غلام
محمد لاکو
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ فارسي علم و ادب
(هيءُ مطالعو ڪتابن جي تصنيف/ترتيب جي سالن جي
لحاظ کان تيار ڪيو ويو آهي).
ويهين صديءَ جي سنڌ جيڪي به وڏا اديب، شاعر، محقق،
تاريخدان ۽ نقاد پيدا ڪيا آهن، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ
جو نالو انهن سڀني ۾ سر فهرست ڏسجي ٿو. ڊاڪٽر صاحب
جا لکيل، مرتب ڪيل، ايڊٽ ڪيل ۽ جوڙيل ڪتاب پڪ سان
هڪ سؤ کان به مٿي ٿيندا. انهن ڪتابن ۾ بلوچ صاحب
نهايت معتبر ۽ مٿانهون اسڪالر ۽ عالم نظر اچي ٿو.
ٻولين جي حساب سان مون کي فارسي، عربي، اردو،
انگريزي ۽ سنڌي ٻولين ۾، سندن قلمي پورهيو سُجهي
ٿو. هن مختصر مقالي ۾ اسين ڊاڪٽر صاحب جي فارسي
علم و ادب لاءِ ڪيل خدمتن جو احاطو ڪنداسين.
سنڌ ۽ ايران صدين کان پاڙيسري ملڪ رهيا آهن. عربن،
ايران کي فتح ڪيو ۽ اتي اسلام جي پکڙجڻ بعد، جڏهن
جديد فارسي اُسري ۽ نسري نروار ٿي، تڏهن هن زبان،
عربي رسم الخط قبول ڪيو ۽ ان ۾ شعر و شاعري توڙي
تصنيف تاليف شروع ٿي. ايراني ادبيات جو ترت اثر
سنڌ تي پوندو هو ۽ پوءِ هندستان تي ٿيندو هو. سنڌ
۾ ايراني علم و ادب جا چٽا ثبوت، سومرن جي دور کان
ملن ٿا. سمن جي دور ۾ ڪجهه وڌيڪ شاعرن جا نالا ملن
ٿا، جن فارسي زبان ۾ شعر چيو(1). ارغونن جي دور
کان فارسي ٻولي رياستي سرپرستيءَ ۾ آئي. ان طرح
فارسي شعر و سخن ۽ ڪتابي ذخيرو ڀلان ڀل پيدا ٿيو.
سنڌ ۾ هن زبان کي سرڪاري پُشتي ميرن جي زوال تائين
حاصل رهي. برطانوي دور ۾ سرڪاري سهاري کان سواءِ
به، هيءَ ٻولي ڪنهن حد تائين زندهه رهي ۽ ان ۾
شعرو شاعري ۽ تصنيف تاليف ٿيندي رهي. هن دور ۾،
سنڌ (ڪراچي) مان فارسي اخبارون به جاري ٿيون. قيام
پاڪستان کان پوءِ پوري ملڪ وانگر سنڌ ۾، پڻ هيءَ
ٻولي زوال پذير آهي، جنهن هت ساڍا ٽي سؤ سال
درٻار، خانقاهه ۽ علمي مرڪزن تي راڄ ڪيو. ائين ٿو
لڳي ته ايڪيهين صديءَ ۾ فارسي زبان جي سنڌ ۾ صفائي
ٿي ويندي. اسين هت ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي فارسي
ادبيات لاءِ ڪيل خدمتن جو سرسري جائزو وٺنداسين.
(1) چچ نامه:
سنڌ ۾ 401هه/1010ع ڌاري هبارين جي جاءِ تي سومرن
جي بادشاهي قائم ٿي. سومرن جي دور بابت ڪو معتبر
اڀياس نه هجڻ سبب، پڪ سان ڪجهه به نه ٿو چئي
سگهجي. سومرن جي حڪومت ڪڏهن سمنڊ کان ملتان تائين
قائم ٿيندي هئي، ته ڪڏهن وري هي بادشاهي لاڙ ۽
سيوهڻ تائين محدود رهجي ويندي هئي. سومرن جا متعدد
تختگاهه هئا ۽ انهن جا ويهن کان به وڌيڪ بادشاهه
ٿي گذريا. هيءُ دور
ٽن صدين کان به وڌيڪ وقت تي حاوي آهي. سن 734هه ۾
ابن بطوطه سنڌ ۾ هو، تڏهن هن سومرن خلاف بغاوتون
ڏٺيون هيون. سن 1351ع ۾ سمن ڄامن ڀرپور مزاحمت ڪري
سومرن جو خاتمو ڪيو ۽ سنڌ ۾ پنهنجي بادشاهت قائم
ڪئي.
سنڌ ۾ فارسي ادب ۽ علم جا پڪا پختا ثبوت سومرن جي
دور کان ملن ٿا. ناصرالدين قباچه 602هه ۾ اترسنڌ ۾
”اچ“ کي تختگاهه مقرر ڪري، پنهنجي حڪومت قائم ڪئي
جنهن جون حدون بکر تائين هيون. باقي سڄي سنڌ تي
سومرن جي سرداري جاري رهي. قباچه جو خاتمو 625هه ۾
ٿيو. ٻن چئن شاعرن جو ڏس پتو ملي ٿو، جن فارسيءَ ۾
شعر چيو ۽ اهي قباچه جي درٻار سان لاڳاپيل هئا.
سنڌ جي لاءِ هن درٻار جي حوالي سان ٻه ڪتاب يادگار
جي اهميت رکن ٿا. علي بن حامد ڪوفي فارسي زبان ۾
تاريخي ڪتاب ”چچ نامه“
سن 613 هه برابر 1216ع ۾ مڪمل ڪيو ۽ محمد بن محمد
عوفي 618هه برابر 1221ع ۾ فارسيءَ ۾ شاعرن جو
پهريون تذڪرو ”لباب الالباب“ مرتب ڪيو. سومرن جي
دور ۽ فارسي ادب جي تعلق ۾ ٽيون نالو قلندر لعل
شهباز جو آهي. هو561 هه ۾ مرند (افغانستان) ۾ پيدا
ٿيو، ۽ سيوهڻ جي شهر ۾ اچي قيام ڪيائين. هت ٻه سال
رهيو هو جو 673هه ۾ وفات ڪيائين. تذڪرن ۾ قلندر
لعل شهباز جي فارسي ادبيات جو ذڪر ٿيو آهي. البته
هن ڏس ۾ ڪا ٺوس تحقيق نه ٿي آهي، جنهن جي ازحد
ضرورت آهي. مغربي نقادن ۽ اسڪالرن جي نظر ”لباب
الالباب“ تي پئي ۽ ان کي ويهين صديءَ جي ابتدا ۾،
ايڊٽ ڪري شايع ڪيو ويو. هن ڏس ۾ ڪتاب جو ٻيون ڀاڱو
سال 1903ع ۾ پروفيسر برائون ايڊٽ ڪري لنڊن مان
شايع ڪيو. ان بعد پهريون ڀاڱو 1906ع ۾ علامّه محمد
قزوينيءَ سان گڏ ايڊٽ ڪري پڌرو ڪيائين. هي ٻئي حصا
هڪ جلد ۾ مرحوم سعيد نفيسيءَ جي سعيي سان تهران
مان 1954ع برابر 1335هه.ش ۾ شايع ٿيا آهن. سنڌ جي
هن خدمت جو ايراني عالمن ۽ محققن به واشگاف لفظن ۾
ذڪر ڪيو ڏسجي ٿو.
قباچه جي درٻار جو ٻيو يادگار ڪتاب
”چچ نامه“ آهي. هي ڪتاب اصل ۾ ڪنهن عرب مؤرخ سنڌ
جي عرب فتح بابت عربي زبان ۾ لکيو هو. ڪڏهن، ڪٿي ۽
ڪنهن- اصل ڪتاب لکيو، ان بابت گهڻي ڄاڻ ميسر
ڪانهي. البته عربي ڪتاب جو فارسي ترجمو علي بن
حامد ڪوفيءَ سن 613 هه برابر 1216ع ۾ مڪمل ڪيو ۽
ان کي قباچه جي وزير جي پٽ عين الملڪ فخرالدين
حسين جي نالي منسوب ڪيائين. گمان آهي ته اصل ڪتاب
جو نالو ”فتح نامه سنڌ“ هو، فارسيءَ ۾ الٿو ٿيو ته
”چچ نامه“ سڏجڻ ۾ آيو. ان جو وڏو سبب هي آهي ته
ڪتاب ۾ راجه چچ جو ذڪر گهڻو ملي ٿو. سنڌ جي تاريخ
بابت هي پهريون تحريري دستاويز آهي. نه رڳو ايترو
پر سڄي برصغير پاڪ و هند ۾ تاريخ بابت هيءُ پهريون
تحريري ماخذ ڏسجي ٿو. ان بعد ئي هن خطي ۾ تاريخي
ڪتاب لکجڻ شروع ٿيا. ڪتاب ۾ اسلام کان اڳ جي سنڌ
جي ٻن حڪمران خاندانن: راءِ گهراڻو ۽ برهمڻ خاندان
جو مفصل احوال ملي ٿو. ان کان علاوه عرب فتوحات جو
تفصيلي مواد به هن ڪتاب ذريعي حاصل ٿئي ٿو. هن
ڪتاب جي لکجڻ سان سنڌ جي تاريخ نويسيءَ جو آغاز
ٿيو ۽ پوءِ هر دور جي مؤرخ ”چچ نامه“ کي ڏسڻ ضروري
سمجهيو. هيءُ سلسلو مير محمد معصوم بکريءَ کان هلي
خدا داد خان تائين پهتو.
