقت صحيح ناهي.
جيئن بنگالي برقرار رکڻ سان به پاڪستان جو اتحاد
قائم آهي ۽ اُتي به محبتي رستي سان اردو وڌندي وڃي
پئي، تيئن اها به حقيقت آهي ته سنڌي زبان برقرار
رکڻ سان به ڪو مغربي پاڪستان جو اتحاد ٽُٽي ڪونه
ويندو. اهو اتحاد قائم رکڻ خاطري جيتري اردوءَ جي
ضرورت آهي، اوتري اردو، سنڌي به هر حالت ۾ سکي
ويندا. هُو خود به انهيءَ لاءِ چاهه رکن ٿا، ڇو ته
اها به وقت جي تقاضا آهي ۽ سنڌي هرگز اهڙا احمق
ڪين آهن، جو وقت جي حقيقي تقاضا کان به مُنهن
موڙين.
ان ڪري صحيح رستو اهو آهي ته اردوءَ کي پکيڙڻ جي
ڪوشش ڀلي ڪجي، پر اها ڪوشش غيرفطري ۽ جابرانه
طريقن سان نه هجڻ گهرجي ۽ نه ڪي سنڌيءَ کي فنا ڪرڻ
جي ڪوشش ڪجي، بلڪ اردوءَ کي هڪ اک ته سنڌيءَ کي ٻي
اک سمجهڻ گهرجي.
(هفتيوار ’انسان‘، حيدرآباد، سنڌ، 9- مئي، 1960ع)
|