جديد دور شروع ٿيندي ئي ”چچ نامه“ جي اهميت اجاگر
ٿيڻ لڳي. ايليٽ 1851ع ۾ هند بابت تاريخ جو خاڪو
اٺن جلدن ۾ جوڙيو. جلد اول ۾ هن ڪتاب تي روشني
وڌائين ۽ ڪي اقتباس انگريزيءَ ۾ ترجمو به ڪيائين.
شمس العلماء مرزا قليچ بيگ مرحوم
”چچ نامه“ کي مڪمل طور تي انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو،
جو 1900ع ۾ ڪمشنر پريس ڪراچيءَ شايع ڪيو. اڳتي هلي
مرزا صاحب ان کي ٻن حصن ۾ سنڌيءَ ۾ به پڌرو ڪيو.
ان هوندي به علي ڪوفيءَ جي اصل فارسي ترجمي جي
اشاعت شدت سان محسوس ڪئي وئي. ان ضرورت تحت ڊاڪٽر
عمر بن محمد دائود پوٽي صاحب ”چچ نامه“ جو فارسي
ايڊيشن تيار ڪيو، جنهن کي حيدرآباد دکن جي مجلس
مخطوطات فارسيہ سن 1939ع ۾ شايع ڪيو. ڊاڪٽر صاحب
مرحوم مقدمي نگاريءَ کان ڪري تعليقات تائين سڄو ڪم
فارسي زبان ۾ مڪمل ڪيو هو. سنڌي ادبي بورڊ هن
ايڊيشن جي مدد سان ”چچ نامه“ جا سنڌي ۽ اردو ترجما
پڌرا ڪيا هئا. ان هوندي به علمي دنيا کي هن ڪتاب
جي وڌيڪ مستند ۽ معتبر فارسي ايڊيشن جي ضرورت
محسوس ٿي.
حڪومت پاڪستان پندرهين صدي هجريءَ جي آغاز وقت،
نيشنل هجره ڪميٽيءَ جي تشڪيل ڪئي، جنهن جو صلاحڪار
سنڌ جو هاڪارو عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هو. هن
ڪميٽيءَ موقعي جي مناسبت سان علمي ڪم ڪرڻ جي رٿا
جوڙي. اهڙين رٿائن مان هڪ پراجيڪٽ تحت پاڪ- هند
جي اسلامي تاريخ پنجويهن جلدن ۾ پيش ڪرڻ جو
پروگرام ٺاهيو ويو. هن اسڪيم موجب پهريون جلد ”سنڌ
۾ مسلمانن جي آمد“ عنوان سان شايع ٿيڻو هو. هيءُ
جلد وري به ٽن حصن ۾ ورهايو ويو. حصو پهريون ”چچ
نامو“ جو فارسي ايڊيشن، حصو ٻيون ان جو انگريزي
ڇاپو، ۽ حصو ٽيون ساڳئي ڪتاب جو عربي ڇاپو. ان ريت
”فتح نامه سنڌ“ عرف ”چچ نامه“ جو جديد فارسي
ايڊيشن تيار ٿيو، جنهن کي اسلام آباد جي تاريخ ۽
تمدن بابت قومي اداري 1982ع ۾ ڇاپي نروار ڪيو آهي.
سنڌ جي تاريخ جي هن پهرئين قديم ترين ماخذ ۽ هن
خطي ۾ تحرير ٿيل اوائلي فارسي ڪتاب جو هيءُ جديد
تحقيقي ۽ تنقيدي ايڊيشن، اسان جي دور جي بين
الاقوامي شهرت يافته عالم ۽ محقق ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ جو تيار ڪيل آهي. ڊاڪٽر صاحب هن ڪتاب جي
سنڌي ادبي بورڊ لاءِ ڪيل سنڌي ۽ اردو ترجمن تي
نظرثاني ڪئي هئي ۽ وضاحتي علمي ۽ تاريخي حاشيا
تحرير ڪيا هئا. ان وقت ئي کين ”چچ نامه“ جي جديد ۽
مڪمل فارسي ڇاپي جي ضرورت محسوس ٿي هئي. ان ريت ڪي
سبب هئا جن سبب ڊاڪٽر صاحب هن ڪم تي توجهه ڏنو.
سندن خيال آهي ته ڊاڪٽر دائود پوٽي مرحوم هيءُ
علمي ڪم نهايت عجلت ۾ پورو ڪيو هو، ان ڪري ڪتاب جو
مذڪوره ايڊيشن تڪميل کي نه پهتو هو. ان ڏس ۾ پنجاب
يونيورسٽيءَ ۾ سن 1061هه جو ڪاپي ڪيل ”چچ نامه“ به
جديد ايڊيشن لاءِ هڪ جواز پيدا ڪندو رهيو. قلمي
نسخن ۾ هن ڪتاب جو هيءُ قديم ترين نسخو آهي جو
دنيا ۾ موجود آهي. ڊاڪٽر دائود پوٽي به هن نسخي کي
ڪتب آندو پر ان کي ايتري اهميت نه ڏني. لهٰذا
ڊاڪٽر بلوچ صاحب هن قديم ترين نسخي کي اساس بنائي
۽ وڌيڪ ٻن نسخن کي به استعمال ڪري ”چچ نامه“ جو
نئون ڇاپو تيار ڪيو. اهي ٻه نسخا ڊاڪٽر دائود پوٽي
جي نظر ۾ نه آيا هئا. ان کان علاوه ڪتاب جي درست ۽
مڪمل متن تيار ڪرڻ لاءِ وڏي تعداد ۾ عربي ادبي ۽
تاريخي ماخذن کي به ڪتب آندو ويو آهي؛ ته جيئن نقل
ڪندڙن جي غلطين ۽ جملي ٿيل ڪوتاهين جوازالو ڪري
سگهجي. فاضل مرتب جي دعويٰ آهي ته هن ڏس ۾ کين
گهڻي ڪاميابي حاصل ٿي آهي(2). جملي قلمي نسخن جا
اختلاف آخر ۾ ڏنا ويا آهن، جنهن ڪري ڪتاب جو صاف
سٿرو متن تيار ٿي پيو آهي. موجوده ڇاپي جي خاص
خوبي هيءَ آهي ته انگريزيءَ ۾ 18 صفحن جي مقدمي
سميت 158 صفحن تي مشتمل تاريخي ۽ وضاحتي حاشيا ڏنا
ويا آهن. ان کان سواءِ مختصر مقدمو فارسي زبان ۾
به لکيو ويو آهي. ان طرح ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي ڪيل
جاکوڙ ۽ محنت، علمي دنيا ۾ روز روشن وانگر عيان ٿي
بيٺي آهي. ڪتاب جو انتساب ڊاڪٽر دائود پوٽي ۽
پروفيسر عبدالعزيز ميمڻ جي نالي ڪيو ويو آهي.
فاضل مرتب ڪتاب جي تفصيلي ۽ تنقيدي اڀياس کان پوءِ
ڪي نتيجا ڪڍيا آهن.
(i)
سنڌ جي عرب فتوحات جو ”چچ نامه“ مفصل تحريري رڪارڊ
آهي جو ڪنهن به ٻئي ڪتاب ۾ نه ٿو ملي. ان ريت هي
ڪتاب انڊو مسلم اتهاس جو پهريون مستند دستاويز ٿي
پيو آهي.
(ii)
سنڌ جي فتح لاءِ ڪافي اڳ تياري ڪئي وئي هئي ۽ جنگي
حڪمت عمليءَ جي
(Strategy)
خيال کان به خاص رٿا تيار ڪئي وئي هئي. فوج کي جو
ڪجهه به گهربل هو سو ڏنو ويو ۽ خاص طرح بحري قوت
کي به استعمال ڪيو ويو هو. نهايت معتبر ملٽري
آفيسر سنڌ جي مُهم لاءِ چونڊيا ويا، جي هڪ کان
سواءِ سڀ پنهنجي ڪمانڊر انچيف سان فادار رهيا.
(iii)
جنگ جي لاءِ سنڌ ۽ عراق جي وچ ۾ مواصلات جو بهترين
نظام قائم ڪيو ويو ۽ واسط ۾ حجاج جي دفتر کي، فوج
جي جنرل هيڊ ڪئارٽر طور استعمال ڪيو ويو.
(iv)
ان وقت اڪثر سنڌي قبيلا ٻڌ ڌرم سان لاڳاپيل هئا ۽
انهن برهمڻن جي راڄ سان سخت نفرت ڪئي ٿي، جن
آخرڪار عرب فتوحات ۾ حملي آورن جي مدد ڪئي.
(v)
اسلام کان اڳ سنڌ جي پاڙيسري رياستن: ڪشمير،
جيسلمير، قنوج، کنڀات ۽ گجرات جي حالتن کان علاوه،
انهن سان سنڌ جي لاڳاپن جي خبر به هن ڪتاب مان ملي
ٿي.
جيتوڻيڪ ”چچ نامه“ جي تاريخي ماخذ جي حيثيت ۾
اهميت به بحث هيٺ ايندي رهي آهي(3). ان هوندي به
هن ڪتاب جي سنڌ جي اڀياس ۾ هڪ دائمي حيثيت آهي،
جنهن کان ڪو به انڪار نه ٿو ڪري سگهي. ڊاڪٽر بلوچ
صاحب جي هن ڇاپي جي به علمي دنيا ۾ مستقل حيثيت
رهندي. ضرورت آهي ته هن ايڊيشن جي صرف متن جو صاف
سٿرو ترجمو ڪرائي شايع ڪجي.
(2) حاصل النهج:
علي ڪوفي ۽ محمد عوفي توڙي قلندر لعل شهباز جي
(وفات: 673هه) کان پوءِ، ٻن صدين تائين سنڌ ۾
فارسي علم و ادب جي اوسر جا ڪي به اهڃاڻ نه ٿا
ملن. حالانڪ سومرن جي زوال کان پوءِ 750هه/1351ع ۾
سمن ڄامن جي حڪومت قائم ٿي. ان دور ۾ حالتون
سازگار رهيون. امن امان قائم ٿيو. وڻج واپار ۽
زراعت توڙي پوکي راهي وڌي. سمن حاڪمن اڪثر ڪري
تعليم ۽ عالمن جي سرپرستي ڪئي. خانقاهن ۽ صوفين کي
ويجهو رکيو. آس پاس جي رياستن سان سٺا لاڳاپا قائم
ڪيا. مرڪزي ايشيا ۽ ايران سان به ويجهو تعلق جڙيو.
واپاري قافلا به آيا ٿي ته ايراني ادبيات،عالم ۽
اديب به سنڌ پهتا ٿي. ان دور تائين ايراني ادبيات
جا نامور شاعر: فردوسي، خيام، عطار، رومي ۽ سعدي
دنيا ۾ آيا ۽ پنهنجا ادبي شهپارا ڇڏي عدم ڏي راهي
ٿيا. هي لکتون ۽ تخليقون سنڌ پهتيون هيون ۽ سنڌي
عالم، ڏاها ۽ دانشمند انهن کان واقف هئا.
سنڌ ۾ فارسي ڪتاب ۽ تخليقون، خانقاهن ۽ مدرسن
تائين پهچي چڪيون هيون. ليڪن ان هوندي به سمن جي
دور جي صرف ٻن تاليفن جو پاڻ کي پتو پيو آهي ۽ اهي
به عربي ٻوليءَ ۾ آهن.هڪ آهي ”الزبدة“ ۽ ٻي آهي
”تذڪرة المراد“. ڏهين صدي هجريءَ جي آغاز تائين
خود سنڌي ماڻهن به فارسي شعر ۽ سخن ۾ مشق شروع
ڪئي. ٻه چار نالا- شيخ حماد جمالي، ڄام نندو،
مخدوم بلال ۽ عيسيٰ لنگوٽي- هي اهڙا نالا آهن، جن
جا ٻه چار شعر تذڪرن ۾ محفوظ رهجي ويا آهن.
927هه برابر 1520ع ۾ سمن جي پڄاڻي ٿي ۽ سنڌ ۾
ارغونن جي حاڪميت قائم ٿي. ان بعد ترخان ۽ پوءِ
هندي مغل بالادست ٿيا. سنڌ تي هي دور 1150هه برابر
1736ع تائين جاري رهيو. تان جو ميان نور محمد
ڪلهوڙي وري ڏيهي حاڪميت قائم ڪئي. ارغونن جي اچڻ
سان فارسي ٻوليءَ کي سنڌ ۾ سرڪاري سرپرستي حاصل
ٿي(4). ايران، خراسان ۽ مرڪزي ايشيا کان سوين
عالم، شاعر ۽ اديب سنڌ پهتا. انهن ديوان جوڙيا،
تذڪرا تيار ڪيا ۽ تاريخون لکيون. هن دور کان سنڌ ۾
فارسي تصنيف ۽ تاليف جو سلسلو موجود آهي. ڌارين
لکندڙن کان علاوه ڏيهي ماڻهن جي فارسي تحرير ۽
ڪتاب به ملن ٿا. سنڌ اندر ڏهين صدي هجريءَ (عيسوي
سورهين صدي) ۾، فارسي شعر سان گڏ نثر به تحرير ۾
آيو. سنڌي ادبي بورڊ مخدوم نوح جو ”قرآن مجيد
مترجم فارسي“، سن 1401هه/1981ع ۾ شايع ڪيو آهي.
فخري هرويءَ جا ٻه تذڪرا: ”روضة السلاطين“ ۽
”جواهر العجائب“ سال 1968ع ۾ ساڳئي اداري ڇپيا
آهن. سيد مير محمد پوراني 968هه/ 1560ع ۾، سنڌ جي
تاريخ تي ”نصرت نامہ ترخان“ ڪتاب لکيو، جو 2000ع ۾
ڪراچيءَ مان ڇپيو آهي. هي ڪتاب ”چچ نامہ“ ۽ ”تاريخ
معصومي“ جي وچين ڪڙي ليکيو وڃي ٿو. ٺٽي جي قاضي
محمود سن 980هه/ 1572ع ۾، سنڌ جي صوفين بابت هڪ
ڪتاب ”تذڪرة الاولياء“ لکيو هو، جو اڄ ڏينهن تائين
ظاهر نه ٿيو آهي. سيد علي ثانيءَ (وفات: 981هه)
فارسي نثر ۾ ”سسئي پنهون“ جو قصو قلمبند ڪيو. ياد
رهي ته سيد علي مرحوم هيءَ تاليف، هڪ سنڌي تصنيف
جي مدد سان تيار ڪئي هئي. مخدوم جعفر متعدد ڪتاب
لکيا جن جو واسطو علم ۽ تعليم سان آهي. تعليم جي
طريقي تي هڪ ضخيم عربي ڪتاب تيار ڪيائين ۽ بعد ۾
ان جو فارسيءَ ۾ خلاصو ”حاصل النهج“ جي نالي سان
مرتب ڪيائين.
حاصل النهج- ڪتاب صفر 976هه برابر آگسٽ 1568ع ۾
لکجي تيار ٿيو. ان دور ۾ بکر تي سلطان محمود
(وفات: 982هه) جي حڪومت هئي ۽ سيوهڻ کان عربي
سمنڊ تائين مرزا محمد باقي حڪمران هو (وفات:
993هه). مخدوم جعفر ابتدا ۾ ”نهجُ التَّعلَم“
ڪتاب عربيءَ ۾ لکيو هو جو ننڍي کنڊ ۾ تعليم جي
طريقن
Methods of Education))
تي اوّلين ڪتاب ليکجي ٿو. فارسي ڪتاب ”حاصل النهج“
ان جو نچوڙ آهي.
سنڌ جي برک عالم ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ هن فارسي ڪتاب
کي ڳولي هٿ ڪيو. ڊاڪٽر صاحب خود به تعليم جي شعبي
سان لاڳاپيل ۽ پنهنجي دور جو هڪ وڏو استاد رهيو
آهي. پاڻ هن ڪتاب جي اهميت کي محسوس ڪري ايڊٽ
ڪيائين ۽ ان تي مفصل مقدمو انگريزي زبان ۾
لکيائين. مقدمي ۾ مخدوم جعفر جي سوانح تي روشني
وجهڻ سان گڏ ڪتاب ”حاصل النهج“ جو خلاصو به تيار
ڪيائين. فارسي زبان ۾ لکيل هي ڪتاب آسان ٻولي ۽
روان عبارت تي مشتمل آهي، جنهن ۾ ڪل اوڻيهه فصل يا
حصا آهن. هي يادگار تصنيف سال 1969ع ۾ سنڌ
يونيورسٽيءَ طرفان شايع ٿي، جتي ڊاڪٽر صاحب ان وقت
شعبهء تعليم جو سربراهه هو. مخدوم جعفر جي ”حاصل
النهج“ جي حاصلات ۽ اشاعت، محترم ڊاڪٽر بلوچ صاحب
جو هڪ زندهه جاويد ادبي يادگار شمار ڪيو ويندو.
هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو همعصر اديب مولانا
عبدالرسول قادري صاحب ڪيو، جو سنڌي ٻوليءَ جي
بااختيار اداري پاران سال 1993ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو
آهي. سوا چار سؤ سال اڳ لکيل هن ڪتاب ۾ عجيب ۽
دانائيءَ سان ڀريل نُڪتا سمايل آهن. بلاشبه اڄ به
جي اسين هن ڪتاب مان ڪو لاڀ پرايون، ته پنهنجي
بگڙيل تعليمي نظام کي درست ڪري سگهون ٿا. مخدوم
جعفر جهڙيءَ ريت آسان ٻولي ڪتب آندي آهي، ٺيڪ ان
ريت سنڌي ترجمو به عام فهم ڏسجي ٿو. سنڌي ترجمي تي
نئين مليل معلومات موجب، ڊاڪٽر صاحب پيش لفظ ۾
روشني وڌي آهي. مترجم عبدالرسول صاحب پڻ، معلوماتي
مهاڳ لکيو آهي. البته ڪٿي ڪٿي قادري صاحب متن ۾
بنا ڪنهن نشاندهيءَ جي ڪي واڌارا به ڪيا آهن. مثال
طور تي فصل ارڙهين، ص 69 تي ڏنل آخري پيرا اصل
فارسي ڪتاب ۾ ڪانهي. واڌارا ڪرڻ ڪو ڏوهه ڪونهي، پر
ڪوشش ڪجي ته اصل متن ۽ اضافن ۾ فرق چٽو ٿي بيهي.
(3) بيگلارنامه:
سنڌ ۾ باقاعده فارسي ڪتب نويسي ڏهين صدي هجريءَ ۾
شروع ٿي. ورندڙ صديءَ ۾ هن ڏس ۾ وڌيڪ پيش رفت ٿي.
نه رڳو ايترو پر موضوع ۽ عنوانن ۾ به وسعت پيدا
ٿي. نثر توڙي نظم ۾ سنڌ جو اڀياس اهم جاءِ
والاريندو ويو. سنڌ جا لوڪ رومانوي داستان نثر ۽
نظم ۾ لکجڻ لڳا. ادراڪي بيگلاريءَ
”مثنوي چنيسر نامه“ (ليلا چنيسر)، مقيم ”مثنوي
ترنم عشق“ (مومل مينڌرو)، مير معصوم ”مثنوي حسن
وناز“ (سسئي پنهون)، ۽ ملاضيائي ٺٽوي ”مثنوي زيبا
نگار“ (سسئي پنهون)- نالن سان مثنويون لکيون. جڏهن
ته مير طاهر محمد ”عمر ماروي“ جو داستان نثر ۾
لکيو. ملاضيائيءَ جو مدار گذريل صديءَ ۾ سيّد علي
ثانيءَ جي نثري تحرير تي مبني هو. هن دور ۾ سنڌ جي
صوفين تي سيّد عبدالقادر ٺٽوي ”حديقة الاولياء“
(1016هه) نالي هڪ تذڪرو لکيو جو ڇپجي چڪو آهي. ان
طرح سنڌ جي سياسي تاريخ تي ”تاريخ معصومي“
(1009هه) لکي وئي. مير معصوم جي هن ڪتاب کي ڊاڪٽر
دائود پوٽي ايڊٽ ڪري 1938ع ۾ بمبئي مان شايع
ڪرايو.
مير محمد معصوم بکريءَ کان پوءِ ”بيگلارنامه“
نالي سان سنڌ جي تاريخ تي هڪ وڌيڪ ڪتاب، ادراڪي
بيگلاريءَ سن 1017هه/1608ع ۾ لکيو. هن ڪتاب ۾ پوءِ
سن 1034هه تائين واڌارا ٿيندا رهيا. لوڪ داستان
”ليلا چنيسر“ بابت ساڳئي مصنف، سن 1010هه ۾ هڪ
مثنوي لکي جا سنڌي ادبي بورڊ ڇپي آهي. سمن جي زوال
کان پوءِ جڏهن سنڌ وچ ايشيا جي قبيلن جي تسلط هيٺ
اچي وئي، تڏهن جوق درجوق اتان کان مختلف قبيلا لڏي
سنڌ پهتا ۽ هت عُهدا ۽ جاگيرون حاصل ڪري رتبا
ماڻيائون. انهن ۾ ارغونن جو بيگلار خاندان وڏي
اهميت رکي ٿو. کين نصرپور جي جاگير ۽ سرڪار حاصل
ٿي. ادراڪي بيگلاري هن خاندان جو مصنف ۽ شاعر هو.
پاڻ هي ڪتاب لکي پنهنجي ممدوح خاندان جي تاريخ
ترتيب ڏئي محفوظ ڪيائين. ابتدا ۾ هن ڪتاب جي ليکڪ
جي باري ۾ متضاد ڄاڻ موجود هئي. ليڪن جديد تحقيق
ان بابت درست معلومات مهيا ڪئي آهي (5).
بيگلارن جي هن خاندان جا ٽي فرد تاريخ ۾ اهم جاءِ
والارين ٿا. شاهه قاسم خان زمان جنهن جي حالات
بابت ”بيگلار نامه“ نالي ڪتاب لکيو ويو. سندس پٽ
مير ابوالقاسم سلطان، جنهن جي فرمائش تي ”مثنوي
چنيسر نامه“ لکي وئي. خان زمان جو ٻيون پٽ مير
شاهه مقيم سلطان، جنهن جي روايتن ۽ تحريڪ تي
”بيگلار نامه“ نالي ڪتاب وجود ۾ آيو. هن خاندان جي
ناليرن فردن جون قبرون اڄ به تورڪي نالي قبرستان ۾
موجود آهن. جيتوڻيڪ هي ڪتاب هڪ خاندان جي حالات
بابت لکيو ويو، ليڪن اڄ ان کي سنڌ جي تاريخ جي هڪ
اهم ماخذ جي حيثيت حاصل ٿي چڪي آهي. بيگلارن خود
به تاريخ جي صفحن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. خان
زمان کي ارغون- ترخان دور ۾ نهايت اهم ذميداريون
مليل هيون. سندس وڏي پٽ جا اڳتي هلي سنڌ جي ترخان
حاڪمن سان اختلاف پيدا ٿيا. ان طرح ميرابوالقاسم
سلطان کي، ميرزا غازي بيگ ترخان انڌو ڪرايو. مير
جي بهادري، همٿ ۽ ادب دوستي تاريخ ۾ مکيه جاءِ
والاري ٿي. هن خاندان عمر ڪوٽ جي راڻن ۽ ڀٽين سان
مٽيون مائٽيون ڪيون. ان ڪري کين ٿر تائين رسائي
حاصل ٿي. اهو ئي سبب آهي جو ”بيگلارنامه“
کي عمرڪوٽ ۽ ٿر جي تاريخ ۾ به اهميت مليل ڏسجي ٿي.
مختلف ڏيهي قبيلن جون حاڪمن سان ارڏايون، مجادلا ۽
مقابلا- هن ڪتاب ذريعي سڀ کان اول معلوم ٿيا. ان
بابت اڳتي هلي ”تاريخ مظهر شاهه جهاني“ ۾ وڌيڪ
معلومات درج ڪئي وئي. سنڌ جي سومرن ۽ سمن بابت
ابتدا ۾ مختصر ڄاڻ ڏني وئي آهي، مگر اها نهايت
قيمتي ۽ معلومات ڀري آهي. ڪتاب جا ڪل ٻٽيهه باب
آهن.
هن ڪتاب تي البته هيءَ تنقيد ڪئي وئي آهي ته، جنهن
خاندان جي اتهاس بابت هيءُ ڪتاب لکيو ويو، خود ان
گهراڻي جي باري ۾ به اهو درست ۽ مڪمل معلومات مهيا
نه ٿو ڪري. ان سڄي ماجرا ۾ به سنڌ جي سياسي تاريخ
۾، هن ڪتاب جي وڏي اهميت آهي. ايليٽ گذريل صديءَ ۾
”بيگلار نامه“ جا ڪي ٽڪرا انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيا ۽
ڪتاب بابت پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو. محمد صديق
ميمڻ ان جو سنڌي ترجمو، اختصار سان ڪري، ان کي
سنڌي مسلم ادبي سوسائٽي پاران 1947ع ۾ شايع ڪيو.
ڪتاب جي قدامت ۽ تاريخي اهميت سبب، اڳتي هلي سنڌي
ادبي بورڊ، فارسي ڪتابن جي اشاعت واري پروگرام
تحت، ان جي ڇپرائڻ جو بندوبست ڪيو ۽ ان جي ايڊيٽنگ
جو ڪم سنڌ جي ممتاز اسڪالر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
جي حوالي ڪيو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب هيءُ ڪتاب وڏي محنت
سان ايڊٽ ڪيو ۽ ان تي ڪنهن مفصل مقدمي بجاءِ،
مختصر نوٽ انگريزي زبان ۾ لکي ڇپرايو. سنڌي ادبي
بورڊ هيءُ ڪتاب سال 1980ع ۾ پڌرو ڪري نروار ڪيو
آهي. ناشر طرفان ڪجهه تاريخي مقبرن ۽ قبرن جا فوٽو
گراف به ڪتاب ۾ شامل ڪيا ويا آهن. ضرورت آهي ته
جلد کان جلد هن اهم تاريخي ڪتاب جو سنڌي ترجمو
ڪرائي ڇپرايو وڃي (6).
(4) تاريخ طاهري:
سنڌ جي تاريخ بابت ورندڙ ڪتاب ٺٽي جي سيّد طاهر
محمد نسيانيءَ سن 1030هه برابر 1621ع ۾ لکيو ۽
اڳتي هلي اهو ڪتاب خود مصنف جي نالي جي پٺيان
”تاريخ طاهري“ سڏيو ويو. مؤرخ اصل ۾ هيءُ ڪتاب ٺٽي
شهر جي تاريخ يعني”تاريخ بلده تهتہ“ نالي سان لکيو
هو. سيد طاهر محمد سن 990هه ۾ ٺٽي ۾ ڄائو ۽ سن
1051هه ۾ وفات ڪيائين. سندس مزار اڄ به مڪلي
ٽڪريءَ تي موجود آهي. سندس تعلق ٺٽي جي باغائي
ساداتن سان هو ۽ مٽين مائٽين جي حوالي سان، درٻيلي
جي سهتن ڄامن سان به لاڳاپيل رهيا. سيد طاهر محمد
۽ هن جو والد ميان حسن، سنڌ جي ارغون- ترخان حاڪمن
جي درٻار سان وابستہ هئا. هن ڪتاب کان علاوه مصنف
”عمرماروي“ جو داستان به نثر ۾ لکيو هو.
تاريخ طاهري، سنڌ جي اتهاس ۾ وڏي اهميت رکي ٿي.
اصل ۾ مؤرخ هي ڪتاب ڏهن ڀاڱن ۾ رٿيو پر ان جا صرف
پنج ڀاڳا مڪمل ٿي سگهيا. سومرا، سما ڄام، مرزا
شاهه حسن ارغون، مرزا عيسيٰ ترخان ۽ ميرزا غازي
بيگ ترخان- عنوانن سان هن ڪتاب جا پنج حصا آهن. ان
ريت هيءُ ڪتاب سنڌ جي مقامي حاڪمن جي اتهاس جي
حوالي سان وڏي اهميت رکي ٿو. سيّد طاهر محمد ڪن
مقامي قصن کي به پنهنجي ڪتاب ۾ جاءِ ڏني آهي. ٺٽي
ننگر جي تاريخ بابت هيءُ ڪتاب سڀ کان اول ”ترخان
نامه“ جي لکندڙ حوالي طور ڪتب آندو آهي. ان بعد
مير علي شير قانع ان کان مدد ورتي هئي. اڳتي هلي
برطانوي دور جي شروع ۾ ايليٽ ان جا ڪي ٽڪرا ترجمو
ڪيا. سال 1928ع ۾ محمد صديق ميمڻ سنڌيءَ ۾ ”انتخاب
تاريخ طاهري“ نالي هن ڪتاب جو نهايت ئي اختصار ۽
ترجمو شايع ڪيو. هن سڄي ماجرا هوندي به اصل فارسي
ڪتاب اڃا نه ڇپيو هو.
سنڌي ادبي بورڊ جڏهن سنڌ بابت فارسي ڪتابن جي
اشاعت جو پروگرام جوڙيو، تڏهن ان رٿا ۾ هن ڪتاب کي
به شامل ڪيو ويو. هي علمي ۽ تاريخي ڪم ڊاڪٽر نبي
بخش خان بلوچ جي حوالي ڪيو ويو. ڊاڪٽر صاحب وڏي
محنت سان ڪم جو پورائو ڪيو. فاضل ايڊيٽر ڪن ضروري
تاريخي وضاحتن لاءِ فارسي زبان ۾ حاشيا ۽ تعليقات
لکيا آهن، جن جي وڏي اهميت ڏسجي ٿي. ان طرح مصنف
جي ڪيل غلطين جوازالو ڪيو ويو آهي. آخر ۾ مصنف ۽
ان جي ڪتاب بابت مفصل مقدمو انگريزي زبان ۾ لکيو
ويو آهي، جنهن ۾ ”تاريخ طاهري“ تي تنقيدي نگاهه
وڌل آهي. هيءُ ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ 1964ع ۾ شايع
ڪري پڌرو ڪيو. اڳتي هلي ڪتاب جي اهميت جي پيش نظر،
هن اداري ان جو سنڌي ترجمو سال 1988ع ۾ پڌرو ڪيو.
هيءُ ترجمو محترم نياز همايونيءَ ڪيو آهي. مترجم
پڻ آخر ۾ پنهنجي طرفان ڪي واڌارا ڪيا. علمي اعتبار
سان هيءُ ترجمو ڀروسي جوڳو ڪونهي، ڇو ته مترجم ڪٿي
ڪٿي اصل متن سان به هٿچراند ڪئي آهي. ان هوندي به
هن تاريخي ڪتاب جي اصل ۽ ترجمي جي اشاعت وڏي اهميت
رکي ٿي ۽ ان جو سڄو ڪريڊٽ سنڌ جي هن لائق فائق
عالم ڏي وڃي ٿو.
(5) باقيات از احوال کلهوره:
ذڪر هيٺ ايندڙ ڪتاب باقاعده تصنيف ڪانهي. ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ صاحب، ورهين جي تلاش ذريعي، سنڌ
جي ڪلهوڙا حاڪمن جي متعلق، متفرقه مواد کي هٿ ڪري،
هڪ ڪتاب کي ترتيب ڏنو. ان ريت ”باقيات از احوال
کلهوره“ نالي ڪتاب ۾، نهايت قيمتي تاريخي مواد
سامهون آيو، جنهن متعلق اڳ ۾ اسان جي ڄاڻ محدود
هئي. هن ڪتاب ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙي جي هڪ وڌيڪ
تاليف؛ ميان غلام شاهه جي دور ۾ جدا جدا پرڳڻن جو
وچور ۽ پيدائش؛ ۽ ڪلهوڙا حاڪمن جي اولاد مان ميان
مير محمد ڪلهوڙي جي، ڪمپني سرڪار کي حڪومت جي
واپسيءَ لاءِ ڏنل درخواست، ۽ ڪي ٻيا عنوان شامل
ٿيا آهن. ان ڪري هن جلد ۾ شامل مواد، هر لحاظ کان
نئون آهي ۽ پهريون ڀيرو ڇپجي نروار ٿيو آهي.
ڪلهوڙن جي دور سان دلچسپي رکندڙن جي لاءِ هيءُ
ڪتاب تمام گهڻي اهميت رکي ٿو. هن ڪتاب جي ترتيب
بلاشبہ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي اهم ڪاميابي آهي، جنهن
کي وڌ ۾ وڌ ساراهڻ گهرجي. هيءُ ڪتاب سال 1996ع ۾
ڇپيو.
(6) جامع الڪلام في منافع الانام:
ڪلهوڙا- ٽالپر دور ۾، مخدوم عبدالله نرئي وارو
مشهور عالم ٿي گذريو آهي. سندس تعليم ۽ ترتيب ٺٽي
۾ ٿي. بعد ۾ پاڻ ڪڇ ملڪ ڏي هليو ويو. سندن مزار به
ڪڇ ۾ آهي. مخدوم عبدالله اڪثر ڪتاب سنڌي زبان ۾
لکيا. سندس سهيڙيل ڪتاب
”جامع الڪلام في منافع الانام“ نالي سان، ڊاڪٽر
نبي بخش بلوچ جي سعيي سان ڇپيو آهي. هن ڪتاب ۾
سنڌي عالمن جا هڪ ٻئي ڏي لکيل خط گڏ ڪيا ويا آهن.
ڪتاب ۾ 69 خط فارسي ۽ 36 خط عربي ٻولين ۾ آهن. خطن
ذريعي ان دور جي سنڌ جي علمي حالتن جي پروڙ پوي
ٿي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب هن اهم علمي ڪتاب کي مرتب
ڪيو. سنڌ جي فارسي ادب ۾ هن ڪتاب جي وڏي اهميت
ڏسجي ٿي. سنڌي ادبي بورڊ 2006ع ۾ هن ڪتاب جا ٻه
ايڊيشن نروار ڪيا. هڪ ڇاپو سنڌي مقدمي سان، ۽ ٻيون
ايڊيشن اردو مقدمي ۽ مهاڳ سان.
(7) تاريخ بلوچي:
سنڌ جي تاريخ بابت مير علي شير قانع ”تحفة الڪرام“
سن 1188هه/ 1774ع ۾ مڪمل ڪيو. ان کان پوءِ جي
تاريخ کي مير عظيم الدين ٺٽوي ”فتح نامہ“ نالي
مثنويءَ ۾ لکي محفوظ ڪيو. هيءَ مثنوي سال 1219هه/
1803ع ۾ تڪميل کي پهتي. تاريخي طور عظيم جي ڪتاب
جي وڏي پذيرائي ٿي. سنڌي ادبي بورڊ هيءُ اتهاسڪ
مثنوي، سال 1967ع ۾ شايع ڪئي، جنهن کي شير محمد
نظاماڻي صاحب ايڊٽ ڪيو هو.
جنهن سال عظيم جو ڪتاب مڪمل ٿيو، ان سال ۾ سنڌ تي
هڪ ٻيو ڪتاب پڻ تيار ٿيو. هيءُ ڪتاب عبدالمجيد
جوکيي لکيو، جيڪو لکجڻ واري وقت کان ناپيد هو.
قيام پاڪستان وقت ان جي واحد ڪاپي، ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ کي هٿ آئي، تڏهن وڃي هن ڪتاب جي باري ۾
علمي دنيا کي معلومات ملي. مولانا غلام رسول مهر
”تاريخ ڪلهوڙا“ تي ڪم ڪندي، هن ڪتاب کي ڪتب آندو
هو.
عبدالمجيد جوکيي جي هن ڪتاب ۾ مواد جي ڪيفيت، ساڳي
عظيم جي تاريخي مثنويءَ جهڙي آهي. غلام شاهه جي
وفات، سرفراز جو دور، ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جون لڙايون،
جنگ هالاڻي، ڪلهوڙا دور جو خاتمو، ميرن جي حڪومت،
مير فتح عليءَ جي وفات، ۽ مير غلام عليءَ جي
حڪومت؛ هن ڪتاب جا مکيه عنوان آهن. عنوانن جي
يڪسانيت جي باوجود به، هن ڪتاب ۾ مجيد جوکيي ڪافي
نيون ڳالهيون پڻ لکيون آهن. عظيم جو ڪتاب نظم ۾
لکيل آهي، جڏهن ته مجيد جوکيي پنهنجو ڪتاب نثر ۽
نظم ۾ مڪمل ڪيو آهي. تاريخي طور تي هن ڪتاب جي
ڪلهوڙن جي زوال ۽ ميرن جي حاڪميت جي آغاز جي حوالي
سان، بهرحال هڪ خاص اهميت آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ، اصل فارسي متن ترتيب ڏنو ۽ ڪتاب تي معلوماتي
مقدمو لکيو. هن ڪم ۾ ڊاڪٽر خضر نوشاهي صاحب، ڊاڪٽر
صاحب جي معاونت ڪئي. فارسي متن کان پوءِ، نوشاهي
صاحب جو ڪيل اردو ترجمو به، هن ڪتاب ۾ شامل ڪري،
ان کي سال 1996ع ۾ شايع ڪيو ويو. سنڌ جي تاريخ ۽
فارسي ادب جي حوالي سان، هن ڪتاب جي اشاعت ڊاڪٽر
بلوچ صاحب جي هڪ وڌيڪ پائدار خدمت آهي.
عبدالمجيد جوکئي ڪجهه تاريخي قطعا به چيا، جي مٿي
ذڪر ڪيل ”باقيات از احوال کلهوره“
جي آخر ۾ ڏنا ويا آهن. عبدالمجيد، ميين ابوالحسن
ڏاهريءَ جي وفات تي به تاريخي قطعو چيو هو. هيءُ
قطعو علامه غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب، ڏاهري بزرگ جي
ڪتاب ”کچکولنامہ“ جي مقدمي ۾ ڏنو آهي. بهتر ٿئي
ها، جيڪڏهن هيءُ قطعو به مذڪوره ڪتاب ۾، يا ”تاريخ
بلوچي“ ۾ ڪٿي شامل ڪري، هڪ جاءِ تي محفوظ ڪجي ها.
(8) ديوان غلام:
ڪلهوڙن جي حڪومت 1783ع ۾ ختم ٿي. ان بعد سنڌ تي
ٽالپرن جو راڄ قائم ٿيو. ٽالپرن نه رڳو فارسي علم
و ادب جي سرپرستي ڪئي پر حاڪمن ۽ شهزادن خود به
شعر چيو ۽ ڪتاب لکيا. ان طرح هن خاندان فارسي ٻولي
۽ ساهت جي به خوب آبياري ڪئي. سنڌ جي مقامي فارسي
گو شاعرن ۽ اديبن کان علاوه، ايران جي اديبن به
سندن سخاوت مان جهوليون ڀريون. هن دور ۾ جنهن
خاندان کي حاڪمن کان پوءِ حڪومت جي معاملن ۾ اهميت
رهي، اهي تاجپور جا لغاري نواب ڏسجن ٿا. نواب ولي
محمد خان لغاري وقت جو نهايت ئي با اثر فرد، وزير
اعظم ۽ ڪامياب ڊپلوميٽ ٿي گذريو. علم ۽ ادب جي
حوالي سان به نواب صاحب جو پنهنجو ڪردار آهي. سندس
ڀائٽيو نواب غلام محمد لغاري، ميرن جي پوئين دور
جو درٻاري ۽ اثر رسوخ وارو امير ٿي گذريو. هن
فارسي شعر چيو ۽ ”ديوان غلام“ جوڙي راس ڪيو. سنڌي
۽ سرائڪي ڪلام به چيائين.
غلام محمد خان تاريخ 11 شعبان 1204هه (اپريل
1789ع) تي پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو علي محمد
خان هو ۽ ڏاڏي جو نالو غلام محمد هو. هن غلام محمد
به شعرو شاعري ڪئي، ديوان جوڙيو ۽ تخلصّ ”نگار“
رکيائين. ذڪر هيٺ آيل ”ديوان غلام“
جي شاعر غلام محمد خان، بنيادي ۽ ضروري تعليم کان
پوءِ، حيدرآباد جي مير مراد علي خان (1828- 1833ع)
جي درٻار ۾ ملازمت اختيار ڪئي. ليڪن کيس گهڻي
اهميت مير صاحب جي وفات (1833ع) کان پوءِ حاصل ٿي،
جڏهن سندس ٻه پٽ: ميرنور محمد خان ۽ مير نصير خان
حڪمران بنيا. اهڙي خبر سندس جوڙيل قصيدن مان پوي
ٿي. ميرن جي صاحبي ختم ٿيڻ کان پوءِ نواب غلام
محمد خان وڃي تاجپور وسائي. سندس ديوان مان معلوم
ٿئي ٿو ته هن تاريخي تبديليءَ کان پوءِ، اسان جي
هن شاعر ڪو به شعر نه چيو(7). پاڻ 09 جمادي الثاني
1279هه/10- ڊسمبر 1862ع تي وفات ڪيائين ۽ پنهنجي
خانداني قبرستان لڳ تاجپور ۾ دفن ٿيو. ٻي روايت
موجب غلام محمد خان 2 ڊسمبر 1862ع تي اڀپور (تعلقو
سنجهورو) ۾ فوت ٿيو ۽ اتي ئي دفن ٿيو. پاڻ پنهنجي
مُهرن تي هي سجع استعمال ڪيا اٿس:
1- ”چہ خوش نصيب ماکه غلامِ محمد ام“
2- ”منتّ خداي راکه غلامِ محمد ام“
3- ”شادم بدين شرف که غلامِ محمد ام“
4- ”نازم بہ بخت خود که غلامِ محمد ام“
انهيءَ شاعر غلام محمد لغاريءَ فارسي شعر چيو ۽
پنهنجو ڪلام ترتيب ڏئي ”ديوان غلام“
جوڙيائين. هيءُ ديوان ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ايڊٽ
ڪيو، ۽ ان تي انگريزيءَ ۾ سهڻو مقدمو لکيو. سنڌي
ادبي بورڊ ”ديوان غلام“ سال 1959ع ۾ ڇاپي پڌرو ڪيو
آهي. شاعر پنهنجو تخلصّ ”غلام“
اختيار ڪيو. کيس پنهنجي شعر بابت ڪا وڏي خوشفهمي
نه هئي:
غلاما! نظم شعرت گرچہ خام! ست
ولي گردد پسند نکتہ چيني!!
ڊاڪٽر ظهورالدين احمد صاحب پنهنجي ڪتاب ۾، غلام
محمد خان لغاريءَ جي شعرن تي ڀرپور تنقيد ڪئي آهي
(8).
(9) لطائف لطيفي:
ميرن جي راڄ جو خاتمو سال 1843ع ۾ ٿيو. ان ريت سنڌ
۾ فارسي ٻولي ۽ ساهت جو سرڪاري طرح پورائو ٿي ويو.
ان هوندي به هي زبان پنهنجي تاريخي بنيادن ۽ قديم
علمي خانوادن جي سهاري، سنڌ ۾ هلندي آئي ۽ ان ۾
علم ۽ ادب پيدا ٿيندو رهيو. ان جو هڪ ڀرپور مثال
مير عبدالحسين خان ”سانگي“ ۽ سندس لکيل فارسي ڪتاب
”لطائف لطيفي“ جي روپ ۾ ملي ٿو. هيءُ ڪتاب شاهه
عبداللطيف ڀٽائيءَ جي باري ۾ سن 1305هه برابر
1888ع ۾ لکيو ويو.
سنڌ جو سداحيات شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي
1102هه برابر 1690ع ۾ ڄائو ۽ 14 صفر 1165هه تي
وفات ڪيائين. جديد تحقيق موجب اهو ڏينهن آچر جو هو
۽ انگريزي تاريخ 22 ڊسمبر 1751ع هئي. شاهه صاحب جو
پهريون سوانح نگار مير علي شير قانع آهي. ان بعد
رچرڊ برٽن، فريئر صاحب، ڊاڪٽر ٽرمپ، ۽ ڏيارام
گدومل- پنهنجن ڪتابن ۾ سنڌ جي هن قومي شاعر جي
سوانح تي مواد فراهم ڪيو آهي. ان کان پوءِ شاهه
صاحب جي باري ۾ مڪمل ڪتاب لکڻ جو زمانو آيو. شمس
العلماء مرزا قليچ بيگ پهريون اسڪالر آهي، جنهن هن
علمي ڪم ڏي توجهه ڏنو. ان طرح پاڻ 1887ع ۾ انگريزي
۽ سنڌي ٻولين ۾ شاهه لطيفؒ بابت ٻه ڪتاب لکي پورا
ڪيائين. هڪ سال پوءِ 1888ع ۾ ميرعبدالحسين خان،
سنڌ جي هن سدا حيات شاعر بابت پنهنجو فارسي ڪتاب
”لطائف لطيفي“ جوڙي راس ڪيو.
ميرعبدالحسين خان ”سانگي“ سنڌ جي آخري ٽالپر حاڪم
مير نصير خان جو پوٽو هو. 1843ع ۾ حڪومت جي خاتمي
کان پوءِ ميرن کي قيد ڪري ڪلڪتي ۾ رکيو ويو، جتي
عبدالحسين خان 1267هه برابر 1851ع ۾ پيدا ٿيو. اٺن
سالن جو هو ته سنڌ واپس موٽيو. سندس تعليم ۽ تربيت
ڪلڪتي ۾ به ٿي، ته حيدرآباد سنڌ ۾ به ٿي. کيس
اردو، سنڌي ۽ فارسي ٻولين تي مهارت حاصل هئي. مير
صاحب 8 ذي القعد 1343هه برابر 12 جون 1924ع تي
وفات ڪئي. کيس ڀٽ شاهه تي دفن ڪيو ويو. سندس مزار
اڄ به شاهه صاحب جي مقبري جي پٺيان درست حالت ۾
موجود آهي.
مير صاحب سنڌيءَ جو قادرالڪلام شاعر ٿي گذريو آهي.
سندس ڪليات ڇپيل آهي. ان کان علاوه اردو ۽ فارسيءَ
۾ به شعر چيو اٿس.
مرزا قليچ بيگ کان پوءِ سانگي مرحوم، حضرت شاهه
صاحب بابت پنهنجو ڪتاب جوڙي راس ڪيو. اڪثر مواد ان
دور ۾ شاهه لطيف بابت جاري روايتن تان ڪٺو ڪيائين،
جنهن کي انگريزي زبان ۾
Anecdotes
سڏيو وڃي ٿو. مير صاحب هن ڪتاب ”لطائف لطيفي“
۾ ڪل ڇٽيهه حڪايتون گڏ ڪيون آهن. ان ريت شاهه صاحب
جي حياتي، فقيرن، خدمت گذارن، ڪرامتن، حسب نسب ۽
متعلقه ماڳن مڪانن جي باري ۾ روايتي مواد گڏ ٿيو
آهي؛ جو هوند اڳتي هلي واسطيدار شخصن، مريدن ۽
خادمن جي وفات کان پوءِ ناپيد ٿي وڃي ها. اڄ شاهه
لطيف بابت سنجيده ۽ سائنسي تحقيق جي دور ۾، مير
صاحب جون جمع ڪيل ڪي ڳالهيون معقول نه ٿيون ڏسجن؛
ان هوندي به سانگي مرحوم جي ڪيل محنت وڏي اهميت
رکي ٿي. هيءُ ڪتاب شاهه صاحب جي سوانح جي حوالي
سان گهڻي اهميت رکي ٿو. ليڪن سنڌ ۾ فارسي ادب جي
زوال پذير دور ۾، پيدا ٿيل ساهت جي ڏَس ۾ به ان کي
وڏي حيثيت حاصل آهي. فارسي نثر آسان ۽ عبارت سليس
ڏسجي ٿي. ڪٿي ڪٿي مير صاحب شعر ۽ بيت به ڪتب آندا
آهن. ان طرح اسان کي ڪتاب پڙهندي، سيد عبدالقادر
جي تصنيف ”حديقة الاولياء“ ياد اچي ٿي، جنهن پڻ
نثر ۽ نظم جو ميلاپ ڪرايو آهي. غالباً سڀ کان اول
شمس العلماء ڊاڪٽر دائود پوٽي مرحوم جي هن ڪتاب تي
نظر پئي ان بعد مولانا دين محمد ”وفائي“ مرحوم
پنهنجو ڪتاب ”لطف اللطيف“ لکڻ وقت سانگي مرحوم جي
تصنيف مان استفادو ڪيو. اڳتي هلي ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ، شاهه صاحب جي جامع اڀياس جي سلسلي ۾، هن
ڪتاب جي اشاعت جي سفارش ڪئي. آخرڪار ڊاڪٽر صاحب جي
سعيي سان، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، هي
ڪتاب اصل فارسي زبان ۾ سال 1967ع ۾ شايع ڪري پڌرو
ڪيو. ان طرح ڪتاب ڇپجي علمي ادبي حلقن تائين پهتو.
ساڳئي اداري ڪتاب جو سنڌي ترجمو سال 1986ع ۾ شايع
ڪيو، جو مترجم عبدالرسول قادري صاحب ڪيو آهي. ڪن
جزوي ڪوتاهين جي باوجود به سنڌي ترجمو سليس، روان
۽ وڻندڙ ڏسجي ٿو. هن ڪتاب جي اشاعت ۽ سنڌي ڇاپو،
بذات خود هڪ يادگار ادبي ڪارنامو آهي.
(10) لُبّ تاريخ سنڌ:
علي ڪوفيءَ سن 613هه ۾ ”چچ نامہ“ فارسيءَ ۾ مڪمل
ڪيو. ٺيڪ ست صديون پوءِ منشي خداداد خان 1318هه ۾
”لب تاريخ سنڌ“ ترتيب ڏئي پڌرو ڪيو. هيءُ ڪتاب
امرتسر مان ليٿو تي 1318هه/1900ع ۾ ڇپجي ظاهر ٿيو.
ان طرح سنڌ جي فارسي تاريخ نويسي پنهنجي پڄاڻيءَ
کي پهتي. منشي خداداد خان پراڻي سکر جو پٺاڻ هو.
هو انگريز سرڪار جو ملازم، وفادار، ميرمنشي ۽
جاگيردار هو. هن فارسيءَ ۾ ڪي ٻيا ڪتاب پڻ لکيا،
جي سڀ تاريخ بابت هئا. انهن ۾: وقائع سير جيسلمير،
مڪران نامہ، خليج نامہ، پل نامہ، سياحت نامہ ۽
خيرپور نامہ- اچي وڃن ٿا. ليڪن انهن سڀني ڪتابن جي
ڀيٽ ۾ سندس تاليف ”لب تاريخ سنڌ“ وڏي اهميت رکي
ٿي. هن ڪتاب جي تحرير ۽ اشاعت وقت پوري ننڍي کنڊ
وانگر فارسي ٻولي سنڌ ۾ به آخري پساهن ۾ هئي. اڪثر
تصنيف ۽ تاليف مقامي ٻولين کان علاوهه انگريزي
زبان ۾ به ٿي رهي هئي. جنهن سال هيءُ ڪتاب ڇپيو،
ان سال سنڌ بابت لکيل پهرئين تاريخي ڪتاب ”چچ
نامہ“ جو انگريزي ترجمو به ڇپجي ظاهر ٿيو. ياد رهي
ته هيءُ ڪتاب فارسي زبان ۾ هو، جنهن کي مرزا قليچ
بيگ مرحوم ترجمو ڪيو هو. منشي خداداد خان ڊگهي
ملازمت کان پوءِ رٽائر ٿي، پراڻي سکر ۾ اچي پنهنجي
ماڳ تي رهيو، جتي سن 1320هه/ 1903ع ۾ وفات ڪري
ويو.
لُبّ تاريخ سنڌ، ٽن مکيه بابن تي مشتمل آهي.
پهرئين باب ۾ سنڌ جو عمومي تعارف ڏنل آهي. ٻيون
باب راءِ خاندان کان ٽالپرن جي زوال تائين مواد
مهيا ڪري ٿو. هن باب لاءِ: چچ نامہ، معصومي،
تحفة الڪرام، ارغون نامہ، تاريخ طاهري ۽
بيگلارنامہ، تان مدد ورتل آهي. هن باب ۾ مصنف بکر
جي مغل عملدارن جي لسٽ ڏني آهي، جا سنڌ جي ڪنهن به
ٻي تاريخ ۾ ڏنل ڪانهي. ان ڪري هن باب جي وڏي اهميت
ٿي پئي آهي. ٽيون باب جديد دور تي مشتمل آهي. هن
باب ۾ چارلس نيپيئر کان سورهين ڪمشنر آر.جائيلس
تائين جي تاريخ ڏنل آهي. ان ريت خداداد خان جي هن
ڪتاب جو، هيءُ آخري باب بلاشبہ سنڌ جي تاريخ جي
حوالي سان مکيه واڌارو ڏسجي ٿو.
منشي خداداد خان جي هن ڪتاب جي اهميت کي نظر ۾
رکندي، سنڌي ادبي بورڊ ان جي نئين ايڊيشن طرف توجہ
ڪيو. هيءُ علمي ڪم ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ جي حوالي ڪيو ويو. ڊاڪٽر صاحب
ڇپيل قديم ايڊيشن ۽ هڪ عدد قلمي نسخي کي سامهون
رکي ڪم جو پورائو ڪيو. ان طرح اڳ ڇپيل ايڊيشن جي
ڀيٽ ۾ ”لب تاريخ سنڌ“ جو وڌيڪ معتبر ڇاپو سامهون
آيو. قلمي نسخي تان ڪي ضميما به کنيا ويا، جي اصل
ڇپيل ڪتاب ۾ نه هئا. مختصر مگر ضروري وضاحتي حاشين
کان علاوه فاضل ايڊيٽر، منشي مرحوم جي سوانح ۽
ڪتابي ورثي بابت، انگريزي زبان ۾ جامع مقدمو پڻ
لکيو آهي. ڊاڪٽر صاحب يورپي عملدارن جي نالن کي
حاشين ۾، انگريزيءَ ۾ نشانبر ڪيو آهي. سنڌ جي
ممتاز مؤرخ سيد حسام الدين راشدي مرحوم، منشي
خداداد کان علاوه خود هن ڪتاب جي جديد ڇاپي تي
پنهنجي عدم اطمينان جو اظهار ڪيو هو(9). فارسي
ڇاپي جو نئون ايڊيشن، جنهن کي ڊاڪٽر بلوچ صاحب
ايڊٽ ڪيو، سنڌي ادبي بورڊ سال 1959ع ۾ نروار ڪيو.
هن ڪتاب جي تاريخي اهميت سبب، سنڌي ادبي بورڊ ان
جو سنڌي ترجمو سال 1989ع ۾ پڌرو ڪيو. هيءُ ترجمو
حافظ خير محمد اوحديءَ جو ڪيل آهي. اوحدي صاحب
حاشين ۾ منشي خداداد خان ۽ ايڊيٽر ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ جي ڪيل غلطين جي اصلاح جي سنجيده ڪوشش
ڪئي آهي. ان کان علاوه سنڌي ڇاپو جزوي طرح سينسر
پڻ ٿيل آهي. ان کان علاوه ان ۾ انڊيڪس به ڪانهي،
جا هڪ وڏي علمي کوٽ جي عڪاسي ڪري ٿي. بورڊ هن ڪتاب
جو اردو ترجمو 2009ع ۾ شايع ڪيو آهي. هيءُ ترجمو
مختيار احمد حاجاڻي صاحب ڪيو آهي. خداداد خان
مرحوم جي ”لب تاريخ سنڌ“ جو روسي ترجمو به ڇپيو،
جو محمدي صافولوف جو ڪيل آهي. هن ايڊيشن جي اشاعت
جي سال جي ڄاڻ نه ملي سگهي آهي.
(11) تڪملة التڪملة:
سنڌ جي فارسي گو شاعرن جو هيءُ تذڪرو، ڊاڪٽر نبي
بخش خان بلوچ جي تحقيق ۽ محنت جو نتيجو آهي. هن
ڪتاب ۾ فاضل محقق هڪ ته انهن شاعرن جو تذڪرو ڪيو
آهي، جي اڳين تذڪره نويسن کان رهجي ويا هئا. ٻيو
ته بعد جي زماني ۾ سنڌ اندر پيدا ٿيل فارسي شعر ۽
شاعرن جو به هن ڪتاب ۾ احاطو ڪيو ويو آهي. معذرت
مصنف ۽ مقدمہ، سنڌي زبان ۾ لکيا ويا آهن. مجموعي
طرح سان هن تذڪري جا ڇهه حصا آهن. هيءُ تذڪرو مير
علي شير ”قانع“ (مقالات الشعراء) ۽ مخدوم ابراهيم
”خليل“ (تڪمله مقالات الشعراء) جي تذڪرن جو هڪ
تسلسل آهي. هي تذڪرو آرٽس فيڪلٽي سنڌ يونيورسٽي
ڄام شوري 2007ع ۾ پڌرو ڪيو آهي. هيءُ ڪتاب ساڳئي
سال ۾ ”سنده مين فارسي کا آخري دور“ نالي سان،
مقتدره قومي زبان اسلام آباد پڻ شايع ڪيو آهي. پيش
لفظ ۽ مقدمو وغيره اردو زبان ۾ لکيو ويو آهي.
حوالا
(1) سنڌ ۽ ايران جي قديم تعلق تي ابتدائي دور جي
شاعرن به پنهنجي شعرن ۾ روشني وڌي آهي (سيد حسام
الدين راشدي: ”ڳالهيون منهنجي سنڌ جون“ ص 107-
109، سنڌي ادبي بورڊ 1992ع).
(2) هن ڏس ۾ البته وڌيڪ علمي بحث علي ڳڙهه
يونيورسٽيءَ جي پروفيسر ڊاڪٽر نذير احمد ڪيو آهي
(ڏسجي: سنڌ يونيورسٽيءَ جي اردو شعبي جي جرنل
”تحقيق“ ۾ ڊاڪٽر صاحب جو ڇپيل مقالو، نمبر 5، سال
1991ع).
(3) ڏسجي پيٽرهارڊيءَ جو مقالو ڪتاب: ”سنڌ صدين
کان“ مرتب: ممتاز مرزا، ص 191-201، شاهه عبداللطيف
ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز حيدرآباد، سال 1982ع.
(4) هن عنوان تي علمي بحث مون هڪ مقالي ۾ ڪيو آهي
(سه ماهي اردو، نمبر 2/ سال 1981ع).
(5) خواجه عبدالحميد يزداني لکي ٿو ته
”بيگلارنامه“ جي مصنف بابت ميرعلي شير قانع به
ڪجهه نه لکيو آهي، ۽ نه وري مصنف ڪتاب جي باري ۾
پنهنجي دعويٰ ظاهر ڪئي آهي. البته ٺٽي جي مُلن جي
ڪتبخاني ۾ هن ڪتاب جو هڪ قلمي نسخو هو، جنهن تي
ادرا ڪي بيگلاريءَ جو نالو مصنف طور ڄاڻايل آهي
(تاريخ ادبيات مسلمانان پاڪستان وهند، جلد4، ص
545، پنجاب يونيورسٽي لاهور 1971ع).
(6) بيگلارن جي حالات ۽ قبرستان بابت سڀ کان اول
ڊاڪٽر بلوچ صاحب تحقيق ڪئي. ڏسجي سندن مقالو:
Shah
Qasim Khan Beglar and his Burial Place.
جو پاڪستان هسٽري ڪانفرنس جي 1956ع واري
روئداد ۾ ڇپيل آهي. هيءُ ڪتاب ڊاڪٽر سيّد معين
الحق مرتب ڪيو ۽ پاڪستان هسٽاريڪل سوسائٽي ڪراچيءَ
شايع ڪيو.
(7) ساڳيءَ ريت شاعر خليفو نبي بخش لغاري به
ٽالپرن جي زوال کان پوءِ ويهه ورهيه زندهه رهيو.
ليڪن هو پڻ هن تاريخي تبديليءَ تي خاموش ڏسجي ٿو.
(8) پاکستان مين فارسي ادب، ص 738، اداره تحقيقات
پاکستان، دانشگاهه پنجاب لاهور، 1977ع.
(9) تذڪره امير خاني، حاشيو، ص 298، سنڌي ادبي
بورڊ، سال 1961ع.
|